سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ٻيو

صفحو :4

حصو ٻيو

 

ڏک

 

ڀري

 

محفل

 

باب پهريون

خانقاه ۾ آمد

اُهو آگسٽ جو پويون گرم ۽ صاف ڏينهن هو. مربيءَ سان ملاقات جو وقت اٽڪل ساڍي يارهين بجي، عبادت کان پوءِ مقرر ٿيل هو. اسان جي مهمانن عبادت ۾ حصو ڪونه ورتو، پر جيئن ئي اها پوري ٿي، ته هـُـو اَچي سهڙيا. پهريائين هڪ کليل شاندار گاڏي، جنهن ۾ قيمتي گهوڙا جوٽيل هئا، سا اَچي پهتي. گاڏيءَ ۾ موُسيوف ۽ سندس پرانهون عزيز - جو ويهن ورهين جو ٿي لڳو - سي ويٺا هئا. اُهو جوان، جنهن کي پيٽر فوميچ ڪلگنوف ٿي سڏيائون، ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تياريون ٿي ڪيون. موسيوف، جنهن سان هـُـو في الحال رهيو پيو هو، سو کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ آماده ڪري رهيو هو ۽ زيورچ ياجينا جي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور ڏئي رهيو هو، پر جوان اَڃا ڪنهن فيصلي تي نه پهتو هو، اُنڪري هـُـو ساڳئي وقت بي دليو ٿي لڳو. هـُـو نهايت ئي شڪيل، مضبوط ۽ ڪي قدر قداور ٿي لڳو. سندس اکين ۾ استقلال جي جهلڪ ٿي ڏٺي. اڻ واقف ماڻهن وانگر هن به ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن کي، سواءِ ڪنهن مطلب جي گهـُـوري ٿي نهاريو. ڪڏهن خاموش ٿي رهيو ته اِها ادا بيهودگيءَ جي حد تائين ٿي پهتي. وري جڏهن، هن ڪنهن سان اَڪيلو ٿي ڳالهايو ته سندس گفتگو ڄڻ ته سندس وات مان وهندي ٿي ويئي. سڀ ڪنهن ڳالهه تي وٺي ٿي کليو. سندس  اِها زنده دلي، ايترو جلد ختم ٿي پئي وئي، جيترو اُها جلد نمودار پئي ٿي. هـُـو خوش نظر ٿي آيو ۽ نهايت عمدو لباس پهريل هوس. کيس پنهنجو چڱو ئي ورثو هو ۽ اَڃا به وڌيڪ ملڻ جي اُميد هيس. اِليوشا جي صادق دوستن مان هو.

موسيوف جي گاڏي کان گهڻو پوءِ، هڪ پراڻي، ڀاڙي جي گاڏي جهاڪا کائيندي ٿي آئي، جنهن کي ٻن هلڪي ناسي رنگ جي گهوڙن ٿي ڇڪيو. اِن گاڏيءَ ۾ فيودور  پاولووچ ۽ سندس پـُـٽ ايون ويٺل هئا. دمتري اَڃا به ظاهر نه ٿيو هو، جيتوڻيڪ کيس، گذريل شام جي وقت کان واقف ڪيو ويو هو. مهمانن پنهنجون گاڏيون، هڪ هوٽل جي ڀرسان ڇڏيون، جو ٻي رستي جي ٻي طرف تائين نظر ٿي آيو. هـُـو پاڻ پيادل خانقاه ڏي ويا. فيودور  پاولووچ کانسواءِ، ٻي ڪنهن به خانقاه ڪانه ڏٺي هئي. موسيوف ته ٽيهن سالن کان، ڪڏهن منجهس پير ئي نه پاتو هو. ڪليسا ”گهرو جاين کان سوا“، جي نهايت ساديون عمارتون هيون، کيس خانقاه جي اندر، ٻي ڪابه دلچسپي جي شيءِ نظر نه ٿي آئي. ڪي مٿي اُگهاڙا ايمان وارا، جي هوا ۾ صليب جي نشاني کي ڪـَـڍي رهيا هئا، ڪليسا کان نڪري رهيا هئا. اُنهن غريبن ۾، ڪي ٿورا چڱي طبقي جا ماڻهو، ٻه يا ٽي عورتون ۽ هڪ پوڙهو جنرل ٿي نظر آيو. هي سڀ خانقاه جي ڀرواري مهمان خاني ۾ ترسيا. بي ڀؤ فقيرن جي فوج کين وڪوڙي وئي پر ڪنهن به شخص کين ڪجهه به نه ڏنو. مگر ڪلگنوف - جنهن کيسي مان هڪ نوٽ ڪڍيو ۽ ٿورو گهٻرائجي ۽ پريشان ٿي، خدا ڄاڻي الائجي ڇو، تڪڙوتڪڙو هڪ ٻـُـڍي زال کي ڏئي چيو، ته وڃي ورهائي کڻو. سندس ساٿين مان ڪنهن به هن ڏي ڌيان نه ڏنو، اُنڪري گهٻرائڻ جو ڪوبه سبب نه هو، مگر هـُـو، اِهو ڏسي، وڌيڪ گهٻرائڻ لڳو.

هنن جي اَچڻ جي پڪ ته ڪنهن کي ڪانه هئي، مگر ساڳئي وقت اِها به عجب جهڙي ڳالهه هئي جو هنن جي استقبال لاءِ ڪوبه بندوبست ڪيل ڪونه هو. هنن ۾ جيتوڻيڪ هڪ اهڙو ماڻهو به هو، جنهن تازو هڪ هزار روبل ڪليسا کي خيرات ۾ ڏنا هئا. ٻيو وري اُهو هو، جو ڪافي مالدار ۽ هڪ مهذب زميندار هو ۽ ماهي گيريءَ جي حق رکڻ سبب، خانقاه وارا سندس محتاج هئا. اُن هوندي به ڪو خاص مقرر ڪيل معزز ماڻهو، ساڻن ڪونه اَچي مليو.

موسيوف بي پرواهيءَ سان اُنهن قبرن جي ڪتبن کي ڏسندو رهيو، جي ڪليسا جي چوگرد پکڙيا پيا هئا. هـُـو ايتري چوڻ لاءِ بلڪل تيار هو، ته هنن مرڻ وارن ڪي خاصا پيسا ڏئي، هن پاڪ زمين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ حاصل ڪئي هوندي. مگر هـُـو رڪجي ويو. سندس آزاد طنز غصي ۾ بدلجي وئي. اوچتو هوريان هوريان پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو:

” اُهو ڪهڙو ابليس آهي، جنهن هـِـن ناڪاره جڳهه لاءِ ٿي پڇائون ڪيون؟ اسان کي ان جو پتو ڪڍڻ کپي، ڇو ته وقت گذرندو ٿو وڃي!“

اوچتو ئي اوچتو هڪ گنجو ۽ وڻندڙ اکين وارو ٻـُـڍو ماڻهو  اَچي ظاهر ٿيو. کيس پيرن تائين ڊگهو ڪوٽ پهريل هو. پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاهي، پيار ڀري نوع ۾پنهنجي واقفيت ڪرائيندي ٻـُـڌايائين، ته هـُـو ميڪسيموف تلاءِ جو زميندار آهي. هـُـو هڪدم اسان جي مهمانن جي رهنمائي لاءِ تيار ٿي ويو.

”فادر زوسيما، هتان کان اٽڪل چئن سون قدمن جي پنڌ تي، جهنگ جي ٻئي طرف، پنهنجي حجري ۾ رهندو آهي.“

”اِها مون کي خبر  آهي ته هـُـو جهنگ جي ٻئي پاسي رهندو آهي“. فيودور  پاولووچ گهري نظر سان کيس ڏسندي چيو. ”پر جيئن ته ڪيتري عرصي کان هت اسان جو اَچڻ نه ٿيو آهي، انڪري اسان رستو ڀلجي ويا آهيون.“

(1) ”هن رستي کان، هن دروازي کان ۽ سڌو ئي سڌو جهنگ کان، مون سان گڏجي هلو ته مان اوهان کي ڏيکاريان، مون کي به اوڏانهن وڃڻو آهي، اِجهو هـِـن رستي کان ...... بلڪل اِنهيءَ رستي کان.“

هـُـو دروازي کان ٻاهر نڪتا ۽ جهنگ ڏانهن ڦري هلڻ لڳا. سٺ سالن جو پوڙهو ميڪسيموف، هلڻ جي بدران ڊوڙي رهيو هو ۽ عجيب حيراني ۽ گهٻراهٽ مان هر هر کين مـُـڙي نهاري رهيو هو ۽ اِيئن ٿي لڳو، ته سندس اکيون ڄڻ ته مٿي مان ٻاهر نڪري ڏسي رهيون هيون.

موسيوف نهايت ڳنڀير ٿي چيو، ”اسان مربيءَ وٽ پنهنجي ڪنهن خاص ڪم جي خاطر آيا آهيون.هن برگزيده شخصيت، اسان کي ملاقات جي لاءِ وقت ڏنو آهي. اِنڪري جيتوڻيڪ اسان تنهنجا ٿورائتا آهيون جو تو اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، پر اسان توکي وٺي هلي ڪين سگهنداسين.“

”مان اُتي ئي هوس. مان پهريائين اُن شهسوار وٽ هو س.“ ميڪسيموف پنهنجون آڱريون هوا ۾ ٽيڙي ڇڏيون.

موسيوف کانئس پڇيو، ”اِهو شهسوار ڪير آهي؟“

”مربي، شاندار مربي! خانقاه جي شان ۽ عظمت جو مالڪ، اَملهه ماڻڪ! پر هـُـن جي بي تـُـڪي ۽ ناموافق گفتگوءَ کي هڪ پـِـيلي، نٻل ۽ وچولي قد واري راهب اَچي ختم ڪيو. کيس راهبن واري ٽوپي پيل هئي ۽ هو کين اَچي مليو. پاولووچ ۽ موسيوف اُتي ئي بيهي رهيا.

راهب نهايت ئي فضيلت ۽ انتهائي اَدب سان جهڪندي چيو ته ”اسان جي برگزيده مربي، اوهان سڀني کي مانيءَ تي مدعو ڪيو آهي. قريباً هڪ بجي مهل، جڏهن اوهان سندس حجري کان ٻاهر نڪرنداءِ، هن ميڪسيموف ڏي نهاري چيو، ته ”توکي به“.

دعوت تي فيودور  پاولووچ، خـُـوشنوديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ”مان هن کي قبول ڪريان ٿو ۽ سڀني واعدو ڪيو آهي ته هـِـت نهايت ئي بهترين روش اختيار ڪنداسون. پيٽرو اليگزينڊرووچ تون به هلندين؟“

”بلڪل، مان هت آيو ئي اِن خيال کان آهيان، ته جيئن هتان جي سمورين ريتن ۽ رسمن کان واقف ٿيان. منهنجي لاءِ، فقط هڪ ئي رُڪاوٽ آهي، ته تون مون سان گڏ آهين“.

”سچ دمتري فيودور  پاولووچ اَڃا ته ظاهر ڪونه ٿيو آهي.“

”اِها نهايت خراب ڳالهه ٿيندي، جيڪڏهن هـُـو نه آيو. توکي خبر آهي ته مون کي سندس ڪي سموريون عادتون ٿوروئي وڻنديون آهن ۽ سوبه توسان گڏ!“ هـُـن راهب ڏي منهن ڪري چيو ”اَسان مانيءَ تي حاضر ٿينداسون، بزرگ مربيءَ جي وڏي مهرباني.“

”اِهو منهنجو هينئر فرض آهي، ته مان توهان کي مربيءَ ڏانهن وٺي هلان. “

راهب چيو.

اُن وقت ميڪسيموف بڙ بڙ ڪندي چيو “ته پوءِ مان سڌو ئي بزرگ ڏانهن وڃان ٿو.“

“بزرگ ٿورو مصروف آهي - پر جيڪا اوهان جي مرضي،“ راهب هٻڪندي چيو. “پوڙهو گستاخ”، موسيوف جي زبان کان نڪري ويو. هوڏانهن ميڪسيموف خانقاه ڏانهن ڊوڙندو ويو.

 ”جهڙو فان زومان“، فيودور  پاولووچ اَچانڪ چئي ويٺو.

 ”هن کان سواءِ، ٻي تو وٽ ڪا مطلب جي ڳالهه ئي نه هئي، جو ڳالهائين ها. ڪهڙي ريت تون هن کي فان زومان جهڙو ٿو سمجهين؟ تو کيس ڏٺو به نه هو!“

 ”مون اُن جي تصوير کي ڏٺو آهي، اُن قيافي سان، جو فان زومان جي لاءِ اٿم، هي به اُن جهڙوئي آهي. مان هميشه ماڻهن کي، سندن شڪل ۽ قيافي مان سڃاڻندو آهيان“.

 ”اِهو ته مان بلڪل پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته توکي اُن جي ڪابه سـُـڃاڻ نه آهي، پر فيودور  پاولووچ، توکي ايترو ته خيال ڪرڻ گهرجي ته تو اَڃا هاڻي چيو آهي، ته هتي اسان فضيلت سان ملڻ جو اقرار ڪيو آهي. توکي اهو وسارڻ نه گهرجي. مان توکي صلاح ٿو ڏيان، ته پاڻ کي ضابطي ۾ رک، پر جيڪڏهن تو بيوقوفي ڏيکارڻ شروع ڪئي، ته مان توکي پاڻ سان گڏ رکي نه سگهندس.“ هن پوءِ راهب ڏي نهاريندي چيو ته “عجيب ماڻهو آهي. مون کي ته اهڙي ماڻهوءَ سان گڏجي، مهذب ماڻهن وٽ ويندي ڊپ پيو لڳي.“

هڪ دلڪش مـُـرڪ، جا عياريءَ کان خالي نه هئي، راهب جي چهري تي پکڙجي وئي، پر هـُـو پنهنجي مرتبي ۽ منصب جي خيال کان خاموش رهيو. هي ڏسي موسيوف اَڃا به خفي ٿي ويو.

موسيوف دل ۾ سوچڻ لڳو ته  ”مان ته ايئن چاهيان ٿو، ته هنن ماڻهن جي بدن تي سر ئي نه هجي.هنن جي دلين ۾ فريب ۽ رياڪاري کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. صدين کان جنهن جي نمائش ٿيندي رهي آهي. هي فقط ڍونگ آهي ۽ اندران کوکلو ئي کوکلو“.

 ”اجها هيءَ آهي جهوپڙي، اسان پهچي وياسون“ فيودور پاولووچ  رڙ ڪري چيو.

 ”هي حجرا ته  آهن پر اُنهن جا دروازا ته بند آهن.“

اُن وقت هن صليب ڏانهن اشارو ڪيو، جو دروازي جي مٿان ۽ سندس ٻنهي پاسن تي نقش ٿيل هو.

 ”جهڙو ديس تهڙو ويس، هن جهوپڙيءَ ۾ اٽڪل پنجويهه کن پادري رهن ٿا. هـُـو فقط هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا رهندا آهن ۽ گوبي جي پنن جي غذا کائيندا رهندا آهن. پنهنجي قلب جي صفائيءَ ۾ مشغول آهن ۽ نجات جي راهه کي ڳوليندا رهن ٿا. عجب ته هيءُ آهي جو ڪنهن به عورت کي هيءَ طاقت نه آهي، ته هن چانئٺ کان اڳتي پير پائي سگهي. اَلائجي هيءُ سچ آهي يا ڪوڙ، ٻڌو اٿم ته زوسيما، زالن کي پنهنجي حضور ۾ اَچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي؟“ هـُـو اوچتو راهب کي چئي ويٺو.

 ”عورتون ته اَڃا به هت آهن، اِجهو هـُـن ڇـَـپري ۾ ويٺيون آهن، معزز خاندان جي عورتن لاءِ ٻه ڪمرا ڇـَـپري جي ڀرسان ٺهيل آهن پر اُهي آهن احاطي کان ٻاهر. هـُـو دريون ڏسو ٿا. مربي هنن ڏانهن هڪ ننڍڙي رستي کان ويندو آهي، سو به تڏهن، جڏهن خوش هوندو آهي. هـُـو هميشه احاطي کان ٻاهر هونديون آهن. اِتي اڄ ڪلهه ليڊي هارڪوف ۽ ميڊم هارڪوف پنهنجي بيمار ڌيءَ سان رهيل آهن. شايد ساڻن ملڻ جو واعدو ڪيو اَٿائين. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيتري عرصي کان ڪمزور آهي ۽ مشڪل سان، ماڻهن سان ملي ٿو“

 ”ته پوءِ چئبو ته ڪي بهانا مڙيوئي آهن. جهوپڙي کان رڙهندو زالن تائين پهچندو هوندو. ايئن نه سمجهه ته مان ڪو اوهان کي نقصان ٿو پهچائڻ گهران. توکي خبر آهي ته ايٿاس ۾ نه رڳو عورتون نه ٿيون وڃي سگهن، بلڪ ڪنهن به اُن جنس کي، جا اُن سان مشابهت رکي ٿي، اُتي وڃڻ جي مـجال نه آهي - نه ڪـُـڪڙ نه ڳئون وغيره.“

 ”فيودور پاولووچ!  مان وري به توکي خبردار ٿو ڪريان ته مان توکي اَڪيلو ڇڏي پٺتي موٽي ويندوسان“. جي مان نه هوندس، ته هي توکي اَچڻ به نه ڏيندا.“  

 ”پر پيٽر اليگزينڊروچ مان تنهنجي ڳالهين ۾ ته ڪوبه دخل نه ٿو ڏيان“. هـُـن احاطي ۾ پير رکندي چيو،  ”ڪهڙي نه مزي ۾ آهن جو سهڻن ۽ گهاٽن گلاب جي جهڳٽن ۾ رهيا پيا آهن“.

اُن زماني ۾ گلاب جا گـُـل ڪونه هئا، پر اُنهن جي جاءِ تي عمدا ۽ سهڻا سرءُ جا گـُـل هر جڳهه تي ڦـُـٽي نڪتا هئا. اُنهن گلن تي ڏاڍي محنت ٿيل هئي. ڪليسا، قبرن ۽ ڪاٺ جي هڪ منزلي جڳهه، جنهن ۾ مربي رهندو هو. اُن جي چوگرد پکڙجي ويا هئا.

 ”اڳئين مربي وارسونوف جي وقت ۾ به ايئن ئي ٿيندو هو، ڪيئن؟ کيس ته اهڙي نمائش جي پرواهه ڪانه هئي. چوندا آهن ته هـُـو ٽپ ڏئي لڪڻ هٿ ۾ کڻي زالن کي مارون به ڪڍندوهو.“  فيودور پاولووچ، جيئن مٿي چڙهي رهيو هو، تيئن چوندو به ٿي ويو.

 ”مربي وارسونوف ڪڏهن ڪڏهن ته عجيب ڳالهيون به ڪندو هو پر اُن ۾ اجايو وڌاءُ آهي. هـُـن ته ڪڏهن به ڪنهن کي نه ماريو هو.“  راهب چيو،  ”صاحبو! اوهان جيڪر ٿورو ترسو ته مان اوهان کي اندر سڏيان ٿو.“

 ”فيودور  پاولووچ، آخري دفعو تون پنهنجي قول کي ياد ڪر: ٻـُـڌين ٿو پنهنجي روش کي سنڀال يا مان توکي اُن جو بدلو ڏيندس.“  موسيوف کي وري به ايئن چوڻو پيو.

 ”منهنجي سمجهه ۾ نه ٿو اَچي ته تون ڇو ايترو خفا ٿو ٿئين؟“  فيودور پاولووچ کيس طنز ۾ چيو،  ”پنهنجي گناهن کان شرمسار آهين ڇا؟“  چون ٿا ته هيءُ ماڻهن جي اکين ۾ نهاري، ٻـُـڌائي سگهي ٿو، ته هـُـو ڪهڙي مقصد سان آيو آهي؟ تون وري پنهنجي دل ۾، هنن لاءِ ڪهڙي راءِ ٿو رکين. مون کي ته توتي ڏک ٿو ٿئي“.

موسيوف وٽ ايترو وقت ڪونه هو، هـُـو اُن طعني جو ڪو جواب ڏئي. کين اندر اَچڻ لاءِ ڪوٺيو ويو هو. هـُـو ٿورو خفگيءَ سان اندر گهڙيو.

 ”مان سمجهان ٿو ته مان هينئر زياده خفا ٿيو آهيان. جيڪڏهن طبعيت ۾ اَڃا به خفگي رهي ته پوءِ ممڪن آهي، ته مان هن سان وڙهي پوان. پوءِ مان ڪٿان جو رهندس ۽ منهنجا اِرادا ڪٿي؟“  هـُـو سوچڻ لڳو.

 

 

 

 

dc

باب ٻيو

پوڙهو مسخرو

هـُـو سڀئي هڪ ئي وقت ڪمري ۾ داخل ٿيا، ۽ هوڏانهن مربي، اُن ئي گهڙي پنهنجي سمهڻ واري ڪمري کان اندر لنگهي آيو. ڪوٺڙيءَ ۾ اڳيئي ٻه راهب مربيءَ جي انتظار ۾ ويٺل هئا: اُنهن مان هڪڙو فادر لئبررين هو ۽ ٻيو فادر پيسي، جن مان فادر پيسي هڪ عالم ۽ ڪامل شخص هو. هـُـو جيتوڻيڪ ضعيف ٿي لڳو، مگر پوڙهو نه هو. هڪ ٻيو ماڻهو به اُتي موجود هو. هـُـو قدآور ۽ اَٽڪل ايڪيهن سالن جو ٿي لڳو. هـُـو ملاقات دوران هڪ ڪنڊ ۾ بيٺو رهيو. کـُـليل ۽ ٻهڪندڙ چهرو، چالاڪ، فڪر مند ۽ ننڍڙين اکين وارو ٿي لڳو. معمولي لباس پهريل هئس. سندس پرورش خانقاه جي ذمي هئي. هـُـو مذهبي سائنس جو طالب علم هو. سندس ڳالهائڻ جو طريقو ڪنهن به شبهي کان خالي هو، جنهن مان ڀـَـل مانسائي ۽ شرافت پئي ظاهر ٿي. هـُـن مهمانن جو، نه ته ڪو احترام بجا آندو ۽ نه وري نوڙي ڪو سلام ڪيو. اِهو شايد اِن ڪري هو، جو سندس حيثيت، هڪ ماتحت ۽ محتاج واري هئي ۽ ٻين سان ڪابه برابري رکندڙ نه هو.

فادر زوسيما، هڪ نئين راهب ۽ اليوشا سان گڏ هو. اُهي ٻئي اُٿي بيٺا ۽ نهايت اَدب ۽ احترام سان نـِـوڙي سلام ڪيائون. اُن کان پوءِ ٻنهي آڱرين سان زمين کي ڇـُـهي، سندس هٿ چميائون. مربي به ساڳي ئي تعظيم ۽ تڪريم جو اظهار ڪيو ۽ کين گهڻيون ئي دُعائون ڪيائون. اِها سموري رسم نهايت سنجيدگيءَ سان ٿي گـُـذري، جنهن مان هڪ اهڙي جذبات ٿي ڏٺي جا عام رواجي رسمن ۾ ڪانه ڏسبي  آهي. موسيوف جو خيال هو، ته اُن کي ڄاڻي واڻي مؤثر بڻايو ويو هو. هـُـو سڀني مهمانن جي اڳيان اَچي بيٺو. موسيوف اڳئين شام، هن ڳالهه جو ذڪر ڪري چـُـڪو هو، ته کيس مربيءَ جون دعائون وٺڻيون ئي پونديون، ڇو ته اِها اُتان جي رسم هئي، پوءِ کڻي هـُـو هٿ نه به چمي. پر جڏهن هـُـن ڏٺو ته پادري سندس اڳيان جهڪي رهيا آهن ۽ هٿ چمي رهيا آهن تڏهن، هـُـن جي دل ۾ هڪدم ڦيرو اَچي ويو. هـُـو شانائتي نموني، سنجيدگيءَ ۽ نهايت ئي خلوص سان وڃي هن جي اڳيان رسمي طور جهڪيو ۽ ڪـُـرسيءَ کان سري پاسي ٿيو. فيودور  پاولووچ پڻ موسيوف جي ڀولڙي وانگر  پيروي ڪئي. اِيون نهايت ئي شاندار ۽ مروت سان جهـُـڪيو، پر سندس هـَـٿ پٺيان ئي رهيا. ڪلگنوف ته ايترو وائڙو ٿي ويو هو، جو کانئس سر نوائڻ ئي وسري ويو. مربي دعا لاءِ جي هٿ کنيا هئا، سي هيٺ لاهي ڇڏيا. هڪ ڀيرو وري سڀني جي اڳيان هـُـن جهڪڻ کان پوءِ کين ويهڻ جو اشارو ڪيو. اِليوشا جا ڳل ڳاڙها ٿي ويا. کيس گهڻي پريشاني ٿيڻ لڳي. سندس اڳڪٿي صحيح نڪري رهي هئي.

فادر زوسيما، هڪ پراڻي فيشن واري ڪوچ تي، جو چمڙي سان ڍڪيل هو، تنهن تي ٺهي ويٺو ۽ ٻين سڀني کي سامهون ڀت سان پيل بدزيبي چمڙي سان ٺهيل چار ڪرسيون پيش ڪيون ويون. راهبن مان هڪ در وٽ ٿي ويٺو ۽ ٻيو وري دريءَ وٽ. مذهبي طالب علم، نوان راهب ۽ اِليوشا بيٺا ئي رهيا. ڪوٺڙي ڪا وڏي به ڪانه هئي، نهايت خسته حالت ۾ بي رنگي ٿي لڳي. منجهس ضروري سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پيل ڪونه هو. سامان پڻ نهايت ئي غليظ ۽ رَدي قسم جو هو. دريءَ ۾ گـُـلن جون ڪونڊيون رکيل هيون، ۽ ڪنڊ ۾ ڪيتريون ئي بي ترتيب مقدس تصويرون پيل هيون. اُنهن جي اڳيان (حضرت) بي بي مريم جي تصوير رکيل هئي، جنهن جي سامهون بتي ٻـَـري رهي هئي. اُن جي ڀرسان ئي ٻه ٻيون مقدس تصويرون، عمدي نموني سان سينگاريل، لـَـٽڪي رهيون هيون. هنن کان پوءِ ڪن فرشتن جون نقش ڪيل صورتون هيون، چيني ڪـُـڪڙ جا بيضا هئا ۽ عاج جو ڪئٿولڪ صليب هو، جنهن کي ماسٽر ڊولور سيا، ڀاڪر پايون بيٺو هو. انهن کان سواءِ ڪيتريون ڀـَـرت ڀريل شيون رکيل هيون، جن کي اڳين اٽلي جي صنعتڪارن بڻايو هو. اِنهن قيمتي ۽ فني شاهڪارن کان سواءِ ڪيترائي نقش هئا، جن ۾ درويش ۽ شهيد ڏيکاريل هئا، پر هي معمولي قسم جا نقش هئا، جي عام طرح ميلن ۾ وڪامندا  آهن. ٻي ديوار تي روس جي اڳين ۽ پوين پادرين جون تصويرون ٽنگيل هيون.

موسيوف اُن روايتي سجاوٽ تي سرسري نظر وڌي ۽ اُن سان گڏ مربيءَ تي به کيس پنهنجي لاءِ، نهايت ئي بلند خيال هو، اُها ڪمزوري جا معاف ڪري نه ٿي سگهجي. هـُـو پنجاهه سالن جو هو - اِها عمر اُها آهي، جنهن ۾هڪ جهانديدو، چالاڪ ماڻهو ۽ هڪ خاص حيثيت جو مالڪ، مشڪل سان سنجيدگي اختيار ڪندو آهي. شروع ۾ زوسيما کيس پسند ڪونه آيو. مربيءَ جو چهرو، سچ پچ ته اهڙو هيو جو موسيوف ته ڇڏيو، پر ڪيترن ئي اُن کي شايد پسند نه به ڪيو هجي. هو قد جو بندرو ۽ ڪمزور ٽنگن وارو ٿي لڳو. هـُـو پنجهٺ ورهين جو هو، پر عمر ۾ اَڃا به اُن کان ڪي قدر وڏو ٿي ڏٺو. سندس چهرو سوڙهو ۽ گهنجن سان سڄو جهنجهيل هو. گهنج خاص طرح سندس اکين جي چوڌاري پکڙيل هئا. سندن اکيون ننڍيون، سفيد پر تيز ۽ ٻن نقطن وانگر چمڪنديون رهيون. سندس ٻنهي ڪلهن تي سفيد وار ٿي لـَـڙڪيا. سندس نوڪدار ڏاڙهي ٿوري ۽ ننڍڙي هئي. سندس چـَـپ، جي هر هر کـِـلڻ تي ٿي کـُـليا، سي ڏاڍا سهڻا هئا، جهڙا ٻه ڌاڳا. سندس نڪ اُوچو نه هو، پر پکيءَ جي چهنب وانگر تيز ٿي ڏٺو.

موسيوف پاڻ سان ڀڻڪيو:

 ”اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماڻهو بدخواهه ۽ اَجائي گهمنڊ وارو ٿو نظر اَچي.“

هن کيس بنهه ناپسند ٿي ڪيو.

ڀت تي جو سـَـستي رقم جو گهڙيال لڳل هو، تنهن تڪڙا تڪڙا ٻارنهن وڄايا ۽ گفتگوءَ جي شروع ٿيڻ جو اعلان ڏنو.

فيودور  پاولووچ رڙ ڪري چيو ته:

 ”اسان جو وقت  ٿي ويو آهي، پر منهنجي پـُـٽ دمتري جو ته ڪو به نشان ڪونه آهي. مقدس پيءُ! مان اُن لاءِ شرمسار آهيان.“

اِليوشا، مـُـقدس پيءُ تي هڪدم ڇرڪ ڀريو.

 ”مان ايترو ته وقت جو پابند آهيان، جو منٽ منٽ جو خيال ڪندو آهيان، وقت جي پابندي، اَميرن جو شانُ آهي.“  هـُـو چوندو ويو.

 ”پر تون ته ڪنهن به طرح اَمير ڪونه آهين.“  موسيوف پاڻ کي روڪڻ کان سواءِ چئي ويٺو.

 ”اِهو سچ آهي ته مان اَمير نه آهيان، پر پيٽراليگزينڊروچ، جي تون اعتبار ڪرين، ته اِهو مون به ڄاتو ٿي، پر مان هميشه غلط ئي ڳالهائيندو آهيان، دوست!“

اُن کان پوءِ زوسيما ڏي منهن ڪري نهايت اَثر واري آواز ۾ چيو ته:

 ”اي مقدس انسان! اوهان جي سامهون هي مسخرو بيٺو آهي. مان خود هيءَ اعتراف ٿو ڪريان، ته اها منهنجي پراڻي عادت آهي. مان پاڻ کي هميشه ايئن ئي پيش ڪندو آهيان. افسوس! پر جيڪڏهن مان ڪنهن وقت احمقانه ڳالهائيندو آهيان ته اُهو مقصد کان خالي نه هوندو آهي. مقصد ماڻهن کي وندرائڻ ئي هوندو اٿم ۽ پاڻ کي پسند ڪرائڻ. سڀ ڪنهن کي خوشگوار ۽ پسنديده ئي بڻجڻ گهرجي. ڪيئن؟“  

اٽڪل سـَـت سال اڳ، مان هڪ شهر ۾، ڪنهن ڌنڌي جي سلسلي ۾ رهندو هوس. اُتي ڪي واپاري منهنجا دوست بڻجي ويا. اُتي  پوليس جي هڪ وڏي آفيسر وٽ ڪنهن ڪم سانگي وياسون. ڪم کان سواءِ، کيس کاڌي جي دعوت به ڏيڻي هئي. هـُـو قدرآور، ٿلهو، شڪيل، ترش رُو ۽ مذاقيه ڳالهين کي ناپسند ڪندڙ هو.هـُـو وڏي دل ۽ جگر وارو مڙس هو. مان سـِـڌو وٽس لنگهي ويس. نهايت ئي آرام ۽ اطمينان سان، جيئن دنيا جو طريقو ٿئي ٿو، کيس  چيم،  ”مسٽر اسپروفنڪ! اوهان اسان جو نئپروفنڪ ٿيندا؟“  هن غصي مان چيو ته  ”ڇا ٿو چئين، سپروفنڪ مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“  مان پهرئين اَڌ سيڪنڊ ۾ محسوس ڪيو، ته وارو پوري نشان تي ڪونه ويٺو آهي. هـُـو خار مان اُٿي بيٺو.  ”مون ته اوهان سان مذاق ٿي ڪيو.“  سمجهائيندي چيومانس  ”عام طرح تفريح جي لاءِ، جيئن مسٽر نئپروفنڪ روس جي مشهور سازندي جي پيروي ڪئي ويندي آهي، اِهڙيءَ ريت اسان هم آهنگي جي لاءِ اوهان کي ساز جو رهبر سمجهي پيروي ڪنداسون. مون ٻنهي جي ڀيٽ نهايت ئي عمدن لفظن ۾ ڪئي. ڪيئن ايئن آهي نه؟

 ”معاف ڪجو!“  هن چيو  ”مان اسپروفنڪ ته آهيان پر پنهنجي نالي سان هن قسم جو ابهام مون کي ڪين وڻندو آهي. هـُـو پٺي ڏئي هليو ويو. مان رڙيون ڪندو، سندس  پٺيان ويس.

 ”هائو، هائو، اوهان اسپروفنڪ آهيو، نه نئپروفنڪ!“

 ”پر جيئن ته تو مون کي نئپروفنڪ سڏيو آهي، انڪري تنهنجو ڪجهه به نه مڃيندس.“

 ”اوهان کي شايد يقين نه اَچي، انڪري اَسان کي ڌنڌي ۾ سخت نقصان سـَـهڻو پيو. مان هميشه ايئن ئي ايئن آهيان. مان پنهنجي نرميءَ  سان پاڻ کي هميشه نقصان پهچائيندو رهيو آهيان. گهڻن سالن جي ڳالهه آهي، هڪ ڀيري مان هڪ هلنديءَ پڄنديءَ واري صاحب کي چيو  ”اوهان جي زال ڏاڍي ڪتڪائي رکندڙ آهي.“  مون هي سڀ ڪجهه اخلاقي حدن کي خيال ۾ رکي، نهايت ئي احترام سان چيو هو. هـُـو بگڙجي پيو ۽ پڇيائين ته  ”پر تو هـُـن کي ڪتڪائي ڪئي ڇو هئي؟“  مان هن چوڻ کان رهي نه سگهيس ته،  ”اِيئن برابر آهي“. هـُـن مون کي اُتي جو اُتي ڪتڪائي ڪرائي. هن ڳالهه کي جيئن ته ڪافي عرصو گذري چـُـڪو آهي، اِنڪري مون کي اهو ٻڌائيندي شرم ڪونه ٿو ٿئي، مون پاڻ کي اهڙيءَ ريت، هميشه پئي نقصان رسايو آهي.“

موسيوف بـَـڙ بـَـڙ ڪري کيس  چوڻ لڳو ته،  ”هاڻي به تون ايئن ئي ڪرڻ گهرين ٿو“. فادر زوسيما ٻنهي کي خاموش مگر غور سان ڏٺو.

 ”سچ پچ، اعتبار ڪندين! مون اِهو ڄاتو پئي. پيٽر اليگزينڊروچ! مون اڳ ۾ ئي اِن جو اَندازو لڳايو هو. مون جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته اِها پـَـڪ هئي، ته تون ئي اُهو پهريون هوندين، جو اُن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندين. مان جيڪڏهن ڪوبه مذاق نه ٿو ڪريان ته منهنجا دوست، هن وقت مان ايئن محسوس ٿو ڪريان، ته منهنجا ٻئي ڳل، ٻنهي ڏاٺن ڏانهن ڄڻ ته ڇڪجي آيا آهن. بلڪ ايئن سمجهه ته بلڪل سيٽجي ويا آهن. ننڍپڻ کان وٺي منهنجي اِها عادت رهي  آهي. معزز گهراڻن ۾ رهندي به مان چرچا گهٻا ڪندو رهيو آهيان. مان بلڪل پراڻو پاپي آهيان. عزت ڀريا سائين! مان ڄمڻ کان وٺي اُن جي پٺيان ديوانو ۽ مست آهيان. مان جرئت سان چوان ٿو ته منهنجي اندر ۾ شيطان جو واسو آهي، پر آهي ننڍڙو! هن کان جيڪڏهن ٻيو ڪو وڏو هجي ها، ته اُهو شايد ٻئي هنڌ پنهنجي جاءِ جوڙي ها. پيٽر اليگزينڊروچ! متان ڪو خيال ٿئي، ته اِهو ڪو تنهنجو روح آهي. تنهنجو روح ته ٻنهي ۾ رهڻ جي لائق نه آهي، پر مان مڃان ٿو، مان خدا کي مڃان ٿو، جيتوڻيڪ اڳي مون کي اُن ۾ شڪ هو، پر هاڻي مان ويهي انتظار سان دانائيءَ جون ڳالهيون ٻـُـڌڻ ٿو گهران، فلسفي ڊڊراٽ وانگر. مقدس پيءُ، اوهان ٻڌو آهي، ته ڪيئن راڻي ڪئٿرائين جي زماني ۾ ڊڊراٽ، ميٽروپوليٽن پليٽو کي ڏسڻ لاءِ ويو هو. سڌوئي سڌو وڃي اُتي پهتو ۽ چيائين،  ”خدا ڪونه آهي.“  تنهن تي وڏي پادريءَ آڱر کڻي چيو ته  ”احمق ئي پنهنجي دل ۾ چوندو آهي ته خدا ڪونه آهي.“  اُتي جو اُتي هـُـو سندس پيرن تي ڪـِـري پيو. هـُـن رڙ ڪري چيو ته  ”مان مڃان ٿو ۽ مان عيسائي ٿيندس.“  اهڙي ريت هـُـو عيسائي بڻيو. شهزادي دشڪاف سندس دين جي ماءُ بڻي ۽ پوٽيومڪين سندس ويٽ جو پيءُ.

موسيوف ڏاڍي تحمل سان پنهنجي ڪاوڙ تي قبضو ٿي ڪيو. لرزندڙ آواز ۾ چيائين،  ”فيودور  پاولوچ! اِهو سهڻ کان ٻاهر آهي، ته تون سڀ ڪجهه ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين. اِها حقيقت نه آهي، ته تون واهيات قصا ويٺو ڪرين. تو بيوقوفن واري روش ڇو اختيار ڪئي آهي؟“

 ”سڄي حياتي اُن تي شڪ ڪندو رهيس ته اِهو سچ نه  آهي“. فيودور پاولوچ بلڪل ڪامل يقين سان چيو.  ”پر سائين مان توهان کي سچي ۽ صحيح حقيقت ٿو ٻـُـڌايان. عظيم مربي! مون کي معاف ڪجو. ڊڊراٽ جي عيسائي ٿيڻ متعلق جيڪا مون پوئين ڳالهه ٻـُـڌائي آهي، اُها اِجهو هينئر گهـَـڙي اٿم. مون اُتي پهريائين ئي غور ئي نه ڪيو هو. مون اِها، ان ڪري گهڙي آهي ته جيئن تـُـرشي ۾ ڪجهه اضافو ٿئي. پيٽر اليگزينڊرووچ، مان بيوقوف اِنڪري بڻجي رهيو آهيان جيئن تون پسنديده بڻجين. مان جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ڪندو آهيان، ته آخر مان اِهو سڀ ڪجهه ڇا لاءِ ڪري رهيو آهيان. مان گهٽ ۾ گهٽ ويهارو ڀيرا، پنهنجي جواني ۾، شريفن کان ايترو ضرور ٻـُـڌي چـُـڪو آهيان، ته  ’بيوقوف پنهنجيءَ دل مان ڳالهايو آهي.‘ مان اِهو قصو تنهنجي چاچي کان ٻـُـڌو آهي. اُنهن کي اَڃا تائين اِهو يقين آهي ته ملحد ڊڊراٽ، خدا متعلق ميٽروپوليٽن ۾ پلاٽن سان بحث ۽ تڪرار ڪيو هو.“

موسيوف بي صبريءَ ۾ پاڻ کي وساري ويٺو ۽ اُٿي کڙو ٿيو. هـُـو نهايت غضبناڪ ٿي لڳو. پاڻ کي کلڻ هاب بڻائڻ کان بلڪل احتياط ڪري رهيو هو.

زوسيما جي حـُـجري ۾ جو ڪجهه ٿي رهيو هو، سو وسهڻ جوڳو نه هو. گذريل چاليهه پنجاهه سالن کان، اڳين مربـُـين جي زماني کان وٺي، ڪوبه ملاقاتي اُتي اهڙو ڪونه آيو هو، جنهن کي دل ۾ عميق ۽ گهـَـري عقيدت نه هجي! اَڪثر ڪري جنهن کي به حجري ۾ اَچڻ جي اجازت هوندي هئي، سو ايئن ئي محسوس ڪندو هو، ته مٿس تمام گهڻي مهرباني ڪئي وئي آهي. اُنهن مان ڪيترائي ملاقاتي گوڏن ڀر ويٺا هوندا هئا. اُنهن ملاقات ڪندڙن ۾ ڪيتريون ته اعليٰ مرتبي واريون ۽ پڙهيل ڳڙهيل شخصيتون به هونديون هيون. اُنهن ۾ آزاد خيال ماڻهو به هوندا هئا، جي محض تعجب ۽ حيرت مان ڇڪجي ايندا هئا. اُهي پنهنجي ڪمال عزت ۽ نفاست جو اظهار نهايت خوبصورت لفظن ۾ ڪندا هئا. هتي پيسي پنجڙ جو ته ڪو سوال ئي نه هو، پر اُن جي برعڪس هڪ طرف محبت ۽ همدردي هئي، ته ٻي طرف روحانيت جي مسئلن يا نازڪ معاملن کي حل ڪرڻ جي خواهش يا آرزومندي. اِنڪري هن قسم جي هلت ڏسي، ڪيترن کي ته سچ پچ عجب ۽ حيرت ٿي وٺي وئي. راهبن جي چهرن تي ڪنهن به قسم جو ڦيرو ڪونه پيدا ٿيو هو. هــُـو هـِـن ڳالهه جو انتظار ڪرڻ لڳا، ته آخر مربي ڇا ٿو فرمائي؟ پر هـُـو به موسيوف وانگر بلڪل اُٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿي نظر آيا. اِليوشا ڪنڌ نوائي بيٺو هو. سندس اکين ۾ ڳوڙها تـَـري آيا هئا. کيس جنهن ڳالهه تي وڌيڪ عجب لڳو، سا اِها هئي، ته سندس ڀاءُ ايون، جنهن ۾ ئي هن کي اُميد هئي ۽ جو اَڪيلو پنهنجي پيءُ تي اَثر وجهي ٿي سگهيو، سو بلڪل اکيون هيٺ ڪيو، خاموش ۽ ساڪت ويٺو رهيو. ڄڻ ايئن ٿي لڳو، ته هـُـو اُن وقت جو انتظار ڪري رهيو آهي، ته اِهو سڀ ڪجهه ڪڏهن ٿو ختم ٿئي. ظاهري طرح ايئن ٿي معلوم ٿيو ته سندس هنن ڳالهين سان ڪوبه واسطو نه آهي. ريڪٽن، جو مذهبي علم جو طالب هو، ۽ جنهن کي اِليوشا چڱيءَ ريت ڄاڻندو، تنهن ڏانهن ڏسڻ جي ته همٿ ئي ڪانه پئي ٿيس. خانقاه ۾ هـُـو ئي اَڪيلو هو، جو ريڪٽن جي خيالن کان واقف هو.

 ”مون کي معاف ڪجو“، موسيوف، فادر زوسيما کي مخاطب ڪندي چيو.  ”مون خوامخواه هن شرمناڪ ۽ احمقاڻي روش ۾ حصو ورتو آهي. مون کان واقعي اِها غلطي ٿي آهي. مان ايئن ٿي سمجهيو، ته پاولووچ جهڙو ماڻهو سمجهي سگهندو، ته هڪ معزز شخصيت جي ملاقات ڪرڻ مان ڇا مطلب آهي؟ مان نه ٿي سمجهيو، ته اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ اَچڻ ڪري، مون کي ڪا معافي به وٺڻي پوندي.“  پيٽر اليگزينڊرووچ، هن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به چئي نه سگهيو ۽ حجري کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ڏٺو. ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ آهي.

 ”پاڻ کي تڪليف نه ڏيو“، مربي پنهنجي ڪمزور ٽنگن تي بيهي رهيو ۽ پيٽر اليگزينڊرووچ جي ٻنهي هٿن کي پڪڙي، کيس وري ويهڻ لاءِ چيائين. پاڻ کي ايترو پريشان نه ڪريو. مان اوهان کي خاص طرح چوان ٿو، ته منهنجا مهمان ٿيڻ قبول ڪيو“ هـُـو ڪنڌ نمائي وري وڃي پنهنجي صوفي تي ويٺو.

 ”عظيم مربي، ٻڌايو ته ڇا مان اوهان کي پنهنجي زندهه دليءَ جي باعث ڏکويو آهي؟“  پاولووچ رڙ ڪري چيو ۽ ڪرسيءَ جي ٻنهي ٻانهن کي اهڙي نموني جهلي چڙهي ويهي رهيو، ته جي موافق جواب نه هوندو ته هـُـو بنهه اُڇل سان ٽـَـپو ڏيندو.

 ”مان اوهان کي پڻ خلوص دل سان عرض ڪريان ٿو ته پاڻ کي پريشان نه ڪيو ۽ اطمينان رکو“. مربي نهايت موثر انداز ۾ چيو.  ”پاڻ کي هلاڪ نه ڪريو، اِن کان سواءِ اوهان شرمندا نه ٿيو، ڇو ته اِها سڀني جي بنيادي ڪمزوري آهي.“

 ”بلڪل آرام سان“، اِها منهنجي فطري عادت آهي. گهڻو ٿي چـُـڪو، گهڻو ٿي چـُـڪو، پر مان اُن کي خنده پيشانيءَ سان برداشت ٿو ڪريان. محترم! اوهان کي شايد خبر نه آهي، ته منهنجي فطرت کي نه ڇيڙيو وڃي ۽ پاڻ کي ڦـَـڏي ۾ نه وڌو وڃي. مان پاڻ کي ايترو ظاهر نه ڪندس، جيترو آهيان. مان اوهان کي اوهان جي ڀلي خاطر خبردار ڪري رهيو آهيان، باقي سڀ ڪجهه اَڃا شڪ ۽ شبهي جي ڪارن ڪڪرن ۾ ڍڪيل آهي، جنهن کي ٻيا منهنجي متعلق اوهان کي ٻـُـڌائيندا. منهنجو مطلب پيٽر اليگزينڊرووچ سان آهي، مگر اي پاڪ نفس! مان اوهان کي ايترو ٻـُـڌائڻ گهران ٿو، ته مان بلڪل وجد ۾ اَچي ويو آهيان.“

هـُـو اُٿي بيٺو ۽ پنهنجا ٻئي هٿ مٿي هوا ۾ اُڀا ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ته،  ”مبارڪ آهي اُهو پيٽ! جنهن اوهان کي ڄـَـڻيو آهي ۽ اُها ڇاتي، جنهن اوهان کي کير پياريو. جڏهن مون ڇاتيءَ جي ڳالهه ڪئي، ته توهان کي شرمائڻ نه گهرجي، ڇو ته اِها سڀني جي بنيادي ڪمزوري آهي، ته توهان سچ پچ سـِـڌو سـَـنواٽو منهنجيءَ دل جي گهرائين کي ڇهـُـيو آهي، مان جڏهن به ماڻهن سان مليو آهيان تڏهن پاڻ کي اُنهن کان گهٽ ئي محسوس ڪيو اٿم. هنن وري مون کي مسخرو سمجهيو آهي، اِنڪري خيال ڪيم ته ڇو نه پنهنجي مسخرائپ ڏيکاريان. مان اوهان جي راءِ کان گهٻرايان ڪونه ٿو، ڇاڪاڻ ته توهان يا توهان مان ڪوبه مون کان بهتر نه آهي. اِهوئي سبب  آهي، جو مان مسخرو  آهيان. اِهو سڀ شرم وچان آهي. عظيم مربي! شرم وچان منهنجو فسادي هئڻ اِن ڪري آهي، جو مان بيحد حساس آهيان. مون کي جيڪڏهن اِها پـَـڪ هجي ها، ته مون کي هرڪو مهربان ۽ سياڻن ماڻهن مان سمجهي ٿو، ته اي خدا! مان ڪيترو نه بهتر ماڻهو هجان ها، بهترين ڄاڻو.“

هـُـو هڪدم گوڏن ڀـر ڪـِـري پيو، ۽ چوڻ لڳو ته،  ”مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جو هڪ اَبدي حياتي نصيب ٿئي؟“

اِهو نهايت مشڪل ٿي لڳو، ته اِن ڳالهه جو فيصلو ڪري سگهجي، ته هـُـو اَڃا تائين به چرچو ڪري رهيو هو يا سچ پچ متاثر ٿيو هو.

فادر زوسيما اکيون مٿي کنيون ۽ اُن ڏانهن نهاري مشڪندي چيائين ته،  ”توکي گهڻو اڳي اِهو سڀ ڪجهه معلوم آهي، ته توکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ توکي ڪافي عقل ۽ سمجهه آهي. توکي ايترو شراب پيئڻ نه گهرجي، نفس پرستيءَ جي نه فقط گفتگوءَ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، بلڪه اُن کان دور به رهڻ گهرجي. انهن سڀني کان اهم هيءُ آهي ته پيسي جي محبت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پنهنجا شراب خانا بند ڪري ڇڏ. جيڪڏهن سڀ نه ٿو بند ڪري سگهين، ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ته بند ڪرڻ گهرجن، ۽ اِن کان سواءِ ڪوڙ نه ڳالهاءِ“.

 ”اوهان جو مطلب ڊڊراٽ سان آهي؟“

 ”نه ڊڊراٽ جي متعلق ڪو نه ٿو چوان. سڀ کان مکيه ڳالهه اِها آهي ته ڪوڙ نه ڳالهاءِ. اُهو ماڻهو، جو پاڻ سان ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ پنهنجي اندر ڪوڙ جي پرورش ٿو ڪري، اُهو هڪ اهڙي منزل تي پهچي ٿو، جو سچ سندس باطن ۾ ۽ ارگرد موجود آهي، اُن ۾ فرق نه ٿو ڪري سگهي. جنهن جو نتيجو اِهو نڪري ٿو، جو سندس وقار نه فقط ٻين جي آڏو ڪـِـري ٿو پوي پر پنهنجين نگاهن ۾ به. وٽس جيئن ته عزت جو خيال نه ٿو رهي، اُنڪري ان مان پيار ۽ سـِـڪ جو جذبو به ختم ٿيو وڃي. اُن خال کي ڀرڻ لاءِ هـُـو پوءِ گهٻراهٽ، شهواني خيالن ۽ ناشائسته لذتن کي جڳهه ٿو ڏئي. حيوانيت جهڙين بدڪارين ۾ غرق ٿي ٿو وڃي. نتيجو اِهو ٿو نڪري جو هـُـو ٻين وٽ کلڻ هاب ٿو بڻجي. جيڪو ماڻهو پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائي ٿو، اُهو ٻين کان وڌيڪ پاڻ کي سولائيءَ سان تڪليف ٿو ڏئي. توکي اِها ته خبر آهي، ته گناهه ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو وڻندڙ ٿو ٿئي. ڪيئن ايئن نه؟ ماڻهوءَ کي پڪ هئڻ کپي، ته سندس بي عزتي ڪنهن به نه ڪئي آهي، پر جنهن ماڻهوءَ خود بي عزتي کي جنم ڏنو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ مبالغي کي ڏاڍو دلفريب ۽ دلڪش بڻايو آهي، هڪ لفظ کي ورتو ۽ اُن کي داستان ڪري ٻـُـڌايو - هـُـو اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، پر اڳرائي به پاڻ ڪري ٿو ۽ اُن مان دل کولي تيستائين لطف ۽ مزو وٺي ٿو، جيستائين هـُـو پنهنجي بغض ۽ ڪيني کي ظاهر نه ٿو ڪري. منهنجو عرض آهي، ته پنهنجي جاءِ کان اُٿو ۽ ويهي رهو، جيتوڻيڪ اِها به هڪ فريبي چال آهي.“

 ”اي برڪت ڀريا سائين! پنهنجا هٿ وڌايو، ته مان اُنهن کي چـُـمان.“

فيودور پاولووچ بنهه اُڇل ڏئي اُٿيو ۽ مربيءَ جي ضعيف هٿن کي تيزيءَ سان چمي ڏنائين:  ”سچ آهي، اِهو سچ آهي، ته گناهه ۾ ڏاڍي لذت آهي. ڪيڏي نه لاجواب ڳالهه ڪئي اَٿوَ. ڄڻ ته مون اڳ ٻـُـڌوئي نه آهي. سچ آهي ته مان پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ گناهه ئي ڪندو رهيو آهيان. رڳو پنهنجي خاطر - مون گناهه فقط سندس حسن ۽ جمال جي باعث ئي پئي ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته اِهو ڪڏهن ڪڏهن ايترو وڻندڙ ڪونه ٿو ٿئي، جيترو بي عزت ٿيڻ ممتاز آهي. رهنما! تو اِهو وساري ڇڏيو آهي، ته اِهو ڪيترو نه بلند به ٿئي ٿو! مان اُن کي پاڻ وٽ  يادگيري طور محفوظ رکندس، پر مان ڪوڙو آهيان. مون يقيناً سڄي حياتي ڪوڙ پئي ڳالهايو آهي. اُن جو هرهڪ ڏينهن ۽ هر ڏينهن جو هر هڪ ڪلاڪ، سچ کان وڌيڪ ڪوڙ سان ڀريل آهي. ڪوڙ جو به پيءُ آهيان، جيتوڻيڪ مون کي پڪ  آهي، ته مان ڪوڙ جو پيءُ ڪونه آهيان. مان پنهنجي اصلي مقصد کي منجهائي رهيو آهيان. ايترو ڪافي آهي، جيڪڏهن چئو ته مان ڪوڙ جو پـُـٽ آهيان. منهنجا فرشتا! مان نه رڳو وقتي ڊڊراٽ جي متعلق ڳالهائيندو هوس. ڊڊراٽ ڪوبه نقصان پهچائي نه ٿو سگهي. جيتوڻيڪ ڪنهن به وقت هڪ لفظ به نقصان پهچائي سگهي ٿو، اُن کي ڇڏيو.

اي عظيم رهنما! مون کان جيتوڻيڪ وسري ٿي ويو، پر مان سالن کان خيال ڪري رهيو هوس ته توهان کان اَچي ڪجهه پڇان. توهان مهرباني ڪري صرف پيٽر اليگزينڊرووچ کي منع ڪيو، ته هو وچ ۾ دخل نه ڏئي. ڳالهه هيئن آهي ته اِهو سچ آهي يا نه، ته دُرويش جي حياتيءَ ۾ اِها ڳالهه لکيل آهي ڇا، ته هڪ مقدس درويش کي سندس اعتقاد جي ڪري ماريو ويو هو؟ جڏهن سندس سر وڍيو ويو، ته هـُـن اُٿي، اُن کي کنيو ۽ اُن کي خوش اخلاقيءَ سان چمي، هٿن ۾ کڻي هليو ويو.

 ”سائين اِهو سچ آهي يا نه؟“

 ”نه اِهو سچ نه آهي“. مربيءَ جواب ڏنو.

 ”سڀني درويشن جي حياتيءَ ۾ ڪو به اهڙي قسم جو ذڪر ڪونه آيل آهي. اهو ذڪر ڪهڙي درويش بابت ڪيو وڃي ٿو؟“  فادر لئبررين چيو.

 ”مون کي درويش جي ته خبر نه آهي. مون کي ڪا به خبر نه آهي ۽ نه وري مان ٻـُـڌائي سگهندس. مون کي ٺڳيو ويو آهي. مون کي اِها ڳالهه ٻـُـڌائي وئي هئي. توهان کي اها خبر آهي ته اِها ڪنهن ٻڌائي هئي؟ پيٽر اليگزبذرووچ موسيوف! جنهن کي ٿورو اڳ ۾، ڊڊراٽ جي ڳالهه تي بيحد غصو آيو هو. اِهو ئي آهي، جنهن اِهو سڀ ڪجهه مون کي ٻـُـڌايو هو.“

 ”مون توکي اِها ڳالهه ڪڏهن به نه ٻـُـڌائي هئي. مون ته توسان ڪڏهن به نه ڳالهايو آهي.“

 ”ايئن برابر آهي ته تو اِها ڳالهه مون سان ڪانه ڪئي هئي، پر اُن وقت جڏهن تو اِها حقيقت ڪئي هئي، ته مان به موجود هوس. اِها ٽن سالن جي ڳالهه آهي. مون اِن جو ذڪر هتي اِن لاءِ ڪيو آهي، جو اُن بيهوديءَ ڳالهه منهنجي ايمان ۾ خلل پيدا ڪيو آهي. اليگزينڊرووچ! توکي اُن جي خبر ڪانه پئي؟ مگر مان جڏهن واپس وريس، تڏهن منهنجي اعتقاد کي صدمو پهچي چـُـڪو هو ۽ اُن وقت کان برابر اِهي صدما کائي رهيو آهيان. پيٽراليگزينڊرووچ، سچ پچ ته تون هن تباهيءَ جو وڏو ڪارڻ آهين ۽ ڊڊراٽ اِن جو ذميدار نه آهي.“

فيودور پاولووچ نهايت غصي ۾ ۽ مايوس پڻ ٿي لڳو. سندس هلت مان جيتوڻيڪ اِهو صاف ظاهر هو، ته هـُـو وري پنهنجو ڪردار اَدا ڪري رهيو آهي.

 ”مون کي تنهنجي ايمان جي ڪابه پرواهه ڪانه آهي،“ هـُـو رڙ ڪرڻ تي هو، پر پاڻ کي هڪدم سنڀالي نهايت نفرت سان چيائين ته،  ” تو هر اُن شيءِ کي، جنهن کي ڇهـُـيو آهي، تنهن کي گندو ۽ ناپاڪ بڻايو آهي.“

مربي اَچانڪ اُٿي بيٺو،  ”مون کي معاف ڪجو عزيزو! جو مان اوهان کي ٿوري وقت لاءِ ڇڏي ٿو وڃان.“  مهمانن ڏانهن منهن ڪري چيائين،  ”ڪي ملاقاتي منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن، جي اوهان کان اڳڀرو آيا آهن، پر تو سڀ ڪجهه ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.“  خوش طبعيءَ مان فيودور پاولووچ ڏانهن منهن ڪري چيائين.

هـُـو ڪوٺڙي مان ٻاهر نڪري ويو. اليوشا ۽ راهب ڏاڪڻ کان هيٺ تائين سندس همرڪابي ڪئي. اِليوشا بلڪل دم بخود هو. هـُـو خوش هو ته اُن ماحول کان ٻاهر نڪري آيو هو. هـُـو، اِهو ڏسي به خوش هو ته سندس مربي خوش مزاج ٿي ڏٺو ۽ آزردگيءَ جو ڪو به نشان سندس چهري تي ڪونه هو. فادر زوسيما ڇپري جي طرف وڃي رهيو هو، ته جيئن اُنهن ماڻهن کي وڃي دعا ڪري، جي سندس انتظار ڪري رهيا هئا. فيودور  پاولووچ، پنهنجيءَ جاءِ تي کيس حجري جي در وٽ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

 ”مقدس شخصيت“، جذبي ۽ ايثار مان چيائين،  ”اجازت ڏيو، ته مان اوهان جي هٿن کي هڪ دفعو وري چمي ڏيان. سچ آهي، ته مان اوهان سان اَڃا ڳالهائي سگهان ٿو ۽ اوهان سان نباهي به سگهان ٿو. ڇا اوهان اِهو سمجهو ٿا ته مان هميشه ڪوڙ ڳالهائيندو آهيان ۽ پاڻ کي احمق ثابت ڪندوآهيان؟ يقين ڪريو، ته هيءُ سڀ ڪجهه جو مون پئي ڪيو آهي، اوهان کي محض آزمائڻ جي خاطر هو. مون سمورو وقت اوهان جي آزمائش ٿي ورتي، ته ڏسان ته مان اوهان سان هلي به سگهان ٿو يا نه؟ اوهان جي خودداريءَ سان گڏ، منهنجي عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ کي به ڪا جڳهه ملي سگهي ٿي يا نه؟ مان هن ڳالهه جي بلڪل تصديق ڏئي سگهان ٿو، ته اوهان سان ڪوبه گذاري سگهي ٿو، پر هاڻي مان بلڪل خاموش رهندس. مان سمورو وقت خاموش رهندس. مان ڪرسيءَ تي ويهي، پنهنجي زبان کي قبضي ۾ رکندس. پيٽر اليگزينڊرووچ! هاڻي تنهنجي ڳالهائڻ جو وارو آهي. تون ئي هت مکيه ماڻهو آهين، پر ڏهن منٽن لاءِ.“

 

dc

باب ٽيون

ايماندار ڳوٺاڻيون عورتون

ڪاٺ جي ڇـَـڄي جي هيٺان، جو ديول جي ٻاهرينءَ ڀت سان لڳ ٺهيل هو، ويهارو کن ڳوٺاڻيون عورتون ويٺل هيون. اُنهن کي ٻڌايو ويو هو ته مربي جلد اُتي پهچڻ وارو آهي. اُنڪري سڀئي بي صبريءَ سان سندس انتظار ڪري رهيون آهن. ميڊم مالڪوف ۽ سندس ڌيءُ پڻ مربيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڇڄي جي هيٺان موجود هيون، پر هڪ جدا حصي ۾، جو اَمير عورتن جي لاءِ مخصوص هو.

ميڊم هوئلڪوف دولتمند عورت هئي، هـُـوءَ اَڃا به جوان ۽ پرُڪشش نظر ٿي لڳي. نهايت ئي سهڻو لباس پهريل هئس. ٿورو پـِـيلـِـي ٿي لڳي، مگر سندس اکيون ڪاريون ۽ غضبناڪ هيون. هوءَ ڪنهن به حالت ۾ ٽيٽيهن سالن کان مٿي نه هئي ۽ کيس بيواهه ٿئي پنج سال ٿيا هئا، سندس ڌيءُ چوڏهن سالن جي هئي ۽ سندس ڌيءُ جا پير مفلوج هئا. قريب قريب ڇهن مهينن کان اها بدقسمت ڇوڪري گهمي ڦـِـري نه ٿي سگهي ۽ ڦيٿن واري ڪرسيءَ جي سهاري تي گهمي ٿي. سندس ڌيءُ جو چهرو به نهايت دلڪش هو، پر بيماريءَ جي اَثر ڪري لاغر ٿي ڏٺي. اُن هوندي به اها ڇوڪري خوش ۽ کلمک ٿي نظر آئي. سندس ڪارين ۽ وڏين اکين مان شرارت سان گڏ پاڪائي ۽ شادابيُ، کنوڻ وانگر تجلي ٿي ڏني. بهار جي موسم ۾ سندس ماءُ  پڪو ارادو ڪيو هو ته کيس آب و هوا جي تبديلي لاءِ ٻاهر وٺي وڃي، پر سڄو اونهارو پنهنجي زمين جي ڪمن ڪارين سبب رڪجي وئي هئي. زوسيما سان هـُـو ٽي ڏينهن اڳي ملي چـُـڪيون هيون. کين جيتوڻيڪ اِها خبر هئي ته مربي مشڪل سان ڪنهن سان ملندو آهي، مگر هـُـو اوچتو وري آيون ۽ التجا ڪيائون، ته  ”خوشنوديءَ خاطر، هو هڪ ڀيرو وري اُن عظيم معالـج کي ڏسڻ گهرن ٿيون“.

ماءُ، ڌيءُ جي گاڏيءَ جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. کانئس ٻه قدم پري هڪ پوڙهو راهب بيٺو هو، جو اسان جي خانقاه مان نه هو، پر ملاقاتي هو، جو اُتر جي ڪنهن ڏورانهين مذهبي گهر کان آيو هو. هـُـو پڻ مربيءَ کان دعائن وٺڻ جي لاءِ آيو هو.

فادر زوسيما، ڇـَـڄي جي هيٺان ايندي، پهريائين سڌو ئي سڌو، اُنهن ڳوٺاڻين عورتن ڏي ويو، جي ڇـَـڄي جي ٽن ڏاڪن جي هيٺان اَچي گڏ ٿيون هيون. فادر زوسيما مٿئين ڏاڪي تي بيهي، عورتن کي دعا ڪرڻ لڳو. هڪ جن ورتل عورت کي وٽس آندو ويو. جيئن ئي اُن عورت جي نگاهه مربي تي پئي، هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ سندس بدن ۾ تشنج پيدا ٿي ويو. سڄي ڏڪي ٿي ۽ مٿس ويم جي حالت طاري ٿي وئي. مربيءَ پنهنجي چادر مٿانئس وڌي، ۽ مختصر دعا گهريائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ عورت ويم ڪيو ۽ پوءِ هڪدم آرام ۾ اَچي خاموش ٿي وئي.

مون کي هاڻي جي ته ڪا خبر نه آهي، پر ننڍپڻ جي زماني ۾ ڪيئي اهڙا اتفاق ٿيا، جو مون اِنهن جن ورتل عورتن کي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڏٺو ۽ اُنهن جي آواز کي ٻـُـڌو. اُنهن کي ديول ۾ دعا جي لاءِ آندو ويندو هو. اُهي عورتون وڏيون رڙيون ڪنديون هيون يا ڪـُـتن وانگر ڀونڪنديون هيون. دعا جي وقت کين عبادتگاهه جي ڀرسان آندو ويندو هو ۽ اُتي پهچندي ئي خاموش ٿي وينديون هيون. ٻار هوندي به هي حالت ڏسي، مون کي اُن وقت عجب لڳندو هو. اُن موقعي تي مون کي واقف ڪارن کان پڇندي معلوم ٿيو، ته اهي سڀ اٽڪل بازيون آهن. هي جن ورتل عورتون ڪم چور آهن ۽ ڄاڻي ٻجهي هيءَ حالت پاڻ تي آڻين ٿيون. جيڪڏهن هنن جي مٿان سختي ڪئي وڃي ته هيءَ حالت، جنهن تي هـُـو هـِـري مـِـري وڃن ٿيون، ڇڏي ڏين ٿيون. هنن، هن حقيقت جي تائيد ۾ ڪيترائي مثال ٿي ٻڌايا. بعد ۾ مون کي تجربيڪار ڊاڪٽرن کان معلوم ٿيو، ته هنن بدبخت انسانن جي حالت ۾ ڪابه اٽڪل بازي يا فريب نه آهي، پر هيءَ هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جا خاص ڪري روسي زالن ۾ ڪثرت سان آهي. هن بيماريءَ جا اسباب گهڻو ڪري، ڏکيو ويم ۽ ناقابل برداشت مفلسيءَ واري زندگي شامل آهن، جي ٻهراڙيءَ جي عورتن ۾ اَڪثر ٿين ٿا. هيءُ هڪ مرض آهي، جو ٿڪائيندڙ، سخت ڪم ۽ مار موچڙي کان به پيدا ٿئي ٿو. هيءَ شفا، جا مريض کي عبادتگاهه جي ڀرسان اوچتو وڃڻ سان ملي ٿي، هيءُ اُنهن راهبن جي شـُــعبده بازي آهي، جا فطرتي آهي. هن جي وضاحت هيءَ ٿي سگهي ٿي ته سندس همراهن ۽ خود کي هيءُ يقين آهي، ته بد روح، جو اُن جي جسم ۾ آهي، اُهو عبادتگاهه جي سامهون، جتي مريض گوڏا کوڙي ٿو، رهي نه ٿو سگهي. اُنڪري بي چين ۽ نفسياتي طور تي بي ترتيب عورت جي سڄي جسم ۾ عبادتگاهه جي سامهون جهڪڻ سان ڏڪڻي پيدا ٿئي ٿي ۽ شفا جي پختي يقين جي باعث، جو سندس عقيدت موجب آهي، سڀ ڪجهه معجزي جي طرح گذري وڃي ٿو. هيءَ ساڳي حالت هئي، جا اُن عورت جي مٿان گذري، جنهن تي مربي پنهنجي چادر جو پلا ند وڌو هو.

اَڪثر زالون، جي پري، سندس چوڌاري حلقو ٺاهيو بيٺيون هيون، هن حالت جي اَثر کان، ڏاڍي فراق ۽ دلي واردات کان ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. اُنهن مان ڪيتريون ئي مربيءَ جي لباس کي چمڻ لاءِ بيتاب هيون ۽ ڪن وري دعا ٿي گهـُـري. زوسيما سڀني کي دعا ٿي ڪئي ۽ اُنهن سان ڳالهائيندو ٿي رهيو. هن جن ورتل هڪ عورت کي سڃاتو ٿي، جا هڪ ڳوٺ کان آئي هئي، اهو ڳوٺ خانقاه کان ڇهه فرلانگ کن پري هو. اڳي به ڪيئي دفعا کيس مربيءَ وٽ آندو ويو هو. زوسيما اوچتو هڪ عورت کي، جا اَڃا جوان ٿي ڏٺي، پر لاغر ۽ ضعيف هئي ۽ سندس چهرو سياهي مائل هو، اِشارو ڪري چيو ته،  ”هن عورت کي پري کان آندو اَٿـَـوَ، اِيئن آهي نه؟

هوءَ عورت گوڏن ڀـَـر ٿي ۽ مربيءَ کي عجب مان نهاري رهي هئي ۽ سندس اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي وحشياڻي حماقت ٿي ڏٺي.

 ”نهايت پري کان پيءُ! نهايت پري کان! هتان کان ٻه سـَـو ميل پري. نهايت پري کان پيءُ، نهايت پري کان!“  هن سـُـريلي آواز ۾ چيو. معلوم ايئن پئي ٿيو ته هـُـوءَ ڪو مرثيو پڙهي رهي آهي، سندس هٿ تي ڳل رکيل هو ۽ پنهنجي مٿي کي هيڏي هوڏي ڦيرائي رهي هئي.

ڳوٺاڻين عورتن ۾ ڪي اهڙيون به هونديون آهن، جي آرام ۽ بردباريءَ سان پنهنجي طويل غم کي برداشت ڪري وينديون آهن. هـُـو پنهنجي غم کي اندر پيئنديون آهن ۽ خاموش هونديون آهن. ٻيون وري اهڙيون ٿين ٿيون جي پنهنجي ڏک ۽ سور کي لڪائي نه سگهنديون آهن. هـُـو رئنديون آهن ۽ پـِـٽڪو ڪنديون آهن. خاص ڪري هيءَ حالت زالن ۾ عام ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هيءُ غم خاموشيءَ کان گهٽ نه ٿيندو  آهي. روڄ ۽ پٽڪو دل کي آرام ته ڏئي ٿو، پر اُن کي وڌيڪ چيري ۽ ڦاڙي ڇڏي ٿو. اهڙي غم کي ڪڏهن به تسليءَ جي خواهش نه ٿي ٿئي. هيءُ پاڻ کي نااُميديءَ جي شعور تي نپائي ٿو. روڄ راڙو ثابت قدم آرزو منديءَ مان پيدا ٿي، وري زخم کي کولي ٿو.

فادر زوسيما، غور سان نهاريندي کانئس پڇيو ته  ”تون واپاري طبقي مان آهين؟“

 ”اسان شهري آهيون، پيءُ شهري، اُن هوندي به شهر ۾ رهندي ڪڙمي آهيون. مان توکي ڏسڻ لاءِ آئي آهيان پيءُ. مان اوهان جي نالي کي ٻـُـڌو هو ۽ گهڻو ڪجهه ٻـُـڌو هو. مان پنهنجي ننڍڙي پـُـٽ کي دفن ڪري زيارت تي نڪتي آهيان. مان ٽن خانقاهن ۾ وئي آهيان، پر اُتان جي رهندڙن مون کي چيو ته  ”تون ناستيشا وڃ.“  اِهو توتي ڇڏيل آهي.  ”مان هلي آيس. ڪالهه مان ديول ۾ عبادت لاءِ ويس ۽ اڄ اوهان وٽ آئي آهيان.“

 ”تون روئي ڇو رهي  آهين؟“

 ”پيءُ! مان پنهنجي ننڍڙي پٽ جي لاءِ ڏک ۽ درد ۾ مبتلا آهيان. هـُـو ٽن سالن جو ٿيڻ وارو هو، اُن ۾ فقط کيس ٽي مهينا گهربل هئا. پيءُ! مان اُن ننڍڙي ٻار جي لاءِ غم جي آڳ ۾ پئي ٿي پـَـڄران. هيءُ منهنجو پويون ٻار هو، جو وڃي بچيو هيم. مون کي ۽ نڪيٽا کي چار ٻار هئا، پر هاڻي ڪوبه ٻار نه اَٿئون. سڀئي ٻار موڪلائي ويا. مان پهرين ٽن کي ته گهٽ غم سان دفنايو، پر هاڻي جنهن کي مان پوري آئي آهيان، اُن کي وساري نه ٿي سگهان. هـُـو ڄڻ ته منهنجي سامهون بيٺو ئي آهي. هـُـو مون کي ڪڏهن به نه ٿو ڇڏي. هن منهنجي روح کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي. مان سندس ننڍڙن ڪپڙن کي ڏسان ٿي، ننڍڙي قميص ۽ ننڍڙا بوٽ ۽ مان روئڻ ۽ پارَ ڪڍڻ لڳان ٿي. پنهنجي مڙس نڪيٽا کي چيم، ته آقا! مون کي زيارتن تي وڃڻ لاءِ اجازت ڏئي. هـُـو ڪوچان آهي. پيءُ! اسان غريب نه آهيون، غريب نه  آهيون. کيس پنهنجو گهوڙو آهي. اسان کي پنهنجو گهوڙو ۽ گاڏي آهي، پر اسان جي لاءِ هاڻي اهي شيون ڪنهن به ڪم جون نه آهن. منهنجي نڪيٽا شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي ۽ مان دربدر آهيان. هـُـن، اُن عادت کي مستقل ڪري ڇڏيو آهي. هـُـو اڳي به پيئندو هو. جيئن ئي مان کانئس پري ٿيندي آهيان، هـُـو اُن ڏانهن مائل ٿي ويندو آهي. هاڻي مان اُن لاءِ خيال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ٽي مهينا ٿيا آهن، جو مون پنهنجي گهر کي ڇڏيو آهي. مون کيس وساري ڇڏيو آهي. سڀني ڳالهين کي وساري ڇڏيو اٿم. مان ڪنهن به ڳالهه کي ياد ڪرڻ نه ٿي گهران. هاڻي اسان جي گڏجي رهڻ واري حياتيءَِ مان ڪهڙو سـُـود ۽ فائدو ٿيندو؟ مان هاڻي اُن سان رهي ڇا ڪنديس؟ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، ختم ٿي ويو. مون کي هاڻي نه گهر جي پرواهه آهي، نه سامان جي ۽ نه مڙس جي، مون کي هاڻ ڪنهن کي به ڏسڻ جي خواهش ڪانه آهي.“

مربيءَ کيس چيو،  ”منهنجي ماءُ ٻـُـڌ.“

 ”آڳاٽي سـَـمي ۾، هڪ پاڪ نفس ولي، هڪ مندر ۾، هڪ ماءُ کي ڏٺو، جا تو وانگر پنهنجي ٻار لاءِ روئي رهي هئي، جو اُن جو سڪيلڌو پٽ هو، جنهن کي خدا کڻي ورتو هو.“

 ”توکي خبر نه آهي“ اُن وليءَ کيس چيو  ”خدا جي تخت جي سامهون، هي ٻار ڪيڏا نه جرئت وارا آهن. بيشڪ اُنهن کان وڌيڪ جرئت وارو آسماني بادشاهت ۾ ٻيو ڪونه آهي.“  هـُـو خدا کي چون ٿا،  ”خدايا، توئي اسان کي حياتي ڏني هئي، اسان مس مس اُن کي ڏٺو، ته تو اسان کان موٽائي ورتي.“  هـُـو اِها ڳالهه وَر وَر ڪري کيس چوندا رهن ٿا، جنهن جو نتيجو اِهو نڪري ٿو، جو خدا کين ملائڪن جو درجو بخشي ٿو. اُن ڪري وليءَ کيس چوي ٿو ته ماءُ توکي هن معاملي ۾ روئڻ جي بدران خوشي ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته تنهنجو ٻـَـچو اُن مالڪ وٽ آهي، ۽ ملائڪن جي گروهه ۾ آهي. اِهوئي آهي، جو اُن وليءَ، اُن آڳاٽي زماني جي عورت کي چيو. هـُـو وڏو مقبول ٻانهو هو ۽ اُن ڪڏهن به غلط نه ڳالهايو هوندو. اُنڪري تون به ماءُ، هن ڳالهه جو يقين رک، ته تنهنجو معصوم ٻار به خدا جي تخت جي قريب آهي. هـُـو خوش ۽ بشاش هوندو ۽ خدا کان تنهنجي لاءِ دعا گهرندو هوندو. ڀلي روءُ پر خوشي به ڪر“.

اُن عورت کيس ڌيان سان ٻـُـڌو. سندس ڳلُ سندس هٿ تي سهارو وٺي رهيو هو ۽ هوءَ هيٺ نهاري رهي هئي. هـُـن ٿڌو ساهه کنيو.

 ”منهنجي نڪيٽا مون کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ساڳين لفظن ۾ جيئن اوهان.  ’بيوقوف’، هن چيو.  ’ڇو ٿي روئين؟ هن ۾ شڪ نه آهي، ته اسان جو پٽ، خدا جي سامهون، ملائڪن سان گڏ ڳائيندو ٿو وتي’. هـُـن مون کي اِهو چيو. مون کيس چيو، ته پوءِ هـُـو ته پاڻ روئي ٿو ۽ مون وانگر دانهون ٿو ڪري. مون کي خبر آهي نڪيٽا. مان ڄاڻان ٿي ته هـُـو خدا وٽ آهي، نه ته وري ٻيو ڪٿي هوندو؟ پر اِنهن سڀني ڳالهين هوندي به هـُـو هاڻي اسان سان نه آهي. اڳي وانگر، اسان جي سامهون سندس جاءِ ڪانه آهي. جيڪڏهن ٿي سگهي، ته هڪ ڀيرو وري اُن کي ڏسي سگهان. جيڪڏهن ٿي سگهي ته هڪ دفعو ئي، اُن سان ملاقات ڪري سگهان. مان سندس قريب نه وينديس، ڪابه گفتگو نه ڪنديس پر هڪ ڪـُـنڊ ۾ لڪي ويهي رهنديس، تان جو هڪ گهڙي، فقط اُن کي ڏسان ۽ سندس راند روند جي آواز کي ڪنن سان ٻـُـڌان. اُهو ننڍڙو آواز، جنهن سان هـُـو مون کي ڪڏهن سڏ ڪندو هو ته، ’امان ڪٿي آهين؟‘ جيڪڏهن ٿي سگهي، ته هڪ ڀيرو، سندس ننڍڙن پيرن جي کڙڪي کي پنهنجي گهر ۾ ٻـُـڌان. هڪ ڀيرو، مان فقط هڪ ڀيرو، سندس پيرن جي ٺـَـڪ ٺـَـڪ جو آواز ٻڌان.

اَفسوس، مون کي ياد ٿو اَچي ته ڪهڙيءَ ريت هـُـو واڪا ڪند ي، ڊوڙندو، منهنجي طرف ايندو هو. منهنجي فقط اِها خواهش آهي، ته سندس پيرن جي آواز کي ٻـُـڌان. مان اُن آواز کي چڱيءَ ريت سڃاڻندي آهيان. مگر پيءُ! اُن جو ته هاڻي وجود ئي نه رهيو. مان اُن آواز کي ٻيهر ٻڌي نه سگهنديس.

هي ننڍڙو ڪمربند اُن جو آهي پر اُن ۾ سندس ڪوبه نشان نه آهي. مان اُن کي وري ڏسي نه سگهنديس، ۽ نه وري اُن جو آواز ٻـُـڌي سگهنديس.“

هن پنهنجي سيني کي مٿي ڪيو ۽ اُن مان ٻار جو ڀرت ڀريل ننڍڙو ڪمربند ٻاهر ڪڍيائين. جيئن ئي هـُـن اُن کي ڏٺو، هوءَ ڏڪڻ ۽ روئڻ لڳي. هن پنهنجين اَکين کي آڱرين سان لڪايو، جن مان ڳوڙها، ناليءَ جي صورت ۾ وهي رهيا هئا.  ”تون گذريل زماني جي راحيل آهين!“  مربيءَ کيس چيو.  ”پنهنجي ٻارن تي رئنديون رهو ۽ ڪڏهن به آرام سان گذاري نه سگهو. ڇو ته هـُـو ڪونه آهن. اوهان مائرن جي ڌرتي تي اِها ئي قسمت بڻائي وئي آهي. اوهان ڪڏهن به سـُـک سان رهي نه ٿيون سگهو. اُها تسلي ئي ڪانه آهي جنهن جي اوهان کي طلب آهي. پر روئڻ، اوهان جنهن وقت روئو، فقط هيءَ ڳالهه ياد رکو، ته اوهان جو ٻار، خدا جي ملائڪن مان هڪ آهي. هـُـو اُتان اوهان ڏي نهاري ٿو ۽ ڏسي ٿو. اوهان جي لـُـڙڪن کي ڏسي خوش ٿئي ٿو ۽ پنهنجي مالڪ خدا کي، اُن کي ڏيکاريندا رهن ٿا. طويل عرصي تائين، عظيم ماءُ جو هيءُ ڏک پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ٿو پر پوءِ هيءُ ڏک خاموش راحت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اوهان جا ڪـُـوڙا لـُـڙڪ نازڪ غم ۾ بدلجي وڃن ٿا، جي قلب کي پاڪ ڪن ٿا ۽ گناهه کان نجات ڏيارين ٿا. مان اوهان جي ٻار جي روح جي سڪون لاءِ دعا ٿو ڪريان. اُن جو نالو ڇا هو؟“

 ”اليگزي، پيءُ!“

 ”ڪهڙو نه مـِـٺو آهي. اليگزي کان پوءِ هاڻي بنده خدا.“

 ”هائو مقدس پيءُ!“

 ”هو به مقدس شخصيت هو. مان کيس ياد رکندس اي شفيق ماءُ! تنهنجو ڏک منهنجي دعائن ۾ قائم رهندو. مان تنهنجي مڙس جي صحت لاءِ پڻ دعا گهران ٿو. هيءُ گناهه آهي، جو تو پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏنو آهي. تنهنجو ننڍڙو پٽ، آسمان کان ڏسندو هوندو، ته تو سندس پيءُ جي راحت کي کسي ورتو آهي، هـُـو تو تي رئندو هوندو. تون سندس خوشيءَ ۾ ڇو ٿي خلل وجهين؟ هـُـو جيئرو آهي. ڇاڪاڻ ته روح سدا حيات آهي. هـُـو جيتوڻيڪ پنهنجي گهر ۾ نه آهي، پر هـُـو تنهنجي قريب آهي، جنهن کي تون ڏسي نه ٿي سگهين. هـُـو تنهنجي گهر ۾ ڪهڙيءَ ريت اندر گهڙندو، جڏهن تون پاڻ ئي چوين ٿي، ته اِهو گهر تنهنجي لاءِ نفرت جي جاءِ بڻجي ويو آهي! ٻڌاءِ، هـُـو پوءِ ڪاڏي وڃي جڏهن اوهان ٻنهي کي هـُـو يڪجاءِ نه ڏسندو - ماءُ ۽ پيءُ؟ هـُـو هاڻي توکي خواب ۾ اَچي ٿو ۽ تون ڏک ڪرين ٿي. اُن هوندي به هـُـو توکي تنهنجي مـِـٺن خوابن ۾ نظر ايندو رهندو. ماءُ، تون پنهنجي مڙس ڏي موٽي وڃ ۽ اَڄ ئي موٽي وڃ!”

 ”مان وينديس، مقدس پيءُ، منهنجو توسان واعدو آهي. تون سنئون سـِـڌو منهنجي دل ۾ پيهي ويو آهين. منهنجا نڪيٽا، منهنجا نڪيٽا، تون منهنجي لاءِ منتطر آهين.“

عورت سـُـريلي آواز ۾ روئڻ شروع ڪري ڏنو. مربي هاڻي هڪ پوڙهيءَ عورت جي طرف وڌي ويو هو. اُن کي شهري ماڻهن جهڙو لباس پيل هو، نه زيارتين جهڙو. سندس اکين مان معلوم پئي ٿيو، ته هوءَ ڪنهن مطلب سان آئي آهي. جيئن ته کيس ڪجهه چوڻو هو، هـُـن ٻـُـڌايو، ته هوءَ ڪنهن نان ڪميشن آفيسر جي بيواهه آهي ۽ شهر جي لڳ رهندي آهي. سندس واسينڪا، فوج کي رسد پهچائڻ واري کاتي ۾ ملازم هو. هـُـو سائبيريا جي ارڪوٽسڪ شهر ڏانهن ويو هو. هـُـن کيس ٻه خط لکيا هئا، جنهن کي سڄو سال گذري ويو. هـُـن اُن جي لاءِ گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، پر سندس پوري پـَـتي جو ڪوبه ڏس نه ٿي مليس.

 ”اڳئين ڏينهن استيپانيڊا الينيشنا، جا هڪ دولتمند واپاريءَ جي زال آهي، مون کي چيو ته پروهوورنئاتوف ديول ۾ وڃي، پنهنجي پـُـٽ لاءِ نماز اَدا ڪر. اُن جي روح جي سڪون لاءِ دعا ڪر، ڄڻ ته هـُـو مري ويو آهي. ٻيءَ حالت ۾ سندس روح بي آرام رهندو. هـُـو توڏي خط لکندو. استيپانيڊا الينيشنا مون کي ٻـُـڌايو ته هيءَ آزمايل شيءِ آهي ۽ ڪيترا ڀيرا آزمائي وئي آهي. مون کي فقط هيءُ شڪ آهي ..... اي مقدس پيءُ! مون کي ٻـُـڌاءِ. هيءُ سچ آهي يا ڪوڙ؟ هيءُ سچ به ٿي سگهي ٿو!؟“

 ”ڪڏهن به اِن جو خيال نه ڪر، هيءُ بي شرميءَ جهڙو سوال آهي. هيءُ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته جيئري ماڻهوءَ جي روح لاءِ  دعا گهري وڃي ۽ اُها به سندس ماءُ گهري! هيءُ وڏو گناهه آهي. هيءُ ته جادوگريءَ جي قريب آهي. جيئن ته توکي دين جي واقفيت نه آهي، اُنڪري ئي هيءُ گناهه توکي معاف ٿي سگهي ٿو. چڱو اِيئن آهي، ته تون آسمان جي راڻي کي عرض ڪر - جا اسان جي لاءِ بچاءُ ۾ مدد آهي - ته تنهنجي پٽ کي صحت ملي ۽ تنهنجو هيءُ گناهه به معاف ٿئي. پروهوروناف، ٻي ڳالهه، جا مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، سا هيءَ آهي، ته يا ته تنهنجو پٽ توڏي جلدي موٽي ايندو يا خط لکندو. وڃ ۽ آرام سان رهه. مان توکي چوان ٿو، ته تنهنجو پـُـٽ جيئرو آهي!

 ”مقدس پيءُ! خدا توکي اُن جو اَجر ڏيندو. اسان جي لاءِ بهتر سوچيندڙ، توهان اسان جي لاءِ ۽ اسان جي گناهن لاءِ هميشه دعائون گهرندا رهو ٿا.“  مگر مربيءَ کيس ڇڏي اڳتي وڌي ويو هو، جي ٻه روشن اکيون کيس نهاري رهيون هيون. هوءَ هڪ نوجوان ڳوٺاڻي عورت هئي، جنهن جون ٿڪل ۽ آسروند اکيون، خاموشيءَ سان کيس واجهائي رهيون هيون. هـُـوءَ مربيءَ جي قريب ٿيندي ڪيٻائي رهي هئي.

 ”ڇا ٿي گهرين، منهنجي نياڻي؟“

 ”منهنجا مقدس پيءُ! منهنجي روح کي نجات بخش.“  هـُـن گوڏن ڀر ٿي، نهايت آهستي ۽ آرام سان چيو،  ”مون گناهه ڪيو آهي ۽ ان کان خوف ٿو ٿئيم“. مربي هيٺئين ڏاڪي تي ويهي رهيو. هوءَ عورت جا اَڃا گوڏن ڀـَـر هئي، سـُـري سندس ويجهو آئي. هن لرزندڙ ۽ نيم سرگوشيءَ جي آواز ۾ چيو ته  ”مان هڪ بيواهه آهيان ۽ منهنجي مڙس کي مـُـئي ٽي سال ٿيا آهن. مون کي پنهنجي مڙس سان سخت حياتي گذارڻي ٿي پئي. هـُـو مون تي ظلم ڪندو هو ۽ سخت ماريندو هو. هـُـو پوڙهو به هو ۽ بيمار به هو. مان هـُـن ڏانهن نهاري خيال ڪيو، ته جيڪڏهن هي خوش ٿيو ۽ وري اُٿيو ته پوءِ منهنجي لاءِ ڇا ٿيندو؟ اِيئن ئي مون کي اُن وقت خيال آيو .....“

 ”ترس” مربي پنهنجو ڪـَـن سندس چپن وٽ آڻي چيو.

هوءَ عورت چپن ۾ ڳالهائيندي رهي، ڏاڍو ناممڪن هو، جو ڪو سندس آواز کي جهٽي سگهي ۽ سمجهي، ته ڳالهائي پئي.

مربيءَ کيس چيو  ”ٽي سال اڳ.“

 ”ٽي سال اڳ،پهريائين ته مان اُن تي سوچيو ئي نه ٿي، پر هاڻي مان بيمار ٿي پئي آهيان. اِهو خيال هڪ گهڙي به مون کي نه ٿو ڇڏي.“

 ”تون پري کان آئي آهين؟“

 ”ٽن سؤ ميلن کان به مٿي“.

 ”ڇا تو پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪيو آهي؟“

 ”هائو مان اعتراف ڪيو آهي ۽ ٻه ڀيرا ڪيو آهي.“

 ”تو ڪنهن جي رفاقت ۾ پهچي پڇتاءُ ڪيو آهي؟“

 ”هائو، مون کي خوف ٿو ٿئي. موت کان خوف ٿو ٿئي.“

 ”ڪوبه خوف نه ڪر ۽ ڊڄ نه. وحشت نه کاءُ. جيڪڏهن تون توبهه کان گريز نه ٿي ڪرين ته يقيناً خدا تو کي سڀ بخشي ڇڏيندو. دنيا ۾ڪوبه اهڙو گناهه ڪونه آهي، جنهن کي اسان جو مالڪ نه ٿو بخشي، پر اُن لاءِ پڇتاءُ صحيح هجي. انسان جي لاءِ هن کان وڌيڪ ٻيو گناهه نه آهي، ته هـُـو خدا جي بي پايان محبت کي وڃائي ويهي. خدا جي محبت کي ڇڏي ڏيڻ کان وڌيڪ به ڪو ٻيو گناهه ٿي سگهي ٿو! تون فقط توبهن جو خيال ڪر، ۽ توبهن کي جاري رک، خوف کي بلڪل ڪڍي ڇڏ. يقين رک، ته خدا توکي پيار ٿو ڪري، جنهن کي تنهنجو ادراڪ سمجهي نه ٿو سگهي، تنهنجي گناهن جي باوجود هـُـو توکي پيار ٿو ڪري. هيءَ آڳاٽي وقت جي چوڻي آهي، ته گهنگار جي هڪ ڀيرو وارو پڇتاءُ، آسمان ۾  جا مسرت آڻي ٿو، اُها ڏهن نيڪ مردن جي نيڪي کان وڌيڪ آهي. وڃ ۽ خوف نه کاءُ. انسان جي لاءِ شامت نه ٿيءُ. هن ڳالهه تي غصو نه ڪر تو غلط ڪم ڪيو آهي. اُن مـُـئي ماڻهوءَ کي بخش، جنهن توسان ناروا هلت ورتي آهي. صداقت سان پنهنجي دل کي اُن سان ڳنڍ. جيڪڏهن تون پڇتاءُ ڪندڙ آهين، ته پاڻ ۾ محبت پيدا ڪر. جيڪڏهن تو محبت ڪئي، ته تون خدا واري ٿي ويندينءَ. محبت سڀني شين تي غالب ٿي وڃي ٿي ۽ ڇوٽڪارو ٿي ڏئي. مون ڏي ڏس، هڪ گنهگار، جيئن تون آهين، مان توتي مهربان آهيان ۽ تو تي رحم ٿو اَچي، پر خدا ته هن کان به وڌيڪ مهربان آهي. محبت اُها خزانو آهي، جنهن جي قيمت ڪـَـٿي ئي نه ٿي سگهجي. تون اُن سان سڄيءَ دنيا کي خريد ڪري سگهين ٿي. تون اُن سان پنهنجي گناهن کي نه، پر ٻين جي گناهن لاءِ به ڪفارو بڻجي سگهين ٿي.“

هن کيس ٽي ڀيرا صليب سان نشان ڏنو ۽ پنهنجي ڳچيءَ مان هڪ ننڍڙي تصوير ڪڍيائين ۽ سندس ڳچيءَ ۾ وِڌائين. عورت بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي زمين تائين جهـُـڪي وئي.

مربي اُٿيو ۽ کلمکائيءَ سان، هڪ صحتمند ڪڙمي عورت ڏي ڏٺائين، جنهن جي هنج ۾، هڪ ننڍڙو ٻار هو.

 ”مان وياشيگوري کان آئي آهيان، مقدس پيءُ!”

 ”تو هن ٻار سان گڏ، پنج ميل پنڌ به ڪيو آهي، توکي ڇا کپي؟“

 ”مان توهان جي زيارت لاءِ آئي آهيان. مان اڳي به اوهان وٽ آئي آهيان. توهان کان شايد وسري ويو آهي اي مقدس پيءُ! ماڻهن مون کي ٻڌايو، ته اوهان بيمار آهيو. مان خيال ڪيو، ته ڇو نه اوهان جي عيادت ڪري اَچان. هاڻي مان ڏسان ٿي، ته اوهان بيمار نه آهيو. توهان اَڃا به ويهه ورهيه ٻيا به جيئرا رهندا! خدا جون اوهان تي برڪتون هجن!! اوهان کي دعائن ڪرڻ وارا گهڻائي آهن، اوهان ڪيئن بيمار ٿيندا؟“

 ”مان تنهنجو شڪرگذار آهيان، نياڻي!”

 ”ايئن مان اوهان کان هڪ ڳالهه پڇڻ گهران ٿي، اُها ڪا وڏي نه آهي. مون کي سٺ ڪٻڪ (سڪا) آهن، اُهي اُن ماڻهو کي ڏيو، جو مون کان وڌيڪ حاجتمند هجي. مان جڏهن هيڏي آيس ٿي، ته خيال ڪيم ته بهتر آهي، ته هيءَ رقم اوهان کي ڏيان، ڇو ته اوهان چڱيءَ ريت ڄاڻي سگهو ٿا، ته اُن جو مستحق ڪير ٿي سگهي ٿو؟“

 ”مهرباني منهنجي پياري ماءُ مهرباني! تون چڱي زال آهين. مان توکي پيار ڪريان ٿو ۽ ڪندو رهندس. اِها ننڍڙي ڇوڪري تنهنجي آهي!؟

 ”هائو مقدس پيءُ، اِها منهنجي آهي. لـِـزاوٽيا هـِـن جو نالو آهي.“

 ”اوهان ٻنهي تي خدا جون برڪتون هجن. توتي ۽ تنهنجي ٻار لـِـزاوٽيا تي. تو منهنجيءَ دل کي خوش ڪيو آهي ماءُ. خدا حافظ پيارو ٻارو! خدا حافظ!!

هن سڀني عورتن کي دعائون ڪيون، ۽ هـُـو سڀئي سندس سامهون جهـُـڪي ويون.

 

 

 

 

dc

 

باب چوٿون

گهٽ عقيدت واري بيگم

هڪ زيارتڻ، جا پري کان، ڳوٺاڻين عورتن سان مربيءَ جي گفتگوءَ جو نظارو ڏسي رهي هئي، کيس دعائون ڏيندي ڏسي، سندس اکين مان لـُـڙڪ ڏڙهه ڏڙهه ڪري ڪرندا رهيا، جنهن کي هوءَ پنهنجي رومال سان صاف ڪندي ٿي رهي. اُها عورت، جا بيحد حـساس ۽ نيڪ نفس ڏسڻ ۾ پئي آئي. جڏهن مربي وٽس  پهتو، تڏهن هوءَ ساڻس بيحد جوش سان ملي.

 ”آه! مان هت متاثر ڪندڙ نظاري کان ڪيڏي نه اَثر پذير ٿي آهيان.“  هـُـوءَ شديد جذبات کان ڳالهائي نه ٿي سگهي. مان هاڻي، اوهان سان ماڻهن جي محبت جي راز کي سمجهيو آهي. مان پاڻ به ماڻهن کي پيار ڪريان ٿي. مان ساڻن محبت ڪرڻ گهران ٿي. ۽ ڀلا مان ڪهڙيءَ ريت کين محبت نه ٿي ڪري سگهان. اسان جا عجيب و غريب روسي ماڻهو، پنهنجيءَ عظمت سان نهايت ساده دل جو آهن!”

 ”تنهنجي نياڻي هاڻي ڪيئن آهي؟ تون مون سان وري اُن بابت ڳالهائڻ گهرين ٿي؟“

 ”مان، مان اُن لاءِ فوري گذارش ٿي ڪئي، مون اُن لاءِ عرض ڪيو هو. ۽ مان ته ان لاءِ به تيار هيس، ته مان اوهان جي دريءَ جي سامهون ٽي ڏينهن ساندهه گوڏن ڀر ڪـِـري، عزت ۽ احترام سان اَندر اَچڻ جي اجازت حاصل ڪريان. مان انڪري آئي آهيان، عظيم معالـج! ته اوهان جي احسانمنديءَ جو خلوصِ دل سان شڪريو اَدا ڪري اَچان. توهان منهنجي لـِـزي جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. اوهان کيس مڪمل ڇوٽڪارو ڏنو آهي. اوهان کيس گذريل خميس تي دعا ڪئي هئي ۽ مٿس شفقت ڀـَـريو هٿ به گهمايو هو. مان تڪڙي انڪري آئي آهيان، ته اُنهن پاڪ هٿن کي چمي ڏيان ۽ پنهنجي جذبات، تعظيم ۽ اطاعت جو اظهار ڪريان“.

 ”ڇوٽڪاري مان تنهنجو ڇا مطلب آهي، هوءَ ته اَڃا ڪرسيءَ تي پئي آهي؟“

 ”سندس بخار خميس کان وٺي ڇڏي ويو آهي،“ عورت نهايت اضطراب جي حالت ۾ هڪدم چئي ڏنو. نه فقط اِهو، مگر سندس ٽنگون به هاڻي طاقت حاصل ڪري رهيون آهن. اَڄ صبح جو هـُـو هشاش بشاش اُٿي هئي ۽ رات جو ننڊ به سٺي ڪئي هئائين. سندس گلابي ڳلن ڏانهن ته نهاريو، ۽ سندس چمڪندڙ اکيون! هوءَ هميشه دانهون پئي ڪندي هئي پر هاڻي ته ٻهـَـڪي ٿي. مسرور ۽ مـَـگن آهي. اڄ صبح جو زور سان مون کان اجازت وٺي، پنهنجين ٽنگن تي سڄو سارو منٽ، سواءِ ڪنهن سهاري جي، بيٺي رهي. سندس شرط آهي ته هوءَ پندرهن ڏينهن جي اندر رقص ڪري سگهندي. مان  ڊاڪٽر هرز بنسيٽيوب وٽ وئي هيس. هن پنهنجي ڪلن کي جنبش ڏيندي چيو،  ”تعجب آهي، مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اَچي. اوهان جي مهرباني نه مڃون ته ٻيو ڇا ڪريون؟ لزي، سندس  شڪريو اَداڪر. شڪريو اَدا ڪر.“

لـِـزيءَ جو خوبصورت چهرو، هڪدم ڳنڀير ٿي ويو. هوءَ جيتري قدر ڪرسيءَ تان اُٿي ٿي سگهي، اُٿي بيٺي. مربيءَ جي اڳيان ٻئي هٿ جوڙي بيٺي. مگر ڪيتري به ضبط ڪرڻ جي باوجود، هوءَ پنهنجي کـِـلَِ کي روڪي نه سگهي.

 ”اِها هن تي آهي.“  هـُـن اِليوشا ڏانهن نهاريندي چيو. هــن مان سندس ٻاراڻي بيزارگي ظاهر ٿي ڏٺي ۽ هوءَ پنهنجي خوش مذاقيءَ کي روڪي نه سگهي. اُتي جيڪڏهن ڪو موجود هجي ها، ته اُهو آسانيءَ سان اِليوشا جي چهري تي بدليل رنگ کي، جنهن سندس ڳلن کي گـُـلابي بڻائي ڇڏيو، جلدي سمجهي سگهي ها. سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ هـُـو هيٺ نهارڻ لڳو.

 ”اوهان جي لاءِ هن وٽ پيغام آهي. اليگزي فيودور ووچ. توهان ڪيئن آهيو؟“  ماڻس اِليوشا ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو، جنهن تي نهايت نفيس دستانو چڙهيل هو.

مربي پاسو بدلائي، مـُـڙي، اِليوشا ڏانهن غور سان نهاريو. اِليوشا، لـِـزيءَ جي ويجهو ويو ۽ عجيب بيهودي نموني سان مـُـشڪي، اُن ڏانهن پنهنجو هـٿ وڌايو. لـِـزي هاڻي پاڻ کي گهڻو اُوچو سمجهڻ لڳي.

 ”ڪيٽرينا ايونوا، اوهان ڏانهن هيءُ منهنجي ذريعي موڪليو آهي.“  هـُـن هڪ ننڍڙو ڪاغذ کيس وَڌائي ڏنو.  ”هـُـن خاص طرح اوهان کي عرض ڪيو آهي، ته جيترو ٿي سگهي، ايترو جلد وٽس وڃو، کيس پـَـڪَ آهي، ته اوهان کيس ناراض نه ڪندا ۽ ضرور وٽس ويندا.“

 ”هن منهنجي لاءِ چيو آهي، ته کيس ملڻ وڃان؟ منهنجي لاءِ؟ آخر ڇا جي لاءِ؟“ اِليوشا تعجب وچان بـڙ بڙ ڪندو رهيو. سندس چهرو بلڪل تشويشناڪ ٿي لڳو.

 ”اُن جو واسطو ته سچ پچ دمتري فيودور پاولووچ سان آهي. مان اُهو ٻڌائيندس جو پوءِ ٿي گذريو آهي.“  ماڻس سمجهائڻ لڳي -  ”ڪيٽرينا ايونوا بلڪل پختو اِرادو ڪيو آهي پر هوءَ اوهان سان ملڻ گهري ٿي. ڇا جي لاءِ؟ سو مان ٻـُـڌائي نه ٿي سگهان پر هوءَ اوهان سان جلد ملڻ گهـُـري ٿي. اِها پـَـڪ آهي، ته اوهان اُن ڏانهن ضرور ويندا. هيءُ هڪ مذهبي فرض سمجهو.“

 ”مان ته کيس هڪ ڀيرو ڏٺو آهي.“  اِليوشا، ساڳي پريشانيءَ جي حالت ۾ چيو.

 ”او، هـُـو ڪهڙي نه پرستش جي قابل ۽ بي نظير شخصيت آهي! جيڪڏهن فقط سندس تڪليفن خاطر ... ٿورو سوچيو، ته مٿس ڇا ڇا نه گذريو آهي ۽ ڇا نه هوءَ برداشت ڪري رهي آهي! خيال ته ڪيو، هـُـن لاءِ ڇا باقي بچيو آهي، هيءُ سڀ ڪجهه وحشتناڪ  آهي، وحشتناڪ!”

 ”چڱو مان ويندس.“   اِليوشا ننڍڙي ڪاغذ کي پڙهندي چيو، جو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ پـُـرسرار هو، جنهن ۾ اهو عرض ڪيل هو، ته هـُـو سواءِ ڪنهن غور ڪرڻ جي وٽس ايندو.

لـِـزيءَ وٽ جيترو به آواز هو، اُن سان رڙ ڪري چيائين ته، ”اوهان ڪيترا نه مهربان آهيو! مون ڏانهن ڏسو، مان پنهنجي ماءُ کي چيو هو ته،  ”هـُـو ڪنهن به قيمت تي نه ويندو. هـُـو پنهنجي نفس کي پاڪ ڪرڻ ۾ مشغول آهي. توهان ڪيڏا نه نيڪ آهيو. مان هميشه خيال ڪندي هيس ته توهان نيڪ هوندا. مان ايئن چوندي، ڪيتري نه خوش ٿي ٿيان.“

لـِـزيءَ جي ماءُ چپن ۾ مشڪي ۽ زوردار آواز ۾ چيائين ته،  ”اليگزي فيودور ووچ! تو اسان کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. تون اسان ڏي اَچين ئي نه ٿو. اُن هوندي به لـِـزيءَ مون کي ٻه ڀيرا چيو آهي، ته هوءَ اوهان کان سواءِ ڪڏهن به خوش نه ٿي رهي.“

اِليوشا پنهنجين جهڪيل نگاهن کي مٿي کنيو ۽ وري سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. هـُـو وري به بنا ڪنهن مطلب جي مشڪيو. مربيءَ ٻيهر کيس وري نه نهاريو. بلڪ اُن راهب سان، جنهن جي بابت ٻـُـڌائي آيو آهيان ته، هـُـو لزيءَ جي ڪرسيءَ جي ڀرسان منتظر هو، ڳالهائڻ شروع ڪيو.

اُهو راهب، سادو ۽ تنگ نظر، ڪڙمين جي گروهه مان ٿي لڳو، مگر ايمان وارو ۽ راسخ الاعتقاد ٿي ڏٺو. هن ظاهر ڪيو، ته هـُـو نهايت ڏورانهين پنڌ جو، اُتر ۾ اُبدور سڪ جو ويٺل آهي ۽ سينٽ سيئلويسٽر جي غريباڻي خانقاه سان تعلق ٿو رکي، جنهن ۾ فقط ڏهه راهب رهن ٿا. مربيءَ کيس دعا ڪري دعوت ڏني، ته جنهن وقت به سندس دل چاهي، سندس حجري ۾ اَچي وڃي سگهي ٿو.

اوچتو اُن راهب، لـِـزيءَ جي شفا ڏي، واضح ۽ يقين سان اشارو ڪيو.

 ”بيشڪ اسان گهڻو اڳ ۾، هن جي شفا جون ڳالهيون ٿا ڪريون. جيڪڏهن ٿورو هـِـن کي افاقو ٿيو آهي، ته هيءَ مڪمل شفا ته نه چئبي. شايد ٻين سببن جي ڪري وري مرض وڌي وڃي، پر جيڪڏهن ڪا شفا ٿي به آهي، ته اها ڪنهن جي به طاقت نه آهي، پر خدا جي مرضي آهي. هيءُ سڀ خدا جي طرف کان آهي. مون کي ڏسو پيءُ!” هن راهب سان ڳالهائيندي چيو ته  ”هيءُ ڪو منهنجو معمول نه آهي، ته مان ملاقاتين کي ڏسان. مان بيمار آهيان ۽ مون کي خبر آهي، ته منهنجا ڪي ٿورا ڏينهن باقي بچيا آهن.“

 ”اڙي، نه، نه، خدا اوهان کي اسان کان ڌار نه ڪندو. توهان اَڃا گهڻو عرصو جيئرو رهندا. تمام گهڻو وقت“ اُن معزز عورت واڪو ڪري چيو. ”اوهان ڪيئن ٿا پاڻ کي بيمار چئو؟ اوهان ته بلڪل خوش ٿا نظر اَچو. سالم ۽ پـُـر مسرت!“

 ”مان اڄ دستور کان وڌيڪ خوش آهيان، پر اهو سڀ هڪ گهڙيءَ لاءِ آهي، مان پنهنجي مرض کي چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن مان توکي خوش نظر اَچان ٿو، ته مون کي اِن کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ خوش ڪري نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو خوشيءَ لاءِ بڻايو ويو آهي. جو ماڻهو مڪمل طرح خوش آهي، اُن کي حق آهي، ته هو پاڻ کي چوي ته مان خدا جي رضا کي زمين تي پورو ڪري رهيو آهيان. سڀئي نيڪ مرد، سڀئي ولي ۽ سڀئي شهيد خوش هئا.“

 ”او، ڪيئن نه اوهان ڳالهائي رهيا آهيو. ڪيڏا نه جرئت وارا ۽ بلند الفاظ آهن؟“ اُن معزز عورت واڪو ڪري چيو،  ”اوهان جا لفظ دل ۾ گهڙيو ٿا وڃن. اَڃا به خوشي ۽ خوشي - اُها آهي ڪٿي؟ ڪو پنهنجي لاءِ ڪيئن چئي سگهي ٿو، ته هـُـو خوش آهي، جيئن ته اوهان اَسان سان نهايت مهربانيءَ سان هليا آهيو، اُنڪري اجازت ڏيو، ته اسان اڄ هڪ ڀيرو وڌيڪ اوهان کي ڏسڻ لاءِ اچون. مهرباني ڪري غور سان ٻـُـڌو، ته جن ڳالهين کي مان اڳ ۾ چئي نه سگهي آهيان، اُنهن جي ٻـُـڌائڻ جي جرئت نه ڪري سگهي آهيان، جي ڳالهيون مون کي گهڻي وقت کان رنج ڏئي رهيون آهن، اُنهن جي بابت اوهان وٽ قبوليت ڏيان. مان نهايت دُکي آهيان، مون کي معاف ڪر، مان نهايت دُکي آهيان!”

هـُـن احساس جي جوش کان، مربيءَ جي سامهون پنهنجن هٿن کي مهٽيو.

 ”خاص ڪري ڪهڙي شيءِ کان ڏکي آهين؟“

 ”مان اعتقاد جي گهٽتائيءَ کان ڏکي آهيان.“

 ”خدا بابت بي اعتقادي؟“

 ”نه نه، مان اُن بابت ته خيال ڪرڻ جي همٿ به نه ٿي ڪري سگهان. مگر زندگيءَ جو مستقبل - اِها منهنجي لاءِ هڪ وڏي ڳجهارت آهي. ڪوبه نه، ڪوبه نه اُنهن کي حل ڪري ٿو سگهي. غور سان ٻـُـڌو، اوهان عظيم معالـج آهيو ۽ انساني روح کان ڪامل آگاهي ٿا رکو، بيشڪ مان اُنهن جي هام هڻي نه ٿي سگهان، ته اوهان کي اِها اُميد هجي، ته مون ۾ ڪو ڪامل اعتقاد آهي، پر مان اوهان کي پنهنجي عزت جو قسم ڏيندي يقين ڏياريان ٿي، ته هاڻي مان بي توجهيءَ سان نه ٿي ڳالهايان. قبر ۾ زندگيءَ جو خوف ڀريو خيال مون کي دهشت ۽ پريشاني ٿو ڏئي. مون کي خبر نه  آهي، ته مان اِن لاءِ، ڪنهن ڏي رجوع ٿيان. جنهن جي مان سڄي حياتي همـت نه ڪري سگهي آهيان؟ هاڻي مون ۾ همٿ آئي آهي، ته هاڻي اوهان کان پڇان. خدايا! هاڻي اوهان مون لاءِ اَلائجي ڇا سوچيندا هوندا؟“

هن پنهنجا هٿ مهٽيا.

 ”تون پاڻ کي پنهنجي راءِ بابت تڪليف نه ڏئي.“  مربيءَ چيو،  ”مون کي اوهان جي تڪليف جي صداقت بابت پورو پورو يقين آهي.“

 ”آه! ڪيتري قدر نه مان اوهان جي شـُـڪرگذار آهيان. اوهان کي خبر هجي، ته مان جنهن وقت پنهنجون اکيون ٻـُـوٽيان ٿي، فڪر ڪريان ٿي ۽ پاڻ کان پڇان ٿي، ته جيڪڏهن سڀني کي ايمان آهي، ته هيءُ ايمان ڪٿان ٿو اچي؟ ڪو چوي ته هيءُ سڀ اُن دهشت کان آهي، جو فطرت جي مظاهر جي خوف کان پيدا ٿئي ٿو ۽ اُنهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. هيءُ ڏسندي به مان پاڻ کي چوان ٿي، ته سڄي حياتي ايماندار رهڻ کان پوءِ به جڏهن مرنديس تڏهن منهنجو ڪوبه نشان نه رهندو، مگر قبر تي فقط اُڀريل گاهه، جيئن مان ڪنهن مصنف جي تصنيف ۾ پڙهيو آهي. هيءُ ڀيانڪ آهي! ڪهڙيءَ ريت مان پنهنجي اعتقاد کي موٽائي سگهان، مون ننڍپڻ ۾ بنا ڪنهن فڪر جي، ڪـَـٺ پـُـتليءَ وانگر اهو اعتقاد ٿي رکيو. ڪيئن هن کي ڪو ثابت ڪري سگهندو؟ مان هاڻي اچي اوهان جي سامهون پنهنجي روح کي رکيو آهي ۽ اوهان کان اُن بابت پڇان ٿي. جيڪڏهن هيءُ اتفاق به مون کان ويو، ته سڄي حياتي، ڪوبه مون کي اُن جو جواب ڏئي نه سگهندو. پوءِ ڪيئن مان هن کي ثابت ڪري سگهنديس ۽ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهنديس؟ ڪيتري نه مان رنجيده آهيان. مان بيهي پاڻ کي ڏسان ٿي، ته مشڪل سان ڪو ٻيو منهنجي پرواهه ڪري ٿو. ڪو به دماغ هن لاءِ پاڻ کي تڪليف نه ٿو ڏئي. مان ئي اَڪيلي آهيان، جا هن کي سمجهي نه ٿي سگهان. هيءُ منهنجي لاءِ ماريندڙ آهي ..... ماريندڙ!

 ”بيشڪ، هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي. مگر هن کي ثابت ڪري ئي نه ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ تون اُن کان متاثر به ٿي وڃين.“

 ”فعال محبت جي اثر سان حتي المقدور ۽ سرگرم محبت سان پاڙيسرين کي پيار ڪر. هن محبت ۾ جيئن تون وڌندي ۽ اُسرندي ويندينءَ، تنهنجي دل ۾ خدا جي صداقت لاءِ يقين پيدا ٿيندو ويندو، ۽ تنهنجي روح جي غيرفاني هئڻ جو دليل بڻبو. جيڪڏهن تو ۾ پاڙيسريءَ جي لاءِ مڪمل خود فراموشيءَ جي حالت پيدا ٿي، تڏهن توکي بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي يقين پيدا ٿيندو، جو ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي دل جي گهرائين ۾ داخل ٿي وڃي. هن کي آزمايو ويو آهي ۽ اُن جو يقين آهي.“

 ”فعال محبت ۾؟ هتي ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو - هڪ عجيب سوال! اوهان غور ڪريو ته، مون کي انسانيت سان محبت آهي. اوهان کي شايد اُن جو يقين اچي؟ اَڪثر مون کي هيءُ خيال ايندو آهي ته جو ڪجهه به آهي، اُن کي ترڪ ڪري ڇڏيان، ايتري قدر جو لـِـزيءَ کي به، ۽ تارڪ الدنيا راهب بڻجي وڃان. مان اکيون بند ڪري خيال ڪندي آهيان ۽ اِهو خواب ڏسندي آهيان. اُن وقت مان پاڻ ۾ غيبي طاقت محسوس ڪندي آهيان، جا سڀني خرابين تي ڇانئجي ويندي  آهي. اُن وقت مان ڪنهن به زخم يا ڏک ڀري تڪليف کان نه ڊڄندي آهيان. مان اُنهن کي قابو ڪري پنهنجن هٿن سان ڌوئي صاف ڪندي آهيان. مان مصيبت ماريلن جي مداوا ڪنديس. مان تيار آهيان ته اُنهن زخمن کي چمان“.

 ”هيءُ چڱو ٿيو، جو تنهنجي دل انهن خوابن سان معمور آهي، ۽ اُن ۾ غير نه آهي. ڪنهن وقت نه ڄاڻندي به تون نيڪيءَ جو ڪم، حقيقت سمجهي سرانجام ٿي ڪرين.“

 ”هائو، پر مان اهڙي حياتي هميشـه گذاري سگهنديس؟ هوءَ معزز عورت ڪجهه گرميءَ مان چوڻ لڳي،  ”هيءَ مکيه سوال آهي ۽ نهايت تڪليف ڏيندڙ سوال! مان پنهنجون اکيون بند ڪري پاڻ کي چوندي آهيان، ته  ”تون گهڻو وقت پاڻ کي هن رستي تي قائم رکي سگهندين؟ جيڪڏهن ڪو مريض، جنهن جا تون زخم ڌوئي رهين آهين، تنهنجي ناشڪر گذاريءَ ڪري ۽ اُٽلو پنهنجي هـَـوس سان مايوس بڻائي، تنهنجي فياضيءَ سان ڀريل خدمتن کي ناقدردانيءَ سان ڏسي ۽ غليظ گفتگو ڪري، شوخي سان ملائي ۽ توکان وڌيڪ اقتدار وارن وٽ شڪايت ڪري (اُهو اڪثر تڏهن جڏهن ماڻهو وڏيءَ تڪليف ۾ هوندو آهي) - پوءِ ڇا؟ اوهان جي محبت پوءِ به باقي رهي سگهي ٿي يا نه؟ هاڻي اوهان خيال ڪريو، مان ڪهڙي نه دهشت انگيز نتيجي تي پهچي وئي آهيان. جيڪڏهن ڪا به شي“، منهنجي انسانيت جي محبت کي پاش پاش ڪري ٿي، ته اِها ناشڪرگذاري آهي. مختصر ته پوءِ ايئن لڳي ٿو، ته مان مزدوريءَ تي هڪ ملازمه آهيان ۽ مون کي اُميد رکڻ گهرجي، ته اُن جي رقم مون کي هڪدم ملي وڃي - اِهائي محبت جي لاءِ محبت جي تعريف ۽ اَدائگي آهي. ٻيءَ حالت ۾ مان ڪنهن کي پيار ڪرڻ جي لائق ئي نه آهيان.“

ايئن چوندي، هن مان پنهنجي لاءِ شديد نفرت جو احساس پئي ڏٺو. هن مربيءَ ڏانهن حريفاڻين نگاهن سان نهاريو ۽ جواب جو انتظار ڪرڻ لڳي.

 ”هيءَ ساڳي ڪهاڻي آهي، جا مون کي هڪ ڀيري هڪ ڊاڪٽر ٻـُـڌائي هئي“. مربيءَ چيو.  ”هو وڏيءَ عمر وارو ” نهايت هوشيار هو. هـُـو به ايئن صاف ڳالهائي رهيو هو، جيئن اوهان. جيتوڻيڪ هـُـو مذاق هو ۽ تلخ مذاق. هـُـن چيو ته مان انسانيت سان پيار رکان ٿو، پر مان پاڻ تي عجب به کاوان ٿو. جيئن مان عام طرح انسانيت کي پيار ڪريان ٿو، تيئن مان خاص طرح انسان سان گهٽ محبت ڪريان ٿوءِ. هن چيو، ته مان اَڪثر پنهنجي خوابن ۾ انسانيت جي خدمت لاءِ وڏي شوق مان رٿون تيار ڪندو آهيان. اُن لاءِ جيڪڏهن هيءُ ضروري ٿي پوي، ته مان صليب تي چڙهي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهيان. اُن هوندي به مان هڪ ڪمري ۾، ڪنهن سان به، ٻه ٽي ڏينهن گڏ رهي نه سگهندو آهيان. جيئن مون کي پنهنجو تجربو آهي، ته جيئن ئي ڪو منهنجي ويجهو ايندو آهي، ته اُن جي شخصيت مون ۾ بي آرامي پيدا ڪندي آهي ۽ منهنجي آزاديءَ جي مٿان روڪ پئجي ويندي ۽ خاطر جمعي کسجي ويندي آهي. چوويهن ڪلاڪن جي اندر اندر مان بهترين انسان کان نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهيان، ڇو؟ هڪ ته هـُـو رات جي مانيءَ تي گهڻو وقت وٺي ٿو. ٻيو ته کيس زڪام آهي، ۽ هر وقت نـَـڪ کي پيو ٿو سڻڪي. مان اُنهن ماڻهن جو اُن وقت دشمن بڻجي وڃان ٿو، جڏهن هـُـو منهنجي قريب اچن ٿا. مگر هميشه ايئن ضرور ٿيو  آهي، ته جيئن مان انسانن سان انفرادي طرح نفرت ڪريان ٿو، تيئن انسانيت سان محبت ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي.“

 ”پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن حالت ۾ ڪو ڇا ڪري سگهي ٿو. هـُـن کي نااُميدي ۾ رهڻ گهرجي؟“

 ”نه، اُهو ناخوشيءَ جو انداز خود اُميدافزا آهي. توکي جيڪي وڻي سو ڪر، اِهو فعل توکي خود جاچي ٻڌائيندو، ته تو اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. تو نهايت گهرائيءَ ۽ صداقت سان پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن واقعي تون مون سان ايڏو صداقت سان ڳالهائيندي رهي آهين ۽ اِهو فقط اِنهيءَ لاءِ آهي، ته تون فقط پنهنجي صاف گوئيءَ لاءِ، منهنجي پسنديدگي حاصل ڪرين، جا ٿورو وقت اڳ مون کان حاصل ڪئي اَٿئي، ته اهڙيءَ حالت ۾ تون ڪڏهن به سچي محبت جي مسرت حاصل ڪري نه سگهندينءَ. تنهنجون سڀئي شيون خوابي حيثيت ۾ رهنديون ۽ تنهنجي سڄي حياتي وهمي صورت بڻجي پوندي. اهڙيءَ حالت ۾ فطرتاََ تون پنهنجي آئنده حيات تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏيندين. تنهنجي خواهش آخر ۾ سنجيدگيءَ جو فقط نمونو بڻجي ويندي.“

 ”اوهان مون کي مغلوب ڪري ڇڏيو، هاڻي ۽ هن گفتگو ڪرڻ سان. مان ڄاڻان ٿي ته سچ پچ کان پنهنجي صداقت لاءِ فقط اوهان جي پسنديدگي تي ڳولي، اُن وقت جڏهن مان اوهان کي چيو ٿي، ته مان ناشڪرگذاريءَ کي برداشت ڪري نه ٿي سگهان. اوهان مون کي، منهنجي سامهون ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. اوهان منهنجي اندر جي گهراين کي ڏٺو آهي ۽ منهنجي سامهون ئي منهنجي تشريح ڪئي آهي“.

 ”تون سچ ڳالهائي رهين آهين. هاڻي تنهنجي هن اعتراف کان پوءِ، مان خيال ٿو ڪريان ته تون سچ ٿي چوين ۽ تنهنجو قلب پاڪ آهي. جڏهن توکي ڪا خوشي حاصل نه ٿي ٿئي، ته توکي هميشه ياد رکڻ گهرجي ته سنئين رستي تي  آهين. پوءِ توکي ڪوشش ڪري اهو ڇڏڻ گهرجي. سڀ کان مٿي ڪوڙ کان پاسو ڪر، سڀ ڪنهن قسم جي ڪوڙ کان. خاص ڪري اُن ڪوڙ کان، جو پاڻ سان ٿي ڳالهائين. تون پنهنجي فريب تي نظر رک. گهڙي گهڙي ۽ هر منٽ ۾ اُن کي ڏِسُ. اِهڙيءَ ريت پاڻ کان ۽ ٻين کان نفرت ڪرڻ ڇڏي ڏئي. جا به تو ۾ خرابي ڏسڻ ۾ اَچي ٿي، اُها اهڙيءَ ريت نظر ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ صاف ٿي ويندي. خوف ۽ خطري کان پاسو ڪر، ڇو ته خوف به ڪوڙ جي پيداوار آهي. محبت جي حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجي قلب جي ناتواني کان نه ڊڄ. تون پنهنجي بدعمليءَ کان به خوف نه کاءُ. مون کي ڏک آهي، جو مان هن کان وڌيڪ تنهنجي تسليءَ لاءِ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته عملي محبت، خوابي محبت کان وڌيڪ ڏکي ۽ خوفائتي شيءِ آهي. رويائي محبت جو عمل تڪڙو ۽ فوري ٿئي ٿو، جو سڀني جي توجهه کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اُن جو عامل اُن موقعي تي، پنهنجو سر به فدا ڪري ڇڏي، پر هيءَ آزمائش جٽاءَ واري نه ٿي ٿئي ۽ جلد ئي ختم ٿي وڃي ٿي. بلڪل اهڙيءَ ريت جيئن ڪنهن کي اسٽيج تي ويهاريو وڃي ۽ سندس ساراهه ڪئي وڃي. مگر عملي محبت، محنت ۽ مصيبت ۾ تحمل آهي. ڪن ماڻهن لاءِ ته مڪمل علم آهي. مان اوهان کي ذهن نشين ڪرائڻ گهران ٿو ته اُن وقت جڏهن اوهان وحشت سان هيءُ ڏسو ته پنهنجن ڪوششن هوندي به پنهنجي منزل کي قريب تر هئڻ جي بجاءِ پري وڃي رهيا آهيو - اُن وقت ئي اوهان پنهنجي مراد کي پهچو ٿا ۽ خالق جي پراِسرار طاقت کي گرفت ۾ آڻيو ٿا، جو هميشه اوهان کي پيار ڪري ٿو ۽ اوهان جو رهنما آهي. مون کي معاف ڪيو، جو مان گهڻو وقت اوهان وٽ ترسي نه سگهان. ٻيا منهنجي انتظار ۾ آهن. خدا حافظ!”

معزز عورت روئي رهي هئي. هن اوچتو رڙ ڪري چيو:

 ”لزي، لزي، هن کي دعا ڪريو.“

مربيءَ مذاق مان چيو،  ”هيءَ محبت ڪرڻ جي لائق نه آهي. مان سمورو وقت سندس شرارتن کي ڏسندو رهيو آهيان. تون اليڪسي تي ڇو کلي رهي هئين؟“

لزي سچ پچ سمورو وقت مٿس ٺٺولي ڪندي ٿي رهي. هـُـن اڳ ۾ سمجهي ڇڏيو هو، ته اليوشا شرميلو ۽ اُن ڏانهن ڏسڻ کان ڪيٻائي ٿو، جو کيس نهايت وڻندڙ ٿي لڳو. هـُـن ڄاڻي ٻجهي انتظار ٿي ڪيو، ته سندس اکين سان پنهنجون اکيون ملائي. مگر اليوشا ثابت قدميءَ سان، اُنهن نگاهن کي برداشت نه ٿي ڪري سگهيو. هـُـن اُن قابلِ مزاحمت نگاهه کي اوچتو کنيو ۽ لزيءَ ڏي نهاريائين. هـُـن خوشيءَ مان مشڪي سندس چهري ڏانهن ڏٺو. اليوشا زياده بي حواس بڻجي ويو ۽ آخر اُتان ڦـِـري وڃي مربيءَ جي پٺيان لڪو. ٿوري وقفي کان پوءِ، ڪنهن ناقابلِ برداشت ڪشش کان هن اکيون کڻي ڏٺو، ته اَڃا به اُن ڏانهن نهاريو وڃي ٿو يا نه؟ هن ڏٺو ته لـِـزي، ڪرسيءَ مان لڙڪي، پاسي کان ليئا پائي رهي آهي ۽ شوق مان انتظار ڪري رهي هئي، ته هـُـو اُن ڏانهن نهاري به ٿو يا نه؟ سندس نگاهه کي ڏسندي، ايترو ته کلي جو مربيءَ کي چوڻو پيو، ته  ”شرير ڇوڪري! هن سان ايترو مذاق ڇو ڪري رهي آهين؟“

لـِـزيءَ جو چهرو اوچتو ۽ اُميد جي خلاف ڳاڙهو ٿي ويو. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چهرو بلڪل سنجيده ٿي ويو. هن نهايت تڪڙي ۽ بي چين آواز ۾، جو شڪوه سان ڀريل هو، چيو ته:

 ”هن، سڀڪنهن شيءِ کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ مان جڏهن ننڍڙي هيس، ته هيءُ مون کي کڻندو هو. اَسان گڏجي کيڏندا هئاسون. هـُـو مون کي پڙهائڻ لاءِ ايندو هو. اوهان کي هنن ڳالهين جي خبر آهي؟ ٻه سال گذريا، جڏهن ويو ٿي، تڏهن مون کي چيو هئائين، ته هـُـو مون کي نه وساريندو. اسان هميشه جي لاءِ، هميشه جي لاءِ، هميشه جي لاءِ! هڪ ٻئي جا دوست آهيون. مگر هاڻي هـُـو هڪدم مون کان خوف کائڻ لڳو آهي. ڇا مان هن کي ڳڙڪائي وينديس؟ هـُـو ڇو نه ٿو منهنجي ويجهو اَچي؟ ڇو نه ٿو مون سان ڳالهائي؟ ڇو، هـُـو اسان کي ڏسڻ لاءِ نه ايندو؟ اوهان ئي آهيو، جو کيس اسان ڏي اَچڻ جي اجازت نه ٿا ڏيو. اسان کي خبر آهي ته هـُـو جاڏي ڪاڏي وڃي ٿو. هيءُ منهنجو اخلاق نه آهي، جو مان کيس دعوت ڏيان. کيس اِهو پاڻ، پهريائين خيال ڪرڻ کپندو هو، جيڪڏهن واقعي، هـُـن مون کي نه وساريو آهي. نه، هاڻي هـُـو پنهنجي روح جو بچاءُ ڪري رهيو آهي! اوهان کيس اِهو ڊگهو جـُـبو ڇو پهرايو آهي؟ هن سان جيڪڏهن هـُـو ڊوڙندو ته ڪـِـري پوندو.“

اوچتو هن پنهنجي چهري کي هٿن ۾ لڪايو. اَڻ سهڻ جهڙي اعصابي دوري ۾ مبتلا ٿي ڏڪي به رهي هئي ۽ کـِـلي به رهي هئي. مربي مـُـشڪي، کيس غور سان ٻـُـڌو. نهايت پيار مان کيس دعا ڪيائين. جيئن ئي لـِـزي سندس هٿ کي چميو، هـُـن اُوچتو، اُن کي پنهنجي اکين تي رکيو ۽ دانهون ڪرڻ لڳي.

 ”مون تي غصو نه ڪريو. مان بيوقوف آهيان ۽ ڪنهن به ڪم جي نه آهيان ... شايد اليوشا صحيح هجي، بلڪل صحيح. شايد هـُـو مون جهڙي نامعقول ڇوڪريءَ کي اَچي، ڏسڻ نه چاهيندو هجي!”

پر مربيءَ کيس چيو، ته  ”مان پـَـڪَ سان کيس اوهان ڏي موڪليندس“.

 

 

dc


(1) 1. عيسائي، ديول جي وڏي کي، عزت کان فادر يعني پيءُ ڪري سـَـڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org