سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ڇهون

صفحو :22

 

باب ٻيو

مربي زوسيما جي جوانيءَ جون يادگيريون اِنهيءَ کان اڳ ۾ جو هـُـو راهب بڻيو

مان وڏو عرصو، قريباً اٺ سال پيٽرسبرگ جي ابتدائي فوجي اسڪول ۾ گذاريا. تعليم وٺڻ جي دوران ۾، اُتي جي چوڌاري شيون نظر آيون، اُنهن جو اَثر جيتوڻيڪ ٻاراڻي وَهيءَ جي سبب جهڪو ٿي ويو آهي، پر مان اُنهن کي وساري نه سگهيو آهيان. مان اُتي ڪيتريون ئي نيون عادتون ۽ رايا پرايا. مان هڪ سنگدل، وحشي ۽ ظالم بڻجي پيس. فقط سماج جي لاءِ مهرباني ۽ ٻيون رسمي ڳالهيون، مٿاڇري طور سکيم. اِهي به فرينچ زبان جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ.

اَسين سڀ ۽ مان به، ملازمت جي زماني ۾ سپاهين کي ڍورن وانگر سمجهندا رهياسين. مان هن معاملي ۾ ٻين کان وڌيڪ خراب هوس. ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي همراهن کان وڌيڪ حساس هوس. وقت گذرڻ تي اَسان آفيسر جي حيثيت ۾ اسڪول کي ڇڏيو. هاڻي اَسين فوج جي ناموس لاءِ، پنهنجي حياتين کي به قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئاسون پر اَسان مان ڪنهن کي به صحيح عزت ۽ ناموس جي سـُـڌ نه هئي. جيڪڏهن ڪو اُنهن مان هن کي ڄاڻي به ها ته به هـُـو پهريون ماڻهو هجي ها، جو اُن جو مذاق اُڏائي ها. شراب، زنا ۽ شيطانيت، اُهي شيون هيون، جن تي اَسان فخر ٿي ڪيو. مان اِيئن نه ٿو چوان ته اَسان سڀئي فطرتاً خراب هئاسون. هيءُ سڀ نوجوان چڱا ماڻهو هئا، پر سندن هلت خراب هئي ۽ مان ته اُنهن سڀني ۾ بڇڙو هوس. هن خرابيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو هو، جو مون کي پنهنجي به دولت هئي، اُن ڪري مان عيش ۽ عشرت جي زندگي ۾ ڪـِـري پيس ۽ جوانيءَ جي سڀني بدڪارين ۾ ڪاهي پيس.

مان پڙهڻ جو ڏاڍو شوقين هوس. پر هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، ته اُن مطالعي جي شوق هوندي به مان ڪڏهن به انجيل کي نه کوليو. جيتوڻيڪ مان هميشھ اُن کي پاڻ سان گڏ رکندو هوس ۽ اُن کان ڪڏهن به جدا نه ٿيس. حقيقت هيءَ آهي، ته مان اُن ڪتاب کي، ڪنهن گهڙي، ڪنهن مهيني ۽ ڪنهن سال جي لاءِ نگاهه ۾ ٿي رکيم. جيتوڻيڪ مان اُن کي نه ٿي سمجهيو.

چئن سالن جي هن زندگي کان پوءِ، مون کي ”ڪي“ شهر ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. جتي اَسان جي فوج جو دستو، اُن وقت اُتي مقيم هو. مان اُن شهر جي ماڻهن کي همدرد، شاهوڪار ۽ تفريح جو شوقين ڏٺو. مون کي اُتي جتي ڪٿي همدرداڻي آجيان ملي. جيئن مان زندهه دل طبعيت جو هوس ۽ دولتمند مشهور هوس، اُن ڪري وڏي مرحبا ٿي. ڇو ته دولتمنديءَ کي دنيا ۾ وڏي عزت حاصل آهي. اُن کان پوءِ اِهڙو اتفاق ٿيو، جنهن منهنجي لاءِ اهم حادثا پيدا ڪيا.

منهنجي هڪ حسين ۽ ذهين نوجوان ڇوڪريءَ سان واقفيت پيدا ٿي، جا هڪ اَميراڻي ۽ اعليٰ خاندان مان هئي. هوءَ اُن خاندان مان هئي، جنهن جي گهڻي عزت ٿي ڪئي وئي. هـُـو ماڻهو وڏي درجي ۽ اَثر وارا هئا. هـُـو هميشھ منهنجي همدرداڻي ۽ دوستاڻي مرحبا ڪندا هئا. مان عجب مان ڏسندو هوس، ته اُها نوجوان سکر ڇوڪري، مون کي هميشھ پيار سان ڏسندي هئي، ۽ منهنجي دل هن حالت کي ڏسي ڀڙڪي اُٿندي هئي. مون پوءِ ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح محسوس ڪيو، ته مان سندس محبت ۾ ايڏو بي تاب نه هوس، پر مان سندس قلب جي گهـَـرائي ۽ اخلاق کان واقف ٿيڻ ٿي گهريو. اِئين برابر آهي، ته مان اِئين ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيس. مان پنهنجي خود مطلبيءَ جي باعث کيس پنهنجي خواهش کي پيش ڪرڻ کان به رڪجي ويس. ڇاڪاڻ، ته مون کي هيءُ ڏکيو ٿي لڳو، ته هن جوانيءَ ۽ اقبال جي زماني ۾، زندگيءَ جي لطف، آزاديءَ ۽ عيش عشرت کان، پاڻ کي پري رکان. مان پنهنجي جذبات جي لاءِ ڪي اِشارا ضرور ڪيا، جيتوڻيڪ مان پنهنجي آخري فيصلي جي ڏاڪي کي ڪجهه وقت لاءِ مهمل ڪري ڇڏيو. اُن وقت اوچتو ئي اوچتو، اسان کي ٻن مهينن لاءِ، ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ وڃڻ جو حڪم مليو.

جڏهن مان موٽي آيس، ته اُن ڇوڪريءَ کي هڪ پاڙيسري، شاهوڪار زميندار سان پرڻيل ڏٺو. هو محبت جي لائق، ننڍي عمر وارو پر مون کان عمر ۾ وڏو هو. هـُـو پيٽرسبرگ جي اعليٰ سوسائٽي سان وابسته هو، جنهن سان مان ڳنڍيل نه هوس. هـُـو اعليٰ تعليم يافته هو ۽ مان نه هوس. مان هن اُميد جي خلاف معاملي کان ايترو، ته متاثر ٿيس، جو منهنجي دل ۾ غم جا ڪڪر ڇانئجي ويا. سڀ کان بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، جيئن مان پوءِ ٻـُـڌو ته، هـُـو نوجوان زميندار، ساڻس گهڻي وقت کان مڱيل هو ۽ سچ پچ مان ڪيئي ڀيرا، ساڻس، هن جي گهر ۾ مليو هوس. پر مان پنهنجي تصور ۾ ايڏو، ته اَنڌو ٿي ويو هوس، جو مان ڪجهه به نه ٿي سمجهيو. مان هن کي خاص طرح پنهنجي لاءِ ذلالت سمجهي. اَڪثر سڀني ماڻهن، هن کي سمجهيو ٿي پر مون کي ڪا به خبر نه هئي. مان اوچتو سخت جوش ۾ اَچي ويس. منهنجي چهري جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ مون کي ياد آيو، ته مان ڪيئن نه، پنهنجي محبت کي پڌري ڪرڻ واري منزل تي پهچي چـُـڪو هوس ۽ هـُـن ڪڏهن به اِها ڪوشش نه ڪئي ته مون کي اِيئن ڪرڻ کان روڪي يا خبردار ڪري. مان هن نتيجي تي پهتس، ته هوءَ سمورو وقت، مون تي کلندي هوندي. گهڻو پوءِ، بيشڪ مان خيال ڪيو ۽ ياد آندو، ته هوءَ منهنجي مٿان کلڻ کان گهڻو پري هئي. پر اُن جي خلاف هوءَ منهنجي محبت جي اظهار کي مذاق ۾ بدلائي ڇڏيندي هئي ۽ ٻين مضمونن تي ڳالهائيندي هئي، پر اُن وقت مان ايترو سوچي ئي نه سگهيس ۽ مون کي فقط انتقام جو انتظار هو. مان اُن ڳالهه کي ياد ڪري عجب ٿو کاوان، ته منهنجي غصي ۽ انتقام وارا جذبا، منهنجي پنهنجي فطرت جي ڪيڏو نه ابتڙ هئا. پنهنجي سادي ۽ عياش طبعيت جي باعث، مون لاءِ هيءُ ڏکيو هو، ته ڪنهن سان گهڻو وقت ڪاوڙيو رهان، اُن ڪري مون نقلي ۽ هٿرادو طرح، پاڻ کي تيار ڪرڻ لڳس ۽ آخرڪار باغي ۽ عقل کان خارج بڻجي ويس.

مان موقعي جو منتظر رهيس ۽ هڪ وڏي مجلس ۾، پنهنجي رقيب جي بي عزتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. مان سندس بي عزتي سندس راءِ تي، جا هڪ مکيه عوامي واقعي بابت هئي، عذر طور وٺي، تمسخر ڪئي! هيءَ 1826ع جي ڳالهه آهي، ماڻهن چيو ٿي، ته منهنجو اِهو مذاق، نهايت کـُـليل ۽ اَثرائتو هو. اُن کان پوءِ مان معافي وٺڻ لاءِ مٿس ايڏو ته زور وڌو ۽ ساڻس ايڏو ته ناروا هليس، جو عمر جي وڏي تفاوت هوندي به هن منهنجي مقابلي جي سـَـڏ کي قبول ڪيو. مان کانئس عمر ۾ ننڍو هوس ۽ مرتبي جي لحاظ کان به مان اُن جي مقابلي جهڙو نه هوس. مون کي پوءِ خبر پئي ته سندس حاسداڻي جذبات ئي کيس منهنجي مقابلي جي سڏ جي جواب لاءِ تيار ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته هـُـو پنهنجي شاديءَ کان اڳ ۾ پنهنجي زال جي ڪري مون سان حسد ڪندو ٿي رهيو. هو هاڻي منجهي پيو ته جيڪڏهن هـُـو مون کان دٻجي ويو ۽ پنهنجي بي عزتي جي باعث، منهنجي مقابلي جي سڏ کي نه ٿو قبول ڪري ته سندس زال اهو ٻڌي، متان کانئس نفرت ڪري ۽ اُن جي محبت ۾ غم اَچي وڃي. مون کي آسانيءَ سان شاهد ملي ويو، جو منهنجي فوجي دستي مان هو ۽ منهنجو دوست هو. اُن زماني ۾ هي شخصي مقابلا سخت ممنوع هئا ۽ اُنهن جي لاءِ سخت سزا هئي، پر اِهڙي قسم جا مقابلا، آفيسرن ۾ رسم ۽ رواج سمجهيا ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته سندن وحشياڻيون عادتون، منجهن گهريون هيون ۽ اُهي ڪڏهن ڪڏهن بـُـري طرح اُِڀري اينديون هيون.

جون جي پڇاڙي هئي ۽ اسان جو مقابلو هڪ ڏينهن، صبح جو ستين وڳي، شهر جي پسگردائيءَ ۾ رکيل هو. اُن وقت هڪ اِهڙو واقعو ٿي پيو، جنهن سچ پچ منهنجي حياتيءَ جي راهه کي ئي بدلائي ڇڏيو. شام جو جڏهن مان گهر موٽي رهيو هوس ۽ اُن وقت جوش ۽ وحشانيت جي حالت ۾ هوس، مان پنهنجي اَردلي آفناسي تي غصي ۾ اَچي ويس ۽ وڏي زور مان سندس منهن تي ٻه چماٽون وهائي ڪڍيم. اُهي ايڏيون، ته زور واريون هيون جو سندس منهن مان رت نڪري آيو. هـُـو منهنجي ملازمت ۾ ڪو گهڻي وقت کان نه هو. مان کيس اڳي به ماريو هو، پر ايڏو جوشيلو ۽ ظالماڻو نه. جيتوڻيڪ اُن کي چاليهه ورهيه گذري ويا آهن، پر جيڪڏهن اوهان مون تي اعتبار ڪريو، ته اڄ به اُن واقعي کي ياد ڪري، ندامت ۽ درد ٿو ٿئي. مان بستري تي ويس ۽ ٽي ڪلاڪ کن ننڊ ڪيم. مان جڏهن جاڳيس ته ڏينهن ٿي ويو هو. مان اُٿيس ۽ وڌيڪ وقت ننڊ ڪرڻ نه چاهيم. مان دريءَ ڏي ويس ۽ ان کي کوليم. اُها باغ جي طرف ٿي کـُـلي. مان ڏٺو ته سج اُڀري رَهيو آهي. هـُـو گرم ۽ سهڻو ٿي لڳو ۽ پکي پنهنجون لاتيون ڪري رهيا هئا.

مان خيال ڪيو، ته هن ڪائنات جو مقصد ڇا آهي؟ مان پنهنجي دل ۾ نفرت ۽ شرمندگيءَ کي محسوس ڪيو. ڇا هن جو مطلب ۽ مقصد اِهو آهي، ته مان رت هارڻ ٿو وڃان؟ مان خيال ڪيو، ته هـِـن جو اِهو مقصد نه آهي. ڇا اِيئن ٿي سگهي ٿو، ته مان موت کان ڊڄان ٿو ۽ خوف ٿو ٿئيم، ته ماريو ويندس؟ نه نه، اِئين نه آهي. اوچتو منهنجي سمجهه ۾ اَچي ويو. هيءَ جذبات جي ڪشمڪش اِنهيءَ لاءِ هئي ته مان گذريل شام تي، افناسي کي ماريو هو. منهنجي ذهن تي سڀئي ڳالهيون تـَـري آيون ۽ اُهي اِيئن ٿي لڳيون، ڄڻ ته وري دهرايون ٿيون وڃن. ڄڻ ته هـُـو منهنجي اڳيان بيٺو آهي، ۽ مان سندس منهن تي سنئيون سڌيون چماٽون هڻي رهيو آهيان. هـُـن پنهنجي ٻانهن کي زور سان لڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ سندس مٿو اِهڙي ريت سنئون آهي، ڄڻ پيريڊ ۾ بيٺو آهي. هـُـو هر هڪ ڌڪ کي ٿاٻڙندي برداشت ڪـَـري رهيو آهي. ۽ کيس اِها به طاقت نه رَهي آهي، ته هـُـو هـَـٿ مٿي کڻي پنهنجو بچاءُ ڪري. هيءُ هڪ انسان جو ڪارنامو هو، جو پنهنجي همجنس کي اِهڙي ريت ماري رَهيو هو. ڪيڏو نه گناهه جو ڪم ڪري رهيو هو. مان اِيئن سمجهيو، ته ڪنهن منهنجي اندر ۾ ڄڻ ته تيز ڌار وارو خنجر هڻي ڇڏيو آهي. مان اِنهيءَ خيال ۾ اِئين بيهي رَهيس، ڄڻ ته بلڪل ٻوڙو ٿي ويو آهيان. اُن وقت سج چمڪي رهيو هو، وڻن جي پنن مان خوشي ٿي نظر آئي ۽ پکي خدا جي ساراهه پنهنجي لاتين ۾ ڪـَـري رهيا هئا. مان پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪايو. بستري ۾ ڪـِـري پيس ۽ اکين مان ڳوڙهن جو طوفان جاري ٿي ويو. اُن وقت مون کي منهنجو ڀاءُ مارخيل ۽ سندس موت جي بستري ۾ چيل قول ياد آيو، جو هن پنهنجي ملازمن کي چيو هو:

 ”منهنجا عزيزو! اوهان منهنجي ايتري خدمت ڇو ٿا ڪريو ۽ مون سان ايڏي محبت ڇو ٿا ڪريو؟ ڇا مان ايتريقدر ۽ قيمت وارو آهيان، جو اوهان منهنجي ايڏي خدمت ٿا ڪريو؟“

 ”هائو، مان ايتري قيمت جو آهيان سهين؟ اِهو خيال منهنجي اندر ۾ جاڳيو. آخر مان ايتري قيمت جو آهيان سـَـهين جو ٻيو ماڻهو، منهنجو همجنس، جو مون وانگر خدا جو سايو آهي، منهنجي خدمت ڪـَـري؟ پهريون ڀيرو، منهنجي حياتيءَ ۾ هيءُ سوال، منهنجي اندر مان اُٿيو. مارخيل چيو هو:  ”اَما، مان ۽ منهنجي ننڍڙي دل، اَسين سچ پچ سڀ جي لاءِ جوابدار آهيون. هي فقط انسان ئي آهي، جو ڳالهيون نه ٿو ڄاڻي. جيڪر هـُـو اُنهن کي ڄاڻي ته هيءَ دنيا هڪدم بهشت بڻجي وڃي.“

 ”خدايا هيءُ غلط ٿي سگهي ٿو؟“ جيئن مان رنس ٿي، ته هيءُ خيال آيو: ”شايد مان سڀني شين جي لاءِ، سڀ کان وڌيڪ جوابدار هوس ۽ جهان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڏوهاري.“  اوچتو سموري صداقت، پنهنجي مڪمل روشنيءَ سان، منهنجي سامهون ظاهر ٿي. مان ڇا ڪرڻ وارو هوس؟ مان هڪ نيڪ، قابل ۽ رئيس کي قتل ڪرڻ لاءِ ٿي ويس، جنهن مون کي ڪو به نقصان نه پهچايو هو. مان هن جي گهر واريءَ کي سڄي زندگي جي خوشيءَ کان محروم ڪري رهيو هوس. مان کيس عذاب ڏئي رهيو هوس ۽ قتل ڪرڻ لاءِ تيار هوس. اِهڙيءَ ريت مان بستري ۾ پيو رهيس ۽ منهنجو منهن وهاڻي تي هو. بنا ڪنهن ڌيان جي وقت گذرندو ٿي ويو. اوچتو منهنجو شاهد، پستول سان گڏ، مون کي وٺڻ لاءِ آيو.

 ”اڙي!“ هن چيو، ”هيءُ ڏاڍو چڱو ٿيو جو تون سوير جاڳيو آهين. اسان کي وقت سر هلڻ گهرجي، اَچ.“

مون کي خبر نه ٿي پئي، ته ڇا ڪرڻ گهرجي. مان بنا ڪنهن فيصلي جي هيڏي هوڏي تڪڙو ڦرندو رَهيس. ڪنهن به طرح، اَسان ٻاهر گاڏيءَ تائين وياسون.

مان کيس چيو ته هڪ منٽ ترس. مان جلدي موٽي ٿو اَچان. مون کان پنهنجو ٻٽون کڻڻ وسري ويو آهي.

مان اَڪيلو، سڌو ئي سڌو، افناسيءَ جي ننڍڙي ڪمري ڏانهن ڊوڙيس.

 ”افناسي“ مان چيو مانس، ”ڪالهه توکي مون منهن واريون چماٽون هنيون هيون، مون کي معاف ڪر.“

اهو ٻڌي، هـُـن اِهڙيءَ ريت ڇرڪ ڀريو، ڄڻ ته ڊڄي ويو آهي ۽ مون کي ڏسڻ لڳو. مان ڏٺو، ته اهو ڪافي نه آهي، اُن ڪري اُتي جو اُتي، سندس پيرن تي ڪري پيس ۽ منهنجو مٿو، زمين ڏانهن جهڪي ويو. مون وري به کيس چيو ته، ”مون کي معاف ڪر“.

اهو ڏسي هـُـو حيران ٿي ويو.

 ”جناب عالي.... سائين، هيءُ اوهان ڇا ٿا ڪريو، مان هن جي لاءِ لائق نه آهيان.“

هـُـو پوءِ روئڻ لڳو، جهڙيءَ ريت مان اڳ ۾ رُنو هوس. هن پنهنجي هٿن ۾ پنهنجي منهن کي لڪايو، دريءَ ڏانهن ڦريو ۽ سڏڪا ڀريندي ڏڪي رهيو هو، مان پنهنجي همراهه ڏي ڊوڙيس ۽ گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺس.

مان کيس رڙ ڪري چيو ته، ”مان تيار آهيان.“ کانئس پڇيم ته، ”تو ڪڏهن ڪو فاتح ڏٺو آهي؟ اُنهن مان هڪ تنهنجي سامهون بيٺو آهي.“

مان بيحد خوشيءَ ۾ هوس. ساڻس سڄي واٽ ڳالهائيندو ويس پر ياد نه اَٿم ته ڇا.

هن مون ڏي نهاريو ۽ چيو ته، ”ٺيڪ آهي ڀاءُ! تون بهادر آهين ۽ مون کي اُميد آهي، ته تون ورديءَ جوشان برقرار رکندين.

اِهڙيءَ ريت اَسان اُن جاءِ تي پهتاسون ۽ ٻيءَ ڌر کي اُتي بيٺل ڏٺو سون. اسان ٻارنهن قدم هڪ ٻئي کان پري بيٺاسون. هن کي پهريائين گولي هڻڻي هئي. مان راحت مان کيس ڏسندو رهيس. منهنجي نگاهه سندس منهن ۾ هئي. منهنجي اک به نه ڇنڀي. مان يڪ ٽڪ کيس پيار مان نهاريندو رهيس، ڇو ته مان ڄاتو ٿي، ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. هن جي گولي، منهنجي ڪن ۽ منهن جي پاسي کان گذري وئي.

مان رڙ ڪري چيو ته،  ”خدا جو شڪر آهي، ته ڪو به نه مئو. ” مان کانئس پنهنجو پستول ورتو. ۽ مـُـڙي اُن کي پري جهنگ ۾ ڦٽو ڪيم.

مان وري به رڙ ڪري چيو، ته اِنهيءَ جي اِها ئي جاءِ آهي.

مان پنهنجي مقابل ڏي مڙيس ۽ چيومانس:

 ”مون کي معاف ڪر، مان هڪ نادان نوجوان آهيان. مان ڪنهن جنون سبب تنهنجي بي عزتي ڪري، توکي مجبور ڪيم، ته مون تي گولي هلائين. مان توکان ڏهه ڀيرا وڌيڪ بڇڙو آهيان ۽ شايد اَڃا به وڌيڪ. اِها حقيقت تون اُن کي وڃي ٻڌاءِ، جا توکي سڄي جهان کان وڌيڪ پياري محبوبا آهي.“

جيئن ئي مان هي لفظ چيا ۽ هـُـو ٽيئي منهنجي مٿان آواز ڏيڻ لڳا.

منهنجي حريف، غصي ۾ اَچي مون کي چيو ته،  ”جيڪڏهن توکي وڙهڻو به نه هو ته تڪليف ڇو ڏني؟“

 ”ڪالهه مان بيوقوف هوس ۽ اڄ بهتر ٿو ڄاڻان. ” مان خوشيءَ مان کيس جواب ڏنو.

 ”ڪالهه لاءِ ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، پراڄ تنهنجي راءِ بابت اِيئن سمجهان ٿو ته سياڻو ٿي ويو آهين.“

 ”شاباس! ” مان تاڙي وڄائيندي چيو. مان توسان اِنهيءَ ڳالهه ۾ متفق آهيان.“

تون گولي هڻندين يا نه؟

 ”نه، جيڪڏهن تون چاهين، ته ٻيهر به مون تي گولي هلائي سگهين ٿو. پر چڱو ٿيندو ته اِئين نه ڪرين.“

منهنجو همراهه به رڙيون ڪري رهيو هو ته،  ”ڇا تون فوجي دستي جي توهين ڪندين. تون پنهنجي مقابلي واري جي سامهون آهين ۽ اُن کان معافي گهري رهيو آهين! افسوس اِها خبر مون کي اڳ ۾ هجي ها.“

مان هاڻي سڀني کي منهن ڏئي بيهي رهيس پر کليم نه ٿي.

 ”عزيزو! ” مان کين چيو ته  ”موجوده دور ۾ هي واقعي عجيب آهي ته ماڻهو پنهنجي بيوقوفي تي پڇتائي ۽ عام ۾ پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري؟“

 ”پر مقابلي جي دعوت ۾ ايئن نه ٿيندو آهي. ” منهنجي همراهه ۽ شاهد چيو.

 ”اِها ئي ته حيران ڪندڙ حقيقت آهي. ” مان کيس چيو. ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي غلطيءَ کي هتي ئي اَچي سمجهيو. هن جي گولي هڻڻ کان ٿورو اڳ ۾، جڏهن کيس وڏي گناهه ۾ مبتلا ڪرڻ ٿي گهريم. اسان پنهنجي حياتي کي بي سروپا بڻايو ۽ اِهڙي ريت هلياسون، جو ناممڪن هو، ڇاڪاڻ ته ٻارهن قدمن جي فاصلي تي، سندس گولي هڻڻ کان پوءِ ئي منهنجن لفظن جي ڪا قيمت ٿي پئي سگهي. جيڪڏهن اِهي لفظ مان اڳ ۾ چوان ها، ته هي چوي ها، ته هيءُ بزدل آهي. پستول کي ڏسي ڊڄي ويو آهي ۽ هن جي ڳالهه ڏي ڌيان نه ڏنو وڃي.

عزيزو! مان کين اوچتو چيو. لفظ ڄڻ، ته منهنجي اَندر مان چيرجي ٿي نڪتا. اوهان چوڌاري خدا جي نعمتن کي ڏسو. صاف آسمان، نرمل هوا، نازڪ گاهه ۽ پکي. فطرت حسين ۽ بي داغ آهي، پر فقط اسان گنهگار ۽ بيوقوف آهيون ۽ سمجهي نه سگهيا آهيون، ته اسان جي حياتي به خدا جي نعمتن مان آهي. اَسان کي فقط سمجهڻ گهرجي ۽ اَسان جي حياتي هڪدم فطرت جي حسن سان ڀرجي ويندي ۽ اسان هڪ ٻي کي ڀـَـاڪر ۾ وٺنداسون ۽ روئنداسون.

مان وڌيڪ چوان ها پر چئي نه سگهيس. منهنجو آواز جوانيءَ جي شيرين ۽ شگفتگيءَ کان رڪجي ويو. مان پنهنجي اندر ۾ لذت جي احساس کي اِهڙيءَ ريت محسوس ڪيو، جنهن کي حياتيءَ ۾ اڳي ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هيم.

منهنجي حريف مون کي چيو ته،  ”هيءُ جو به ڪجهه ٿي رهيو آهي، اُهو اخلاقي ۽ منطقي آهي. ڪيئن به هجي، تون هڪ اصليت واري شخصيت آهين.“

 ”تون ڀلي کـِـل ” مان به کلندي کيس چيو،  ”پر پوءِ تون هن کي ضرور قبول ڪندين.“

 ”اڙي، مان ته هاڻي به هن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ڇا تون مون سان هٿ ملائيندين، ڇاڪاڻ ته مون کي، تون هر حيثيت ۾ سچو ٿو نظر اَچين.“

 ”نه! ” چيومانس، “ هاڻي نه، پوءِ جڏهن مان اُن جي لائق ٿيس ۽ تنهنجي مرتبي جهڙو ٿيس، ته هٿ ملائينداسون، اِهو چڱو ٿيندو.“

اسان گهر ڏانهن موٽياسين. منهنجو همراهه گـُـر گـُـر ڪندو ٿي آيو ۽ مان کيس اُن وقت چميو. منهنجي سڀني رفيقن هڪدم هن ماجرا کي ٻـُـڌو ۽ اُن ڏينهن تي ئي سڀ گڏ ٿيا، ته منهنجي هلت بابت پنهنجو فيصلو ڏين.

هنن چيو ته،  ”هن فوجي ورديءَ جي بي عزتي ڪئي آهي. کيس پنهنجي عهدي کان استعيفا ڏيڻ گهرجي.“

ڪي منهنجي طرف کان اُٿي بيٺا ۽ چيائون ته،  ”هن گوليءَ جو مقابلو ڪيو آهي.“

 ”اِيئن برابر آهي“، هنن چيو،  ”پر هـُـو ٻي گوليءَ کان ڊنل هو ۽ اُن ڪري ئي معافي ورتي اَٿائين.“

منهنجي طرفدارن کين چيو ته،  ”جيڪڏهن هـُـو ٻي گولي کان ڊنل ٿئي ها، ته معافي وٺڻ کان اڳ ۾ پنهنجي گولي هڻي ها. مگر هـُـن اُن وقت پنهنجي گولين سان ڀريل پستول کي جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو.“

مان کين ٻڌي رهيو هوس ۽ نهاري به رهيو هوس. سندن گفتگو کان لطف اندوز ٿي رهيو هوس. کين چيم ته،  ”دوستو ۽ رفيقو! اوهان کي منهنجي ڪميشن تان استعيفا ڏيڻ لاءِ مونجهه نه ڪرڻ گهرجي. مان اڳ ۾ اِيئن ڪري ڇڏيو آهي. مان پنهنجي ڪاغذن سا گڏ پنهنجي استعيفا، صبح سويري ڏياري موڪلي آهي. جڏهن مون کي بيدخل ڪيو ويندو ته مان، مڙهيءَ ۾ هليو ويندس. اِنهيءَ مقصد لاءِ مان فوجي دستي کي ڇڏي رهيو آهيان.“

مان جڏهن اِيئن چيو ته هر ڪو، اُنهن مان کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳا ته،  ”اِها حقيت توکي اڳ ۾ ٻڌائڻ کپندي هئي، جنهن ڪري سڀ ڪا ڳالهه واضح ٿي وڃي ها. اَسان ڪنهن به راهب بابت فيصلو ڏيئي نه ٿا سگهون.“

هـُـو کلندا رهيا ۽ پاڻ کي روڪي نه سگهيا. سندن کلڻ نفرت کان نه پر ٻاجهارو ۽ خوشيءَ ڀريل هو. هـُـو هڪدم منهنجا دوست بڻجي ويا. اُهي به جي، منهنجي هلت کان سخت راءِ رکندڙ هئا. منهنجي بي دخليءَ کان اڳ وارا ۽ مهيني ۾، هـُـو مون تي بيحد مهربان رهيا.

هـُـو مون کي راهب ڪري سڏيندا هئا ۽ منهنجي لاءِ پيار جا لفظ ڪم آڻيندا هئا. هنن مون کي برغلائڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي مٿان رحم کائي چوندا هئا ته،  ”تون ڪيڏو نه پاڻ سان ناحق ڪري رهيو آهين؟“

هـُـو چوندا هئا ته،  ”نه هيءُ بهادر انسان آهي. هـُـن گوليءَ کي منهن ڏنو هو ۽ پنهنجي پستول مان به گولي هڻي ها، پر هن هڪ رات اڳ خواب ۾ ڏٺو هو، ته هـُـو راهب ٿيندو، اُن ڪري ئي، هن اِهو رخ ورتو هو.“

اِها ساڳي حالت شهر واسين جي هئي. مون سان هـُـو مروت ۽ مدار سان ته مليا ٿي، پر ڪو خاص ڌيان نه ٿي ڏنائون. پر هاڻي يڪايڪ سڀني کي خبر پئي پئجي وئي ۽ هـُـو مون کي مدعو ڪرڻ لڳا. هـُـو مون تي کلندا هئا پر ساڻس گڏ محبت به ڪندا هئا. مون کي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته جيتوڻيڪ اسان جي مقابلي بابت هر ڪو ظاهر ظهور گفتگو ڪندو ٿي رهيو، پر حڪومت اُن جي بابت ڪو به قدم نه کنيو. ڇاڪاڻ ته منهنجو حريف، اسان جي جنرل سان قريبي عزازت رکندڙ هو. جيئن ته ڪا به رتوڇاڻ نه ٿي هئي ۽ نه وري اُن مان ڪو اُگرو نتيجو نڪتو هو ۽ مان پنهنجي عهدي کان استعيفا به ڏئي ڇڏي هئي، اُن ڪري، حڪومت هن کي مذاق سمجهيو. هاڻي مان زور سان ۽ بيخوف سندن بي توقير مذاق تي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندن اِهو مذاق مهربانيءَ وارو هو ۽ اُن ۾ ڪا به نفرت نه هئي. هيءَ گفتگو اَڪثر شام جي وقت، بيگمن جي مجلس ۾ ٿيندي هئي. عورتون خاص طرح منهنجي گفتگوءَ کي ڌيان ڏئي ٻڌنديون هيون ۽ مردن کي به ڌيان ڏئي ٻڌڻ لاءِ رغبت ڏيارينديون هيون.

هـُـو مون ڏي نهاري کلندي چوندا هئا ته،  ”اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ٻئي جي گناهه لاءِ، اَسان پاڻ کي جوابدار سمجهون. مثال طور: مان تنهنجي لاءِ جوابدار ڪيئن ٿي سگهان ٿو؟“

مان کين جواب ڏيندو هوس ته،  ”اوهان شايد چڱيءَ ريت نه ڄاڻندا هجو. جيئن ته سڄي دنيا، عرصي کان راهه ئي ٻي اختيار ڪئي آهي، اُن ڪري اَسان ڪوڙ کي سچ سمجهون ٿا، ۽ ٻين کان به ڪوڙ جي ئي طلب ڪريون ٿا. جڏهن ته مان اتفاقاً پنهنجي حياتيءَ ۾ صداقت جو اظهار ڪيو آهي، ته اوهان سڀ مون کي چريو ٿا سمجهو. جيتوڻيڪ اوهان مون سان دوستاڻي انداز ۾ پيش اَچو ٿا، پر اُن هوندي به مون تي کلندا رهو ٿا.

منهنجي ميزبان عورت کلندي چيو ته،  ”اسان دوستيءَ جي باوجود به تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهون ٿا.“  ڪمرو ماڻهن سان ڀريل هو. اوچتو هڪ نوجوان بيگم اُٿي بيٺي، جنهن جي باعث ئي، اِهو مقابلو ٿيو هو ۽ جنهن کي مان اڳي، پنهنجي ٿيڻ واري زال ٿي سمجهيو. مان کيس ڪمري ۾ ايندو نه ڏٺو هو. هوءَ اُٿي بيٺي ۽ مون وٽ آئي ۽ پنهنجا هٿ جهلي بيٺي.

 ”مان توکي ٻڌائڻ ٿي گهران، ” هـُـن چيو،  ”مان اُها پهرين عورت آهيان، جا توتي نه کـِـلي آهيان. پر اُن جي بجاءِ، لـُـڙڪن سان تنهنجو شڪريو اَدا ڪريان ٿي ۽ تنهنجي لاءِ عزت جو اظهار ڪريان ٿي، تون ۽ تنهنجو ڪارنامو آفرين جي لائق آهي.“

هن جو مرد به هليو آيو ۽ ٻيا به اُن جي پٺيان ايندا ويا ۽ مون کي چـُـمڻ لڳا. منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وئي، پر منهنجو سڄو ڌيان وڃي هڪ وچولي عمر واري ماڻهو ڏانهن پيو، جو ٻين سان گڏجي مون ڏي وڌي آيو هو. مون کي سندس نالو ته اڳ ۾ ئي معلوم هو، پر ساڻس ڪڏهن به وافقيت نه ٿي هئي، نه وري اُن شام تائين هڪ ٻئي سان ڳالهايو هيوسين.

پـُـراسرار مهمان

هن گهڻي وقت کان شهر جي عملداري طبقي ۾ گذاريو هو. هـُـو اعليٰ رتبي تي هو ۽ سڀئي ماڻهو سندس عزت ۽ توقير ڪندا ٿي رهيا. هـُـو ڪافي دولتمند هو ۽ پنهنجيءَ سخا کان مشهور هو. هـُـو چڱي رقم چندي طور، خيرات خاني ۽ يتيمن جي پرورش گاهه ۾ ڏيندو هو. اُن کانسواءِ هـُـو ڏاڍي ڳجهي ۽ لڪائي خيرات ڪندو هو، جنهن جي خبر سندس مرڻ کان پوءِ پئي. سندس عمر پنجاهه سالن جي قريب هئي، ڏسڻ ۾ بيحد سخت ۽ گهٽ ڳالهائو هو. ڏهه سال اڳ، هن شادي ڪئي هئي ۽ سندس گهر واري اَڃا جوان هئي ۽ اُن مان کيس ٽي ٻار ٿيا هئا. خير، ٻي رات تي جيئن مان پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ اَڪيلو ويٺو هوس، دروازو اوچتو کـُـليو ۽ اهو سکر ماڻهو اندر گهڙي آيو.

مان هت، هيءُ ٻڌائڻ گهران ٿو ته مان هاڻي پنهنجي اڳئين جاءِ  نه ٿي رهيس. جيئن ئي مان پنهنجي عهدي کان استعيفا ڏني، مان هڪ پوڙهي عورت کان ڪي ڪمرا وٺي اُن ۾ رهڻ لڳو هوس. هوءَ هڪ سرڪاري ڪلارڪ جي بيواهه هئي. جاءِ جي مالڪياڻيءَ جو خادم، منهنجي به خدمت ڪندو هو. مان هنن ڪمرن ۾ فقط هن لاءِ اَچي رهيو هوس، جو هـُـن مقابلي کان موٽڻ بعد، مان افناسي کي فوج ڏي موٽائي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته ساڻس آخري ملاقات کان پوءِ، سندس موجودگيءَ کان مون کي شرمندگي پئي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن دنيا جو انسان ايڏو ته ڪـِـريل آهي جو صحيح قدم کڻندي به کيس ندامت ٿي ٿئي.

منهنجي ملاقاتيءَ مون کي چيو ته،  ”مان ٿورن ڏينهن کان مختلف گهرن ۾ توکي ڳالهائيندو ٻڌو آهي. مان آخر هي فيصلو ڪيو، ته توسان شخصي واقفيت پيدا ڪريان. جيئن مان توسان وڌيڪ دوستاڻو گفتگو ڪري سگهان. منهنجا عزيز، ڇا تون مون کي اِهڙي خدمت جي اِجازت ڏئي سگهين ٿو؟“

 ”مان ته هن کي پنهنجي لاءِ وڏي راحت ٿو سمجهان ۽ عزت. ” مان جيتوڻيڪ منجهيل هوس، پر اُن هوندي به کيس اِهو جواب ڏنم. ڇاڪاڻ ته هن ماڻهو جي آمد مون کي پهرئين ساعت ۾ ئي متاثر ڪيو هو. جيتوڻيڪ ٻين ماڻهن به مون کي دلچسپي ۽ ڌيان سان ٻڌو هو، پر مون وٽ ڪو به ماڻهو اڳ ۾ اهڙي نازڪ، مضبوط ۽ خوشگوار چهري سان ڪو نه آيو هو. پر هيءُ ئي ماڻهو مون کي منهنجي ڪمري ۾ ڏسڻ آيو هو. هـُـو ويهي رهيو.

هن چيو ته،  ”مان ڏسان ٿو ته تون ڪردار جي قوت وارو ماڻهو آهين. تو وڏي همت سان صداقت کي پيش ڪيو آهي. اِئين ڪندي تو ماڻهن جي نفرت جو بار به پنهنجي سر تي کڻڻ گهريو آهي.“

 ”اوهان جي هيءَ تعريف، شايد مبالغي سان ڀريل هجي. ” مون کيس چيو.

هن مون کي چيو،  ”هن ۾ ڪو به مبالغو نه آهي. مون تي اعتبار ڪر، اِهڙي ڪاروائي، خيال ڪرڻ ۾ به ڏکي آهي. اِنهيءَ ئي مون کي متاثر ڪيو آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو مان تو وٽ لنگهي آيو آهيان. ” هـُـو مسلسل ڳالهائيندو ويو.  ”جيڪڏهن توکي منهنجي تحقيق جو شوق ناگوار نه ٿو لڳي، ته مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ ته جڏهن تو مقابلي جي وقت معافي ورتي هئي، ته تنهنجي دل تي ڇا گذري رهيو هو؟ منهنجي سوال کي ٻاراڻو نه سمجهه. هن سوال سان، منهنجو پنهنجو به هڪ راز ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن خدا گهريو ۽ اَسان هڪ ٻئي کي وڌيڪ قريب ٿياسون ته اِهو توکي پوءِ ٻڌائيندس.“

سڄو وقت اَسان ڳالهائيندا رهياسون. مان سندس منهن ۾ سنئون سڌو نهاري رهيو هوس ۽ مان هڪدم پرکي ورتو ته هيءُ ماڻهو اعتبار جي لائق آهي. منهنجي تحقيق جو شوق به وڌيڪ ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته مان سمجهي ورتو ته هن جي سيني ۾ ڪو وڏو راز لڪل آهي.

 ”تو، مون کان پڇيو آهي ته حريف کان معافي وٺڻ وقت منهنجي دل ۾ ڪهڙو احساس پيدا ٿيو هو. ” مان کيس جواب ڏنو.  ”چڱو اِيئن ٿيندو، ته مان توکي شروع کان هي ڪهاڻي ٻڌايان، جا مون هن کان اڳي ڪنهن کي به نه ٻڌائي آهي. ” اُن کان پوءِ مون کيس سڀ ڪجهه بيان ڪري ٻڌايو. افناسي ۽ منهنجي وچ ۾ جو ڪجهه به گذريو هو، کيس ٻڌايم ته ڪهڙيءَ ريت مان سندس سامهون زمين تائين جهـُـڪي ويو هوس ۽ سندس پيرن تائين وڃي پهتو هوس.  ”اِنهيءَ مان اوهان خود پاڻ نتيجو ڪڍي سگهو ٿا. ” مان گفتگوءَ کي ختم ڪندي چيو ته،  ”مقابلي جي وقت اِيئن ڪرڻ بيحد آسان هو، ڇو ته مان اڳ ۾، اِنهيءَ ڳالهه جي ابتدا پنهنجي گهر ۾ ڪئي هئي. جڏهن ته مان هڪ راهه تي پنڌ پيو هوس، ته اڳتي وڌان ته پوءِ هيءُ منهنجي لاءِ مشڪل نه هو. پر اُٽلو منهنجي لاءِ خوشي ۽ راحت جو باعث هو.“

جيئن هو مون کي ٻـُـڌي رهيو هو، مان سندس نهارڻ جي طريقي کي پيار ٿي ڪيو. هن جواب ڏنو ته،  ”هي سڀ ڪجهه، حد کان وڌيڪ دلچسپ آهي. مان توکي ڏسڻ لاءِ وري وري پيو ايندس.“

هن ملاقات کان پوءِ، هـُـو اَڪثر مون کي هر شام تي ڏسڻ ايندو هو. اَسان پاڻ ۾ دوست ٿي وياسون، پر هـُـن ڪڏهن به پنهنجي لاءِ ڪا به گفتگو نه ڪئي. هـُـو هميشھ لاڳيتو مون کان منهنجي بابت ئي پڇندو رهندو هو. هن کانسواءِ، مان سندس مشتاق بڻجي پيس ۽ ساڻس پنهنجي تمنائن بابت مڪمل وضاحت سان ڳالهائيندو رَهيس. مون خيال ڪيو ٿي ته هن جي راز جي ٻڌڻ جي آخر مون کي ضرورت به ڪهڙي آهي. مان ڏسان ٿو ته هـُـو نيڪ مرد آهي. هـِـن کان سواءِ مون خيال ڪيو ته، جيتوڻيڪ هـُـو پڪو ماڻهو آهي، پر مون کان عمر ۾ وڏو آهي. اُن هوندي به هـُـو پاڻ کان گهٽ عمر واري کي ڏسڻ اَچي ٿو ۽ مون سان برابري جهڙي هلت وٺي ٿو ۽ مان کانئس گهڻيون ئي فائدي واريون ڳالهيون پرايان ٿو، ڇو ته هـُـو مٿانهين دل وارو ماڻهو آهي.

هڪ ڏينهن هن مون کي اوچتو چيو،  ”زندگي بهشت آهي، مان هن جي لاءِ گهڻو وقت خيال ڪندو رَهيو آهيان. ” هـُـن وري هڪدم چئي ڏنو ته،  ”منهنجو سڄو فڪر، اُن ڏانهن متوجهه آهي.“  هن مون ڏي نهاريو ۽ مشڪيو.  ”مان توکان وڌيڪ هن کان متاثر آهيان. ” اِهو مان توکي بعد ۾ ٻڌائيندس.“

مان کيس ڌيان ڏئي ٿي ٻـُـڌو ۽ سوچيم، ته کيس ڪجهه مون کي ظاهر ڪري ٻڌائڻو آهي.

”خدايا“، هن پنهنجي گفتگوءَ جي سلسلي کي جاري رکندي چيو ته،  ”اِهو بهشت اَسان سڀني جي اَندر ۾ لڪل آهي... اِجهو هاڻي مون وٽ به اِهو بهشت موجود آهي. جيڪڏهن مون کي اُن جي خواهش رَهي، ته سڀاڻي به مون وٽ ظاهر ٿيندو ۽ هميشھ مون سان گڏ هوندو.“

مان هن ڏانهن نهاريو. هـُـو وڏي جوش سان ڳالهائي رهيو هو ۽ مون ڏانهن پـُـر اسرار نموني نهاري رهيو هو، ڄڻ ته مون کان ڪي سوال ڪري رَهيو آهي.

” ۽ اَسين سڀ ڪنهن شيءِ لاءِ، سڀ سان جوابدار آهيون ۽ اَسان جا گناهه اسان سان آهن. تون اِنهن ڳالهين جي سوچڻ ۾ ڪيڏو نه صحيح هئين. هيءَ ڪيڏي نه تعجب جهڙي ڳالهه آهي، جو تو سڀ ۾ ڪيئن هڪدم اُن جي شناخت ڪري ورتي. حقيقت به اِهائي آهي، ته جڏهن انسان آسماني شهنشاهيت کي سمجهي ٿو، ته اُهو اُن جي لاءِ خواب نه هوندو پر حقيقت.“

مان اُن جي تاثر کان رڙ ڪري چيو ته،  ”پر اِها آرزو ڪڏهن پوري ٿيندي. ” ڇا اِيئن نه آهي ته اِهو فقط اسان جو خواب آهي؟“

 ”ڇا تڏهن، تنهنجو هن حقيقت ۾ اعتبار نه آهي؟ ” هن چيو. تون هن فڪر کي، ته رواج هيٺ آڻين ٿو، پر خود اُن ۾ اعتبار نه ٿو رکين. مون ۾ يقين رک ته جنهن کي تون خواب ٿو سڏين، بلاشبه تڪميل تي پهچي ويندو. اِيئن ٿيندو، پر هاڻي نه. ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن عمل جو پنهنجو پنهنجو قانون ٿئي ٿو. هي روحاني ۽ معنوي عمل آهي. دنيا ۾ تبديلي آڻڻ ۽ اُن کي وري نئين سر تخليق ڪرڻ لاءِ، انسان کي ڪنهن ٻي رستي تي نفسياتي طرح هلڻو پوندو. جيستائين تون، اُن جي عملي حقيقت ۾ صادق بڻجي، سڀ جو ڀاءُ نه بڻيو آهين، ڀائپي ۽ برادري ڪڏهن به نه ايندي. ڪا به سائنسي تربيت نه کپي، نه ڪنهن عوامي دلچسپيءَ جي ضرورت آهي. اِهي شيون ڪڏهن به انسان کي، ملڪيت ۽ مساوات جي مطابق، حصي وٺڻ جي لاءِ تيار نه ڪنديون. هر ڪو اِيئن پيو سمجهندو، ته سندس حصو اَڻپورو آهي ۽ هـُـو پيا اعتراض ڪندا، دانهون ڪندا ۽ هڪٻئي سان پيا وڙهندا رهندا. تو چيو آهي ته اِها آرزو ڪڏهن پوري ٿيندي، اِها پوري ٿيندي، پر اسان کي پهريائين علحدگي جي دور کان گذرڻو پوندو.“

 ”علحدگيءَ کان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ مون کانئس پڇيو.

 ”ڇا، علحدگي ته سڀ جاءِ تي پئي ٿي ڏسجي. اَسان جي دور ۾ ته عام آهي. جيتوڻيڪ هن اَڃا تائين پوري ترقي نه ڪئي آهي ۽ اَڃا پنهنجي حدن تي نه پهتي آهي. ڇاڪاڻ ته هرڪو، کانئس جيتري قدر ٿي سگهي ٿو، پنهنجي انفراديت علحده سمجهي ٿو ۽ سندس خواهش اِها آهي، ته جيتري قدر ٿي سگه ي، هـُـو زندگيءَ جون رعايتون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري. پر ساڳي وقت سندس هي ڪوششون، زندگي جي مڪمل رعايتن حاصل ڪرڻ بدران سندس تباهي جو سامان بڻجي وڃن ٿيون. خودشناسيءَ جي بجاءِ هي تنها بڻجي وڃي ٿو. اسان جي دور ۾ انسانيت گروهن ۾ ورهائجي وئي آهي. هي هڪ ٻي کان جدا پنهنجي پنهنجي لڪير جا فقير آهن. هر ڪو هڪٻئي کان دور آهي ۽ پاڻ کي لڪائيندو رَهي ٿو. جو ڪجهه به کيس ميسر آهي، اُهو ٻين کان لـِـڪائي ٿو. سندس خاتمو ٻين جي ڌڪار سان ٿئي ٿو، جنهن ڪري هـُـو ٻين کي به ڌڪاري ٿو. هـُـو پنهنجي لاءِ دولت جا ڍير گڏ ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته هـُـو ڪيڏو نه طاقتور ۽ سلامت آهي. هن جنون ۾ هيءَ ڳالهه هـُـو سمجهي ئي نه ٿو، ته جيئن جيئن وٽس دولت جا ڍير جمع ٿيندا وڃن ٿا، هـُـو پنهنجي نامردي جهڙي برباديءَ ۾ غرق ٿيندو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هـُـو پاڻ تائين محدود آهي ۽ پنهنجي اَڪيلائيءَ تي اعتماد ٿو رکي ۽ ٻين کان بلڪل جدا ٿي ويو آهي. کيس اِها تربيت ئي نه ملي آهي، ته هـُـو ٻين جي مدد ۾ يقين رکي. جڏهن ته هـُـو انسان ۽ انسانيت کان بيزار آهي، هـُـو فقط اِنهيءَ خوف کان لـَـرزندو رَهي ٿو، ته اِيئن نه ٿئي، ته هـُـو پنهنجي دولت وڃائي ويهي ۽ جي رعايتون هن حاصل ڪيون آهن، سي کانئس کسجي نه وڃن. اڄ ڪلهه پنهنجي حماقت کان انسان اِيئن نه ٿو سمجهي، ته صحيح طور تي سلامتي، فقط سماجي استحڪام ۾ آهي، نه افرادي، اڪيلائپ ۾. ڇاڪاڻ ته هن خطرناڪ انفراديت جو اَنت لازمي آهي. اوچتو هي سڀئي سمجهي ويندا، ته هيءُ ڪيڏو نه غير فطري عمل هو، جو هڪٻئي کان جدا ٿي رهيا آهيون. هيءَ وقت جو روح بڻجي ويندو ۽ انسان حيرت ۾ پئجي ويندا، ته هـُـو ڪيترو وقت نه روشنيءَ کان دور اونداهيءَ ۾ رهيا آهن. اُن وقت فرزندانِ انسان جي روشني آسمان تي طلوع ٿيندي.... پر اُن هوندي به اَسان کي اُن موقعي تي کپي، ته پنهنجي ڪاميابي جي جهنڊي جي حفاظت ڪريون. ٿي سگهي ٿو، ته ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن ۾ علحدگيءَ جو خيال اَچي وڃي ۽ سندس هلت ناروا ٿابت ٿئي، اُن لاءِ کپي ته ٻي کي اُن لاءِ مثال بڻجڻ گهرجي ۽ اُن جي روح کي علحدگي کان ٻاهر ڪڍي اَچي. کيس ڀائپي جو عمل پيش ڪري، جيئن اُهو عظيم مقصد فوت نه ٿئي.

اَسان جي هر هڪ شام، هڪٻئي پٺيان اڪثر اِهڙي قسم جي خوشگوار ۽ وڻندڙ بحثن ۾ گذري ويندي هئي. مان ڪنهن به مجلس ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان به گهٽ ملڻ لڳس. اُن کانسواءِ ماڻهن ۾ به مون بابت هاڻي چوپچو گهٽ ٿي وئي هئي. مان کين ڏوهاري سمجهي، هيءَ ڳالهه نه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته هـُـو مون سان اَڃا به محبت ڪري رهيا هئا ۽ نيڪ نيتيءَ سان ملندا ٿي رهيا. پر هن کان به انڪار ٿي نه ٿو سگهي، ته سماج ۾ وضعداري به هڪ وڏي طاقت آهي. مان پنهنجي پـُـراسرار ملاقاتيءَ کي پيار ۽ عزت سان ڏسڻ لڳس. ڇاڪاڻ ته مان سندس قابليت کان بهره ور ٿيڻ کانسواءِ، اِيئن سمجهڻ لڳس ته سندس ذهن ۾ ڪا رٿ آهي، جنهن تي ويچار ڪندو رَهي ٿو ۽ هـُـو پاڻ کي ڪنهن عظيم عمل جي لاءِ تيار ڪري رَهيو آهي. شايد هن پنهنجي مونجهاري ڀريل راز بابت مون کي ڪجهه به ٻڌائڻ پسند نه ٿي ڪيو. نه وري مان اِئين چاهيو ٿي، ته کانئس سنئون سڌو، اُن راز بابت پڇان. نه وري اُن بابت ڪو اِشارو ڪرڻ به پسند ٿي ڪيم. پر مون آخر ڏٺو، ته منجهس اِهڙا آثار اَچي موجود ٿيا آهن، جو مون کي ڪجهه ٻـُـڌائي. پهرئين ملاقات کان هڪ مهينو بعد، هي اُن لاءِ سچ پچ لازمي بڻجي پيو هو.

هڪ ڀيري هـُـن چيو ته،  ”خبر اَٿئي ته ماڻهن ۾ اَسان جي بابت وڏي چوپچو آهي. هـُـو متعجب آهن ته مان اَڪثر، ڇو اوهان وٽ ايندو رهندو آهيان. پر کين عجب کائڻ ڏي. جلد ئي سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو.“

ڪڏهن ڪڏهن هـُـو غير معمولي جوش ۾ ڀرجي ويندو هو. اِهڙن موقعن تي گهڻو ڪري، هميشھ اُٿي بيهندو هو ۽ هليو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري، طويل چڀندڙ نگاهن سان مون کي نهاريندو هو ۽ مان سمجهندو هوس ته هـُـو، هاڻي ڪجهه مون کي چوندو، پر هـُـو اوچتو وري ڪن معمولي ڳالهين تي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. اَڪثر هـُـو مٿي جي سور جي شڪايت ڪندو رهندو هو.

هڪ ڏينهن، سچ پچ، بلڪل اُميد جي خلاف، جڏهن هـُـو نهايت جوش مان گهڻو وقت ڳالهائيندو رهيو، مان ڏٺو ته پيلو ٿي ويو آهي. سندس صورت بدلجي وئي ۽ پنهنجون اکيون مون ۾ کـُـپائي ڇڏيائين.

 ”خير ته آهي“، مان پڇيومانس.  ”اوهان بيمار آهيو؟ ٿورو وقت اڳ هـُـن مٿي جي سور جي شڪايت ٿي ڪئي.“

 ”مان...... توکي خبر آهي..... خون ڪيو آهي.“

هـُـو اِيئن چئي مشڪيو ۽ سندس منهن چاڪ کان وڌيڪ سفيد ٿي ويو. ”شايد هـُـو انهيءَ ڪري مشڪي رهيو آهي. ” اِنهيءَ کان اڳي، جو مان ٻيو ڪجهه محسوس ڪريان، اِهو خيال، منهنجي اندر، بجليءَ وانگر پکڙجي ويو. مان پاڻ پيلو ٿي ويس ۽ رڙ ڪري چيومانس:

 ”تون اِهو ڇا ٿو چوين؟“

هـُـن ڦڪي مـُـشڪ سان چيو  ”ها، مان ڪيڏي نه تڪليف سان اِهي پهريان لفظ چيا آهن. هاڻي مان چئي ويٺو آهيان ۽ سمجهان ٿو ته مان پهريون قدم کنيو آهي ۽ اڳتي وڌي سگهندس.“

مون کي ڪيتري وقت تائين سندس ڳالهه تي اعتبار ئي نه ٿي آيو. پر ٽن ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ، هـُـن مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. مان سمجهيو ته هـُـو پاڳل آهي. پر آخر ۾ مان کانئس بيحد متاثر ٿيس ۽ اُن جي لاءِ غم ۽ حيرت کي محسوس ڪيم. سندس گناهه عظيم ۽ خطرناڪ هو.

چوڏهن سال اڳ، هـُـن هڪ زميندار جي زال جو خون ڪيو هو. هـُـوءَ عورت دولتمند ۽ حسين نوجوان هئي. سندس گهر اَسان جي شهر ۾ هو. هيءُ سندس محبت ۾ ديوانو بڻجي ويو هو. هـُـن مٿس پنهنجي محبت جو اظهار ڪري، شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. پر هـُـن عورت اڳ ۾ ئي پنهنجي دل ٻي ماڻهوءَ کي ڏئي ڇڏي هئي، جو هڪ لائق خاندان مان هو. کيس چڱي نوڪري هئي ۽ آفيسر هو. هـُـو اُن وقت پري جنگ جي ميدان ۾ هو ۽ هن عورت کي اُميد هئي، ته هـُـو جلدي موٽي ايندو. هن سندس خواهش کان انڪار ڪيو ۽ کيس عرض ڪيائين ته هـُـو ملاقات لاءِ وٽس نه اَچي. جڏهن هن سان سندس ملاقات بند ٿي وئي، ته هـُـن سندس گهر بابت خبرچار رکڻ شروع ڪئي. هـُـو رات جي وقت، باغ جي رستي، ڇت تان ٽپي، گهر ۾ داخل ٿيندو هو ۽ هن جاچ جوچ لاءِ وڏي خطري ۾ پئجي ويندو هو. پر جيئن اَڪثر ٿيندو آهي، ته جڏهن گناهه غير معمولي دليريءَ سان ڪيو ويندو آهي، ته اُهو ٻين گناهن کان وڌيڪ ڪامياب ويندو آهي.

آسمان جي روشني ۾ دريءَ کان داخل ٿي، هـُـو ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويو ۽ هن اُميد ته هيٺيون دروازو، نوڪرن جي غفلت کان شايد کـُـليل هجي، اُتي پهتو ۽ اُهو کليل هو. هـُـو اونداهيءَ ۾ اُن جي بستري ڏانهن وڌيو، جتي روشني ٿي ڏٺي. اتفاقاًسندس ٻئي نوڪرياڻيون، سندس اِجازت کانسواءِ، سالگره جي مجلس ۾ هليون ويون هيون. سندس ٻيا نوڪر، پنهنجي ڪوٺين ۾ يا رڌڻي ۾ ستل هئا. کيس ننڊ ۾ ڏسي هن جا وحشي جذبا جاڳي پيا. انتقام ۽ حاسداڻي غصي، سندس دل جي مٿان قبضو ڪري ورتو. هڪ شرابي ۽ نشئي وانگر، هن پنهنجي چاقو کوليو ۽ سندس دل ۾ اِهڙيءَ ريت پيوست ڪيو، جيئن ڪا به دانهن نه ڪري سگهي. تنهن کانپوءِ هن شيطانيت ۾ مڪاريءَ جيان، ڪوشش ڪئي ته شڪ جو سڄو بار نوڪرن تي وڃي پوي. هـُـو ايڏو ته رذيل بڻجي ويو، جو سندس ٻٽون کڻي ورتو ۽ سندس وهاڻي جي هيٺان ڪنجي کڻي، سندس ٽجوڙي کي کولڻ گهريو ۽ اُن مان ڪن شين کي کڻڻ چاهيائين. اِهو اِنهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين، ته جيئن اِئين معلوم ٿئي، ته هيءُ ڪم ڪنهن اَڻ ڄاڻ نوڪر جو آهي. قيمتي ڪاغذن کي ڇڏي ڏنائين ۽ نقدي رقم کڻي ورتائين. هـُـن سون جون وڏيون شيون کڻي ورتيون ۽ ننڍيون شيون ڇڏي ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي ڏهه دفعا وڌيڪ هنن شين کان قيمتي هيون. هن ڪي شيون، اُتان پنهنجي يادگيريءَ لاءِ به کنيون. هن ڀوائتي فعل کان پوءِ هو، ساڳيءَ واٽ کان موٽي آيو.

نه وري ٻئي ڏينهن، خطرو جاڳيو، نه وري سڄي حياتي ۾ ڪنهن خيال يا گمان ڪيو، ته هيءُ ئي ڏوهاري آهي. ڪنهن کي به سندس محبت جي خبر نه هئي، ڇاڪاڻ ته هـُـو هميشھ گوشه نشين ۽ خاموش رهندو هو ۽ کيس دوست ئي ڪونه هو، جنهن وٽ پنهنجي دل جي روئداد کي کولي. مقتول عورت جو کيس فقط واقف ڪار سمجهيو ويو، نه قريبي دوست، ڇاڪاڻ ته هـُـو پوين ٻن هفتن ۾ ساڻس مليو ئي نه هو. عورت جي هڪ نوڪر تي جنهن جو نالو پيوٽر هو، يڪدم شڪ رکيو ويو ۽ ارباب اِهڙا هئا، جو شڪ کي پختگي ٿي ملي. ماڻهن کي خبر هئي سندس مالڪياڻي، هن ڳالهه کي ڳجهو نه رکيو هو. سندس مرضي هئي، ته نوڪرن مان هڪ کي ڀرتي ۾ موڪلي ۽ هـُـن اِرادو ڪيو هو، ته هن کي موڪلي ڏي. ڇاڪاڻ ته کيس ڪو به مٽ مائٽ ڪونه هو ۽ سندس هلت به غير تسلي بخش هئي.

مئخاني ۾ شراب جي نشي ۾، ماڻهن کيس، هيئن دڙڪو ڏيندي ٻـُـڌو هو، ته هـُـو، هن کي قتل ڪندو. هن جي موت کان ٻه ڏينهن اڳ ۾، هـُـو ڀڄي ويو هو ۽ خبر نه آهي ته شهر ۾ ڪنهن وٽ وڃي رهيو هو، خون کان هڪ ڏينهن پوءِ، سخت نشي جي حالت ۾ کيس شهر ڏانهن ايندڙ رستي تي لڌو ويو هو. سندس کيسي ۾ چاقو هيو ۽ سندس سڄو هٿ رت سان ڀريل هو. هن ٻڌايو ته سندس نڪ مان رت وَهي رهيو آهي، پر ڪنهن به مٿس اعتبار نه ٿي ڪيو. مقتول عورت جي نوڪرياڻين، هن ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته هـُـو برابر دعوت تي ويون هيون ۽ گهٽي وارو دروازو، جيستائين هـُـو موٽي آيون، کليل هو. ڪيترائي ٻيا ساڳي قسم جا تفصيل ظاهر ٿي پيا ۽ اُن معصوم بابت شڪ پيدا ٿي پيو.

کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس خون جو مقدمو قائم ڪيو ويو. گرفتاريءَ جي هفتي کان پوءِ قيدي تپ جي سبب بيمار ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ مري ويو. سندس موت جي باعث سڄو معاملو ختم ٿي ويو. ججن، حاڪمن ۽ شهر جي ماڻهن تي هيءُ پورو پورو اَثر پيو ته هيءُ سڄو ڪم اُن نوڪر جو هو، نه ڪنهن ٻئي جو. اُن بعد منهنجي لاءِ سزا شروع ٿي.

منهنجو پـُـر اسرار ملاقاتي، جو هاڻي منهنجو دوست هو، مون کي ٻـُـڌايو ته هـُـو ضمير جي آواز کان، پهريائين ڪنهن به تڪليف ۾ مبتلا نه هو. هـُـو گهڻي وقت تائين پريشانيءَ ۾ ضرور هو، پر اِنهيءَ واقعي جي باعث نه. فقط اِنهي ڏک کان ته هـُـن اُن کي ماريو هو، جنهن سان سندس محبت هئي. هاڻي هوءَ جهان ۾ ڪانه هئي. کيس مارڻ سان، هن پنهنجي محبت جو خون ڪيو هو. هوڏانهن سندس محبت جي آگ، اَڃا سندس رڳن ۾ موجود هئي. پر سندس خيال هن طرف نه ٿي ويو ته، هـُـن هڪ معصوم جو رت هاريو آهي ۽ پاڻ جهڙي انسان کي خون ڪيو آهي. سندس هي تصور ته سندس شڪار ڪنهن ٻي جي زال بڻجي ها، کانئس نه ٿي وسريو. اُن ڪري گهڻي وقت تائين، هـُـو پنهنجي ضمير کان مطمئن هو ته هـُـو، ٻيو ڪري ئي ڇا ٿي سگهيو؟

هـُـو پهريائين نوڪر جي گرفتاري تي پريشان هو، پر اُن جي بيماري ۽ موت کان پوءِ، هـُـو مطمئن ٿي ويو هو. هـُـن خيال ٿي ڪيو، اُن جو موت گرفتاري يا سندس خوف جي باعث نه ٿيو هو، پر اُن سردي کان، ٿيو هو، جنهن ڏينهن، هـُـو ڀڄي ويو. سڄي رات شراب پيئڻ ۽ گهميل زمين تي هئڻ سبب، سندس موت ٿيو هو. چوريءَ جي ڏوهه ۽ چوري جي شين کيس گهٽ تڪليف ٿي ڏني. اُن لاءِ سندس دليل هو ته هـُـن هيئن، چوريءَ جي خيال کان نه ڪئي هئي، پر شڪ ۽ شبهي جي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي، شهر ۾ اسپتال ٺهرائڻ لاءِ ڏيئي ڇڏي هئي. هـِـن اِهو اِنهيءَ لاءِ ڪيو هو، ته چوريءَ جي بابت سندس ضمير کي تسلي ملي وڃي ۽ اِها ٻڌائڻ جهڙي حقيقت آهي، ته هـُـو وڏي عرصي تائين مطمئن هو. هيءُ سڀ ڪجهه، هـُـن مون کي پاڻ ٻڌايو هو. هـُـو پوءِ پنهنجي قسمت ۽ زندگي کي ٺاهڻ لاءِ نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ وڏا وڏا ڪارناما انجام ڏنائين. هـُـن پاڻ کي مشڪل ۽ محنت ڀريل فرائض لاءِ پيش ڪيو، جنهن ۾ سندس ٻه سال گذري ويا. جيئن ته هـُـو مضبوط اِرادي جو ماڻهو هو، اُن ڪري کانئس ماضي وسري ويو. جيڪڏهن کيس ڪا يادگيري آئي به ٿي ته اُن کي ڪا به اهميت نه ٿي ڏنائين. هـُـو حد کان وڌيڪ سخي بڻجي ويو هو. هـُـن شهر جي ڪيترن اِدارن کي قائم ڪيو ۽ ڪيترن کي امداد ڏني. هـُـن ٻنهي گادين جي هنڌن، پيٽرسبرگ ۽ ماسڪو ۾ گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو ۽ خيراتي جماعتن جو ميمبر چونڊيو ويو.

ڪيئن به هجي، آخر هـُـو ماضيءَ تي سوچڻ لڳو ۽ هي سلسلو اُن جي لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويو. اُن کانپوءِ، کيس هڪ حسين ۽ ذهين ڇوڪريءَ جي محبت ڇڪي ورتو، جنهن سان هن شادي ڪئي. کيس اُميد هئي ته هيءَ شادي، سندس تنهائي جي پريشانين کي دُور ڪندي. نئين حياتيءَ ۾ قدم رکڻ سان، ۽ پنهنجي فرضن کي پوري ڪرڻ سان، جي سندس زال ۽ ٻارن جي طرفان عائد پئي ٿيا. هـُـو ماضيءَ جي يادگيرين کي بلڪل فراموش ڪري ڇڏيندو، پر سڀ ڪجهه اُن جي خلاف ٿي پيو. شاديءَ جي پهرئين مهيني ۾ هيءُ خيال کيس مسلسل ستائڻ لڳو. مان خيال ڪرڻ لڳس ته منهنجي زال مون کي پيار ٿي ڪري، پر ڇا ٿيندو، جي کيس اِها خبر پئجي وڃي؟ هن جڏهن مون کي پهريون ڀيرو ٻڌايو ته،  ”هوءَ ٻار پيدا ڪري رَهي آهي ته هن کي بيحد روحاني تڪليف درپيش آئي“  ۽ چيائين ته،  ”مون وٽ هڪ زندگي اَچي رَهي آهي، مان ته زندگي وَٺي چڪو آهيان. ٻارَ پيدا ٿيندا رهيا. مون کي همٿ نه پئي ٿي ته ساڻن محبت ڪريان، سندن تربيت ڪريان ۽ تعليم ڏياريان.“  مان سوچيو ٿي ته ڪيئن ساڻن اخلاق جون ڳالهيون ڪريان. مان ته رَتُ هاريو هو؟ هـُـو دلڪش ٻار هئا. هـُـو کين پيار ڪرڻ لاءِ سڪيو ٿي، پر سوچيائين ٿي ته،  ”مان هنن جي مخلص ۽ معصوم چهرن ڏانهن ڏسي نه ٿو سگهان، مان اُنهن جي لائق نه آهيان.“  آخر مقتول جي خون، دهشت انگيز ۽ ڊيڄاريندڙ نظارا ڏيکارڻ شروع ڪيا، جن ۾ انتقام جي طلب هئي. کيس هاڻي خوفناڪ خواب نظر اَچڻ لڳا. پر جيئن ته هـُـو مصيبت ۾ تحمل ڪرڻ وارو هو، هن عذاب کي گهڻو وقت سهندو رَهيو ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته،  ”مان هي عذاب سهندس، پر هـُـن راز کي ظاهر نه ڪندس. ” پر هيءَ اُميد به اَجائي هئي، جيئن وقت گذرندو ويو، هيءَ روحاني تڪليف به وڌندي رَهي.

هـُـو سماج ۾ پنهنجي خيرات جي سبب، نهايت عزت سان ڏٺو ويندو هو. جيتوڻيڪ سندس تاريخ ۽ سخت گير طبعيت لاءِ، هر ڪنهن کي شڪايت هئي، جيئن جيئن سندس عزت وڌندي وئي، تيئن تيئن، اُها، اُن جي لاءِ ناقابل برداشت بڻجي وئي. هـُـن مون سان اِهو به قبول ڪيو ته هـُـو خودڪشي لاءِ تيار ٿي ويو هو، پر ٻي انديشي، سندس ذهن ۾ اَچي جاءِ ورتي. جنهن انديشي کي هن پهريائين، تصور کان خارج ۽ اَڻ ٿيڻي پئي سمجهيو. آخر اُن انديشي سندس دل تي غلبو حاصل ڪري ورتو ۽ اُن کي لوڏي نه ٿي سگهيو. هـُـن سوچيو ته سڀني ماڻهن جي سامهون وڃي، هيءُ اقرار ڪري ته هـُـن خون ڪيو آهي. ٽي سال تائين اِهو خيال مٿس قابض رهيو ۽ جدا جدا رنگن ۾ کيس ستائيندو رهيو. آخر کيس يڪدلي سان هيءُ يقين اَچي ويو، ته جيڪڏهن، هيءُ پنهنجي گناهه جو اقرار ڪندو، ته سندس روح کي تسلي اَچي ويندي ۽ هميشھ لاءِ کيس سـُـڪون حاصل ٿي ويندو. مگر هن اعتقاد کيس خوف سان ڀـَـري ڇڏيو ته هـُـو ڪهڙي ريت اُن جي پوئواري ڪري سگهندو؟ تنهن کانپوءِ منهنجي مقابلي جو واقعو ٿي گذريو.

 ”توکي ڏسي، منهنجي اِرادي ۾ قوت اَچي وئي آهي.“

مان هن ڏي ڏٺو.

مان هٿن کي مهٽيندي چيو ته،  ”ٿي سگهي ٿو ته اِهڙي غير معمولي واقعي، توکي اِهڙي محڪم فيصلي لاءِ تيار ڪيو هجي؟“

 ”ٽن سالن کان هي محڪم فيصلو، منهنجي دل ۾ وڌندو رَهيو آهي. ” هن جواب ڏنو. تنهنجي ڪهاڻي، هن کي آخري صورت ڏني آهي. توڏي نهاريندي مان پاڻ تائين پهتس ۽ پاڻ کي ملامت ڪيم ۽ توتي ريس آيم.“

 ”پر توتي ڪير اعتبار ڪندو؟ ” مان کيس چيو،  ”واقعي کي چوڏهن سال گذري ويا آهن.“

 ”مون وٽ ثابتيون آهن، گهڻيون ئي ثابتيون، مان اِهي کين ڏيکاريندس.“

مان اُن وقت دانهون ڪرڻ لڳس ۽ کيس چيم.

هن مون کي چيو،  ”مون کي فقط هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ، هڪڙي (ڄڻ ته سڀ ڳالهه مون تي رکيل هئي)، منهنجي زال ۽ منهنجا ٻار! منهنجي زال غم کان مري ويندي. جيتوڻيڪ منهنجي ٻارن جي رتبي ۽ ملڪيت ۾ ڪو به تفاوت نه پوندو. پر هـُـو هميشھ قاتل جا ٻار ٿي رهندا. مان سندن دلين ۾ پنهنجي لاءِ ڪيڏي نه بـُـري يادگيري ڇڏي ويندس!“

مان کيس ڪجهه به نه چيو.

 ”کانئن هميشھ لاءِ جدا ٿيڻو پوندو ۽ هميشھ لاءِ ڇڏڻو پوندو؟ ها هميشھ لاءِ، تون ڄاڻين ٿو هميشھ لاءِ.“

مان خاموش ويٺو رهيس ۽ چپ چاپ دعا ڪرڻ لڳس. آخر مان اُٿيس ۽ مون کي خوف ٿيڻ لڳو.

”چڱو“. هـُـن مون ڏي نهاري چيو.

”وڃ“ مان کيس چيو، ”اعتراف ڪر، هر ڪا شيءِ گذرڻ واري آهي ۽ فقط صداقت باقي آهي. تنهنجا ٻار هن حقيقت کي سمجهندا. جڏهن وڏا ٿيا، ته تنهنجي محڪم فيصلي جي عظمت کي ڄاڻندا.“

هـُـن اُن وقت مون کي اِئين ڇڏيو، ڄڻ ته اُن اِرادي تي محڪم آهي. اُن کانپوءِ هـُـو يڪو ٻه هفتا شام کانپوءِ، مون وٽ ايندو رهيو. جيئن ته هـُـن پاڻ کي اَڃا اُن منزل جي لائق نه ٿي سمجهيو، اُن عرصي ۾ پاڻ کي تيار ڪندو رَهيو. منهنجي لاءِ هن دل جو درد پيدا ڪري ڇڏيو. مان ڏٺو ته هـُـو هڪ ڏينهن محڪم اِرادي سان آيو ۽ مون کي صاف طرح چيائين ته:

 ”مان سمجهان ٿو، ته اِهو منهنجي لاءِ بهشت هوندو، جڏهن مان پنهنجي قبوليت ڏني. چوڏهن سال مان دوزخ ۾ هوس. مون کي هاڻي سزا وٺڻي آهي. ۽ برداشت ڪرڻو آهي ۽ آزاد ٿي رهڻو آهي. اوهان دنيا ۾ غلط ڪم ڪري، گذري سگهو ٿا، مگر اُهو موٽي نه ايندو. مون کي هاڻي نه پنهنجي پاڙيسرين سان پيار ڪرڻ گهرجي نه ٻارن سان. خدايا، منهنجا ٻار هن کي سمجهندا، ته مون کي پنهنجي سزا وٺڻ لاءِ، ڪيتري قيمت اَدا ڪرڻي پئي ۽ پوءِ هـُـو مون کي اُن لاءِ ڪو به ڏوهه نه ڏيندا. خدا طاقت جي اظهار ۾ نه آهي پر صداقت ۾ آهي!“

مان کيس چيو ته،  ”سڀ تنهنجي قرباني کي سمجهندا. جيڪڏهن هنن هڪدم نه سمجهيو ته بعد ۾ سمجهندا. ڇاڪاڻ ته تو سچ جي پٺ ورتي آهي. سچ به اُهو جو نهايت مٿانهون آهي ۽ زميني نه آهي.“

هـُـو مطمئن ٿي هليو ويندو هو، پر ٻي ڏينهن وري، تڪليف زده، زرد ۽ مايوس ٿي ايندو هو.

هڪ ڏينهن هـُـن مون کي چيو ته،  ”جڏهن به مان تو وٽ اَچان ٿو، ته تون مون کي جستجو جي نگاهن سان ڏسين ٿو، ڄڻ ته مون کي چوڻ گهرين ٿو، ته هـُـن اَڃا اعتراف نه ڪيو! ٿورو ترس، مون کي نفرت سان نه ڏس. اِيئن ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه نه آهي، جيئن تون سمجهين ٿو. تون وڃين منهنجي خلاف ته ڇا تون اِئين ڪندين؟“

هن کي تعجب سان نهارڻ کان وڌيڪ، مون کي اُن ڏي نهارڻ کان ئي خوف پئي ٿيو. مان انتظار کان بيمار ٿي پيو هوس ۽ منهنجو قلب ڳوڙهن سان ڀـَـرجي ويو هو. مان سڄي رات ننڊ ڪري نه سگهيس.

 ”مان هاڻي پنهنجي زال وٽان اَچان ٿو.“ هـُـو چوڻ لڳو ته، ”تون چڱيءَ ريت سمجهي سگهين ٿو، ته زال جي لفظ جو مطلب ڪهڙو آهي؟ جڏهن مان ٻاهر وڃڻ لڳس، ته ٻار مون کي چوڻ لڳا ته،  ”خدا حافظ بابا سائين جلدي موٽي اَچ، اَسان کي ٻارن جو رسالو؟ پڙهي ٻڌايو. نه تون هن کي نه ٿو سمجهي سگهين. ڪو به ٻيو ماڻهو، ٻئي جي مصيبت کي سمجهي نه ٿو سگهي؟“

سندس اکيون چمڪي رهيون هيون ۽ سندس چپ ڏڪي رهيا هئا. اوچتو هـُـن پنهنجي مـُـٺ ميز تي هنئين، ميز تي جي به شيون هيون، ڄڻ رقصَ ۾ اچي ويون. هـُـو نهايت نرم دل هو ۽ هـُـن پهريون ڀيرو اِيئن ڪيو هو.

 ”ڇا هيءُ منهنجي لاءِ لازمي آهي؟“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”مون کي ئي اِيئن ڪرڻ گهرجي؟ ڪنهن جي مٿان به ڏوهه نه آيو آهي، نه وري ڪو منهنجي بجاءِ سزا لاءِ سائيبيريا ڏانهن موڪليو ويو آهي. هـُـو ته بخار جي وگهي مري ويو هو. منهنجي مٿان جو عذاب گذري چـُـڪو آهي، اُها اُن رت هارڻ جي سزا آهي، مون تي ڪو به اعتبار نه ڪندو، نه وري منهنجي ثابتين کي ڪو قبول ڪندو. مون کي اعتراف جي ضرورت به آهي؟ مان جو خون هاريو آهي، اُن جي سزا ۾ سڄي حياتي عذاب سهڻ لاءِ تيار آهيان، پر جيڪڏهن منهنجي زال ۽ ٻارن کي بچايو وڃي. ڇا هنن کي به مون سان گڏ برباد ڪيو ويندو؟ ڇا اَسان غلطي نه ڪري رهيا آهيون؟ هن حالت ۾ صحيح قدم ڪهڙو ٿيندو؟ ڇا ماڻهو هن کي مقبول شيءِ سمجهندا، ساراهه ڪندا ۽ عزت ڏيندا؟“

 ”خدايا!“ مان سوچيو، هيءُ هـِـن پوئين گهڙيءَ ۾ به ٻين جي عزت جو خيال ٿو ڪري! ” مون کي هن لاءِ پوءِ همدردي پيدا ٿي. مون کي سندس قسمت ۾ ڀائيوار ٿيڻ پسند هو، جيڪڏهن کيس اِها ڀائيواري آرام ڏئي سگهي ها ته. مان ڏٺو ته هـُـو پنهنجي حال ۾ نه آهي. مان حيران هوس. مان پنهنجي دل ۽ دماغ سان محسوس ٿي ڪيو، ته آخر سندس فيصلي جو مطلب ڪهڙو آهي؟

هن وري ڳالهايو ته،  ”منهنجي قسمت جو فيصلو ڏي.“

 ”وڃ ۽ وڃي اعتراف ڪر! ” مان ڀڻڪندي چيو. منهنجو آواز ڪـِـري پيو هو پر مان اِرادي جي مضبوطي سان ڀڻڪيو. مان جديد انجيل کي ميز تان کنيو، جو روسي زبان ۾ ترجمو ٿيل هو ۽ کيس سينٽ جان جي آيت 12 ۽ شعر 24 ڏيکاريم.

 ”مان اوهان کي صداقت سان ٻڌايان ٿو ته جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين تي ڪري نه ٿو ۽ مـَـري نه ٿو تيستائين هـُـو اڪيلو ٿو رهي، پر جڏهن هـُـو مري ٿو تڏهن گهڻو ئي اَنُ ٿو ڏئي.“

هـُـن پڙهيو ۽ چيائين ته، ”اِهو سچ آهي“، پر زهرخند مشڪيو. ٻيهر چوڻ لڳو ته،  ”هيءُ نهايت خطرناڪ آهي، جو تون اِهڙيون ڳالهيون ڪتابن مان ٿو چونڊين. اِهو ته آسان آهي، ته اِهڙيون ڳالهيون، ڪنهن ٻي جي سـَـر تي ٿڦيون وڃن. پر اِهي ڳالهيون لکيون ڪنهن آهن؟ ڇا اِهو ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪارنامو آهي؟“

”مقدس روح!“ هن کي لکيو آهي، مان کيس چيو.

”تنهنجي لاءِ هيءَ فضول گوئي آهي.“ هـُـو وري مشڪيو. سندس مشڪڻ مان نفرت ٿي ڏٺي.

مان وري ڪتاب کي کنيو ۽ اُن کي کوليم. اُن کي ٻي جاءِ تان پڙهڻ شروع ڪيم. يهودين جي خط جو حصو، باب 10 ۽ شعر 31. هـُـن پڙهيو.

”اِهو نهايت خطرناڪ آهي، جو پاڻ کي جيئري خدا جي هٿن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي.“

هـُـن پڙهڻ کانپوءِ، ڪتاب کي ڦٽو ڪيو. هـُـو مٿي کان وٺي پيرن تائين لرزي رهيو هو.

 ”خطرناڪ پڙهڻي! ” هن چيو. هن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته تو انتخاب صحيح ڪيو آهي.“

هـُـو ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو. ”خير “ هن چيو، ”خدا حافظ، مان وري نه ايندس. اسان وري خدا وٽ ملنداسون. مان چوڏهن سال زندهه خدا جي هٿن ۾ رهيو آهيان. انهن چوڏهن سالن لاءِ سوچڻ به وڏي ڳالهه آهي. سڀاڻي مان اُن کي عرض ڪندس ته هاڻي مون کي ڇوٽڪارو ڏي.“

 مان چاهيو ٿي، ته اُن کي ڀاڪر ۾ وٺي چمان، پر مون کي اِها همٿ نه ٿي. سندس صورت سخت گير ۽ سنگين ٿي وئي هئي، هـُـو هليو ويو.

 ”خدايا! ” مان سوچيو، هيءُ ڪهڙي شيءِ کي منهن ڏيڻ لاءِ ويو آهي. مان مجسمي جي سامهون گوڏن ڀـَـر ٿيس ۽ بي بي مريم جي سامهون اُن جي لاءِ روئندو رهيس. جا اسان جي جلد بچاءُ ڪندڙ ۽ مددگار آهي. مان اَڌ ڪلاڪ ڳوڙها ڳاڙيندو رَهيس ۽ اُن لاءِ دعا گهرندو رهيس. دير ٿي وئي هئي، اَڌ رات جو وقت هو، دروازو کليو ۽ هـُـو وري اندر پيهي آيو. مان کيس ڏسي عجب ۾ پئجي ويس.

مان کانئس پڇيو ته،  ”تون ڪٿي هئين؟“

هن چيو ته،  ”مان سمجهان ٿو ته ڪجهه وساريو اَٿم. شايد رومال.... خير مون جيڪڏهن هت ڪجهه به نه وساريو آهي ته به گهڙي کن ترسندس.“

هـُـو ويهي رَهيو ۽ مان مٿس بيهي رهيس.

اَسان کي ويٺي اَڃا ٻه منٽ مس گذريا هئا، جو هـُـن اِرادي سان مون ڏي نهاريو ۽ يڪايڪ مشڪي ويٺو. مون کي ياد اچي ويو، هـُـو اُٿي بيٺو، مون کي ڀاڪر پاتائين ۽ جوش مان چمڻ لڳو.

 ”ياد رک!“هن چيو، ”مان ڪيئن نه ٻيو ڀيرو تو وٽ آيو آهيان. ٻڌين ٿو. هن کي ياد رکج“.

هـُـو ٻاهر هليو ويو.

”سڀاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو.  ”مان خيال ڪيو.

اِيئن ئي ٿيو. مون کي خبر نه هئي ته هن شام کان پوءِ ڏينهن تي ڪو سندس ڄمڻ جو ڏينهن هو. مان ٻه ٽي ڏينهن ٻاهر نه نڪتو هوس، اُن ڪري، اُن جي بابت ڪجهه به ٻڌي نه سگهيو هوس. سندس ڄمڻ واري ڏينهن تي وٽس ماڻهن جو وڏو مجموعو گڏ ٿيندو هو. شهر جو سڀڪو ماڻهو اُن ۾ شامل ٿيندو هو. رات جي ماني کان پوءِ، هـُـو هڪ ڪاغذ کڻي، ڪمري جي وچ ۾ آيو. اُن ۾ رسمي طور تي هڪ گذارش هئي، جا هن پنهنجي محڪمي جي آفيسر لاءِ لکي هئي، جو اُتي موجود هو. هـُـن اُن گذارش کي وڏي آواز سان مجموعي ۾ پڙهيو. جنهن ۾ ڏوهه بابت حقيقت پوري تفصيل سان ڏنل هئي.

 ”مان ماڻهن کان هڪ بلا جي صورت ۾ جدا ٿي وڃان ٿو. خدا مون سان ملاقات ڪئي آهي. ” هن آخر ۾ چيو ته  ”مان چاهيان ٿو ته پنهنجي گناهه جي لاءِ سڀ ڪجهه برداشت ڪريان. ” اُن کان پوءِ هـُـو اُنهن سڀني شين کي کڻي آيو، جي هـُـن چوڏهن سالن کان وٺي سانڍي رکيون هيون. جنهن لاءِ هن خيال ڪيو ٿي ته سندس ڏوهه کي هي ثابت ڪنديون. اُهي هيرا جي، هن پنهنجي ڏوهه کي ڇپائڻ لاءِ، مقتول عورت جا چورايا هئا. صليب ۽ ليڪٽ، جنهن ۾ سندس مڱيندي جي تصوير هئي ۽ سندس هڪ نوٽ بـُـڪ ۽ ٻه خط. اُنهن مان هڪ خط سندس مڱيندي جو هو، جنهن ۾ هـُـن کيس لکيو هو ته هـُـو وٽس جلدي پهچي ويندو ۽ ٻيو اُن مقتول عورت جي نالي تي خط هو، جو هـُـن ميز تان کنيو هو، جنهن کي هوءَ ٻي ڏينهن تي مڱيندي ڏانهن موڪلڻ واري هئي. هـُـن اُهي ٻه خط ڇو کنيا هئا، اُن مان سندس مطلب ڪهڙو هو؟ هن اُنهن خطن کي چوڏهن سالن تائين ڇو سانڍيو هو، حالانڪه هي ڏوهه جا ثبوت هئا ۽ هـُـن اُنهن کي، ايڏي طويل عرصي ۾ ڇو نه تباهه ڪري ڇڏيو هو؟

اُن کان پوءِ هيئن ٿيو. هر ڪو نه فقط عجب ۾ پئجي ويو پر خوف سان ڀرجي ويو. هر ڪنهن اُن جي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ خيال ڪيائون ته ڪا بيماري ٿي پئي اَٿس. اگرچه کيس سڀني پوري توجهه سان ٻـُـڌو هو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هر گهر ۾ هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته هيءُ بدبخت انسان چريو ٿي پيو آهي. قانوني اختياري وارن هن مقدمي کي وٺڻ کان ته انڪار نه ڪيو، پر جلد ئي هٿ ڪڍي ورتو. جيتوڻيڪ چوريءَ جي شين ۽ خطن کين مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو، پر اُن هوندي به هنن سوچيو ته جيتوڻيڪ کڻي هي شيون حقيقي به هجن، تڏهن به فقط هنن تي ڪو به فيصلو ٿي نه سگهندو. ٿي سگهي ٿو ته هـُـن اِهي شيون کيس دوست جي حيثيت ۾ ڏنيون هجن، يا کيس سنڀال لاءِ سونپيون هجن. مان پوءِ ٻڌو ته، جيتوڻيڪ مقتول عورت جي دوستن ۽ عزيزن، اُنهن شين جي موجودگيءَ کان، معاملي جي تهه تائين وڃي، شڪ کي يقين تائين پهچايو، پر اُن هوندي به ڪو نتيجو نه نڪتو.

پنجن ڏينهن کانپوءِ، سڀ ڪنهن ٻڌو ته هـُـو بيمار آهي ۽ سندس حياتي خطري ۾ آهي. کيس بيماري ڪهڙي هئي، مان اُن کي ٻـُـڌائي نه ٿو سگهان. ماڻهن ٻڌايو ٿي ته کيس دل تي حملو ٿيو آهي. هيءَ به خبر پئي ته سندس زال ڊاڪٽرن کي راضي ڪيو، ته سندس ذهني حالت جو به معائنو ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر هن نتيجي تي پهتا، ته هيءَ جنون جي بيماري آهي. مان ڪا به ڳالهه نه ڪئي. جيتوڻيڪ ماڻهو مون ڏي پڇڻ لاءِ ڊوڙندا ٿي آيا، پر مان جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ گهري، ته مون کي گهڻي وقت تائين اِجازت نه ڏني وئي. سڀ کان وڌيڪ سندس زال جي مرضي نه هئي.

 ”تون ئي سندس بيماريءَ جو سبب آهين“ هن چيو. ”هـُـو هميشھ اُداس رهندو هو. پر گذريل سال کان ماڻهن ڏٺو ته هـُـو خاص طرح بي چين هو ۽ کانئس عجيب شيون ظهور ۾ اينديون ٿي رهيون. هاڻي تون ئي سندس بربادي جو سبب بڻيو آهين. تنهنجي واعظ، کيس هن حالت تي پهچايو آهي. گذريل مهيني ۾ هـُـو توسان گڏ پئي رهيو آهي.“

سچ پچ ته سندس گهر واري، پر سڄو شهر مون تي چڙهي آيو ۽ مون کي اُن جو ڏوهه ٿي ڏنائون. ”هيءُ سڀ تون ئي ڪري رهيو آهين.“ هـُـو چوڻ لڳا. مان خاموش ٿي ويندو هوس پر دل ۾ خوش ٿيندو هوس. ڇاڪاڻ ته مان هن ماڻهوءَ لاءِ صاف خدا جي رحمت ٿي ڏٺي، جو پاڻ کي ڏوهاري سمجهي، سزا جي لاءِ تيار ٿي ويو هو. مان سندس ديوانگي جو قائل نه هوس.

آخر هنن مون کي سندس ملاقات جي اِجازت ڏني. هن خود، هنن تي زور آندو، ته هـُـو مون کي خدا حافظ چوي. مان وٽس ويس ۽ ڏٺم ته نه فقط ڏينهن پر گهڙيون سندس باقي آهن. هـُـو ڪمزور ۽ پيلو ٿي ويو هو. سندس هٿ ڏڪيا ٿي ۽ مشڪل سان ساهه ٿي کنيائين، پر سندس چهرو روشن ٿي نظر آيو ۽ خوشيءَ جي جذبات سان ڀريل.

 ”معاملو ختم ٿي ويو! ” هن چيو،  ”مان ڪيتري وقت کان تنهنجي ڏسڻ لاءِ پئي سڪيس. تون ايندو ڇو نه هئين؟“

مان کيس اهو نه ٻڌايو ته مون کي سندس ڏسڻ لاءِ اِجازت نه ٿي ڏني وئي.

 ”خدا تعاليٰ منهنجي مٿان رحم ڪيو آهي ۽ مون کي پاڻ ڏانهن گهرائي ٿو. مان ڄاڻان ٿو، ته مان مران ٿو، پر مان ڪيترن سالن کان پوءِ خوشي ۽ دل جو سڪون حاصل ڪيو آهي. هاڻي مون ۾ همٿ پيدا ٿي آهي، ته پنهنجي ٻارن کي پيار ڪريان ۽ کين چـُـمان. نه منهنجي زال، نه ججن، نه وري ڪنهن ٻي، هن ڳالهه تي اعتبار ڪيو آهي. منهنجا ٻار به ڪڏهن هن حقيقت تي اعتبار نه ڪندا. مان هن ۾ مٿن خدا جي رحمت ٿو سمجهان. مان مري ويندس پر منهنجو نالو هنن جي لاءِ داغ نه رهندو. مان هاڻي خدا کي قريب ٿو سمجهان ۽ منهنجي دل هاڻي اِيئن خوش آهي، ڄڻ ته بهشت ۾ آهي. مان پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي.“

اسان گهڻو وقت ڳالهائي نه سگهياسون، ڇو ته سندس زال اَسان کي ڏسي رَهي هئي، پر هـُـو اُن هوندي به ڀڻڪندو رَهيو.

 ”توکي ياد هوندو، ته اَڌ رات جي وقت مان توڏي ٻيهر آيو هوس. مان توکي چيو هو ته ياد رکجانءِ. توکي خبر آهي ته مان توڏي ڇو موٽي آيو هوس؟ فقط توکي مارڻ لاءِ!“

مون کان ڇرڪ نڪري ويو.

 ”مان توکان موڪلائي اوندهه ۾ هليو ويس. مان پاڻ سان جهڳڙندو گهٽين ۾ رُلندو رهيس. اوچتو مان توکي نفرت سان ڏسڻ لڳس. ايتري قدر جو مان اُن کي برداشت ڪري نه سگهيس. مان خيال ڪيو، ته هن ئي مون کي ٻـَـڌي قابو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هيءُ ئي منهنجو جج آهي. مان سڀاڻي پنهنجي سزا وٺڻ کان ڪڏهن به انڪار ڪري نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته هيءُ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. مون کي هن کان ڪو به خوف نه هو، ته تو مون کي راهه کان بيراهه ڪيو آهي (مان اُن جو خيال به نه ٿي ڪري سگهيس) پر مان خيال ٿي ڪيو، ته هاڻي مان جيڪڏهن اعتراف نه ٿو ڪريان، ته سندس منهن ۾ ڪيئن نهاري سگهندس؟ اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن تون هت نه به هجين ها، دنيا جي ڪنهن دور دراز گوشي ۾ هجين ها، ته به ڳالهه ساڳي ٿئي ها. هيءُ خيال برداشت کان ٻاهر هو، ته تون جيئرو هجين، سڀ ڪجهه ڄاڻندو هجين ۽ مون کي ڏوهاري سمجهندو رهين. مان توکي هن جو سبب سمجهي ڌڪارڻ لڳس ۽ سمجهيم، ته هن سڄي ڳالهه جو ڏوهي تون آهين. مان اُن ڪري ٻيهر تو وٽ موٽي آيس. مون کي ياد آيو، ته تنهنجي ميز تي هڪ خنجر رکيو آهي. مان ويهي رهيس ۽ توکي به ويهڻ لاءِ چيم. مان هڪ منٽ کن منجهي ويس. مان جيڪڏهن توکي ماريان ها ته هن قتل جي باعث برباد ٿي وڃان ها، جيتوڻيڪ ٻي جي لاءِ ڪا به منهنجي قبوليت موجود نه هئي. پر مان اُن جي بابت ڪجهه به نه سوچيو، ڇاڪاڻ ته اُن مهل مون اِهو سوچڻ ئي نه ٿي گهريو. مان اُن وقت توکي ڌڪاريو ٿي ۽ مان منتظر هوس، ته هنن سڀني حالتن جو توکان انتقام وٺان، پر خدا منهنجي دل مان شيطان کي دور ڪيو. مان توکي هيءُ به ٻڌائڻ گهران ٿو، ته تون ڪڏهن به موت جي ويجهو نه هئين.“

هفتي کن کان پوءِ، هـُـو مري ويو. سڄو شهر سندس جنازي سان گڏ، مقام تائين ويو. مکيه پادري جذبات سان ڀريل تقرير ڪئي. سڀئي ماڻهو سندس خطرناڪ بيماري تي ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا، جنهن سندس حياتي کي ختم ڪري ڇڏيو هو. سندس دفنائڻ کانپوءِ، سڄو شهر منهنجي خلاف اُٿي بيٺو ۽ ايتري قدر جو ماڻهن مون کي ڏسڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. پهريائين ڪجهه، پوءِ ٿورا ۽ اُن کان پوءِ گهڻا ماڻهو اُن جي ڪهاڻي کي سچ سمجهڻ لڳا ۽ مون سان ملاقات ڪري سوال پڇڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته اَڪثر ماڻهن کي ڪنهن سڌي راهه تي هلڻ واري جي توهين ۽ تباهي پسند ايندي آهي ۽ هـُـو بي فائدي به اُن ۾ دلچسپي ۽ شوق ڏيکاريندا آهن. پر مان پنهنجي زبان کي روڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ مون شهر به ڇڏيو. پوءِ خدا جي مهرباني سان مان سنئين سڌي رستي ۾ داخل ٿيس ۽ اُن اَڻ ڏٺي آڱر جي ساراهه ڪرڻ لڳس، جنهن جي صاف اِشاري منهنجي رهنمائي ڪئي هئي، پر مان اڄ ڏينهن تائين، خدا جي ٻانهي مهائيل کي پنهنجي دعائن ۾ شريڪ ڪندو رهيو آهيان، جنهن تمام گهڻو سـَـٺو هو.

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org