سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو چوٿون

صفحو :14

 

باب پنجون

نشستـگاهه ۾ دل آزاري

نشستگاهه ۾ گفتگو اڳ ۾ ئي پورو ٿي چـُـڪو هو. جيتوڻيڪ ڪيٽرينا ايونونا مستقل مزاج ٿي نظر آئي پر نهايت جوش ۾ هئي. اُن وقت اليوشا ۽ بيگم هائلڪوف اندر گهڙيا. ايون فيودورووچ رخصت وٺڻ لاءِ، اُٿي بيٺو. سندس چهرو زرد ٿي ويو هو. اليوشا هن ڏي انتطار مان ڏٺو. هيءَ اصل گهڙي هئي، جڏهن ڪنهن شڪ کي حل ڪرڻو هو، جو هڪ ڊيڄاريندڙ ڳجهارت وانگر ۽ جنهن ڪجهه وقت لاءِ اليوشا کي خيالن جي گهاڻي ۾ وجهي ڇڏيو هو. هلندڙ مهيني ۾ ڪيترائي ڀيرا، کيس آگاهه ڪيو ويو هو ته ايون، ڪيٽرينا ايونونا کي محبت ڪري رهيو آه ي، جنهن جو مطلب صاف هو ته هـُـو اُن کي دمتري کان کسي وٺي. هيءُ فعل اليوشا جي لاءِ بلڪل حيوان ٿي نظر آيو، جنهن کيس بيحد پريشان ڪري ڇڏيو هو. هـُـو ٻنهي ڀائرن کي پيار ڪندو هو ۽ کيس هيءَ رقابت نهايت خطرناڪ ٿي لڳي. هن وچ ۾ اڳئين ڏينهن تي، دمتري صاف چئي ڏنو هو، ته هـُـو خوش آهي، جو ايون سندس رقيب آهي. ڇاڪاڻ ته هـُـو سندس مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رَهيو آهي. آخر هـُـو سندس ڪهڙي مدد ڪري رهيو آهي؟  اِهائي ته هـُـو گروشينڪا سان شادي ڪري سگهي، پر اليوشا هن کي خراب ۾ خراب ڪم ٿي سمجهيو. هنن جي ڳالهين جي هوندي به اليوشا، اڳئين شام تي سمجهي ورتو هو، ته ڪيٽرينا ايونونا کي، دمتريءَ سان بي پناهه محبت آهي. پر هاڻي سندس هيءُ خيال، گذريل شام تائين محدود ٿي ويو هو. هـُـن هي پڻ عجب ٿي کاڌو، ته هـُـوءَ ايون جهڙي ماڻهو سان محبت ڪرڻ جي لائق نه آهي، اُنڪري کيس دمتريءَ سان ئي محبت ڪرڻ گهرجي، جو بي تعلقيءَ جي باوجود به سندس پيار جي لائق آهي.

پر ڪالهوڪي گروشينڪا جي نظاري کان پوءِ، کيس ٻيو خيال به ستائي رهيو هو. بيگم هائلڪوف جي ڪم آندل لفظ ’دل آزاري‘ کانئس ڇرڪ ڪڍي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته ڏينهن جي اَڌ سجاڳيءَ واري حالت کان پوءِ، هن رات جو ’دل آزاري‘، ۽ ’دل آزاري‘ ٿي اُچاريو. ڄڻ ته هـُـو ڪو خواب ڏسي رهيو هو. هـُـو ڪيٽرينا ايونونا وٽ، اڳئين ڏينهن جي هئڻ جو خواب سڄي رات ڏسندو رَهيو. هاڻي بيگم هائلڪوف، بنا ڪنهن احساس جي ثابت قدميءَ سان مٿس اثر وڌو هو، ته ڪيٽرينا ايونونا، ايون سان محبت ڪري رَهي  آهي ۽ هـُـو دل آزاري جي ڪري، ظاهر داري جي نموني سان پاڻ کي ٺڳي رَهي آهي. دمتريءَ سان پنهنجي شڪر گذاري ڏيکاريندي، دوکي بازي ۽ ڪوڙي محبت جو اظهار ڪري، پاڻ کي عذاب ۾ وجهي رهي آهي.  ”هائو“ ، هن خيال ڪيو،  ”سڄي صداقت، اِنهن لفظن ۾ رکيل آهي.“  پر اِنهن حالتن هيٺ ايون جو ڪهڙو مقام ٿي سگهي ٿو، اليوشا هڪدم سمجهي ورتو، ته ڪيٽرينا ايونونا جي شخصيت اِهڙي طاقت واري آهي، جو قابض ٿي وڃي. مگر هـُـو دمتري جهڙي ماڻهو تي قابض ٿي سگهي ٿي، پر ايون جهڙي ماڻهو تي نه. ٿي سگهي ٿو، ته دمتري پنهنجي راحت خاطر، سندس قبضي کي تسليم ڪري. (هيءَ ئي ڳالهه هئي، جنهن کي اليوشا چاهيو ٿي.) پر ايون - نه ايون، ڪڏهن به سندس تابعداري کي قبول نه ڪندو. جيڪڏهن، هـُـن تابعداري قبول به ڪئي تڏهن به هـُـو خوش رهي نه سگهندي. اليوشا، ايون جي باري، ڪڏهن به اِهي ڳالهيون اعتبار ۾ آڻي نه ٿي سگهيو. هـُـو جنهن وقت نشستگاهه ۾ گهڙيو ته اِهي سڀئي شڪ ۽ شبها سندس دل ۾ چڀڪي رهيا هئا. هڪ ٻي خيال به کيس منجهائي وڌو هو ته،  ”جيڪڏهن هـُـو دمتري ۽ ايون، ٻنهي مان، ڪنهن کي پيار نه ٿي ڪري، ته اُن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟“

هيءُ ياد رکڻ گهرجي، ته اليوشا، هنن خيالن جي ڪري، پنهنجي ذهن ۾، شرمندگيءَ جو احساس ئي محسوس ڪيو. هن پاڻ کي ملامت ٿي ڪئي ۽ چيو ٿي، ته  ”عشق ۽ زال جي بابت مون کي ڪهڙي خبر؟ ڪهڙي سبب کان مون کي هيءُ حق ٿو پهچي ته مان انهن مسئلن بابت پنهنجو فيصلو ڏيان.“  اُن هوندي به پنهنجي خوداري جي ڪري، هـُـن، اِنهن مسئلن سان جيتري قدر نڀائڻ ٿي گهريو، اوتري قدر اُن کي حل نه ٿي ڪري سگهيو. اُن هوندي به هي ناممڪن هو، جو هـُـو اُن بابت خيال نه ڪري. کيس جلد احساس ٿيو، ته سندس ڀائرن جي وچ ۾ هيءَ رقابت وڏي اهميت ٿي رکي، ۽ سندس حياتيءَ جي لاءِ وڏي جوکي واري شيءِ آهي.

ڪالهه ايون به ته، پيءُ ۽ دمتريءَ جي معاملي متعلق ڪاوڙ ۾ چيو ٿي، ته  ”آخر هڪ نانگ، ٻي نانگ کي ڳهي ويندو.“  ظاهر هو، ته ايون دمتريءَ کي به نانگ ٿي سمجهيو ۽ گهڻي وقت کان وٺي، سندس هيءُ خيال هو. يا اِيئن به ٿي سگهيو پئي، ته جنهن وقت کان هن ڪيٽرينا ايونونا کي ڏٺو هو، اُن وقت کان هـُـن، هيءُ پنهنجو خيال قائم ڪيو هجي. اِهو جملو بي احتياطيءَ مان، ڪالهه ايون جي منهن مان نڪري، ته ويو هو پر هاڻي ڏاڍو فڪر وارو بڻجي پيو هو. جيڪڏهن سچ پچ اُن جو اهو خيال آهي، ته پوءِ صلح جو ڪو طريقو ئي ڪونه رهيو. پر اُن جي اُبتڙ سندس خاندان ۾ هاڻي ته فقط نفرت ۽ دشمنيءَ جا اسباب ٿي ڏٺا. هاڻي اليوشا لاءِ مشڪل هو، ته هـُـو ڪنهن سان همدردي ڪري. هـُـو شيءِ ئي ڪهڙي  هئي، جو اُنهن مان ڪنهن هڪ جي لاءِ پنهنجي رضامنديءَ جو اظهار ڪري. هـُـن ٻنهي کي پيار ڪيو ٿي پر هـُـو، هرهڪ جي هيڏي ساري متضاد دلچسپيءَ جي وچ ۾ڪهڙي اُميد رکي ٿي سگهيو. ٿي سگهيو پئي ته هـُـو هن پيچ درپيچ ڳالهين ۾ پنهنجي راهه وڃائي ويهي. اليوشا جي دل ڪڏهن به بي اعتبار کي سـَـهي نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته سندس شخصيت جي محبت وڏي ۾ وڏي جز هئي. هـُـو ڪنهن بي حرڪت محبت جي لائق نه هو. جيڪڏهن هـُـو ڪنهن کي پيار ڪندو هو، ته هڪدم اُن جي مدد لاءِ تحرڪ ۾ اچي ويندو هو، پر ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾، اِهو هن لاءِ ضروري هو، ته هـُـو سمجهي، ته هـُـو ڪهڙي شيءِ کي نشان ڪرڻ ٿو گهري؟ اِهو هن لاءِ ڄاڻڻ لازمي هو، ته هرهڪ لاءِ، ڇا فائدي وارو ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن هـُـن ڄاڻي ورتو هو ته هن لاءِ فطري هو، ته هـُـو ٻنهي جي مدد ڪري، پر هڪ واضح نشان جي هوندي به، کيس ڪجهه به حاصل نه هو، اٽلو چوڌاري بي اعتباري ۽ پريشاني هئي، جيئن مٿي چيو ويو آهي ته هيءَ دل آزاري هئي. پر آخر هن دل آزاريءَ جي هوندي، به اُن جو مقصد ڇا هو؟ درحقيقت، هـُـو هن ڳالهه جي پيچ درپيچ پريشاني کي سمجهي ئي نه ٿي سگهيو.

ڪيٽرينا ايونونا، اليوشا کي ڏسي، خوشيءَ ۾ ايون کي چيو ته، ”هڪ منٽ! هڪ منٽ وڌيڪ ترسو! مان هن ماڻهوءَ جي راءِ کي ٻڌڻ گهران ٿي، جنهن تي مون کي ڪامل يقين آهي!“  بيگم هائلڪوف ڏي نهاري چيائين ته،  ”اوهان به نه وڃجو.“  هن اليوشا کي پاڻ سان گڏ ويهاريو ۽ بيگم هائلڪوف، ايون جي سامهون ويٺي.

 ”جيڪي مان دنيا ۾ دوست رکان ٿي، سي سڀ اوهان هتي موجود آهيو، منهنجا پيارا دوستو!“  ڪيٽرينا ايونونا، محبت مان اِهڙي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ڄڻ ته هوءَ پنهنجي مصيبت تي ڳوڙها ڳاڙي رَهي آهي. اليوشا جي دل ۾ هن لاءِ فوري محبت پيدا ٿي وئي.  ”اليڪسي فيودورووچ، ڪالهوڪي بدنام واقعي جو شاهد آهي. ايون تو هـُـن کي نه ڏٺو هو، پر هن پنهنجي اکين سان ڏٺو. تو اِهو به ڏٺو ته مان ڇا ڪيو هو؟ ڪالهه هـُـن پنهنجي لاءِ، ڪهڙو خيال ڪيو هوندو، مان نه ٿي ڄاڻان. مان فقط هڪڙي  ڳالهه ڄاڻان ٿي، اُها هيءَ آهي، ته جيڪڏهن اڄ به اِهڙو معاملو ٿي پوي، يعني هن گهڙيءَ ته مان پنهنجي جذبات جو اِهڙوئي اظهار ڪنديس، جهڙو ڪالهه ڪيو هيم. ساڳيائي جذبا، ساڳيائي لفظ ۽ ساڳيو ئي عمل. اليوشا، اوهان منهنجي حرڪتن کي ياد ڪريو ..... تو ته مون کي روڪيو به هو. (اِيئن چوندي، هن جومنهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اکيون چمڪڻ لڳيون.) مان توکي ٻڌايان ٿي، ته مون کان صبر ڇڏائي ويو هو. اليڪسي فيودورووچ ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ، مان اِهو به نه ٿي سمجهي سگهان ته مان ڪو کيس، اَڃا به پيار ٿي ڪريان. مون کي مٿس رحم ٿو اَچي ۽ هيءُ محبت جو نهايت مقيم درجو آهي. جيڪڏهن مان ساڻس محبت ڪندي هجان ها ۽ اَڃا محبت ڪريان ها، ته هاڻي اُن لاءِ ڪوبه ڏک نه ڪريان ها.“

سندس آواز ڏڪي رهيو هو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها چمڪي رهيا هئا. اليوشا اندر ئي اندر ڏڪي ويو هو.  ”ڇوڪري صداقت واري ۽ وفادار ٿي نظر اَچي.“  هن خيال ڪيو.  ”هوءَ دمتريءَ کي هاڻي وڌيڪ محبت نه ڪندي!“

 ”اِهو سچ آهي، سچ آهي،“  بيگم هائلڪوف چيو.

 ”ترس پيارا! مان توکي، اُهو مکيه ۽ آخري فيصلو ٻڌايو آهي، جو رات جي وچ واري وقفي ۾ ڪيو اٿم. مان اِيئن سمجهان ٿي، ته منهنجو فيصلو شايد خطرناڪ هجي - منهنجي لاءِ، پر مان اڳ ۾ ئي ڏسي ڇڏيو آهي ته ڪابه لالـچ اُن کي ڦيرائي نه ٿي سگهي. - ڪابه نه. مان سڄي حياتي اُن تي قائم رهنديس. منهنجي پياري، مهربان، هميشھ وفادار، نيڪ صلاحڪار، جيڪو منهنجو دنيا ۾ اَڪيلو دوست آهي، ايون فيودورووچ گهڻي غور کان پوءِ، منهنجي فيصلي کي قبول ڪيو آهي ۽ ساراهيو آهي. هـُـو ڄاڻي ٿو.“

 ”هائو، مان اُن جي پٺڀرائي ٿو ڪريان!“  ايون آهستي پر يقين ڀري آواز سان قبوليت ڏني.

 ”پر، مون کي اليوشا کي به پيار ڪرڻ گهرجي. (اليڪسي فيودورووچ مون کي معاف ڪجانءِ جو مان توکي فقط اليوشا سڏيو آهي) مان اليڪسي فيودورووچ کي به پسند ڪريان ٿي، ته هـُـو منهنجي ٻن دوستن جي سامهون، جا سندس راءِ هجي، اُن کي ٻـُـڌائي ته مان صحيح آهيان يا نه؟ اليوشا منهنجا پيارا ڀاءُ (ڇاڪاڻ ته تون منهنجو پيارو ڀاءُ آهين)“  هن وري به چيو ۽ سندس ٿڌن هٿن کي پنهنجي گرم هٿن ۾ ورتائين.  ”مان سمجهان ٿي، ته تنهنجو فيصلو ۽ تنهنجي قبوليت مون ۾ سڪون آڻي ڇڏيندي ۽ منهنجي مصيبتن ۾ گهٽتائي اَچي ويندي. ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي راءِ کي قبول ڪندس ۽ خاموش ٿي وينديس - مون کي اُن جو احساس  آهي.“

اليوشا جو چهرو، هيءُ ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ کيس چيائين ته  ”مون کي ڪابه خبر نه آهي ته تون، مون کان ڇا پڇڻ گهرين ٿي؟ مان فقط اِهو ڄاڻان ٿو ته، مان توکي پيار ڪريان ٿو. هن گهڙيءَ به مان تنهنجي خوشيءَ جي خواهش رکان ٿو ۽ پنهنجي خوشيءَ کان به وڌيڪ! پر مون کي اِنهن ڳالهين جي ڪابه خبر نه آهي. هن جلديءَ ۾  پنهنجي خواهش کي پورو ڪري ڇڏيو.“

 ”اِنهن معاملن ۾، اليڪسي فيودورووچ، اِنهن معاملن ۾ مکيه آهي، عزت  فرض. اَڃا به ڪاشيءِ، هنن کان مٿي آهي، جنهن کي مان نه ٿي ڄاڻان، پر فرض کان به مٿانهين آهي. مان دل ۾ اِنهيءَ زبردست جذبي کان پوريءَ ريت آگاهه آهيان ۽ اِهو مون کي بي پناهه قوت سان مجبور ڪري ٿو، پر سڄي ڳالهه کي فقط ٻن لفظن ۾ هيئن وجهي سگهجي ٿو، ته مان اڳ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ته جيڪڏهن هـُـو هن سان شادي ڪري ٿو، (هـُـو ڳنڀير ٿي وڃي ٿو) جنهن کي مان ڪڏهن به معاف ڪري نه ٿي سگهان، اُن هوندي به مان اُن کي ڇڏي نه ڏينديس. ها، ها مان اُن کي ڇڏي نه ڏينديس!“  هـُـن دانهن ڪري چيو ۽ جذبات جي شدت کان ڦڪي  ٿي وئي.  ”مان هن جي پويان مسلسل ڪونه ڊوڙنديس، نه وري هن جي رستي ۾ اٽڪاءُ ٿينديس ۽ نه کيس ڪا تڪليف ڏينديس. نه نه مان ڪنهن ٻئي شهر ڏي هلي وينديس - جنهن کي تون پسند ڪرين - پر مان سڄي حياتي، سندس نگهباني ڪنديس - هميشھ سندس نگهباني ڪندي رهنديس. جڏهن هـُـو، اُن عورت کان تنگ ايندو ۽ اِيئن جلدي ٿيندو، تڏهن هـُـو مون ڏانهن موٽي ايندو، تڏهن کيس هڪ دوست ۽ ڀيڻ ملي ويندي .... بيشڪ هڪ ڀيڻ ۽ هميشھ لاءِ، پوءِ کيس خبر پوندي ته هيءَ ڀيڻ - سچ پچ سندس ڀيڻ هئي، جنهن کيس پيار ڪيو ٿي ۽ سڄي حياتي اُن جي مٿان قربان ڪري ڇڏي. اِيئن مان پنهنجي سـَـرسي ڪري وينديس. مان هـُـن تي زور آڻينديس، ته هـُـو مون کي سمجهي ۽ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي مون ۾ اعتماد رکي.“  هي ڳالهيون هوءَ اِهڙيءَ ريت چئي وئي، ڄڻ ته مٿس جنون جو دورو هو.  ”مان هڪ خدا وانگر بڻجي وينديس، جنهن جي هـُـو عبادت ڪندو - جو ڪجهه مان ڪالهه، هن جي ڪري سـَـٺو آهي، اُن مڪاريءَ جو کيس مون وٽ حساب ڏيڻو پوندو. ڀلي ته هـُـو ڏسي ته مان پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ساڻس ڪيتري وفادار رَهي آهيان. اُن جي بيوفا ۽ ٺڳ هئڻ جي باعث به، مان ساڻس پنهنجو واعدو ڪريان ٿي. مان پاڙينديس. مان ڪجهه به نه هونديس پر اُن کي راحت پهچائڻ جو ذريعو، يا اِيئن کڻي چوان، ته سڄي حياتي، مان سڄي حياتي، سندس خوشيءَ جي لاءِ، هڪ اوزار ۽ مشين جي حيثيت ۾ ٿي رهنديس. هو پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ اِيئن ئي ڏسندو! اِهو منهنجو فيصلو آهي، جنهن کي ايون فيودورووچ به قبول ڪيو آهي.“

سندس دم چڙهي ويو هو، ڇاڪاڻ ته هن اِرادو ڪيو هو، ته پنهنجي خيال کي، مرتبي، فن ۽ اصليت جي رنگ ۾ ظاهر ڪري، پر سندس تقرير ۾ تڪڙ ۽ سختي هئي. اُن ۾ جوانيءَ جي جذبن جي شدت هئي ۽ معلوم پئي ٿيو، ته ڪالهوڪي بي عزتيءَ جو اَڃا مٿس اَثر هو ۽ سندس غرور تسلي جو محتاج هو. شايد اُن جو کيس به احساس هو. اوچتو سندس منهن ڪاراٽجي ويو ۽ سندس اکين مان اَڻ وڻندڙ نگاهه نڪرندي نظر آئي. اليوشا هڪدم اُن کي ڏسي ورتو ۽ پنهنجي اندر همدرديءَ جي جذبي کي اُڀرندي ڏٺائين. سندس ڀاءُ ايون، هن خيال جي اظهار کي وڌيڪ بدترين بڻائيندي چيو:

 ”اِها منهنجي پنهنجي راءِ هئي، اِهي ڳالهيون شايد ڪنهن ٻي، جي طرفان بـَـناوٽي ۽ حد کان گهڻو بار سمجهيون وڃن، مگر تو کان نه - ٻي عورت هن خيال جي اظهار ۾ غلط ٿي سگهي ٿي پر تون صحيح آهين. مان هن جي وضاحت ته ڪـَـري نه ٿو سگهان، پر ڏسان ٿو، ته تون مڪمل اَصيل آهين، اُن ڪري تون صحيح آهين.“

بيگم هائلڪوف جي خواهش نه هئي، ته هن گفتگوءَ ۾ هوءَ حصو وٺي پر کيس مجبورََا ڳالهائڻو پيو. چيائين،  ”پر هيءُ سڀ ٿوري وقت لاءِ آهي، ۽ هيءَ گهڙيءَ جو اثر، هميشھ ڪونه بيهي سگهندو. هيءُ ڪجهه به نه آهي پر ڪالهوڪي توهين جو اثر آهي.“

 ”بيشڪ، بيشڪ!“  ايون، خاص شوق مان ۽ پنهنجي گفتگو کي قلع ٿيندو ڏسي، ناخوش ٿيندي چيو،  ”ٻي ڪنهن عورت ۾ ته شايد هيءَ گهڙيءَ جو اَثر، ڪالهوڪي واقعي جي باعث ٿي سگهي ٿو، پر ڪيٽرينا ايونونا جي شخصيت کي ڏسي، اِيئن چئي سگهجي ٿو، ته هيءُ گهڙيءَ جو اَثر وٽس سڄي حياتي قائم رهندو. ٻي عورت جي لاءِ، شايد هي فقط واعدو هجي پر هن جي لاءِ دائمي، ڏکيو وحشتناڪ پر جاوداني رهندو. هيءَ پنهنجي فرائض جي احساس جي بار کي کڻندي ۽ پورو ڪندي ڪيٽرينا ايونونا، اُن ڪري پنهنجي حياتي توکي پنهنجي جذبات تي ڳڻتيون کائيندي، نهايت عذاب سان گذارڻي پوندي، جنهن کي تون پنهنجي بهادري سمجهين يا پنهنجي مصيبت!! پر آخر ۾ اِهي مصيبتون هلڪيون ٿي شيرين ۽ تحسين جهڙيون بڻجي پونديون ۽ فخر ۽ همٿ جون تصويرون ٿي پونديون. بيشڪ هيءَ فخر جي ڳالهه آهي ۽ ڪنهن حد اندر نااُميديءَ جي حالت به، پر تنهنجي لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هيءَ ضمير جي پوئواري آخر تنهنجي لاءِ مڪمل تسليءَ جو سبب بڻجي پوندي ۽ توکي ٻين شين کان تارڪ بڻائي ڇڏيندي.“

هيءُ سڀ ڪجهه بنا ڪنهن غلطيءَ جي چيو ويو، جنهن ۾ ٽوڪ به هئي ۽ بدنيتي به. ڇاڪاڻ ته هن چاهيو ٿي، ته سندس طنزيه گفتگوءَ کان، هـُـن جو مقصد ظاهر ٿي پوي.

بيگم هائلڪوف وري به رڙ ڪري چيو ته،  ”پيارا، هيءُ ڪيترو نه غلط آهي!؟“

 ”اليڪسي فيودورووچ تون ڳالهاءِ، مون کي تنهنجي راءِ جو سختيءَ سان انتطار آهي. ڪيٽرينا ايونونا جا لڙڪ ڪري پيا ۽ اليوشا ڪوچ تان اُٿي کڙو ٿيو.

هن ڳوڙها ڳاڙيندي چيو،  ”ڪجهه به نه آهي، ڪجهه به نه آهي. مان رات ننڊ نه ڪئي آهي، اُن ڪري پريشان آهيان ! پر پنهنجي پاسي ۾ ٻه دوست ڏسي، يعني تون ۽ تنهنجو ڀاءُ، مان پاڻ کي اَڃا به  مضبوط ٿي سمجهان - ڇاڪاڻ ته مان سمجهان ٿي، ته تون ۽ تنهنجو ڀاءُ، مون کي ڪنهن به قيمت تي نه ڇڏيندا.“

بدقسمتيءَ سان مون کي مجبورََا ماسڪو ڏي وڃڻو پوي ٿو. شايد مان سڀاڻي هليو وڃان ۽ توکان گهڻو وقت پري رهان - جنهن کي مان روڪي نه ٿو سگهان.“  ايون کيس اچانڪ چئي ڏنو.

 ”سڀاڻي ماسڪو ڏانهن؟“  ڪيٽرينا جو چهرو بدلجي ويو.  ”پر، پر پيارا! مان ڪيڏي نه خوش نصيب آهيان.“  سندس آواز ۾ به تبديلي اَچي وئي. سندس چهري تي هاڻي ڳوڙهن جو ڪوبه نشان ڪونه هو. سندس حالت هڪدم بدلجي وئي ۽ اليوشا کي هن تبديليءَ تي عجب لڳو. هڪ ستم کاڌل ۽ توهين زده ڇوڪريءَ جي بجاءِ، جا هاڻي پنهنجي دل آزاريءَ تي روئي رَهي هئي، هن کيس حد کان گهڻو خوش ڏٺو. ڄڻ ته ڪا خوشي ڏيندڙ شيءِ سندس سامهون اَچي بيٺي هئي.

 ”مان، اِنهيءَ لاءِ خوش قسمت نه آهيان، ته توکي وڃايان ٿي، قطعي نه!“  هن پنهنجي جملي جي وضاحت ڪندي چيو. سندس منهن تي مرڪ اَچي وئي.  ”تو جهڙو دوست ڪڏهن به اِيئن خيال نه ڪندو.“  هوءَ بي اختيار ڊوڙي پئي ۽ ايون جي هٿن کي گرم جوشيءَ سان جهليائين.  ”پر خوش - قسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته ماسڪو ۾ تون منهنجي پيءُ سان ملندين ۽ آگافيا سان به. کين هن موجودهه خطري کان خبردار ڪج. تون آگافيا سان کـُـلي ڳالهائي سگهين ٿو، پر منهنجي پڦيءَ سان ذرا احتياط سان ڳالهائج. مان سمجهان ٿي، ته تو ۾ اِها اهليت  آهي. تون سمجهين سگهين ٿو، ته ڪالهه ۽ اَڄ صبح مان ڪيڏي نه عذاب ۾ گذاريو آهي. تون عجب نه کاءُ. مان کين ايڏو خطرناڪ خط، ڪيئن ٿي لکي سگهيس - ڇو ته ڪوبه اِهڙيون خبرون خط ۾ نه لکندو آهي ..... هاڻي مون لاءِ آسان ٿيندو، ته مان کين خط لکان، ڇو ته اِنهن ڳالهين جي تون وضاحت ڪري سگهندين. او! مان ڪيڏي نه خوش آهيان. تون اعتبار ڪر، مان اِنهيءَ لاءِ ئي خوش آهيان. ٻي حالت ۾ ڪوبه تنهنجي جاءِ ڀـَـري نه ٿو سگهي. مان هاڻي وڃي، هڪدم خط لکنديس.“  هـُـن گفتگوءَ کي پورو ڪندي، هڪ قدم اڳتي کنيو، ڄڻ ته هـُـو ڪمري کي ڇڏي رَهي هئي.

 ”پر، تو اليوشا جي راءِ ته نه ٻڌي، جنهن لاءِ توکي ايڏو انتطار هو؟“  بيگم هائلڪوف کيس چيو ۽ سندس آواز طنز وارو ۽ ڪاوڙ سان ڀريل هو.

 ”مان اُن کي نه وساريو آهي.“  ڪيٽرينا ايونونا رڙ ڪري چيو. هـُـو اُتي ئي بيهجي وئي.  ”توهان ايتري ۾ مون تي ايڏا نامهربان ڇو بڻجي ويا آهيو!؟“  هـُـن گرم ٿي ۽ ڪاوڙ جي انداز ۾ چيو. جو ڪجهه مون چيو آهي، اُن کي ورائي به چوان ٿي. مان هن جي راءِ کي ٻڌڻ گهران ٿي، راءِ کي نه پر فيصلي کي. جيئن هـُـو چوندو تيئن ٿيندو. اليڪسي فيودورووچ، مان تنهنجي لفظن لاءِ ڪيڏي نه انتظار ۾ آهيان .... توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“

اليوشا ڏکويل آواز ۾ واڪو ڪري چيو،  ”مان هن ڳالهه تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهان، مان ڄاڻان ٿو. مان هن کي سمجهي ئي نه ٿو سگهان.“

 ”ڇا......؟ ڇا!......؟“

 ”ته هـُـو ماسڪو وڃي رهيو آهي ۽ تو دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، ته تون خوش آهين. تنهنجو مطلب به ته اِهوئي هيو نه! تو وري هيءَ به تشريح شروع ڪري ڏني، ته تون خوش نه آهين ۽ پنهنجي دوست جي وڃائڻ تي توکي ڏک آهي. پر هيءُ ته سڄو سانگ ڀريو ويو آهي. تون ڄڻ ڪنهن ٿيٽر ۾ حصو وٺي رَهي هئين.“

 ”ٿيٽر ۾، ڇا؟ تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ڪيٽرينا ايونونا عجب ۾ پئجي وئي. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي رَهي.“

 ”جيتوڻيڪ تو، هن کي يقين ڏياريو، ته هڪ دوست کي وڃائيندي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، تو سندس منهن تي هيئن به چيو ته، تون خوش قسمت آهين، جو هـُـو وڃي ٿو.“  اليوشا بنا ڪنهن دم کڻڻ جي چوندو ويو. هـُـو ميز جي ڀرسان بيٺو رَهيو ۽ ويٺو نه.

 ”تون ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين، مان اُن کي سمجهي ئي نه سگهي آهيان!؟“

 ”مان اُن کي پاڻ به سمجهي نه ٿو سگهان. مون کي ڪجهه الهام ٿي رهيو آهي ..... جنهن کي مان پوريءَ ريت اَدا ڪري نه ٿو سگهان پر مان اُن کي چئي ڇڏيندس. اِليوشا ساڳئي ڏڪندڙ ۽ گهٻرايل آواز ۾ ڳالهائيندو رهيو.“  مان جو ڪجهه ڏسان ٿو، اُن مان خبر پوي ٿي، ته تون دمتريءَ سان محبت نه ٿي ڪرين ..... ۽ نه وري شروع ۾ ئي، اُن سان تنهنجي محبت هئي، تو فقط هن کي چڙهايو ٿي. دمتريءَ جي به توسان محبت ڪانه هئي .... مون کي خبر نه آهي ته مون کي ڪيئن همٿ ٿي آهي، جو توسان اِهڙيءَ ريت ٿو ڳالهايان، پر ڪنهن کي ته سچ ڳالهائڻ گهرجي .... مان ڏسان ٿو ته هتي سچ ڳالهائڻ وارو ڪونه آهي.“

 ”ڪهڙو سچ..!؟“  ڪيٽرينا ايونونا، واڪو ڪري چيو. سندس آواز، جذبات جي شدت کان ڀرجي ويو هو.

 ”مان توکي ٻـُـڌايان ٿو.“  اِليوشا نااُميدي ڀريل تڪڙ سان ڳالهائيندو رهيو. معلوم اِيئن پئي ٿيو، ڄڻ ته هـُـو گهرجي ڇت تان ٽپو ڏيئي ڇڏيندو.  ”تون دمتريءَ کي گهراءِ. مان کيس وٺي ايندس. ڀلي ته هـُـو اَچي، تنهنجي هٿ کي وٺي، اِيون جي هٿ سان ملائي. ڇاڪاڻ، ته تو ايون کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اُن جو سبب هيءُ آهي ته تون اُن کي محبت ڪرين ٿي. تو دمتريءَ کي به عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو تون پنهنجي دل آزاريءَ جي ڪري ساڻس محبت ڪرين ٿي ..... جنهن کي ڪوڙي محبت چئي سگهجي ٿو. تو پاڻ کي اُن جي ترغيب ڏني آهي.“

اليوشا پنهنجي ڳالهائڻ کي روڪيو ۽ خاموش ٿي ويو.

 ”تون ..... تون .... تون هڪ مذهبي قسم جو بيوقوف آهين. اِهوئي ته تون آهين.“  ڪيٽرينا ايونونا، ڄڻ ته کيس چـَـڪ پائڻ ٿي گهريو. سندس منهن ڏک کان هارجي ويو ۽ ڪاوڙ مان سندس چپ ڦڙڪڻ لڳا.

ايون اوچتو کـِـليو ۽ اُٿي بيٺو. ٽوپي سندس هٿ ۾ هئي،  ”توکي غلطي ٿي آهي، پيارا اليوشا!“  هـُـن، هي لفظ اِهڙي ته ڪيفيت، جا ڪيفيت سان چيا. اِليوشا، ڪڏهن به سندس منهن ۾ نه ڏٺو هو. هن اظهار ۾ سندس جوانيءَ جي صداقت ۽ احساس جي مضبوط صراحت ۽ صفائي موجود هئي.  ”ڪيٽرينا ايونونا، ڪڏهن به منهنجي پرواهه نه ڪئي آهي! کيس خبر آهي، ته مان ئي سڄو وقت سندس پرواهه ڪڍندو رَهيو آهيان - جيتوڻيڪ مان کيس محبت جو هڪ لفظ به نه چيو آهي. جنهن کي هـُـوءَ ڄاڻي ٿي، پر ڪڏهن به هن منهنجي پرواهه نه ڪئي آهي. مان سندس دوست ڪيئن پئي ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته هوءَ بيحد ضروري آهي ۽ کيس منهنجي دوستيءَ جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي. هـُـن مون کي پنهنجي پاسي ۾ فقط انتقام وٺڻ لاءِ ٿي رکيو. پهرئين ملاقات کان وٺي، مسلسل، دمتريءَ کان جا سندس بي عزتي ٿيندي رهي  آهي، اُن جو بدلو مون کان وٺندي رَهي  آهي ۽ مون کي بي عزت ڪندي رَهي آهي. ڇاڪاڻ ته هوءَ پهرئين ملاقات، سندس دل ۾ بي عزتيءَ وانگر جـُـکي ٿي. اِنهيءَ مان ئي اوهان سمجهي سگهو ٿا، ته سندس دل ڇا هوندي! هـُـن مون سان ڪڏهن به ٻيو گفتگو نه ڪيو آهي، پر هـُـن جي محبت جون ڳالهيون. مان هاڻي وڃان ٿو، پر ڪيٽرينا ايونونا، تون هن حقيقت جو اقرار ڪر، ته تون هن کي پيار ڪرين ٿي - اِها تنهنجي دل آزاري چئبي. جهڙو به آهي، تون کيس محبت ڪرين ٿي. هـُـو جيترو گهڻو تنهنجي بي عزتي ڪري ٿو، تون ايترو گهڻو کيس پيار ڪرين ٿي. تون کيس پنهنجي بي عزتيءَ جي ڪري محبت  ڪرين ٿي. جيڪڏهن هـُـو پاڻ ۾ اصلاح آڻيندو، ته تون هن کي پيار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندينءَ. سندس موجودگيءَ جي، توکي بيحد ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته تون چاهين ٿي، ته تون پنهنجي بهادري ۽ وفاداريءَ جي تعريف ٻـُـڌين ۽ هن جي بيوفائيءَ ۽ خيانت تي پڻ ملامت ڪرين. يعني پنهنجي وفاداريءَ ۾ سندس بيوفائيءَ کي ڏسين. هي سڀ تنهنجي غرور جو نتيجو آهي. ها هن لاءِ نياز ۽ نوڙت ۽ خودداريءَ جي گهڻي ضرورت  آهي، جيڪڏهن اُها آهي به ته، غرور جي پيدائش آهي .... مان نوجوان آهيان ۽ توکي گهڻو پيار ڪيو اٿم. مون کي اِيئن چوڻ نه گهرجي، ته هيءُ منهنجي طرف کان عزت ڀريو قدم ٿيندو، ته توکي ڇڏي وڃان ۽ اُن ۾ تنهنجي لاءِ ڪابه توهين نه  آهي، پر مان پري هليو ويندس ۽ وري موٽي نه ايندس .... هيءُ فيصلو هميشھ لاءِ آهي. مان دل آزاريءَ جي ڀرسان ويهڻ نه ٿو گهران .... مون کي خبر نه ٿي پئي، ته مان هاڻي وڌيڪ ڇا ڳالهايان ....؟ مون سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو آهي .... خدا حافظ ڪيٽرينا ايونونا، توکي مون تي غصي ٿيڻ نه گهرجي. جيڪڏهن هن حقيقت کي ڏسندين، ته مان وري توکي نه ڏسندس، تو وٽ سـَـؤ ڀيرا وڌيڪ سزا جو مستحق ٿيڻ کان بچي پوندس. خدا حافظ! مون کي تنهنجو هٿ نه گهرجي. تو ڄاڻي واڻي مون کي گهڻو ايذاءُ ڏنو  آهي، اُن ڪري هن گهڙيءَ ۾ توکي معاف ڪري نه سگهندس. شايد وقت اچي وڃي، توکي معاف ڪري ڇڏيان، پر هاڻي ٿي نه سگهندو. مان تو سان شادي نه ڪندس. هن جرمن زبان ۾ ڪجهه چيو ۽ هروڀرو کـِـلي، هـُـن ڏيکارڻ گهريو ته هـُـو شلر جي شعر کي پڙهي سگهندو آهي ۽ ايتري قدر جو سندس شعر جو ڪجهه حصو کيس ياد به  آهي. پر اليوشا کي هن حقيقت تي ڪوبه اعتبار نه هو. هـُـو پنهنجي ميزبان کي خدا حافظ چوڻ کان سواءِ ئي ٻاهر هليو ويو. اليوشا هٿن کي مهٽڻ لڳو.“

هـُـن نااٰميديءَ مان کيس پويان سڏ ڪيو  ”ايون، موٽي اَچ ايون.“  هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. هاڻي ڪابه شيءِ کيس موٽڻ تي مجبور نه ٿي ڪري سگهي. ”اليوشا جنون ۾ چوندو رهيو، اِها منهنجي غلطي هئي، منهنجي غلطي! مان ئي اُن کي شروع ڪيو. ايون ڪاوڙ مان، غلط ۽ بي انصافيءَ سان ڳالهايو. پر هن کي موٽي اَچڻ گهرجي. ها موٽي اَچ.“ 

ڪيٽرينا ايونونا، هڪدم ٻي ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي.

بيگم هائلڪوف، جا پنهنجي عادت موجب خوش ٿي ڏٺي، آهستي چيو  ”تو، ڪابه خراب ڳالهه ڪانه ڪئي آهي. تو، هڪ ملائڪ وانگر، نيڪ ڪم ڪيو آهي. مان ايون فيودورووچ کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ، پوري پوري ڪوشش ڪنديس.“

اليوشا جي انهيءَ وڏي غم کي ڏسي سندس  منهن خوشيءَ کان چمڪڻ لڳو. ايتري ۾ ڪيٽرينا ايونونا اوچتو موٽي آئي. سندس هٿ ۾ ٻه سـَـؤ روبل جا نوٽ هئا.

 ”اليڪسي فيودورووچ، مان توکان هڪ وڏي مهرباني گهران ٿي.“  هن اليوشا کي اهڙي ڳنڀير ۽ دلڪش آواز ۾ چيو، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو.  ”هڪ هفتو .... ها مان سمجهان ٿي، ته هڪ هفتو گذريو - دمتري فيودورووچ، کان هڪ تڪڙو ۽ بي انصافيءَ جو ڪم ٿيو آهي. هڪ خراب ڪم. هتي هڪ هيٺاهين درجي وارو شراب خانو آهي، جتي هـُـو هڪ اِهڙي آفيسر سان مليو، جنهن کي ملازمت مان برطرف ڪيو ويو آهي. هـُـو ڪئپٽن آهي، تنهنجي پيءُ پاڻ وٽ ملازمت ۾ رکيو هو. دمتري فيودورووچ کي ڪنهن طرح ڪاوڙ اَچي وئي ۽ هـُـو مٿئين ڪئپٽن کي ڏاڙهي کان وٺي رستي ۾ گهليندو رهيو. بي عزتيءَ سان، هـُـو اِهڙيءَ ريت، ڪيتري پنڌ تائين کيس گهليندو رهيو. جيئن مون کي ٻڌايو ويو  آهي، ساڻس ننڍڙو پٽ هو، جو بلڪل ٻارآهي. هـُـن کيس، جڏهن، اِهڙيءَ حالت ۾ ڏٺو ته ڊوڙي پيو ۽ کيس منٿون ڪرڻ لڳو ۽ واڪا ڪري روئڻ لڳو. بيٺل ماڻهن کي ستائڻ لڳو، ته هو سندس پيءُ جو بچاءُ ڪن. پر هو سڀ بچاءَ ڪرڻ جي بدران، مٿس کلندا رهيا. هيءُ ڇوڪرو اسڪول ۾ پڙهي ٿو. اليوشا مون کي معاف ڪر! مون کي جنهن وقت به اِها ڳالهه ياد اَچي ٿي، ته شرمندگي ٿئي ٿي. افسوس، جو مان هن شرمندگيءَ کان ڪنڌ مٿي کڻي نه ٿي سگهان. هن حقيقت کي ڏسي، هيئن قبول ڪرڻو پوي ٿو، ته دمتريءَ جهڙو ماڻهو، ڪاوڙ ۾ شهـَـوت جي جذبي جو شڪار آهي ..... مان اُن کي بيان به ڪري نه ٿي سگهان ..... مون کي اِهڙا لفظ ئي نه ٿا ملن، جو اُن حقيقت کي ٻڌائي سگهان. مان سندس شڪار جي باري ۾ جاچ ڪئي آهي ۽ مون کي معلوم ٿيو آهي، ته هـُـو نهايت غريب ماڻهو آهي. سندس نالو اسنيگريوف آهي. کانئس فوج ۾ ڪجهه غلطي ٿي هئي، جنهن ڪري کيس ملازمت مان برطرف ڪيو ويو هو، جنهن بابت مان ڪجهه به ٻڌائي نه ٿي سگهان. هـُـو هاڻي پنهنجي ڪٽنب سميت ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. ٻار بيمار اَٿس ۽ جيئن معلوم ٿيو آهي، سندس زال ديواني ٿي پئي آهي. هـُـو هت گهڻو وقت رهيو آهي. هـُـو نقل نويسيءَ جو ڪم ڪندو هو پر هاڻي ته بي روزگار آهي. اُن ڪري مون خيال ڪيو هو، ته جيڪڏهن تون ..... مان جيڪو خيال ڪيو هو، اُن کي هاڻي نه ٿي سمجهان، ڇاڪاڻ ته ڏاڍي منجهي پئي آهيان. اليڪسي فيودورووچ، مان چاهيو ٿي، ته توکي چوان، ته تون وٽس وڃي کانئس معافي وٺ. منهنجو مطلب ڪئپٽن آهي. خدايا، ڪيتري نه بـُـريءَ طرح هن حقيقت جي وضاحت ڪري رَهي آهيان. ڇاڪاڻ ته تون ئي هن معاملي کي چڱيءَ ريت ۽ خبرداريءَ سان پورو ڪري سگهين ٿو (اليوشا جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.) هي ٻه سـَـؤ روبل وٽس امداد طور پهچاءِ. مون کي يقين آهي، ته هـُـو توکان وٺندو. تون کيس هنن پيسن جي وٺڻ لاءِ راضي ڪر. ٻيءَ حالت ۾ منهنجو ٻيو ڪوبه مطلب ٿي سگهي ٿو. هي عيوضي طور کيس ڏنو ٿو وڃي، جيئن هـُـو ٻئي ڪنهن قدم کڻڻ کان رڪجي وڃي، (مان خيال ڪريان ٿي ته هـُـو شايد اِيئن سوچيندو هجي.) هي دمتري فيودورووچ کان نه پر سندس مڱينديءَ جي طرف کان، اظهار همدردي ۽ مدد جو هڪ ناچيز تحفو آهي. مان جيڪر پاڻ وڃان پر هيءُڪم تون مون کان بهتر طريقي سان ئي ڪري سگهين ٿو. هـُـو ليڪ اسٽريٽ ۾، عالميڪوف نالي هڪ عورت جي گهر ۾ رَهي ٿو. اليڪسي فيودورووچ، خدا جي واسطي، هيءَ مون تي مهرباني ڪر ۽ هاڻي ... هاڻي مان ٿڪجي پئي آهيان. خدا حافظ.“

هـُـوءَ ايڏو ته تڪڙو، پٺئين در کان نڪري وئي، جو اليوشا کي وقت ئي نه مليو، جو ساڻس ڪجهه ڳالهائي سگهي، جيتوڻيڪ سندس مرضي هئي، ته ساڻس ڪجهه ڳالهائي. هن چاهيو ٿي، ته کانئس معافي وٺي ۽ پاڻ کي ڏوهاري بڻائي ڪجهه چوي. ڇاڪاڻ، ته سندس دل، اِهڙي جذبات سان ڀرجي وئي هئي ۽ هـُـن نه ٿي چاهيو، ته هو اُنهن جي وضاحت ڪرڻ کان سواءِ ڪوٺي ڇڏي وڃي، پر بيگم هائلڪوف کيس هٿ کان ورتو ۽ کيس پاڻ سان گڏ ڇڪيندي هلي. هوءَ هال ۾ اڳي وانگر وڃي بيهي رَهي.

هن کيس آهستگيءَ سان چيو ته،  ”هيءَ ڏاڍي مغرور آهي ۽ پنهنجي لاءِ کڏ کوٽيندي رَهي ٿي، پر ساڳي وقت وڻندڙ ۽ رحم دل عورت به آهي. مان خاص خاص موقعن تي کيس ڏاڍو پيار ڪندي آهيان ۽ حالتن جي بهتري ٿيڻ لاءِ، ڪيڏي نه مان منتظر آهيان. اليڪسي فيودورووچ! توکي خبر نه آهي، پر مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿي، ته اسان سڀئي - سندس ٻئي ڦڦيون، مان، توڙي جولزي - هميشھ هيءَ اُميد ڪندا آيا آهيون ۽ دعا گهرندا رهيا آهيون، ته هـُـو تنهنجي طرفدار دمتري کي ڇڏي ڏي، جو نه اُن ڏانهن توجهه ٿو ڏئي ۽ نه وري اُن جي ڪا پرواهه ٿو رکي ۽ ايون فيودورووچ سان شادي ڪري. هـُـو عمدو ۽ تهذيب يافته نوجوان آهي ۽ کيس دنيا جي ٻين شين کان وڌيڪ محبوب ٿو سمجهي. اَسان اِنهيءَ منصوبي کي ٺاهيندا رَهيا آهيون ۽ مان هتي فقط اِنهيءَ ئي ڪم جي ٺاهڻ لاءِ رَهي پئي آهيان.“

اليوشا واڪو ڪري چيو ته،  ”پر اوهان ڏٺو، ته هوءَ زاروزار روئي رَهي هئي. کيس وري ٻيو زخم به لڳي ويو.“

 ”اليڪسي فيودورووچ، ڪڏهن به عورت جي لـُـڙڪن تي اعتبار نه ڪج. مان انهن حالتن ۾ عورتن جي خلاف ۽ مردن جي فائدي ۾ هوندي آهيان.“

 ”اَما! تون، هن کي خبرڪري رَهي آهين.“  لزيءَ جو ٻاراڻو آواز دروازي کان آيو.

 ”نه، اِها سڄي منهنجي غلطي هئي. مان پاڻ تي ڏوهه ڏيان ٿو.“  اليوشا، پنهنجي ندامت جو سخت اظهار ڪرڻ لڳو، ايتري قدر جو پنهنجو چهرو ٻنهي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيائين.

 ”بلڪل برعڪس. تنهنجي روش ملائڪ جهڙي هئي. مان اِها ڳالهه هڪ ڀيرو نه پر هزار بار چونديس.“

 ”اما، هن ڪيئن ملائڪ جي روش ورتي؟“  لزيءَ جو آواز وري ٻـُـڌڻ ۾ آيو.

اليوشا لزيءَ ڏي ڪنهن به توجهه ڏيڻ کانسواءِ، چوندو رَهيو،  ”مان هڪدم اِيئن سمجهيو، ته هوءَ اَيون سان محبت ٿي ڪري، انڪري ئي مان اِها بيوقوفيءَ جي ڳالهه چئي ڏني ..... هاڻي ڇا ٿيندو؟“

 ”ڪنهن سان، ڪنهن سان؟“  لـِـزيءَ رڙ ڪري چيو.  ”اما، تون سچ پچ منهنجو موت آڻيندينءَ. مان توکان، جو ڪجهه پڇان ٿي ۽ تون اُن جو جواب نه ٿي ڏين!“

اُن وقت سندن ملازمه ڊوڙي آئي ۽ کين چوڻ لڳي:

 ”ڪيٽرينا ايونونا بيمار آهي .... هوءَ روئي ٿي ۽ پٽ کوهه ۾ آهي ... جنوني حالت ۾ آهي.“

 ”ڇا آهي؟“  لزيءَ، سچ پچ انتظار جي حالت ۾ واڪو ڪري چيو.  ”اما منهنجي جنوني حالت آهي، ۽ نه اُن جي.“

 ”لزي بس ڪر. چيٽون نه ڪر، مونکي اُنهن جو نشان نه بڻاءِ. هن عمر ۾، توکي اُنهن ڳالهين جي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي، جن کي عمر رسيده ئي سمجهي سگهن ٿا. مان موٽي اَچي توکي سڀ ڪجهه ٻڌائينديس، جو تون ٻـُـڌڻ گهرين ٿي. اَسان تي رحم ڪر‍‍ ! مان اَچان ٿي، مان اَچان ٿي .... اليڪسي فيودورووچ، جنون سـُـٺي شيءِ آهي. اِها ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي، جو هوءَ جنوني بڻجي وئي آهي. اُهوئي ٿيو، جو ٿيڻو هو. هنن حالتن ۾ مان عورت جي خلاف هوندي آهيان، يعني زناني ڳوڙهن ۽ جنوني حالت کان. يوليا ڊوڙ ۽ کيس چـَـؤ، ته مان جلدي پهچي ٿي وڃان. ايون فيودورووچ، جهڙي ريت هليو ويو آهي، اِها اُن جي پنهنجي غلطي هئي. لزي! اسان تي رحم ڪر ۽ چيٽون نه ڪر. ها ها، تون چيٽون نه ٿي ڪرين، پر مان ڪري رهي آهيان. پنهنجي ماءُ کي معاف ڪر. مان بيحد خوش آهيان، خوش آهيان ۽ خوش آهيان. اليڪسي فيودورووچ تو ڏٺو ته ايون فيودورووچ، وڃڻ وقت ڪيڏو نه ننڍو ٿي لڳو. مان کيس دانشمند ۽ لائق ٿي سمجهيو، اوچتو هن ايتري ته گرم جوشيءَ، سادگي ۽ جوانيءَ جي حرارت کي ڏيکاريو، جنهن کي نوجوانيءَ جي ناتجربيڪاري ئي چئي سگهجي ٿو. پر اِهي شيون تو وانگر وڻندڙ ٿي لڳيون ... جنهن نموني سان هن جرمن زبان جي شعر کي پڙهيو، اُهو بلڪل تو جهڙو هو! پر مون کي جلدي وڃڻ کپي،ها جلدي وڃڻ کپي. اليوشا فيودورووچ، جلدي سندس ڪم کي پورو ڪري ۽ موٽي اَچ. لزي، توکي هن وقت ڪجهه کپي؟ خدا جي واسطي، اليڪسي فيودورووچ کي، هڪ منٽ به نه ترساءِ. هـُـو هڪدم تو ڏي موٽي ايندو.“

بيگم هائلڪوف آخر ٻاهر نڪري وئي. اليوشا، لزيءَ کي ڏسڻ لاءِ دروازي کي کولڻ چاهيو، پر لزيءَ واڪو ڪري چيو، ته ڪنهن به قيمت تي هاڻي نه. جيڪڏهن ڳالهائڻو اَٿئي، ته دروازي مان ڳالهاءِ. تون ڪهڙيءَ ريت ملائڪ بڻجي پيو آهين؟ اُهائي ڳالهه آهي، جا مان سمجهڻ گهران ٿي.“

 ”هڪ خطرناڪ بيوقوفيءَ جي باعث لزي! خدا حافظ!“

 ”اِهڙي ريت وڃڻ جي ڪوشش نه ڪر، لزي ڳالهائڻ ٿي گهريو.“

 ”لزي مون کي حقيقي غم آهي! مان سـِـڌو هيڏي موٽي ايندس، پر مون کي بيحد غم آهي!“  هـُـو ڊوڙندو، ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ويو.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org