سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو پهريون

صفحو :3

 

 باب پنجون

َوڏِ ڙا

اوهان شايد اِيئن سمجهندا هوندا، ته منهنجو اهو نوجوان، روڳي، نٻل ۽ پوري پرورش نه هئڻ ڪري، زرد چهري وارو ۽ اَجايا پـَـهه پچائيندڙ جوان آهي. مگر ايئن نه آهي. اُن جي برعڪس، اِليوشا، اُن وقت ڪافي سمجهو، ڳاڙهن ڳلن وارو ۽ هڪ تازو توانو ۽ صحتمند ڇوڪرو هو. هن جون عادتون ڏاڍيون وڻندڙ هيون. هـُـو خوبصورت هو. قد جو پورو پنو، ڪڪا وار، گول چهرو ۽ چمڪندڙ ڪاريون اکيون. هـُـو فڪرمند لڳندو هو، پر ڏاڍو سـُـلجهيل. مون کي ٻڌايو ويو آهي، ته هو ڳاڙهن ڳلن وارو ڪڏهن به تعصب ۽ تصوف جو مخالف ٿي نه ٿو سگهي، پر مون کي دعويٰ آهي ته اليوشا وڌيڪ حقيقت پسند هو. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته خانقاهه ۾ رهڻ کان پوءِ، ڪرامتن ۾ سندس يقين پيدا ٿي ويو هو، پر منهنجي خيال ۾ ڪرامتون حقيقت پسنديءَ جي راهه ۾ ڪابه رُڪاوٽ پيدا ڪري نه ٿيون سگهن. اِها ڪرامت نه آهي، جيڪا حقيقت تي ڇانئجي وڃي.کـَـرو، حقيقت بين، توڙي جو ايمان رکندڙ نه هجي، تڏهن به پاڻ ۾ ڪافي طاقت ۽ جرئت رکي ٿو ته ڪرامتن تي ايمان نه آڻي، پر جيڪڏهن هـُـو ڪرامت سان دوچار ٿئي ٿو، ته اِها هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي، ته هو اِنهيءَ کان جيڪو هن حقيقت تي اعتبار آڻي، پنهنجي حواسن ۾ ئي ايمان نه ٿو آڻي رکي. کڻي هـُـو اُن کي قبول ڪري، ته به اُن کي هڪ امر طبعي سمجهي ٿو، جيڪو اُن وقت تائين کانئس مخفي رهيو هو.

اِهڙيءَ ريت، حقيقت ۾ ٻين انسانن وٽ، ايمان، ڪرامت کان وجود ۾ نه ٿو اَچي، پر اُن جي خلاف ڪرامت، ايمان مان ظاهر ٿئي ٿي. اِنهيءَ مان ئي حقيقت بين، ايمان پيدا ڪري ٿو ۽ اِهائي حقيقت بيني کيس ڪرامت جي وجود جي تصديق لاءِ اُڀاري ٿي. حواري ٿامس چيو آهي ته ”مون کي تيستائين يقين نه آيو، جيستائين مون نه ڏٺو.“ جڏهن هن ڏٺو تڏهن چيائين ته ”اي منهنجا خدا، اي منهنجا مالڪ“، اِها يقيناً ڪرامت نه هئي، مگر هـُـن رڳو اِنڪري قبول ڪيو، ڇو ته سندس اِها خواهش هئي يا ٿي سگهي ٿو، ته جڏهن، هن ايئن چيو هجي ته ”مان تيستائين يقين نه ڪندس، جيستائين ڏٺو نه اٿم.“ تنهن وقت سندس دل سڀ ڪجهه قبول ڪري ورتو هجي.

مون کي ٻـُـڌايو ويو آهي، ته اِليوشا، نادان، ناسمجهه ۽ ناتجربيڪار ڇوڪرو هو. هـُـو ايترو ته اُٻهرو هو، جو پنهنجي تعليم به چڱيءَ ريت ختم ڪرڻ تائين نه ترسيو. اهو سچ آهي ته هن پنهنجي تعليم پوري ريت ختم نه ڪئي هئي، پر اهو ظلم ٿيندو، جو اسان هن کي نادان يا تند فهم چئون يا سمجهون. مان هت پنهنجن لفظن کي وري دهرايان ٿو. هن اهو رستو محض اِنڪري تيار ڪيو، ڇو ته سندس خيالن ۽ دماغ ۾ صرف هڪ ئي ڳالهه حرڪت آندي، ته هـِـن کان بهتر ٻي ڪابه ڳالهه نه آهي، ته هـُـو پنهنجي روح کي دنيا جي تاريڪين مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي. اِن کان سواءِ هــُـو اسان جي دور جو نوجوان هو - يعني فطري طرح ايماندار ۽ صداقت سان پيار رکندڙ. اُن جو چاهيندڙ ۽ اُن تي يقين ڪندڙ. نه فقط ايترو پر هـُـو پوريءَ طاقت سان اُن تي عمل ڪرڻ وارو به هو. ايتريقدر جو جيڪڏهن اُن کي زندهه رکڻ لاءِ کيس پنهنجي زندگيءَ جي قرباني به ڏيڻي پوي ته شايد هو اُن کان به نه ڪيٻائي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته جهڙس ٻيا نوجوان هن ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهندا هجن، ته حياتيءَ جي قرباني ٻين قربانين کان ڪيترين حالتن ۾ آسان شيءِ آهي. مثال طور خصوصيت سان، پنج يا ڇهه سال، جوانيءَ جي حرارت هوندي، تعليم جي حاصل ڪرڻ جي سختيءَ ۾ گذارڻ کان ڪيٻائيندڙ ڪهڙيءَ ريت پاڻ کي سچائيءَ جي خدمت لاءِ وقف ڪري سگهندا، جيڪا قرباني پهرئين سختيءَ کان قوت ۾ ڏهوڻي مٿڀرو آهي. اليوشا جيڪو رستو ڳولي ڪڍيو هو، تنهن جي هـُـو يقيناً اُبتڙ وڃي رهيو هو.  هـُـن اِهو رستو انڪري ڳولي ڪڍيو هو، جيئن هـُـو پنهنجي مهم جي پياس کي جلد ئي سيراب ڪري سگهي. هـُـن جيئن ئي غور ڪرڻ شروع ڪيو، ته هـُـو خدا جي هستيءَ ۽ لافاني زندگيءَ جو قائل ٿي ويو ۽ يڪدم چئي ڏنائين ته ”مان ابدي زندگيءَ لاءِ زندهه رهڻ گهران ٿو. اِن ڏس ۾ مون کي ڪو به وچون رستو اختيار ڪرڻو نه آهي.“ ساڳيءَ ريت، هـُـو جيڪڏهن، اِهو فيصلو نه ڪري ها ته خدا ۽ جاوداني زندگيءَ کي وجود آهي ته پوءِ هـُـو يقيناً دهريو ۽ سماج وادي بڻجي وڃي ها. سماج واد (سوشلزم) به صرف محنت جو سوال نه آهي، پر سڀني ڳالهين کان مٿي دهريت جو سوال آهي ۽ جنهن حالت ۾ اڄ اُن کي قبول ڪيو وڃي ٿو. هتي اِهو سوال آهي ته بابل جو منارو، خدا جي مدد کان سواءِ بڻايو ويو هو ۽ زمين کان جنت ڏي وڃڻو نه آهي، پر جنت کي زمين تي پيدا ڪرڻو آهي. اليوشا لاءِ شايد اِهو مشڪل ٿي پوي ها، جو هـُـو اِن نموني زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪري ها. لکيل آهي، ”تون سڀڪجهه غريبن کي ڏيئي ڇڏ ۽ منهنجي پٺ وٺ، جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ڪامل بڻجين.“

”مان پنهنجا ٻه روبل ’سڀ‘ جي عيوض ڪونه ڏئي سگهندس ۽ هن جي پـُـٺ وٺڻ بدران انبوه ماڻهن ڏانهن موٽي ويندس،“ اليوشا سوچڻ لڳو. ننڍپڻ جي يادگيرين ئي کيس شايد اسان جي خانقاهه ڏانهن موٽايو هو، ڇو ته سندس ماءُ کيس انبوه ڏي ٿي گهليو. سندس دماغ ۾ شايد اُها تصوير اَڃا زندهه هئي، جيڪا اُن ديواني عورت، هن کي سج جي پوين ڪرڻن ۾ ڏيکاري هئي، جنهن ۾ ديوتا  جو پاڇو ٿي نظر آيو. اِنهن ڳالهين تي غور ڪندي، هـُـو شايد اسان وٽ هليو آيو هو. جيئن هـُـو ڏسي سگهي، ته هو سڀ  ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿو يا فقط ٻه روبل! اِهڙيءَ ريت هـُـو خانقاهه جي وڏڙي کي وڃي مليو. مان هت وڏڙي يا مربي جي لفظ کي، جيئن رشيا جي خانقاهن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، تيئن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس، مگر مون کي افسوس ٿو ٿئي جو پنهنجي اَندازي موجب، هن بابت ڪابه واقفيت نه اٿم. اُن هوندي به، جيڪو ٻڌو اٿم، مان اُن کي مختصر بيان ڪندس. ڄاڻـُـن جو چوڻ  آهي ته  ’مربيءَ‘ جو خيال تازو آهي ۽ هن کي مس ڪي سـَـؤ سال گذريا هوندا، مگر مشرق جي راسخ الاعتقاد دوران، خاص طرح سينا ۽ ايٿاس وٽ، اِهو خيال گذريل هڪ هزار سالن کان وٺي هلندو اَچي. چيو وڃي ٿو ته رشيا جي قديم، تاريخي عهد ۾، اِهو خيال رائج هو، اها جماعت موجود هئي ۽ اِها رسم به جاري هئي. مگر رشيا جي مٿان جيڪي آفتون آيون، جهڙوڪ تاتارين جي ڪاهه، گهرو لڙائي يا قسطنطنيه جي برباديءَ کان پوءِ، جيڪي اوڀر سان ناتا ٽٽي پيا، تن هن رسم ۽ رواج کي مورڳو ختم ڪري ڇڏيو. هن خيال کي اسان ۾، هڪ صدي کن اڳ، هڪ تارڪ دنيا بپيسي وئـِـليٽچڪووسڪي ۽ سندس پوئلڳن جاڳايو. اُنهن ڏينهن ۾ اِهو خيال رشيا جي ٿورين خانقاهن ۾ رائج هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن نئين عقيدي سبب ماڻهن تي سختيون به ڪيون وينديون هيون. اُن هوندي به هن خيال ڪوزياسڪي اوپنن جي خانقاهه ۾ تمام گهڻو فروغ حاصل ڪيو. ڪڏهن ۽ ڪيئن اِهو خيال، اسان جي خانقاهه ۾ آيو؟ تنهن جي مون کي ڪابه خبر نه آهي. زوسيما کان اڳ ٻيا به ٻه مربي ٿي گذريا هئا. زوسيما هاڻي بيمارين جي ڪري نهايت ئي اَڀرو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو ۽ سندس جاءِ ڀرڻ لاءِ ڪو به ڪونه هو. اسان جي خانقاهه لاءِ هيءُ نهايت اَهم مسئلو هو، ڇو ته هن (خانقاهه) اَڃا تائين ڪنهن به خاص ڳالهه ۾ ترقي ڪانه ڪئي هئي، نه وٽس ڪي درويش پيدا ٿيا هئا، نه وٽس ڪي شاندار روايتون هيون، نه وري اُن کي ڪا تاريخي اهميت ئي حاصل ٿي هئي. اُن جي ترقي ۽ مشهوري اُن وقت ئي ٿي سگهي پئي، جڏهن اُن جا مربي اِها ڪوشش ڪن، ته هزارين ميلن جي مفاصلي تان گهڻي اَنداز ۾ زيارتي اُتي اَچي ڪـَـٺا ٿين.

اِهو وڏڙو يا پير ڇا آهي؟ ها، نه ته اِهو وڏڙو اُهو آهي، جيڪو تنهنجي روح ۽ خواهش کي ڇڪي وٺي ۽ پنهنجي روح ۽ خواهش ۾ اُن  کي سمائي ڇڏي. تون جڏهن به ڪنهن کي پنهنجو مربي ڪري وٺين، ته پوءِ پنهنجي هر خواهش کي ختم ڪري ڇـڏ. تون سندس پوري پوري تابعداري قبول ڪر ۽ پنهنجي هرچيز کي ترڪ ڪري ڇڏ. هيءَ ريت، هيءُ نفس ڪـُـشيءَ جو رواج، هرڪوئي پنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان، اِن ڪري اختيار ڪندو  آهي، ته جيئن هو پاڻ تي سوڀ پائي سگهي ۽ پنهنجي خواهشن تي قبضو حاصل ڪري سگهي. اِهو اِن ڪري به ڪيو ويندو آهي، ته جيئن هـُـو تابعداريءَ جي حياتي گذارڻ کان پوءِ، مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهي ۽ پاڻ کي چڱيءَ ريت سڃاڻي سگهي، اُنهن گهڻن جي مقابلي ۾، جن سڄي عمر وڃائڻ کان پوءِ به پنهنجو پاڻ نه سڃاتو  آهي. هيءُ طريقو ڪنهن به اُصول يا قاعدي تي ٻـَـڌل ڪونه آهي، بلڪ اوڀر ۾، جيڪي صدين کان ريتون ۽ رسمون رواج ۾ آهن، تن کان ئي پيدا ٿيو آهي. مربيءَ سان، هيءُ عهد ۽ پيمان، ڪا رواجي تابعداري نه آهي، جيڪا رشيا جي خانقاهن ۾ عام طرح قائم رهي آهي. هن قول ۽ اقرار جو مدار، هن ڳالهه تي آهي، ته اُهي سڀئي، جيڪي مربيءَ جي تابعداري قبول ڪن ٿا، سي پنهنجا راز به اُنهن کان ڳجها نه ٿا رکن. ان ڪري، هنن ٻنهي ۾ هڪ اَڻ وڻندڙ رشتو قائم ٿئي ٿو.

هڪ اِهڙي ئي سيکڙاٽ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي - مسيحت جي ابتدائي زماني ۾، هـُـو پنهنجي مربي يا پير جا حڪم بجا آڻي نه سگهيو. هـُـو شام مان سندس خانقاهه ڇڏي وڃي مصر ۾ رهيو. کيس گهڻي ڳولها ۽ ڪوشش کان پوءِ، اُتي هٿ ڪيو ويو. گهڻي غور کان پوءِ، کيس چيچلائي ۽ پيڙا ڏئي مارڻ جو حقدار قرار ڏنو ويو. عام طرح هنن جو اِهو خيال هو ته هن ۾ ايمان باقي نه رهيو آهي. ڪليسا جي خواهش موجب، جڏهن کيس هڪ پادريءَ جي حيثيت ۾ دفنايو ٿي ويو، تڏهن اوچتو ئي هڪ ننڍي پادريءَ نصيحت ڪندي چيو ته ”دور ٿي وڃو، توهان سڀيئي ناپاڪ آهيو.“ تابوت مان شهيد جي لاش کي، ٽي دفعا ٻاهر ڪڍي اُڇلايو ويو. ايتريقدر سڀ ڪجهه ٿي وڃڻ کان پوءِ، ته هن پاڪ نفس، پنهنجي پير (مربي) جي تابعداري کي ڀڳو هو ۽ اُن کي ڇڏي هليو ويو هو. انڪري سندس بخشش تيستائين ٿي نه ٿي سگهي، جيستائين سندس مربي (پير) هن جي نجات لاءِ دعا نه گهري  آهي. اُن کان پوءِ ئي سندس دفنائڻ جو بندوبست ٿي پئي سگهيو. جيتوڻيڪ هيءَ هڪ ڏند ڪٿا ٿي لڳي، مگر هڪ اهڙو واقعو تازو به ٿي گذريو آهي.

هڪ پادريءَ کي اوچتو ئي اوچتو پنهنجي مربي (پير) کان حڪم مليو ته هـُـو ايٿاس کي - جنهن سان کيس بيحد محبت هئي ۽ جنهن کي هـُـو، اَمن ۽ سلامتيءَ جي جاءِ سمجهندو هو - ڇڏي، پهريائين بيت المقدس (يروشلم) وڃي، اُتان جي پاڪ جاين جي زيارت ڪري ۽ تنهن کان پوءِ اُتر سائبيريا ڏي هليو وڃي. کيس ايئن چيو ويو، ته تنهنجي رهڻ جي جاءِ اُها آهي. بدقسمت پادريءَ کي سخت غم ۽ ڏک ٿيو. هـُـو قسطنطنيه جي بطريق اعظم وٽ ويو ۽ کيس عرض ڪيائين ته ”مون کي هن پابندي کان نجات وٺرائي ڏئي.“ مگر بطريق اعظم کيس ٻڌايو ته، ”هـُـو نه فقط کيس اهڙي آزادي وٺي ڏيڻ کان لاچار آهي، پر هن زمين تي، اهڙي ڪابه شخصيت ڪانه آهي، جا اُن کان کيس آزادي ڏئي يا ڏياري سگهي، سواءِ اُن مربي (پير) جي، جنهن مٿس اِهو فرض رکيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ڪليسا جي انهن وڏڙن کي، ڪن حالتن ۾ وسيع ۽ لامحدود اختيار مليل آهن. اِهوئي سبب آهي، جو شروع ۾ موت ۽ حياتيءَ جي حد تائين، اهڙين خانقاهن ۽ راهبن کي ڪڏهن به ڪا مخالفت ڪندي نه ڏٺو ويو. اُن جي برعڪس، ماڻهن ۾ هن فرقي جي لاءِ روز بروز احترام وڌندو رهيو. ڪيترائي اڻ پڙهيل ۽ بعضي ته پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن جا ٽولن جا ٽولا اُتي وڃي جمع ٿيندا هئا ۽ خانقاهن جي وڏڙن وٽ پنهنجن گناهن ۽ تڪليفن جو اظهار ڪندا هئا. پنهنجي نجات لاءِ کانئن صلاحون وٺندا هئا. هيءُ سڀ ڪجهه ڏسندي، آخر ڪن مخالفن چئي ڏنو ته: ”هن اعتراف گناهه جو ڪنهن به مذهبي رسم ۽ رواج سان ڪوبه واسطو نه آهي. اِهو جبر ۽ استبداد سان اظهار ورتو وڃي ٿو ۽ هيءُ عمل نهايت ناڪاره ۽ حقارت سان ڀريل آهي!“ اُن هوندي به، هنن راهبن کي پائداري ملي ۽ هنن ڳالهين جو روسي خانقاهن ۾ وڌ کان وڌ رواج وڌندو ويو. البت هن نقطي کي ياد رکڻ گهرجي، ته هيءُ وسيلو، جيڪو هزار سالن کان انسان ۾ نئين بيداريءَ کي پيدا ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو ويو هو، سو اِهڙي ڪسوٽي ثابت پئي ٿي سگهيو، جنهن جي پرک ٻه - ڌاري ترار وانگر سمجهڻ گهرجي. ممڪن هو، ته هيءُ ڪن ۾ نماڻائيءَ ۽ خودمختياريءَ کي پيدا ڪري، ته ڪن ۾ شيطانيت!

زوسيما جي عمر چوهٺ سال اَچي ٿي هئي. هـُـو زمينداري خاندان جو فرد هو. جوانيءَ جي زماني ۾ فوج جي نوڪري ڪئي هئائين. ڪاڪينرس (ڪوه قاف) ۾، هن فوجي آفيسر جا فرض به بجا آندا هئا. سندس اَندر، شايد ڪا اهڙي شيءِ لڪل هئي، جنهن اِليوشا کي متاثر ڪيو هو. اهو هتي ٻـُـڌائڻ لازمي آهي ته اِليوشا تي ڪابه پابندي ڪانه هئي. کيس اِن ڳالهه جي اجازت حاصل هئي، ته جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي ۽ جيترا ڏينهن چاهي، غير حاضر رهي. هـُـن پنهنجي مرضيءَ سان راهبن جو لباس پهريو ٿي، جيڪو ٻين کان مختلف نه هو. هـِـن ۾ڪو شڪ نه آهي، ته هـُـن هيءَ سڀ ڪجهه پنهنجي مرضيءَ پٽاندر ٿي ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته سندس ننڍيءَ عمر جي سمجهه ۽ تصور، مربي جي شهرت ۽ باطني قوت کان متاثر ٿي هجي. چيو وڃي ٿو ته گذريل ڪيترن سالن کان، ڪيترائي ماڻهو، زوسيما وٽ اچي، پنهنجي گناهن جو اظهار ڪندا هئا ۽ کانئس اُنهن جي بخشش لاءِ صلاحون ۽ مشورا وٺندا هئا. اِهو به مشهور آهي ته کيس هڪ عجيب قسم جي غيبي طاقت ۽ اِلهامي علم حاصل هو، جنهن جي قوت سان، هـُـو اَڻ واقف جي چهري مان سمجهي وٺندو هو، ته اَچڻ وارو ڪهڙي مقصد سان آيو آهي ۽ سندس دل تي ڪهڙو غبار ڇانيل آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن ته هـُـو، اَچڻ وارن جي لاءِ، حيرانيءَ ۽ عجب جو باعث بڻجي پوندو هو. جڏهن هـُـو پنهنجي ڄاڻ جي وسيلي کين اُهي راز ٻـُـڌائيندو هو، جيڪي سندن سينن ۾ محفوظ هوندا هئا.

اِليوشا، اِهو سڀ ڪجهه غور سان  ڏٺو هو. هن ِاِهو به ڏٺو هو، ته اُهي چهرا جيڪي وٽس ايندا هئا، سي ڏاڍا ڪومايل، خوفزده ۽ بي آرام هوندا هئا. پر جڏهن اُهي وٽانئس واپس ورندا هئا، ته سندن چهرا، ٻهڪندڙ ۽ شگفته هوندا هئا. اِليوشا کي جيڪا ڳالهه ڏاڍي وَڻي هئي، سا، اِها هئي، ته هـُـن ۾ ڪـَـڙائي ۽ بي رُخي بنهه ڪانه هئي، پر اُن جي برعڪس هـُـو نهايت پسنديده ۽ خوش طبع هو. راهب اَڪثر چوندا هئا، ته کيس گنهگارن سان ڏاڍو پيار هوندو هو. جيڪي وڌيڪ گنهگار هوندا هئا، تن کي ته اَڃا به وڌيڪ چاهيندو هو. اِن هوندي به، هـِـن ۾ ڪوبه شـَـڪ نه آهي ته ڪي اهڙا به راهب هوندا هئا، جيڪي سندس موت تائين کيس نفرت، حقارت ۽ حـَـسد سان ڏسندا هئا، پر اُهي تعداد ۾ ٿورا هئا. ان ڪري اَڪثر خاموش رهندا هئا. اُنهن ۾ ڪي اهڙا به هئا جيڪي خانقاه ۾ مانَ ۽ مرتبي وارا به هئا ۽ هڪڙي کي ته پنهنجي عبادت ۽ رياضت ڪري امتياز به حاصل هو. مگر گهڻائي اُنهن جي هئي جيڪي زوسيما جا طرفدار هئا ۽ دل و جان سان پيار ڪندا هئا. ڪي ته وري اهڙا به هئا جيڪي ساڻس ديوانگيءَ واري محبت ڪندا هئا. اُنهن ته پنهنجي واتئون ايئن به چئي ڏنو هو، ته هــُـو ولي آهي ۽ اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ڇو ته جڏهن سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن ويجها پوندا ٿي ويا، تڏهن هـُـنن، هـِـن ڳالهه جي اڳڪٿي ڪئي، ته مرهيات جي يادگار طور، جلد ئي خانقاهه کي عظمت ۽ شهرت حاصل ٿيندي. اِليوشا کي ته منجهس، سواءِ ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اهڙو ئي ايمان هو، جهڙو ان ڳالهه تي ته، ڪليسيا مان سندس لاش ٽي ڀيرا مٿي اُڏاڻو هو. هن ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي ڏٺو هو، جيڪي پنهنجي بيمار ٻارن يا عزيزن کي کڻي ايندا هئا ۽ اَچي کيس التجا ڪندا هئا، ته هـُـو مٿن دعا جو هٿ رکي. هن اِهو به ڏٺو هو، ته ٿوري وقت کان پوءِ، يا ٻئي ڏينهن تي خوشيءَ وچان، اُهي اَچي سندس پيرن تي ڪـِـري پوندا هئا ۽ سندس مهربانيون مڃيندا هئا، ڇو ته کين پنهنجي دل جو مقصد حاصل ٿي ويندو هو.

اِليوشا کي اِن ڳالهه تي سوچڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي، ته واقعي اُهي مريض، سندس دعا سان صحتياب ٿيا هئا يا عام رواجي طرح بيماريءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون. اِليوشا کي ته فقط هن ڳالهه تي اطمينان حاصل هو، ته سندس مرشد کي روحانيت جي لازوال دولت حاصل آهي. سندس دلي تسڪين لاءِ ايترو ئي ڪافي هو، ته کيس شهرت ۽ عظمت حاصل آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هـُـو پنهنجي ڪاميابي ۾ شامل ڪري ڇڏيندو هو. مربي جڏهن پنهنجي جهوپڙيءَ مان نڪري، اُنهن عام ماڻهن جي هجوم ڏانهن ويندو هو، جيڪي سندس زيارت خاطر، رشيا جي جدا جدا هنڌن کان، اَچي اُتي جمع ٿيندا هئا، تڏهن سندس دل اُن ڇـِـڪي وانگر، ڌڙڪڻ ۽ لرزڻ شروع ڪري ڏيندي هئي، جنهن جي مٿان تمام ڳـَـرو وزن پيل هجي. هـُـو سندس اڳيان اَچي ڪري پوندا هئا. زاروزار رُئندا هئا، سندس پيرن کي چمندا هئا ۽ زمين جي اُن ٽڪري کي به چمڻ شروع ڪندا هئا، جنهن کي سندس مقدس پيرن ڇهيو ٿي. عورتون پنهنجا ٻار اُن ڏانهن دعا جي خاطر وڌائينديون هيون. مربي ساڻن ڳالهائيندو، دعا جا لفظ پڙهندو ۽ شفقت جا هٿ ڦيريندو، کين موٽي وڃڻ لاءِ چوندو هو. پوين ڏينهن ۾ پنهنجي بيماري جي سخت حملن جي ڪري، هـُـو ايترو ته ڪمزور ٿي پيو هو، جو جهوپڙيءَ کان به ٻاهر نڪري نه سگهندو هو، مگر زيارتي اِنهيءَ اُميد تي، سندس دروازي جي ٻاهران ڏينهن جا ڏينهن ويٺا رهندا هئا، ته مـَـن ڪنهن وقت سندس ديدار نصيب ٿي وڃي. اِليوشا کي هن ڳالهه تي بلڪل تعجب يا حيراني ڪانه ٿيندي هئي، ته هـُـو کيس ڇو عقيدت ۽ محبت سان ڏسن ٿا ۽ ڇو سندس اڳيان جهـُـڪي وڃن ٿا يا کيس ڏسڻ شرط، ڇو جذبات سان ڀرجي روئڻ شروع ڪري ڏين ٿا؟ هـِـن اهو چڱيءَ ريت محسوس ڪيو هو، ته رشيا جو اِهو رولاڪ ۽ عاجز روح، رنج ۽ مشقت جي ڪري بلڪل ٿڪجي پيو آهي. هـُـو اَڃا به دنيا جي لڳاتار ناانصافين ۽ پنهنجين خطائن ڪري، مرده ٿي چـُـڪو آهي. اهڙا روح اِنهيءَ ڪري ڪنهن نه ڪنهن تسليءَ جا محتاج رهن ٿا.

”اسان سڀئي گناهن، بي انصافين ۽ لوڀ ۽ لالـچ سان ڀريل آهيون، پر اُن هوندي به اسان ۾ ڪو اهڙو ضرور آهي، جيڪو نهايت ئي پاڪ ۽ برتر آهي. وٽس سچائي آهي ۽ هـُـو سچائيءَ کي ڄاڻي ٿو. هن زمين تي هـُـو اَڃا زندهه آهي. اُهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هـُـو هن زمين تي اسان جي خواهش موجب اَچي راڄ ڪندو.“

اِليوشا به ڄاتو ٿي، ته عام ماڻهو به ڪجهه ايئن ئي محسوس ڪري رهيا آهن، ۽ اُن لاءِ دليل ۽ هـُـجتون ڏئي رهيا آهن. هـُـن هيءُ به سمجهيو ٿي، ته زوسيما هڪ ولي آهي ۽ روحانيت جو محافظ پڻ. ڇا لاءِ ته کيس جيڪو يقين هو، سو ڪنهن به طرح اُنهن ڳوٺاڻين عورتن کان گهٽ نه هو، جيڪي پنهنجا بيمار ٻار مربيءَ جي اڳيان پيش ڪنديون هيون. اليوشا جو اِهو يقين، ته مربيءَ جي وفات خانقاهه جي لاءِ غير معمولي عظمت جو سبب بڻبي، ٻين جي مقابلي ۾ اَڃا به وڌيڪ مضبوط ۽ قوي هو. سندس دل ۾ جيئن پوءِ تيئن هڪ اندروني جوش ۽ مستيءَ جو شـُـعلو دُکي رهيو هو. هـُـو هن حقيقت کان مطمئن هو، ته سندس مربي هن جي اڳيان هڪ تنها مثال آهي.

”فڪر نه آهي، آخر ته هـُـو پاڪ نفس آهي. هن جي اندر ۾ نئين تازگي بخش زندگيءَ جو راز آهي. اُها تازگي، جيڪا هن زمين کي سچائي ۽ پاڪيزگيءَ سان مالامال ڪري ڇڏيندي. اسان سڀيئي پاڪ ۽ صاف ٿي پونداسين. هڪ ٻئي سان ميٺ ۽ محبت سان هلنداسون ۽ ڪوبه غريب ۽ شاهوڪار ڪونه هوندو. اعليٰ ۽ اَدنيٰ ڪونه هوندو، پر سڀئي هڪ خدا جي مخلوق هونداسين.“ اِهي خيال هئا، جيڪي اليوشا جي دل ۾ پرورش پائي رهيا هئا.

اِليوشا جي دل تي، سندس ٻن ڀائرن جو، جن کي هـُـن اڳ نه ڏٺو هو، گهـَـرو اَثر پيو. هـُـن جي نهايت ئي جلدي، ايون جي مقابلي ۾ پنهنجي ماٽيجي ڀاءُ دمتريءَ سان پريت ٿي وئي، جيڪو اُتي جيتوڻيڪ دير سان پهتو يا هـُـو پنهنجي ڀاءُ ايون ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهيو هو. جيتوڻيڪ هـُـو پاڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن گڏبا هئا ۽ هڪ ٻئي سان، اَڃا ميل ميلاپ ڪونه ٿيو هـُـينِ. اِليوشا فطري طرح سان خاموش طبع هو. هـُـن ڪجهه ڏسڻ ٿي گهريو ۽ کيس ڪنهن نامعلوم ڳالهه کان شڪ ۽ شرم پئي ٿيو. ايون سندس لاءِ ڪجهه به سوچڻ ڇڏي ڏنو هو، جيتوڻيڪ اِليوشا شروع ۾ اِهو محسوس ڪيو هو، ته هـُـو ڏانهس هڪ ڊگهي ۽ عجيب نگاهه سان نهاري رهيو آهي. هـُـو اُن تي پريشان پئي ٿيو. ڀاءُ جي اُن غير معمولي روش کي، پهريائين، ته هـُـن اُن ويڇي ڏانهن منسوب ٿي ڪيو، جيڪو سندن عمر ۽ تعليم پيدا ڪيو هو، پر پوءِ ايون جي بي توجهي ۽ غير تسليءَ کي ڪنهن اِهڙي شيءِ موجب سمجهڻ لڳو، جنهن کان هـُـو بنهه غير واقف هو. هـُـو خيال ڪرڻ لڳو، ته ايون ڪنهن اِهڙي مسئلي ۾ غرق آهي جيڪو نهايت ئي اهم ۽ پيچيده آهي. ڪنهن اهڙي مقصد جي پٺيان آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ آسان نه آهي، اِنڪري شايد اِهوئي سبب آهي جو هـُـو کانئس بي پرواهه آهي. اِليوشا کي اِهو به خيال ٿي رهيو هو ته کانئس هـُـن فاضل دهرئي کي ڪا شڪايت ته نه آهي. ”مان هڪ بيوقوف ۽ نو آموز آهيان“ - کيس هن ڳالهه جي ته پـَـڪ هئي ته سندس ڀاءُ دهريو آهي. کيس اُن ڳالهه تي ڪوبه ڏک ڪونه هو. سچ ته هيءُ آهي ته هـُـن پنهنجيءَ دل ۾ ڪنهن جي لاءِ به نفرت ڪانه پيدا ڪئي هئي. اُن هوندي به هـُـو اُن وقت جو بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو، ته هـُـو ڪڏهن ٿو سرڪي سندس ويجهو ٿئي. دمتري، ايون بابت هميشه نهايت ئي تعظيم، خاص شوق ۽ سنجيدگيءَ سان ڳالهائيندو هو، اِليوشا کي بعد ۾ معلوم ٿيو ته اُها ڪهڙي اَهم ڪـَـڙي هئي، جيڪا ٻن وڏن ڀائرن جي ڳانڍاپي جو سبب هئي ۽ هڪ غير معمولي سنٻنڌ جو ڪارڻ هئي؟ دمتري جنهن خوشيءَ ۽ ولولي سان ايون جو ذڪر ڪندو هو، سو اليوشا جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏيندو هو. ايون جي مقابلي ۾ دمتري بلڪل جاهل لڳندو هو ۽ ٻنهي ڀائرن جي شخصيت توڙي اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ ايتري ته غير مناسبت هوندي هئي جو ٻنهي ۾ فرق ڪرڻ وقت ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿيندي هئي. اِهو اُن وقت کيس محسوس ٿيو هو، جڏهن ناموافق خاندان جي گڏجاڻي مربيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ ٿي هئي ۽ جنهن جو اليوشا تي بيحد اَثر ٿيو هو. هن مجلس بابت جيڪو بهانو بڻايو ويو هو، تنهن جو سچ سان ڪوبه واسطو نه هو. اِهوئي وقت هو، جڏهن دمتري ۽ سندس پيءُ جي وچ ۾ نااتفاقين ۽ اختلافن شدت اختيار ڪئي هئي. سندن تعلقات ناقابل برداشت ۽ ڪشيده ٿي پيا. فيودور  پاولووچ شروع ۾ ظاهري طرح مذاق وچان هيءَ رٿ ڏني هئي، ته اسان سڀئي زوسيما جي ڪوٺڙيءَ ۾ ملون، ته شايد سندس ميل ميلاپ واري هٿ هيٺ ۽ سندس موجودگيءَ ۾ ڪنهن خوشگوار نتيجي تي پهچي وڃون. دمتري، جنهن کي پهريائين مربيءَ جي ڪابه ڄاڻ نه هئي، شڪ ڪرڻ لڳو ته هـُـو شايد کيس پست ۽ ذليل ٿو ڪرڻ گهري، پر جيئن ته هـُـو پنهنجي پيءُ جي مٿان ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي خفگيءَ ۽ ناراضپي جو اظهار ڪري چـُـڪو هو ۽ اُن تي کيس ندامت پئي ٿي، تنهنڪري اِن ڳالهه کي کڻي قبول ڪيائين. هـُـو ايون وانگر پنهنجي پيءُ سان نه ٿي رهيو پر شهر جي ڪنهن ٻيءَ ڪنڊ ۾ ٿي رهيو. اُن زماني ۾ پيٽر اليگزينڊرووچ موسيوف اتفاق سان ضلعي ۾ ئي رهيل هو، تنهن هن معاملي ۾ گهري دلـچسپي وٺڻ شروع ڪئي. تعجب آهي ته چاليهه پنجاهه ورهين جو آزاد طبع ۽ آزاد خيال دهريو، هن قصي ۾ ڪيئن دلچسپي وٺي رهيو هو؟ سندس جاءِ تي جيڪڏهن ٻيو ڪو هجي ها، ته ڪـَـڪ ٿي پوي ها ۽ اُن کي اَدنيٰ قسم جو تماشو سمجهي ڇڏي ڏئي ها. هن ۾ جيڪا اِها اچانڪ خواهش پيدا ٿي، ته هـُـو خانقاهه جي الله جي ٻانهي کي ڏسي سا واقعي حيرانيءَ جي ڳالهه آهي. اِهو شايد اِن سبب کان هجي ته اُن وقت خانقاهه جي خلاف مقدمو هلي رهيو هو ۽ هن اِهو بهانو بڻايو هجي، ته مربيءَ سان ملي، اُن سموري معاملي جو به دوستاڻي نموني سان فيصلو ڪيو وڃي. اَچڻ وارو جيئن ته نهايت ئي نيڪ اِرادي ۽ نيڪ نيتيءَ سان اَچي رهيو هو، تنهنڪري هـُـن ڏي، وڌيڪ توجهه ڏيڻ لازمي هو، بنسبت اُن جي، جو ڪوئي تماشي خاطر اَچي ها. خانقاهه وارن مربيءَ تي زور ڀريو ته هـُـو اُن کي قبول ڪري. مربيءَ جي اُن وقت اِها حالت هئي جو هـُـو بيماريءَ سبب ڪوٺڙيءَ کي ڇڏيندو ئي نه هو ۽ عام رواجي طرح اَچڻ وارن سان به ڪونه ملندو هو. آخرڪار هن قبول ڪيو ۽ اُن لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو ويو. اِليوشا کان هن رڳو مشڪندي اِيئن پڇيو هو ته ”مون کي ڪنهن هنن جو ٽياڪڙ مقرر ڪيو آهي؟“

اِليوشا، جڏهن رٿيل دعوت لاءِ ٻـُـڌو، تڏهن ڏاڍو گهٻرائڻ لڳو، ڇو ته اِهي سڀئي جهڳڙالو ۽ تڪراري ماڻهو هئا ۽ فقط دمتري ئي هن ملاقات کي سنجيدگيءَ سان ٿي ڏٺو. ٻيا سڀيئي جيڪي اَچي رهيا هئا سي غليظ ارادي سان ٿي آيا، يا مربيءَ جي بيعزتي ڪرڻ ٿي آيا. اِليوشا، انهن کان غير واقف نه هو. ايون ۽ موسيوف، ڪنهن عجب وچان ٿي آيا - شايد ڪنهن ناشائستگيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سندس پيءُ وري ڪنهن بيهودگيءَ کي ڏيکارڻ لاءِ، خيال ڪيو هجي. هـُـن اَڃا ڪجهه به نه ڳالهايو هو، پر اليوشا پيءُ کي چڱيءَ ريت سڃاڻندو هو. هت وري به اِهو دهرائڻو پوي ٿو، ته ڇوڪرو ايترو ساده لوح نه هو، جيترو کيس سمجهيو ٿي ويو. هـُـو اُن ڏينهن جو نهايت بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳو. اِن ۾ ڪوبه شـَـڪ نه آهي ته هـُـو هميشه اِن ڳالهه تي غور ڪندو ٿي رهيو ته گهر جا اِهي جهڳڙا، ڪهڙي نموني نبيريا وڃن؟ اُن هوندي به کيس جيڪا مربيءَ جي ڳڻتي هئي، هـُـو هن لاءِ ڪنبي رهيو هو، ته متان سندس عظمت جو اپمان ڪيو وڃي يا ٻي ڪا ذلالت ٿئي، تنهن لاءِ کيس ڏاڍو خوف پئي ٿيو. خاص طرح اُن مهذب رومال ۾ ڍڪيل موسيوف جي طنز ۽ اعليٰ تعليم يافته ايون جي مغروراڻي لهجي جو، جيڪو سندس واتان نڪرندو ٿي رهيو. هـُـن خيال ڪيو ته هـِـن سموري معاملي کان مربيءَ کي واقف ڪري ڇڏجي، پر ٻين خيالن جي اَچڻ جي باعث خاموش ٿي رهيو. هـُـن فقط ايترو ڪيو جو دمتريءَ کي، پنهنجي هڪ دوست جي معرفت ايترو چوائي موڪليائين، ته هو پنهنجي واعدي تي قائم رهي. دمتريءَ کي عجب لڳو ته هـُـن اِهڙو ڪو به واعدو نه ڪيو هو، پر اُن هوندي به، هڪ خط جي رستي، کيس جواب ڏنائين ته ”هـُـو انتهائي ڪوشش ڪندو، ته ڪنهن به ناراضپي جو سبب نه بڻجي“. جيتوڻيڪ کيس مربي ۽ پنهنجي ڀاءُ ايون لاءِ بيحد احترام هو، پر اُن هوندي به کيس اهو يقين هو، ته اِهو سڀ ڄار پکڙيل آهي، اها هڪ ذليل حرڪت آهي. اُن خط جي پڇاڙيءَ ۾ هـُـن لکيو ته ” اُن هوندي به پنهنجي زبان کي پٽي ڪڍندس جو اُن اهل ِلله لاءِ، ڪنهن به بي عزتيءَ جو سبب بڻجان، جنهن لاءِ تنهنجي دل ۾ ايتري تعظيم ۽ تڪريم آهي“.

اليوشا کي هن خط تي، ڪابه خاص خوشي ڪانه ٿي.

 

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org