سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ٽيون

صفحو :8

 

باب ڇهون

سميرڊياڪوف

هن پنهنجي پيءُ کي سچ پچ ته ٽيبل تي ئي ويٺل ڏٺو. گهر ۾ ڊائننگ روم به هئو. ڊائننگ روم، سڀ کان وڏو ڪمرو هو ۽ کاڌي جي ميز بنهه وچ ۾ پيل هئي. اُن ڪمري کي، قديم طرز تي، نمائشي انداز ۾ سينگاريو هو. سڄو پراڻو فرنيچر هو ۽ اُن جا گاديلا ۽ ڪمانون به پراڻيون هيون، جن تي ڳاڙهو ريشمي ڪپڙو چڙهيل هو. ٻن درين جي وچ ۾، محنت سان مڪمل ڪيل خوبصورت فريمن ۾ آئينا لڳل هئا، اُنهن فريمن تي پراڻي زماني جي نقاشي ٿي نظر آئي. ڀتين تي سفيد ڪاغذ لڳل هو، جو ڪيترن جاين تان ڦاٽي پيو هو. جن تي ٻه وڏيون تصويرون لڳل هيون. اُنهن مان هڪ ڪنهن شهزادي جي هئي، جو ڪنهن وقت اُن پرڳڻي جو گورنر هو، ٻي تصوير ڪنهن پادريءَ جي هئي، جنهن کي مـُـئي ڪافي وقت گذريو هو. سامهون واري دروازي جي ڪـُـنڊ ۾، حضرت مريم (بي بي) جا ڪيئي مجسما رکيل هئا، جن جي سامهون رات جو شمعون ٻاريون وينديون هيون. اُهي عبادت جي خاطر نه بلڪ ڪمري ۾ روشني ڪرڻ جي خاطر ٻاريون وينديون هيون. فيودورپاولوچ رات جو دير سان ننڊ ڪندو هو ۽ ٽين يا چئين وڳي مس بستري ۾ ويندو هو. هـُـو اِهو پورو وقت، ڪمري ۾ پيو گهمندو هو يا آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو پـُـور پچائيندو هو. اِها سندس عادت ٿي چـُـڪي هئي. هـُـو اَڪثر گهر ۾ اَڪيلو سمهندو هو ۽ نوڪرن کي سندن ڪمرن ۾ موڪلي ڇڏيندو هو، پر رواجي طرح سميرڊياڪوف، هال ۾ هڪ بينچ تي ئي سمهي پوندو هو.

اليوشا جڏهن اندر آيو، ته ماني ختم ٿي چـُـڪي هئي. ڪافي ۽ مربي جو دور ٿي هليو. فيودورپاولووچ کي ماني کانپوءِ شراب سان گڏ مٺيون شيون کائڻ پسند هونديون هيون. ايون پڻ ميز تي موجود هو ۽ ڪافي پيئڻ ۾ مشغول هو. ٻئي نوڪر گريگري ۽ سميرڊياڪوف هڪ جهڙي خوشيءَ ۾ ٿي ڏٺا. فيودورپاولووچ وڏي آواز سان ٿي کليو. اليوشا سندس تيز ٽهڪن کي ڪمري کان ٻاهر ٻـُـڌو. هـُـن سمجهيو ته هـُـو خوش آهي. هي آواز کيس  چڱيءَ ريت ٻـُـڌائي سگهيو ٿي، ته سندس پيءُ خوش مزاجيءَ جي رنگ ۾ آهي ۽ اَڃا پيئڻ کان پـَـري آهي.

 ”هيءُ هتي اَچي ويو، فيودورپاولووچ خوشيءَ مان آواز ڏنو ۽ اليوشا کي ڏسي بيحد خوش ٿيو.“  ويهه ۽ اَسان سان گڏجي وڃ. ڪافي بي ضرر هئڻ کان سواءِ، گرم ۽ چڱي شيءِ آهي. مان توکي برانڊيءَ جي  آڇ نه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته تون روزي دار آهين پر ٿوري پسند ڪندين؟ نه، مان توکي پراڻو، مشهور، مٺو ۽ تيز خوشبودار شراب ٿو پياريان.

سميرڊياڪوف، ڪٻٽ جي ٻي تختي جي ساڄي پاسي کان پيو اَٿئي. هان هيءُ چاٻيون وٺ. خيال سان ڏسجانءِ.

اليوشا، اُن شراب کان به انڪار ڪرڻ لڳو.

 ”ڪا ڳالهه ناهي، جيڪڏهن تو نه پيتو ته اسان پيئنداسين.“  فيودورپاولووچ، مشڪندڙ چهري سان چيو، ”پر ترس تو ماني کاڌي آهي؟“

 ”هائو،“  اليوشا، جواب ڏنو. سچ پچ هن فادر سپيرئر جي بورچيخاني ۾ ماني ٽڪر کاڌو هو ۽ شوروي جو گلاس به پيتو هو.  ”البت مون کي ڪافي پيئندي خوشي ٿيندي.“

 ”شاباس منهنجا پيارا! هن کي ڪافي گهرجي. اِها گرم آهي اَلائي نه. پر هيءَ ته ٽهڪي ٿي. هيءَ بهترين شيءِ آهي، جنهن کي سميرڊياڪوف ٺاهيو آهي. سميرڊياڪوف، ڪافي، مڇي جي  ٽڪرن ۽ مڇي جي شوروي ٺاهڻ جو وڏو ماهر  آهي. تون ڪنهن ڏينهن اَچ ۽ مڇي جي شوروي کي پي ڏس، پر مون کي اُن جو اطلاع اڳ ۾ ڏجانءِ.“  پر ترس .... مون توکي اڄ صبح چيو هو ته پنهنجي تونئري، وهاڻو ۽ ٻيو جو ڪجهه به هجي، کڻي پنهنجي گهر هليو اَچ. ها! ها! ها!“

اليوشا مشڪندي کيس چيو:  ”نه، ڪجهه به نه آندو اٿم.“

 ”هان، تون  ڊنل هئين، اڄ صبح ڊنل هئين. هئين نه؟ مان اُتي ته توکي مٺڙا پريشان ڪونه ڪيو هو. ايون تون ڄاڻين ٿو ته جنهن اَنداز سان، هـُـو منهن ۾ نهاري ۽ کلي ٿو، اُهو مون کي بيحد متاثر ٿو ڪري. مون کي هن تي کل به ٿي اَچي. مون کي هن سان بيحد محبت آهي. اليوشا ويجهو اَچ ته مان توکي دعا ڪريان. پيءُ جي دعا.“

اليوشا پنهنجي جاءِ کان اُٿيو، پر ايتري دير ۾ فيودورپاولووچ پنهنجو اِرادو ڦيرائي ڇڏيو هن کيس چيو ته  ”نه، نه، في الحال مان تنهنجي مٿان، صليب جو نشان ٿو ڪريان. تون ويهه. هاڻي تو سان اسان کي اِيئن هلڻو پوندو، جيئن تنهنجي پسنديدگي هوندي. تون اُن تي گهڻو کلندين. بلعام جي گڏهه، اسان سان هاڻي ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. ڏس ته هـُـو ڪيئن ٿو ڳالهائي، ڪيئن ٿو ڳالهائي!“

بلعام جو گڏهه ٻيو نه هو پر سميرڊياڪوف. هـُـو چوويهن سالن جو نوجوان هو، پر غير معمولي طرح خلوت پسند ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو هو. اِيئن نه هو ته هـُـو ڪو شرميلو هو، يا محجوب هو. اُن جي برعڪس خود پسند ۽ سڀ کي حقارت سان ڏسندڙ هو. مان مٿي سندس سڄي ساري وضاحت ڏئي چـُـڪو آهيان.

هـُـو مشڪل سان ڳالهائيندو هو. ڪنهن کي جيڪڏهن هيءُ خيال اَچي، ته هيءُ نوجوان ڪهڙي ڳالهه ۾ دلچسپي ٿو وٺي ۽ سندس دل ۾ ڇا آهي، ته هـُـن ڏي نهارڻ کان پوءِ به هـُـو ڪجهه ٻڌائي نه سگهندو. اُن هوندي به هـُـو ڪڏهن ڪڏهن، اوچتو ئي اوچتو گهر ۾ يا اڱڻ يا گهٽيءَ ۾ بيهي رهندو هو ۽ ڪنهن فڪر ۾ ڏهن منٽن تائين گم ٿي ويندو هو. هڪ چهرا شناس سندس شڪل ۾ نهاري ها، ته چئي سگهي ها ته وٽس ڪوبه فڪر ۽ سوچ ۽ ويچار ڪونه آهي، پر فقط ڪو تصور ۽ ڌيان آهي. مصور ڪرامسڪوف جي هڪ مشهور تصوير ’تصــور‘ نالي آهي، اُن ۾ سياري ۾ هڪ ٻيلي جو منظر ڏيکاريو ويو  آهي. ٻيلي مان جو رستو وڃي ٿو، اُن تي بلڪل ماٺ ڇانيل آهي، اُتي هڪ هاري ڦاٽل ڪپڙن ۽ ڇنل بوٽ سان بيٺو آهي، ڄڻ ته ڪنهن گهري سوچ ۽ ويچار ۾ آهي. پر هـُـو ڪوبه غور ۽ فڪر نه ٿو ڪري، فقط  ”سوچي ٿو.“  اِهڙي حالت ۾، جيڪڏهن ڪو کيس  ڇـُـهي ته هـُـو ڇرڪ ڀريندو ۽ سندس نگاهه مان اِيئن معلوم ٿيندو، ته هـُـو ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو آهي ۽ منجهيل آهي. هي به سچ آهي، ته هـُـو يڪدم هوش ۾ اَچي ويندو، پر جيڪڏهن، کانئس پڇيو ويندو ته هـُـو ڪهڙي ڳالهه تي سوچي رهيو هو، ته کيس ڪجهه به ياد نه هوندو. اُن هوندي به غالباََ منجهس اُهو اَثر ضرور لڪل آهي جنهن جو مٿس سوچڻ واري وقت ۾ غلبو حاصل هو. اِهي اثر کيس پيارا آهن ۽ اِنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هـُـو اِهي غير محسوس ۽ بي خبريءَ جي حالت ۾ گڏ ڪري ٿو. پر اِهي اَثر هـُـو ڪيئن ۽ ڇو گڏ ڪري ٿو، اُن بابت ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي. اِهڙي حالت ۾ هـُـو، ڪيترن سالن تائين هي اَثر جمع ڪرڻ کانپوءِ، اوچتو ئي اوچتو سڀ ڪجهه ڇڏي، پنهنجي روح جي آزادي لاءِ، بيت المقدس جي زيارت تي هليو وڃي يا پنهنجي اَباڻي وطن کي جلائي ڇڏي، يا شايد ٻئي ڳالهيون ڪري. هاري ماڻهن ۾ اِهڙيءَ ريت حيران ٿيڻ، تمام گهڻو آهي. سميرڊياڪوف به غالباً اِهڙن ماڻهن مان هو هٻڇ سان اِهڙا اَثر پاڻ وٽ گڏ ڪندو ٿي رهيو، جن بابت کيس ڪابه خبر نه هئي، ته ڇو؟

dc

باب ستون

مباحثو

پر اوچتو بلعام جو گڏهه ڳالهائي ويٺو. هڪ عجيب موضوع هو. صبح جو گريگري خريداريءَ لاءِ ويو هو، اُتي هـُـن دُڪاندار لڪيانوف کان هڪ رومي سپاهيءَ جي ڳالهه ٻڌي، جا اُن ڏينهن جي اخبار ۾ آئي هئي. ايشيا جي ڪنهن پرانهين حصي ۾، هڪ سپاهيءَ کي عيسائي سمجهي ماريو ويو هو. گريگري اِها ڳالهه ميز وٽ بيٺي ئي ڪئي، ته ڪهڙي ريت اُن سپاهيءَ پنهنجي عيسائي مذهب کي ڇڏي، اسلام قبول نه ڪيو ۽ هـُـو حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعريف ڪندي ماريو ويو. فيودورپاولوچ کي هميشھ کاڌي کانپوءِ، خوش مزاجي سـُـجهندي هئي ۽ گريگري سان ڳالهائيندو ۽ کلندو هو. اُن ڏينهن منجهند جو، هـُـو خاص طرح خوش مزاج ۽ مزي ۾ هو. برانڊيءَ کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندي، هـُـن اُن ڳالهه کي ڌيان ڏيئي ٿي ٻـُـڌو. هن خيال ڪيو ته هاڻي هن سپاهيءَ کي پاڪ انسانن ۾ شمار ڪيو ويندو. ڪنهن مڙهيءَ ۾ سندس کـَـل کي رکيو ويندو. جنهن حقيقت کي ٻـُـڌي، ماڻهو اُن مڙهيءَ ڏانهن ڊوڙي پوندا ۽ مڙهيءَ وارن کي چڱي ڪمائي ٿيندي.

گريگري ڏٺو، ته فيودورپاولووچ تي سپاهيءَ جي ڪهاڻيءَ جو ڪوبه اثر نه ٿيو آهي پر دستور موجب ٺٺولي ڪرڻ لڳو آهي، تڏهن سندس پيشاني ۾ گهنج پئجي ويا. سميرڊياڪوف جو دروازي وٽ بيٺو هو، هيءُ ڏسي مشڪيو. سميرڊياڪوف اڪثر کاڌي جي آخر تائين ميز وٽ بيهڻ جو عادي هو. خاص طرح اسان جي شهر ۾ ايون جي اَچڻ کانپوءِ، سندس اِها عادت ٿي وئي هئي.

فيودورپاولوچ، اُن وقت سميرڊياڪوف کي مشڪندي ڏسي ورتو ۽ سمجهائين ته اِها طنز گريگري ڏانهن آهي، پڇيائينس ته  ”تون اِهي ڏند، ڇا لاءِ ٿو ڪڍين؟“

 ”منهنجي خيال ۾،“  سميرڊياڪوف، اوچتو وڏي آواز سان چيو ته  ”هـُـن سپاهيءَ جي دليري تعريف جي لائق آهي، ته هيءُ گناهه نه هو ته اُن نازڪ ۽ خطرناڪ جاءِ تي، هـُـو مسيحت کان هٿ کڻي، پنهنجي جان بچائي ها ۽ ٿورن سالن گذرڻ کان پوءِ، هـُـو پنهنجي بزدليءَ جي وري چڱيءَ ريت تلافي ڪري سگهي ها.“

 ”اِهو ڪيئن نه گناهه آهي؟ تون سڄي بيوقوفي ٿو ڳالهائين. جنهن جي لاءِ تون دوزخ ۾ ويندين ۽ تنهنجي گوشت کي جلايو ويندو.“  فيودور پاولووچ کيس دڙڪو ڏيندي چيو.

هي ايترو ڳالهائي چڪا هئا جو اِليوشا اندر آيو ۽ جيئن اسان مٿي ڏسي آيا آهيون، فيودورپاولووچ، کيس ڏسي بيحد خوش ٿيو هو.

 ”اسان تنهنجي موضوع تي ڳالهائي رهيا  آهيون، تنهنجي موضوع تي.“  هن مسرت ۽ خوشحاليءَ مان اِليوشا کي ويهڻ جي دعوت ڏئي چيو ته  ”ڌيان سان ٻڌ.“

 ”جيستائين گوشت جو تعلق آهي، اِيئن نه ٿيندو. اُتي هـِـن جي لاءِ ڪجهه به نه  آهي. نه وري اِيئن ٿي سگهي ٿو. ڇو ته انصاف اِيئن نه ٿو چوي.“  سميرڊياڪوف نهايت دليريءَ سان جواب ڏنو.

 ”تنهنجو انصاف جي مطابقت کان ڪهڙو مطلب آهي،؟“  فيودور پاولووچ وڌيڪ خوشيءَ مان واڪو ڪري چيو ۽ پنهنجي گوڏي سان اليوشا کي اِشارو ڏنو.

 ”هيءُ بيوقوف آهي ۽ اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي.“  گريگري ڄڻ ته ڦاٽي پيو. هن سميرڊياڪوف جي منهن ۾ ڪاوڙ مان نهاريو.

 ”مون کي نالائق چوڻ کان اڳ ۾، ترس گريگري ويليويووچ.“  سميرڊياڪوف مڪمل سنجيدگي سان کيس جواب ڏنو.  ”چڱو اِيئن آهي ته تون پاڻ کي اِهو سمجهه. جيڪڏهن مون کي عيسائي قوم جا دشمن گرفتار ڪري وٺن، ۽ هـُـو مون کان هيءُ گـُـهر ڪن ته مان خدا جي نالي کي گهٽ وڌ چوان ۽ مسيحت جي تحقير ڪريان ته مون کي حق آهي، ته مان مجبورن پنهنجي اسباب موجب، هن جي دٻاءَ تي عمل ڪريان ۽ دٻاءَ ۾ اچي غلط ڳالهه ڪرڻ ۾ ته گناهه جو ڪوبه انديشو نه آهي.“

 ”پر تو، اِها ڳالهه ته اڳ ۾ ئي چئي آهي. پنهنجي لفظن کي ضايع نه ڪر ۽ ثبوت ڏي.“  فيودورپاولووچ رڙ ڪري چيو.

 ”شوروو ٺاهيندڙ“  نفرت مان گريگري ڀـُـڻڪندي چيو.

 ”جيستائين شوروي ٺاهيندڙ جو سوال آهي، ٿورو وقت ترس ۽ گريگري ويسليويووچ ڪجهه پنهنجي لاءِ سوچ ۽ مون کي گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ. مان جيئن ئي اُنهن دشمنن کي چئي ڏيان ته مان عيسائي نه آهيان ۽ خدا کي گهٽ وڌ ڳالهايان ته مان خدا جي برتر فيصلي موجب نفرت جي لائق ۽ ملامتي بڻجي ويندس. مقدس ديول کان ڪٽجي ويندس، بلڪل اِهڙيءَ ريت، جيئن مان مشرڪ هوس. اُنهيءَ ئي لحظي ۾ نه، جڏهن مون اِهي لفظ ڏاڍيان چيا، پر اُن وقت جڏهن مان اِنهن لفظن چوڻ جي لاءِ خيال ڪيو، جو سيڪنڊ جي چوٿائيءَ ۾ ٿي گذريو هوندو. مان مردود بڻجي ويس. اِيئن آهي نه گريگري ويسليويووچ؟“

هن گريگري کي مڪمل تسليءَ سان خطاب ڪيو. هـُـو سچ پچ فيودورپاولووچ جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو، جنهن کان هـُـو بلڪل خبردار هو ۽ ڄاڻي واڻي ڏيکاري رهيو هو ته هـُـو گريگري جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو آهي.

 ”ايون،“  فيودورپاولووچ اوچتو وڏي آواز سان چيو، ”منهنجي ڀـُـڻڪي کي ڪـَـنَ ڏئي ٻـُـڌ. هيءُ سڀ تنهنجي لاءِ واعظ ڪري رهيو  آهي، سندس خيال آهي، ته توکان پنهنجي تعريف ٻـُـڌي.“

ايون مڪمل دلچسپيءَ ۽ غور سان، پيءُ جي جوش واري ڀڻڪي کي ٻـُـڌو.

 ”سميرڊياڪوف ترس، هڪ منٽ جي لاءِ خاموش ٿي.“  فيودورپاولووچ هڪ دفعو وري به کيس چيو.  ”ايون ڪن ڏئي ٻڌ.“

ايون مڪمل ڳنڀير رخ سان وري به جـُـهڪي ويو.

 ”مان جيترو اليوشا کي پيار ڪريان ٿو، ايترو توکي به ڪريان ٿو. ڇا مان توکي پيار نه ٿو ڪريان؟ ڪجهه برانڊي؟“

 ”هائو، پر مون کي ته ڪافي نشو ٿيو آهي.“  ايون پيءُ ڏانهن غور سان نهاريندي چيو. هـُـو سميرڊياڪوف ڏي، تعجب سان ڏسندو رهيو.

اوچتو گريگري، سخت ڪاوڙ مان سميرڊياڪوف کي دڙڪو ڏيئي چيو ته، ”تون ملعون ۽ مرتد آهين، جيئن معلوم ٿئي ٿو، پر توکي بحث ڪرڻ جي ڪيئن جرئت ٿي آهي. هن کان پوءِ جيڪڏهن .....

 ”گريگري، هن کي نه ڇينڀ، نه ڇينڀ.“  فيودورپاولووچ، سندس جملي کي ڪٽيندي چيو.

 ”گريگري ويسليووچ، توکي فقط ٿوري وقت لاءِ ترسڻ گهرجي. مون کي جو ڪجهه چوڻو آهي. اُن کي چئي پورو نه ڪيو اَٿم. اِنهيءَ گهڙيءَ ۾، جڏهن مان اِهڙي نفرت جهڙي ڳالهه چئي ويٺس، مان ملامتي بڻجي ويس. مان صحيح طور تي مشرڪ ٿي رهجي ويس. منهنجي مسيحت مون کان کسجي وئي ۽ فائدي واري نه رهي. ڇا اِيئن نه آهي؟“

فيودورپاولووچ، مزي سان شراب جو چشڪو وٺندي، تاڪيد سان چيو، ”ڇوڪرا جلدي پنهنجي حقيقت کي پورو ڪر.“

 ”هاڻي جڏهن مان عيسائي، ئي نه رهيس، تڏهن جيڪڏهن مان ڪوڙ ڳالهائي، دشمن کي چيو ته عيسائي آهيان يا نه آهيان ته اِهو ڪوڙ نه آهي! ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ئي، منهنجي خيال جي باعث، ته مان  پنهنجي دشمن کي هيئن چوندس، خود خدا پاڻ مون کان مسيحت کسي ورتي آهي. جيئن ته مان اڳ ۾ خارج ڪيو ويو آهيان، ته پوءِ ڪهڙي حالت ۾، ڪهڙي انصاف جي رُو کان، ٻي دنيا ۾ مسيح جي انڪار هوندي به مسيحت لاءِ جوابدار ٺهرايو ويندس، جڏهن ته فقط خيال ڪرڻ جي باعث، هن جي انڪار ڪرڻ کان به اڳ ۾ مون کي منهنجي عيسائي هجڻ کان خارج ڪيو ويو هجي؟ جيڪڏهن مان عيسائي نه رهيو آهيان، ته يسوع مسيح کي گهٽ وڌ ڳالهائي نه ٿو سگهان. ڇو ته منهنجو گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان ڪو واسطو ئي نه رهيو. گريگري وسيليووچ، اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته هڪ مشرڪ تاتاري کي، توڙي جو آسمان ۾ هن لاءِ ڏوهي سمجهيو وڃي، ته هـُـو عيسائي ڇو نه ٿي ڄائو. کيس هن لاءِ ڪير سزا ڏيندو؟ تو شايد ٻڌو هجي ته هڪ ڳئون جي ٻه ڀيرا کل نه لاٿي ويندي آهي. خدا تعاليٰ پاڻ کڻي جي تاتاريءَ کي اٰن جو سزاوار سمجهي به، ته کيس مرڻ کان پوءِ ٿوري گهڻي سزا ڏني ويندي. (جڏهن ته هن کي سزا ڏني وڃي ٿي) مان هن ڳالهه تي غور ڪندي، توريان ٿو ته هـُـو جڏهن ته مشرڪ پيءُ ماءُ مان مـُـشرڪ ٿي ڄائو آهي، ته ڪهڙي ريت، کيس اُن جو جوابدار سمجهيو ويندو؟ خدا، پـَـڪَ سان، اُن تاتاريءَ کي عيسائي ڪونه چوندو. جيڪڏهن اِيئن ٿيو، ته چئبو ته اُن طاقتور خدا، سچي ڳالهه نه ڪئي آهي. ڇا اِهو ٿي سگهي ٿو ته آسمانن ۽ زمين جو مالڪ، توڙي کڻي هڪ لفظ هجي، ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو؟“

گريگري اهو ٻـُـڌي سخت حيرت ۾ پئجي ويو ۽ اُن فصيح کي ڏسڻ لڳو. سندس اکيون ڄڻ مٿي کان ٻاهر نڪري اَچڻ تي پهتيون هيون. جو ڪجهه ڳالهايو ويو. توڙي جو اُن کي هـُـو سمجهي نه سگهيو هو، پر ڪجهه اُن بڪوات کي سمجهيو هئائين. هـُـو اِهڙيءَ ريت بيٺو رَهيو، ڄڻ ته سندس مٿو، ڀت سان ٽڪرائجي ويو آهي. فيودورپاولوچ پنهنجو گلاس خالي ڪيو ۽ بي تميزيءَ سان ٽهڪ ڏئي کليو.

 ”اليوشا، اليوشا، تون هن بابت ڇا چوندين!؟ هيءُ تاويلات جو دليل باز، شايد يسوعين(1) سان ڪٺي رهيو آهي. ايون! اي بدبودار يسوعي، توکي هي ڳالهيون ڪنهن سيکاريون آهن؟ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. گريگري، گريگري تون روءُ نه. تون واهيات ٿو ڳالهائين، واهيات، واهيات! مان هن کي هڪ گهڙيءَ ۾ دونهون ۽ رک بڻائي ڇڏيندس. اڙي، او گڏهه مون کي ٻـُـڌاءِ ته تون پنهنجي دشمن جي اڳيان، کڻي حق بجانب هجين، پر ساڳي وقت تو، پنهنجي دل مان ايمان به ته ڪڍي ڇڏيو آهي. اُن جو تو اعتراف به ڪيو آهي، ته اُن وقت تون ملعون ۽ مشرڪ بڻجي ويو هئين. هاڻي جڏهن تون مشرڪ ٿئين ته جهنم ۾، تنهنجي ڪهڙي پٺي ٺپريندا. منهنجا خوبرو يسوعي،  هن بابت تنهنجو ڇا چوڻ آهي؟“

 ”اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، مان جو ڪجهه پنهنجيءَ دل ۾ گهٽ وڌ چيو، اُن ۾ ڪو خاص گناهه نه هو. جيڪڏهن اِهو گناهه به هو ته نهايت معمولي.“

 ”ڪيئن ٿو چوين ته اِهو رواجي هو؟“

 ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ملامتي.“  گريگري هٻڪندي چيو.

 ”پنهنجو خيال ڪر، گريگري“  سميرڊياڪوف، کيس آرام سان ۽ ٿڌو ٿي چيو. اُن ماڻهوءَ وانگر، جنهن کي پنهنجي فتحمنديءَ تي، اعتبار هجي ۽ اِهڙيءَ ريت جيئن، مغلوب دشمن تي ڪو مهربان بڻجي ويندو آهي.

گريگري ڌيان ڏئي ٻـُـڌ ۽ پاڻ فيصلو ڏي. مقدس ڪتاب ۾ آيو آهي، ته جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ اَهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو ۽ اوهان جيڪڏهن جبل کي حڪم ڪندؤ ته سمنڊ ۾ هليو وڃي، ته هـُـو بنا ڪنهن دير جي اوهان جي حڪم تي چـُـرڻ شروع ڪري ڏيندو. هيءُ به صحيح  آهي، ته گريگري مون وٽ ايمان ڪونه آهي، پر تو وٽ اُهو عظيم ايمان آهي، جنهن جي ساک تون مسلسل ڏيندو رهيو آهين. تون هاڻي اِها ڪوشش ڪر ۽ هن جبل کي سمنڊ ۾ وڃڻ جو حڪم نه ڏي، ڇو ته هـُـو هتان گهڻو پـَـري  آهي، پر کيس بدبودار، واههَ/درياهه ۾ چـُـري وڃڻ جو حڪم ڏي، جو اسان جي باغ جي ڀرسان وهندو وڃي ٿو. تون ڏسندين ته هـُـو تنهنجي حڪم کي ليکيندو ئي نه، هـُـو پنهنجي جاءِ تي قائم رهندو، پوءِ کڻي ڇو نه واڪا ڪري، کيس چوين. گريگري هن مان ظاهر ٿيو، ته تو وٽ ڪوبه ايمان نه آهي نه وري تو وٽ اُهو انداز آهي، تون فقط ٻين ماڻهن کي، ان لاءِ ڳالهائيندو ٿو وتين ۽ بس. توکي هيءُ وسارڻ نه کپي، ته اسان جي دور ۾، نه فقط توکي، مگر ڪنهن به بلند شخصيت کان وٺي، هاريءَ تائين، ڪنهن کي به اِها قوت ڪانه آهي، جو جبل کي درياءَ ڏانهن چوري سگهي، مگر سواءِ هڪ يا ٻن شخصيتن جي، جيڪي پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ لاءِ، دنيا کان ڪناره ڪش ٿي، مصر جي بيابان ۾ وڃي لـِـڪا آهن، جن کي تون ڳولهي به نه ٿو سگهين. جيڪڏهن اِيئن آهي، ته اِنهن ٻن کانسواءِ، باقي سڀني وٽ ايمان ڪونه آهي، ته ڇا خدا هنن سڀني تي لعنت ڪندو؟ هن مان هيءُ مطلب ڪڍي سگهجي ٿو، ته سواءِ هنن ٻن صحرائي سنياسين جي، دنيا جي سڄي آباديءَ مان، باوجود وسيع رحمت جي رکندي به، هـُـو ڪنهن به هڪڙي کي نه بخشيندو. اِنهيءَ حقيقت کي پيش نظر رکندي، کڻي جي مان شڪ، شبهي ۾ گرفتار به ٿيس پر اُميدوار آهيان، ته هـُـو مون کي ضرور بخشيندو، ڇو ته مون وٽ ندامت جا ڳوڙها آهن.“

 ”اِهو ڪافي آهي.“  فيودورپاولووچ، انتهائي خوشيءَ مان رڙ ڪري چيو، ”تڏهن توکي اِهڙو يقين آهي، ته اِهڙا ٻه ماڻهو هن جهان ۾ ملي سگهن ٿا، جن کي اِها طاقت حاصل آهي ته هن جبل کي چوري سگهن؟ ايون، هن نقطي ڏي توجهه ڏي. هـِـن کي لک، هن ۾ هڪ روسي فرد جون سموريون خصوصيتون موجود آهن.“

 ”تون اهو چوڻ ۾ درست آهين ته ماڻهن جي ايمان جي اِهائي عمومي حقيقت آهي.“  ايون مشڪندي، پنهنجي رضامندي ڏيکاري.

 ”تڏهن، تون هن کي قبول ڪرين ٿو. جيڪڏهن تون هن کي قبول ڪرين ٿو ته توکي به ساڳيو ئي عقيدو آهي، جو صحيح آهي. اليوشا، ڇا اِهو، حقيقي روسيءَ جو ايمان نه آهي؟“

 ”نه سميرڊياڪوف وٽ، ته بلڪل روسي ايمان ڪونه آهي.“  اليوشا، سنجيدگيءَ ۽ پختگيءَ سان چيو.

 ”مان هن جي عقيدي بابت ڪونه ٿو چوان، بلڪ اُنهن ٻن مقدس شخصيتن بابت، جي صحرا ۾ آهن. رڳو اُنهن بابت ٿو ڳالهايان. يقيناً، اِهي خوبيون روسي آهن، اِيئن برابر آهي نه؟“

 ”هائو، اِهي بلڪل روسي آهن.“  اليوشا مشڪندي چيو.

 ”تنهنجا لفظ، سون جي ٽڪر جي برابر آهن ۽ اِهو مان توکي اڄ ئي ڏئي ڇڏيندس. باقي تو جو ڪجهه به ڳالهايو آهي، واهيات آهي، واهيات! واهيات. احمق! هيءُ مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، ته اسان جيڪي به هتي آهيون، اِنهن سڀني کي پنهنجي بي پرواهيءَ جي سبب گهٽ ايمان آهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ وقت ٿورو ۽ ڪم گهڻو آهي. خدا تعاليٰ اسان کي گهٽ فرصت ڏني آهي. فقط رات ۽ ڏينهن جو چوويهن ڪلاڪن جو آهي. هوڏانهن ماڻهو وٽ ايترو وقت ڪٿي آهي جو ننڊ به چڱيءَ ريت نه ٿو ڪري سگهي، اُهو پنهنجي گناهن جو پڇتاءُ ڪٿان ڪري سگهندو؟ پر جنهن وقت تو، دشمن جي سامهون، پنهنجي ايمان جو انڪار ڪيو آهي، تڏهن توکي ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿي سـُـجهي، رڳو ايمان جو انڪار. ڀاءُ، مان خيال ڪريان ٿو، ته هتان ئي گناهه پيدا ٿئي ٿو.“

 ”هتان ئي گناهه پيدا ٿئي ٿو. ٿي سگهي ٿو. گريگري سوچ. جيتوڻيڪ هيءُ موقعو گناهه پيدا ڪري ٿو پر اُن جي اهميت به گهٽائي ٿو. جيڪڏهن مان هر هڪ صداقت ۾ يقين ٿو رکان، جو اعتقاد هئڻ به گهرجي، ته پوءِ هيءُ گناهه هو ته مان پنهنجي، ايمان جي لاءِ عذاب کي ڇو نه سـُـٺو ۽ غير جي اعتقاد کي رد ڇو نه ڪيو؟ پر شايد مون تائين عذاب نه به اَچي سگهي ها، ڇو ته مون کي اُن وقت فقط جبل کي  چوڻو هو، ته ’چـُـر ۽ عذاب ڏيندڙ کي پائمال ڪر.‘ هـُـو پوءِ چـُـري ها ۽ عذاب ڏيندڙ کي اُن وقت ڪاري ٽنڊڻ وانگر پائمال ڪري ڇڏي ها. پوءِ مان خدا جي تعريف ۽ وڏائي ڪندي، اُتان اِيئن هليو وڃان ها، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه آهي، پر سمجهه ته مان اُن وقت، اِهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ جبل کي واڪا ڪري چيم ته ’عذاب ڏيندڙ کي پائمال ڪر.‘ جيڪڏهن هـِـن، هـُـن کي پائمال نه ڪيو، پوءِ مان پنهنجي شڪ ۽ شبهي کي ڪهڙيءَ ريت روڪي سگهندس. پوءِ اِهڙي وقت ۾، سو به موت جي دهشت ۽ وحشت جي وقت ۾! مان ڪهڙي دعا گهـُـري سگهندس! اُن کان سواءِ، مون کي هيءَ خبر به هجي ته آسماني بادشاهت جي مان پوري تابعداري به نه ڪئي آهي. (ڇاڪاڻ ته جبل منهنجي چوڻ تي نه چـُـريو. ڇاڪاڻ ته هـُـو منهنجي ايمان جي برتريءَ جي بابت ڪو چڱو خيال نه ٿو رکي ۽ نه وري دنيا ۾ ڪنهن وڏي انعام کي، منهنجي لاءِ انتظار آهي.) پوءِ ڇو مان پنهنجي کل لهرايان، جنهن مان ڪوبه سود نه آهي؟ توڙي جو، هـُـو منهنجي پٺيءَ جي اَڌ کل لاهي به چـُـڪا هجن، جبل وري به منهنجي واڪن تي نه چـُـرندو. اِهڙي وقت ۾ نه فقط شڪ پيدا ٿيندو، پر هڪ ماڻهو خوف کان سبب ۽ اسباب به وساري ويهندو. ڇو ته اُن وقت غور ۽ فڪر جو، موقعو ئي ڪٿي آهي؟ اِهڙيءَ حالت ۾، اِهو ڏوهه خصوصيت سان مون تي ڪهڙي ريت رکيو ويندو ته مون کي هـِـتي يا هـُـتي جي فائدي ۽ انعام کي ڏسڻ کپندو هو. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي کـَـل بچائڻ کپي. اُن ڪري خدا جي رحمت ۾ پورو اعتقاد رکي، مون کي هن اُميد تي ڀاڙڻ کپي، ته مون کي مڪمل طرح بخشيو ويندو.“

 

dc

 

 

باب اٺون

برانڊيءَ تي

بحث ختم ٿي چـُـڪو. مگر هيءَ عجب جهڙي ڳالهه هئي، جو فيودورپاولووچ جو ايترو خوش ۽ مسرور هو، اوچتو سندس چهري تي ڪاوڙ ۽ ناراضگي ڇانئجي وئي. هـُـو رنجيده ٿي ويو. برانڊيءَ جو گلاس جو هن لاءِ گهڻو هو، هڪ ئي ڳيت سان خالي ڪري ڇڏيائين.

 ”هليا وڃو يسوعي.“  هن پنهنجي نوڪرن کي رڙ ڪري چيو.  ”هليو وڃ سميرڊياڪوف. مان جنهن سون جي ٽڪري جو، تو سان انجام ڪيو، اَڄ ئي توڏي موڪلي ڏيندس. تون به هليو وڃ گريگري، روءُ نه، مارفا ڏي وڃ، هوءَ توکي لولي ڏئي، هنڌ ۾ سمهاري ڇڏيندي. رات جي مانيءَ جي وقت به هي بيوقوف آرام سان ويهڻ نه ٿا ڏين.“  سندس ڪاوڙ ظاهر ٿي ڏٺي، سندس ڳالهائڻ تي، نوڪر ڪمري کان ٻاهر نڪري ويا.

 ”سميرڊياڪوف ته هاڻي مانيءَ کان پوءِ، ٽنگ اَڙائي ٿو بيهي. سندس، تو ۾ ئي دلچسپي آهي. آخر تو، هن کي ڇا ڪيو  آهي، جو هـُـو توتي، ايڏو ڇـَـڪن آهي؟“  هن ايون کي چيو.

 ”ڪجهه به نه، هـُـن منهنجي لاءِ چڱي راءِ قائم ڪري ورتي آهي. هي پـَـست ۽ ذهن کان خالي روح آهي. هو انقلاب جي لاءِ اڻ - گهڙيو آهي، پر جڏهن اُن جو وقت اَچي.“

 ”انقلاب لاءِ؟“

 ”شايد هن کان بهتر، ڪي ٻيا به هجن، پر ڪي، هن جهڙا به هوندا. هن جهڙا، اول ۾ هوندا ۽ بهتر پوءِ.“

 ”اِهو وقت ڪڏهن ايندو؟“

 ”آتشبازي جي هوائي چرخي، ڇـُـٽندي ۽ جهڪو آواز ڏيندي. جيتري قدر مان سمجهان ٿو، ته هاري، اِهڙن شوروي ٺاهيندڙن جي آواز تي ڪن ڪونه ڏيندا.“

 ”صحيح آهي ڀاءُ. پر هن جهڙو بلعام جو گڏهه، جو فقط سوچي ۽ سوچي ٿو، شيطان ئي بهتر ڄاڻي ٿو، ته سندس سوچڻ جي انتها ڪٿي وڃي بيهندي.“

 ”هـُـو پنهنجي افڪار کي جمع ڪندو رَهي ٿو.“  ايون مشڪندي چيو.

 ”توکي خبر آهي ته هـُـو مون کي به برداشت نه ٿو ڪري نه وري ڪنهن ٻي کي، عجب ٿو لڳي ته هن کي تنهنجي لاءِ عمدي راءِ به آهي. اليوشا سان ته وڌيڪ نفرت ٿو رکي. مگر هيءُ چور نه آهي. نه وري هـُـو هڪ جاءِ جي ڳالهه، ٻي هنڌ ٻڌائڻ وارو آهي. کيس زبان تي قبضو آهي. هـُـو اسان جون خرابيون عام ۾ ڪونه ٿو ٻـُـڌائي. هـُـو مڇيءَ جي ٽڪرن کي سليقي سان ٿو ٺاهي، پر کڏ ۾ وجهه اِنهن سڀني ڳالهين کي. ڇا ايتري ڳالهائڻ جو هـُـو سزاوار آهي؟“

 ”بيشڪ،هن کي ڪوبه حق نه آهي.“

 ”سندس افڪار؟ ٿي سگهي ٿو ته هـُـو آنا ڦوڙيندو هجي. مان روسي هارين لاءِ، خاص طرح چوان ٿو، کين موچڙي جي ضرورت آهي. مان ته هميشھ اِيئن ئي ڏٺو آهي. روسي هاري نهايت ذليل آهي ۽ رحم جي لائق ئي نه آهي. اِهو چڱو ٿيندو ته وقت بوقت مٿن لـَـڪڻ وسايا وڃن. رشيابرچ جي وڻن کان شاهوڪار آهي. جيڪڏهن، هـِـنن، اِنهن ٻيلن کي تباهه ڪيو، ته رشيا جي تباهي يقيني آهي. مان داناءَ انسانن جي تائيد ڪريان ٿو. اسان جيئن ته هارين کي مارڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڇو ته سياڻا ٿي ويا آهيون، پر هاري پاڻ کي موچڙا هڻي رهيا آهن. اِها به چڱي ڳالهه آهي، ڇو ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ڇو ته جنهن ماپي سان اسان ماپيون ٿا، اُن ماپي سان، اسان به ته ماپيا وينداسون. ڪيئن به هجي ماپ ضرور ٿيندي. رشيا سڄوئي ناپاڪ آهي. منهنجا پيارا توکي خبر نه آهي ته مان رشيا کي ڪيڏو نه نفرت سان ڏسان ٿو ..... حقيقت ۾ اِها رشيا سان نفرت نه  آهي، پر اُن جي خرابين سان آهي. مون کي ته رشيا ئي چوڻو پوندو. سندس سڄي بازي بيوقوفي آهي. توکي خبر آهي ته مون کي ڪهڙي شيءِ پسند هوندي آهي. مونکي ظرافت ۾ نڪته سنجي وڻندي آهي.“

 ”اوهان ٻيو گلاس به پيئو، اِهو ڪافي ٿيندو ۽ بس.“

 ”ٿورو ترس. مون کي هڪ ڳالهه چوڻي آهي ۽ پوءِ ٻي، اُن کانپوءِ مان خاموش ٿي ويندس. نه ترس، تو وچ ۾ ڳالهايو آهي. مان ’موڪرو‘ ۾ هڪ پوڙهي سان ٿي ڳالهايو. هن مون کي ٻـُـڌايو ته، اسان وٽ هيءُ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو، ته اسان پنهنجي نينگرين کي ماريندا رهون ۽ هيءُ ڪم اسان هميشھ پنهنجي نينگرن جي حوالي ڪندا آهيون، پر جنهن ڇوڪريءَ کي اڄ هـُـن ماريو هجي، ٿي سگهي ٿو، ته سڀاڻي هـُـو کيس شاديءَ جي آڇ به ڪري. اِهڙيءَ ريت اِهو ڇوڪرين کي به پسند اَچي ٿو. خير، هيءُ عشقبازيءَ جو داستان آهي. ڪيئن به هيءَ سياڻپ جي ڳالهه آهي. ڇا اَسان به هن لذت ڀـَـري تماشي کي ڏسڻ لاءِ هلون. اَڙي اليوشا، تنهنجا ڳل ڳاڙها ڇو ٿي ويا  آهن؟ منهنجا ننڍڙا ٻار شرميلو نه بڻج. مون کي افسوس آهي جو مان ’مربين‘ جي رات جي ماني تي ترسي نه سگهيس، نه ته مان هنن راهبن کي ’موڪرو‘ جي ڇوڪرين بابت ڳالهيون ٻڌايان ها. اليوشا غصي نه ٿي، ته مان اڄ صبح تنهنجي مربي جي توهين ڪئي آهي. هيءَ منهنجي بدمزاجي هئي. جيڪڏهن خدا آهي ۽ هـُـو قائم آهي ته پوءِ مان گناهه ڪيو آهي ۽ اُن جو جواب ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن خدا نه آهي ته تنهنجي اِنهن مربين جي ڪهڙي قدر ۽ قيمت آهي؟ اِهو چڱو نه آهي ته سندن سسيون لاٿيون وڃن. ڇاڪاڻ ته هـُـو ترقيءَ جي راهه ۾ روڪ آهن. توکي اعتبار ايندو ايون! هي خيالَ مون کي عذاب ڏيئي رهيا آهن. مـَـان تنهنجي اکين مان ڏسان ٿو ته توکي هن ڳالهه تي يقين نه ٿو اَچي. تون اعتبار ڪر، ته ماڻهو مون کي فقط باندر ئي سمجهن ٿا. اليوشا، توکي يقين ايندو ته مان ٻيو ڪجهه به نه آهيان پر باندر.“

 ”نه، مون کي هن تي اعتبار نه ٿو اَچي.“

 ”پر مان توتي اعتبار نه ٿو ڪريان. تون سچ به چوين ٿو. تون مخلص نظر اَچين ٿو ۽ مخلصاڻو ڳالهائين ٿو، پر ايون نه ..... هـُـو خود پسند آهي. مان تنهنجي راهبن جو خاتمو ڪندس. مان هنن صوفين جي سڄي جنس کي، روس مان نڪري وڃڻ لاءِ زور ڏيندس، جيئن سڀئي بيوقوف، ڪنهن سمجهه تي اَچي وڃن ۽ سندن سڄو سون ۽ چاندي، ضربخاني ۾ هليو وڃي.“

 ”پر اِهو دٻاءُ ڇو؟“  ايون کانئس پڇيو.

 ”اِهو اِيئن ته جيئن صداقت پاڻ کي ظاهر ڪري.“

 ”صحيح آهي. توهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن صداقت پاڻ کي ظاهر ڪيو، ته پوءِ تون اُهو پهريون ماڻهو هوندين، جنهن کي ڦـُـريو وڃي ۽ دَٻايو وڃي.“

فيودورپاولوچ، پنهنجي پيشانيءَ کي آهستي ڌڪ هڻي چيو ته  ”مان چئي سگهان ٿو، ته تون صحيح آهين. افسوس مان ته گڏهه آهيان. ٺيڪ آهي، تنهنجون مڙهيون قائم رهن، اليوشا ۽ اسان جهڙن سياڻن ماڻهن کي، آرام سان ويهي برانڊي پيئڻ کپي. ايون، تون ڄاڻين ٿو ته وڏي طاقت واري خدا، پاڻ اِهڙو نظام رٿيو آهي. ايون! ڳالهاءِ، خدا آهي به يا نه؟ ترس، سچ ڳالهاءِ ۽ خيال سان جواب ڏي، تون وري ڇو ٿو کلين؟“

 ”مون کي کـِـل اِن ڳالهه تي اَچي ٿي، ته توهان بلڪل هاڻي سميرڊياڪوف جي اعتقاد بابت واضح راءِ ڏئي چڪا آهيو، ته دنيا ۾ اِهڙا به ٻه درويش موجود آهن، جي جبل کي چورَي سگهن ٿا.“

 ”ڇا، مان هاڻي اُن جهڙو آهيان؟“

 ”بيشڪ!“

 ”ڏاڍو چڱو. هيءُ ڏيکاري ٿو، ته مان روسي به آهيان ۽ مون ۾ روسي خصوصيتون به آهن. تون فلاسفر هوندي به شايد هنن خصوصيتن کان خالي نه هجين. ڇا مان توکي پڪڙي وٺندس؟ تون ڪيتري شرط ٿو رکين؟ مان ته توکي سڀاڻي تائين گرفت ۾ رکندس. اُها ئي ڳالهه ٻـُـڌاءِ، خدا آهي يا نه؟ ڳنڀير ٿيءُ. مان هاڻي فقط اِهو چاهيان ٿو ته تون ڳنڀير ٿيءُ.

 ”نه خدا ڪونه آهي.“

 ”اليوشا خدا آهي؟“

 ”بيشڪ خدا آهي.“

 ”ايون، جنهن شڪل ۾ روح جاودانيءَ جو تون تصور ٿو ڪرين، اُن کي ڪو وجود آهي؟“

 ”جاوداني شيءِ آهي ئي ڪانه.“

 ”ڪجهه به نه.“

 ”ڪجهه به نه.“

 ”چئبو ته هتي مڪمل ڪين آهي. اُن هوندي به ڪا شيءِ آهي. ڪين کان چڱو آهي ته ڪا شيءِ هجي.“

 ”مڪمل ڪين.“

 ”اليوشا جاودانيت آهي؟“

 ”هائو.“

 ”خدا ۽ جاودانيت؟“

 ”هائو خدا ۽ جاودانيت. خدا ۾ ئي بقا آهي.“

 ”عجب، ممڪن آهي ته ايون حق تي هجي. يا خدا! جنهن وقت مان هيءُ خيال ڪريان ٿو، ته هيءُ ايمان ۽ هيءَ طاقتون، ماڻهو ڪيئن نه ڪين جي خواب ۾ پنهنجا هزارين سال اَجايا وڃائي ڇڏيا آهن. هـُـو انسان تي ڪير کـِـلي رهيو آهي. ايون! مون کي آخري دفعو، قطعي طور تي ٻـُـڌاءِ، ته خدا آهي يا نه؟ مان هيءُ توکان آخري طور تي پڇان ٿو.“

 ”مان به آخري طور تي چوان ٿو ته هـُـو ڪونه آهي.“

 ”ايون، تڏهن انسانيت تي ڪير ٿو کـِـلي؟“

ايون مشڪندي چيو،  ”اِهو شيطان ئي ٿي سگهي ٿو.“

 ”شيطان! ڇا اُن جو وجود آهي؟“

 ”نه شيطان به ڪونه آهي.“

 ” ۽ پوءِ افسوس آهي. ڇڏ انهن سڀني ڳالهين کي. اُن پهرئين ماڻهوءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جنهن پهريائين خدا کي ڳولهي لـَـڌو هو. کيس ڪنهن ڪنڊن واري وڻ تي لڙڪائڻ چڱو ٿيندو؟“

 ”جيڪڏهن خدا کي نه ڳولهين ها، ته هيءَ تهذيب ۽ تمدن وجود ۾ ئي نه هجي، ها.“

 ”خدا کان سواءِ، هـُـو نه هجي ها؟“

 ”نه. پوءِ ته هيءَ برانڊي به نه هجي ها. پر مان توکان هيءَ برانڊي، ڪنهن به طرح کسڻ گهران ٿو.“

 ”عزيز ڇوڪرا، خاموش! خاموش! خاموش! هڪ وڌيڪ گلاس. مان اليوشا جي جذبات کي ڏُکويو آهي. اليوشا تون ڪاوڙ ۾ ته نه آهين؟ منهنجا پيارا ننڍڙا اليڪسي!“

 ”نه، مون کي ڪوبه غصو نه آهي. مون کي تنهنجي خيالن جي خبر آهي، تـُـنهنجي دل، تـُـنهنجي دماغ کان بهتر آهي.“

 ”منهنجي دل، منهنجي دماغ کان بهتر آهي. ڇا اِئين برابر آهي؟ يا خدا! هيءَ راءِ به هن کان. ايون، تون اليوشا کي پيار ڪرين ٿو؟“

 ”هائو.“

 ”توکي، هن کي پيار ڪرڻ گهرجي. (فيودورپاولووچ، هن وقت سخت نشي ۾ هو) ڌيان سان ٻـُـڌ اليوشا، مان اڄ صبح جو تنهنجي مربيءَ سان بي مروتيءَ سان هليو آهيان، پر مان جوش ۾ هوس، پر تنهنجي مربيءَ ۾ ظرافت سان ڀريل نڪته سنجي ضرور آهي. تون نه ٿو سمجهين ايون؟“

 ”بيشڪ.“

 ”هـُـن ۾ آهي، هـُـن ۾ آهي. هـُـو هڪ يسوعي آهي ۽ هڪ روسي. جيئن ته هـُـو معزز شخص  آهي، اُن ڪري منجهس لڪيل بيزاري آهي، جا پئي ٿي ٽهڪي. اُن جو لازمي نتيجو آهي ته هو ڌوڪو ڏئي ۽ پاڻ کي پاڪيزه سمجهي.“

 ”پر اُن هوندي به هـُـو خدا کي مڃي ٿو.“

 ”ڪجهه به نه، توکي خبر نه آهي؟ ڇو، هـُـو ته سڀني کي پاڻ ٻـُـڌائيندو رهندو آهي. فقط سڀ ڪنهن کي نه، پر سڀني دانشمندن کي، جي وٽس ايندا آهن. هن گورنر شولٽرز کي سنئون سڌو چيو هو، ’مان مقدس آهيان‘، پر اِها خبر نه اٿم ته ڇا ۾؟.“

 ”سچ پچ؟“

 ”سچ پچ. اُن هوندي به مون کي هن لاءِ عزت آهي. منجهس شيطانيت آهي يا وري هـُـو پنهنجي وقت جو سورمو آهي. سندس نالو اَرينن  آهي يا ڪو ٻيو؟ ... تون ڏسين ٿو ته هـُـو عياش آهي. ايتري قدر، جو مان جيڪر پنهنجي ڌيءُ يا ماءُ اُن وٽ نه ڇڏيان. توکي خبر آهي ته هـُـو ڪيئن ڳالهيون ٻـُـڌائڻ شروع ڪندو آهي ... ٻه سال گذريا، هن اسان کي چانهن تي مدعو ڪيو هو. چانهن، شراب سان گڏ. (بيگمن هن ڏانهن شراب موڪليو هو.) هـُـن اُتي پراڻي وقت جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. ايتري قدر جو ويٺي اسان جا پاسا سـُـڄي ويا. خاص طرح هـُـن ٻڌايو ته ڪهڙيءَ ريت، هـُـن هڪ معذور عورت کي خوش ڪيو هو. هـُـن چيو ٿي ته جيڪڏهن منهنجون ٽنگون خراب نه هجن ها ته مون کي رقص ڪرڻ ايندو آهي ۽ مان اوهان کي رقص ڪري ڏيکاريان ها. اوهان هن لاءِ ڇا ٿا چئو؟ مون وٽ گهڻيون ئي چالون آهن. هـُـن ڊميڊوف واپاريءَ جا سـَـٺ هزار روبل کڻي ورتا.“

 ”ڇا هـُـن اِها چوري ڪئي هئي؟“

 ”هن اعتبار ڏئي، اُنهن پيسن تي قبضو ڪيو هو. هـُـن کيس چيو هو ته  ”دوست هن رقم کي، منهنجي بجاءِ تون پاڻ وٽ سنڀالي رک، ڇو ته منهنجي گهر جي، سڀاڻي پوليس تلاشي وٺندي. هـُـن پاڻ وٽ اِهي پيسا رکيا. هـُـن بعد ۾ اعلان ڪيو، ته اِهي پيسا ديول کي ڏنا ويا آهن. مان کيس چيو ته تون گهٽيا آهين. هـُـن جواب ڏنو ته مان گهٽيا نه آهيان پر بلند نظر آهيان. اُن وقت ڄڻ ته هـُـو نه هيو، پر ٻيو ڪو هيو. بنا ڪنهن ڏسڻ وائسڻ جي مان هـُـن کي ڪنهن ٻي سان ملائي ڇڏيو آهي .... مان ٻيو گلاس ۽ اِهو ڪافي آهي. ايون هن شيشي کي کڻي وڃ. مان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هوس. اوهان مون کي روڪيو ڇو نه ٿي؟ ايون، مون کي ٻڌاءِ ته مان ڪوڙ ڳالهائيندو ٿي رهيس؟“

 ”مون سمجهيو ٿي ته پاڻ ئي چـُـپ ٿي ويندين.“

 ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. تو اِهو سڀ بغض کان ٿي ڪيو. توکي منهنجي خلاف بغض آهي. توکي مون کان نفرت آهي. منهنجي گهر ۾ ويهي، مون کان نفرت ٿو ڪرين.“

 ”ٺيڪ آهي، مان وڃان ٿو، تون گهڻو شراب پي ويو آهين.“

 ”مان توکي منٿ ڪندو رهيو آهيان ته (حضرت) عيسيٰ جي نانءُ تي، هڪ ٻن ڏينهن لاءِ شرما شينا ڏي هليو وڃ پر تون نه ٿو وڃين.“

 ”جيڪڏهن تون هن ڳالهه تي اصرار ٿو ڪرين، ته مان سڀاڻي اوڏانهن هليو ويندس.“

 ”تون ڪونه ويندين. تون چاهين ٿو، ته مون تي ڪـَـرڙي نگاهه رکين. اِهو ئي توکي کپي ٿو ڪيني سان ڀريل انسان! اِهوئي سبب آهي، جو تون نه ٿو وڃين.“

پوڙهي کي آرام نه ٿي آيو. هـُـو نشي جي اُن حد کي پهچي چـُـڪو هو، جتي نشي ۽ ڪاوڙ ۾ اَچي، ماڻهو وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. هـُـن ايون کي چيو ته:

 ”تون، مون ڏي ڇو ٿو نهارين؟ مون ڏي اِيئن ڇو ٿو نهارين؟ تنهنجون اکيون مون ڏي نهاري ٻـُـڌائين ٿيون، ته تون مون کي بدمعاش شرابي ٿو سمجهين. تنهنجي اکين ۾ بي اعتباري آهي. اِهي حقارت سان ڀريل آهن. تون هتي ڪنهن رِٿ سان آيو آهين. اليوشا پڻ مون ڏانهن نهاري رهيو آهي. سندس اکيون چمڪي رهيون آهن. اليوشا مون کي نفرت سان نه ڏس. اليڪسي توکي ايون سان محبت نه ڪرڻ کپي.“

 ”منهنجي ڀاءُ سان بدفطرت نه ٿي. هـِـن تي حملا ڪرڻ ڇڏي ڏي.“  اليوشا پر زور لهجي ۾ چيو.

 ”او، چڱو. اَڙي منهنجي مٿي ۾ سور آهي. برانڊي کڻي وڃ ايون. هيءُ ٽيون ڀيرو آهي، جو مون توکي چيو آهي.“  هـُـو گهڙيءَ کـِـن ڳڻتي ۾ پئجي ويو. پوءِ سندس چهري تي کـِـلَ سان گڏ مڪاري پکڙجي وئي ۽ چوڻ لڳو ته:

 ”هڪ پوڙهي ۽ ڪمزور ماڻهوءَ تي ڪاوڙ نه ڪر ايون! مان ڄاڻان ٿو، ته تون مون سان محبت نه ٿو ڪرين پر گهٽ ۾ گهٽ ڪاوڙ ته نه ڪر. مون وٽ آهي ئي ڇا، جو مون سان محبت ڪرين. تون شرما شينا ڏي وڃ. مان توڏي پاڻ ايندس ۽ تولاءِ تحفو کنيون ايندس. مان توکي، اُتي هڪ حسين ڇوڪري ڏيکاريندس. منهنجي اک مٿس گهڻي عرصي کان آهي. هـُـوءَ اَڃا تائين اُگهاڙي پيرين آهي. اُگهاڙن پيرن وارين حسين ڇوڪرين کان خوف نه کاءُ. اُنهن کي نفرت سان نه ڏس، هـُـو موتي آهن!“

 ”هـُـن ڏاڍي مزي مان، سندس هٿ کي چمي ڏني.“

 ”منهنجي خيال ۾“  هـُـو هڪدم پاڻ ڏي موٽي آيو. اِيئن ٿي نظر آيو ته کانئس سڄي مستي اُڏامي وئي آهي ۽ پنهنجي مضمون لاءِ سنجيده ٿي ويو آهي.  ”منهنجي خيال ۾، منهنجا ننڍڙا ڇوڪرؤ! ننڍڙا ٻارؤ! منهنجي خيال ۾، مان ڪڏهن به ڪنهن به عورت کي بـُـرو نه سمجهيو آهي. اِهوئي منهنجو دستور رهيو آهي! توهان اِنهيءَ کي سمجهي سگهو ٿا؟ توهان اِنهيءَ کي ڪيئن سمجهي سگهندا؟ توهان جي رُڳن ۾ رت ڪٿي اَڃا کير آهي. توهان ته اَڃا ڍَڪ کان ئي ٻاهر نه نڪتا  آهيو. منهنجو دستور هميشھ اِهو رهيو  آهي ته هر هڪ عورت ۾ شيطانيت ڀـَـري دلچسپي ڏسان، جا اوهان کي ٻي هنڌ ڪٿي به نظر نه ايندي. فقط ڳالهه هيءَ آهي، ته ڪو اُن کي ڳولي ڄاڻي. اِهوئي ته نقطو آهي! اِهائي ته صلاحيت آهي. منهنجي کاتي ۾ ڪابه بڇڙي عورت ڪانه آهي. مون لاءِ هيءُ ڪافي آهي ته هوءَ لڙائيءَ ۾ اَڌ عورت ئي آهي ... پر توهان هيءُ ڪيئن سمجهي سگهندا؟ ايستائين جو پيرسن ڇوڪرين ۾ به ڳولهيندي اوهان کي ڪجهه ملي ويندو. پوءِ اوهان کي عجب لڳندو، ته ماڻهو ڪهڙا نه بيوقوف هئا، جو اُنهن کي ڏسڻ کانسواءِ پيرسنيءَ لاءِ ڇڏي ڏنو اَٿائون. اُگهاڙن پيرن واريون ڇوڪريون جاذب نظر نه اينديون آهن، پر توهان اُنهن کي ضرور اوچتو ڏسو. توهان هن کي نه ٿا ڄاڻو ڇا؟ توهان سندن ارد گرد رهو، جيستائين ساڻن اوهان جو پيوند پختو ٿي وڃي ۽ هـُـو ڄاڻي سگهن، حيران ٿين ۽ شرمنديون ٿين، ته ههڙو سـَـکر ماڻهو، ڦوهڙ عورتن جي محبت ۾ گرفتار آهي. هيءَ پرلطف ۽ عمدي شيءِ آهي، ته هن جهان ۾ آقا به آهن ۽ غلام به. اُن ڪري هميشھ ناچيز خدمت واريون به هونديون ۽ مالڪ به. توکي اِها خبر هجي، ته هي سڀ، عيش ۽ نشاط لاءِ گهربل شيون آهن. اليوشا ترس ۽ غور سان ٻـُـڌ، مان تنهنجي ماءُ سان اِرادي کانسواءِ ملندو هوس پر ڪنهن ٻي طريقي سان. مان اُن ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏيندو هوس. مگر وقت تي، اُن کي پيار ڏيکارڻو پوندو هو ۽ خودداري قائم رَهي نه سگهندي هئي. هوءَ هڪدم کلڻ شروع ڪري ڏيندي هئي. مون کي اُهو نظارو ياد ٿو اَچي ته اِيئن ٿو معلوم ٿئي ته هوءَ ڄڻ منهنجي سامهون ويٺي آهي. هيءُ سندس کلڻ خاص نوعيت جو هو. مان ڄاڻندو هوس ته اڄ جو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو عارضي آهي. سڀاڻي وري ساڳي فرياد هوندي ۽ ساڳيو روڄ ۽ پٽڪو. ڄڻ ته ڪا غيبات زده ورتل آهي. سندس هر مختصر کلڻ، خوشي ۽ اطمينان جو اظهار نه  آهي پر سڄي بناوٽ آهي. هي آهن، خاص خصوصيتون زالن جون!

هڪ ڀيري بيلنسڪي، جو حسين ۽ دولتمند آهي، پتنگ وانگر هـُـن جي چوڌاري ٿي ڦريو. شروع ۾ اَسان جي گهر ۾ اَچڻ وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي گهر ۾، هـُـن جي سامهون مون کي چماٽ هڻي ڪڍيائين. هوءَ جا رَڍ وانگر هئي، خوف ٿيو ته هوءَ مون کي ڌڪ هڻي زمين تي ڪيرائي وجهندي، چوڻ لڳي ته هـُـن توکي ماريو آهي، ماريو آهي. تو مون کي وٽس وڪڻڻ ٿي گهريو. هن کي ڪيئن اِها جرئت ٿي آهي، جو منهنجي سامهون توکي ڌڪ هنيو اَٿائين. وري منهنجي ڀرسان اَچڻ جي جرئت نه ڪجانءِ. ڪڏهن به نه، ڪڏهن به نه. ڊوڙ ۽ دوبدو ويڙهه (Dull) جي هن کي دعوت ڏئي. مان لاچار ٿي پيس ۽ کيس ديول ۾ وٺي ويس، ته جيئن کيس آرام اَچي. راهبن اُن جي لاءِ دعا گهري. اليوشا مان خدا جو قسم کڻي چوان ٿو ۽ مان ڪڏهن به اُن جـِـن ورتل ڇوڪريءَ جي بي عزتي نه ڪئي. فقط هڪ دفعو، پهرئين سال ۾، کيس عبادت سان ڏاڍو شوق هو. هـُـو بي بي مريم جي عزت ۾ دعوتون ڪندي هئي ۽ مون کي گهر کان ڪڍي ڇڏيندي هئي. مان خيال ڪيو، ته هي تصوف منجهانئس ڪڍي ڇڏڻ کپي. هيءُ بي بي مريم جو پاڪ مجسمو ڏسين ٿي، مان اُن کي ڊاهي ٿو ڇڏيان. تون هن کي معجزي جهڙو ٿي سمجهين، مگر مان اُن کي تنهنجي سامهون ڦٽو ٿو ڪريان ۽ تون ڏسندين ته مون کي ڪجهه به نه ٿيندو. جڏهن هـُـن هيءُ ٻـُـڌو ته سخت غصي ۾ ڀرجي وئي ۽ معلوم اِيئن پئي ٿيو ته هـُـوءَ مون کي ماري وجهندي. مگر هـُـن فقط مٿي ٽپو ڏنو ۽ هٿن کي مهٽيو ۽ اوچتو پنهنجو منهن اُن ۾ لڪائي ڇڏيائين. ڏڪي ڏڪي آخر زمين تي ڪـِـري پئي ..... ڄڻ ته ڪا ڳنڍڙي ڪري پئي. اِليوشا، اليوشا توکي ڇا ٿو ٿئي؟“

پوڙهو پريشانيءَ ۾ ٽپو ڏئي اُٿيو. سندس پيءُ جڏهن سندس ماءُ بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، ته سندس چهري ۾ آهستي آهستي تغير ايندو ٿي ويو. سندس منهن جو رنگ گلابي ٿيندو ويو، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چپ ڦڙڪڻ لڳا. پوڙهو، جو نشي ۾ مست هو ۽ سندس منهن مان گڦ ٿي نڪتي، اليوشا جي حالت ۾ تبديلي کي ڏسي نه سگهيو. جڏهن اُن کي غيبات زده عورت چئي، هـُـن سندس ذڪر شروع ڪيو، تڏهن اوچتو اليوشا تي اُن جو اثر پيو. هـُـو پنهنجي جاءِ تان اِيئن ٽپو ڏئي اُٿيو، جيئن سندس ماءُ بابت ٻڌايو ٿي ويو. پنهنجي هٿن کي مهٽيائين ۽ اُنهن ۾ منهن لڪائي ڇڏيائين. ڪرسي تي ڪري پيو. هسٽيريا جي مريض وانگر زاروزار روئڻ لڳو ۽ سندس عضون ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. اِن حال ۾ سندس ماءُ سان مشابهت ڏسي، پوڙهي جي مٿان وڏو اَثر پيو.

 ”ايون، ايون، جلدي ڪري پاڻي آڻ. بلڪل ماءُ وانگر، جيئن هوءَ ڪندي هئي. سندس منهن ۾ پاڻي هڻ. مان اُن سان به اِيئن ڪندو هوس. هن جي پريشاني به ماءُ وانگر آهي. ماءُ وانگر.“

اوچتو ايون، ڪاوڙ ڀريل نفرت ۾ چيو  ”هـِـن جي ماءُ منهنجي به ماءُ هئي. ڇا اِيئن نه آهي.“  سندس ڪاوڙ ۽ نفرت، ضابطي کان ٻاهر هئا. پوڙهو سندس چمڪندڙ اَکين جي اڳيان ڏڪڻ لڳو. اُن وقت هڪ عجيب معاملو ٿي گذريو، جيتوڻيڪ اُهو هڪ سيڪنڊ لاءِ هو. شايد پوڙهي جي دل تان هيءُ خيال لهي ويو هو ته اليوشا جي ماءُ ايون جي به ماءُ هئي.

 ”تنهنجي ماءُ،“  هـُـن ڀـُـڻڪيو ۽ بي سمجهيءَ مان  چيائين، ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ڪهڙيءَ ماءُ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟ اُها تنهنجي به ماءُ هئي؟ بيشڪ اُها به تنهنجي ماءُ هئي! ڇڏ اِنهيءَ ڳالهه کي، منهنجي دل ڪڏهن به ايترو اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا نه هنيا آهن. مان خيال ڪريان ٿو ايون، مون کي معاف ڪر. هي، هي، هي ....“  اُن وقت هـُـو خاموش ٿي ويو ۽ سندس چپن تي شيطانيت ڀريل مـُـشڪ ظاهر ٿي.

عين اُن وقت هڪ خطرناڪ شور ۽ جنجال هال ۾ پيدا ٿيو. ڊيڄاريندڙ رڙيون شروع ٿي ويون. دروازو زور سان کليو ۽ دمتري ڪمري ۾ آيو. پوڙهو خوف کان ايون جي طرف ڀڳو.

 ”هي مون کي خون ڪندو، هيءُ مون کي خون ڪندو! هن کي مون ڏي نه ڇڏ.“  هـُـن خوف کان رڙ ڪئي ۽ ايون جي ڪوٽ کي چنبڙي پيو.

 

dc

باب نائون

حوس پرست

گريگري ۽ سميرڊياڪوف، دمتري جي پويان ڪوٺيءَ ڏي ڊوڙي پيا. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ فيودورپاولووچ، کين هدايتون ڏئي ڇڏيون هيون، اُنهن موجب هـُـو رستي ۾ کانئس وچڙي پيا ۽ کيس اندر وڃڻ کان روڪڻ لڳا. ڪوٺيءَ ۾ گهڙڻ کان اڳ ۾، دمتري گهڙي کن ترسي کيس ڏسڻ لڳو. اُن جو فائدو وٺي گريگري ميز جي چوڌاري ڦـِـري، ڪوٺيءَ جي سامهون واري پاسي جي ٻنهي دروازن کي بند ڪري ورتو، جن مان اندرين ڪوٺين ڏي وڃڻ جو لنگهه هو. اُن کانپوءِ هـُـو پنهنجون ٻانهون کـُـنجي، پنهنجي رت جي پوئين ڦڙي تائين، لنگهه جي بچاءَ لاءِ اُتي بيهي رهيو. گريگري هيءُ ڏسي رڙ ڪري دمتري تي چڙهي ويو.

 ”هوءَ هتي آهي. هوءَ هتي لڪي پئي آهي. رستي کي ڇڏي ڏي بدمعاش.“

هن گريگريءَ کي ڇڪي پـَـري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر پوڙهي خادم کيس ڌِڪي پوئتي ڪيو. دمتري جوش ۾ ڀرجي ويو ۽ گريگريءَ کي پوريءَ طاقت سان ڌڪ هنيائين. پوڙهو هن ڌڪ سان بـُـنڊ وانگر ڪري پيو. دمتري مٿانئس ٽپو ڏئي، دروازي تائين پهچي ويو. سميرڊياڪوف سڄو هيڊو ٿي ويو ۽ ڏڪڻ لڳو. هـُـو ڪوٺيءَ جي ٻي پاسي فيودورپاولووچ جي ڀرسان گهٻراهٽ کان سيٽجي ڳٺڙي وانگر پئجي رهيو.

 ”هوءَ هتي آهي.“  دمتري رڙ ڪري چيو. مان کيس هينئر، هن گهر ڏي ڦيرو کائي ايندي ڏٺو، پر مان کيس وٺي نه سگهيس. هوءَ ڪٿـِـي آهي؟ ڪٿي آهي؟“

 ”هوءَ هتي آهي،“  هن جو ڪجهه رڙ ڪري چيو، اُن فيودورپاولووچ تي وڏو اَثر ڪيو ۽ کانئس سڄو خوف هليو ويو.

 ”جهلينس! جهلينس!“  هـُـن رڙ ڪري چيو ۽ دمتريءَ جي پويان پيو.

اُن وقت، گريگري فرش تان اُٿي کڙو ٿيو هو، پر کيس اُن صدمي کان اَڃا هوش نه آيو هو. ايون ۽ اليوشا پيءُ جي پٺيان ڊوڙيا. ٽئين ڪوٺيءَ ۾ فرش تي ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جو آواز آيو. هيءُ هڪ شيشي جي وڏي ڪـُـونڊي هئي. جيڪا سنگ مرمر جي هڪ ڪرسيءَ تي رکيل هئي ۽ ڪا وڏي قيمت جي نه هئي. دمتريءَ جي ڊوڙڻ جي سبب، شايد ساڻس ٽڪرجي ڪـِـري پئي هئي.

پوڙهي ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو ته  ”هن کي وٺو ۽ منهنجي مدد ڪريو.“

ايون ۽ اليوشا، آخر هي سوچيو ته هـُـو پير مرد تائين پهچي، کيس زور سان اُتان وٺي وڃن. هيءُ ڏسي فيودورپاولووچ کين رڙ ڪري چيو ته  ”هـِـن جي پويان ڇو ٿا ڊوڙو، هن حال ۾ ممڪن آهي ته هـُـو اوهان کي ماري نه ڇڏي؟“

 ”ايون، اليوشا، گروشينڪا اِتي آهي، اِتي آهي. مون کيس هيڏي ايندي ڏٺو آهي.“  فيودورپاولووچ جو ساهه ڏاڍي سختيءَ سان ٿي کڄيو. هـُـو سـَـهڪيو ٿي. جيئن ته کيس اُن ڏينهن اُن حوس پرست عورت جي اَچڻ جو انتظار هو، اُميد جي خلاف هيءُ ٻـُـڌي ته گروشينڪا اِتي آهي، ديوانو ٿي ويو. هـُـو ڪاوڙ کان ڏڪڻ  لڳو، ڄڻ ته عقل کانئس ڇڏائي ويو هو.

ايتري ۾ ايون کيس رڙ ڪري چيو ته  ”تون پاڻ اَچي ڏٺو آهي، ته هوءَ هيڏي نه آئي آهي.“

 ”ٿي سگهي ٿو، ته هوءَ ڪنهن ٻي لنگهه کان آئي هجي.“

 ”توکي خبر آهي ته ٻيا لنگهه قلف سان بند آهن ۽ اُنهن جون ڪـُـنجيون تو وٽ آهن. دمتري اوچتو وري نشست گاهه ۾ ظاهر ٿيو. هن دروازي کي بند ڏٺو ۽ ڪـُـنجي فيودورپاولووچ جي کيسي ۾ هئي. ڪوٺين جون دريون به بند هيون. اِهڙيءَ حالت ۾ اِهو ناممڪن هو، ته گروشينڪا اُتي هجي يا اُتان ٻاهر نڪري وئي هجي.

فيودورپاولووچ، جيئن ئي کيس ٻيهر ڏٺو، ته رڙ ڪري چيائين ته  ”جهليوس. هـُـو منهنجي سمهڻ واريءَ ڪوٺي مان پيسا چورائي آيو آهي.“  اِيئن چوندي هـُـو ايون کان پاڻ ڇڏائي، وري دمتري ڏي ڪاهي ويو، پر دمتري ٻنهي هٿن کي مٿي کنيو ۽ پوڙهي کي وارن کان وٺي ڇـِـڪيائين. سندس ٻن چوٽين کي زور سان جهلي سـَـٽ ڏنائين، جنهن ڪري، پوڙهو وڏي آواز سان زمين تي ڪري پيو. پوءِ پنهنجي بوٽ جي تري سان، سندس منهن تي ٻه ٽي ڀيرا لـَـتون هڻي ڪڍيائين. پوڙهو اُنهن ڌڪن سان ڪـِـنجهڻ لڳو. ايون جيتوڻيڪ دمتريءَ کان مضبوط نه هو، پر هن پنهنجي ٻنهي ٻانهن سان کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ سڄيءَ طاقت سان کيس ڇڪي پـَـري وٺي ويو. اليوشا به پنهنجي پوري پني طاقت سان دمتري کي سامهون اَچي روڪيو.

ايون کيس چيو ته  ”چريا! تو هـِـن کي ماري ڇڏيو.“

 ”هـُـو پنهنجي سزا کي پهتو آهي.“  دمتري سهڪندي چيو.  ”هو جيڪڏهن نه مئو آهي، ته مان وري کيس مارڻ لاءِ ايندس. توهان هن جو ڪوبه بچاءُ نه ٿا ڪري سگهو.“

 ”هتان هڪدم هليو وڃ!“  اليوشا کيس حڪم ڏيندي چيو.

 ”اليگزي تون مون کي ٻـُـڌاءِ. مان فقط توتي ئي اعتبار ڪري سگهان ٿو. هوءَ هتي آئي هئي يا نه؟ مان کيس ڏٺو هو ته هوءَ گهٽيءَ مان لوڙهي جي ڀر ڏئي چـُـرندي ٿي آئي. مان کيس سڏ ڪيو پر هوءَ ڀڄي وئي.“

 ”مان قسم کڻي ٿو چوان، ته هوءَ هيڏي ڪانه آئي آهي، نه وري سندس اَچڻ جي اُميد ئي هئي!“

 ”پر مان کيس ڏٺو هو .... کيس اَچڻ گهربو هو .... مان کيس هڪدم ڳولي وٺندس ته هوءَ ڪٿي آهي ..... خدا حافظ اليڪسي! رقم جي باري ۾ هاڻي ايسب سان ڪابه ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، پر ڪيٽرينا ايونونا ڏي جلدي ۾ وڃ ۽ کيس پوري يقين سان چئج، ته هو توکي سلام پيو ڏئي، سلام! هت جو به گذريو آهي، کيس ٻڌائج الوداع.“

ان وچ ۾ گريگري ۽ ايون پوڙهي کي زمين تان اُٿاريو ۽ آرام ڪرسيءَ تي کيس ويهاريائون، سندس سڄو منهن رت سان ڀرجي ويو هو، پر هو هوش ۾ هو ۽ ڏاڍي غور سان دمتريءَ جي واڪن کي ٻـُـڌي رهيو هو. هـُـو اَڃا سوچي رهيو هو، ته گروشينڪا شايد گهرجي ڪنهن ڪنڊ يا پاسي ۾ موجود آهي. دمتري کيس نفرت سان ڏٺو ۽ هيئن چوندي گهر کان ٻاهر نڪري ويو ته:

 ”مون کي تنهنجو رت هاريندي ڪابه پشيماني ڪانه ٿي آهي، هوشيار رهه پوڙها! پنهنجي خواب کان هوشيار رهه! مون کي به پنهنجو خواب آهي، مان توکي بد دعائون ڏيان ٿو ۽ پنهنجو نه ٿو سمجهان.“

هـُـو ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ويو.

پوڙهي نهايت ڪمزور آواز ۾، جو مشڪل سان ٻـُـڌڻ ۾ ٿي آيو، چيو ته  ”سميرڊياڪوف! سميرڊياڪوف! هوءَ هـِـتي آئي، هوءَ اِتي ضرور آئي.“  هـُـن آڱر کڻي پنهنجي سوال کي مضبوطي به ڏني.

 ”نه، هوءَ هتي ڪانه آهي، پوڙها جنوني“  ايون ڪاوڙ مان واڪو ڪري چيو.  ”اِجهو هيءُ بيهوش ٿي ويو. پاڻي، ٽوال، جلدي ڪر سميرڊياڪوف.“

سميرڊياڪوف پاڻي آڻڻ لاءِ ڊوڙي پيو. آخر هنن پوڙهي جا ڪپڙا لاٿا ۽ کيس بستري ۾ سمهاري ڇڏيائون ۽ آلو ٽوال سندس مٿي کي ويڙهيائون. جيئن ته برانڊيءَ جو نشو هوس، حد کان گهڻو جوش هوس ۽ ڌڪ به لڳا هئس، اُنڪري وهاڻي تي ايندي ئي، گهري ننڊ ۾ پئجي ويو. اِيون ۽ اليوشا نشستگاهه ڏي موٽي ويا. سميرڊياڪوف ڀڳل گلدان جي ٽڪرن کي ميڙڻ لڳو ۽ گريگري مايوسيءَ مان زمين کي نهارڻ لڳو. اليوشا کيس چيو ته:

 ”تون به پنهنجي مٿي کي آلو ڪپڙو ويڙهي، بستري ۾ وڃي آرام ڪر. اسان هن جي نگهباني ڪنداسون. منهنجي ڀاءَ توکي به مٿي جو سخت ڌڪ هنيو آهي.“

گريگريءَ ڏک ڀري آواز ۾ چيو ته،  ”هن منهنجي بي عزتي ڪئي آهي.“

 ”هن فقط تنهنجي بي عزتي نه ڪئي، پر پنهنجي پيءُ جي به ڪئي آهي.“  ايون چپن تي زور سان ڦـِـڪي مشڪ آڻيندي چيو.

 ”مان کيس ٽـَـپَ ۾ وهنجاريندو هوس. هن منهنجي بي عزتي ڪئي آهي.“  گريگري وري به چيو.  ”کڏ ۾ وجهه اِنهن ڳالهين کي. مان کيس جيڪڏهن ڇڪي پري نه ڪريان ها ته هـُـو شايد کيس ماري وجهي ها! مان هن کان وڌيڪ، ايسب جي لاءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيس.“  ايون، اليوشا سان سـُـسُ پـُـس ڪئي.

 ”خدا کيس هدايت ڏئي.“  اليوشا چيو.

 ”خدا، کيس ڇو هدايت ڏئي؟“  ايون جو چهرو ڪاوڙ سان ڀرجي ويو ۽ هـُـن ساڳيءَ ريت، سـُـس پـُـس ڪندي چيو ته،  ”هڪ نانگ ٻي نانگ کي ڳهي ويندو ۽ اِهو حادثو ٻنهي لاءِ فائدي وارو هوندو.“

اليوشا ڏڪي ويو.

 ”بيشڪ مان هن کي خون ٿيڻ نه ڏيندس. جيئن هاڻي ڪيو اٿم، پوءِ به اِيئن ڪندس. اليوشا تون هتي ترس، مان گهڙي کن لاءِ آڳر ۾ وڃان ٿو، ڇو جو منهنجي مٿي ۾ سور آهي.“

اليوشا، پيءُ جي ڪمري ۾ هليو ويو. هـُـو پردي جي پويان ڪلاڪ کن، سندس بستري جي ويجهو ويٺو رهيو. پوڙهي اوچتو پنهنجون اکيون کوليون ۽ اليوشا ڏانهن گـُـهور ڪري نهاريندو رهيو. هـُـو ڄڻ ته ڪجهه ياد ڪري رهيو هو ۽ اُن تي غور ڪري رهيو هو. اوچتو سندس منهن بدلجي ويو ۽ معمول کان گهڻو پريشان ٿي ويو. ڊڄندي نهايت حـَـّهڪي آواز ۾ چيائين:

 ”اليوشا، ايون ڪٿي آهي!؟“

 ”هن کي مٿي ۾ سور هو ۽ هـُـو آڳر ڏانهن ويو آهي. هـُـو ٻاهر نگهباني ڪري رهيو آهي.“  هـُـو آئينو، جو رکيو آهي، مون کي کڻي ڏي.

اليوشا اُٿيو ۽ چڪر ڏيئي آئيني کي کنيائين، جو وڏي الماريءَ جي خانن جي مٿان رکيو هو ۽ کيس آڻي ڏنائين. پوڙهي پاڻ کي اُن ۾ ڏٺو. سندس نڪ چڱو سڄيل هو ۽ نرڙ جي کاٻي پاسي تي وڏو گلابي رنگ جو زخم هو. آئيني کي پاسي ڪري چوڻ لڳو:

 ”اليوشا، منهنجا پيارا،ايون ڇا پئي چيو؟ تون ئي ته منهنجو هڪڙو پٽ آهين. مان ايون کان ڊڄان ٿو. مان کانئس ايترو ڊڄان ٿو، جو ڪنهن ٻي کان نه ٿو ڊڄان. تون ئي هڪڙو آهين، جنهن کان مون کي خوف نه ٿو ٿئي .....“

 ”ايون کان نه ڊڄو. هـُـو ڪاوڙ ۾ ضرور آهي پر اوهان جو بچاءُ ڪندو.“

 ”اليوشا ڀلا پيءُ جي ڳالهه ڪر. هـُـو گروشينڪا ڏي ويو هوندو. منهنجا فرشتا مون کي سچ ٻڌاءِ، هوءَ هتي هئي به يا نه؟“

 ”ڪنهن به کيس ڪونه ڏٺو  آهي. هيءَ غلطي هئي. هوءَ هتي ڪانه هئي.“

 ”توکي خبر آهي ته مـِـتيا ساڻس شادي ڪرڻ ٿو گهري؟“

 ”هوءَ ساڻس شادي ڪانه ڪندي!“

 ”هوءَ ڪڏهن به نه، هوءَ ڪڏهن به نه، هوءَ ڪڏهن به نه، ڪنهن به قيمت تي ساڻس شادي نه ڪندي.“

پوڙهو خوشيءَ وچان ٽڙي پيو، ڄڻ ته هن کان وڌيڪ راحت ڏيندڙ شيءِ ٻي، هن جي لاءِ ٿي نه پئي سگهي. هن خوشيءَ مان اليوشا جي هٿ کي وٺي، ڏاڍي شوق مان پنهنجي دل وٽ آندو ۽ اُن کي زور ڏنائين. سندس اکين ۾ ڳوڙها چمڪڻ لڳا.

 ”بي بي مريم جو مجسمو، جنهن بابت مون توسان گهڙي کن اڳ ۾ گفتگو ٿي ڪيو، اُن کي پاڻ سان کنيو وڃ ۽ اُن کي پاڻ وٽ رک. مان توکي اِجازت نه ڏيان ته تون خانقاه ڏي موٽي وڃ ... غصي نه ٿيءُ، مان صبح توسان اِهو چرچو ٿي ڪيو. اليوشا... اليوشا منهنجي دل کي راحت پهچاءِ. فرشتو بڻجي وڃ ۽ مون کي سچ ٻڌاءِ!؟“

اليوشا نهايت ڏک مان کيس چيو ته  ”تون اَڃا به اِهو ٿو پڇين ته هوءَ هتي هئي يا نه؟“

نه، نه مان تو تي اعتبار ٿو ڪريان. مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، ته حقيقت ڇا آهي؟ تون گروشينڪا ڏي پاڻ وڃ يا کيس ڪٿي هٿ ڪري، معلوم ڪر ته هوءَ ڪنهن جو انتخاب ٿي ڪري، منهنجو يا هـُـن جو؟ جلدي ڪر. ڪيئن منهنجي هيءَ خدمت ڪري سگهندين يا نه؟

اليوشا هن حال ۾، جو نهايت منجهيل هو، کيس جواب ڏنائين ته،  ”جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ته مان کيس چوندس.“

پوڙهي سندس ڳالهه کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو ته،  ”هوءَ توکي ڪجهه نه ٻڌائيندي. هوءَ وڏي بڇڙي آهي. هوءَ توکي چمڻ شروع ڪري ڏيندي ۽ چوندي ته تون ئي مون کي پسند آهين. هوءَ وڏي مڪار ۽ بي شرم عورت آهي. تون هن ڏي نه وڃ. تون هـُـن ڏي نه وڃ.“

 ”نه بابا سائين! اِهو ٺهي به نه ٿو. اِهو ڪنهن به حالت ۾ صحيح ٿي نه ٿو سگهي.“

 ”هـُـو توکي هاڻي ڪنهن ڏي موڪلي رهيو هو. جيئن هـُـو ڊوڙندو ٿي ويو، هن توکي وڏي واڪي سان چيو هو ته ’وڃ‘.“

 ”ڪيٽرينا ايونونا ڏانهن.“

 ”پيسن لاءِ، فقط رقم جي گهرڻ لاءِ؟ هن وٽ پيسو ڪونه آهي. ڪوڏي به ڪانه اَٿس. مان رات تائين بهتر ٿي ويندس ۽ پوءِ ڳالهين تي سوچيندس. تون هاڻي وڃ ... جي ٿي سگهئي ته هن سان مـِـلُ. فقط سڀاڻي صبح سان ضرور اَچج. مون کي ڪجهه توسان ڳالهائڻو آهي. ڪيئن ايندين نه؟“

 ”هائو.“

 ”ڪهڙي وقت ايندين؟ تون اِيئن ڏيکارجانءِ ته تون ڄڻ پاڻ آيو آهين. جو ڪجهه مان توکي چيو آهي، سو ٻئي کي نه ٻڌائجانءِ. اِيون کي هڪ لفظ به نه ٻـُـڌائجانءِ.“

 ”حاضر!“

 ”خدا حافظ منهنجا فرشتا! توکي شابس آهي، تو هاڻي منهنجو بچاءُ ڪيو آهي. مان ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان.مون کي توسان، سڀاڻي ڪجهه ضروري ڳالهائڻو آهي، پر اُن تي غور ڪندس.“

 ”هاڻي اوهان پاڻ کي ڪيئن ٿا سمجهو؟“

 ”مان خوش آهيان ۽ سڀاڻي اُٿي ٻاهر ويندس.“

گهر جي آڱڻ کان گذرندي اليوشا، ايون کي ٻاهرين دروازي جي ڀرسان بينچ تي ويٺل ڏٺو. هن پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ پينسل سان ڪجهه لکيو ٿي. اليوشا کيس ٻڌايو ته سندن پيءُ ننڊ مان جاڳيو آهي ۽ بلڪل هوش ۾ آهي. کيس اِجازت ڏني اَٿائين ته خانقاه ۾ وڃي ننڊ ڪري.

ايون بيٺي کيس نرميءَ سان چيو ته،  ”اليوشا، سڀاڻي صبح جو توسان ملڻ ۾ مون کي بيحد خوشي حاصل ٿيندي.“  سندس نرمي سان ڳالهائڻ کي ڏسي اليوشا کي عجب لڳو.

 ”مان هوهلاڪوف ۾ هوندس.“  اليوشا کيس جواب ڏنو،  ”مان ڪيٽرينا ايونونا ڏي به ويندس. جيڪڏهن هوءَ اڄ نه ملي سگهي ته سڀاڻي.“

ايون کيس مشڪندي چيو ته  ”ڪيئن به، تون هن ڏي هاڻي وڃين ٿو، کيس سلام به ڏيندين ۽ خدا حافظ به چوندين!“  اليوشا کي هيءُ ٻـُـڌي بيحد ڏک ٿيو.

 ”مان هاڻي سمجهان ٿو، ته هـُـن ڇا ٿي چيو ۽ ٿورو وقت اڳ سندس گفتگوءَ جو موضوع ڇا هو؟ بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي دمتري توکان تقاضا ٿي ڪئي، ته تون وٽس وڃي، کيس سندس سلام ڏين ۽ کيس ٻڌائين ته دمتري هميشھ لاءِ الوداع  ٿو چوي .....“

 ”ڀاءُ، هيءُ اسان جي پيءُ ۽ دمتريءَ جي وچ ۾، جا دهشت انگيز حالت پيدا ٿي آهي، اُها ڪڏهن ختم ٿيندي؟“

 ”مان ڪجهه پـَـڪ سان چئي نه ٿو سگهان. مان قطعي ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهان. ممڪن آهي ڪو حادثو ئي نه ٿئي. هوءَ عورت درنده آهي. بهرحال اسان کي ڪنهن به حالت ۾ پوڙهي کي گهر ۾ اندر رکڻ گهرجي ۽ دمتري کي اَچڻ نه ڏجي.“

 ”ڀاءُ، مان توکان هڪ وڌيڪ ڳالهه پڇان ٿو. ڇا هيءُ ڪنهن ماڻهوءَ کي حق حاصل آهي، ته هو هر ٻئي ماڻهوءَ کي ڏسي ۽ فيصلو ڪري، ته انهن ٻنهي مان ڪنهن کي زندهه رهڻ جو حق حاصل آهي!؟“

 ”حق جي سوال کي آندو ئي ڇوٿو وڃي؟ ڪابه حقيقت ماڻهو اَڪثر پنهنجي دلين ۾ پنهنجي ئي اسباب موجب سوچين ٿا، جا فطرتي آهي. باقي حق بابت، جو ڪجهه چوين ٿو، .... ڀلا ڪنهن کي حق نه آهي، ته هو پنهنجي مرضيءَ موجب سوچي.“

 ”مگر ٻئي ماڻهوءَ جي موت لاءِ نه.“

 ”ڇو نه، ٻئي ماڻهوءَ جي موت لاءِ به. جڏهن ته سڀئي ماڻهو، اِهڙيءَ ريت پنهنجي زندگي گذارين ٿا، ته پوءِ، ڪوڙ ڇو؟ تون شايد منهنجي لفظن ڏانهن اِشارو ٿو ڪرين، جي مون ٿورو وقت اڳ ۾ چيا هئا، ته هڪ نانگ ٻي نانگ کي ڳهي ويندو. اِهڙيءَ حالت ۾ مان توکان پڇڻ گهران ٿو، ته تون مون کي دمتري وانگر ٿو سمجهين ڇا، جو ايسب جي رت وهائڻ لاءِ تيار آهي ۽ مان به کيس خون ڪندس. او.....؟“

 ”ڇا ٿو چوين ايون! اِهو خيال ته منهنجي دل ۾ ڪڏهن به نه گذريو هو؟ مون کي يقين آهي ته دمتري به اِنهيءَ خيال جو نه هوندو!!“

ايون مشڪندي طعني طور کيس چيو ته،  ”مان اِنهيءَ خيال لاءِ، تنهنجو ٿورو اَدا ٿو ڪريان. يقين رک ته مان هن جو بچاءُ ڪندس، مگر هن حالت ۾، مان پنهنجي خواهش کي آزاد خياليءَ سان پاڻ تائين محدود رکندس. خدا حافظ وري سڀاڻي ملنداسون. مون کي ملامت نه ڪر ۽ نه وري مون کي شرير سمجهي مون ڏي نهار.

هنن ٻنهي گرم جوشيءَ مان هڪ ٻي سان هٿ ملايو، اِهڙيءَ ريت، جو اڳ ۾ اِيئن ڪڏهن نه ڪيو هئائون. اليوشا سمجهيو ته سندس ڀاءُ، محبت جو پهريون قدم اُن ڏانهن وڌايو آهي ۽ هيءُ جو ڪجهه ڪيو اَٿائين، سو ڪنهن مقصد جي خاطر آهي.

 

dc


(1) يسوعي، عيسائيت جو اُهو فرقو آهي، جو دين مسيحي جي هر مڪاريءَ ۽ حيلي سان تبليغ ڪندو آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org