حصو
پهريون
خاندان
جي
ڪهاڻي
باب پهريون
فيودور پاولووچ ڪرامازوف
اليڪسي فيودورووچ پاولووچ، ڪرامازوف جو ٽيون پٽ،
اسان جي زماني ۾ ضلعي جو مشهور زميندار هو. سندس
موت کي تيرنهن سال گذري چڪا آهن، مگر کيس اڄ به
ياد ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته سندس موت نهايت ڀيانڪ ۽
دردناڪ نموني ۾ ٿيو هو. کيس اڪثر ڪري ”زميندار “
جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جيتوڻيڪ هـُـن پنهنجي
حياتيءَ جو هڪ ڏينهن به مشڪل سان پنهنجيءَ زمين تي
گذاريو هوندو. هو عجيب طبعيت جو ماڻهو هو، اُن
هوندي به ساڻس ملڻ لاءِ دل چاهيندي هئي. هـُـو هڪ
خودغرض، منفي سوچ رکندڙ ۽ ساڳئي وقت بي عقل به هو.
مگر هـُـو اُنهن بيوقوفن مان هو، جي دنيائي ڳالهين
۾ بيحد چالاڪ ٿين ٿا، پر ظاهر ۾ ڄڻ ته کين ڪنهن به
شئي سان واسطو نه ٿو رهي.
فيودور پاولووچ ڪرامازوف، ڪنهن کان گهٽ نه هو.
کيس ٻه چار ٻارا زمين هئي ۽ هميشه ٻين جي دسترخوان
ڏانهن نهاريندو هو. ان هوندي به سندس موت کان پوءِ
وٽانئس هڪ هزار روبل نقديءَ ۾ نڪتا. پنهنجي
زندگيءَ ۾ ساڳئي وقت بيوقوف سان گڏ جذباتي ماڻهو
به سمجهيو ويندو هو. مگر اها سندس بيوقوفي نه هئي،
ڇو ته جذباتي ماڻهن مان اڪثريت اهڙن جي هوندي آهي،
جيڪي اصل ۾ ته وڏا حرفتي ۽ ذهين ٿين ٿا پر ظاهري
طرح خواه مخواه پاڻ کي نادان ظاهر ڪندا آهن، جيڪا
پڻ سندن سـُـڃاڻ جي هڪ قومي نشاني ٿئي ٿي.
پاولووچ ڪرامازوف ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس ٽي
پٽ ٿيا- پهرئين زال مان دمتري ۽ ٻيءَ مان ايون ۽
اليگزي. فيودور پاولووچ ڪرامازوف جي پهرئين زال -
ايڊيليڊيا ايونونا، اُن ساڳئي شاهوڪار ۽ معزز
خاندان مان هئي، جن مان موسيوف جي ضلعي جا زميندار
هئا. هيءَ ڳالهه بنهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ته هڪڙي
عورت، جيڪا پنهنجي ملڪيت جي وارث هئي ۽ اُن کان
سواءِ هڪ حسين ۽ صحتمند ڇوڪري هئي، تنهن ڪهڙيءَ
ريت هڪ نڪمي، ضعيف ۽ ڪمزور مرد سان شادي ڪئي. مان
ڪجهه به وڌيڪ نه چوندس سواءِ ان جي ته مون کي هڪ
رومانوي قصي جي ياد ٿي اچي، جيڪو اسان جي ئي زماني
۾ ٿي گذريو آهي. هڪ عورت کي ڪنهن مرد لاءِ سالن
کان دل ۾ لڪل محبت هئي. اهو به هن لاءِ مشڪل نه هو
ته ڪا هوءَ ساڻس شادي نه ٿي ڪري سگهي، مگر هن سندس
ميلاپ ۾ خود ئي رنڊڪون پيدا ڪيون. جنهن جو نتيجو
اهو نڪتو، جو هڪ طوفاني رات ۾ هن هڪ گهري ۽ تيز
وهڪري واريءَ نديءَ جي ڪناري تي بيهي، جنهن جو
ڪٽهڙو ڪافي اُوچو هو، پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. نديءَ جي
ڪناري واري اُتانهين دلڪش هئي، پر جيڪڏهن اها
ايتري وڻندڙ ۽ جاذب نه هجي ها ۽ اها هڪ ميدان مثل
هجي ها ته شايد هي خودڪشيءَ جو واقعو نه ٿئي ها.
اهڙا ڪيترائي واقعا ۽ حادثا گذريل ٻن ٽن نسلن ۾ اڳ
به ٿي گذريا آهن. ايڊيليڊيا اَيونونا موسيوف جو
ڪارنامو به ساڳئي ئي قسم جو هو. شڪ نه آهي ته هن ۾
ماڻهن جي خيالن جي پڙاڏي، سندس ذهني اُلجهن ۽ سندس
غصي کي به دخل هجي. بهرحال کيس اَڪثر اَجايا خيال
ستائيندا ٿي رهيا. فيودور پاولووچ جيتوڻيڪ
خوشامدي طبعيت جو هو، پر وٽس دليري ۽ زندهه دلي به
هئي. اُن هوندي به هڪ بدڪردار ۽ ڇـَـسي ماڻهوءَ
کان وڌيڪ سندس ڪابه حيثيت نه هئي. هنن جي شاديءَ
جي به عجيب ڳالهه هئي - سندن شاديءَ ۾ فراريت کي
گهڻو دخل حاصل هو. چيو وڃي ٿو، ته ايڊيليڊيا کي
اُن شوق قابو ڪري رکيو هو. فيودور پاولووچ جي اُن
وقت اهڙي ته اچي حالت بڻي هئي، جو کيس ڪنهن ڌنڌي ۾
هٿ وجهڻ جي تمام گهڻي خواهش هئي، جيئن هـُـو
پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن نموني ٺاهي ۽
سنواري سگهي. هڪ بيٺل خاندان سان نسبت ۽ ٻيو زال
جي ڏاج ۾ دولت جو هٿ اَچڻ، هن لاءِ سچ پچ هڪ نيڪ
فال هو. مگر هنن ٻنهي ۾ ظاهري طرح ڪابه محبت نه
هئي. ايڊيليڊيا جيتوڻيڪ حسين هئي، مگر اُن هوندي
به هي جوڙو، زال مڙس جي اُن نعمت کان محروم هو،
جنهن کي ازدواجي محبت چيو وڃي ٿو. فيودور پاولووچ
جي زندگيءَ جو هيءُ اڪيلو مثال آهي، جو هـُـو اُن
شيءِ کان محروم هو، ورنه، هـُـو هڪ عاشق جيوڙو هو
۽ عام رواجي ڇوڪرين جي ٿورڙي همٿ افزائيءَ تي
هرکجي پوندو هو. ايڊيليڊيا ئي شايد اُها اڪيلي
عورت هئي، جو مٿس ڪنهن به شيءِ جو اَثر نٿي پيو.
ايڊيليڊيا ڀڄي وڃڻ کان پوءِ، جلد ئي محسوس ڪيو ته
کيس مڙس لاءِ محبت نه بلڪ نفرت آهي. شادي، غير
معمولي طرح پنهنجي رنگ ۾ ظاهر ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ
اُن جي خاندان سندس ڀڄي وڃڻ کي برداشت ڪري ورتو هو
۽ کيس سندس ڏاج جو حصو به ورهائي ڏنو هو مگر زال ۽
مڙس ۾ ڌڪار ۽ افراتفريءَ جو عالم پيدا ٿي رهيو هو.
چيو وڃي ٿو ته هن نوجوان زال پنهنجي مڙس جي مقابلي
۾ زياده شان شوڪت ۽ سخاوت ڏيکاري هئي. فيودور
پاولووچ زال جي اُن رقم تي، جيڪا پنجويهه هزار
روبل هئي، هميشه لاءِ قبضو ڪري ڇڏيو. اُهو ننڍو
ڳوٺ، جيڪو شهر جي ڀرسان هڪ دلڪش جڳهه تي هو ۽ جيڪو
سندس زال جي ڏاج جو حصو هو، تنهن کي پنهنجي بڻائڻ
لاءِ، هـُـن ننهن چوٽيءَ جو زور ٿي ڏنو. هـُـو اُن
۾ ڪامياب به ٿي وڃي ها، ڇو ته هيءَ ايڊيليڊيا جي
اخلاقي ڪمزوري هئي، يا مڙس کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ
جو خيال يا مڙس جي لڳاتار نفرت ۽ حقارت ڀريل تقاضا
- جنهن کان تنگ ٿي، هـُـوءَ راضي به ٿي چـُـڪي
هئي، مگر ايڊيليڊيا جي عزيزن، هـُـن جي لالـچ ۽
هٻڇ کي پورو ٿيڻ نه ڏنو. اِيئن به چيو ويندو آهي
ته زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اَڪثر جهڳڙو ٿيندو رهندو هو،
پر مشهور ايئن آهي ته فيودور پاولووچ ڪڏهن به
پنهنجيءَ زال کي نه ماريو هو، مگر هوءَ کيس
ماريندي هئي، ڇو ته هوءَ نهايت گرم مزاج، همٿ
واري، جذباتي ۽ طاقتور عورت هئي. آخرڪار هوءَ
فيودور پاولووچ جو گهر ڇڏي، هڪ محتاج ۽ مفلس
مذهبي طالب علم سان ڀڄي وئي ۽ پٺيان ٽن سالن جو پٽ
مـِـتيا ڇڏي وئي. اُن جي وڃڻ کان پوءِ فيودور
پاولووچ پنهنجي گهر کي عيش عشرت جو اَڏو بڻائي
ڇڏيو ۽ هميشه پاڻ کي شراب ۾ ڌُت رکڻ لڳو. ڪڏهن
ڪڏهن پنهنجي پرڳڻي ڏانهن ويندو هو ۽ ڳوڙهن ڀريل
اکين سان ايڊيليڊيا جي ڀڄي وڃڻ جي، ماڻهن کي دانهن
ڏيندو هو. هڪ مرد کي، جيڪي ڳالهيون زيب نه ٿيون
ڏين، سي هو نهايت شدمد ۽ بي شرميءَ سان
ٻـُـڌائيندو رهندو هو ۽ محبت جي قصي کي مضحڪه خيز
نموني بيان ڪندو هو ۽ پنهنجي مصيبت جو داستان
نهايت ئي دلڪش انداز ۾ ٻـُـڌائيندو هو.
”فيودور پاولووچ، شايد ٻيو ڪوئي ايئن سمجهي، ته
توکي ڪو وڏو رتبو مليو آهي، ڇو ته تون پنهنجي ڏک
تي نهايت خوش نظر ٿو اَچين.“ کيس طعني طور ڪنهن
چئي ڏنو. ٻيا وري هن راءِ جا هئا ته کيس وڌيڪ
مسخري جي پارٽ اَدا ڪرڻ جو وجهه مليو آهي ۽ هڪ
تماشي بڻائڻ لاءِ هن ڄاڻي واڻي پنهنجي اهڙي حالت
بڻائي آهي، پر ڪهڙي خبر ته مبادا اِها به سندس
سادگي هجي. کيس آخر معلوم ٿيو، ته سندس زال هڪ
شاگرد سان پيٽسبرگ ۾ آهي ۽ پوريءَ آزادي سان گذاري
رهي آهي. هـُـو پيٽسبرگ ڏانهن وڃڻ جون نهايت
تڪڙيون تياريون ڪرڻ لڳو، پر بي مقصد، ڇو ته هـُـو
خود اُن کان اڻ واقف هو. هـُـو شايد وڃي به ها ۽
جڏهن به پختو ارادو ٿي ڪيائين، ته پاڻ کي شراب ۾
ڌُت ٿي ڏٺائين. اِن ئي دوران سندس زال جي موت جي
خبر پيٽسبرگ مان سندس عزيز کي پهتي. هوءَ پنهنجي
ڪمري اندر مئل حالت ۾ ملي هئي. ڪن جو چوڻ آهي، ته
کيس مـُـدي جو بخار ٿي پيو هو. ڪن جو خيال هو ته
سندس موت بک وگهي ٿيو. جڏهن کيس زال جي موت جي خبر
پئي تڏهن هـُـو شراب جي نشي ۾ مست هو. ڳالهه ڪئي
وڃي ٿي ته انهيءَ خبر ملندي ئي هـُـو اُڇل ڏئي
اُٿيو ۽ خوشيءَ مان ٽپا ڏيندو ٻاهر رستي تي آيو ۽
ٻئي هٿ آسمان ڏي کڻي چوڻ لڳو ته ”اي خدا کيس بخش ۽
مٿس پنهنجون رحمتون نازل فرما“. ۽
ڪن جو چوڻ آهي ته هـُـو ٻارن وانگر ايترو ته روئڻ
لڳو جو وٽس صبر جو پيمانو ئي نه رهيو. اُهي ماڻهو
جيڪي کانئس نفرت ڪندا هئا، سندس حالت کي ڏسي مٿس
افسوس ڪرڻ لڳا. ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻئي ڳالهيون
سچيون هجن. کانئس آزاد ٿيڻ تي هـُـن خوشي ڪئي هجي
۽ وڃڻ تي رنج جو اظهار. اُهي ماڻهو جيڪي بدڪار ۽
شرير ٿين ٿا، سي سادا ۽ شريف به ٿين ٿا. اسان پاڻ
سڀ اهڙائي آهيون.
dc
باب ٻيو
وڏي پـُـٽ کان آزادي
اهڙي پيءُ کان اولاد جي پرورش جي جيڪا اُميد رکي
سگهجي ٿي، اُن جو اوهان چڱيءَ ريت اَندازو لڳائي
سگهو ٿا. پيءُ جي حيثيت ۾ سندس عادتون اُن جون
آئيني دار هيون. ايڊيليڊيا ايونونا مان جيڪو کيس
ٻار هو، تنهن کان هـُـو بلڪل غافل هو، اِن ڪري نه،
ته ڪو کيس اُن لاءِ ڪينو يا حقارت هئي يا کيس
پنهنجي شاديءَ کان ڪا شڪايت باقي هئي پر اِن ڪري،
جو هـُـو کيس ياد ئي نه رهيو هو. جڏهن هـُـو
پنهنجن ڳوڙهن سان ڀريل دانهن هر ڪنهن کي ڏئي تنگ
ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي گهر کي عياشيءَ جو اَڏو
بڻائي رهيو هو، تڏهن سندس هڪ وفادار نوڪر گريگري،
ٽن سالن جي ننڍڙي مـِـتيا کي پالڻ شروع ڪيو. حقيقت
۾ هن ننڍڙي نينگر جي اهڙي حالت اَچي بڻي هئي، جو
جيڪڏهن هـُـو سندس نگهباني نه ڪري ها ته سندس ڪوئي
گدلي ۽ ميري قميص به نه بدلائي ها!
معصوم ٻار کي سندس ناناڻن به وساري ڇڏيو هو. سندس
نانو فوت ٿي چڪو هو ۽ ناني ماسڪو ڏانهن هلي وئي
هئي، جتي هـُـوءَ سخت بيمار رهندي هئي. سندس باقي
ڌيئر به شادي ڪري چـُـڪيون هيون. مـِـتيا اُن ڪري
سڄو سال اُن ٻـُـڍي نوڪر سان جهوپڙيءَ ۾ رهيو.
جيڪڏهن پڻس کيس کڻي ياد به ڪري ها، حالانڪه هـُـو
سندس وجود کان ئي بي خبر هو، تڏهن به شايد کيس
جهوپڙيءَ ڏانهن ئي واپس ڪري ها، ڇو ته وٽس رَهي،
هـُـو به ضرور عياش بڻجي پوي ها. مـِـتيا جي ماءُ
جو سؤٽ پيٽر اليگزينڊر ووچ موسيوف، جنهن ڳچ عرصو
ٻاهر گذاريو هو، سو تازو پئرس کان موٽي آيو هو.
جوانيءَ ۾ هـُـو پنهنجي خاندان جو هڪ معزز، روشن
خيال ۽ يورپي تهذيب جو دلدادو سمجهيو ويندو هو.
پنهنجي زندگيءَ جي آخري دور ۾ هـُـو آزاد خيال ٿي
پيو هو، جيئن اڪثر چاليهه پنجاهه سالن جي عمر وارا
ٿي پوندا آهن. پنهنجي زندگيءَ جي دوران، هـُـو
رشيا ۽ ٻين ملڪن جي آزادي پسندن جي لهه وچڙ ۾ اَچي
چڪو هو. پرودان ۽ باڪونن سان سندس شخصي ملاقاتون
رهيون. پنهنجي حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هـُـو مزي
سان سن 1848ع واري پئرس جي انقلاب جو ذڪر ڪندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به چئي ويهندو هو، ته قلعي کي
بچائڻ واري جنگ ۾ هـُـو ساندهه ٽي ڏينهن شامل
رهيو، جو سندس جوانيءَ جو بهترين يادگار هو. کيس
پنهنجي هزارن جي شخصي جائداد هئي. سندس وسيع ۽
ڪشادي زمين، اسان جي ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ پکڙيل
هئي ۽ اُن جون حدون اسان جي مشهور ڪليسا تائين
هيون. اليگزينڊر ووچ پنهنجي زمين تي ايندي ئي،
شايد مڇي مارڻ يا ٻيلي مان ڪاٺين ڪپڻ جي حق تي، هڪ
ڊگهي دعويٰ داخل ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته هڪ تهذيب
يافته شهر واسيءَ جي حيثيت ۾، هـُـن جو اهو فرض
آهي ته هو ڪلارڪن جي نازيبا حرڪتن تي کـُـلم کلا
حملو ڪري. هن ايڊيليڊيا بابت سڀ ڪجهه اَچي ٻـُـڌو
هو ۽ کيس اَڄ به ياد ڪري رهيو هو، ڇو ته کيس ڪنهن
زماني ۾ ساڻس دلچسپي هئي. جڏهن مـِـتيا جي زندهه
هئڻ جي کيس خبر پئي، تڏهن فيودور پاولووچ سان
جوانيءَ جي زماني ۾، جيڪا دشمني ۽ نفرت هيس، اُن
هوندي به هـُـن ننڍڙي ٻار جي پرورش جي خواهش ظاهر
ڪئي. هـُـو فيودور پاولووچ سان مليو ۽ ٻار کي
تعليم ڏيارڻ جي ساڻس صلاح مصلحت ڪيائين. فيودور
پاولووچ پنهنجي خاص نوع ۽ اَنداز ۾ جڏهن مـِـتيا
جي متعلق ڳالهائڻ شروع ڪيو، تڏهن ايئن پئي محسوس
ٿيو، ڄڻ قِه کيس اها خبر ئي نه آهي، ته هـُـو ڪهڙي
۽ ڪنهن جي ٻار جي لاءِ ڳالهائي رهيو آهي. نه فقط
ايترو پر وڏي عجب جي ڳالهه اِها هئي، ته کيس اِها
به خبر نه هئي ته سندس گهر ۾ ڪو ننڍو ٻار به آهي.
هن ڳالهه ۾ کڻي وڌاءُ به هجي، پر ڪجهه ته سچ ضرور
هوندو!
فيودور پاولووچ حياتيءَ ڀر ڪانه ڪا حرڪت ڪندو ئي
رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو به نمونو ڪندو هو، جنهن
مان کيس ئي نقصان پهچندو هو. مثال طور: جيئن مٿيون
واقعو بيان ڪيو ويو آهي. اها عادت گهڻن ۾ ٿئي ٿي،
پر حقيقت ۾ اُهي چالاڪ ٿين ٿا ۽ نه فيودور
پاولووچ وانگر ڪم عقل. آخر اليگزينڊر ووچ ٻار سان
گڏ سندس مختصر ملڪيت يعني گهر ۽ زمين، جيڪا سندس
ماءُ ورثي ۾ ڇڏي وئي هئي، اُن جو سنڀاليندڙ مقرر
ٿيو ۽ زور شور سان اُن ڪم ۾ مشغول ٿي ويو، پر جيئن
ته پيٽر کي زمين جي پيدائش وغيره حاصل ٿي چڪي هئي
۽ کيس جلد ئي پئرس موٽڻو هو، اِنڪري هـُـن متيا کي
پنهنجي هڪ سؤٽ جي حوالي ڪيو، جيڪا ماسڪو ۾ رهندي
هئي، پر عجب جي ڳالهه آهي، جو هـُـو پاڻ مـِـتيا
کي وساري ويٺو. ماسڪو واري مائي به ٿوري وقت کان
پوءِ وفات ڪري وئي. مـِـتيا جي پرورش هڪ دفعو وري
به ٻيءَ عورت جي سپرد ٿي، جيڪا مرهيات عورت جي
شادي ڪيل ڌيءُ هئي. منهنجي خيال موجب مـِـتيا، اِن
سموري عرصي ۾ چار ڀيرا جدا جدا هٿن ۾ ضرور آيو. هن
ذڪر کي وڌيڪ ڊگهو نه بڻائيندس، ڇو ته فيودور
پاولووچ جي پهرئين ٻار بابت اَڃا ڪي ضروري ڳالهيون
ٻيون به ڪرڻيون اٿم.
دمتري فيودور پاولووچ، جنهن کي پيار مان مـِـتيا
سڏيو ويندو هو، فيودور پاولووچ جي پٽن مان اڪيلو
پٽ هو، جنهن کي ملڪيت هئي ۽ عام طرح اهو خيال ڪيو
ويندو هو، ته سندس مستقبل شاندار ۽ روشن آهي. هن
پنهنجو ننڍپڻ بي ترتيب ۽ بي سليقي گذاريو هو. هن
اڃا ڪسرت گاهه جي تعليم ختم ئي ڪانه ڪئي هئي، جو
کيس فوجي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ۽ کيس ترقي ڏئي
ڪاڪينرس ڏانهن موڪليو ويو، جتي دوبدو جنگ ۾ حصي
وٺڻ ڪري اُن عهدي تان هٽايو ويو پر جلد ئي کيس وري
ترقي ڏني وئي. ان عرصي ۾ سندس زندگي آوارا بڻجي
پئي، جنهن ڪري ڪيترو پيسو خرچي ڇڏيائين. هن پهريون
ڀيرو پنهنجي پيءُ کي اسان جي پاڙي ۾ ڏٺو، جڏهن
ساڻس پنهنجي ملڪيت بابت فيصلو ڪرڻ آيو هو. هو
زياده وقت نه ترسيو ۽ جلد ئي هليو ويو. مگر ايترو
ٿيو، جو کانئس ڪجهه رقم حاصل ڪيائين ۽ آئنده لاءِ
پنهنجي زمين جي اُپت حاصل ڪرڻ جو واعدو ورتائين.
مـِـتيا پنهنجي زمين جي اُپت ۽ اُن جي قيمت بابت
ڪابه گفتگو نه ڪئي. فيودور پاولووچ پهريون دفعو
هن حقيقت جو اظهار ڪيو ته مـِـتيا کي پنهنجي زمين
جي اُپت ۽ جائداد بابت اجايو ۽ مبالغي آميز خيال
آهي. فيودور پاولووچ، اِن ڳالهه تي ڏاڍو مطمئن هو
ته هو هلڪڙو، شوخ، جذباتي ۽ اُٻهرو آهي ۽ جيڪڏهن
کيس پيسو ملندو رهندو، ته هو خاموش رهندو. هو هنن
ڳالهين جو فائدو وٺي، کيس قسطن ۾ پيسا موڪليندو
رهندو هو. چئن سالن جي عرصي گذارڻ کان پوءِ
مـِـتيا کان آخر صبر ڇڏائي ويو. هـُـو پيءُ سان
آخري طرح معاملي کي صاف ڪرڻ لاءِ، ٻيو دفعو اسان
جي ڳوٺ ۾ آيو پر سندس حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن
کيس معلوم ٿيو ته سندس نالي باقي ڪجهه به نه رهيو
آهي، پر پاڻ پيءُ جو قرضي ٿي چڪو آهي. هن جيڪي
وقت بوقت اقرارناما ٿي ڪيا، ان مطابق هـُـو سموري
رقم وصول ڪري چـُـڪو هو. هـُـو سخت گهٻرائجي ويو.
کيس شڪ پوڻ لڳو ته ايئن ته نه آهي، ته ساڻس دغا
ڪئي وئي آهي، ڇو ته هي سموريون حالتون ان حقيقت
لاءِ جوابدار هيون، جنهن جو اڃا مون کي ذڪر ڪرڻو
آهي. پر اُن کان اڳ جو مان اڳتي هلان، اهو ضروري
آهي ته فيودور پاولووچ جي ٻين پٽن جو به ٿورو ذڪر
ڪندو هلان.
dc
باب ٽيون
ٻي شادي، ٻيو گهر
چئن سالن جي ننڍڙي مـِـتيا کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ
بعد، هن جلد ئي ٻي شادي ڪئي هئي. فيودور پاولووچ
جي هيءَ شادي اَٺن سالن تائين رهي. سندس ٻي شادي
صوفيا ايونونا سان ٿي، جيڪا پڻ ننڍي عمر جي هئي.
هوءَ هڪ ٻئي علائقي سان تعلق رکندڙ هئي، جتي هـُـو
ڪنهن ڪم سانگي هڪ يهوديءَ سان گڏجي ويو هو.
فيودور پاولووچ جيتوڻيڪ شرابي هو، مگر ڌنڌي ۾
پيسي سيڙائڻ ۽ اُن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ هو ڪڏهن به
ڪوتاهي نه ڪندو هو. صوفيا ايونونا هڪ گمنام
پادريءَ جي نياڻي هئي، جا ننڍڙي هوندي ئي يتيم ٿي
وئي هئي. سندس هڪ فوجي آفيسر جي بيواهه زال جي گهر
۾ پرورش ٿي، جيڪا ڪافي مالدار هئي. اها بيواهه
عورت جيتوڻيڪ سندس خيرخواهه هئي، پر گهٽ تڪليف
ڏيندڙ به نه هئي. مون کي وڌيڪ ته خبر نه آهي، مگر
ايترو سو ٻڌو اٿم ته هڪ ڀيري هن يتيم، نماڻي ۽
حليم سـُـڀاءَ واري ڇوڪريءَ کي، اُن عورت مٿي،
ڇـَـتِ نوڙيءَ سان ٽنگي، پوءِ اُن نوڙيءَ کي کڻي
ڪپيو هو. هن ٻڍي عورت مان، کيس هميشه اهڙيون ئي
تڪليفون ۽ سختيون پهچنديون هيون. ٻڍي ظاهر ۾ دل جي
ايتري خراب نه هئي، پر مستقل ڪاهليءَ سبب سندس
طبعيت چيڙاڪ ٿي پئي هئي.
فيودور پاولووچ، کيس پهريائين شاديءَ جي آڇ ڪئي،
مگر پڇاڳاڇا کان پوءِ کيس جواب مليو. پر اڳئينءَ
شادي وانگر، هن وري به هن يتيم ڇوڪريءَ کي ساڻس
ڀڄي هلڻ لاءِ تيار ڪيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته
جيڪڏهن ڇوڪريءَ کي بروقت هن جي متعلق ٿورو وڌيڪ
معلوم ٿئي ها، ته هوءَ شايد ڪڏهن به ساڻس شادي نه
ڪري ها. هڪ ته ٻئي علائقي ۾ رهندڙ هئي، تنهن
کانسواءِ هڪ سورنهن سالن جي ڇوڪريءَ جي سمجهه ئي
ڪهڙي جو هوءَ اُنهن سڀني ڳالهين کي چڱيءَ ريت
سمجهي سگهي؟ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته هـِـن پاتار ۾
رهڻ جي بجاءِ هـُـن پنهنجي مشفق وٽ رهڻ وڌيڪ پسند
ڪيو هجي! ڇوڪري آخرڪار هڪ همدرد وٽان ٻي همدرد وٽ
پهچي وئي. فيودور پاولووچ کي هن ڀيري ڪجهه به
نصيب نه ٿيو، ڇو ته پوڙهي عورت، جيڪا سندس
سنڀاليندڙ هئي، غصي ۾ باهه ٿي وئي ۽ سواءِ پٽ
پاراتي جي، کيس ٻيو ڪجهه به نه ڏنائين. فيودور
پاولووچ کي ڏاج جي ڪا به ڳڻتي ڪانه ٿي، ڇو ته
ڇوڪريءَ ۾ سندس ڪشش جو ڪافي سامان موجود هو. سونهن
۽ سوڀيا، سندس وڻندڙ معصوم چهرو، هن لاءِ سڀ ڪجهه
هو. سندس بدڪاريءَ جي تسڪين لاءِ هن جو حسن اُن
بازاري سونهن کان مٿي هو، جنهن جي ساراهه ڪندي هو
ڍاپندو ئي نه هو. هـُـو اڪثر پوءِ چوندو هو ته ”هن
جي معصوم اکين، منهنجي دل کي بنهه ڇـُـريءَ جيان
چيري ڇڏيو آهي.“ فيودور پاولووچ جا اهي لفظ سندس
شهواني (جنسي) خواهش کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.
هن شاديءَ مان، جيئن ته کيس نه ڏاج مليو هو ۽ نه
پيسو ڏوڪڙ ۽ کيس اها به ڄاڻ هئي، ته هـُـن ئي
ڇوڪريءَ کيس تڪليفن مان ڇوٽڪارو نه ڏياريو آهي،
اُن ڪري هو ساڻس اَڻ سهائيندڙ هلت هلڻ لڳو. کيس
اهو محسوس ڪرڻ لاءِ ته سندس شاديءَ مان کيس ڪجهه
به پـَـلئه نه پيو آهي، هو اڪثر هـُـن جي نماڻائي
۽ نهٺائيءَ جو غلط فائدو وٺندو هو ۽ ساڻس اُبتا
پير کڻندو هو. هـُـن پنهنجي گهر کي بدڪار عورتن جو
اَڏو بڻائي ڇڏيو هو ۽ پنهنجي زال جي سامهون، هو
ساڻن نازيبا حرڪتن ڪرڻ کان به نه گسندو هو. گذريل
ڳالهين کي دهرائڻ کان اڳ ۾ ايترو ٻڌائڻ لازمي آهي،
ته سندس نوڪر گريگري، جو ساڳئي وقت، هڪ بيوقوف،
ضدي ۽ ڪجهه بحثي هو، جيترو سندس پهرئين زال
ايڊيليڊيا ايونونا کي نفرت ۽ ڌڪار سان ڏسندو هو،
ايترو ئي وري هن جي نئين زال جو پاسو وٺندو هو ۽
پيار ڪندو هو. هـُـو سندس ايتري ته طرفداري ڪندو
هو، جو هڪ دفعي فيودور پاولووچ کي اهڙا ته
ناشانائتا لفظ چئي ويو، جيڪي هڪ نوڪر کي ڪڏهن به
نه چوڻ کپندا هئا. آخر نتيجو اهو نڪتو جو هيءَ
بدنصيب عورت، جيڪا ننڍپڻ کان وٺي خوف ۽ دهشت جي
دنيا ۾ پلي هئي، سا اعصابي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي
پئي. جيڪا بيماري ڳوٺاڻين عورتن ۾ عام ٿيندي آهي ۽
جنهن کي عام محاوري ۾ ’جن ورتي‘ چوندا آهن. انهن
تڪليفن جي باعث هوءَ دماغي توازن به وڃائي ويٺي،
پر ان هوندي به کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. ايون
شاديءَ جي پهرئين سال ۾ ۽ اليگزي ٽن سالن کان
پوءِ. جڏهن هوءَ مري وئي، ته اليگزي چئن سالن جو
هو پر عجب هيءُ آهي ته هو عمر ڀر کيس وساري نه
سگهيو. جيتوڻيڪ اُن لاءِ هي سڀ ڪجهه ڪنهن خواب کان
وڌ نه هو. موت کان پوءِ، سندس ٻن پٽن سان به اهائي
ويڌن ٿي، جيڪا سندس وڏي پـُـٽَ مـِـتيا سان ٿي
هئي. هو پنهنجي پيءُ کان بنهه وسري ويا هئا يا هن
کين ڇڏي ڏنو هو. گريگري سندن سنڀال ڪرڻ لڳو.
ڇوڪرا ان جي جهوپڙيءَ ۾ تيستائين رهيا، جيستائين
ان بي رحم عورت، جنهن سندن ماءُ جي پرورش ڪئي هئي،
کين پنهنجي قبضي ۾ نه آندو. هو اڃا زندهه هئي ۽
اٺن سالن جي ڊگهي عرصي گذرڻ کان پوءِ به کانئس اها
بي عزتيءَ واري هلت نه وسري هئي، جيڪا ساڻس ڪئي
وئي هئي. هوءَ هميشه کانئن صوفيا جي متعلق پڇندي
رهندي هئي، ته هن ڪهڙي نموني حياتي گذاري؟ اهو
هيبتناڪ ماحول، جنهن ۾ هن پنهنجي حياتيءَ جون
گهڙيون ڪاٽيون ۽ سندس بيماريءَ جو احوال، جنهن
سندس حياتيءَ کي ختم ڪيو. هن انهن ننڍڙن اڳيان
هيئن به چيو ته: ”هن پنهنجو ڪـِـيتو لوڙيو آهي ۽
خدا کيس ناشڪريءَ جي سزا ڏني.“
صوفيا جي موت کي ٽي مهينا مس گذريا هئا، جو هوءَ
اوچتو اسان جي ڳوٺ ۾ آئي ۽ سڌو فيودور پاولووچ وٽ
لنگهي وئي. هوءَ اسان جي ڳوٺ ۾ اڌ ڪلاڪ کن ترسي،
پر اُن ٿوري عرصي ۾ هوءَ گهڻو ڪجهه ڪري وئي. اهو
شام جو وقت هو. فيودور پاولووچ، جنهن کي هن اٺن
سالن جي عرصي ۾ وري نه ڏٺو هو، سو شراب ۾ مست،
سندس منهن پئجي ويو. ڳالهه هيئن ڪئي وڃي ٿي، ته
سواءِ ڪجهه ڳالهائڻ جي، هن کيس ڀر ڪري ٻه زوردار
چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ وارن کان جهلي، چڱيءَ ريت
زمين تي ليٿڙايو. پوءِ سڌو ان جهوپڙيءَ ڏانهن
ويئي، جتي ڇوڪرا رهندا هئا. ٻارن کي گدلو ۽ ميرو
ڏسي، اَچي گريگريءَ تي مڇري ۽ چڱي ڇنڊ ڪڍيائينس.
پوءِ ٻارن کي اُن ئي حالت ۾، جنهن ۾ هئا، کڻي
گاڏيءَ ۾ وڌائين ۽ سڌو اچي پنهنجي ڳوٺ نڪتي.
گريگري پنهنجي ذلت تي ٻڙڪ به نه ڪڍي، پر جڏهن هو
کيس گاڏيءَ تائين پهچائڻ آيو تڏهن نوڙي فقط ايترو
چيائين ته ”خدا توکي هنن يتيمن جي پرورش جي عيوض
اجر ڏيندو“ مگر ٻـُـڍيءَ رڙ ڪري چيو ته ”اوهان سڀ
ڪند فهم آهيو.“
فيودور پاولووچ جڏهن اُن تي سوچيو، ته کيس اُهو
سڀ ڪجهه، جيڪو ٿي گذريو هو، سو ٺيڪ نظر آيو. اُن
کان سواءِ ٻڍيءَ جي هيءَ آڇ ته - هوءَ سندس ٻارن
جي تعليم جو بندوبست پاڻ ڪندي - کيس بـُـري نه
لڳي. چماٽون، جيڪي کيس لڳيون هيون يا ذلت، جيڪا
ساڻس ٿي گذري هئي، تنهن کي هڪ دلگداز داستان
بڻائي، هو شهر جي هر گهٽيءَ ۽ چوراهي تي
دهرائيندو رهيو.
پر اتفاق اهڙو ٿيو جو اها ٻڍي ستت ئي گذاري وئي،
پر هوءَ پنهنجي وصيت ۾ ٻه هزار روبل هن شرط تي وقف
ڪري وئي، ته اهي صرف ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪيا
وڃن. اهڙيءَ ريت جيئن اها رقم سندن ويهن ورهين جي
عمر تائين خرچ ٿيندي رهي. مون ان وصيت نامي کي پاڻ
ڪونه پڙهيو هو پر ٻڌم ته هڪ عجيب منجهائيندڙ ڍنگ ۽
طرز تي لکيل هو. پيسن جو امين بيفيم پيٽروويچ
پولينيوف، جيڪو علائقي جو فوجي عملدار هو، تنهن کي
بڻايو ويو هو. هو نهايت ئي ايماندار هو. فيودور
پاولووچ بار بار کيس لکندو رهيو ته انهن پيسن مان
کيس به ڪجهه ڏنو وڃي، پر هن هڪ ڪوڙي ڪوڏي به ڪانه
ڏنس، ڇو ته کيس خبر هئي ته اهي پيسا فقط ٻارن جي
تعليم لاءِ ئي آهن. بيفيم پيٽروويچ جي دل ڪشادي ۽
سخي هئي. هن جهڙا ماڻهو اڄڪلهه ملڻ مشڪل آهن.
ننڍڙا نينگر، سندس ڏاڍا ٿورائتا آهن، جو سندن
تعليم ۽ تربيت تي هن خاص ڌيان ڏنو هو. ٻڍيءَ جي هن
سموري رقم کي هن پاسيرو ڪري رکيو، جيئن عمر رسيده
ٿيڻ تي، اهو سمورو پيسو کين وياج سميت ٻيڻو ڪري
ڏئي. هن پنهنجي هڙؤن خرچ ڪري کين پڙهايو ۽ هر هڪ
تي هڪ هزار روبل خرچ ڪيا. مان هن جي ننڍپڻ ۽
جوانيءَ بابت ڪجهه به نه چوندس، پر ڪن لازمي
ڳالهين جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
ايون جي متعلق مان ايترو چوندس ته هو بدمزاج ۽ رکو
روح ٿي ساماڻو، جيتوڻيڪ لڄارو به نه هو. ڏهن سالن
جي عمر ۾ هن محسوس ڪيو، ته هو پنهنجي بلڪه ڌاريي
گهر ۾ رهي ٿو ۽ ٻين جي خيرات تي پلجي رهيو آهي،
کيس اهو به معلوم ٿيو، ته سندس پيءُ ڪهڙي قسم جو
ماڻهو آهي.جنهن بابت ڪجهه به ڳالهائڻ بي شرميءَ ۽
خواريءَ کان گهٽ نه آهي. ننڍپڻ ۾ ئي هي ٻار جيئن
چيو وڃي ٿو، غير معمولي ذهانت وارو هو ۽ کيس سکڻ
لاءِ بيحد چاهه هو. مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ نه آهي
ته ڇو، پر تيرهن سالن جو اَڃا مس هو، ته بيفيم
پيٽروويچ جو گهر ڇڏي، وڃي ماسڪو جي ڪسرت گاهه ۾
داخل ٿيو. هو اُتي هڪ هوشيار ۽ قابل استاد سان رهڻ
لڳو، جو بيفيم پيٽروويچ جو پراڻو دوست به هو. ايون
پوءِ هميشه بيفيم پيٽروويچ جي تعريف ڪندو هو، ته
اهو سڀ ڪجهه سندس ئي غير معمولي شوق جو نتيجو آهي.
هو هن ڳالهه جو قائل هو ته هڪ ذهين شاگرد جي
تربيت، هڪ ذهين استاد جي هٿن سان ئي ٿيڻ گهرجي.
مگر افسوس، ايون جڏهن جوان ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ ۾
داخلا وٺڻ جي قابل ٿيو، ته نه هن جو استاد ئي
زندهه رهيو ۽ نه وري بيفيم پيٽروويچ ئي جيئرو
رهيو. پر جيئن ته بيفيم پيٽروويچ ٻڍيءَ جي وصيت
نامي ۽ پنهنجي طرفان ڪوبه شرط شروط داخل نه ڪيو هو
۽ هڪ هزار روبل، ٻن هزارن تائين وڃي پهتا هئا،
انهيءَ ڪري، انهن جي ادائگيءَ ۾ ڪجهه دير ٿي، ڇو
ته رشيا جي قانون موجب، ڪن رسمن جي پوئواري ڪرڻ
ضروري هئي. ڇوڪري ان ڪري پهريان ٻه سال
يونيورسٽيءَ ۾ سختي ۽ تنگدستيءَ ۾ گذاريا. هن پوري
عرصي ۾، هن پنهنجي پيءُ کي ان بابت ڪجهه به نه
لکيو. اها ان جي مغروري هئي، يا نفرت سندس ٿڌي
طبعيت يا تيز ذهانت جو اهو نتيجو هو، جو هن سمجهيو
ٿي، ته اهڙي پيءُ مان آخرڪار ڪجهه به پـَـلئه نه
پوندو. اُن هوندي به هـُـو مايوس ۽ نااميد نه ٿيو،
بلڪه ڪم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. شروع ۾ هو خانگي
طرح پڙهائيندو هو، پر پوءِ کيس جلد ئي هڪ اخبار ۾
ڪالم لکڻ جو ڪم ملي ويو. ان ڪالم ۾ هو شهر ۾، جيڪي
واقعا ٿيندا هئا، انهن تي لکندو هو. اهي ڪالم
ايتري قدر ته دلچسپ ۽ ساڳئي وقت چڀندڙ به هئا، جو
ماڻهن ۾ تيزيءَ سان پسند پوڻ لڳا. حقيت ۾ اها ئي
اڪيلي شئي هئي، جنهن سندس ذهانت ۽ ڄاڻ، انهن
حاجتمند ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان کانئس مٿڀرو ٿي ڪيو،
جيڪي اخبارن ۾ فرينچ زبان مان خبرن ترجمي ڪرڻ جي
نوڪريءَ لاءِ به محتاج هئا. ايون فيودور پاولووچ،
جڏهن هڪ دفعو ايڊيٽرن جي لهه وچڙ ۾ آيو، ته هو ان
ناتي کي هميشه نڀائيندو آيو. ايڊيٽر سندس ذهانت
کان ايترو ته متاثر ٿيا، جو جڏهن هو يونيورسٽيءَ ۾
پڙهيو ٿي، تڏهن مختلف موضوعن تي سندس لکيل تبصرا،
بنا ڪنهن ڍرائيءَ جي فخر سان شايع ڪندا هئا، جيڪي
واقعي تحسين جي نگاهه سان ڏٺا ٿي ويا. اهڙيءَ ريت
هو ادبي حلقن ۾ مقبول ٿيڻ لڳو. يونيورسٽيءَ جي
پوين ڏينهن ۾ کيس وڌيڪ مشهوري حاصل ٿي. ايتري قدر
جو يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو وڏو طبقو کيس ساراهڻ
لڳو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندو رهيو. هي عجب اتفاق
هو ته جڏهن هو، يونيورسٽيءَ جي تعليم پوري ڪري چڪو
۽ ٻاهر وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو ته سندن مختلف
لکيل مضمونن جو مجموعو شايع ٿي نڪتو. هن مجموعي ۾
هن انهن موضوعن تي لکيو هو، جن بابت عام ماڻهن کي
اها ڄاڻ هئي، ته هو انهن کان بنهه بي خبر آهي. هو
فطري علم جو طالب العلم هو، مگر انهن مضمونن ۾، هن
گهڻو ڪري ڪليسائي مذهب جو ذڪر ڇيڙيو هو. جنهن تي
ان وقت تمام گهڻو بحث مباحثو ٿيندو ٿي رهيو. جدا
جدا راين تي بحث ڪرڻ کان پوءِ، هن پنهنجي نڪتئه
نظر جي وضاحت ڪئي هئي. سندس لکڻ جي طرز ماڻهن جي
دلين تي هڪ اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏيو هو. هنن مضمونن جو
ايترو اثر پيو جو ڪليسا جي ڪيترن ماڻهن، بنا ڪنهن
هٻڪ جي کيس پنهنجو طرفدار ٿي سمجهيو. نه فقط
ايترو، پر دينوي ماڻهن سان گڏ ڪيترن دهرين به سندس
ساراهه جا ڍڪ ٿي ڀريا، پر آخرڪار ڪن ذهين ۽ هوشيار
ماڻهن تاڙي ورتو، ته هنن مضمونن ۾ ڪجهه به نه آهي.
رڳو غليظ ۽ کل جهڙي هـِـجو ۽ طعني زني ڪيل آهي.
مان هيءُ ذڪر خاص اُن ڪري ٿو ڪريان، ڇو ته اسان جي
پاڙي واري خانقاه ۾ رهندڙ ان ڪليسائي مذهب واري
بحث ۽ مباحثي ۾ گهڻو چاهه وٺي رهيا هئا، سي بلڪل
منجهي پيا. هو جڏهن مصنف جي نالي کان واقف ٿيا،
تڏهن ان ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳا. ڇو ته هڪ ته هو
سندن هم وطن هو ۽ ٻيو فيودور پاولووچ جو پٽ هو.
پوءِ ستت ئي اسان جي ڳوٺ اَچي سهڙيو.
ايون فيودور پاولووچ اسان وٽ ڇو آيو، تنهن بابت
مون کي پڪي يادگيري آهي. ان وقت مون خود پاڻ هن
کان ڪجهه پڇيو هو، جيڪو مون کي ڪي قدر بي چين ٿي
نظر آيو. سندس ڏک ڀريو اَچڻ، پوءِ ڪيترين ئي
خرابين لاءِ پهريون قدم ثابت ٿيو، جنهن کي مون ان
وقت خود به سمجهي نه ٿي سگهيو. ظاهر ۾ اهو عجب
جهڙو ٿو لڳي ته ايون جهڙو پڙهيل ڪڙهيل، هٺيلو ۽
هوشيار نوجوان، ڪيئن اوچتو ئي اوچتو، بدنام گهر ۾،
بدنام پيءُ وٽ گهڙي آيو، جنهن حياتيءَ ڀر ياد ته
ڇا پر ڪڏهن هن بابت سوچيو به نه هوندو. هو ڪڏهن به
۽ ڪنهن به حالت ۾ کيس پيسن ڏيڻ لاءِ تيار نه هو،
جيتوڻيڪ کيس هميشه هن ڳالهه جو کٽڪو رهندو هو، ته
هڪ نه هڪ ڏينهن ايون ۽ اليگزي کانئس ضرور پيسن جي
تقاضا ڪندا. هيڏانهن هيءُ جوان پيءُ جي گهر ۾ ٻن
مهينن کان رهيو پيو هو ۽ نهايت ئي ساز ۽ سلوڪ سان
وقت پئي گذريو. هيءَ پوئين حقيقت گهڻن لاءِ ۽ خاص
طرح منهنجي حيرت جو سبب بڻي. پيٽر اليگزينڊرووچ
موسيوف جيڪو فيودور پاولووچ جي پهرئين زال جو سؤٽ
هو ۽ جنهن جو اسين ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، سو
اتفاق سان، اسان جي پاڙي ۾ رهيل هو. هو پنهنجيءَ
زمين جي سلسلي ۾ آيل هو. هو پئرس کان آيو هو، جتي
هو هميشه رهندو هو.
مون کي ياد آهي، ته ايون سان واقفيت پيدا ڪري،
جيتري هن کي حيراني ٿي، ايتري شايد ئي ڪنهن کي ٿي
هوندي. هو ايون کان بيحد متاثر ٿيو ۽ اڪثر ساڻس
بحث مباحثو ڪندو نظر ايندو هو. هو سندس ڏاڍي تعريف
ڪندو هو.
”هو ڏاڍو هٺيلو آهي“، هو هميشـه چوندو هو، ”هن کي
هڪ ڪوڏيءَ جي به ضرورت نه پوندي، ڇو ته وٽس ايترو
پيسو آهي، جو هو آسانيءَ سان ٻاهر وڃي سگهندو. آخر
هن کي هتي ڇا گهرجي؟ ۽ اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. هو پيسن
لاءِ ڪونه آيو آهي ۽ کيس پيءُ ڪڏهن به ڪجهه به نه
ڏيندو. کيس شراب ۽ عياشيءَ سان ڪابه دلچسپي ڪانه
آهي، مگر ان هوندي به پڻس کيس ڇڏڻ لاءِ تيار نه
آهي ۽ ڏسو ته هو پاڻ ڪيترو نه رلي ملي ويا آهن.“
اُن ۾ سچ به هو. نوجوان پنهنجي پيءُ تي چڱو اثر
پيدا ڪيو هو، جو هو سچ پچ ته ڏاڍي فضيلت ۽ ماڻهپي
سان ملندو هو. ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن ايئن پيو
لڳندو هو، ڄڻ ته پيءُ پٽ جي حڪم مڃڻ لاءِ تيار
بيٺو آهي. جيتوڻيڪ فيودور پالووچ انتهائي درجي جو
ڪينه پرور، ضدي ۽ تڪليف ڏيندڙ هو.
اسان کي پوءِ معلوم ٿيو، ته ايون پنهنجي وڏي ڀاءُ
دمتريءَ جي چوڻ تي آيو هو، ۽ سندس ئي ڀلي خاطر،
دمتريءَ کي هن پهريون ڀيرو، هت اچڻ کان پوءِ ڏٺو.
جيتوڻيڪ ماسڪو ڇڏڻ کان اڳ هو ساڻس ڪنهن اهم معاملي
تي خط و ڪتابت ڪندو رهندو هو، ۽ جنهن جو واسطو هن
کان وڌيڪ دمتريءَ سان هو. اهو ڪهڙو معاملو هو،
تنهن بابت اسان کي اڳتي هلي خبر پوندي. ان هوندي
به، جڏهن مان انهن حالتن کان واقف ٿيس، ته ايون
فيودور پاولووچ، مون کي هڪ پراسرار شخصيت ٿي لڳو
۽ سندس اَچڻ هڪ لڪل راز ٿي محسوس ڪيم. مان جيڪر
ايترو به چوان، ته ايون مون کي اُن وقت پيءُ ۽
ڀاءُ دمتريءَ جي وچ ۾ هڪ ٽياڪڙ ٿي لڳو. ڇو ته
دمتريءَ پيءُ سان نه فقط کـُـليو کـُـلايو ٿي
لڙيو، بلڪ هن جي خلاف ڪنهن قدم کڻڻ لاءِ به سوچي
رهيو هو.
ڪٽنب پهريون ڀيرو اَچي پاڻ ۾ گڏ ٿيو هو. ڪيترا
ڀاتي ته حياتيءَ ۾، پهريون دفعو پاڻ ۾ مليا هئا.
ننڍو ڀاءُ اليگزي، ٽنهي ڀائرن ۾پهريون هو،جيڪو
اسان وٽ آيو. هو سال کن کان هت رهيل هو. اليگزيءَ
بابت شروع ۾ ڪجهه چوڻ ته ڏکيو ٿو لڳي، ان هوندي به
منهنجي لاءِ لازمي آهي، ته آءٌ هت هن بابت ڪجهه
ابتدائي احوال ڏيان، ڇو ته پنهنجي ’هيرو‘ بابت هڪ
حقيقت ٻڌائڻ ضروري آهي، ته هو اسان وٽ هڪ مبتدي
راهب جي لباس ۾ ڍَڪيل آيو هو. گذريل سال کن کان هو
اسان جي خانقاهه ۾ هو ۽ اها سندس خواهش هئي ته هو
پنهنجي باقي حياتي هڪ حجري ۾ گذاري.
dc
باب چوٿون
اليوشا - ٽيون پـُـٽ
اُن وقت هو ويهن سالن جو هو، سندس ڀاءُ ايون
چوويهن ۾ هو ۽ سندن وڏو ڀاءُ ستاويهن سالن کي پهچي
چڪو هو. پهريائين پهريائين مان هن جوان بابت ايترو
ٻڌائڻ لازمي سمجهان ٿو، ته هو ڪٽر مذهب پرست نه هو
۽ منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو معرفت جو صاحب به
نه هو. مان هن بابت شروع ۾ ئي پنهنجي پوري راءِ
ڏيڻ گهران ٿو. هو انسانيت سان پيار ڪندڙ هو ۽ اهو
ئي سبب آهي، جو هن پادريءَ جي حياتي پسند ٿي ڪئي.
اهو ان ڪري به هو، جو هن اسان جي عظيم شخصيت
زوسيما ۾ انسانيت جون اُهي سموريون خوبيون ڏٺيون
هيون، جيڪي هن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ڪافي
هيون ۽ هو دل جي گهراين سان کيس محبت ڪرڻ لڳو هو،
پر ان هوندي به مان ايتري چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان
ته ننڍپڻ کان ئي سندس رهت عجب جهڙي هئي. مان اڳ ۾
ئي ان جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، ته هو جڏهن چئن سالن
جو هو ته پنهنجي ماءُ کان محروم ٿي چڪو هو پر اُن
هوندي به هوءَ کيس چٽيءَ ريت ياد هئي. هن جي شڪل
شباهت، هن جو پيار ۽ شفقت، ڄڻ ته اڄ به هن جي
اڳيان بيٺي آهي. اِهي يادگيريون، جيئن اڪثر ڏٺو
ويو آهي، وساري نه ٿيون سگهجن. پوءِ کڻي اُهي
ننڍپڻ جون ڇو نه هجن؟ اُهي ڪيتريون به معمولي ۽
ڌُنڌ ۾ ڇو نه هجن، پر اونداهيءَ ۾ به روشنيءَ جي
ڪرڻن جيان روشن آهن يا ڪنهن وڏي تصوير جي ڦاٽل
ٽڪري وانگر قائم - پوءِ ڇو نه اُن جي دلڪشي ۽
سونهن مٽجي وئي هجي. پر اهو سڀ ڪجهه هن جي لاءِ
ساڳيوئي هو، کيس اها گرميءَ جي موسم جي هڪ شام اڃا
تائين ياد هئي، جڏهن کليل دريءَ مان پوئين سج جا
پاڇا اندر پئجي رهيا هئا ۽ ڪمري جي ڪنڊ ۾ بتيءَ جي
هلڪي روشنيءَ جو سايو، ڪنهن ديوتا جي شڪل ٺاهي
رهيو هو. اُن وقت هن جي ماءُ، هـِـڏڪيون ڀريندي
غشيءَ جي حالت ۾ دانهون ۽ گريه زاري ڪندي، کيس
پنهنجي ٻانهن ۾ اهڙو ته کڻي ڀڪوڙيو هو، جو سندس دم
ٿي گهٽيو. سندس لاءِ يسوع مسيح جي ماءُ کان دعائون
ٿي گهريون ۽ ان جي مورت جي آڏو، کيس ايئن
جهليائين، ڄڻ ته اُن جي حفاظت ۾ کيس سندس سپرد ڪري
رهي آهي. مگر اوچتو ئي هن کي هن جي دائيءَ ڏسي
ورتو ۽ ڇڪي کڻي پري ڪيائين. اُها تصوير کيس ياد
هئي ۽ کانئس ماءُ جو ان وقت وارو چهرو به نه وسريو
هو. اُن وقت، هن جي شڪل ڪيتري ڀوائتي ٿي لڳي پر
تنهن هوندي به ڏاڍي خوبصورت ٿي لڳي، پر هو اُنهن
يادگيرين جو مشڪل سان ڪنهن سان ذڪر ڪندو هو. هـُـو
نه پنهنجي ننڍپڻ ۾ ۽ نه وري جوانيءَ ۾ ئي ڪو هٿ
ڦاڙ هو. تمام ٿورو ڳالهائيندو هو. ان ڪري نه ته ڪو
شرميلو هو يا ملنسار نه هو، بلڪه ان جي ابتڙ، سندس
اندر ۾ ڪا اهڙي پيڙا هئي، جيڪا رڳو ساڻس ئي واسطو
رکندڙ هئي. اهو درد، هن لاءِ ايترو ته اهم هو، جو
ان ڪري، هن ٻيو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو، پر اُن
هوندي به، هـُـو انهن لاءِ ساده لوح ۽ بي رياءُ نه
هو. ان جي باوجود، هو ڪجهه نه ڪجهه ضرور هو. کيس
اها پرواهه نه هئي، ته ماڻهو سندس لاءِ ڪهڙي راءِ
قائم ڪندا ۽ نه وري هن ڪڏهن ٻين جي خنده زنيءَ
ڏانهن ڌيان ٿي ڏنو. نه فقط ايترو، بلڪه هن ڪڏهن به
ڪنهن تي حرف نه رکيو. هو سڀ ڪا ڳالهه، سواءِ ڪنهن
حقارت جي قبول ڪري وٺندو هو، جيتوڻيڪ پوءِ کڻي ان
تي ڪـُـرڪندو به هو. سندس هن هلت تي، ڪنهن کي به
اچرج نه لڳندو هو ۽ ڪوبه کانئس خوف نه کائيندو هو.
ويهن ورهين جي عمر ۾، هو جڏهن پيءُ جي گهر ۾ آيو،
جيڪو گندگي ۽ غلاظت، عياشي ۽ بدڪاري جو اَڏو هو،
تڏهن به سندس پاڪدامني ۽ پاڪيزگي قائم رهي ۽
خاموشيءَ سان وڃي هڪ ڪنڊ وسايائين ۽ ڪنهن به نفرت
۽ حقارت جو اظهار نه ڪيائين. هن جو پيءُ، جنهن جي
ان وقت مجبوريءَ واري حالت هئي، هو نهايت جذباتي
۽ جهڳڙالو هو، سو جڏهن هن سان پهريون دفعو مليو،
ته مٿس ڪو به ڀروسو ڪونه ڪيائين، بلڪه بي حيائيءَ
سان پيش آيس. ”ڳالهائڻ ته اَٿس ئي ڪونه“، هو اَڪثر
چوندو هو. ”پر سوچي گهڻو ٿو“. مگر ٻن هفتن کان
پوءِ، ڳوڙهن ڀريل اکين سان کيس ڀاڪر پائي مليو ۽
پيار ڪرڻ لڳس. ايئن ڪندي، هـُـو ڏاڍي جوش ۾ ڀرجي
ويو ۽ ان وقت کيس ايئن ٿي لڳو، ڄڻ ته کيس ساڻس بي
حد محبت آهي، اهڙي جيڪا ان کان اڳ هن ڪنهن لاءِ به
محسوس ڪانه ڪئي هئي.
ننڍپڻ کان ئي هو جڏهن به ۽ جنهن وٽ به ويندو هو،
ته قرب ۽ پيار ئي لهندو هو. بيفيم پيٽروويچ
پولينيوف، جيڪو سندس مربي هو، ان جي گهر ۾ جڏهن
رهڻ لڳو ته گهر جا ڀاتي کيس ڀانئڻ لڳا ۽ انهن جي
دلين ۾ ايترو ته پيهي ويو، جو هو کيس پنهنجو ئي
ٻار سمجهڻ لڳا. هو ايتري ته ننڍڙي عمر ۾ وٽن اَچي
رهيو هو، جو کيس ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي ته ڪيئن ٻين جي
همدردي ۽ شفقت حاصل ڪري سگهبي آهي. انڪري چئي
سگهجي ٿو ته اِها سندس فطري خاصيت هئي، جو هو ٻين
کي جلدي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هو. اسڪولي حياتيءَ ۾
به سندس اِهائي حالت هئي، جيتوڻيڪ هو انهن ڇوڪرن
سان اَڪثر گڏ ڏسبو هو، جيڪي غير سنجيده ۽ بدڪار
سمجهيا ويندا هئا، جن کي اسڪول جا شاگرد پسند ڪونه
ڪندا هئا. هو هميشه خيالي دنيا ۾ رهندو هو ۽
تنهائي پسند هو. ننڍپڻ کان وٺي، هو ڪنهن ڪـُـنڊ ۾
وڃي ماٺڙيءَ سان، ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو، پر
اُن هوندي به، هڪ ئي نظر سان ايئن لڳندو هو ته
منجهس ڪابه رُکائي يا ترش روي ڪانه آهي، بلڪه ان
جي برعڪس هو نهايت ئي وڻندڙ ۽ پسنديده عادتن وارو
آهي. هن ڪڏهن به پاڻ کي اسڪولي دوستن ۾ پڏائڻ جي
ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هو ڪڏهن
به ڪنهن کان ڪين ڊڄندو هو ۽ ڇوڪرن به جـَـلد ئي
ڄاڻي ورتو، ته هو پنهنجي بي ڊپائيءَ جي ڪري مغرور
نه آهي، بلڪه اها سندس دليري ۽ مردانگي آهي. هـُـو
پنهنجي بي عزتيءَ تي ڪڏهن به خفا ڪونه ٿيندو هو.
اَڪثر هيئن ٿيندو هو، ته جيڪڏهن ڪو کيس تڪليف
ڏيندو هو، ته هڪ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ، پاڻ ئي ساڻس
ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو يا هن جي سوالن جا جواب
اهڙيءَ ته صداقت ۽ صاف دليءَ سان ڏيندو هو، جو ڄڻ
ته ڪجهه ٿيو ئي نه آهي، پر اهو اِنڪري نه هو، ته
هـُـو ڪو بنهه اُن ڳالهه کي وساري ڇڏيندو هو يا ان
ذلالت کي بخشي ڇڏيندو هو. حقيقت ۾ هـُـو بي عزتيءَ
کي ڪا اهميت ئي ڪانه ڏيندو هو. اهوئي سبب هو، جو
هن پنهنجي هم عمر ڇوڪرن تي فتح پاتي هئي ۽ سندن
دليون ڇڪي ورتيون هيون. منجهس اهائي خاص طرح
ڪمزوري هئي، جنهنڪري سڀئي، هيٺئين ڪلاس کان وٺي
مٿئين ڪلاس تائين، مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا. اها
خاصيت سندس ناشائسته حد تائين، هٺ ڌرمي، پاڪ
دامني، شرم ۽ حياءُ هئا. عورتن جي متعلق هو ڪنهن
به گفتگو يا لفظن کي برداشت نه ڪري سگهندو هو، پر
اسڪولي حياتيءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ يا گفتا واهپي ۾
اَچڻ، جن کي پاڙؤن پٽڻ البت ڏکيو آهي. ڇوڪرا ڪيترا
به دل جا صاف ۽ پاڪ ڇو نه هجن، مگر اُن هوندي به
هو انهن ڳالهين ۽ تصويرن جا ڏاڍا شوقين ٿيندا آهن،
جن بابت جيڪر سولجر به ڳالهائڻ کان هڪ ڀيرو هٻڪن.
نه فقط ايترو، مگر اسان جا ذهين شاگرد ۽ مٿئين
درجي ۾ پڙهندڙ ٻار، پاڻ ۾ ايتري ته ڄاڻ پيدا ڪن
ٿا، جنهن کان شايد اسان جا سولجر به غير واقف هجن.
ظاهري طرح ته هن ۾ ڪابه اخلاقي گهٽتائي يا خرابي
لڪل ڪانه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن، اها غير مهذب، رذالت
ڀري، نفرت جهڙي حالت نقل ڪرڻ جي لائق سمجهي وڃي
ٿي. اليوشا ڪرامازوف هن حالت کان گهٻرائجي ويندو
هو ۽ پنهنجون ٻئي آڱريون کڻي ڪنن ۾ وجهندو هو. پر
هن حالت مان کين وڌيڪ مزو ايندو هو ۽ سندس ٻئي
آڱريون کڻي ڇـِـڪي پري ڪندا هئا ۽ سندس ڪنن ۾ وٺي
ٻوڪ ڦاڙي، فحش لفظ چوڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. هو پاڻ
کي، هنن کان بچائڻ خاطر گهڻي ڪوشش ڪندو هو ۽ وقتي
ته هن ڇڪتاڻ ۾ پـَـٽ تي به ڪري پوندو هو. هن سڄي
جهڳڙي ۾، هـُـو پنهنجي زبان مان ٻڙڪ به ٻاهر نه
ڪڍندو هو. خاموشيءَ سان پنهنجي بي عزتي برداشت ڪري
ويندو هو. آخرڪار ڇوڪرن کانئس تنگ ٿي، کيس اڪيلو
ڇڏڻ ئي مناسب سمجهيو ۽ طعني طور کيس ’ڇوڪري‘ سڏڻ
لڳا. ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن، هـُـو سندس هن
ڪمزوريءَ تي رحم به کائيندا هئا.
بيفيم پيٽرووچ جي موت وقت، اليوشا کي ڪسرت گاهه ۾،
اَڃا ٻه سال ٻيا به رهڻا هئا، بيفيم جي دلگير ۽
غمگين بيواهه، مڙس جي وفات کان ستت ئي پوءِ،
پنهنجي خاندان سميت، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس ڇوڪريون
هيون، هڪ ڊگهي عرصي لاءِ اٽليءَ ڏانهن هلي وئي.
اليوشا کي اهو گهر ڇڏڻو پيو. هو بيفيم جي هڪ اهڙي
ڏورانهين مائٽ وٽ رهڻ لڳو، جنهن کي هن ڪڏهن به نه
ڏٺو هو. هـُـو ڪهڙن شرطن تي وٽس وڃي رهيو هو، تن
جي کيس ڪابه خبر ڪانه هئي. هن ۾ اِها هڪ وڏي وِڏ
هئي، جو هـُـو ڪڏهن به اها ڳڻتي نه ڪندو هو، ته
هـُـو ڪنهن جي پيسن تي پلجي رهيو آهي. ان خيال کان
هن ۾ ۽ هن جي وڏي ڀاءُ ايون ۾ اهو وڏو تفاوت هو.
هـُـو يونيورسٽيءَ جي پهرين ٻن سالن ۾ پنهنجي
مفلسيءَ سان لڙندو هو ۽ پنهنجي قوت گذران لاءِ
هميشه پنهنجون ڪوششون جاري رکندو آيو. نه فقط
ايترو، پر ننڍپڻ کان وٺي، هـُـو هن ڳالهه کي شدت
سان محسوس ڪندو هو، ته هـُـو ٻين جي پيسن تي پلجي
رهيو آهي. اليوشا جي هن عيب کي، منهنجي خيال ۾
ايترو سختيءَ سان نه نندڻ گهرجي، ڇو ته جن کي سندس
ٿوري ئي ڄاڻ هوندي ته اُهي چڱيءَ ريت ڄاڻندا هوندا
ته هـُـو اُنهن مجذوبن مان هو، جن وٽ جيڪڏهن پيسو
آهي، ته ٻين کي ڏيڻ ۾ ڪڏهن به نه هٻڪندا آهن، پوءِ
کڻي اهو پيسو چڱي ڪم ۾ خرچ ٿئي يا ڪو بدمعاش کانئن
چالاڪي ڪري ڦـُـري وڃي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته
وٽس پيسي جي ڪا به قيمت ڪانه هئي. ايتري قدر جو
هـُـو پنهنجي کيسي جا پيسا به انتهائي لاپرواهيءَ
مان ٻين کي ڏيئي ڇڏيندو هو يا هفتن جا هفتا پيسا
سندس کيسي ۾ پيا هوندا ۽ کيس اهو سمجهه ۾ ئي نه
ايندو هو، ته اِهي پيسا ڪـِـٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪيا
وڃن؟
پوين سالن ۾ اليوشا جي هن حالت جي جڏهن پيٽر
اليگزينڊرووچ موسيوف کي خبر پئي، جيڪو خود ڪنجوس
طبع ۽ واپاري طبقي سان واسطو رکندڙ هو، تڏهن چئي
ڏنائين ته، ”منهنجي خيال ۾ اِهو ئي دنيا ۾ اَڪيلو
ماڻهو آهي، جنهن کي جيڪڏهن اوهان، ڪجهه به ڏيڻ کان
سواءِ، ڪنهن اَجنبي ملڪ جي ماڻهن جي وچ ۾ ڇڏيو ته
هـُـو نه ته ڪنهن کي نقصان پهچائيندو ۽ نه وري ڪو
بک ۽ ٿڌ کان مري ويندو، بلڪه کيس هر ڪو خوشيءَ سان
کارائيندو پياريندو ۽ پنهنجيءَ حفاظت ۾ رکندو، پر
جيڪڏهن ِايئن نه به ٿئي تڏهن به هـُـو پنهنجي کاڌي
۽ رهڻ جي جاءِ پاڻهي ڳولهي لهندو. اِن ۾ هـُـو ڪا
به گهٽتائي محسوس نه ڪندو. هن کي پناهه ڏيڻ ۾ ڪوبه
بار نه آهي، پر پاڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
ڪسرت گاهه ۾ هـُـن پنهنجي تعليم ختم ئي ڪانه ڪئي
هئي ۽ کيس اَڃا هڪ سال وڌيڪ رهڻو هو، جو هن گهر جي
عورتن کي ٻڌايو، ته هو ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي پيءُ
سان ملڻ ٿو گهري. هنن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ بي
دليءَ سان کيس وڃڻ جي اجازت ڏنائون. مسافريءَ جو
خرچ ڪو ايترو گهڻو نه هو، اِن ڪري هن نه ٿي چاهيو
ته اُها واچ جيڪا کيس پنهنجي مهربان دوست کان ملي
هئي، سا گروي رکي هنن فراخ دليءَ سان کيس سفر جو
خرچ ڏنو ۽ نوان ڪپڙا پڻ ٺهرائي ڏنا پر هن اَڌ پيسا
کين موٽائي ڏنا، ڇو ته هـُـن ٿرڊ ڪلاس ۾ وڃڻ جو
ارادو ڪيو هو. ڳوٺ پهچڻ تي، هن پيءُ جي پهرئين
سوال ته – ”هـُـو تعليم ختم ڪرڻ کان اڳ ڇو آيو
آهي؟“، جو جواب ڪوبه نه ڏنو. جن کيس بروقت ڏٺو هو،
تن جو چوڻ آهي ته هـُـو سدائين خيالن ۾ غرق رهندو
هو، پر پوءِ جلد ئي پتو پيو، ته هـُـو پنهنجي ماءُ
جي قبر ڏسڻ آيو آهي ۽ هـُـن پاڻ به اهو قبول ڪيو.
پر رڳو اِهو سبب ٿي نه پئي سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته
کيس اِن ڳالهه جي ڄاڻ نه هجي، جنهن کي هـُـو
آسانيءَ سان سمجهائي سگهي ته اُها ڪهڙي ڳالهه
هئي، جيڪا سندس دل ۾ پيدا ٿي ۽ کيس اُن اَڻ واقف ۽
نئين رستي تي ڇـِـڪي آندو هو. فيودور پاولووچ کيس
پنهنجيءَ ٻي زال جي قبر نه ڏيکاري سگهيو، ڇو ته
ميت کي دفنائڻ کان پوءِ هـُـو سڀ ڪجهه وساري
چـُـڪو هو.
فيودور پاولووچ ڪيتري عرصي کان اسان جي ڳوٺ ۾ ڪونه
رهندو هو. زال جي مرڻ کان پوءِ، ستت ئي، هـُـو
ڏکڻ رشيا ڏانهن هليو ويو هو ۽ اُتان آخرڪار اوڊيسا
ڏانهن ويو، جتي ڳچ عرصي کان رهيو پيو هو. پنهنجن
لفظن ۾ ٻڌايائين، ته هـُـن پنهنجي پهرئين واقفيت،
اتان جي گهٽ درجي جي يهودين ۽ اُنهن جي زالن ۽
ٻارن سان پيدا ڪئي ۽ اُنهن سڀني سندس هڪ جهڙو
آڌرڀاءُ ڪيو. ان ڳالهه ۾ البت شڪ پوي ٿو، ڇو ته
اُن وقت هـُـن ۾ پيسن ڪمائڻ ۽ ميڙڻ جي عجيب ذهنيت
پيدا ٿي هئي. اليوشا جي اَچڻ کان ٽي سال اڳ، هو
اسان جي ڳوٺ موٽي آيو هو. جيتوڻيڪ عمر ۾ ايترو وڏو
نه هو، پر اڳين واقفيتن کيس ڪافي ٻڍو بڻائي ڇڏيو
هو. اِن کان سواءِ هو پنهنجو مانُ ۽ مرتبو به
وڃائي چڪو هو ۽ سڀ ڪنهن سان نهايت بي حيائيءَ سان
پيش ايندو هو. پراڻو بيوقوف، هاڻي وري ٻين کي
بيوقوف بڻائڻ ۾ ليڪو لنگهي ويو هو. عورت ذات سان
سندس رغبت ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي هئي، بلڪ ان هڪ
اُگرو روپ اختيار ڪيو هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هـُـن
ضلعي ۾ ڪيترائي ساقي خانا کولي ڇڏيا هئا. ان مان
ظاهر هو، ته وٽس رقم، هڪ لک روبل يا اُن کان ڪي
قدر گهٽ هئي. اسان جي ڳوٺ ۽ ضلعي جا ڪيترائي ماڻهو
سندس جلد ئي قرضي ٿي پيا ۽ کيس ڪيتريون ئي قيمتي ۽
اُملهه شيون اَمانت طور مليون. ٿوري ئي عرصي ۾ هن
پاڻ کي پڏائڻ شروع ڪيو ۽ بي پرواهه بڻجي پيو. نه
فقط ايترو، مگر هـُـو غير مطابقت ۽ ناموافقت جو
ايڏو شڪار ٿي پيو جو هڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه ۾ ٽپي
پوندو هو ۽ ايئن لڳندو هو، ڄڻ ته پاڻ کي بلڪل
وِڃائي ويٺو آهي. نهايت فراوانيءَ سان شراب پيئڻ
لڳو هو. جيڪڏهن سندس اُهو ساڳيو نوڪر گريگري، جيڪو
هاڻي عمر رسيده ٿي چـُـڪو هو ۽ جيڪو سندس سارسنڀال
لهندو هو، نه هجي ها ته هـُـو شايد ڳولهيو به نه
لڀي ها. اِليوشا جي اَچڻ ڪري سندس اخلاق تي ڪافي
اَثر پيو هو. فيودور پاولووچ، جيڪو وقت کان اڳي
ٻـُـڍو ٿي چڪو هو، تنهن پنهنجي اندر ۾ ڪا شيءِ
بيدار ٿيندي محسوس ڪئي، جيڪا عرصو ٿيو مري چڪي
هئي.
”تون ڄاڻين ٿو“، هـُـو اَڪثر اليوشا جي منهن ۾
نهاريندي چوندو هو ته ”تون بلڪل اُن ديواني عورت
جيان آهين“. اليوشا جي ماءُ کي به، هـُـو، اِنهيءَ
ئي نالي سان سڏيندو هو.
گريگري، اليوشا کي ’ديواني عورت‘ جي قبر ڏيکاري.
هـُـو اسان واري قبرستان ۾ کيس وٺي ويو ۽ الڳ ۽
جدا ڪنڊ ۾ هڪ قبر ڏي اشارو ڪيائين، جا معمولي پٿرن
سان، مگر سهڻي نموني ٺهيل هئي. قبر جي مٿان هڪ
ڪـَـتبو لڳل هو، جنهن تي مرهيات جو نالو، عمر ۽
مرڻ جي تاريخ اُڪريل هئي. اُن ڪتبي تي ڪي شعر به
اُڪريل هئا، جيڪي اَڪثر پراڻي وضع جي ماڻهن جي
قبرن تي نظر ايندا آهن. اليوشا کي هيءُ ٻڌي ڏاڍو
عجب لڳو ته اهو سڀ ڪجهه گريگريءَ جو ڪم هو.
گريگريءَ اِهو سمورو خرچ پنهنجي هـَـڙان ڪيو هو.
گريگري، جڏهن فيودور پاولووچ کي قبر ٺهرائڻ لاءِ
چئي چئي ٿڪجي پيو، تڏهن اُن جي ٺهرائڻ ۾ هٿ
وڌائين. پنهنجي ماءُ جي قبر ڏسي اليوشا ڪنهن به
جذبات جو اظهار نه ڪيو، هـُـو رڳو سنجيدگيءَ سان،
گريگريءَ جي قبر ٺهرائڻ جي قصي کي ٻـُـڌندو رهيو.
هـُـو ڪنڌ نوائي بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڪجهه به چوڻ کان
سواءِ هليو ويو. هيءُ ننڍڙو واقعو، فيودور
پاولووچ تي اثر وجهڻ لاءِ ڪافي هو. هـُـن هڪ هزار
روبل کنيا ۽ جلدي جلدي، خانقاهه ۾ وڃي فاتح لاءِ
ڏنا. پر هن اِهي پيسا، اُن ديواني عورت لاءِ ڪونه
ڏنا، بلڪ پهرئين زال ايڊيليڊيا لاءِ ڏنا، جنهن کي
هو چڱيون مارون ڏيندو هو. ساڳي ڏينهن هن خوب شراب
پيتو.
مان هن کان اڳ ٻـُـڌائي چـُـڪو آهيان، ته هـُـو
آهستي آهستي ٻـُـڍو ٿي رهيو هو. سندس صورت ۽ شڪل،
ان وقت اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيا هئا ته هـُـن ڪهڙي
قسم جي حياتي گذاري هئي. سندس ڳچيءَ هيٺان وڏو ماس
جو ٽڪر لـَـڙڪي رهيو هو ۽ سندس اکين ۾ هميشه
شرارت، بدظني ۽ طنز ڀريل هوندي هئي. سندس لڙڪيل
ماس جي ٽڪري ۾ نه فقط ڪيترائي گهنج پئجي ويا هئا،
بلڪه اُن سندس شڪل کي ڪافي قبيح ۽ نفرت جهڙو
ڀوائتو بڻائي ڇڏيو هو. سندس رَت ڀريل وات، جنهن
مٿان ٿلها ۽ ڳورا چـَـپَ هميشه لڙڪيا پيا هوندا
هئا. اُنهن مان ڪرندڙ ڪارن ڏندن جون مهارون صاف
نظر اينديون هيون. هو جڏهن به ڳالهائيندو هو، ته
شرابين وانگر مڇرجي ڳالهائيندو هو. هو جڏهن پنهنجي
شڪل کي، عجيب صورت ڏيندو هو، ته کيس ڏاڍو مزو
ايندو هو. جيتوڻيڪ پـَـڪ اَٿم ته هـُـو اُن مان
خود به گهڻو راضي ڪونه هوندو هو. هـُـو هميشه
پنهنجي نـَـڪ ڏانهن اشارو ڪندو هو، جيڪو گهڻو وڏو
ته ڪونه هو، پر نازڪ ۽ عقاب جي چهنب جيان مڙيل
هوندو هوس. هو فخر سان چوندو هو، ته هيءُ منهنجو
رومي نـَـڪ آهي ۽ منهنجي شڪل ۽ شباهت، بلڪل قديم
زماني جي رومي شهنشاهن وانگر آهي ۽ هو اِن حال ۾
سدائين مست هوندو هو.
اِليوشا، ماءُ جي قبر کان موٽڻ بعد جلد ئي ظاهر
ڪيو، ته هو خانقاهه ۾ داخل ٿيڻ گهري ٿو ۽ پادري
خوشيءَ سان کيس پنهنجي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي نظر آيا.
هن ٻڌايو ته اها منهنجي پراڻي خواهش آهي ۽ عام
رواجي طرح، هن پيءُ کان، اُن جي اجازت وٺڻ گهري.
ٻڍي يڪدم سمجهي ورتو ته پادري زوسيما، جيڪو
خانقاهه جي هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو، تنهن ضرور هن
معصوم ٻارڙي تي ڪو اَثر وڌو آهي.
”مون کي ڄاڻ آهي ته هـُـو سڀني پادرين ۾ نيڪ طبع
آهي“، هن پنهنجي پـُـٽ جي عجيب عرض کي غور سان ٻڌي
راءِ ڏني. ”هون، ته پوءِ اِهائي جڳهه آهي،
جيڏانهن تون وڃڻ ٿو گهرين؟“
هـُـو اڌ خماريل هو، پر يڪدم پنهنجا ڏند ڀڪوڙي، هڪ
اهڙيءَ نظر سان ڏٺائين، جنهن ۾ رڳو مڪاري ۽ عياري
هئي. ”هاڻ مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ته تون اهڙيءَ ريت
پاڻ کي ناس ڪري ڇڏيندين. توکي ڀلا يقين آهي ته تون
پاڻ کي اُن لاءِ تيار ڪري رهيو آهين. تو وٽ ٻه
هزار آهن ۽ اِهو ئي تنهنجو سمورو سرمايو آهي. پر
منهنجا پيارا، آءٌ توکي ڪونه ڇڏيندس ۽ توکي سڀ
ڪجهه ڏيندو رهندس، جنهن جي به توکي اُتي ضرورت
پوندي. پر جيڪڏهن هو ڪنهن شيءِ جي گهر نه ڪن ته
پوءِ اسان اُن جو ذڪر ئي ڇو ڪريون؟ ان بابت تون ڇا
ٿو چوين؟ تون ته پکين وانگر فقط چـُـڳندو آهين -
فقط ٻه داڻا هفتي ۾. توکي خبر آهي، ته خانقاهه جي
نزديڪ،ڳوٺ جي ڀرسان، هڪ اهڙي به جاءِ آهي، جنهن جي
ٻار ٻار کي خبر آهي، ته اُتي اهڙيون عورتون
رهنديون آهن، جن کي ’مجاورن جون زالون‘ ڪري
سڏيندا آهن. منهنجي خيال ۾ اُهي ٽيهارو کن
ٿينديون. آءٌ پاڻ اُتي ويو آهيان. اِها به هڪ
تفريح آهي. پر ڏک جي ڳالهه آهي ته اِهي سڀ عورتون
رشيا جون آهن ۽ ڪابه فرانس جي ڪانه آهي. اُهي
ماڻهو آسانيءَ سان کين هـَـٿ ڪري سگهن ٿا، جن وٽ
پيسو آهي، باقي ٻي ته ڪابه اُتي ورونهن ڪانه آهي.
مون کي خبر آهي، ته هـُـو بلڪل نيڪ ۽ عبادت گذار
آهن. هـُـون! سو تون مجاور ٿيڻ گهرين ٿو ته توکي
وڃائي، مون کي جيڪو ارمان ٿيندو، اُن جو تون شايد
اندازو لڳائي نه سگهين. مون کي تنهنجي لاءِ ڏاڍي
سـِـڪ پيدا ٿي پئي آهي. خير اِهو چڱو موقعو آهي ۽
اسان جي گناهن لاءِ دعائون گـُـهرجان“. مون ڏاڍا
بڇڙا ڪم ڪيا آهن. مون کي هميشه اِها ڳڻتي رهندي
آهي ته دنيا ۾ ڪو اِهڙو ماڻهو هجي، جو منهنجي بخشش
لاءِ دعائون گهري. منهنجا مٺڙا، مان زندگيءَ ۾
ڏاڍو احمق ٿي رهيو آهيان، پر اُن بابت وقت بوقت
سوچيندو به رهيو آهيان. سوچيندو رهيو آهيان، پوءِ
هميشه نه به کڻي. اِهو مشڪل آهي، جو مرڻ کان پوءِ
مان شيطان کي وساري ويهان ۽ هـُـو پيرن ۾ ڪـَـڙيون
وجهي، مون کي هيٺ نه گهلي وڃن. ڪـَـڙيون! پر هـُـو
آڻيندا ڪٿان؟ ڇا جون هونديون؟ لوهه جون ڪڙيون؟
پـَـر اُتي لوهار ايندا ڪٿان؟ کين اُتي ڪا بٺي آهي
ڇا؟ مجاورن جو عقيدو آهي ته اُتي هڪ ڇـَـت به آهي.
مون کي جهنم هينئر ڏاڍو وڻي ٿو، پر ڇـَـت ضرور هئڻ
گهرجي، اها جهنم کي وڌيڪ حسين بڻائيندي، روشن ۽
وڻندڙ ڪري ڇڏيندي، پر به اُن مان فائدو ڪهڙو، جي
اُن کي ڇت کڻي نه به هجي؟ پر توکي خبر آهي ته اُن
۾ هڪ لعنتيءَ جو سوال آهي. اُتي جي ڇت نه هوندي
ته پوءِ ڪـَـڙيون به نه هونديون. جيڪڏهن، اِهي
شيون جهنم ۾ نه هونديون ته پوءِ ڪير مون کي ڪڙين
سان جهنم ڏي وٺي ويندو؟ پوءِ چئبو ته انصاف وري ڇا
جو ٿيندو ...؟ اِهي ڪڙيون، فقط مون لاءِ ئي
هونديون. اليوشا توکي جيڪر خبر پوي، ته مان ڪيترو
نه گناهن ۾ غرق آهيان.“
”اُتي ڪـَـڙي ٻـَـڙي ته ڪانه آهي“، اليوشا پنهنجي
پيءُ جي منهن ۾ سنجيدگيءَ ۽ معصوميت سان نهاريو.
”جيءُ جيءُ، ته پوءِ ڪـَـڙين جا رُڳو پاڇا ئي
هوندا. مان ڄاڻان ٿو ۽ مون کي خبر آهي. هڪ فرينچ
به جهنم جي اهڙي ئي تعريف ڪئي آهي، پر مـِـٺڙا
توکي ڪهڙي خبر ته اُتي ڪـَـڙيون ڪونه آهن؟ تون
جڏهن مجاورن سان گذاريندين ته پوءِ راڳڻي ئي ٻي
آلاپيندين، تون وڃ، حقيقت کان واقف ٿيءُ ۽ پوءِ
اَچي مون کي ٻڌاءِ ته ڇا آهي؟ بهرحال ٻئي جهان وڃڻ
آسان آهي، جيڪڏهن خبر پوي ته اُتي ڇا آهي؟ هن کان
سواءِ به، مون کي تنهنجو اُتي وڃڻ وڌيڪ پسند آهي،
ڇو ته مان ٻـُـڍو شرابي آهيان ۽ مون کي هميشه ڪنهن
جوان عورت جي صحبت وڻندي آهي. پر تون ته فرشتو
آهين. تو کي ته ڪابه شيءِ ڇـُـهي نه ٿي سگهي. مون
کي هيءَ به پـَـڪَ آهي ته اُتي به توکي ڪا شيءِ
داغ لڳائي نه سگهندي. اِهوئي سبب آهي، جو مان توکي
اوڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيان ٿو. تون سڀني ترڪيبن
منجهان واقف آهين. تون اُتي پاڻ کي ڏکن جي باهه ۾
جلائيندين ۽ پوءِ ئي مون وٽ نـِـجو سون ٿي ايندين.
مان تنهنجو انتظارڪندس. مان سمجهان ٿو ته تون ئي
اَڪيلو آهين، جنهن مون تي لعنت ۽ ملامت ڪانه ڪئي
آهي. مٺڙا پـُـٽ - مان اُن کي چڱيءَ ريت محسوس
ڪريان ٿو ۽ محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.“
هن کان پوءِ، هـُـو روئڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو. هـُـو جذباتي
هو، چالاڪ ۽ جذباتي.
dc |