سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ستون

صفحو :8

 

هوءَ خوشي مان اليوشا ڀرسان صوفي تي ويهي رهي ۽ پوري خوشيءَ مان کيس نهاريندي رهي. واقعي هوءَ خوشيءَ ۾ هئي ۽ هن ڪو به ڪوڙ نه ٿي ڳالهايو. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون، سندس چپ کلي رهيا هئا. اها سندس نيڪ سرشت واري کل هئي. اليوشا کي سندس منهن اهڙي مهربانيءَ ڀري اظهار جي اُميد ئي نه هئي..... کيس ساڻس ملي، مشڪل سان هڪ ڏينهن ٿيو هو. کيس سندس بي رخيءَ جو گمان هو. کيس هڪ ڏينهن اڳ، ان فريب ۽ نفرت ڀري روش کان، جا هن ڪيٽرينا ايونونا سان ورتي هئي، سخت عذاب پهتو هو. هن کيس جيئن اميد ٿي ڪئي، ان روش کان بلڪل ٻي طرح ڏٺو. کيس هن حالت تي بيحد عجب لڳو. جيئن ته هو پنهنجي غم کان گهٻرايل هو، سندس اکيون، بنا ڪنهن مقصد جي، سندس چهري ۾ پوري ڌيان سان کپي ويون هيون. ڪالهه کان بلڪل ٻي طرح سندس ڪردار ۾ خوبيءَ واري تبديلي ٿي ڏٺي. مشڪل سان سندس گفتگو ۾، تبديل ٿيڻ واري ميٺاج جو اثر ٿي ڏٺو ۽ سندس هر حرڪت ۾ بي پناهه صفائي ٿي ڏٺي. ڄڻ ته سڀ ڪجهه سادو ۽ نيڪ فطرت وارو هو ۽ سندس اشارا، سنوان سڌا، تڪڙا ۽ راز داراڻا هئا. پر هوءَ وڏي جوش ۾ ٿي ڏٺي.

 ”منهنجا پيارا، اڄ سڀ ڳالهيون، ڪيئن نه يڪجا ٿي ويون آهن. ” هن وري خوشيءَ جي لهجي مان چيو.  ”مان توکي ڏسي ايڏو ڇو خوش ٿي آهيان اليوشا! مون کي پاڻ ان جي خبر نه ٿي پوي! جيڪڏهن تون اُن بابت مون کان سوال ڪندين ته مان توکي ڪجهه به ٻڌائي نه سگهنديس.“

 ”اڄ، توکي خبر نه ٿي پوي، ته تون ڇو خوش آهين؟ ” ريڪٽن کيس چيو. ”تون هميشھ مون کي مجبور ڪندي هئين ته هن کي تو وٽ وٺي اچان. مان سمجهان ٿو ته هن ۾ تنهنجو ڪو مقصد هو.“

 ”مون کي هڪ ڀيري، ڪو جدا مقصد هو. پر هاڻي اُهو ختم ٿي چڪو آهي. هيءُ اُها گهڙي نه آهي. مان توکي چوان ٿي ته هاڻي ڪا چڱي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. مان هاڻي نيڪ طبعيت بڻجي وئي آهيان. ريڪٽن تون پڻ ويهه، بيٺو ڇو آهين. تو کي اڳ ۾ ويهڻ گهربو هو. معلوم اِيئن ٿئي ٿو ته هن ڄڻ پاڻ کي وساري ڇڏيو آهي. اليوشا ڏس، هوُ اسان جي بلڪل سامهون ويٺو آهي. هو ايتري قدر، شايد رنجيده خاطر، انهيءَ ڪري ٿو نظر اچي، جو کيس ويهڻ لاءِ مان آڇ نه ڪئي آهي. ريڪٽن گهڻو حساس ٿو نظر اچي. گهڻو حساس. ريڪٽن جذباتي نه ٿيءُ، مان اڄ چڱي خيال ۾ آهيان، پر اليوشا تون ايتري قدر غمگين ڇو آهين؟

هيءُ خوشيءَ مان کلندي، جيئن سندس اکين ڏي نهاري رهي هئي، کيس چياِيئن ته  ”متان، مون کان ته نه ٿو ڊڄين؟“

 ”هيءُ غمگين آهي، سندس ڪابه همٿ افزائي نه ٿي آهي، ” ريڪٽن کيس چيو.  ”ڪهڙي همٿ افزائي؟“

 ”سندس مربي مري ويوآهي.“

 ”ڇا، تون بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪرين. تون ڪا شرارت واري ڳالهه ٿو ڪرڻ گهرين. چپ رهه بيوقوف. اليوشا، مان تنهنجي گوڏن تي هيئن ويهڻ گهران ٿي. ” هو اوچتو اڳتي سري آئي ۽ کلندي، ٽپو ڏئي، سندس گوڏن تي ويهي رهي.  ”منهنجا پاڪيزه ڇوڪرا، مان تو کي خوش ڪرڻ گهران ٿي. هائو سچ پچ، تون مون کي پنهنجي گوڏن تي ويهڻ ڏيندين؟ اميد ته تون غصي نه ٿيندين، پر جيڪڏهن تون غصي ٿئين ته مان لهي اچان.“

اليوشا ڪجهه به جواب نه ڏنو. هو چرڻ پرڻ کان به خوف کائي رهيو هو. هن اُن جا هيءُ لفظ به ٻڌا ته ’جيڪڏهن تون چوين ته مان لهي وڃان‘ پر هن کيس ڪو به جواب نه ڏنو. سندس دل ۾ ريڪٽن وانگر ڪجهه به نه هيو. جو کيس ڪنڊ مان بد نيتي سان نهاري رهيو هو. شايد هن عجب ٿي کاڌو يا ڪنهن نئين شيءِ جي وجود ۾ اچڻ جي اميد ٿي رکيائين. اليوشا جي دل ۾ سڀ ڪنهن تاثر کان پوءِ غم جي لهر لامارا ڏيندي ٿي رهي.هو ان گهڙيءَ ۾ فقط، وضاحت سان، هيءُ ئي خيال ٿي ڪري سگهيو ته، هن کي هيءُ سمجهڻ کپندو هو ته هاڻي کيس هن خواهش نفساني ۽ حرص جي ترغيب کان بچائڻ لاءِ، طاقتور هٿيارن جو بچاءُ کپي. اُن هوندي به پنهنجي روحاني حالتن جي غير جوابدارانه ۽ فضول خيال کان ۽ اُن ڏک کان، جنهن کيس وڪوڙي ورتو هو، هوُ پاڻ کي دل جي هڪ نئين ۽ عجيب اُمنگ کان روڪي نه ٿي سگهيو. هن عورت کي هـُـن خوفناڪ عورت کان هاڻي کيس ڪوبه خوف نه هو. اُهو ڪوبه خوف نه، جو ڪنهن به عورت کان پيدا ٿي سگهي ٿو، هاڻي سندس روح ۾ موجود نه هو. پر اُن جي خلاف، اُها عورت، جا ٻين کان خطرناڪ هئي، هاڻي سندس گوڏن تي ويٺي هئي ۽ کيس پنهنجي آغوش ۾ ورتو هئائين. سندس دل ۾ هاڻي بلڪل نئون، علحده، اميد جي خلاف، خاص جذبو پيدا ڪري رهي هئي. هي جذبو ڪنهن مفاد جي هيٺ هو، ڪنهن خالص مفاد جي لاءِ، ڪنهن خوف ۽ خطري کان سواءِ اها ڳالهه هئي، جنهن اُن کي ان وقت عجب ۾ ٿي وڌو.

 ”تو گهڻو ئي بيوقوفيءَ جو ڳالهائي ورتو“، ريڪٽن کيس چيو. چڱو آهي ته هاڻي اسان کي شئمپين پيار. تو کي خبر آهي ته اهو تو تي قرض آهي!

 ”هائو مون کي اهو قرض ڏيڻو آهي. اليوشا توکي خبر آهي ته مان ساڻس وعدو ڪيو هو ته هوُ تو کي مون وٽ وٺي اچي ته مان کيس شئمپين پياريندس. مان به ٿورو پيئندس. فينا، فينا، مـِـتيا جنهن شيشي کي ڇڏي ويو آهي، اُن کي کڻي اچ. جيتوڻيڪ مان ڪنجوس آهيان، پر بوتل جو وعدو پورو ٿيندو. هيءُ ته تنهنجي لاءِ نه آهي ريڪٽن، پر هن جي لاءِ آهي. تون نانگ ڦڻ جي ڇٽي آهين ۽ هي باز! جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ ڪجهه ٻيو سمايل آهي، اُن هوندي به مان اوهان سان گڏ شراب پيئندس. مان گهڻي وقت کان عياشيءَ جي لاءِ سڪندي رهي آهيان.“

 ”پر آخر تو سان آهي ڇا؟ آخر مان پڇان ٿو ته هيءُ ڪهڙو پيغام آهي.“  ريڪٽن هن کان معلومات جي ڄاڻڻ جي انداز ۾ چيو. هـُـن وڏي مڪاريءَ سان، پنهنجي ڌڪار کي لڪايو، جنهن جو هو مسلسل نشانو بڻجي رهيو هو.

 ”اڙي هيءُ ڪوبه راز نه آهي. جنهن جي تو کي به خبر آهي“  گروشينڪا اوچتو انتظار واري آواز ۾ چيو. پنهنجو مٿو ريڪٽن ڏي ڦيراياِئين ۽ اليوشا ڪجهه سري آيو. هوُ اڃا تائين، سندس گوڏن تي هئي ۽ سندس ٻانهون ان جي ڳچيءَ ۾ هيون. منهنجو آفيسر اچي ٿو ريڪٽن، منهنجو آفيسر اچي ٿو.

 ”مان ٻڌو هو ته، هوُ اچي ٿو، پر ڇا، هو ايترو ويجهو اچي ويو آهي؟“

 ”هو، هاڻي ماڪرو ۾ آهي. جيئن هن لکيو آهي، اتان موٽندي پنهنجو قاصد موڪليندو. مون کي اڄ سندس خط مليو آهي. مان هر گهڙي، سندس قاصد جو انتظار ٿي رکان.“ 

 ”تون اِيئن نه چؤ،ڀلا ماڪرو ۾ ڇو؟“

 ”اها ڊگهي ڪهاڻي آهي، جا مان توکي ڪافي ٻڌائي چڪي آهيان.“

 ”مـِـتيا، هاڻي ڪنهن طرح سان اُٿي بيهندو. مان پڇان ٿو ته هوُ هي ڳالهه ڄاڻي ٿو يا نه؟“

 ”هو ڄاڻي ٿو! ٿي سگهي ٿو ته نه ڄاڻندو هجي، جيڪڏهن هوُ ڄاڻي ٿو ته قتل ٿيندو. پر هاڻي مون کي، ان کان ڪوبه خوف نه آهي. مون کي ان جي چاقوءَ کان ڪوبه خوف نه آهي. ريڪٽن چپ ڪر، مون کي دمتري فيودورووچ جي ڪابه ياد گيري نه ڏيار، هـُـن منهنجي دل کي ڪافي ڏکايو آهي ۽ مان هن وقت ان جي بابت ڪو به خيال ڪرڻ نه ٿي گهران. مان فقط اليوشا جي لاءِ خيال ڪرڻ گهران ٿي ۽ هن ڏي نهارڻ گهران ٿي..... پيارا مون ڏي کلي نهار. خوش ٿي، منهنجي بيوقوفي، ۽ منهنجي راحت تي کل..... هان هيءُ مشڪي ٿو، هيءُ مشڪي ٿو! ڪيڏو نه مهربانيءَ سان مون ڏي نهاري رهيو آهي! اليوشا، مان هيءُ سمورو وقت، هن حقيقت تي غور ڪندي رهي آهيان ته تون مون تي ڪاوڙ جي ويو هئين. ڇاڪاڻ ته پرينهن ترينهن، مان اُن نوجوان بيگم سان چڱي هلت نه ورتي هئي. مان هڪ ڪـُـتي جي مثال هيس، اهو سچ آهي..... پر اهو چڱو ٿيو، جو اِيئن ٿيو. اُها هڪ تڪليف ڏيندڙ شيءِ هئي، پر چڱي به هئي. ” گروشينا اِيئن مشڪي ڄڻ ته خواب ٿي ڏسي. سندس مشڪڻ ۾ ڪي ظالماڻا ليڪا به نظر ٿي آيا.

 ”مـِـتيا ٻڌايو ٿي ته هـُـن واڪو ڪري چيو ٿي ته مون کي بيد هنيا وڃن.مان واقعي سندس خطرناڪ طريقي سان بي عزتي ڪئي هئي. هـُـن مون کي گهرايو هو ۽ سندس خواهش هئي، ته هوءَ مون تي فاتح بڻجي. پنهنجي چاڪليٽ سان مون تي فتح حاصل ڪري ..... نه اها چڱي ڳالهه هئي. اهڙي ريت ئي پوري ٿيڻ کپندي هئي، هوءَ وري مشڪي  ”پر مان اڃا تنهنجي ڪاوڙ کان ڊڄي رهي آهيان.“

 ”هان، اهو بلڪل صحيح آهي.“ ريڪٽن اوچتو هڪ خاص عجب جي حالت ۾ چيو. ”اليوشا، هيءَ تو کي ننڍو چوزو سمجهي ڊڄي رهي آهي.“

 ”ريڪٽن، هيءُ تنهنجي لاءِ چوزڙو هوندو....... ڇاڪاڻ ته توکي ڪوبه ضمير نه آهي ۽ هيءُ سڀ ڪجهه انهيءَ جي ڪري آهي. توکي خبر آهي اليوشا مان تو کي پنهنجي روح سان مڪمل ّمحبت ڪريان ٿي؟“

 ”اڙي بي شرم عورت! اليڪسي هيءَ تنهنجي صاف اظهار ڪري رهي آهي!“

 ”ٺيڪ آهي، انهيءَ جي پرواهه به ڪهڙي آهي، مان هن سان محبت ڪريان ٿي.“

 ”پوءِ تنهنجي آفيسر جو ڇا حشر ٿيندو؟ ماڪرو جي پيغام جي ته ڪابه قيمت ئي نه رهي؟ ”

 ”اها بلڪل ٻي ڳالهه آهي.“

 ”عورت جي ڏسڻ جو طريقو اهو ئي هوندو آهي.“

 ”ريڪٽن، تون مون کي ڪاوڙاءِ نه. ” گروشينڪا کيس جوش مان قابو ڪري ڇڏيو. “ هيءَ ٻي ڳالهه آهي. مان اليوشا سان محبت ڪنهن ٻيءَ ريت ڪريان ٿي. اهو سچ آهي،اليوشا تنهنجي لاءِ مون وٽ، هن کان اڳي بيوقوفيءَ وارا منصوبا هئا. ڇاڪاڻ ته مان سنگدل ۽ وحشي طبعيت جي آهيان. پر مان ٻين موقعن تي توکي پنهنجي ضمير وانگر پئي ڏٺو آهي. مان اِيئن خيال ڪندي رهي آهيان، ته مان جهڙي نفرت ڀريل شرير کي ڪير پسند ڪندو. مان اُن ڏينهن تي، جنهن کي ٽي ڏينهن ٿيا، ان نوجوان بيگم کان گهر موٽندي، طويل وقت تنهنجي لاءِ سوچيندي رهيس ۽ مـِـتيا کي خبر آهي، ڇو ته مان ان باري ۾ ساڻس ڳالهايو هيو. مـِـتيا اُن کي سمجهيو ٿي. تون اعتبار ڪندين، مان ڪڏهن ڪڏهن توڏي ڏسي، شرمندي ٿي وڃان ٿي..... ڪيئن ۽ ڪڏهن، مان اِيئن تنهنجي لاءِ سوچڻ شروع ڪيو، ان جي لاءِ نه چئي سگهان ٿي ۽ نه وري ڪا يادگيري اٿم....

 ”فينيا هيڏي اچ، ڪٻٽ ۾ ٻـُـجيءَ کان سواءِ شئمپين جي هڪ بوتل ۽ ٽي گلاس کڻي اچ.“

 ”اجهو شئمپين اچي ويو ” ريڪٽن واڪو ڪري چيو.  ”اگرافينا اليگزينڊرووينا، تون جوش ۾ ٿي ڏسجين، شايد پنهنجي پاڻ ۾ نه آهين. جڏهن تون شئمپين جو گلاس وٺندين، ته نچڻ لڳندين. ” هو بوتل کي ڏسي چوڻ لڳو ته ”هن پوڙهيءَ، هن کي رڌڻي ۾ کوليو آهي ۽ بوتل کي گرم ۽ بنا ٻـُـجيءَ جي آندو ويو آهي. بهرحال مون کي ڪجهه پيئڻ گهرجي.“

هو ميز ڏي ويو، گلاسن کي کنياِيئن ۽ هڪ ڳيت سان ان کي پي ويو ۽ وري پاڻ وڌيڪ پيئڻ شروع ڪيائين.

 ”ڪنهن کي هروڀرو شئمپين جي پيئڻ تي پسنو پيش نه ڪرڻ گهرجي. ” هن پنهنجي چپن کي چٽيندي چيو.  ”هاڻي اليوشا گلاس کي کڻ، ڏيکار ته تون ڇا ٿو ڪرڻ گهرين! اسان کي سلامتي سان پيئڻ گهرجي. سلامتي وارا بهشت جا دروازا!“  گروشينڪا تون به گلاس کي کڻ ۽ هن کي پي، بهشت جي دروازن تاِئين پهچي وڃ.

 ”ڪهڙا بهشت جا دروازا؟“

هن گلاس کي کنيو، اليوشا پنهنجي کي کنيو ۽ چکياِئين ۽ موٽائي رکي ڇڏيائين. چوڻ لڳو ته، چڱو آهي ته مان ان کي نه پيئان. هو مروت سان کليو.

ريڪٽن رڙ ڪري چيو  ”تڏهن تو ڊاڙ ٿي هنئين؟“

 ”ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اِيئن آهي ته مان به نه پيئنديس. ” گروشينڪا خاطري ڪندي چيو، ته  ”سچ پچ مون کي به نه کپي. تون اڪيلو سڄي بوتل کي منهن ڏي. جيڪڏهن اليوشا ڪجهه پيتو ته مان به پيئنديس.“

ريڪٽن طنز ڪندي چيو ته،  ”سڀ فضول، تون هن جي گوڏي تي ويٺي آهين. هو ته غمگين آهي، پر توکي ڇا ٿيو آهي؟ هو خدا جي خلاف بغاوت ڪري رهيو آهي ۽ هو گوشت ڀـَـري انڊي کائڻ لاءِ تيار آهي.“

 ”اهو ڪيئن؟“

 ”سندس مربي اڄ مري ويو آهي. مربي زوسيما، هڪ ولي.“

گروشينڪا رڙ ڪري چيو ته  ”تڏهن مربي زوسيما مري ويو آهي. خدايا! مون کي ته ڪابه خبر نه آهي!“  هن ڏاڍي عقيدي مان هيءُ پڇيو. مون کي چڱائي ٿي، مان ڇا ڪري رهي آهيان. مان اهڙي موقعي تي سندس گوڏن تي ويٺي آهيان. هن مونجهاري ۾ ڄڻ ته ڇرڪ ڀريو ۽ انهيءَ وقت ئي، هوُ سندس گوڏن تا سرڪي آئي ۽ وڃي صوفي تي ويٺي.

اليوشا گهڻو وقت جهڪي کيس عجب سان نهاريندو رهيو ۽ سندس چهري ۾ روشني اُڀرندي ڏٺي.

اوچتو هن مضبوط ۽ وڏي آواز ۾ چيو ته  ” ريڪٽن مون تي طنز نه ڪر ته مان خدا سان بغاوت ڪري رهيو آهيان. مان تو سان ڪاوڙجڻ نه ٿو گهران، تو کي به مهربان ٿيڻ گهرجي. مان اُن دولت کي وڃائي ويٺو آهيان، جا تو وٽ هئي ئي ڪانه، تون مون کي هاڻي سمجهي ئي نه سگهندين، تنهنجي لاءِ بهتر آهي ته تون هن کي ويٺو نهار، ڏسين نه ٿو ته هوءَ مون تي ڪيترو نه غمگين آهي؟ مان هتي ڪنهن بد روح جي تلاش ۾ آيو هوس. مان اُن کان به زياده بڇڙائي ڏي گهلجي ويس. ڇاڪاڻ ته مان وڌيڪ بڇڙو ۽ رذيل هوس، مون کي هتي هڪ سچي ڀيڻ ملي وئي آهي. مون کي هڪ دولت ملي وئي آهي. هڪ محبت ڪرڻ واري دل، هيءَ هاڻي مون تي ڏک ڪري رهي آهي. اگر افينا اليگزينڊرووينا، مان ته تنهنجي بابت ڳالهائي رهيو آهيان. تو منهنجي روح کي گهراين ما ڪڍي ورتو آهي. ”

اليوشا جا چپ ڏڪي رهيا هئا، گويا سندس دم بند ٿي ويو هو.

 ”هن توکي بچائي ورتو آهي، اِيئن ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ” ريڪٽن نفرت مان کليو. ۽ هن جي خواهش آهي ته هوءَ توکي پنهنجي چنبن ۾ قابو جهلي. توکي اهو احساس ٿئي ٿو.

 ”ترس ريڪٽن“، گروشينڪا ٽپو ڏئي اُٿي.  ”اوهان ٻئي چپ ڪريو. مان هاڻي اوهان کي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي. اليوشا تنهنجا لفظ مون کي شرمندو ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته مان بڇڙي آهيان ۽ ڪا چڱي نه آهيان. مان اهائي آهيان. ريڪٽن تون صبر ڪر، ڇاڪاڻ ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين. هاڻي هر ڪا چيز بدلجي وئي آهي. هاڻي توکان ٻيو وڌيڪ، ڪجهه به ٻڌڻ نه ٿي گهران. ” گروشينڪا هي سڀ ڪجهه انتهائي جوش مان چيو.

ريڪٽن هنن کي عجب مان ڏسندي چيو ته  ”هيءُ ٻئي سودائي ٿا نظر اچن. مان اِيئن ٿو محسوس ڪريان، ته ڄڻ ڪنهن پاڳل خاني ۾ آهيان. هي ٻئي ڪمزور ٿيندا ٿا وڃن، ڄاڻ روئي ويٺا.“

 ”مان واقعي روئي ويهندس. ” گروشينڪا دهرائيندي چيو.  ”هن مون کي ڀيڻ چيو آهي، جنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه سگهنديس. ريڪٽن مان توکي فقط هيءُ ٻڌائڻ گهران ٿي ته جيتوڻيڪ مان بڇڙي آهيان، پر ڪنهن بصر کي ڇڏي سگهان ٿي.“

 ”بصر، کڏ ۾ وجهينس، تون ته سچ پچ سودائي ٿي نظر اچين.“

ريڪٽن سندن جوش کي عجب مان ڏسي رهيو هو، کيس ڏک به ٿي پيو ۽ غصي ۾ به هو، جيتوڻيڪ کيس اهو سوچڻ کپندو هو ته هنن مان هر هڪ روحاني مصائب کان گذري رهيو آهي، جي سندن زندگي ۾ ڪڏهن به نه آيا هوندا. جيتوڻيڪ ريڪٽن وڏو حساس هو ۽ هن پنهنجي لاءِ الائجي ڇا ٿي سوچيو، مگر هوُ ٻين جي جذبن ۽ احساسن جي سوچڻ ۾ نهايت ڏنگو هو. ڪجهه ته نوجواني ۽ ناتجربيڪاري جي، ڪجهه پنهنجي شديد خوديءَ جي باعث.

 ”اليوشا هيڏي ڏس، ” گروشينڪا اُن ڏي مڙندي، جذباتي طور تي کلي.  ”مان جڏهن ريڪٽن کي چيو ته مان بصر کي ڇڏي ڏنو آهي ته اها منهنجي لاف هئي. اها هڪ ڪهاڻي آهي، پر وڻندڙ ڪهاڻي آهي. جڏهن مان ننڍي هيس ته اها ڪهاڻي، پنهنجي بورچياڻي ميٽرينيوا کان ٻڌندي هيس. هوءَ هاڻي به مون سان گڏ آهي. اُها هيٺين طرح آهي. ڪنهن زماني ۾ هڪ ڪڙمي عورت رهندي هئي، جا نهايت بڇڙي هئي. هوءَ مري وئي ۽ ڪوبه نيڪيءَ جو ڪم پويان نه ڇڏي وئي. شيطان کيس ورتو ۽ باهه جي کوري ۾ وڃي وڌائينس. سندس ڪراماًڪاتبين اتي بيٺا رهيا ۽ ياد ڪرڻ لڳا، ته جيڪڏهن هـُـن ڪو چڱو ڪم ڪيو هجي ته خدا جي حضور ۾ بيان ڪن. هنن کي ياد آيو ته هڪ ڀيري هـُـن هڪ بصر کي باغ مان پٽي، فقيرياڻي کي ڏنو هو. هنن اهو ذڪر ڪيو. خدا جي بارگاهه مان کين صدا آئي ته  ”اوهان اُهو بصر کڻو ۽ ان کوري ۾ ڏيو. کيس ڇڪيو. جيڪڏهن هوءَ کوري مان ڇڪجي ٻاهر آئي ته هو بهشت ۾ هئڻ کپي. پر جيڪڏهن بصر ڀڄي پيو ته اُها اتي ئي رهڻ گهرجي، جتي آهي. هنن وڏي خبرداريءَ سان کيس ٻاهر ڇڪڻ شروع ڪيو. هنن کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ئي ٿي ته ٻين گنهگارن ڏٺو ته ڪهڙي ريت، هن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ٿو وڃي. هنن کيس مضبوطيءَ سان چنبڙڻ شروع ڪيو ته جيئن هو به ساڻس ڇڪجي ٻاهر نڪري وڃن. پر جيئن ته هوءَ بداطوار عورت هئي، کين لتون هڻڻ شروع ڪياِئين ۽ چوڻ لڳي ته  ”مون کي ڪڍيو ٿو وڃي نه اوهان کي. هيءُ بصر منهنجو آهي نه اوهان جو. ” جيئن ئي هن اِيئن چيو ته بصر ڀڄي پيو ۽ هوءَ اُن کوري ۾ ڪري پئي، جتي اڄ ڏينهن تاِئين سڙندي رهي ٿي. فرشتا هيءُ ڏسي روئي ويٺا ۽ هليا ويا. اليوشا، اهائي آکاڻي آهي. مان هن کي ياد ڪري ورتو هو. مان به اهڙي ئي بڇڙي عورت آهيان. مان ريڪٽن سا لاف هنئي هئي ته هڪ بصر مان ڏيئي ڇڏيو آهي، پر مان توکي چوڻ گهران ٿي ته مان سڄي حياتيءَ ۾ ڪابه ڪمائي نه ڪئي آهي، فقط بصر ئي ڏنو اٿم. اهو ئي هڪڙو چڱو ڪم آهي، جو ڪيو اٿم. اُن ڪري اليوشا منهنجي ڪابه تعريف نه ڪر ۽ مون کي چڱو نه سمجهه. مان بڇڙي عورت آهيان. تون منهنجي تعريف ڪري، مون کي شرمندو نه ڪر. ها مون کي سڀ ڪجهه قبول ڪرڻ کپي. اليوشا ڌيان ڏئي ٻڌ، اليوشا، مان توکي ڦاسائڻ لاءِ ايڏي ته منتظر هيس، جو مان ريڪٽن سان واعدو ڪيو هو ته ، هوُ جيڪڏهن توکي مون وٽ وٺي ايندو، ته مان کيس ان جي عيوض ۾ پنجويهه روبل ڏينديس. ترس ريڪٽن ترس! ”

هوءَ تڪڙو تڪڙو ميز ڏانهن وئي. ان جو خانو کولي پرس ڪڍيائين. ان مان پنجويهه روبل نوٽ کنيائين.

ريڪٽن ناراضپي مان واڪو ڪري چيو ته  ”هيءَ ڪهڙي بيوقوفي آهي، هيءُ ڪهڙي بيوقوفي آهي! ”

 ”ريڪٽن هي وٺ، اهو منهنجي مٿان تنهنجو قرض هو. تون جيڪڏهن هنن کي نه ٿو وٺين ته مون کي ان جو ڪو به خوف نه آهي، ڇاڪاڻ ته تو، پاڻ ئي انهيءَ رقم لاءِ چيو هو. ” هـُـن نوٽن کي اُن ڏانهن اڇلائي ڇڏي و.

 ”مون کي هن جي وٺڻ کان انڪار ئي ڪرڻو پوندو. ” ريڪٽن هڪ گولي وانگر ڦاٽندي چيو. هوُ شرمندو ٿي ويو، پر ان هوندي به پنهنجي مونجهاري کي شرمندگي ۽ غصي سان مٽائڻ ٿي گهريائين. چوڻ لڳو ته  ”هن جو انڪار نه ڪرڻ گهرجي، هيءُ موقعي سان هٿ آيو آهي. هميشه جهان ۾ بيوقوفين جي وجود کان، سياڻو فائدو وٺندو آهي.“

 ”ريڪٽن پنهنجي زبان کي روڪ. هاڻي جو ڪجهه توکي چوڻ ٿو گهران، سو تنهنجي ڪنن لاءِ نه آهي. هن ڪنڊ ۾ ويهه ۽ خاموش رهه. تون اسان کي پسند نه ٿو ڪري سگهين، پنهنجي زبان کي روڪ.“

 ”مان توهان کي ڪهڙي ريت پسند ڪريان، ” ريڪٽن پيچ کائيندي چيو. هوُ پنهنجي طبعيت جي بديءَ کي لڪائي نه سگهيو. هن پنجويهه رپين جي نوٽ کي جيب ۾ رکيو ۽ اِيئن ڪندي، هوُ شرمندو به ٿيو، جو اليوشا کيس نهاري رهيو هو. هن نوٽ جي شمار جو، پوءِ اليوشا جي ڄاڻڻ کان سواءِ آندازو لڳايو. پنهنجي شرمندگيءَ جي باعث، هاڻي هـُـن پنهنجي طبعيت جو توازن به وڃائي ڇڏيو. گهڙي، کن لاءِ، هنُ انهيءَ ۾ چڱائي سمجهي ته باوجود گروشينڪا جي تيش زنيءَ جي کيس وڌيڪ بيزار نه ڪري. ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجي مطلب کي اڃا حاصل ڪرڻو هو، پر هاڻي هوُ به غصي سان ڀرجي ويو هو، چوڻ لڳو ته:

 ”هر ڪنهن کي ڪنهن مقصد جي لاءِ دوست رکيو ويندو آهي، تو، وري مون سان ڪهڙي مهرباني ڪئي آهي؟“

”توکي ماڻهن سان بي غرض ّمحبت رکڻ گهرجي، جيئن اليوشا ڪري ٿو.“

 ”هو توسان ڪهڙي محبت رکي ٿو؟ هنُ اُها توکي ڪيئن ڏيکاري آهي، جو تون ان جي بابت بيهودي ڳالهه ڪري رهي آهين؟“

گروشينڪا، ڪمري جي وچ ۾ بيٺي هئي. هنُ گرم ٿي ڳالهايو ۽ سندس گفتگو ۾، جنوني ڪيفيت ٿي ڏٺي.

 ”خاموش ريڪٽن، توکي اسان ٻنهي جي بابت ڪابه خبر نه آهي. وري مون سان اهڙي ريت ڳالهائڻ جي همٿ نه ڪج. توکي مون سان ايتري همٿ جي ڪيئن حجت پيدا ٿي آهي؟ هنُ ڪنڊ ۾وڃي ويهه. تو کي اِيئن سمجهڻ گهرجي ته تون ڄڻ منهنجو نوڪر آهين. اليوشا مان هاڻي توکي سڄي حقيقت ٻڌائينديس. جنهن مان توکي خبر پوندي ته مان ڪيڏي نه بدقسمت آهيان. مان ريڪٽن سان نه ٿي ڳالهايان، پر توسان. اليوشا، مان چاهيو ته توکي برباد ڪريان ۽ اِهائي متبرڪ ۽ سچي حقيقت آهي. منهنجو مقصد ئي اهو هو. انهيءَ ڪري ئي مون ريڪٽن کي رشوت باسي هئي، ته هوُ توکي مون وٽ وٺي اچي. پر مان اهڙي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي؟ اليوشا توکي ان جي ڪابه خبر نه آهي. تون ته منهنجي حال کان بي خبر ٿي رهين. جيڪڏهن ڪٿي ملين به ها ته مون کان منهن موڙي وڃين ها ۽ رستي کي پار ڪندي، مون کي ڏسي اکيون هيٺ ڪرين ها. پر مان توکي اڄ کان اڳ ۾ سوين ڀيرا ڏٺو آهي ۽ ماڻهن کان تنهنجي لاءِ پڇندي رهي آهيان. تنهنجي چهري منهنجي قلب کي بيتاب ڪري ڇڏيو آهي. مان خيال ڪندي هيس، ته هيءُ ته مون ڏي نهاري به نه ٿو. مان هن کي ايڏو ته محسوس ٿي ڪيو، جو آخر مان عجب جي هن حد تي اچي پهتس ته مان هڪ ڇوڪري کان، ايترو ڇو خائف آهيان. مان خيال ڪيو ته هن کي پنهنجي چنبي ۾ وٺنديس ۽ اُن تي کلنديس. مان بلڪل غصي ۽ نفرت سان ڀريل هيس. تون هن ۾ اعتبار ڪندين ته اگرافينا اليگزيّنڊرووينا ڏي، بڇڙي نيت سان اچڻ يا ڳالهائڻ جي همٿ ئي نه ٿي آهي. پوڙهو ڪزمائي فقط اهو ماڻهو آهي، جنهن سان مان هتي حجت نه ٿي ڪري سگهان. مان هن سان ٻڌل ۽ وٽس وڪاڻل آهيان. شيطان اسان ٻنهي کي گڏ آندو آهي ۽ اُن کان سواءِ ٻيو ڪو به نه آهي. پر تو ڏي ڏسندي مان خيال ڪيو هو ته مان هن کي چنبي ۾ آڻينديس ۽ مٿس کلنديس. ڏس ته مان ڪيڏي نه نفرت ڀري عورت آهيان ۽ تون وري مون کي پنهنجي ڀيڻ ٿو سڏين! هاڻي جنهن ماڻهو مون کي غلطيءَ تي اُڀاريو هو، سو آيو آهي. مان سندس نياپي لاءِ هت ويٺي آهيان ۽ توکي خبر آهي، ته اُهو ماڻهو منهنجو ڇا ٿئي؟ پنج سال اڳ جڏهن ڪزما، مون کي هتي آندو هو، مان پاڻ کي اندر بند ڪري ڇڏيو هو. جيئن ڪو به مون کي نه ڏسي ۽ نه وري منهنجو آواز ٻڌي. مان هڪ بيوقوف ۽ اڻ ڄاڻ ڇوڪري هيس. مان هتي ويهي روئيندي هيس. مان سڄي رات جاڳندي، خيال ڪندي هيس ته اُهو ماڻهو ڪٿي آهي، جنهن مون کي غلط رستو ڏيکاريو هو؟ هوُ ڪنهن ٻي عورت سا گڏ هوندو ۽ مون تي کلندو هوندو. جيڪڏهن مان فقط کيس ڏسي سگهان ۽ وري ملي سگهان ته اُن کان ان جو انتقام چڪائي وٺان! رات جو مان اونداهيءَ ۾ وهاڻي تي مٿو رکي روئيندي هيس ۽ اوجهراٽيون کائيندي هيس. مان انهيءَ خيال ۾ پنهنجي دل کي چيريندي هيس ۽ پنهنجي غصي تي قبضو ڪندي هيس. مان اُن کان انتقام چڪائي وٺنديس، اُن کان چڪائي وٺنديس. اهو خيال هو، جو مون وٽ اونداهي ۾ ڦرندو ٿي رهيو. اوچتو جڏهن مون کي هيءُ خيال ايندو هو ته سچ پچ مان هن کي ڪجهه نه ٿي ڪري سگهان ۽ هو مون تي کلي رهيو آهي ۽ مون کي قطعي وساري ڇڏيو اٿائين، تڏهن مان پاڻ کي فرش تي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هيس. ۽ زارو زار روئندي هيس ۽ اُتي صبح تاِيئن ڏڪندي گذاريندي هيس. صبح جو نفرت سان ڀرجي اُٿندي هيس ۽ سڄي دنيا کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ سوچيندي هيس. پوءِ تون ڇا ٿو خيال ڪرين؟ مان پيسو بچائڻ سکيو، سنگدل بڻجي ويس، مضبوط ٿيس ۽ گهڻي سياڻي بڻجي ويس. تون ڇا ٿو چوين؟ نه، نه، دنيا ۾ ڪو به انهن ڳالهين کي نه ٿو ڏسي ۽ نه وري انهن کي ڄاڻي ٿو. پر جڏهن رات ايندي آهي ته مان هاڻي به پنجن سالن گذرڻ بعد، بيوقوف ڇوڪريءَ وانگر، جيئن اڳي هيس، ڪڏهن ڪڏهن ڏندن کي ڀيڪوڙي سڄي رات دانهون ڪندي آهيان ۽ خيال ڪندي آهيان ته مان اُن کان بدلو چڪائي وٺنديس. تون ٻڌين ٿو؟ ٺيڪ آهي، هاڻي تون مون کي سمجهندو هوندين. مهينو کن گذريو، مون وٽ هڪ خط آيو، ته هوُ اچي رهيو آهي. هوُ هاڻي رنڙ آهي ۽ مون کي ڏسڻ گهري ٿو. هن منهنجو آرام ڦٽائي ڇڏيو. مان يڪدم سوچيو ته جيڪڏهن هو مون وٽ آيو ۽ مون کي سڏياِئين ته مان هڪ مار کاڌل ڪٽيءَ وانگر وٽس پهچي وينديس. مون کي پاڻ تي اعتبار ئي نه ٿي آيو. ڇا مان اُن جي ايترو تابعدار آهيان؟ مان وٽس ڊوڙي وڃان يا نه؟ مان هيءُ مهينو ايترو ته غصي ۾ هيس، جو شايد پنجن سالن ۾ ڪڏهن به اِيئن نه هيس. اليوشا، تون هاڻي ڏسين ٿو ته مان ڪيڏي نه غضبناڪ ۽ انتقامي فطرت جي عورت آهيان؟ مان توکي سڄي سچي حقيقت ٻڌائي آهي! مان مـِـتيا سان کيڏندي رهيس ته هو مون کي ٻين ڏي ڀڄڻ کان روڪي. صبر ڪر ريڪٽن اهو تنهنجي لاءِ نه آهي، ته منهنجي لاءِ تون ڪو فيصلو ڪري سگهين. مان توسان نه ٿي ڳالهايان. جڏهن تون هت آئين، ته مان سمهندي، انتظار ٿي ڪڍيو ۽ اوجهراٽيون ٿي کاڌيون ۽ پنهنجي باقي زندگيءَ جي لاءِ فيصلو ڪندي ٿي رهيس ۽ تو کي ڪابه خبر نه هئي ته منهنجي دل جي مٿان ڇا گذري رهيو آهي. هان اليوشا تون هن نوجوان سکر عورت کي ٻڌاءِ ته، جو ڪجهه ڪالهه يا اُن کان هڪ ڏينهن اڳ ٿي گذريو هو، اُن تي غصي نه ٿئي..... هن سڄي دنيا ۾ ڪو به ڄاڻي نه ٿو سگهي ته مان ڪهڙين حالتن کان گذري رهي آهيان. نه وري ڪو ڄاڻي سگهندو...... شايد مان اڄ پاڻ سان هڪ چاقو رکان..... مان پنهنجي دل کي ڪنهن به فيصلي تي آڻي نه ٿي سگهان.

هن خنديه جملي تي، گروشينڪا بيقرار ٿي وئي، پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪايائين، صوفي جي وهاڻن تي ڪري پئي ۽ ننڍڙن ٻارن وانگر سڏڪا ڀرڻ لڳي.

اليوشا اٿيو ۽ ريڪٽن ڏي ويو.

 ”مـِـتيا ” هن چيو، غصي نه ٿي. هن تنهنجي دل کي زخمي ڪيو آهي، پر ڪاوڙ نه ڪر تو ٻڌو ته هاڻي هن ڇا ٿي چيو؟ تو کي انساني برداشت جي بابت گهڻو پڇڻ نه گهرجي. ڪنهن وٽ رحمدلي به هئڻ گهرجي.“

اليوشا هي سڀ ڪجهه، ارادي کان سواءِ ظاهر ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن چاهيو ٿي ته ڪنهن سان گفتگو ڪري. انهيءَ ڪري ئي، هوُ ريڪٽن سان مخاطب ٿيو. ڇاڪاڻ ته ريڪٽن اُتي موجود هو، پر ريڪٽن مٿس مسخريءَ طور تي نظر وڌي ۽ اليوشا چپ ٿي ويو.

ريڪٽن دشمني ڀري آواز ۾ کيس چيو ته،  ”تون گذريل رات پنهنجي مربيءَ جي تعليم کان ايترو ته متاثر ٿي ويو آهين، جو، هاڻي مون کي آزمائڻ ٿو گهرين ته اليڪسي خدا وارو آهي! ” اِيئن چوندي ريڪٽن نفرت ڀري کل کلڻ لڳو.

 ”ريڪٽن کل نه، مئل انسان جي ڳالهه نه ڪر. هوُ دنيا جي انسانن ۾ چڱو هو. ” اليوشا کيس اهڙي ريت جواب ڏنو، ڄڻ ته سندس آواز ۾ ڳوڙها هئا. مان توسان هڪ منصف جي حيثيت ۾ نه ٿو ڳالهايان، مان ته نبيري ڪرڻ وارن مان نهايت هيٺانهين درجي وارو آهيان. اُن کان سواءِ مان هن جي لاءِ ڇا آهيان؟ مان هتي پنهنجي برباديءَ جي ڳولا ۾ آيو هوس ۽ پاڻ کي چيم ٿي ته  ”هي به ٺيڪ آهي؟ هيءُ منهنجي بي همٿي هئي. پر هن کي پنج سال عذاب ۾ گذارڻ کان پوءِ، جيڪڏهن ڪو دلي همدرديءَ جو لفظ چوندو ته هوءَ سڀڪجهه وساري ڇڏيندي. هيءَ پنهنجي ڳوڙهن ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندي! جنهن ماڻهو سندس عصمت کي داغدار بڻايو هو، سو موٽي آيو آهي. هن کيس نياپو موڪليو آهي ۽ هن کيس معاف ڪيو آهي ۽ خوشي مان ساڻس ملڻ گهري ٿي. هيءَ ڪڏهن به ڪـَـپُ کڻي ساڻس ملڻ نه ويندي. مان سچ ٿو چوان، هيءَ ڪڏهن به اِيئن نه ڪندي. مون کي خبر نه آهي مـِـتيا ته تون ان لاءِ ڪهڙو خيال ٿو رکين، پر منهنجو ته اهوئي خيال آهي. هي سڄوئي مون لاءِ سبق آهي...... هيءَ وڌيڪ محبت ڪرڻ جي لائق آهي. جيئن اسان سمجهون ٿا......  تو، چڱي ريت ٻڌو ته کين اڳي هن ڇا ٿي چيو...... نه تو شايد نه ٻڌو. جيڪڏهن تون ٻڌين ها، ته گهڻو اڳي هن کي سمجهي وڃين ها. هيءُ روح پاڻ اڃا آرام ۾ نه آهي. جنهن ماڻهوءَ جي ڪالهه هن بيعزتي ڪئي آهي، سو کيس ضرور بخشي ڇڏيندو. هوءَ جڏهن هيءُ ڳالهيون ٻڌندي ته هن کي معاف ڪري ڇڏيندي. اهي ڳالهيون، کيس ضرور ٻڌايون وينديون. هن سان مهربان ٿيڻ ضروري آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن روح ۾ ڪو خزانو هجي.....“

اليوشا ڳالهائڻ بند ڪيو، ڇو ته سندس ساهه کڄي رهيو هو. پنهنجي بدنيتيءَ جي باعث، ريڪٽن کيس عجب مان نهارڻ لڳو. کيس ڪڏهن به اليوشا کان ايڏي پر جوش تقرير جي اميد نه ڪئي.

 ”هن کي ضرورت هئي ته سندس مقصد جي ڪو وڪالت ڪري! ڇا تون هن سان عشق ٿو ڪرين؟ اگرافينا اليگزينڊريوينا، اسان جو راهب سچ پچ تنهنجي عشق ۾ ڦاسي پيو آهي. تنهنجي فتح آهي. ” هن وڏي آواز ۾ طنز جي نموني سان چيو.

گروشينڪا، وهاڻي کان پنهنجو مٿو، مٿي کنيو ۽ اليوشا ڏي نزاڪت سان مشڪندي نهاريو. سندس مشڪڻ، سندس ڳوڙهن ڀري چهري تي چمڪڻ لڳو.

 ”هن کي تنها رهڻ ڏي، منهنجا معصوم فرشتا اليوشا. تون ڏسين ٿو ته هيءُ ڪهڙي قسم جو انسان آهي. هيءُ اهو ماڻهو نه آهي، جنهن سان تون ڳالهائين. مائيل آسپووچ. ” هوءَ ريڪٽن ڏي ڦري. مان پنهنجي سخت هلت جي باعث توکان جيڪر معافي گهران ها، پر هاڻي اِيئن نه ڪنديس، ان جي ضرورت ڪانه آهي. ” اليوشا هيڏي اچ، مون وٽ اچي ويهه ۽ مون کي ٻڌائي. ” هن سندس هٿ ورتو ۽ سندس منهن ۾ ليئو پائي ڏسڻ لڳي ۽ مشڪي،  ”مون کي ٻڌاءِ ته مان هاڻي، اُن سان پيار ڪريان يا نه؟ تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ مان اونداهيءَ ۾ پئي هيس ۽ پاڻ کان پڇان پئي ته مان هن سان محبت به ڪئي هئي. اليوشا هاڻي فيصلو ڪر. وقت اچي ويو آهي ۽ هاڻي تون جيئن چوندين، تيئن مان ڪنديس. مان کيس بخشي ڇڏيان يا نه؟“

اليوشا کيس مشڪندي چيو ته،  ”تو ته کيس اڳ ۾ ئي بخشي ڇڏيو آهي.“

 ”هان مان کيس بخشي ڇڏيو آهي. ” گروشينڪا ڪنهن خيال ۾ گم ٿيندي چيو.  ”ڪيڏي نه ذليل دل! ڪيڏي نه ذليل دل!“  هن ميز تان گلاس کي کڻي ورتو ۽ اُن کي هڪ ئي ڳيت سان خالي ڪري، هوا ۾ مٿي کنياِيئن ۽ زور سان زمين تي هنيائين. هڪ سخت آواز سان گلاس ڀڄي پيو. سندس مشڪڻ سان هڪ ظالماڻو ليڪو سندس چهري تي اُڀري آيو.

 ”شايد مان هن کي معاف نه ڪيو هجي ” سندس آواز ۾ ڌمڪي ٿي ڏٺي. هن پنهنجون اکيون اهڙيءَ ريت هيٺ ڪري ڇڏيون، ڄڻ ته هوءَ پاڻ سان ڳالهائي رهي آهي. شايد منهنجي دل، کيس معاف ڪرڻ لاءِ آمادهه ٿي رهي آهي. منهنجي دل هن ڪشمڪش ۾ آهي. تون ڏسين ٿو اليوشا، مان هنن پنجن سالن کان ڳوڙهن وهائڻ تي هري وئي آهيان.... مان فقط پنهنجي آزردگيءَ سان محبت ٿي ڪريان نه هن سان...“

 ”صحيح آهي، پر مان، هن جي جتي بڻجڻ نه ٿو چاهيان. ” ريڪٽن ڀڻڪيو.

 ”ٺيڪ آهي ريڪٽن، تون هن جي جتي نه ٿي، تون منهنجي بوٽ کي زنگ ڏي، اهائي جاءِ تنهنجي لاءِ موزون آهي. توکي مون جهڙي عورت ڪڏهن به نه ملندي... ۽ هن جهڙو ماڻهو به.“

 ”ان جي لاءِ نه آهي، تڏهن هيءَ پوشاڪ ڇا جي لاءِ پهري وئي آهي؟ ” ريڪٽن زهريلي آواز ۾ چيو.

 ”منهنجي لباس جي پهرڻ تي طنز نه ڪر. تو کي خبر نه آهي ته منهنجي دل ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي! جيڪڏهن مان چاهيان ته هن سينگار کي چيري ڦاڙي ڇڏيان. هاڻي بلڪل هاڻي. ” هـُـن ڪاوڙ ڀري آواز ۾ چيو  ”تو کي خبر نه آهي ريڪٽن ته هيءُ سينگار ڇا جي لاءِ آهي. شايد مان هن کي ڏسي چوان ته، تو ڪڏهن مون کي اهڙو خوبصورت ڏٺو هيو؟ هن جڏهن مون کي ڇڏيو هو ته مان سترنهن ورهين جي ڪمزور ۽ دق زده ڇوڪري هيس. مان سندس قريب ويهنديس، قابو ڪنديس ۽ پنهنجو عمل شروع ڪري ڏينديس. تون ڏسين ٿو ته مان هاڻي ڪيئن بڻجي پئي آهيان؟ مان کيس اِيئن به چونديس ته منهنجا سائين، هيءُ تنهنجي لاءِ ڪافي آهي. چپن ۽ پيالي جي وچ ۾ ضرور مفاصلو ٿيندو آهي. هوُ محروم ئي رهجي ويندو. ريڪٽن اهو ئي سبب آهي، منهنجي سينگار جو.“

گروشينڪا پنهنجي گفتگوءَ کي ڪڙيءَ کل سان بند ڪيو.  ”اليوشا مان آزرده ۽ خوفناڪ آهيان. مان پنهنجي سينگار کي برباد ڪري سگهان ٿي، مان پنهنجي حـُـسن کي تباهه ڪري سگهان ٿي. مان پنهنجي چهري کي چاقوءَ، سان چيري سگهان ٿي ۽ فقير بڻجي وڃان. جيڪڏهن مان اِيئن چاهيان ته هاڻي ڪنهن کي به ڏسڻ لاءِ هتان نه چران. جيڪڏهن مان اِيئن چاهيان ته ڪزما، مون کي جو ڪجهه ڏنو آهي، مان اُن کي هاڻي ئي واپس ڪري ڇڏيان ۽ سڄي حياتي گداگريءَ ۾ گذاري ڇڏيان. ريڪٽن تون شايد اهو خيال ڪرين ته مان اِيئن نه ڪري سگهنديس. پر مان اِيئن ڪري سگهان ٿي. ممڪن آهي ته بي خوف اُن سان مقابلو ڪريان. هن کان وڌيڪ مون کي نه چوريو. مان اُن ڏي موٽي وينديس، کيس آڱرين سان خراش ڏينديس ۽ هوُ وري مون کي ٻيهر ڏسي نه سگهندو.“

مٿس ايڏو ته اعصابي حملو ٿيو هو، جو پوين جملن کي هن واڪا ڪندي پورو ڪيو. ٻيهر وري پنهنجي چهري کي هٿن سان ڍڪي ڇڏياِئين ۽ وهاڻي تي ڪري پئي. ايتري قدر ته رني جو سندس بدن ۾ ڏڪڻي پئجي وئي. ريڪٽن اُٿيو ۽ چوڻ لڳو ته:

 ”ڪافي دير ٿي وئي آهي، اسان کي وڃڻ کپي. اِيئن نه ٿئي ته مڙهيءَ جا دروازا بند ٿي وڃن.“

گروشينڪا ٽپو ڏئي پنهنجي جاءِ ٿا اُٿي.

 ”اليوشا، تون سچ پچ وڃڻ ٿو گهرين ڇا“ ؟ هنُ ماتمي آواز ۾ چيو.  ”تون منهنجي لاءِ ڇا ڪندين. تو منهنجي جذبات کي اُٿاريو آهي ۽ عذاب ڏنو آهي. هاڻي وري مون کي ڇڏيو ٿو وڃين ته هن اونداهي رات جو اڪيلو مقابلو ڪريان“ ؟

 ”هيءُ مشڪل سان توسان رات گذاري سگهندو! جيڪڏهن هوُ چاهي ٿو ته کيس موڪل ڏي. ” ريڪٽن طعني طور چيو.

 ”خاموش بد زبان! ” گروشينڪا ڪاوڙ مان کيس چيو. تو کي هي لفظ چوڻ نه کپندا هئا، جي تون چوڻ ٿو گهرين .“

 ”پر هن تون سان ڪهڙي خاص ڳالهه ڪئي آهي؟ ” ريڪٽن جوش مان چيو.

 ”مان ٻڌائي نه ٿي سگهان نه وري چئي ٿي سگهان. هن جو ڪجهه به چيو آهي، اُهو سنئون سڌو منهنجي دل ۾ ويو آهي. هن منهنجي دل کي خراب ڪيو آهي..... هيءُ اهو پهريون شخص آهي، جنهن کي منهنجي حال تي رحم آيو آهي. انهيءَ مان خبر پوي ٿي، ته هيءُ ڇا آهي. اي فرشتا! تون اڳ ۾ مون وٽ ڇو نه ٿي آئين؟ ” هوءَ اوچتو سندس سامهون سودائين وانگر گوڏن ڀرٿي وئي.  ”مان سڄي حياتي تو جهڙي انسان جي انتظار ۾ هيس. مان سمجهيو ٿي ته تو جهڙو انسان مون وٽ ايندو ۽ مون کي سڀ ڪجهه بخشي ڇڏيندو. مون کي هيءُ يقين هو. جيتوڻيڪ مان حرفتڻ آهيان، پر مان ڄاتو ٿي ته سچ پچ مون سان ڪو محبت ڪري رهيو آهي. جا محبت شرمندگي واري نه آهي!“

 ”آخر مان تنهنجي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ” اليوشا مٿس جهڪندي ۽ مهربانيءَ سان مشڪندي چيو، هن نهايت نرمائيءَ سان سندس هٿن کي ورتو.  ”مان تو کي فقط هڪ بصر ڏنو هو، ننڍڙو بصر ۽ بس. ” اِيئن چوندي سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. اُن وقت اوچتو، گهر جي گهٽيءَ ۾ گوڙ مچي ويو. ڪو ماڻهو هال ۾ اچي ويو هو. گروشينڪا خوفزدهه ٿي ٽپو ڏئي اُٿي بيٺي. فينيا ڊوڙندي، گوڙ ڪندي ڪمري ۾ آئي ۽ چوڻ لڳي ته: ”مالڪياڻي، پياري مالڪياڻي! هڪ قاصد آيو آهي.“ هڪ گاڏي مئڪراؤ کان آئي آهي. ٽموفاءِ اُن جو ڪوچبان، ٽن گهوڙن سان بيٺو آهي، هوُ هاڻي گهوڙن کي تبديل ڪري رهيو آهي.... هنُ هيءُ خط آندو آهي ۽ توهان کي وٺڻ آيو آهي. اجهو هيءُ خط آهي، سانئڻ.“

جيترو وقت گروشينڪا ڳالهائيندي رهي، هوءَ اُن کي هوا ۾ لوڏيندي رهي. هن اهو خط سندس هٿ مان ڇڪي ورتو ۽ شمع ڏي کڻي وئي. اُن ۾ فقط ٻه ٽي سٽون هيون، جي هنُ اک ڇنڀ ۾ پڙهي ورتيون.

هوءَ چوڻ لڳي ته ”هن مون کي گهرايو آهي.  سندس چهرو انتظار کان سفيد ٿي ويو هو ۽ زهرخند کلي.“ هوُ سيٽيون ٿو وڄائي. چيو اٿس ته چرندي پوئتي اچ ڪتي.

پر ٿوري وقت لاءِ هو ڪجهه سوچڻ لاءِ بيهي رهي. اوچتو رت سندس چهري ۾ ڊوڙي وئي ۽ سندس ڳلن ۾ تازگي اچي وئي.

 ”مان وينديس“، هنُ واڪو ڪري چيو. منهنجي زندگيءَ جا پنج ورهيه، الوداع! الوداع اليوشا! منهنجي قسمت تي مـُـهر هنئي وئي آهي. وڃو، وڃو، مون کي سڀئي ڇڏي وڃو. گروشينڪا نئين حياتي ڏي اُڏامي رهي آهي. منهنجي خلاف، ڪنهن بڇڙائيءَ کي تون ياد نه ٿو ڪرين ريڪٽن. مان پنهنجي موت ڏي وڃين رهي آهيان. اُف، مان ڄڻ اِيئن سمجهي رهي آهيان ته ڪافي پي وئي آهيان؟

هوءَ اوچتو هنن کي ڇڏي، پنهنجي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ڏانهن ڊوڙي وئي.

 ”ٺيڪ آهي، هاڻي کيس اسان جي لاءِ ٻيو ڪوبه واڌو خيال نه بچيو آهي. ” ريڪٽن اعتراض وٺندي چيو.  ”اسان کي هلڻ گهرجي يا اڃا به سندس زناني واڪن کي ٻڌڻ گهرجي. مان هنن ڳوڙهن ۽ رڙين کي ٻڌي بيزار ٿي پيو آهيان.“

اليوشا، چاهيو ٿي ته ڪنهن حرفت سان هتان ٻاهر نڪري. گهرجي اڱڻ ۾ هڪ ڍڪيل گاڏي بيٺل هئي. گهوڙا، گاڏيءَ جي بمن مان ڪڍيا ويا هئا ۽ ماڻهو فانوسي سان گڏ، هيڏي هوڏي ڦري رهيا هئا. ٽن تازهه دم گهوڙن کي کليل دروازي وٽ آندو ويو هو. پر جڏهن اليوشا ريڪٽن پوئين ڏاڪي تي پهتا ته گروشينڪا جي سمهڻ واري ڪوٺيءَ جي اوچتو دري کلي پئي ۽ هن سريلي آواز ۾ اليوشا کي سڏ ڪيو.

 ”اليوشا تون پنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کي منهنجا سلام ڏج. کيس چئج ته منهنجي بـَـدَين کي ياد نه ڪري، جيتوڻيڪ مان هن جي مٿان مصيبتن کي آندو هو. ان کي جيئن مان چوان ٿي، تيئن ئي چئج ته، گروشينڪا هڪ بدمعاش جي هٿن ۾ پئجي وئي آهي نه تو، شاندار دل جي قبضي ۾. هن کي هيءُ پڻ وڌيڪ چئج ته گروشينڪا ساڻس فقط هڪ ڪلاڪ محبت ڪئي هئي، هان مختصر هڪ ڪلاڪ، هن ساڻس محبت ٿي ڪئي، اُن ڪلاڪ کي سڄي حياتي ياد ڪج. کيس چئج ته گروشينڪا کيس اِيئن ئي ٿي چيو.“

هنُ پنهنجي گفتگوءَ کي سڏڪن سان پورو ڪيو. دري ٿوري ڌڪ سان وري بند ٿي وئي.

 ”تعجق!ّ تعجب! ” ريڪٽن کلندي غصي مان چيو.  ”هوءَ تنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کي قتل به ٿي ڪري ۽ وري اُن کي اِيئن به چوي ٿي ته سڄي حياتي کيس ياد ڪري. ڪيڏي نه بي حيائي!“

اليوشا کيس ڪو به جواب نه ڏنو. ڄڻ ته هن ڪجهه ٻڌوئي نه هو. هوُ ريڪٽن جي ڀرسان تيز قدمن سان ٿي ويو، ڄڻ ته کيس نهايت جلدي هئي. هوُ خيالن ۾ غرق ٿي ويو هو ۽ ڄڻ ته ڪـَـلَ وانگر ٿي چـُـريو. ريڪٽن کي اوچتو دردناڪ احساس پيدا ٿيو، ڄڻ ته سندس زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو هو. گروشينڪا جي گهر ۾، اليوشا جي آڻڻ کان ڪو ٻيو مقصد هو، پر حادثي جي صورت، سندس انتظار جي خلاف بڻجي پئي. هن ڪوشش پئي ڪئي ته پنهنجي گفتگو ۾ خود داري پيدا ڪري، پر اِيئن ڪري نه سگهيو ۽ چوڻ لڳو ته:

 ”سندس آفيسر پولينڊ جو ٿو معلوم ٿئي. اُن کان سواءِ ٻيو ڪو به آفيسر ٿي نه ٿو سگهي. هوُ هاڻي آفيسر نه آهي. ڪنهن وقت هوُ سائبيريا ۾ چنگيءَ جو ملازم هو ۽ چين جي سرحد تي ڪٿي هو؟ هوُ پولينڊ جي گداگرن جي گروهه مان آهي، مان اِيئن ٿو سمجهان. هاڻي جڏهن ٻڌو اٿس ته گروشينڪا مالدار آهي، ته هوُ وري پيدا ٿيو آهي. هيءُ سندس سڄو راز آهي.“

وري به اليوشا کيس ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ريڪٽن پاڻ تي ضابطو رکي نه سگهيو.

 ”ٺيڪ آهي تو گنهگار کي بچائي ورتو. ” هوُ حقارت سان کليو. تو هڪ بلا کي ڄڻ ته صحيح رستي تي آڻي وڌو آهي؟ تو ڄڻ ته ستن شيطانن کي هڪالي ڪڍيو آهي؟ هن سڄي اعجاز کي، جنهن جو تو کي انتظار هو، ڄڻ ته هاڻي ظهور ۾ آيو آهي!“

 ”خاموش ريڪٽن“، اليوشا کيس ڏک ڀري آواز ۾ چيو.

 ”تون شايد مون کي اُن پنجويهه روبل جي لاءِ نفرت سان ٿو ڏسين؟ تون اِيئن ٿو سمجهين ته مان انهن جي عيوض پنهنجي دوست کي وڪيو آهي. پر توکي خبر هئڻ کپي ته تون عيسيٰ نه آهين ۽ نه وري مان جوڊاس (يهودي).“

او ريڪٽن،  ”مان ته انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏيو آهي ۽ تون وري اُن کي پاڻ ياد ٿو ڏيارين....“

ڄڻ ته هيءَ ريڪٽن جي لاءِ پوئين ضرب هڻي چوڻ لڳو ته:  ”دوزخ اوهان سڀني کي گهلي وڃي! ڪهڙي شيطاني آڱر تي مان توکي هتي وٺي آيس؟ هن کان پوءِ مان تو سان ڪا به آشنائي رکڻ نه ٿو گهران. هيءُ تنهنجو رستو آهي ۽ اڪيلو وڃ.“

هوُ ڄاڻي واڻي هڪ گهٽيءَ ڏي مڙي ويو. اليوشا اونداهيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو. اليوشا شهر کان ٻاهر آيو ۽ ٻنين مان لنگهندو، مڙهيءَ ڏي روانو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org