باب ٽيون
ڀائرن ۾ ميلاپ
ايون ڪنهن جدا ڪمري ۾ ته نه هو پر اُن جاءِ کي
پـَـردي سان جدا ڪيو ويو هو، جنهنڪري ڪوٺيءَ جا
ٻيا ماڻهو، اُن جاءِ کي ڏسي نه ٿي سگهيا. هيءُ
دروازي وٽ پهريون ڪمرو هو ۽ ڀت تائين پردو لڳل هو.
ٻاهر ماڻهو هيڏي هوڏي پئي ٿي گهميا ۽ ڦريا. پر هن
ڪوٺي ۾ فقط هڪ اَجنبي گراهڪ ويٺل هو، جو هڪ پينشن
بردار فوجي سپاهي ٿي ڏٺو. هڪ ڪنڊ ۾ هـُـو چانهه پي
رَهيو هو. پر ٻين ڪوٺين ۾ حسب معمول چڱو گوڙ ۽ شور
هو. خادمن کي سـَـڏ ٿي ڪيا ويا. شيشين جي ٻـُـجين
کلڻ جا ٺڪاءَ هئا. بليئرڊ کيڏڻ وارن جا آواز ۽
ڪنهن ساز جي به صدا ٿي آئي. اليوشا کي خبر هئي ته
عام طرح اِهڙن شرابخانن ۾ نه ويندو آهي ۽ خاص طرح
اِهڙين جاين کي پسند نه ڪندو آهي. هـِـن مان هـُـن
سمجهيو، ته هـُـو پنهنجي بندوبست موجب، دمتريءَ
سان ئي هت ملڻ لاءِ آيو آهي. پر دمتري اُتي موجود
ڪو نه هو.
ايون پنهنجو کاڌو کائي بس ڪيو هو ۽ هاڻي چانهه پي
رهيو هو. هـُـن اليوشا کي جهلي ڏاڍي خوشيءَ مان
چيو ته، ”مان تنهنجي لاءِ مـَـڇيءَ جي رَس گهرايان
يا ٻيو ڪجهه. تون فقط چانهه تي ته گذارو نه ڪري
سگهندين؟“
”منهنجي لاءِ پهريائين رَس گهراءِ ۽ پوءِ چانهه.
مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. ” اليوشا به کيس خوشيءَ
مان چيو.
”مربو به اچي؟ اِهو به هتي موجود آهي. مون کي ياد
ٿو اَچي، ته توکي ننڍي هوندي مربو ڪيڏو نه وڻندو
هو؟“
”تڏهن توکي اِهو ياد آهي؟ چڱو مربو به گهرائي ڏي،
مون کي اِهو اَڃا تائين پسند ايندو آهي.“
ايون، خادم جي طرف ڊوڙي پيو ۽ کيس مربي، رَس ۽
چانهه آڻڻ لاءِ چيائين.
”مون کي سڀ ڪجهه ياد آهي اليوشا، مون کي اهو به
ياد آهي ته اُن وقت تون يارهن ورهين جو هـُـئين ۽
مان قريباًپندرهن ورهين جو هوس، هيءُ يارهن ۽
پندرهن ورهين جو اُهو تفاوت آهي، جڏهن اِنهيءَ عمر
۾ ڀائر هڪ ٻئي جا رفيق بڻجي نه سگهندا آهن. مون کي
ڪا به خبر نه ٿي پوي، ته مون کي اُن وقت توسان
محبت هئي يا نه؟ مان جڏهن پهريائين ٿورن سالن لاءِ
ماسڪو ويو هوس، ته تنهنجي لاءِ ڪو به خيال نه هيم.
پوءِ جڏهن تون ماسڪو ۾ آئين ۽ جيئن مون کي ياد
اَچي ٿو، اسان ڪٿي هڪ ڀيرو ئي پاڻ م مليا هئاسين.
هتي به مون کي ٽي مهينا آئي گذريا آهن، پر مشڪل
سان اسان پاڻ ۾ ڪي ٿورا لفظ ڳالهائي سگهيا آهيون.
مان سڀاڻي ٻاهر وڃي رَهيو آهيان. مون خيال ٿي ڪيو،
ته مان هت ويٺو آهيان ۽ اِهڙيءَ حالت ۾ توسان ڪيئن
الوداع ڪري سگهندس. اِنهيءَ خيال ۾ هوس ته تون
هتان گذرين.“
”تون تڏهن منهنجي ڏسڻ لاءِ انتظار ۾ هئين؟“
”هائو. مان چاهيو ٿي، ته توکي هڪ ڀيرو، هميشھ
لاءِ سڃاڻان ۽ تون به مون کي سڃاڻين. اُن کان پوءِ
ئي توکي خدا حافظ چوان. منهنجي خيال ۾ اِها چڱي
ڳالهه آهي ته ماڻهو هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ کان اڳ ۾،
هڪٻئي کي چڱيءَ ريت سڃاڻين. مان ڏٺو ٿي ته تون
هيءُ ٽي مهينا، ڪيئن نه مون کي انتظار سان نهاري
رهيو هئين. تنهنجي اکين ۾ ڪنهن اُميد جي مسلسل
نگاهه نظر ايندي رَهي آهي ۽ مان اُن کي برداشت ڪري
نه ٿو سگهان. اِهو ئي سبب هو، جو مان توکان ڏور ٿي
رهيس. پر آخر ۾ مان هن نتيجي تي پهتس ته مان
تنهنجي عزت ڪريان. مان خيال ڪيو ته هي نوجوان پختي
اِرادي وارو آهي. جيتوڻيڪ مان کلان ٿو پر مان هن
راءِ تي مضبوط آهيان، ته تون پنهنجي اِرادي تي
مضبوط آهين. ڪيئن آهي نه اِيئن؟ مان اُنهن ماڻهن
کي پيار ڪندو آهيان، جي ڪجهه به ٿي پوي، پنهنجي
اِرادي تي پختا هوندا آهن. پوءِ اُهي ڇو نه ننڍيءَ
عمر وارا هجن. تنهنجون پـُـر اُميد اکيون، ڇو نه
مون کي ڇينڀ ڪرڻ کان روڪجي وڃن، مان اُنهن کي محبت
ڪريان ٿو. تون مون سان ڪن ڳالهين جي سبب کان ضرور
پيار ڪرين ٿو اليوشا؟“
”ايون، مان توسان واقعي محبت ڪريان ٿو. دمتري
تنهنجي لاءِ چوندو آهي ته تون قبر وانگر آهين! پر
مان چوان ٿو ته تون هڪ ڳجهارت وانگر آهين. پر مان
توکي سمجهڻ گهران ٿو. ڇاڪاڻ ته مان اڄ صبح تائين
به اُن کي سمجهي نه سگهيو آهيان.“
”اُهو ڇا آهي؟ “ ايون کلي ڏنو.
”تون ڪاوڙِ نه ڪندين؟ ” اليوشا به کلي ويٺو.
”چڱو.“
”تون اِهڙو ئي نوجوان آهين، جيئن ٻيا ٽيويهن
ورهين جا نوجوان ٿين ٿا. تون اَڃا به ننڍڙو، تازو
توانو ۽ وڻندڙ ڇوڪرو لڳين ٿو. سادي چوڻ سان، مان
تنهنجي بي عزتي ته نه ڪئي آهي؟“
اُن جي ابتڙ مان، هيءُ ٻڌي حيران ٿي ويو آهيان. ”
ايون گرمجوشي ۽ مذاق جي طور تي چيو. شايد تون
اعتبار ڪرين ته اُن ڏينهن جڏهن ڪيٽرينا جي گهر ۾
مليا هئاسون، اُن وقت کان وٺي، مان ڪنهن ٻي ڳالهه
تي نه ٿي سوچيو. مان ساندهه اِنهيءَ فڪر ۾ آهيان،
ته ڪيترو نه سادو نوجوان آهيان. اتفاقاًتو به
اِتان ئي ڳالهه شروع ڪئي آهي. توکي خبر آهي ته مان
هتي به ويٺي اِهو ئي ٿي سوچيو ته جيڪڏهن منهنجو
زندگيءَ ۾ يقين نه آهي، اُن عورت مان اعتبار وڃايو
اٿم، جنهن کي پيار ڪريان ٿو، شين جي تنظيم ۾ ڪو به
يقين نه اَٿم ۽ اِيئن سمجهان ٿو ته تحقيق ڪنهن
شيءِ جو ڪو نظام ئي نه آهي ۽ هـُـوءَ مردود ۽ اُها
افراتفري آهي، جنهن تي شيطان سوار آهي، ته اِهو
انساني وهم کان ڇوٽڪاري جو سبب ٿي نه ٿو سگهي. مون
کي جيئرو رهڻو آهي ۽ جنهن پيالي کي چکيو اٿم، اُن
کي جيستائين پي نه ويندس، اُن کي ڪو نه موٽائيندس.
ٽيهن ورهين جي عمر ۾، جيڪڏهن اُن پيالي کي خالي نه
ڪري سگهيس ته ضرور موٽائڻو پوندو. پر اُن جو نقطو
نامعلوم رهندو، پر جيستائين مان ٽيهن ورهين جو
ٿيان، منهنجي جوانيءَ جي مسرت سڀ تي ڇانئجي ويندي.
زندگيءَ جي هر افراتفري ۽ هر نااُميديءَ تي قبضو
ڪري وٺندي. ڪيترائي ڀيرا مان پاڻ کان پڇيو آهي، ته
ڇا دنيا جي اندر اِهڙي به ڪا نااُميدي آهي، جا
منهنجي هن زندگي جي بدحواسي، اَڃا به اَڻ ڏٺل اُڃ
تي غالب اَچي سگهي ٿي؟ مان هن نتيجي تي پهتو
آهيان، ته اِهڙي شيءِ ڪا به نه آهي. ڇاڪاڻ ته مان
اَڃا ٽيهن ورهين جو نه آهيان ۽ جڏهن ٿيس ته پنهنجو
پاڻ سڀ ڪجهه وِڃائي ويهندس. ڪن ڪوتاهه نظر، بي ربط
اخلاق جي ماهرن ۽ خاص طرح شاعرن، هن اُڃ کي
زندگيءَ جي بنيادي شيءِ ڪري سڏيو آهي. البت هيءُ
سچ آهي، ته هيءَ پياس ڪرامازوف وارن جي خصوصيت
آهي، جا زندگيءَ ۾ ڪنهن به ريت عزت ۽ شرف جي لائق
نه آهي. توکي به اِهائي آهي، پر اُن کي بنيادي ڇو
ٿو چيو وڃي؟ هن اسان جي زمين جي مرڪز ڏي مائل رهڻ
وارو زور اَڃا به ڪافي طاقتور آهي اليوشا. مون کي
پنهنجي زندگيءَ لاءِ بيحد انتظار آهي، ۽ مان اُن
کي ڪنهن به منطق کان سواءِ گذارڻ جو تمنائي آهيان.
جيتوڻيڪ مان هن جهان جي نظام جو قائل نه آهيان، پر
مان اُنهن تازن پنن سان محبت ڪريان ٿو، جي بهار جي
موسم ۾ ڦٽندا آهن. مان نيري آسمان کي پيار ڪريان
ٿو ۽ اُنهن ماڻهن کي به، جن کي ناواقف هوندي به
پيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اِها خبر نه ٿي پوي ته اِيئن ڇو
ڪيو وڃي ٿو؟ مان اُنهن عظيم ماڻهن جي ڪارنامن سان
به پيار ڪريان ٿو، جيتوڻيڪ گهڻي وقت کان اِنهن ۾
منهنجو ڪو به ايمان نه رهيو آهي. پر قديم عادت
موجب، دل اُنهن کي انعام جو مستحق ٿي سمجهي. هنن
تنهنجي لاءِ شوروو آندو آهي. هن کي پيءُ، اِهو
تنهنجي لاءِ چڱو ٿيندو. اِهو لذت وارو شوروو آهي.
اهو ڄاڻن ٿا، ته ڪيئن تيار ڪيو ويندو آهي. اليوشا
مان يورپ ڏي سفر ڪرڻ گهران ٿو ۽ هتان نڪري ويندس.
پر مان اُن هوندي به ڄاڻان ٿو مان فقط هڪ قبرستان
ڏي وڃي رهيو آهيان. پر اِهو نهايت قيمتي قبرستان
آهي. قيمتي آهن، اُهي مئا، جي اُتي دفن ٿيل آهن.
اُنهن جو هر هڪ پٿر، سندن شاندار ماضيءَ جي حياتي
جو ذڪر ڪندو ٿو رَهي. ڪيڏو نه هنن جو پنهنجي عمل ۾
بيتاب اعتقاد هو. سندن صداقت، سندن ڪشمڪش ۽ سندن
علم ۽ فضل، جن کي مان ڄاڻان ٿو، ايتري قدر ته لائق
آهن، جو مان زمين تي ڪـِـري، اِنهن پٿرن کي چمان ۽
اُنهن جي مٿان روئان. جيتوڻيڪ مان هيءُ به ڄاڻان
ٿو ته منهنجو اِهو روئڻ نااُميديءَ کان نه هوندو،
پر مان پنهنجي هنن ڳوڙهن کان خوشي حاصل ڪندس. مان
پنهنجي روح کي اُن جذبي ۾ گم ڪري ڇڏيندس. مان
نوخيز پنن کي بهار ۾ پيار ڪريان ٿو ۽ نيري آسمان
کي به ۽ اِهو ئي سڀ ڪجهه آهي. هيءُ ڪو ذهني يا
منطقي مواد نه آهي. اِها ڪنهن جي پنهنجي باطن سان
محبت آهي. ڪنهن جي پنهنجي شڪم سان محبت آهي. هڪ،
ٻي جي جوانيءَ جي اولين طاقت سان پيار ڪري ٿو.
اليوشا تون منهنجي طويل تقرير کي سمجهي به سگهين
ٿو؟ ” ايون اوچتو ٽهڪ ڏئي کـِـليو.
”ايون مان چڱيءَ ريت سمجهيو آهي. هڪ ماڻهو، ٻي جي
اندر سان محبت ڪرڻ لاءِ منتظر آهي. ٻي جي شڪم سان
محبت ڪري ٿو. تو جو ڪجهه به چيو آهي، اُهو وڻندڙ
آهي ۽ مون کي بيحد خوشي ٿي آهي، ته توکي پنهنجي
زندگيءَ سان وڏي محبت آهي. ” اليوشا کيس وري وڏي
آواز سان چيو ته ”مان خيال ڪريان ٿو ته هر ڪنهن
ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾، ٻي سڀ ڪنهن شيءِ کان مٿي،
پنهنجي زندگيءَ سان پيار ڪرڻ گهرجي.“
”ڇا حياتيءَ کي سندس مقصد ۽ غرض کان به مٿي پيار
ڪيو وڃي؟“
بيشڪ، تون اُن کي منطقي طريقي کان ٻاهر ٿي پيار
ڪر، جيئن تو چيو ٿي. هيءَ منطق کان جدا شيءِ آهي ۽
پوءِ ئي ڪو ماڻهو اُن جي مقصد ۽ غرض کي سمجهي سگهي
ٿو. مان اُن تي گهڻو وقت غور ڪيو آهي. ايون تنهنجو
اَڌ ڪم ته هتي پورو ٿيو. تون زندگيءَ کي ته پيار
ڪرين ٿو، هاڻي باقي هيءُ رَهيو آهي ته تون ٻي اَڌ
کي به پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. جيڪڏهن تو اِيئن ڪيو
ته بچي ويندين.“
”تون مون کي بچائڻ جي ڪوشش ٿو ڪرين، پر مان گم ته
نه ٿيو آهيان! تنهنجو ٻي اَڌ کان ڪهڙو مطلب آهي؟“
”ڇو، ڪنهن کي تنهنجي مـُـردن کي اُٿارڻو آهي.
شايد هـُـو مري ئي نه ويا هجن. اَچ ته چانهه
پيئون. ايون تنهنجي گفتگو مان مون کي بيحد مزو
اَچي رهيو آهي.“
”مان ڏسان ٿو ته تون جذبات سان ڀرجي ويو آهين.
مان تو جهڙي وسيع نظر راهب کي پيار ڪندو آهيان.
اليڪسي تون اڏول طبعيت وارو ماڻهو آهين. ڇا اِهو
سچ آهي ته تون خانقاهه ڇڏي رهيو آهين؟“
”هائو مربي مون کي دنيا ڏي موڪلي رهيو آهي.“
”پوءِ اَسين هڪ ٻي کي دنيا ۾ ڏسنداسون. مان ٽيهن
سالن تي پهچڻ کان اڳ توسان ملندس، اُن وقت جڏهن
پيالي کي پوئتي موٽائڻ جي ڪوشش شروع ڪندس، اسان جو
پيءُ ته ستر تائين به پيالي جي جند نه ٿو ڇڏي.
هـُـو اَسي تائين رَڙهڻ جا خواب ٿو لهي. سندس
گفتگو مان به اِيئن معلوم ٿئي ٿو. هـُـو هن حالت
کي نهايت ڳنڀير ٿي ڏسي ٿو، جيتوڻيڪ هـُـو مسخرو
بڻجي ويو آهي. هـُـو هڪ مضبوط پهاڙ تي قائم آهي.
هـُـو پنهنجي شهواني حرڪت تي قابو آهي. جيتوڻيڪ
اسان سمجهون ٿا ته ٽيهن سالن کان پوءِ ڪا اِهڙي
شيءِ نه رهندي، جنهن تي اسان قائم ٿي سگهون. ستر
ورهين تائين لـَـڙڪڻ احمقاڻي حرڪت آهي. مان وڌ ۾
وڌ ٽيهه ورهيه. ماڻهو کي ڪجهه نه ڪجهه ته نجابت جو
عڪس رکڻ گهرجي ۽ فريب کائڻ نه گهرجي. اڄ تو
دمتريءَ کي ڏٺو آهي؟“
”نه، پر مان سميرڊياڪوف سان مليو آهيان. ” اليوشا
هيءُ تڪڙ ۾ چئي ويو ۽ سميرڊياڪوف سان ملاقات جو
احوال هڪ منٽ ۾ پورو ڪري ورتائين. ايون هيءَ ڌيان
۽ انتظار سان ٻڌندو رَهيو ۽ کيس سوال ڪرڻ شروع
ڪيائين:
”پر هـُـن مون کي عرض ڪيو ته مان کيس اِهو نه
ٻڌايان ته مان هن سان ڪو مليو آهيان. ” ايون هيءُ
ٻڌي تڻجي ويو ۽ گهري ويچار ۾ پئجي ويو.
”تون سميرڊياڪوف جي احوال تي تڻجي ويو آهين؟
اليوشا کانئس پڇيو.
”هائو سندس حقيقت تي، کڏ ۾ وجهينس. مان چاهيان
ٿو، ته ڪنهن ريت دمتريءَ سان ملان. پر هاڻي ڪا به
ضرورت نه آهي.“
”پر، ڀاءُ، تون ايترو جلدي وڃڻ وارو آهين ڇا؟“
”هائو.“
”پوءِ اسان جي پيءُ ۽ دمتري جو ڇا ٿيندو؟ آخر
اِها ڪـِـٿي پڄاڻي ٿيندي؟ ” اِليوشا انتظار مان
کانئس پڇيو.
”تون هميشھ اِهو ئي سـُـر ٿو آلاپين. مان هن لاءِ
ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مان پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ جو
نگهبان ته نه آهيان. ” ايون جوش مان چـَـپَ ۾ چڪ
وڌو ۽ بعد زهر خند سان کلي ويٺو. ”هيءُ قابيل جو
پنهنجي خون ٿيل ڀاءُ هابيل جي بابت جواب ٿي سگهي
ٿو. اِيئن آهي نه؟“
شايد اِهڙو ئي خيال هجي، جنهن کي تون هن وقت
سوچيندو هجين؟ چڱو سڀني کي کڏ ۾ وجهه. مان جو ڪجهه
ڪري سگهيو آهيان، اُن کي ختم ڪيو اَٿم ۽ هاڻي وڃان
ٿو. تون شايد اِهو خيال ڪندو هجين ته دمتريءَ سان
مون کي حسد آهي ۽ مان ڪوشش ٿو ڪريان ته حسين
ڪيٽرينا ايونونا کي کانئس کسي وٺان. جنهن ڪشمڪش کي
ٽي مهينا گذري ويا آهن. سڀ بيوقوفي آهي. منهنجو ته
عمل ئي پنهنجو هو. مان اُن کي ختم ڪيو ۽ مان وڃان
ٿو.
”مان اُن کي جهڙي ريت ختم ڪيو آهي، تون اُن جو
شاهد آهين.“
”هان ڪيٽرينا ايونونا بابت؟“
هائو، مان سڀني کان هڪ ڀيرو وري آزاد ٿي ويو
آهيان. اُن ڪري هاڻي منهنجو دمتري سان واسطو ئي
ڪهڙو رهيو آهي. دمتري جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
ڪيٽرينا ايونونا سان تعلق رکڻ، اِهو منهنجو پنهنجو
فعل هو. مگر اُن جي برعڪس دمتري اِهڙي طرز اختيار
ڪئي، اِئين معلوم پئي ٿيو ته اسان ٻنهي ۾ ڄڻ ته ڪو
ٺهراءُ ٿيل هو. مان کيس ڪڏهن به نه چيو هو ته هيئن
ڪر يا هونءَ ڪر. پر هن پنهنجي رغبت سان، هـُـن کي
منهنجي سپرد ڪري ڇڏيو ۽ اَسان کي دعائون ڏنيون.
ڪيڏي نه کـِـلَ جهڙي شيءِ! اڙي اليوشا، جيڪڏهن تون
ڄاڻي سگهين ته هاڻي منهنجي دل ڪيڏي نه هلڪي ٿي وئي
آهي! تون يقين ڪندين ته مان جڏهن هتي ماني کائي
ويٺس ۽ شئمپين آڻڻ لاءِ حڪم ڏنم، تڏهن اِيئن
سمجهيم ته مان پنهنجي آزاديءَ جي پهرئين گهڙيءَ کي
ملهائي رهيو آهيان. جنهن ڳالهه جي لاءِ ڇهه مهينا
انتظار ٿي ڪيم. اُن کي يڪايڪ اُڇلائي ڦٽو ڪيو
اَٿم. جنهن ڳالهه تي شايد ڪلهه تائين اعتبار ئي نه
اَچي ها، اُن کي مان جيڪڏهن چاهيان ها، ته ڪيڏو نه
آسانيءَ سان پورو ڪري سگهان ها.“
”تون پنهنجي عشق جي لاءِ ڳالهائي رهيو آهين
ايون؟“
”هائو پنهنجي عشق جي لاءِ، جيڪڏهن تون اُن کي
پسند ڪرين. مان هڪ نوجوان عورت جي محبت ۾ ڦاسي
پيس. مان هن کي انتظار ۾ وڌو ۽ هـُـن مون کي
انتظار ۾ وڌو. مان ويهي هـُـن کي جاچيندو رهيس....
پر سڀئي خيال هـِـڪ گهڙيءَ ۾ تباهه ٿي چڪا! مان
صبح جذبات مان ٿي ڳالهايو، پر جڏهن مان دور ٿي
ويس، تڏهن پـُـر شور ٽهڪن سان کلڻ لڳس. تون اعتبار
ڪندين مان توکي عين حقيقت ٻڌائي رهيو آهيان.“
اليوشا سندس منهن ۾، جو هاڻي گهڻو روشن ٿي ويو هو،
نهاريندي چيو ته، ”تون هاڻي، هن حقيقت بابت ڏاڍو
خوش ٿو نظر اَچين؟“
”هائو، پر مان اِهو ڪيئن ٿو چئي سگهان ته مون کي
اُن جي ذري جي به پرواهه نه آهي. اُن هوندي به
هـُـن مون کي ڪيڏي نه ڪشش ڪئي آهي ۽ هاڻي به جڏهن
مون پنهنجي تقرير ٿي ڪئي، هوءَ ڪيڏي نه پرڪشش ٿي
ڏٺي! تون ڄاڻين ٿو ته هوءَ منهنجي لا ءِ، هاڻي به
ڪيڏي نه ڪشش واري آهي. پر اُن هوندي به کيس ڇڏي
وڃڻ ڪيڏو نه آسان آهي. تون اِيئن ته نه ٿو سمجهين
ته مان لاف هڻي رَهيو آهيان؟“
”نه پر مان سوچيان ٿو ته اِها محبت نه هئي.“
”اليوشا ” ايون کليو، “ محبت جي لاءِ پنهنجا وهمي
خيال نه سوچ. اِها تنهنجي لاءِ اَڻ ڏٺل شيءِ آهي.
تون اڄ صبح بحث ۾ ڪيئن ڊوڙي پيو هئين! مون کي
اِنهيءَ جي لاءِ توکي چمڻ وسري ويو هو... پر ڪيئن
نه هوءَ مون کي عذاب ڏيئي رَهي هئي! اِها سڄي دل
آزاري هئي. آهه! هوءَ ڄاڻي سگهي ته مان ڪيئن نه
کيس پيار ٿي ڪيو! هن مون کي پيار ٿي ڪيو نه
دمتريءَ کي. ” ايون هنن لفظن تي زور ڏنو. دمتري جي
لاءِ سندس جذبا محض سندس دل آزاري هئي. مان کيس
اُن وقت جو ڪجهه به چيو، اُن ۾ مڪمل صداقت هئي. پر
اُن مان بڇڙائي هيءَ نڪتي ته کيس هن ڳالهه جي
سڃاڻڻ لاءِ ته دمتريءَ سان سندس محبت نه هئي، هاڻي
پندرنهن ۽ ويهه سال لڳي ويندا ۽ ايترو ئي وقت کيس
هن کي سمجهڻ ۾ لڳي ويندو ته جنهن کي هوءَ عذاب
ڏيئي رَهي هئي، اُن ساڻس محبت ٿي ڪئي. اڄ کيس جو
سبق مليو آهي، شايد اُن مان به هيءَ ڳالهه سمجهي
نه سگهي. پر هر صورت ۾ مان اُن کي هاڻي ترڪ ٿو
ڪريان. پر هيءَ ڳالهه ته ٻڌاءِ ته هاڻي هوءَ ڪيئن
آهي؟ منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ٿيو؟
اليوشا کيس چيو ته ”تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مٿس
اعصابي حملو ٿيو آهي ۽ هوءَ دَبـُـري رَهي آهي.“
”اِيئن ته نه آهي ته بيگم هائلڪوف ڪوڙ ٿي
ڳالهائي.“
”مان نه ٿو سمجهان.“
”مان اُن جي جاچ ڪندس. ڪو به ماڻهو، اعصابي حملي
۾ ڪو نه مرندو آهي. هيءَ ڪا خطرناڪ بيماري نه آهي.
خدا عورت ذات کي اعصابي بيماري، سندس نجات لاءِ
ڏيندو آهي. مان وٽس ڪنهن به حالت ۾ نه ويندس. مان
ڇاجي لاءِ، هن ۾ وڌيڪ دخل ڏيان؟“
”پر تو ته هن کي چيو هو ته هوءَ تنهنجي ڪا به
پرواهه نه ٿي ڪري.“
”مان اِهو ڪنهن مطلب لاءِ چيو هو. اليوشا مان
ٿورو شئمپين گهرايان، اَچ ته منهنجي آزاديءَ جي
خوشيءَ ۾ اُن کي گڏجي پيئون. ڪاش توکي خبر پوي ته
مان ڪيترو نه خوش آهيان!“
پر اليوشا کيس چيو ته ”نه ڀاءُ، چڱو آهي ته نه
پيئون. ڇاڪاڻ ته مان پاڻ کي ڪجهه ڏکويل ٿو محسوس
ڪريان.“
”هائو، مان توکي گهڻي وقت کان ڏکويل ٿو ڏسان.“
”تڏهن تو فيصلو ڪيو آهي ته هتان سڀاڻي صبح جو
هليو ويندين؟“
”صبح؟ مان اِيئن ڪو نه چيو آهي ته صبح سان هليو
ويندس.... پر اِهو صبح ئي هوندو. توکي هن ڳالهه تي
اعتبار ايندو ته مان هتي اڄ اِنهيءَ لاءِ کاڌو
آهي، ته جيئن اُن پوڙهي سان گڏ کائڻو نه پوي. مان
هن کي ايتري نفرت سان ڏسان ٿو. جيتري قدر هن سان
تعلق آهي، مان کيس گهڻو اڳي ڇڏي وڃان ها. پر تون
منهنجي وڃڻ لاءِ ايترو ڇو منتظر آهين. اسان وٽ
منهنجي وڃڻ کان اڳ ۾ گهڻو ئي وقت موجود آهي ۽
لامحدود!“
”جيڪڏهن تون سڀاڻي وڃي رهيو آهيان، ته اُن کي
لامحدود ڇو ٿو چوين؟“
”پر اِنهيءَ ۾ اسان کي نقصان ڪهڙو آهي؟ ” ايون
کليو. “ جنهن ڳالهه جي لاءِ اسان هت گڏيا آهيون،
اُن جي ڳالهائڻ لاءِ ته گهڻو ئي وقت موجود آهي.
تون عجب ڇو ٿو کائين، جواب ڏي ته اَسان هت ڇو گڏيا
آهيون؟ ڪيٽرينا ايونونا ۽ منهنجي محبت جي ڳالهه
ڪرڻ لاءِ. پوڙهي ۽ دمتري جي ڳالهين سوچڻ لاءِ؟
منهنجي ڏورانهين سفر لاءِ؟ رشيا جي بدنصيب مقام
لاءِ يا شهنشاهه نيپولين لاءِ آخر ڪهڙي ڳالهه لاءِ
گڏ ٿيا آهيون؟“
”نه، انهن ڳالهين لاءِ نه.“
”تڏهن ته اِها توکي ئي خبر هئڻ کپي، ٻين کي ڪهڙي
سـُـڌ. پر اسان کي پنهنجي نوجوانيءَ ۾ پهريائين
پنهنجي دوامي مسئلن کي ٺاهڻ گهرجي. اِنهيءَ لاءِ
اَسان گڏيا آهيون.“
نوجوان رشيا ڪجهه نه ٿي ڳالهائي پر هاڻي اسان جو
دَوامي سوال ڳالهائي رهيو آهي. جهڙيءَ ريت پوڙها،
اِنهن مسئلن کي عملي جامو پهرائيندا آهن. تون مون
کي ڪهڙيءَ اُميد سان ساندهه ٽي مهينا ڏسندو رهيو
آهين؟ اِنهيءَ سوال لاءِ ته تو وٽ منهنجي لاءِ ڪو
اعتبار آهي يا ڪو اعتبار ئي نه آهي؟ اِها ئي ڳالهه
آهي، جنهن لاءِ تنهنجون اکيون ٽي مهينا مون کي
ڏسنديون رهيون آهن. اِيئن آهي نه؟
اليوشا مشڪي چيو، ”شايد اِئين هجي، ايون تون هاڻي
مون تي ته نه ٿو کلين؟“
”مان کلان ٿو. پر مان پنهنجي اُن ننڍڙي ڀاءُ جي
دل ڏکوئڻ نه ٿو گهران، جو ٽن مهينن کان ڪنهن اُميد
سان مون کي نهاري رهيو آهي. اليوشا، مون ڏي نهار!
مان به اِيئن ننڍڙو ڇوڪرو آهيان، جيئن تون. پر مان
نو آموز راهب نه آهيان. ڏسڻو اِهو آهي ته روسي
ڇوڪرا، منهنجو مطلب آهي، اُنهن مان ڪي هاڻي ڇا ڪري
رهيا آهن؟ مثال لاءِ، هن ڪـِـني شرابخاني ۾ هـُـو
ڪنهن ڪنڊ ۾ اَچي ويهن ٿا. هـُـو پنهنجي حياتيءَ ۾
هڪ ٻئي سان ڪڏهن به نه مليا هوندا ۽ جڏهن هـُـو
شراب خاني کان ٻاهر نڪرندا ته وري چاليهن سالن ۾
به هڪ ٻي سان نه ملندا. هن شرابخاني ۾ جو هي اَچي
ترسندا آهن ته اِنهيءَ گهڙيءَ ۾ هـُـو ڪهڙو گفتگو
ڪندا آهن؟ هـُـو دوامي سوالن ڏي ڊوڙي پوندا آهن.
هـُـو خدا جي لازوال هستيءَ بابت سوال ڪندا آهن.
اُهي جي خدا ۾ ويساهه نه رکندا آهن، اُهي سوشلزم ۽
انارڪزم ۽ سڄي انسانيت کي اصلاح جي نون اُصولن تي
آڻڻ لاءِ بحث ڪندا آهن. اِها حالت سڀ هنڌ موجود
آهي ۽ اِهي ئي سوال اُنهن کان نڪرندا رهن ٿا. پر
عوام يعني روس جي اصلي رهاڪن جا ٻار ٻيو ڪجهه به
نه ٿا سوچين پر اِنهن جاوداني مسئلن تي ڳالهائيندا
رَهن ٿا. ڇا اِيئن نه آهي؟“
”هائو، اَصل روسين لاءِ خدا جي لازوال هستي يا
جيئن تون چوين ٿو اِهڙا ئي سوال، اُنهن جي اندر
پيا ٿا ڦرن. بيشڪ اِهي سوال ابتدائي ۽ ضروري آهن،
اُن ڪري اِهي هئڻ به گهرجن. ” اليوشا ڳالهائيندي،
پنهنجي ڀاءُ کي ساڳي پيار ڀري نگاهن سان مشڪندي
ڏٺو. سندس نظر مان ڪي سوال ٿي ڏٺا.
”هائو اليوشا، ڪنهن وقت روسي ٿيڻ به وڏي ناداني
آهي، پر اُن کان وڌيڪ بيوقوفي وارو اُهو طريقو
آهي، جنهن سان روسي ٻار پنهنجو وقت وڃائيندا رهن
ٿا. هن تي ماڻهو مشڪل سان غور ڪري سگهن ٿا. پر
هڪڙو روسي ٻار اليوشا نالي آهي، جنهن کي مان بيحد
پيار ڪريان ٿو.“
”ڪهڙو نه عمدي طرح سان تو، هن کي نڀايو آهي. ”
اليوشا کلي چيو.
”ٺيڪ آهي، هاڻي مون کي ٻڌاءِ، ته مان پنهنجي
گفتگو کي ڪٿان شروع ڪريان. تون حڪم ڪر. خدا جي
موجودگي يا ٻيو ڪجهه؟“
”جتان به وڻئي اُتان شروع ڪر. تو ڪالهه پيءُ وٽ
اظهار ڪيو هو ته خدا جو ڪو وجود ئي نه آهي. ”
اليوشا ڀاءُ کي تجسس جي نگاهن سان ڏٺو.
مان ڪالهه رات جي ماني تي، توکي چيڙائڻ لاءِ اِيئن
چيو هو ۽ مان ڏٺو ته تنهنجون اکيون چمڪي رهيون
هيون، پر هاڻي مون کي توسان بحث ڪرڻ لاءِ ڪو به
اعتراض نه آهي. مان هاڻي ضروري ڳالهائيندس. اليوشا
مان تنهنجو دوست ٿيڻ گهران ٿو، ڇاڪاڻ ته مون کي ڪو
به دوست نه آهي، اُن ڪري توکي آزمائڻ جي ڪوشش
ڪريان ٿو. تون هن تي عجب نه کاءُ، مان خدا کي مڃان
ٿو. ” اِيئن چوندي ايون کليو. ”توکي هن تي عجب
لڳندو.“
”ٺيڪ آهي، جيڪڏهن تون مذاق نه ڪندو هجين.“
”مذاق؟“ ڪالهه مون کي مربي وٽ چيو ويو هو، جنهن
کي تون ڄاڻين به ٿو ته مان مذاق ڪري رهيو هوس.
پيارا ٻار توکي خبر آهي ته ارڙهين صديءَ ۾ هڪ
پوڙهو گنهگار ٿي رَهيو، جنهن اظهار ڪيو هو ته
جيڪڏهن خدا نه آهي ته اُن کي ڳوليو ويندو. انسان
سچ پچ خدا کي ڳولي لڌو آهي. وڌيڪ تعجب جهڙي ڳالهه
ڪهڙي آهي ته خدا واجب الوجود نه آهي، پر اُن کان
وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي، اِهو تصور، يعني
خدا جي هستيءَ جو تصور، انسان جهڙي وحشي ۽ زيانڪار
جانور جي دل ۾ ضرور هئڻ گهرجي. اِهو تصور ايڏو ته
پاڪيزه، ايڏو ته اَثر وارو ۽ دانشمنديءَ وارو آهي،
جنهن مان انسان کي عظيم فائدا حاصل ٿيندا رَهيا
آهن. مان پاڻ اِنهيءَ لاءِ ڪڏهن به خيال نه ڪيو
آهي ته انسان خدا کي پيدا ڪيو يا خدا انسان کي.
مان اُنهن سڀني دليلن کي بيان نه ڪندس، جن کي روسي
ڇوڪرا بيان ڪندا رهن ٿا، جي يورپي تخيل جي پيداوار
آهن. جا هـُـو فرضي ڳالهه ڪن ٿا. اُها روسي ٻارن
لاءِ ثبوت بڻجي وڃي ٿي. فقط ڇوڪرن لاءِ پر سندن
اُستادن لاءِ به. آخر هـُـو به ته ساڳيا ئي ڇوڪرا
آهن. اُن ڪري مان اِهي فرضي ڳالهيون ترڪ ٿو ڪريان.
هاڻي اسان جو نقطي نظر ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ مان چاهيان
ٿو ته پنهنجي طبعيت جي لوازمات جي مدنظر، جيتري
قدر جلد ٿي سگهندو، مان هن حقيقت جي تشريح ڪرڻ
گهران ٿو. جنهن مان توکي خبر پوندي ته مان ڪهڙي
قسم جو ماڻهو آهيان، ڪهڙي اعتقاد رکان ٿو ۽ مون وٽ
ڪهڙيون صلاحيتون آهن. ان ڪري مان توکي سادگيءَ سان
ٻڌايان ٿو، ته مان خدا جي هستيءَ کي مڃان ٿو. پر
توکي ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن، سچ پچ، هـُـن جهان
پيدا ڪيو آهي ته جيتري قدر اَسان کي خبر آهي ته هن
جهان کي اقليدس جي جاميٽري جي اُصولن تي پيدا ڪيو
آهي. يعني فضا جي ٽن اُصولن موجب، ڊيگهه، ويڪر ۽
چوڙائيءَ موجب. پر اِهڙن فيلسوفن ۽ جاميٽري ڄاڻڻ
وارن جو وجود اڳ به هو ۽ هاڻي به آهي، جن کي شڪ هو
۽ آهي ته هيءُ جهان ڪو اقليدس جي جاميٽريءَ جي
اُصولن مطابق ٺاهيو ويو آهي. ڪي وري هيءُ خواب ٿا
لهن، ته ٻه پور وڇوٽ ليڪون آهن، جي اقليدس جي
اُصول موجب هڪ ٻي سان زمين تي ملي نه ٿيون سگهن پر
اُهي، ڪٿي بي پايان فضا ۾، جنهن جي ڪا انتها نه
آهي، اُن ۾ وڃي ملن. مان هن نتيجي تي پهتو آهيان
ته جيئن مان هن پوئين ڳالهه کي به سمجهڻ ۾ قاصر
آهيان، ڪهڙي ريت خدا جي هستيءَ کي سمجهي سگهندس.
مان اِها قبوليت ٿو ڏيان، ته مون وٽ ايتري سمجهه
ئي ڪانه آهي، جو اِهڙن سوالن جو فيصلو ڪري سگهان.
مون وٽ زمين واري اقليدس جي دل آهي، اُن ڪري مان
ڪهڙي ريت اُنهن مسئلن کي حل ڪري سگهان ٿو، جي هن
دنيا جا ئي نه آهن؟ اُن ڪري منهنجا پيارا اليوشا،
مان توکي صلاح ٿو ڏيان ته اِهڙين ڳالهين بابت
سوچيندو ئي نه ڪر، خاص طرح خدا جي بابت ته هـُـو
موجود آهي يا نه؟ هي سڀئي سوال جي اقليدس جي ٽن
فضائي حقيقتن (ڊگهائي، ويڪرائي ۽ اونهائي) تي رکيا
ويا آهن، اِيئن نه آهي. اِهڙي طرح جيئن ته اسان
خدا جي وجود ڏي لاڙو رکون ٿا، جنهن جي بابت اسان
جو عقل ۽ ذهن ڪا به خبر نه ٿو ڏئي، اُن تي ايمان
آڻيون ٿا ۽ اِها منهنجي لاءِ خوشي آهي. مان وڌيڪ
سندس دانائي ۽ سندس مقصد تي به ايمان آڻيان ٿو. جي
اسان جي عقل جي پهچ کان گهڻو مٿي آهن. مان سندس
زندگيءَ جي مقصد تي به ايمان رکان ٿو. مان اُن غير
فاني ڪتاب تي به اعتقاد رکان ٿو، جنهن ۾ چيو ويو
آهي ته هڪ ڏينهن اسان جو فيصلو ٿيندو. مان هن جهان
۾ اعتقاد رکان ٿو، جنهن ۾ هيءَ ڪائنات روان دوان
آهي ۽ جا خدا سان گڏ آهي، ۽ پاڻ خدا آهي، وغيره
وغيره. اُن بابت گهڻائي اصطلاح ٿي سگهن ٿا. مان
صراط المستقيم تي نظر اَچان ٿو، اِيئن آهي نه؟ پر
اُن هوندي به جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين ته آخري
نتيجي موجب، مان خدا جي هن جهان کي قبول ڪرڻ لاءِ
تيار نه آهيان. جيتوڻيڪ مون کي خبر آهي ته هيءُ
موجود آهي، پر مان اُن کي قبول نه ٿو ڪريان. هن جو
مطلب اِهو نه آهي ته مان خدا کي نه ٿو مڃان. تون
هن کي چڱيءَ ريت سمجهه. هيءَ دنيا جا هـُـن پيدا
ڪئي آهي، اُن کي مان قبول نه ٿو ڪريان. مان اُن جي
وضاحت ٿو ڪريان. منهنجو اعتقاد اُن ٻار وانگر آهي
ته مصائب ۽ تڪليفن جي پڄاڻي ٿيندي ۽ سڀئي انساني
زخم ميٽجي ويندا. هي انساني فضول خيال ۽ اختلاف جي
رُڃ وانگر معلوم ٿين ٿا، هڪ دوکي کاڌل دردمند
نگاهه کان غائب ٿي ويندا. انساني عقل جي هيءَ تار
۽ پور يعني اقليدسي عقل، جنهن کي ذري جيتري به
اهميت نه آهي، نيست ۽ نابود ٿي ويندو.
اُن وقت اُن غير فاني ڪتاب جون بي بها شيون ظهور ۾
اينديون، جي هر ڪنهن جي دل لاءِ ڪفايت ڪنديون،
آزردگي، آسودگي بڻجي ويندي. انسانيت جي سڀني گناهن
لاءِ، ڪفارت ٿيندي، جو رت هاريو ويو آهي، اُن جو
ڪفارو ڏنو ويندو. نه فقط عفو ۽ بخشش وجود ۾ ايندو
پر انسان سان جو ڪجهه ٿي گذريو آهي، اُن کي صحيح
يا حق بجانب ثابت ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ هي سڀ شيون
ظهور ۾ اينديون، پر اُن هوندي به مان هنن کي قبول
ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. جيتوڻيڪ پور وڇوٽ ليڪون
پاڻ ۾ گڏجن به ۽ مان اُنهن کي ڏسان به ته هـُـو
پاڻ ۾ مليون آهن، پر تڏهن به اُنهن کي مان قبول نه
ڪندس. مان اُنهن کي ملندو ڏسي، فقط ايترو چوندس ته
هـُـو پاڻ ۾ مليون آهن. اليوشا اِهي ئي شيون مون
وٽ بنيادي آهن ۽ اهي ئي شيون منهنجا عقاعد آهن.
مان جو ڪجهه چوان ٿو، اُن جي ذوق ۾ محو آهيان. مان
پنهنجي گفتگوءَ جي ابتدا بيوقوفيءَ سان ڪئي آهي پر
اُن کي پنهنجي اعتراف تائين پهچايو اَٿم. اِهي ئي
شيون هيون، جن جي توکي گهرج هئي. تو خدا جي بابت
ته ڪجهه به ٻڌڻ نه ٿي گهريو پر اِهو ڄاڻڻ ٿي گهريو
ته تنهنجو ڀاءُ ڪهڙي زندگي کي پيار ٿو ڪري. اِهو
مان توکي ٻڌايو آهي.“
ايون پنهنجي گفتگوءَ کي وڏي ذوق ۽ شوق ۽ عجيب
جذبات سان پورو ڪيو.
اليوشا کيس خواب وانگر ڏسندي چيو ته، ”اوهان
پنهنجي گفتگوءَ کي ڇالاءِ بيوقوفيءَ سان شروع
ڪيو.“
”اِهڙيءَ ريت شروع ڪرڻ کان منهنجو مطلب هو ته مان
روسي آهيان. اِهڙن مضمونن تي روسي گفتگو هميشھ
اِهڙيءَ ريت بيوقوفيءَ جي انداز ۾ شروع ٿيندي آهي.
ٻيو سبب هيءُ هو، ته بيوقوف هميشه صداقت جي قريب
هوندو آهي. بيوقوف جي مدعا هميشه صاف هوندي آهي.
بيوقوفي مختصر ۽ فريب کان سواءِ هوندي آهي. عقل
هميشه نٽائيندو رهندو آهي ۽ پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش
ڪندو آهي. عقل سست بنياد ۽ اَفسون گر آهي، پر
حماقت سچائي واري ۽ ڪنهن کان ڊڄڻ واري شيءِ نه
آهي.
مان هن گفتگوءَ کي پنهنجي نااُميديءَ سان پيش ڪيو
آهي. جيتري قدر ٿي سگهيو آهي، مان پنهنجي
بيوقوفيءَ کي پيش ڪيو آهي، جنهن کي مان پنهنجي
بهتري سمجهان ٿو.“
”تون هيءُ مفصل طرح بيان ڪري سگهندين، ته ڇو تون
دنيا کي قبول نه ٿو ڪرين؟ ” اليوشا کيس چيو.
”مان تفصيل سان ٻڌائي سگهندس. هيءَ ڪا ڳجهارت ته
ڪانه آهي. منهنجا پيارا ننڍڙا ڀاءُ، مان نه ٿو
چاهيان، ته توکي منحرف ڪريان ۽ تنهنجي ايمان کي
سست ڪريان. منهنجي خواهش آهي ته تنهنجي رهنمائي
هيٺ، مان شـِـفا حاصل ڪريان. ايون اوچتو هڪ پياري
۽ معصوم ٻار وانگر کـِـلي ويٺو. اليوشا اِهڙي
مـُـرڪ سندس منهن تي اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.“
dc |