باب چوٿون
ڪنعان جون ڪنواريون
ڪافي دير ٿي وئي هئي. مڙهيءَ جي قاعدن موجب دروازا
بند ٿي ويا هئا، دربان اليوشا کي خاص دروازي کان
اندر ڪيو. اُن وقت نـَـوَ لڳا هئا. ايتري شور ۽ شر
واري ڏينهن کان پوءِ هاڻي آرام ۽ سڪون جو وقت هو.
اليوشا ڊڄندي دروازو کوليو ۽ مربيءَ جي حجري ۾
ويو، جتي سندس تابوت اڃا رکيو هو. اُتي ٻيو ڪو به
ڪو نه هو، پر راهب پايسي، تابوت جي مٿان انجيل کي
پڙهي رهيو هو. ٻي ڪوٺيءَ ۾ نوجوان، نوآموز راهب
پروفيري، گذريل رات جي گفتگو جو ٿڪايل ۽ ڏينهن جي
عجيب واقعي کان پريشان، جوانيءَ جي گهري ننڊ ۾ فرش
تي سمهيو پيو هو. جيتوڻيڪ راهب پايسي، اليوشا جي
اندر اچڻ جو آواز ٻڌو هو، پر هن اُن طرف نه
نهاريو. اليوشا دروازي کان سڌو مڙيو ۽ ڪنڊ ڏي ويو.
اتي هوُ گوڏن ڀـَـر ٿي، دعائون گهرڻ لڳو.
سندس روح، ڪـَـنيءَ تاِئين ڀريل هو، پر سندس جذبا
گڏيل هئا. ڪابه هڪ هيجاني ڪيفيت مٿس طاري نه هئي،
پر ان جي خلاف، هڪ جي پوئتان ٻيون ڪيفيتون وٽس
مسلسل پئي ڦريون. پر سندس دل ۾ عجيب شيرني هئي.
عجب ته اهو هو ته اليوشا تي ان جو ڪوبه اثر نه هو.
هن ٻيهر وري تابوت ڏي ڏٺو. هڪ مخفي ۽ مردهه صورت،
جا هن جي لاءِ بيحد قيمتي هئي. پر روح جي اها
بيقراري ۽ روح، جو کيس صبح جي وقت هيو، هاڻي نه
رهيا هئا. جيئن ئي هو اندر آيو، تابوت جي سامهون
ڪري پيو، بلڪل اهڙي ريت جيئن ڪنهن مقدس درگاهه ۾
ٿيندو آهي. سندس دل ۾ هڪ قسم جي خوشي اڀري رهي
هئي. حجري جي هڪ دري کليل هئي. هوا تازي ۽ ٿڌيري
هئي. اليوشا خيال ڪيو ته ”جيڪڏهن دريءَ کي هو
کولين ها ته اها پوءِ وڌيڪ طاقتور بڻجي وڃي ها. ”
هن خرابيءَ جي بوءِ هوندي به، جا هن جي لاءِ نهايت
ڀوائتي هئي ۽ پريشان ڪندڙ، اها اڳ وانگر هاڻي کيس
نه بيزار ڪندڙ هئي نه نفرت ڏياريندڙ. هن خاموشيءَ
سان دعا گهرڻ شروع ڪئي، پر هن جلدي محسوس ڪيو ته
سندس دعائون هٿراڌو آهن. خيال جي هيءَ خوشبو، سندس
روح تي ترندي رهي ۽ تارن وانگر ٽمڪڻ لڳي. هيءَ
شيءِ هڪدم وري کانئس الڳ ٿي وئي، انهيءَ لاءِ ته
ٻيا خيال وري اچي ان جي جاءِ وٺن. پر اڃا به سندس
روح ۾ شين جي مفيد اخلاقي حيثيت جو راڄ هو. ثابت
قدمي ۽ راحت. هو خودار بڻجي ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن
وڏي پيار مان، دعا ٿي گهري. هن چاهيو ٿي ته پنهنجي
محبت ۽ شڪر گذاري کي آڻي وجهي.
پر جڏهن هن دعا ڪرڻ شروع ڪئي ته هو اوچتو ڪنهن ٻئي
طرف رجوع ٿي ويو ۽ خيالن ۾ گم ٿي ويو. هن کان دعا
۽ اُها شيءِ، جنهن کيس دعا گهرڻ کان روڪيو ٿي، ٻئي
وسري ويون. هن جو ڌيان راهب پايسي جي پڙهڻ ڏانهن
هليو ويو. هو ٿڪ جي باعث آهستي آهستي اوجهراٽيون
کائڻ لڳو.
” ۽ ٽئين ڏينهن ڪنعان ۾ شادي ٿي. ” راهب پايسي
پڙهڻ لڳو. ”حضرت عيسيٰ جي والده اتي هئي. حضرت
عيسيٰ ۽ سندس پوئلڳن کي شاديءَ ۾ گهرايو ويو.“
شادي؟ اُها ڇا آهي....... هيءُ خيال واچوڙي وانگر
سندس دل ۾ ڦرڻ لڳو. هن جي لاءِ به خوشي
هئي......... هوءَ به دعوت تي وئي...... نه هن
چاقو هٿ ۾ نه کنيو هوندو. اِها فقط المناڪ اصطلاح
آهي. ٺيڪ آهي اهڙا المناڪ اصطلاح معاف ڪرڻ جي لائق
آهن. اهي المناڪ اصطلاح، دل کي راحت ڏين ٿا.......
انهن کان سواءِ غم ايترو ته ڳرو ٿي پوندو، جو
ماڻهو اُن کي برداشت ڪري نه سگهندو. ريڪٽن غلط
پاسي ڏي هليو ويو آهي. جيستائين ريڪٽن غلط خيالن
تي ڳڻتيون کائيندو رهندو، هو هميشھ غلطيءَ جي مقام
ڏي پيو وڌندو. پر صراط المستقيم ........ هيءُ
رستو ڪشادو سنئون ۽ قيمتي پٿرن وانگر روشن آهي. سج
گويا سندس ڇيڙي وٽ آهي. اڙي ڇا پڙهي رهيو آهي؟“
”جڏهن هنن شراب جي طلب ڪئي، حضرت عيسيٰ جي والده
کين چيو ته انهن جي لاءِ شراب نه آهي“........
اليوشا هي ٻڌو.
افسوس مون ته هيءُ ٻڌو ئي نه، مون کي اهو ٻڌڻ
گهربو هو. اهو ٽڪرو مون کي پسند آهي. اهو ڪنعان جي
گليلي (بيت المقدس ۾ هڪ مقام) بابت آهي. پهريون
معجزو........ عجيب معجزو...... شيرين معجزو! اهو
انساني غم نه هو، پر سندن مسرت، جنهن کي حضرت
عيسيٰ ڏٺو هو. هـُـن هيءُ پهريون معجزو! انهيءَ
لاءِ ڏيکاريو ته انسان کي خوشيءَ جي لاءِ امداد
ڪري..... اُهو جو انسان سان محبت ڪري ٿو، سندس
خوشيءَ سان به محبت ڪري ٿو...... هو هميشھ ان کي
دهرائيندو ٿي رهيو. هيءُ سندس سڀ کان وڌيڪ ارادو
هو...... هتي خوشيءَ کان سواءِ رهڻ ئي ڪهڙو.
مـِـتيا چيو ٿي........ هائو مـِـتيا....... سڀ ڪا
شيءِ جا صداقت ڀري ۽ چڱي آهي، اها هميشھ معافيءَ
سان ڀريل ٿئي ٿي. هو به هميشھ اِيئن چوندو هو.
مسيح چيو ته، ”اي زال، هن ڳالهه جو توسان ۽ مون
سان ڪهڙو تعلق؟ منهنجي گهڙي ته اڃا ڪانه آئي آهي.“
سندس ماءُ خادمن کي چيو ته ”هو جو ڪجهه به چوي ٿو،
اهو پورو ڪيو.“ مان اهو پورو ڪيو. جا ڪن غريبن جي
خوشي آهي. جي تمام مسڪين آهن..... بيشڪ هو غريب
هئا ۽ انهيءَ ڪري ئي ته وٽن، شاديءَ جي لائق شراب
موجود نه هو. مورخ لکن ٿا ته ان زماني ۾، جي
نزاريٿ جي ڍنڍ جي چوڌاري رهيا ٿي، اهي نهايت مسڪين
هئا..... مگر هوءَ عظيم دل هئي ۽ ٻين جا قلب به
ايترائي پاڪ هئا. سندس ماءُ ڄاتو ٿي ته هو فقط
پنهنجي خطرناڪ قرباني ڏيڻ لاءِ نه آيو آهي، پر کيس
خبر هئي ته سندس دل غريبن لاءِ به کليل هئي. جنهن
۾ ڪابه مڪاري نه هئي، پر ڪن متفردن ۽ اڻ پڙهيلن
ماڻهن کي خوش ڪرڻو هو. جن کيس وڏي هيج مان،
غريباڻي شادي ۾ دعوت ڏني هئي. هن مشڪندي چيو هو،
ته ”منهنجي گهڙي اڃا نه آئي آهي، ” (هن يقيناً
پنهنجي ماءُ ڏي ئي مشڪي نهاريو هوندو) هن غريباڻي
شادي ۾ شراب کي وافر انداز ۾ پيش ڪرڻو هو. هو زمين
تي لهي آيو هو. هـُـن کي سندس ماءُ جيئن چيو، هن
اِيئن ئي ڪيو.
”هو ته وري پڙهي رهيو آهي.“
”مسيح کين چيو ته پاڻي جا سڀئي برتن، پاڻيءَ سان
ڀريو. هنن اُنهن کي ڪنن تاِئين ڀريو.“
”هن، کين چيو ته، هاڻي انهن کي کوليو ۽ دعوت جي
گورنر تاِئين کڻي وڃو ۽ انهن کنيو.“
”جڏهن دعوت جي حاڪم ان کي چکيو ته اُهو شراب هو.
کيس اها خبر نه پئي ته اهو ڪٿان آيو. (پر انهن
ماڻهن، جن ان کي کنيو هو، سڀ ٿي ڄاتو) دعوت جي
گورنر گهوٽ کي سڏيو ۽ کين چياِئين ته هر ڪو پنهنجو
حصو وٺي. جڏهن ماڻهو چڱي ريت پي رهيا هئا، تڏهن هن
چيو ته شروع ۾ بدتر شراب آندو ويو هو، مگر هي بهتر
شراب ڪٿي سانڍي رکيو ويو هو؟“
”پر هيءُ ڇا آهي؟ هيءُ ڪمرو ويڪرو ڇو ٿو ٿيندو
وڃي؟“......... هان هان، هيءُ شادي آهي،
شادي....... هائو بيشڪ اجهو هيءُ مهمان آهن، هيءُ
نوجوان جوڙو ويٺو آهي، ۽ خوشيءَ ڀريل ميڙ. دعوت جو
داناءُ گورنر ڪٿي آهي؟ پر هيءُ ڪير آهي؟ وري ڀتيون
چـُـرنديون ٿيون وڃن......... هو ڪير وڏي ميز کان
اٿي ٿو. هو ته تابوت ۾ آهي........ پر هـُـو هتي
به موجود آهي. هو اٿي بيٺو آهي، مون کي ڏسي
ٿو........ هو هيڏي اچي ٿو..... خدايا!........
هائو، هو اُن ڏي هلي آيو. ننڍڙو ۽ نازڪ پوڙهو،
جنهن جي منهن ۾ باريڪ گـُـهنج پيل هئا. خوشيءَ مان
آهستي کلي رهيو هو. هاڻي تابوت جو ڪوبه نشان نه
هو. کيس اُها پوشاڪ هئي، جا ڪالهه ساڻن گڏ، سندس
بدن تي موجود هئي. سندس منهن کـُـليل هو ۽ اکيون
چمڪي رهيون هيون. هيءُ ڇا نظر اچي رهيو آهي، شايد
کيس به شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت آهي. هيءُ به
گليلي ۾، ڪنعانين جي شادي لاءِ آيو آهي........
”هائو منهنجا عزيز، مون کي به دعوت آهي ۽ ان ۾
شرڪت لاءِ اجازت ڏني وئي آهي. هن هڪ باريڪ آواز
ٻڌو، جو کيس چئي رهيو هو ته ”تون ڇو هتي آيو
آهين؟ تون به اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو آهين؟“
اِهـُـو ان جو آواز هو، مربي زوسيما جو، يقيناً هو
ئي ان کي پڪاري رهيو آهي! مربي اليوشا کي اُٿاريو
۽ هو جو گوڏن ڀر هو، هاڻي اُٿيو.
”اسان خوشي ڪري رهيا آهيون. ” هو ننڍڙو ۽ نازڪ
پوڙهو، چوندو رهيو. اسان نئون شراب پي رهيا آهيون.
نئون شراب ۽ وڏيءَ خوشيءَ وارو. ڏسين ٿو ته ڪيڏا
نه مهمان آهن؟ هيءُ گهوٽ آهي ۽ هيءَ ڪنوار. هو
دعوت جو عقلمند گورنر آهي. هو نئين شراب کي چکي
رهيو آهي. تون مون تي عجب ڇو ٿو کائين؟ مان هڪ
پينو کي بصر ڏنو هو، ان ڪري مان هتي آهيان. هتي جي
آهن، انهن مان ڪيترن بصر ئي ڏنو هو- فقط هڪ ننڍڙو
بصر! اهو ئي اسان جو عمل آهي ۽ تون منهنجا نيڪ ۽
مهربان ٻار، تو به اڄ هڪ پريشان عورت کي بصر ئي
ڏنو آهي. تون پنهنجي عمل کي جاري رک، منهنجا عزيز
۽ مهربان. تون پنهنجي عمل کي جاري رک. تون اسان جي
سج کي ڏسين ٿو، هان هن کي ڏسين ٿو؟
”مون کي خوف ٿو ٿئي. مون کي جرئت ئي نه ٿي ٿئي ته
ان ڏي نهاريان. ” اليوشا آهستگيءَ سان چيو.
”هن کان خوف نه کاءُ، هو پنهنجي عظمت ۾ هولناڪ
آهي ۽ رتبي ۾ ڀوائتو، پر بنيادي طرح ٻاجهارو. هو
پاڻيءَ کي شراب ۾ بدلائي رهيو آهي، جيئن مهمانن جي
خوشيءَ ۾ ڪابه گهٽتائي نه اچي، کيس اميد آهي ته
ٻيا به مهمان ايندا. هو نون مهمانن کي سڏي رهيو
آهي........ اجهو هو وري نئون شراب آڻي رهيا آهن.
تون ڏسين ٿو ته هو وري نوان نوان ٿانءَ آڻي رهيا
آهن........“
اليوشا جي دل ۾ ڪجهه کـُـکـُـي رهيو هو، ڪجهه ڀرجي
ويو هو، جنهن سندس دل ۾ سور پيدا ڪيو هو. سندس قلب
مان سرمستيءَ جا ڳوڙها ڪري رهيا هئا........ هن
پنهنجي هٿن کي ڊگهو ڪيو. رڙ ڪياِئين ۽ جاڳي پيو.
وري اهوئي تابوت، کليل دري ۽ نرم ۽ شيرين آواز،
انجيل جي مطالعي جو دور هو. پر اليوشا ان ڏي ڌيان
نه ڏنو. هيءَ هڪ عجيب حقيقت هئي، جو کيس گوڏن تي
گهري ننڊ اچي وئي هئي، پر هاڻي هو پنهنجي پيرن تي
هو، ڄڻ ته اڳتي ڌڪجي ويو هو. هن تڪڙا تڪڙا ٽي قدم
کنيا ۽ سڌو ئي سڌو تابوت ڏي ويو. سندس ڪلهو راهب
پايسي جي ڪلهي سان، بنا ڪنهن ارادي جي وڃي لڳو.
راهب پايسي ٿوري وقت لاءِ، پنهنجون اکيون ڪتاب کان
مٿي کنيون پر هڪدم وري ٻئي طرف ڏسڻ لڳو. هن سوچيو
ته ڪا نئين شيءِ، ڇوڪري جي لاءِ ظاهر ٿي رهي آهي.
اليوشا منٽ اڌ لاءِ تابوت ڏي ڏٺو. هن ڍڪيل ۽ چرپر
کان سواءِ ان مئل ماڻهو کي تابوت ۾ ڏٺو، جنهن جي
سيني تي حضرت عيسيٰ جو مجسمو هو ۽ ڏهه ڪنڊي صليب
سان کيس ٽوپي پهريل هئي. هن اڃا، هاڻي سندس آواز
کي ٻڌو ٿي ۽ هو آواز اڃا سندس ڪنن ۾ پئي ٿي وڳو.
هن اڃا ڌيان ٿي ڏنو ۽ ڪن ٻين لفظن جي ٻڌڻ جو منتظر
هو. پر اوچتو هو، تيزيءَ سا ڦريو ۽ حجري کان ٻاهر
نڪري ويو.
هو ڏاڪن تي به نه ترسيو ۽ تڪڙو تڪڙو هيٺ لهي
ويو. سندس قلب بيخودي سان ڀرجي ويو ۽ آزادي ۽
ڪشادگيءَ لاءِ بيتاب بڻجي ويو. آسمان جو گنبذ
چمڪندڙ ستارن سان ڀريل، پنهنجي وسيع ۽ عميق گهرائي
سان مٿانئس موجود هو، ڪهڪشان ٻن زرد نهرين جي صورت
۾، چوٽي کان وٺي افق تاِئين ڄڻ ڊوڙندي ٿي وئي.
پـُـرسڪون، تازي ۽ خاموش رات زمين کي ويڙهي ورتو
هو. ديول جا سفيد منارا ۽ سونهري گنبذ، نيري آسمان
جي هيٺان ڳاٽ کنيو بيٺا هئا. خزان جا دلڪش گل، گهر
جي ٻارين ۾ صبح تاِئين ڄڻ ننڊ ۾ آرامي ٿي ڏٺا.
زمين جي خاموشي، آسمان جي خاموشي ۾ محو ٿي وئي
هئي. زمين جو اسرار، ستارن جي اسرار سان گڏجي، هڪ
ٿي ويو هو........
اليوشا هن نظاري کي بيٺي نهاريو ۽ اوچتو هن پاڻ کي
زمين تي اڇلائي ڇڏيو. کيس ڪابه خبر نه ٿي پئي ته
هن ڇو پاڻ کي زمين تي اُڇلايو آهي. هو ٻڌائي نه ٿي
سگهيو ته هو ڇو بيقراري مان ان کي چمي رهيو آهي.
پر هن ان کي روئندي چميو. هن سڏڪا ڀريندي، پنهنجي
اکين جي آب سان ان کي آلو ڪيو. وڏي شوق مان، ان کي
محبت ڪرڻ شروع ڪيائين. جا محبت عارضي نه هئي. پر
دائمي هئي. سندس روح مان پڙاڏو اُٿيو ته ”زمين کي
پنهنجي خوشي ۽ محبت جي ڳوڙهن سان تر ۽ تازو ڪر.“
پر هو ڪنهن جي لاءِ روئي رهيو هو؟
اڙي! هو پنهنجي بيخوديءَ ۾ انهن ستارن جي مٿان
روئي رهيو هو، جي عميق فاصلي کان مٿس چمڪي رهيا
هئا ۽ هو سندن وجداني ڪيفيت کان شرمندو نه هو. کيس
خدا جي لاتعداد جهانن ۾ هڪ مضبوط رشتو ٿي نظر آيو
۽ سندس روح انهن ڏانهن مائل ٿي ڏٺو. هو ٻين جهانن
سان تعلق رکڻ کان لرزي رهيو هو. هو سڀ ڪنهن کي سڀ
ڪنهن ڳالهه جي عفو جي لاءِ منتظر هو ۽ معافيءَ جي
لاءِ پئي ٿي تانگهيائين. هو پنهنجي لاءِ نه، پر
سڀني ماڻهن جي لاءِ، سڀني قصورن جي لاءِ معافيءَ
جو منتظر هو. هن ڄاتو ٿي ته ٻيا به منهنجي لاءِ
اِيئن دعائون گهرندا هوندا. انهن آوازن جا پڙاڏا
سندس روح ۾ گونجي رهيا هئا. انهيءَ ئي وقت هن
محسوس ڪيو ته ڪا شيءِ نهايت مضبوطيءَ ۽ يقين سان
آسماني گنبذ جي طرح، سندس روح ۾ گهڙي وئي آهي.
اِيئن پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪنهن خيال سندس قلب جي
سلطنت تي قبضو ڪري ورتو آهي. جو سندس زندگي جي
لاءِ دائمي طور تي هو. هو زمين تي هڪ ڪمزور ڇوڪري
جي حيثيت ۾ ڪريو هو پر هو هاڻي هڪ مضبوط کيڏار
وانگر اٿيو هو. هن، هـُـن حقيقت کي پنهنجي وجداني
ڪيفيت سان ساڳي وقت سمجهي ورتو هو، هيءَ گهڙي
اليوشا، پوءِ پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ وساري نه
سگهيو.
هو پوءِ چوندو هو ته ”ان وقت ڪنهن منهنجي روح سان
ملاقات ڪئي هئي.“ اِيئن چوندي، منجهانئس ان عقيدي
بابت پورو پورو يقين ظاهر ٿيندو هو.
ٽن ڏينهن کان پوءِ، هو پنهنجي مربي جي چوڻ موجب
مڙهيءَ کي ڇڏي ويو، جنهن کيس اجازت ڏني هئي ته، ”
ٿوري وقت لاءِ دنيا ۾ وڃي قيام ڪر.“
dc |