باب ٽيون
مربي زوسيما جا سخن ۽ نصيحتون
روسي راهب ۽ سندس مراد
مربيو ۽ اُستادو! راهب ڇا آهي؟ هن مهذب دنيا ۾ اڄ
ڪلهه، هيءُ لفظ ڪي ماڻهو نفرت طور ڪم آڻين ٿا ۽ ڪي
گار طور. هي نفرت راهب جي لاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ
آهي. افسوس هيءَ حقيقت به سچ آهي، ته راهبن ۾ ڪي،
تن پرور، عياش، پيٽ پوڄاري، اَجائي گفتگو ڪندڙ ۽
بيڪار فقير به موجود آهن. تعليم يافته ماڻهو،
اِهڙن راهبن ڏي اشارو ڪري چوندا آهن ته، ”هيءُ
سماج جا نڪما ۽ بيڪار فرد آهن. هي ٻين جي محنت تي
گذران ڪن ٿا ۽ بي شرم فقير آهن. ” پر اُن هوندي به
ڪيترا نياز وارا ۽ نهٺا، راهب موجود آهن، جي سڪون
قلب جي لاءِ تنهائيءَ ۾ عبادت ڪندا رهن ٿا. اُنهن
ڏي گهٽ نهاريو ويندو آهي ۽ هـُـو خاموشيءَ سان
گذاري ويندا آهن. ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندا، جيڪڏهن
مان هيئن چوان، ته هن نياز وارن راهبن کان، جي
اَڪيلائيءَ ۾ عبادت ڪندا رهن ٿا، رشيا جي نجات
ٿيندي. هنن جا ڏينهن، ڪلاڪ، مهينا ۽ سال اِئين ئي
گذرن ٿا. ڇاڪاڻ ته هيءُ پنهنجي تنهائيءَ ۾ مسيح جي
تصوير کي، زيبائي ۽ درستيءَ سان پنهنجي سامهون رکن
ٿا، بلڪل اِهڙيءَ ريت، جيئن اڳئين زماني جا مربي،
مقدس شخص ۽ شهيد، خدا جي تصور جي پاڪائي ۾ ڏسندا
هئا. جڏهن وقت ايندو ته هـُـو پنهنجو جلوه، هن
متزلزل جهان کي ڏيکاريندا، پر مون کي خوف ٿو ٿئي
ته هيءُ ستارو مشرق کان اُڀرندو.
راهب جي لاءِ منهنجي اِها راءِ آهي، ڇا اِها غلط
آهي؟ ڇا هيءَ غرور سان ڀريل ته نه آهي؟ دنيا وارن
ڏي نهاريو، اُهي جي پاڻ کي خدا جي مخلوق کان مٿي
سمجهن ٿا. ڇا اِنهن وٽ خدا جو تصور موجود نه آهي؟
مگر هـُـو اُن کي پنهنجي اندر ۾ مروڙي نه ٿا ڇڏين؟
هنن وٽ سائنس آهي، پر سائنس ۾ ڪجهه به نه آهي، پر
حواسن جي شيءِ آهي. ماڻهوءَ جي اعليٰ رتبي لاءِ
روحاني دنيا آهي، جنهن کي هن رد ڪري ڇڏيو آهي.
جنهن ۾ هـُـو پنهنجي خوشي ٿو سمجهي ۽ حقارت
ڏيکاريندو ٿو رَهي. دنيا آزاديءَ جي راڄ جو اعلان
ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هن ۾ دير پئي آهي. پر اَسان سندن
آزادي ۾ ڇا ٿا ڏسون؟ ڪجهه به نه پر غلامي ۽ پنهنجي
بربادي! ڇو ته دنيا چوي ٿي:
”اوهان کي خواهشون آهن ۽ اُنهن کي پورو ڪيو.
ڇاڪاڻ ته اوهان کي به ساڳيائي حق آهن، جهڙا طاقتور
۽ شاهوڪار انسانن کي. اوهان پنهنجي خواهشن کي پوري
ڪرڻ ۽ اِنهن کي وڌائڻ کان به خوف نه کائو. ” جديد
دنيا جي اِها ئي تعليم آهي. اِنهيءَ ۾ ئي هـُـو
پنهنجي آزادي ڏسن ٿا پر هـِـن خواهش وڌائڻ واري
اُصول کان ڇا حاصل ٿئي ٿو. شاهوڪار جي لاءِ جدا
حيثيت ۾ روحاني خودڪشي. غريب جي لاءِ ڌاڙو ۽ خون!
ڇاڪاڻ ته هنن کي حق، ته ڏنا ويا آهن پر کين اِهو
نه سيکاريو ويو آهي، ته هـُـو پنهنجي گهـُـرجن جي
مقصد کي ڪهڙيءَ ريت پورو ڪن. هـُـو اظهار ڪن ٿا ته
دنيا وڌ کان وڌ متفق ٿيندي وڃي ٿي ۽ وڌ کان وڌ
پنهنجي ڀائپي ۽ برادري ۾ ٻڌجي وڃي ٿي. پر ويڇو
وڌندو وڃي ٿو ۽ سندن خيال هوا ۾ اُڏامندا رهن ٿا.
افسوس اِهڙي اتفاق جي ٻنڌڻ ۾ اعتقاد نه رکجو.
آزاديءَ جي اوٽ ۾ هيءَ خواهشن جي زيادتي ۽ اُن جي
پورائي جي تيز تر مهم آهي. هن ۾ ماڻهو پنهنجي فطرت
کي بگاڙي ٿو ڇڏي. ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ئي نادانيءَ
واريون ۽ احمقاڻيون خواهشون هن ۾ پيون ٿيون اُٿن.
هـُـو فقط پنهنجي لاءِ غارتگريءَ ۾ مشغول رَهي ٿو
۽ نمائش ۽ عياشي چاهي ٿو. دعوتون، ملاقاتون،
گاڏيون، مانُ مرتبو ۽ غلام، هنن سڀني شين کي،
ضرورتن مان سمجهيو وڃي ٿو. هنن جي لاءِ زندگي، عزت
۽ انساني جذبات جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. جيڪڏهن
اِنهن شين جو پورائو ٿي نه ٿو سگهي، ته اَڪثر
ماڻهو خودڪـُـشيءَ کان به نه ٿا مڙن. هي شيون
اَسان کي اُنهن ۾ به ڏسڻ ۾ اَچن ٿيون، جي شاهوڪار
نه آهن. غريب جڏهن پنهنجي خواهشن کي لـُـڙهندو ڏسي
ٿو، ته هـُـو نشي ۾ متبلا ٿي وڃي ٿو. جلد ئي هـُـو
شراب جي بجاءِ پنهنجو خون پيئڻ شروع ڪن ٿا. مان
اوهان کان پڇان ٿو، ته هيءَ آزادي آهي؟ مون کي هڪُ
آزادي جي مدعي، جي خبر آهي. هن مون کي پاڻ ٻڌايو
هو ته جڏهن قيدخاني ۾ کانئس تماڪ کسيو ويو هو،
تڏهن هـُـو اَڪيلائي ۾ ايڏو، ته عذاب ۾ اَچي ويو
هو، جو هـُـو تماڪ جي ٿوري مقدار حاصل ڪرڻ لاءِ،
پنهنجي ايمان کي به ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو.
اِهڙو ماڻهو جيڪڏهن اِئين چوي ته، ”مان انسانيت
جي مفاد لاءِ وڙهي رهيو آهيان“، عجيب آهي.
اِهڙو ماڻهو ڪيئن وڙهي سگهندو. هيءُ اُن جي لاءِ
لائق به آهي. هـُـو تڙ تڪڙ ۾ شايد ڪنهن عمل جي
لاءِ پاڻ کي لائق سمجهي، پر گهڻو وقت هلي نه
سگهندو. هن ۾ ڪا به عجب جي ڳالهه نه آهي ته اِهڙا
ماڻهو آزاديءَ جي حاصل ڪرڻ بدران، غلامي ۾ وڃي غرق
ٿين ٿا. برادري جي محبت ۽ انسانيت ۽ انسانيت جي
بهبودي جي لاءِ خدمت ڪرڻ بجاءِ وڃي، نفاق ۽ دورنگي
۾ ڪرن ٿا. مون کي منهنجي جواني ۾، منهنجي اُستاد ۽
پراسرار ملاقاتيءَ به اِيئن ئي ٻـُـڌايو هو. اِنهن
حالتن جي ڪري، انسانيت جي خدمت جو مقصد، برادري جي
محبت ۽ انسان ذات جو اتحاد، جيئن پوءِ تيئن، دنيا
کان موڪلائيندو وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ ته سچ پچ، هنن
ڳالهين کي به مذاق سمجهيو وڃي ٿو. اُهو ماڻهو ڪهڙي
ريت اُنهن عادتن کي ڇڏي سگهي ٿو، جي اُن جي
زندگيءَ جو حصو بڻجي ويون هجن ۽ جن سان هـُـو
پنهنجي لاتعداد خواهشن کي، جي هن پاڻ پيدا ڪيون
آهن، پورو ڪندو رَهي ٿو، هـُـو پاڻ کي واحد شخصيت
سمجهي ٿو ۽ سندس انسانيت سان ڪهڙو واسطو؟ هي برابر
آهي ته هنن پنهنجي مقصد کي گهڻي حد تائين حاصل ڪري
ورتو آهي، پر حقيقي مسرت جهان ۾ گهٽ آهي.
مڙهيءَ جو رستو بلڪل الڳ آهي. فرمانبرداري، روزي ۽
عبادت تي کليو وڃي ٿو، پر اِنهن شين جي معرفت
حقيقي آزاديءَ جو رستو حاصل ٿئي ٿو. مان پنهنجي
غير ضروري ۽ بي فائدي گهـُـرجن کي ختم ڪندو رهان
ٿو، مان پنهنجي هٺيلي ۽ اَجائي خواهش کي، خدا جي
تابعداري ۽ مدد سان زير ڪندو رَهان ٿو. هن سان مون
کي روح جي آزادي جي باعث روحاني خوشي حاصل ٿئي ٿي.
هاڻي غور ڪريو، هنن ٻنهي مان، يعني تنها دولتمند
۽ ” اُهو راهب، جنهن پنهنجي خواهشن جي تابعداري
کان نجات ورتي آهي، ڪير بهتر ٿي سگهي ٿو. ڪير هنن
ٻنهي مان وڌيڪ لائق آهي ته اُن عظيم مقصد کي انجام
ڏئي. راهب گوشي نشينيءَ کي اختيار ڪيو آهي. اوهان
پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ کي مڙهيءَ جي ديوارن ۾
بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ انسانيت جي خدمت جو ڀائپي ڀريل
ڀاؤُ وساري ڇڏيو آهي! پر اسان کي ڏسڻو آهي ته
برادراڻي محبت جي اُصول ۾ ڪير وڌيڪ فائق ثابت ٿئي
ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان اُهي نه آهيون، پر اُهي آهن، جي
سڀ کان جدا پنهنجي زندگي گذارين ٿا. جيتوڻيڪ هـُـو
هن حقيقت کي نه ٿا ڏسن. قديم زماني ۾ انسانن جا
رهنما اَسان مان ئي هئا، پوءِ ڇو نه وري به هي
ٿين؟ هيءُ نهٺا ۽ نماڻا سنياسي وري اُٿندا ۽ عظيم
مقصد جي لاءِ وري ڪم ڪندا. رشيا جو ڇوٽڪارو اِنهن
جي ئي هٿن ۾ آهي. اسان اِنهيءَ ڪري الڳ گذاريون
ٿا، ڇاڪاڻ ته ماڻهو به جداگانه گذارين ٿا. پر روسي
راهب هميشھ انسانن جا طرفدار رهيا آهن. اَسان جي
عمل ۾ ماڻهو اعتقاد رکن ٿا. رشيا ۾ ايمان کي نه
رکندڙ مصلح ڪجهه به ڪري نه سگهندو، توڙي جو هـُـو
کڻي دل جو مخلص ۽ لائق ڇو نه هجي. هن کي ياد رکو!
ته ماڻهو خدا جا منڪر بڻجي ويندا ۽ هي غلبو حاصل
ڪندا ۽ رشيا هڪ ٿي ويندو ۽ مذهب پرست. هارين جي
خير گيري ڪريو ۽ اُنهن جي دلين جي محافظت ڪريو.
وڃو، کين خاموشي ۾ تعليم ڏيو. اِهو ئي اوهان جو
راهب جي حيثيت ۾ فرض آهي. ڇاڪاڻ ته خلق جون دليون
خدا جو گهر آهن.
ڇا اِهو ممڪن آهي، حاڪم ۽ رعيت روحاني طرح
ڀائپيءَ ۾ اَچي سگهن ٿا
مان هن ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪريان، ته هارين ۾
به گناهه آهي. خرابيءَ جي آڳ ظاهر ظهور، روز بروز
مٿين کان هيٺين ڏي پکڙندي ٿي وڃي. الڳ ۽ اڪيلو
گذارڻ جو روح، عوام ۾ به ايندو ٿو وڃي. وياج خور ۽
انقلابي طبعيت رکڻ وارن کي ڳڙڪائيندڙ سـُـجاڳَ
آهن. اڳ ۾ ئي واپاري مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ماندا
آهن ۽ هـُـو ڏيکارڻ گهرن ٿا، ته هـُـو تهذيب وارا
آهن، جيتوڻيڪ منجهن تهذيب جو ڪو اکر ئي نه آهي.
جنهن جو نتيجو اِهو آهي، ته هـُـو پنهنجي قديم رسم
۽ رواجن کي نفرت سان ٿا ڏسن. هـُـو اَميرن سان
ملاقاتون ڪن ٿا، جيتوڻيڪ فقط بگڙيل هاري آهن.
هاري نشي ۾ پاڻ کي خراب ڪندا رهن ٿا ۽ انهيءَ خراب
عادت کي ڇڏي نه ٿا سگهن. ڪيڏو نه سندن زالن ۽ ٻارن
سان ظلم آهي! هي سڀ نشي کان! مان ڪارخانن ۾ نون
ورهين جي ٻارن کي ڏٺو آهي، ڪيڏا نه ڪمزور، بيمار ۽
ڪـُـٻا نظر ٿا اَچن. ڪارخاني جون سوڙهيون جايون،
مشينن جا آواز، سڄو ڏينهن محنت، بدگفتگو ۽ شراب
نوشي. شراب نوشي ئي آهي جنهن کي، هيءَ ننڍڙي دل به
چاهي ٿي. هن کي ته اُس، ٻاراڻي راند روند ۽ نيڪ
مثال کپن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ ٿورو پيار. هنن لاءِ، اڳتي
هـُـو ڳالهيون نه هئڻ کپن. ٻارن جي لاءِ عذاب وڌي
رهيو آهي. راهبو اُٿو اُنهن جي لاءِ جدوجهد ڪريو.
ها جلدي ڪريو، جلدي ڪريو.
خدا تعاليٰ رشيا کي بچائي وٺندو. جيتوڻيڪ هاري
گناهن سان ڀريل آهن ۽ پنهنجي ناپاڪ گناهن کان الڳ
ٿي نه ٿا سگهن، پر کين هيءَ ڄاڻ آهي ته هـُـو
گناهه ڪندي، غلط ڪم ڪري رهيا آهن. اُن ڪري ڏسڻ ۾
اِئين ٿو اَچي، ته اَسان جا هيءُ ماڻهو، نيڪيءَ ۾
اعتقاد رکن ٿا ۽ خدا ۾ ايمان اَٿن ۽ پنهنجي توبهه
لاءِ ڳوڙها ڳاڙين ٿا.
مٿانهين درجي وارن ماڻهن جي ڳالهه ئي ٻي آهي.
هـُـو سائنس جا پوئلڳ آهن. هـُـو تنها دليل تي
انصاف کي چاهين ٿا، نه حضرت عيسيٰ مسيح عليه
السلام جي طريقي سان. هنن اڳ ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي،
ته نه ڪو ڏوهه آهي نه گناهه. هو پنهنجي خيال ۾
صحيح آهن. ڇو ته جيڪڏهن خدا جو وجود نه آهي ته
گناهه ڇا جو؟ يورپ ۾ ماڻهو اڳيئي، شاهوڪارن جي
خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ماڻهن جا رهنما جتي
ڪٿي، کين خونريزيءَ لاءِ اُڀاري رهيا آهن. کين
تربيت ڏئي رهيا آهن ته هو پنهنجي مؤقف ۾ صحيح آهن،
پر سندن مؤقف جيئن، ته ظلم تي رکيل آهي، انڪري
ملعون آهي، پر خدا تعاليٰ رشيا کي بچائي وٺندو،
جيئن ڪيئي ڀيرا اڳ ۾ کيس بچائي ورتو اٿائين.
ڇوٽڪارو عوام کان ايندو ۽ سندن اعتقاد ۽ نياز،
تابعداريءَ کان ايندو.
”مربيو ۽ استادو! ماڻهن جي اعتقاد تي نگاهه رکو ۽
اُن کي خواب نه سمجهيو. مان پنهنجي سڄي حياتي
پنهنجي عظيم انسانن ۾ گذاري آهي. مان منجهن حقيقي
۽ مضبوط ويساهه کي ڏٺو آهي.مان هن حقيقت جي شاهدي
ڏئي سگهان ٿو، ڇو ته منجهن هيءَ شيءَ پنهنجي اکين
سان ڏٺي آهي. تنزل پذير گناهن ۽ غربت زده نظارن ۾
به مان هنن ڳوٺاڻن کي اعليٰ ڏٺو آهي. هو ذليل نه
آهن، جيتوڻيڪ هنن ٻه صديون غلاميءَ ۾ گذاريون آهن،
اُن هوندي به هوُ پنهنجي عادتن ۾ آزار برداشت ڪندڙ
آهن، البت منجهن ٿوري گستاخي آهي. پر هو انتقام
وٺندڙ ۽ حاسد نه آهن.
توهان شاهوڪار ۽ اَمير آهيو. اوهان دانا ِّ ۽
شائسته آهيو. شال خدا اوهان کي برڪتون ڏي. مان
اوهان جي عزت ڪريان ٿو، پر مان هيءُ به ڄاڻان، ته
مان انسان آهيان. هيءَ حقيقت آهي ته مان اوهان جو
احترام ڪريان ٿو، ۽ اُها بنا ڪنهن حسد جي آهي ۽
اِيئن ڪندي مان انسان جي حيثيت ۾ پنهنجي شان ۽
مرتبي کي ثابت نه ٿو ڪريان.“
در حقيقت هوُ زبان سان اِيئن نه ٿا چون (ڇاڪاڻ ته
اڃا هوُ اِيئن چوڻ نه سکيا آهن)پر سندن عمل اِيئن
ئي آهي. مان کين پاڻ ڏٺو آهي ۽ مان کين ڄاتو آهي.
تون اعتبار ڪندين، جيتري قدر اسان جا ڪڙمي غريب
آهن، اوتري قدر، صاف پرُسڪون ۽ نيڪ آهن. پر هيءَ
سڀ ڪجهه اسان جي بي پرواهيءَ جي باعث ٿيو آهي. پر
خدا پنهنجي مخلوق کي بچائيندو. ڇاڪاڻ ته روس
پنهنجي تواضع ۾ عظيم آهي. مان پنهنجي مشاهدي ۾، اڳ
ئي سندس آئندو واضع ۽ روشن ڏسان ٿو. اهو به ايندو
۽ گذري ويندو ته اسان جا سخت بدنيت شاهوڪار، آخر
پنهنجي دولت منديءَ جي لاءِ غريبن وٽ شرمسار
ٿيندا. غريب سندن تواضع کي ڏسي، کين سمجهندا ۽ پاڻ
وٽ جاءِ ڏيندا. سندن عزت ڀري شرمساري جي باعث،
حقيقي خوشيءَ جو اظهار ڪندا. مون تي اعتبار ڪريو،
هيءُ سڀ ڪجهه اِيئن ئي ٿيندو. حالتون اِيئن ئي
چرُنديون رهن ٿيون. مساوات انسانن ۾ روحاني توقير
جي وسيلي ئي ايندي آهي. اسان پاڻ ۾ اهڙي ئي ريت
اُن کي سمجهي سگهون ٿا. جيڪڏهن اَسان پاڻ ۾ ڀائر
ٿي وڃون ته برادراڻا تعلقات پيدا ٿي ويندا، پر هن
شيءِ جي وجود ۾ اَچڻ کان اڳ ۾، دولت جي تقسيم جا
ڪڏهن به قائل نه ٿيندا. اسان حضرت عيسيٰ عليه
السلام جي تصوير کي سانڍينداسون ۽ اُها دنيا ۾
قيمتي هيري وانگر جهڳمڳ ڪندي. اِيئن ٿيندو ۽ اِيئن
ٿيندو!
مربيو ۽ اُستادو! هڪ ڀيري رُلندي مون سان هڪ چڀندڙ
واقعو ٿي گذريو. ”ڪي ” شهر ۾ مون کي پنهنجو ملازم
افناسي مليو. مون کي اٺ سال کانئس جدا ٿئي گذريا
هئا. مارڪيٽ ۾ اسان کي هڪ ٻئي جي ڏسڻ جو موقعو
مليو. هن مون کي سڃاتو ۽ مون ڏي ڊوڙي پيو. هوُ
ڪيڏو نه خوش ٿي ڏٺو. هو مون کي فقط هيءُ چئي سگهيو
ته ”عزيز آقا اوهان آهيو؟ سچ پچ مان ڇا اوهان کي
ٿو ڏسان؟“ هوُ مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو.
هو گهڻو وقت فوج ۾ نه رهيو هو. هن شادي ڪئي هئي ۽
کيس ٻه ٻار هئا. هـُـن ۽ سندس زال مارڪيٽ ۾ ميوا
فروشيءَ جو ڌنڌو ويٺي ڪيو. سندس ڪمرو غريبن جهڙو
هو پر صاف ۽ دلڪش. هن مون کي ويهاريو. سماور ۾
باهه روشن ڪيائين. پنهنجي زال ڏي ماڻهو موڪليائين.
ڄڻ اِيئن پئي معلوم ٿيو ته منهنجي آمد ڄڻ ته ڪو
مبارڪ ڏينهن آهي. هو مون وٽ پنهنجي ٻارن کي وٺي
آيو ۽ چياِيئن ته ”مربي، هن کي دعا ڪريو.“
”اهو منهنجي لاءِ آهي ته مان هنن کي دعا ڪريان؟“
مان ته فقط هڪ ناچيز راهب آهيان. مان ته هنن لاءِ
فقط سوال ئي ڪندس. افناسي پاولووچ، اُن ڏينهن کان
وٺي مان توکي دعائون ڪندو رهندو آهيان، ڇاڪاڻ ته
هيءُ سڀ ڪجهه تنهنجي ئي طفيل حاصل ٿيو اٿم. ” مان
هيءَ حقيقت کيس واضع ڪري ٻڌائي، جيتري قدر ڪري
سگهيس. اوهان ڇا ٿا خيال ڪريو. هوُ مون کي
نهاريندو رهيو. کيس اعتبار ئي نه ٿي آيو ته سندس
آقا ۽ عملدار، هن لباس ۽ حالت، ۾ سندس اکين جي
سامهون آهي. هوُ لڙڪ هارڻ لڳو.
مان کيس چيو ته ”تون ڇو ٿو روئين؟ ” منهنجا پيارا
دوست توکي مون تي خوشي ڪرڻ کپي ۽ انهيءَ ڳالهه کي
مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ڇاڪاڻ ته منهنجو
سمورو رستو سون ۽ مسرت ڀريل آهي.“
هن ڪجهه به نه چيو پر ٿڌا ساهه کڻندو رهيو ۽
منهنجي لاءِ پنهنجي مٿي کي لوڏيندو رهيو.
هن مون کان پڇيو، ”هو اوهان جو مرتبو ڪاڏي ويو؟“
”مان اُهو مڙهيءَ کي ڏئي ڇڏيو. مان هاڻي هڪ عوامي
ماڻهو وانگر گذاريان ٿو.“ مان کيس جواب ڏنو.
چانهه کان پوءِ مان کين خدا حافظ چيو. هو اوچتو
اٿيو ۽ اڌ روبل مڙهيءَ جي لاءِ نذر ڏنائين. مان
ڏٺو ته باقي اڌ روبل، هن منهنجي هٿ ۾ ڏنو. ”مربي،
هيءُ تنهنجي لاءِ آهي، متان ڪٿي تنهنجي ڪنهن ڪم
اچي.“
مان کانئس اڌ روبل ورتو. کيس ۽ سندس زال کي جهڪي
سلام ڪيم. خوشيءَ ۾ ٻاهر نڪري ويس. رستي ۾ مون
خيال ڪيو ته: ”اسان ٻئي هاڻي هن حال ۾ آهيون، هوُ
گهر ۾ آهي ۽ مان راهه ۾. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته
اسان ٿڌا ساهه ڀريندا رهياسون ۽ مٿو ڌوڻيندا
رهياسون، پر خوشيءَ ۾ مشڪندي ۽ پوري دل جي حضور
سان. ياد ٿو اچي ته ڪيئن نه خداتعاليٰ اسان ٻنهي
کي وري ۽ هڪ ٻئي سان ملايو آهي.“
اُن کانپوءِ وري هنن سان ملڻ نه ٿيو. مان سندس آقا
هوس ۽ هو منهنجو خادم هو، پر هاڻي جڏهن اسان هڪ
ٻئي سان پيار سان ملياسون، ته اسان جو دليون
هلڪيون ٿيون، تڏهن اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ عظيم
انساني ٻنڌڻ پيدا ٿي ويو هو. مان اُن تي گهڻو وقت
خيال ڪندو رهيس ۽ هاڻي جو مون سمجهيو آهي، اُهو
هيءُ آهي، ته عظيم ۽ ساده دلين جي يڪجهتي، شايد
ٿوري وقت ۾، روسي ماڻهن جي وچ ۾ عالمي بڻجي وڃي.
منهنجو اعتماد آهي، ته اِيئن ٿيندو ۽ اُهو وقت
ويجهو آهي.
نوڪرن ۽ خادمن جي بابت مان هيترو چوڻ گهران ٿو ته
پراڻي وقت ۾ جڏهن مان ننڍو هوس، مان اڪثر نوڪرن تي
ڪاوڙبو هوس ۽ چوندو هوس ته ”بورچيءَ گرم کاڌو ڏنو
آهي ۽ نوڪر منهنجي ڪپڙن کي برش نه هنيو آهي.“ پر
جو ڪجهه مون سکيو، سو پنهنجي پياري ڀاءُ کان. مان
ننڍپڻ ۾ کانئس ٻڌندو هوس ته، ”ڇا مان هن جي لاءِ
لائق آهيان، ته هوُ منهنجي خدمت ڪن، يا مان کين
سندن غربت ۽ اَڻ ڄاڻائي هوندي به حڪم ڏيندو رهان؟
” مان اُن وقت عجب کائيندو هوس ته اهڙا سادا ۽
خودشناسيءَ جا خيال ڪيئن نه آهستگيءَ سان خيالن تي
اثر وجهندا رهن ٿا.
اهو ته ناممڪن آهي ته دنيا ۾ خادمن جو وجود ئي نه
هجي، پر ساڻن اهڙي هلت روا رکو، ته هوُ روحاني طرح
آزاد هجن ۽ پاڻ کي خادم تصور نه ڪن. ڇا اِيئن ٿي
نه ٿو سگهي ته مان پنهنجو خادم بڻجي وڃان ۽ هيءُ
اُن کي ڏيکاريان ۽ هي سڀ ڪجهه منهنجي فخر کان
سواءِ ۽ اُن تي اعتبار ڪرڻ کان سواءِ هئڻ گهرجي.
منهنجو خادم ڇو نه منهنجي عزيزن وانگر هئڻ گهرجي،
۽ مان کيس پنهنجي ڪٽنب ۾ شامل ڪري، ڇو نه خوشي
حاصل ڪريان؟ اِيئن هاڻي به ڪري سگهجي ٿو. هيءُ
طريقو اسان کي مستقبل ۾، انسان جي عظيم اتحاد
ڏانهن وٺي ويندو. جڏهن انسان پنهنجي لاءِ خادمن جي
ڳولا نه ڪندو ۽ جيئن هاڻي هوُ پاڻ جهڙن انسانن کي
خادم بڻائڻ جي خواهش رکي ٿو: پر ان جي خلاف هو سچي
دل سان سڀ جو خادم بڻجي ويندو، جيئن انجيل سيکاري
ٿو.
ڇا اهو خواب جي مثال آهي ته ماڻهو آخر ۾ پنهنجي
خوشي هاڻي وانگر، جفاڪار مسرت، تجمل، تڪبر، لاف
زني ۽ ٻين تي حڪمت ڪرڻ ۾ ڏسي يا عمل جي روشني ۽
رحم ۾ ڏسي؟ مون کي پوري ريت يقين آهي، ته اِيئن نه
ٿيندو ۽ اُهو وقت ويجهو آهي. ماڻهو کلن ٿا ۽ پڇن
ٿا ته، ”ڪڏهن اُهو وقت ايندو ۽ اُهو وقت ايندو به
يا نه؟ ” مون کي يقين آهي ته اسان حضرت مسيح جي
مدد سان، هن وڏي شيءِ کي پورو ڪري وٺنداسون. هن
زمين تي ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون انساني تاريخ جون
هيون، جن تي خيال ئي نه ٿي ڪيو ويو، پر ڏهن سالن
کان پوءِ، اُهي ظهور ۾ اچي ويون. پر اُنهن لاءِ
وقت مقرر ٿيل آهي. جڏهن اُهو مقرر ٿيل وقت پهچي
وڃي ٿو تڏهن هو ظهور ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ سڄي زمين تي
پکڙجي وڃن ٿيون. اهڙيءَ ريت اَسان سان به ٿيندو ۽
اسان جا ماڻهو دنيا ۾ چمڪندا ۽ سڀئي ماڻهو چوندا
ته، ”پٿر، جنهن کي معمار رد ڪيو هو، اُهو هاڻي
عمارت جو نمايان پٿر بڻيو آهي“
اسان انهن پـُـر حقارت انسانن کان پڇنداسون ته،
”جيڪڏهن اسان جي اُميد، خواب آهي ته اوهان ڪڏهن
اخلاقي اصلاح ڪندا ۽ پنهنجي ذهن سان سينن کي، حضرت
عيسيٰ مسيح جي مدد کان سواءِ، منصفاڻي طور تي
ترتيب ڏيندا؟ جيڪڏهن هو، اعلان ڪن ته هو ئي آهن،
جي اتفاق جي طرف وک وڌائيندا رهن ٿا، ته هن حقيقت
تي فقط ساده دل انسان ئي اعتبار ڪري سگهندا. اهڙي
سادگي تي هو فقط حيران ئي رهجي وڃن ٿا. سچ ته
هـُـو اسان کان وڌيڪ جنوني خواب رکن ٿا. سندن
نگاهه انصاف تي آهي ۽ حضرت مسيح کان انڪار آهي،
سندن پڄاڻي زمين تي رت جي سيلاب آڻڻ سان ٿيندي.
ڇاڪاڻ ته رت، رَت کي چاهيندي آهي. اُهو جو تلوار
هٿ ۾ کڻي ٿو، تلوار سان ئي پورو ٿئي ٿو. جيڪڏهن
هيءُ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي خانقاهي سالڪن جو
گروهه نه هجي ها ته هي هڪ ٻي کي ماري، زمين تي فقط
ٻه ماڻهو بس ڇڏين ها. هيءُ ٻه ماڻهو، پنهنجي فخر
جي باعث ڪڏهن به ساز ۽ سلوڪ سان رهي نه سگهن ها.
هڪڙو ٻئي کي ماري وجهي ها ۽ پوءِ پاڻ کي. جيڪڏهن
حضرت مسيح جو نيڪ دلين ۽ نمائڻ لاءِ واعدو نه هجي
ها ته اِيئن ٿئي ها ۽ هيءُ ڏينهن ئي گهٽجي وڃن ها.
اُن وقت جڏهن مان اڃا آفيسر جي لباس ۾ هوس ۽
مقابلي کان پوءِ، مان عام مجلس ۾ نوڪرن جي بابت
ڳالهايو هو ۽ مون کي ياد ٿو اچي ته مون کي سڀني
عجب مان ٿي نهاريو. ”ڇا“ اُنهن پڇيو: ”اسان
نوڪرن کي صوفي تي ويهاري، کين پاءِ پيارون؟“ مان
کين جواب ڏنو ته: ”ڇو نه، ڪڏهن ڪڏهن اِيئن ڪيو
وڃي.“ هوُ سڀئي کلڻ لڳا. هنن جو سوال مذاقي هو ۽
منهنجو جواب صاف هو. پر جو خيال منهنجي جواب ۾ هو،
اُهو ڪنهن حد تاِيئن برابر هو.
دعا، محبت ۽ ٻي دنيا سان لاڳاپو
نوجوانو، دعا کي هرگز نه وسارجو. سڀ ڪنهن وقت
اوهان دعا گهرندا رهو. جيڪڏهن اوهان جي دعا ۾
سچائي آهي ۽ منجهس ڪا به خواهش ۽ ِٻيو مطلب نه آهي
ته اها اوهان ۾ تازي همٿ پيدا ڪندي ۽ اوهان کي خبر
پوندي ته دعا تعليم آهي. هيءُ به ياد رکو ته سڀ
ڪنهن سان هيئن چوندا، رهو ته، ”مالڪ، اُنهن سڀني
تي ٻاجهه ڪر، جي اڄ تنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيا آهن.
ڇاڪاڻ، ته سڀ ڪنهن ڪلاڪ ۾، سڀ ڪنهن وقت، هن زمين
تي هزارين ماڻهو پنهنجي زندگي کي پورو ڪن ٿا ۽
سندن روح خدا جي اڳيان حاضر ٿين ٿا. اُنهن مان
الائجي ڪيترا، تنهائي ۾ موڪلاِئين ٿا، اَڻ ڄاتل،
مايوس ۽ ڏکويل، جن تي ڪوبه ماتم ڪرڻ وارو ڪونه
آهي، نه وري ايترو ڪو ڄاڻي ٿو ته هوُ دنيا ۾ رهيا
به ٿي يا نه. ياد رکو دنيا جو پرانهن حصو ڇو نه
هجي، اوهان جي دعا سندن آرام لاءِ خلقڻ هار وٽ
پهچي ويندي. جيتوڻيڪ اوهان کين نه ڄاڻو ٿا نه
سڃاڻو ٿا، نه وري هوُ اوهان کي ڄاڻن ٿا. هيءَ ڪيڏي
نه متاثر ڪندڙ حقيقت آهي، ته هڪ روح جو ڊنل حالت ۾
پنهنجي مالڪ جي سامهون هجي، اُن کي هيءَ خبر پوي
ته زمين تي هڪ اهڙوبه هم جنس آهي، جو ساڻس محبت
ڪري ٿو ۽ ان جي لاءِ دعا گهري ٿو. ڪيڏي نه اُن وقت
کيس خوشي حاصل ٿيندي. خدا اوهان ٻنهي تي رحم مان
نهاريندو. ڇاڪاڻ ته اوهان ايتري قدر، جڏهن ٻي تي
رحم کائو ٿا، تڏهن اهو جو لاحد آهي ۽ وڌيڪ محبت
ڪندڙ ۽ مهربان آهي، ڪيترو نه توتي رحم کائيندو ۽
هو هن کي، تنهنجي ڪري معاف ڪري ڇڏيندو.
ڀائرو، انسان جي گناهه کان خوف نه کائو. گناهه جي
هوندي به انسان سان محبت ڪريو. ڇاڪاڻ ته اصل دوستي
عشقِ الاهيءَ جو مظهر آهي ۽ لافاني آهي. نوع
انسانيءَ لاءِ بلند مرتبي واري دوستي آهي. خدا جي
سڄي مخلوق سان پيار ڪرڻ گهرجي. سڀ سان، ڇو نه
واريءَ جو ننڍڙو ذرڙو هجي! سڀ ڪنهن پن سان محبت
ڪريو ۽ خدا جي روشنيءَ جي هر ڪـِـرڻي سان محبت
رکو. جانورن سان پيار ڪريو، هر ٻوٽي سان پيار ڪريو
۽ سڀ ڪنهن شيءِ سان پيار ڪريو. جيڪڏهن اوهان سڀ
ڪنهن شيءِ سان پيار ڪندا ته اوهان کي شين جي
لازوال راز جي ڄاڻ حاصل ٿيندي. جيڪڏهن اوهان اُن
کي هڪ ڀيرو ڄاتو ته روزانو اُن کي بهتر سمجهڻ شروع
ڪندا. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو، جو آخر اوهان سڄي
جهان کي پيار ڪندا ۽ اُهو آغوش ۾ وٺڻ جهڙو پيار
هوندو. جانورن سان پيار ڪريو. خداتعاليٰ کين فڪر
جا ابتدائي اُصول بخشيا آهن ۽ خوشي، جنهن کي ڪابه
تڪليف ڪانه آهي. اُنهن کي تڪليف نه ڏيو. انهن کي
ڊيڄاريو نه کانئن سندن خوشي نه کسيو. خدا ئي مقصد
جي خلاف عمل نه ڪريو انسان ٿي، جانورن حي
بالادستيءَ تي فخر نه ڪريو. وٽن گناهه ڪونه آهي ۽
اوهان پنهنجي عظمت هوندي به، اُن زمين جي، جنهن تي
اوهان رهو ٿا، توهين ڪندا رهو ٿا ۽ پنهنجي اڍنگي
روش جا نشان پنهنجي پوئتان ڇڏيو ٿا. افسوس، هيءُ
اسان سڀني جي لاءِ بلڪل سچ ٿو نظر اچي! ٻارن کي
خاص طرح محبت ڪريو. ڇاڪاڻ ته اُهي به ملائڪن وانگر
بي عيب آهن. هوُ اسان جي دلين کي صاف ۽ پاڪ
بڻاِئين ٿا ۽ اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. افسوس آهي،
اُنهن تي، جي ٻارن جون دليون رنجاِئين ٿا! مربي
مون کي ٻارن سان محبت ڪرڻ سيکاريو هو. هنُ مهربان
۽ خاموش انسان، اڪثر اسان جي سير ۽ سفر واري زماني
۾ پنهنجو پئسو، ٻارن جي مٺائي ۽ ڪيڪ لاءِ صرف ٿي
ڪيو. هوُ ڪنهن به ٻار وٽان جوش ۽ جذبي کان سواءِ
نه ٿي گذريو. اهائي ان انسان جي فطرت هئي.
ڪن خيالن تي انسان مونجهاري ۾ پئجي ويندو آهي.
خاطر طرح انسان کي گناهه ڪندو ڏسي، هو عجب ۾ پئجي
وڃي ٿو، ته هو اتي پنهنجي طاقت ڪم آڻي يا نماڻي
محبت کي. هميشھ نماڻي محبت کي استعمال ڪرڻ جو
ارادو رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان هڪ ڀيرو هميشھ لاءِ
اهو فيصلو ڪيو ته سڄي دنيا کي تابع ڪري سگهندا.
نماڻي محبت حيرت انگيز مضبوطي رکي ٿي. هوءَ سڀني
شين کان طاقتور آهي ۽ اُن جهڙي ٻي ڪابه شيءِ
پائيدار ٿي نه ٿي سگهي.
هر ڏينهن، هر ڪلاڪ ۽ هر منٽ ۾ پنهنجي چوڌاري ڦري
پنهنجو محاسبو ڪر. ڏس ته تنهنجو عڪس ڏسڻ جهڙو آهي.
تون ننڍڙي ٻار وٽان گذرين ٿو، پر بد نيت ۽ بڇڙن
لفظن ۽ ڪيني ڀري دل سان. تو ٻار جو جائزو نه ورتو
آهي پر هو تو کي ڏسي ٿو، تنهنجي عڪس کي ڏسي ٿو. ٿي
سگهي ٿو ته هو پنهنجي غير محفوظ دل ۾ اُن کي اڻ
ڏٺو ۽ رذيل سمجهي. تون هن کي نه ٿو ڄاڻين پر تون
سندس دل ۾ بديءَ جي ٻج کي پوکين ٿو، جو وڏو ٿي
ويندو. هيءُ سڀ انهيءَ ڪري ٿيو، جو تو ٻار جي
سامهون خبرداريءَ کان ڪم نه ورتو. هي سڀ انهيءَ
ڪري هو، جو تنهنجي اندر، هڪ خبردار، باعمل ۽ سخي
محبت جو ڪوبه نشان نه هو. ڀائرو محبت علم آهي. پر
فقط هي ڄاڻڻ گهرجي، ته اُن کي ڪيئن حاصل ڪجي. اها
نهايت مهانگي خريدي ويندي آهي. اها آهستي آهستي،
وڏي محنت کان پوءِ حاصل ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته اسان
جي محبت اتفاقي ۽ موقعي آهر نه هئڻ گهرجي گهڙيءَ
لاءِ نه پر هميشھ لاءِ هئڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن پيار
ته هر ڪو ڪندو آهي، ۽ اهو ته بڇڙو به ڪندو آهي.
منهنجي ڀاءُ پکين کي چيو ٿي، ته هو کيس معاف ڪن.
هيءَ هڪ حقيقت نظر ايندي، پر هن ۾ صداقت آهي.
ڇاڪاڻ ته هيءُ سڀ ڪجهه هڪ وڏي سمنڊ وانگر آهي،
اسان سڀ اُن جي وهڪري ۾ وهندا وڃون ٿا ۽ اُن ۾ ملي
وڃون ٿا. زمين کي هڪڙي هنڌ ڇهڻ سان، اُن جي چرپر
کيس ٻي هنڌ پهچائي ٿي. پکين منجهان غصي جي طلب بي
معنيٰ ٿي سگهي ٿي، پر پکي اوهان جي طرف کان خوشيءَ
سان ڀرجي ويندا. کين ٿوري خوشي حاصل ٿيندي. جيڪڏهن
اوهان جيئن هاڻي آهيو، اُن کان ٿورو شاندار بڻجي
وڃو، ته ٻارن ۽ جانورن جي لاءِ به ساڳيءَ ريت
خوشيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهو ٿا. هيءُ سڀ ڪجهه وڏي
سمنڊ وانگر آهي، جيئن مان اوهان کي ٻڌايو آهي.
هيءُ جهان هڪ وڏي سمنڊ وانگر آهي، مان اوهان کي
ٻڌايان ٿو. محبت کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي، اوهان کي
پکين لاءِ به دعا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي خود عشق
ڪامل رکن ٿا ۽ محبت جو شديد جذبو. دعا گهر ته هو
پڻ تنهنجي گناهن کي بخش ڪن. هن وجداني حالت کي پاڻ
وٽ جمع ڪر، توڙي جو ماڻهوءَ لاءِ ڇو نه بي مقصد
هجي.
”منهنجا دوستو، خداتعاليٰ کان خوشي ۽ سرور جي طلب
ڪيو. اوهان معصوم ٻارن ۽ آسماني پکين وانگر خوش ٿي
رهو. انسانن جي گناهه کان نه ڊڄو. اِيئن نه ٿئي ته
هو اوهان جي عمل جي لاءِ رڪاوٽ بڻجي وڃن. خوف نه
کائو ته انهن جو گناهه، اوهان جي عمل جي نقشي کي
لوڏي ۾ آڻي ڇڏيندو. اِيئن نه چئو ته گناهه طاقتور
آهي. بدي طاقتور آهي. بڇڙائي جو ماحول طاقتور آهي
۽ اسان اڪيلا ۽ بي يار آهيون ۽ بدي ۽ بديءَ جو
ماحول پري وٺي وڃي رهيو هو ۽ اسان کي نيڪو ڪاريءَ
کان روڪي رهيو آهي. ” غم مايوسيءَ کان پري ڀڄو
عزيزو! هن کان نجات جو هڪ ئي وسيلو آهي، ته اوهان
پاڻ کي سڀني انسانن جي گناهه لاءِ جوابدار سمجهو.
ان ۾ صداقت آهي، اوهان کي خبر هجي دوستو، ته جيئن
ئي اوهان سچائي سان هر شيءِ جي لاءِ ۽ هر هڪ
ماڻهوءَ جي لاءِ پاڻ کي جوابدار سمجهندا ته اوهان
هڪدم ڏسندا ته سچ پچ حالت اِيئن آهي ۽ اوهان کي ئي
سڀ ڪنهن ماڻهوءَ ۽ سڀ ڪنهن شيءِ لاءِ ڏوهه ڏيئي
سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن پنهنجي ناتواني اوهان ٻين جي
گردن ۾ اڇلائي ڇڏيندا ته ڄڻ اوهان شيطاني تڪبر ۾
ڀائيوار ٿي ويندا ۽ خدا جي خلاف پيا ڀڻ ڀڻ ڪندا.
جيئن مان خيال ڪريان ٿو، شيطان جي سڄي وڏائي هن ۾
آهي: ڌرتي تي اسان لاءِ ناممڪن آهي ته اسان ان جي
لاءِ ڪجهه ادراڪ ڪري سگهون. اُن ڪري اسان آسانيءَ
سان غلطي ۾ وڃي پئون ٿا ۽ اُن جا ڀائيوار بڻجون
ٿا. توڙي جو اسان اِيئن ڇو نه خيال ڪريون، ته اسان
هڪ عمدو ۽ عظيم عمل ڪري رهيا آهيون. سچ سچ ڪيترا
اهڙا جذبا ۽ ڪيتريون اهڙيون طاقتور حرڪتون اسان جي
فطرت ۾ داخل آهن، جن بابت اسان ڌرتيءَ تي ڪوبه
ادراڪ ڪري نه ٿا سگهون. اِيئن نه ٿي، ته هيءَ
تنهنجي لاءِ رڪاوٽ جو سبب بڻجن ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه جي
لاءِ تائيد جي طور تي ڪم اچن. ڇاڪاڻ ته غير فاني
منصف توهان کان اُن شيءِ جي طلب ڪري ٿو، جنهن کي
اوهان ادراڪ ڪري سگهو ٿا. نه انهيءَ شيءِ جي، جنهن
کي اوهان ادراڪ ڪري ئي نه ٿا سگهو. اوهان ڪڏهن هن
کان واقف ٿيندا ۽ پوءِ ٻين شين کي صداقت سان ڏسندا
۽ ڪوبه جهڳڙو باقي نه رهندو. سچ پچ زمين تي اسان
سرگردان هئاسون. جڏهن اسان جي سامهون حضرت عيسيٰ
عليه السلام جو قيمتي نقش نه هجي ها ته اسان
نامڪمل هجون ها ۽ پوري ريت گمراهه. جهڙي ريت هڪ
سيلاب جي سامهون انساني نسل! ڌرتي جي مٿان گهڻو
ڪجهه اسان کان لڪل آهي. پر ان جي عوض ۾ اسان کي
قيمتي اسرار ڀري حـِـس عطا ڪئي وئي آهي، جا اسان
جي زندگي ۽ ٻئي جهان جي وچ ۾ پنڌن جي صورت ۾ موجود
آهي. مٿانهين آسماني جهان سان. اسان جي فڪر ۽ جذبن
جون پاڙون هتي نه آهن پر ٻين جهانن ۾ آهن. اهوئي
سبب آهي جو فلاسافر چون ٿا ته شين جي صداقت کي
اسان زمين تي سمجهي ئي نه ٿا سگهون.
خداتعاليٰ جدا جدا جهانن مان ٻج کي ورتو ۽ زمين تي
پوکيو. سندس ِِِِِڦل ڦولاريو ” سڀ ڪا شيءِ ٻاهر
آئي،جا اچڻ جهڙي هئي،پر اهي شيون جي ٻاهر، موجود
آهن، اهي فقط هن جذبي ۽ تعلق جي باعث جو، کين پر
اسرار جهانن سان اُهي زندهه آهن.جيڪڏهن اهو جذبو
اوهان ۾ ضعيف يا تباهه ٿي وڃي، ته اها آسماني
نشوونما به اوهان ۾ فنا ٿي ويندي. پوءِ اوهان جي
زندگيءَ ۾ ناهمواري پيدا ٿي پوندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته
اوهان کي ان جي لاءِ حقارت پيدا ٿي پوي. منهنجو ته
اهوئي قياس آهي.
ٿي سگهي ٿو ته انسان پاڻ جهڙن سان انصاف ڪري سگهي
ياد رک، ته تون ڪنهن جو به خاص طرح منصف ٿي نه ٿو
سگهين. ڪو به ماڻهو ڪنهن به ڏوهيءَ بابت انصاف نه
ٿو ڪري سگهي، جيستاِيئن هو اِيئن نه سمجهي ته هو
به ان ڏوهاريءَ جهڙو آهي،جو سندس سامهون بيٺو آهي
۽ هوئي آهي، جنهن کي شايد سڀني ماڻهن کان وڌيڪ ان
ڏوهه جي ميار ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن هو هن حقيقت کي
سمجهندو،تڏهن ئي هو منصف ٿيڻ جي قابل ٿيندوـ
جيتوڻيڪ هي ظاهر ۾ فضول نظر اچي ٿو پر آهي سچ.
جيڪڏهن مان حق تي هجان ته پوءِ شايد ڪوبه ڏوهاري
منهنجي سامهون بيٺل نه هجي ها. جيڪڏهن تون اُن
ڏوهاريءَ جو ڏوهه پنهنجي ذمي وٺڻ گهرين ٿو جنهن جو
نبيرو تون پنهنجي دل ۾ ڪرين ٿو ته هڪدم اُن کي وٺ.
ان جي لاءِ تڪليف کي برداشت ڪر ۽ کيس طعني زني کان
سواءِ وڃڻ ڏي. جيڪڏهن قانون کڻي توکي اُن جو منصف
ڇو نه مقرر ڪري، ته تون جيتري قدر ٿي سگهي، ته
اهڙي روح سان ئي عمل ڪر. هو گذري ويندو ۽ جو ڪجهه
تو ڪيو آهي، اُن لاءِ سختي سان پاڻ کي ڏوهه ڏي. پر
جيڪڏهن ايتري پيار کانپوءِ به هو بنا ڪنهن اثر جي،
توتي طعني بازي ڪندو وڃي ٿو، تون اُن جي خيال کي
پنهنجي لاءِ رڪاوٽ نه سمجهه. توکي ڄاڻڻ کپي ته
سندس هدايت جو وقت اڃا نه آيو آهي. پر اُهو ٿوري
وقت کانپوءِ ايندو. پر جيڪڏهن اهو وقت نه آيو ته
اُن جي پرواهه نه آهي. جيڪڏهن هو راهه راست تي اچي
نه سگهيو آهي ته ڪو ٻيو اُن حقيقت کي سمجهندو ۽
تڪليف کي برداشت ڪندو. هوُ حقيقت کي توريندو ۽ پاڻ
کي ئي سزاوار سمجهندو ۽ اهڙي صداقت پنهنجي صورت
وٺندي. هن ّ۾ يقين رک ۽ بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اُن
تي يقين رک. ڇاڪاڻ ته هن ئي طريقي نيڪ مردن جون
اُميدون ۽ عقيدا شامل رهن ٿا. لاڳيتو ڪم ڪندو رهه.
جڏهن رات جو سمهڻ لاءِ وڃي ۽ توکي ياد اچي ته مون
کي جو ڪم ڪرڻو هو، اهو نه ڪري سگهيو آهيان، ته
هڪدم اٿي ۽ ان کي پورو ڪر. جيڪڏهن تنهنجي سامهون
اهڙا ماڻهو آهن جي بدنيت ۽ بي حسد آهن ۽ تنهنجي نه
ٿا ٻڌن، ته انهن جي اڳيان جهڪي وڃ ۽ انهن کي بخشش
لاءِ عرض ڪر، ڇاڪاڻ ته اهو ڏوهه تنهنجو ئي آهي، جو
هو توکي نه ٿا ٻڌن. جيڪڏهن تون انهن جي سخت هلت جي
باعث، ساڻن ڳالهائي نه ٿو سگهين ته سندن خاموش ۽
نياز منداڻي طريقي سان خدمت ڪر ۽ ڪڏهن به نااميد
نه ٿيءُ جيڪڏهن ماڻهن توکي ڇڏي ڏنو آهي ۽ زور سان
هڪالي ڇڏيو آهي ۽ جڏهن تـُـون ڌرتيءَ تي اڪيلو
رهجي ويو آهين، تڏهن ان کي پنهنجي لڙڪن سان پاڻي
ڏي. هيءُ تنهنجي لاءِ ميوا آڻيندو. جيتوڻيڪ
تنهائيءَ جي گوشي ۾ نه ڪنهن توکي ٻڌو آهي نه ڏٺو
آهي. آخر تاِيئن يقين کي نه ڇڏ. توڙي جو، سڀئي
ماڻهو ڇو نه گمراهه بڻجي وڃن ۽ تون اڪيلو ايماندار
رهجي وڃين. تون پنهنجي لاءِ دعائن ڀريو هٿ کڻ ۽
تنهائي ۾ خدا جي ساراهه ڪر. پر جيڪڏهن اوهان ٻه گڏ
آهيو ته پوءِ اوهان ٻئي هڪ ٻئي کي پيار سان آغوش ۾
وٺو ۽ خدا جي ساراهه ڪريو، ڇو ته هن اوهان ٻن ۾ ئي
پنهنجي صداقت کي موجود ڪيو آهي.
جيڪڏهن اوهان کان گناهه ٿيو آهي ته اُن گناهه لاءِ
موت تاِئين پشيمانيءَ جو اظهار ڪندا رهو يا جيڪڏهن
اوهان کان ڪو اوچتو گناهه ٿيو آهي، ته اوهان ٻين
لاءِ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، صالح انسان لاءِ خوشي
جو اظهار ڪيو. جيڪڏهن اوهان، گناهه ڪيو آهي ته
خوشي ڪريو ته هو صالح آهي ۽ هن ڪو به گناهه نه ڪيو
آهي.
جيڪڏهن بد نيت انسان جو عمل توهان کي غم ۽ غصو ڏئي
۽ توهان جي دل ۾ بدڪارن کان انتقام وٺڻ جو خيال
پيدا ڪري ته اُن کي مٽائي ڇڏيو ۽ اهڙي جذبي کي ختم
ڪري ڇڏيو. هڪدم وڃو ۽ پنهنجي لاءِ تڪليفن جي جستجو
ڪريو. ڄڻ ته اوهان ئي غلطي جو ارتڪاب ڪيو آهي.
انهن ڏکن ۽ ڏاکڙن کي قبول ڪريو ۽ اُن کي سهو.
اِيئن ڪندي اوهان کي دلي آرام ملندو ۽ اوهان سمجهي
سگهندا ته اوهان پڻ ڏوهاري آهيو ۽ اوهان کي بدڪارن
لاءِ نرم ٿيڻ کپندو هو. اوهان اِيئن سمجهندا ته هڪ
ماڻهو بي گناهه هو، جنهن لاءِ اوهان نرم نه ٿي
سگهيا. جيڪڏهن اوهان نرم ٿيو ها، ته اوهان ٻين جي
لاءِ به اُن رستي کي روشن بڻايو ها. شايد اِيئن ٿي
پوي ها ته اوهان جي روشنيءَ جي باعث گنهگار بچي
وڃن ها. اوهان جي روشني جهڳمڳ ته ڪندي رهي ٿي، پر
اوهان ڏسو ٿا ته اُها ڪنهن کي به بچائي نه ٿي
سگهي. اوهان اُن روشني کي مضبوط جهليو ۽ آسماني
روشنيءَ جي طاقت ۾ ڪو به شڪ ۽ شبهو نه آڻيو. يقين
رکو ته هوُ جيڪڏهن هاڻي نه بچايا ويا آهن ته هن
کانپوءِ هو ضرور بچايا ويندا. جيڪڏهن هو پوءِ به
محفوظ نه رهي سگهيا ته سندن اولاد محفوظ ٿي ويندو.
ڇاڪاڻ ته اوهان جي روشني ڪڏهن به نه اُجها مندي،
توڙي جو اوهان مري به ڇو نه وڃو. نيڪ انسان جدا ته
ٿي وڃي ٿو پر سندس روشني باقي آهي. ماڻهو پنهنجي
پيغمبرن جو انڪار ڪن ٿا ۽ کين پڻ قتل به ڪن ٿا. پر
هو پنهنجي شهيدن سان محبت ڪن ٿا ۽ اُنهن جي عزت ڪن
ٿا، جن کي هنن ماريو آهي. اوهان سڄي دنيا جي لاءِ
ڪم ڪريو ٿا ۽ مستقبل جي لاءِ ڪوشش ڪريو ٿا. ڪنهن
به انعام جي طلب نه ڪريو، ڇو ته زمين تي اوهان جي
لاءِ وڏو انعام آهي. ڇاڪاڻ ته روحاني خوشي فقط نيڪ
ماڻهوءَ کي عنايت ڪئي وئي آهي. ڪنهن به وڏي ۽
طاقتور کان خوف نه کائو پر سياڻا ۽ هميشه صاف ۽
پرسڪون ٿي گذاريو. وزن ۽ ماپ کي ڄاڻو، وقت جي دور
کي ڄاڻو ۽ انهن جو مطالعو ڪندا رهو. جڏهن اوهان
اڪيلائي ۾ هجو ته دعا گهرندا رهو. زمين تي سجدي ۾
ڪرڻ ۽ اُن کي چمڻ سان محبت ڪريو. زمين کي چمو اُن
غير معمولي اشتياق ۽ حرص سان پيار ڪريو. سڀني
انسانن ۽ هر شيءِ کي پيار ڪريو. بيخودي ۽ انتهائي
خوشيءَ کي ڳول. پنهنجي خوشي جي لڙڪن سان زمين کي
تر ڪر ۽ اُنهن لڙڪن کي پيار ڪر. تون پنهنجي
انتهائي خوشي کان شرمندو نه ٿي. اُن کي انعام طور
وٺ. ڇاڪاڻ ته هيءُ خدا جو انعام آهي ۽ نهايت عظيم.
هيءُ انعام سڀ کي نه ملندو آهي پر منتخب انسانن کي
ملندو آهي.
جهنم ۽ جهنم جي باهه جو ذڪر ۽ صوفياڻا امڪان
مربيو ۽ اُستادو! مان خيال ڪريان ٿو ته دوزخ ڇا
آهي؟ مان ٻڌايان ٿو ته، هيءُ اهو عذاب آهي، جو
محبت جي محروميءَ جو نتيجو آهي. ”هڪ ڀيرو هن لا
محدود حيات ۽ اڻ ڪٿ وقت ۽ فضا ۾، هڪ روحاني جاندار
کي زمين ڏي ايندي، هن چوڻ جي طاقت ڏني وئي ته،
”مان آهيان ۽ محبت ڪريان ٿو.“ هڪ ڀيرو ۽ فقط هڪ
ڀيرو، کيس عملي طور تي، محبت گذارڻ جو وقت بخشيو
ويو ۽ انهيءَ ڪري ئي کيس زميني زندگي، اوقات ۽
موسمن سان گڏ ڏني وئي. پر اُن خوش بخت، انسان، اُن
بي بها انعام کي رد ڪري ڇڏيو. اُن کي هن نه انعام
سمجهيو ۽ نه اُن سان محبت ڏيکاري. ان کي هن نفرت
سان ڏٺو ۽ طعني زني ڪئي. اهڙو انسان جڏهن زمين کي
ڇڏي ٿو، هو حضرت ابراهيم (عليه السلام) جي سيني کي
ڏسي ٿو ۽ حضرت ابراهيم (عليه السلام) سان گفتگو
ڪري ٿو، جيئن اسان کي، هڪ دولتمند شخص ۽ لزاريوس
جي چوڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي، هيءُ آسمان کي گرفت ۾
وٺي ٿو ۽ پنهنجي خالق تاِئين پهچي ٿو. پر هي سڀ
ڪجهه سندس عذاب جو باعث آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان محبت
ڪرڻ بغير، هو پنهنجي خالق تاِئين ڪيئن پهچي سگهي
ٿو. سوبه انهن جي قريب، جن اُن سان محبت ڪئي ۽ هن
انهن کي حقارت سان ڏٺو. ڇاڪاڻ ته هوُ واضح طور تي
ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي چوي ٿو ته، مان هاڻي سمجهان ٿو،
جيتوڻيڪ مان هاڻي محبت ڪرڻ چاهيان ٿو، پر مون وٽ
هاڻي نه ڪا عظيم شيءِ آهي، نه وري منهنجي محبت جي
ڪا قرباني آهي. ڇاڪاڻ ته منهنجي زميني زندگي ختم
ٿي چڪي آهي، ۽ ابراهيم (عليه السلام) ڪڏهن به مون
وٽ آبِ حيات جي هڪ ڦڙي کي به نه آڻيندو، ”جو زمين
تي عملي زندگي جو انعام آهي“ جو منهنجي روحاني
محبت جي تشنگي کي، جا منهنجي اندر موجود آهي، سرد
ڪري سگهي، جنهن کي مان زمين تي حقارت سان نهاريندو
ٿي رهيس. هاڻي منهنجي لاءِ ڪا به حياتي ڪا نه آهي
نه وري مڪان ۽ زمان! کڻي مان هاڻي ٻين جي لاءِ
پنهنجي حياتي ڇو نه قربان ڪريان، پر اهو ٿي نه ٿو
سگهي، ڇو ته اُها حياتي گذري چڪي جا محبت ۾ قربان
ٿي سگهي ها. هاڻي حياتي ۽ اُن جي وجود ۾ وڏو ويڇو
اچي چڪو آهي.
هو دوزخ جي باهه ۽ ان جي مادي تي عمل جي بابت
ڳالهيون ڪن ٿا، مان اُن راز نياز ۾ وڃڻ نه ٿو
گهران ۽ اُن کي ختم ٿو ڪريان، پر مان خيال ٿو
ڪريان ته جيڪڏهن اها باهه مادي طور تي موجود آهي
ته، هو ان جي موجودگيءَ کان خوش ٿيندا، ڇاڪاڻ ته
مان خيال ٿو ڪريان ته مادي عذاب ۾ سندن عظيم تر
روحاني عذاب ٿوري گهڙيءَ لاءِ کانئن وسري ويندو.
مگر روحاني عذاب کانئن جدا ٿي نه سگهندو، ڇو ته
هيءَ ٻاهرين شيءِ نه آهي پر سندن اندروني آهي.
جيڪڏهن اهو عذاب کانئن پري به ڪيو وڃي ته اها
ڳالهه هنن جي لاءِ وڌيڪ ايذاءَ ڏيندڙ ٿي پوندي.
توڙي جو نيڪ شخص کين معاف به ڪن، سندن عذاب کي
روڪين ۽ کين پنهنجي لامحدود محبت جي ذريعي آسمان
ڏي گهراِئين ته هوُ پنهنجي عذاب کي تورڻ لڳندا،
ڇاڪاڻ ته هي منجهن جوابدارانه، عملي ۽ شڪر گذار
محبت جي لاءِ ناممڪن شيءِ هوندي. مان پنهنجي ڏڪندڙ
دل سان سوچيان ٿو ته سندن هن ناتواني جي قبوليت،
شايد آخر کين تسڪين ڏئي. ڇاڪاڻ ته نيڪ شخص جي محبت
کي قبول ڪندي، ان جي عيوض کي ڏيڻ کان پاڻ کي قاصر
ڏسي، پنهنجي نياز ۽ فرمانبرداريءَ سان، آخر هو
عملي محبت جي طريقي کي حاصل ڪري وٺندا، جنهن کي
هنن پنهنجي زندگيءَ ۾ حقارت سان ٺڪرايو هو.... مون
کي ڏک ٿو ٿئي، منهنجا دوستو ڀائرو، مان هن حقيقت
جي چڱيءَ ريت وضاحت نه ٿو ڪري سگهان. پر افسوس آهي
انهن تي، جن هن زمين تي پاڻ کي ماريو ۽ خود ڪشي
ڪئي. مان خيال ٿو ڪريان، ته دنيا ۾ هنن کان وڌيڪ
ڪو بدبخت ٿي نه ٿو سگهي. مون کي چيو وڃي ٿو، ته
هنن لاءِ دعا گهرڻ گناهه آهي ۽ ديول، ظاهر ۾ مٿن
لعنت ٿي موڪلي، پر مان پنهنجي دل جي گهراين ۾ پاڻ
کي چوان ٿو، ته هنن جي لاءِ پڻ دعا ڪرڻ گهرجي.
حضرت مسيح اسان جي هن روش کان، جا اسان هنن لاءِ
وٺون ٿا، هرگز غصي نه ٿيندو. مربيو ۽ ڀائرو! مان
اعتراف ٿو ڪريان ته مان پنهنجي سڄي زندگي ۾ اندرئي
اندر، انهن لاءِ دعا ڪندو رهيو آهيان ۽ هاڻي به سڀ
ڪنهن ڏينهن تي، انهن لاءِ دعا گهرندو رهندو آهيان.
ها! ڪي اهڙا به آهن، جي پنهنجي ڄاڻ ۽ صداقت جي
موجودگيءَ ۾، جهنم ۾ به مغرور ۽ خونخوار آهن. هي
اهي ئي ٿورا خوفناڪ انسان آهن، جن پاڻ کي شيطان ۽
سندس مغرور روح وٽ پوري طرح سپرد ڪري ڇڏيو آهي.
انهن جي لاءِ جهنم لازمي ۽ سندس باهه حاسد آهي.
کين سندن انتخاب جي باعث هيءُ عذاب آهي. ڇاڪاڻ ته
هنن پاڻ کي برباد ڪيو هو، خدا ۽ زندگي کي ٺڪرايو
هو، هنن پنهنجي زندگي انتقامي مغروريءَ سان گذاري
هئي، بلڪل اهڙيءَ ريت، جيئن رڻ پٽ ۾ هڪ بک ۾ مرندڙ
انسان، پنهنجي بدن مان رت کي ڪڍي پيئندو آهي پر
کين ڪڏهن به تسلي حاصل نه ٿيندي، هو عفو جا منڪر
ئي رهندا، هو خدا جي مخالفت تي ڪمر ڪشيو بيهندا،
توڙي جو خدا کين پنهنجي طرف سڏي ٿو. پر هي پنهنجي
احساس خصومت جي باعث زندهه خدا کي ڏسي نه ٿا سگهن
۽ کين هيءَ اميد آهي ته خدا جو وجود ئي نه آهي.
هوئي پاڻ کي ۽ پنهنجي مخلوقات کي برباد ڪري رهيو
آهي. هو هميشھ لاءِ پنهنجي غصي جي باهه ۾ خود ئي
جلن ٿا ۽ پنهنجي موت ۽ سستي لاءِ پيا ٿا واجهائين.
پر هو پنهنجي آرزوءَ کي ۽ موت کي ڪڏهن به حاصل ڪري
نه سگهندا....
هتي اليڪسي فيودورووچ ڪرامازوف جو دستخط نسخو پورو
ٿئي ٿو. مان هيءَ ڳالهه وري دهرايان ٿو، ته هيءَ
نامڪمل ۽ مختصر آهي. سوانح حيات جي تفصيل جي نظر
کان هن ۾ فقط مربي زوسيما جي ابتدائي جواني جو
احوال ڏنو ويو آهي. سندس تعليم ۽ راين جي مدنظر،
فقط سندس اُهي اقوال ڏنا ويا آهن، جي هن مختلف
موقعن تي چيا هئا. پر سندس مجموعي اخلاق جي خبر
اسان کي اليڪسي فيودورووچ جي دستخط مان چڱيءَ ريت
پئجي سگهي ٿي.
مربيءَ جو موت آخر ۾، اميد جي خلاف اوچتو واقع
ٿيو. جيتوڻيڪ انهن جي، اُن آخري شام جو، سندس
چوڌاري اچي گڏ ٿيا هئا، محسوس ٿي ڪيو، ته سندس موت
قريب آهي. پر وٽن اهو تصور نه هو، ته سندس موت ڪو
ايڏو اوچتو ٿيندو. پر هن خيال جي خلاف، سندس دوستن
جيئن مان اڳ ۾ چيو آهي، کيس خوش ڳالهائيندو ٿي
ڏٺو. کين يقين هو ته سندس حالت ۾ عارضي طرح چڱي
تبديلي اچي وئي آهي. سندس موت کان ٿورا منٽ اڳ،
هنن چيو ٿي ته سندس حالت عجب جهڙي آهي ۽ مشڪل سان
سندس موت جو خيال ڪري سگهجي ٿو. اوچتو هن پنهنجي
سيني ۾ سخت سور محسوس ڪيو. هو زرد ٿي ويو ۽ پنهنجي
هٿن کي دل تي رکيائين. سڀئي پنهنجي جاين تان اٿيا
۽ تيزيءَ سان وٽس پهتا. جيتوڻيڪ کيس سخت سور هو پر
اڃا به کين مشڪندي نهاري رهيو هو. هو هوريان ڪرسي
کان گوڏن ڏي گهرڪندو ويو. تنهن کان پوءِ هن پنهنجو
منهن زمين ڏي جهڪايو. پنهنجي ٻانهن کي ڊگهو
ڪيائين، ڄڻ ته هوُ خوشي ۽ آنند مان، دعا به گهري
رهيو هو ۽ زمين کي چمي به رهيو هو. اهڙيءَ ريت
خاموشي ۽ خوشيءَ سان، هن پنهنجو روح خالق کي سپرد
ڪري ڇڏيو.
سندس موت جي خبر هڪدم راهبن کان مڙهيءَ تاِئين
پهچي وئي. مري ويل جا قريبي دوست ۽ جن جو سندن
مقام کان اهو فرض هو، انهن لاش کي قديم رواج موجب
کڻي ليٽايو ۽ سڀئي راهب ديول ۾ وڃي گڏ ٿيا. پرهه
ڦٽيءَ کان اڳ ۾ سندس موت جي خبر شهر ۾ پکڙجي وئي.
شهر ۾ صبح جو سڀ ماڻهو هن واقعي تي گفتگو ڪندا
رهيا ۽ گروهه در گروهه ماڻهو شهر کان مڙهيءَ ڏي
ايندا رهيا، پر هيءُ مضمون ٻي ڪتاب ۾ ڏنو ويندو.
مان هتي فقط هيترو چوڻ گهران ٿو، ته هڪ ڏينهن کان
پوءِ هڪ ڳالهه اوچتو اهڙي ٿي گذري، جا پنهنجي
اثرکان راهبن لاءِ عجيب، مايوسي پيدا ڪندڙ ۽
منجهائيندڙ هئي پر شهر وارن لاءِ به. ۽ اها ڳالهه
ڪيترن سالن جي گذرڻ کانپوءِ به چٽيءَ طرح سان شهر
وارن کي ياد آهي. |