سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ڇهون

صفحو :21

 

 

حصو ڇهون

 

روسي

 

راهب

 

 

 

باب پهريون

مربي زوسيما ۽ سندس ملاقاتي

جڏهن اليوشا انتظار ۽ غم ڀـَـري دل سان مربي جي ڪمري ۾ گهڙيو ته هـُـو عجب ۾ پئجي ويو. هن بيمار کي منجهيل ساهه کڻندڙ ۽ بيهوش هئڻ جي بجاءِ، ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺو. هـُـو جيتوڻيڪ ڪمزور ۽ ٿڪايل ٿي ڏٺو، مگر سندس چهرو چمڪندڙ ۽ خوشيءَ ڀريو هو. سندس چوڌاري ملاقاتي هئا ۽ هـُـو اُنهن سان سنجيدگيءَ سان گفتگوءَ ۾ مشغول هو. هـُـو اليوشا جي پهچڻ کان فقط پندرنهن منٽ اڳ ۾ بستري تان اُٿي ويٺو هو. سنس ملاقاتي اڳ ۾ ئي سندس ڪمري ۾ جمع ٿيا هئا ۽ سندس جاڳڻ جي لاءِ انتظار ۾ هئا. راهب پائسي کان کين يقين مليو هو، ته  ”هـُـو معلم ٿيندو ۽ هـُـن پاڻ صبح سان واعدو ڪيو آهي، ته هـُـو پنهنجي پيارن سان هڪ ڀيرو وڌيڪ گفتگو ڪندو. راهب پائسي، کي مرندڙ مربي جي واعدي ۽ سندس هر لفظ ۾ پورو پورو يقين هو. جيڪڏهن هـُـو کيس بيهوش به ڏسي ها يا مرڻ جي ڪنڌي تي ڇو نه ڏسي پر کيس پنهنجي پير جي واعدي ۾ ايڏو ته ايمان هو، ته هـُـو ضرور اُٿندو ۽ کيس خدا حافظ چوندو. هـُـو سندس موت تي به اعتبار نه ڪري ۽ اِيئن چوي ها ته هـُـو ضرور اُٿندو ۽ ساڻس گفتگو ڪندو. زوسيما سويرو صبح جو کيس سمهڻ کان اڳ ٻيهر چيو هو ته ”مان اوهان پيارن سان ٻي خوشگوار گفتگو ڪرڻ کان سواءِ نه مرندس. مان هڪ ڀيرو وڌيڪ اوهان جي پيارن چهرن کي ڏسندس ۽ پنهنجي دل جي اُمنگن کي اوهان وٽ پيش ڪندس. ” اُهي راهب جي سندس آخري گفتگو ٻڌڻ جي لاءِ اَچي جمع ٿيا هئا، سي سڀ ورهين کان سندس مخلص دوست هئي. هـُـو ڪل چار هئا. راهب ايوسف، راهب پائسي، راهب ميخائيل. ميخائيل اُن سنياس جي جاءِ جو وڏو شمار پئي ٿيو. هـُـو ڪرڙوڍ هو ۽ ايتري ڄاڻ وارو به نه هو. هـُـو نماڻي طبعيت، مضبوط اِرادي، پختي اعتقاد وارو، سندس قلب مهر ۽ شفقت سان ڀريل هو. هـُـو اِنهن خاصيتن کي لڪائيندو ٿي رهيو، ڇو ته کيس اِنهن جي اظهار کان شرمندگي محسوس ٿيندي هئي. چوٿون راهب انفيم، بيحد پوڙهو هو ۽ نهايت نماڻو، غربت زده هارين جي گروهه مان هو. هـُـو اَڻ پڙهيل هو. نهايت خاموش، مشڪل سان ڪنهن سان گفتگو ڪندو هو. هـُـو نيازمندن جو به نيازمند هو ۽ اِيئن ڏسڻ ۾ ايندو هو ته هـُـو ڪنهن شاهين ادراڪ جي زير اَثر آهي. مربي زوسيما کي هن لاءِ بيحد احترام هو ۽ کيس بيحد عزت سان پيش ايندو هو. جيتوڻيڪ هـُـو مقدس روس ۾ سالن جا سال گڏ ساڻس سير ڪندو رَهيو، پر اُن هوندي به هڪ ٻي سان گهٽ ڳالهائيندا هئا. هن کي گهڻو وقت گذريو، چاليهه سال اڳ، جڏهن مربي زوسيما، پنهنجي راهباڻي زندگي جي سادي ۽ غريباڻي خانقاه ڪئسٽروما ۾ ابتدا ڪئي هئي. اُن کان ٿورو پوءِ هن راهب انفيم سان گڏ، اُن خانقاه جي لاءِ خيرات وٺڻ لاءِ ملڪ جو دورو ڪيو هو.

هيءَ سڄي جماعت خوابگاهه ۾ هئي، جنهن لاءِ اَسان اڳ ۾ چئي چـُـڪا آهيون ته نهايت ننڍي هئي ۽ مشڪل سان منجهس چئن ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ هئي. لاچار پر خير نئون سيکڙاٽ راهب اُتي بيٺو هو. چئن ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون، قيامگاهه جي ڪوٺيءَ مان آنديون ويون هيون. ان وقت اونداهي پکڙندي ٿي رَهي. شمع ۽ فانوس مجسمن جي سامهون روشن ڪيا ويا هئا.

مربي زوسيما، اليوشا کي دروازي وٽ منجهيل بيٺل ڏسي مشڪيو ۽ پنهنجو هٿ مٿي ڪري، کيس کيڪاريائين.

 ”سلام منهنجي عزيز دوست، سلام منهنجا پيارا. تون اَچي وئين. مان سمجهيو ٿي ته تون ايندين.“

اليوشا وٽس وڌي ويو، ۽ سندس اڳيان زمين تي جهڪي، روئن لڳو. سندس دل شڪسته هئي ۽ سندس روح لرزي رهيو هو. هن چاهيو ٿي، ته خوب روئي.

 ”اچ، مون تي اَڃا نه روءُ. ”مربي زوسيما، سندس مٿي تي سڄو هٿ رکي مشڪيو.“

 ”تون ڏسين ٿو ته مان ويٺو آهيان ۽ ڳالهايان ٿو. ٿي سگهي ٿو ته مان ويهه ورهيه وڌيڪ جيئرو رهان. ڪالهه هڪ دشيگوري جي نيڪ عورت پنهنجي ننڍڙي نينگر لزاويٽا کي ڀاڪر ۾ جهلي، اِهڙي خواهش جو اظهار ٿي ڪيو. خدا اُن ماءُ ۽ ننڍڙي نينگر لزاويٽا تي پنهنجون برڪتون نازل ڪري.“ هن پاڻ تي صليب جو نشان بڻايو. ” پروفيسر، تو سندس نذرانو اُن جاءِ تي پهچايو، جنهن لاءِ توکي چيو هيم.

اُن نيڪ عورت اڳئين ڏينهن 60 ڪاپڪس(سڪا) اِنهيءَ لاءِ آندا هئا، ته اُهي ڪنهن اِهڙي عورت کي ڏنا وڃن، جا کانئس وڌيڪ محتاج هجي. پيسن جو هي نذرانو، اِهڙي قسم جو ڪفارو آهي، جنهن کي هر ڪو ماڻهو، دل جي خوشيءَ سان قبول ڪندو آهي. مربي پرفيري کي اڳئين شام جو هڪ رن زال ڏي موڪليو هو، جنهن جو گهر ٿورو وقت اڳ ۾ باهه ۾ سڙي ويو هو ۽ جا باهه لڳڻ کان پوءِ ٻارن سميت خيرات پنڻ لاءِ نڪري پئي هئي. پرفيري تڪڙ مان جواب ڏنو ته کيس جيئن هدايت ڪئي وئي هئي، اِهڙي ريت اُها رقم اُن کي هيئن چئي پهچائي وئي اهي ته اِها ڪنهن نامعلوم خيرات ڪندڙ جي طرفان آهي.“

 ”اي منهنجا پيارا ڇوڪرا!“ مربي، اليوشا کي چيو. ”مان توکي هڪ نظر سان ڏسڻ گهران ٿو. ڇا تون پنهنجي گهر وئين هئين ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ڏسي آئين؟ ” اليوشا کي هن سوال تي تعجب لڳو جو رازداراڻي ۽ مخلصاڻي نموني ۾ فقط هڪ ڀاءُ لاءِ پڇيو ويو هو. پر کيس اِها خبر نه پئي ته هو ڪهڙي ڀاءُ لاءِ پڇي رهيو آهي؟ شايد اُنهيءَ ڀاءُ لاءِ، جنهن لاءِ کيس ڪالهه ۽ اَڄ، اُن ڏانهن موڪليو ويو هو.

 ”مان پنهنجي ڀائرن مان هڪ کي ڏٺو آهي. ” اليوشا جواب ڏنو.

 ”منهنجو اشارو وڏي ڀاءُ ڏانهن آهي، جنهن کي مون جهڪي سلام ڪيو هو.“

 ”مان هن سان ڪالهه مليو هئس ۽ اُن کي اَڄ لـَـهي نه سگهيس.“  اليوشا وراڻيو.

 ”جلدي ڪر ۽ کيس ڳولي وٺ. وري سڀاڻي به وڃ. جلدي وڃ. سڀ ڪجهه ڇڏي، جلدي وڃ، شايد اَڃا به توکي وقت ملي ته ڪنهن امڪاني خطري کي روڪي وٺين. مان ڪالهه کيس اِنهيءَ لاءِ جهڪي سلام ڪيو هو ته اُن جي لاءِ ڪيتريون ئي مصيبتون پيدا ٿي ويون آهن.“

هـُـو اوچتو خاموش ٿي ويو ۽ اِيئن نظر ٿي آيو، ته ڪجهه سوچي رهيو آهي. سندس لفظ حيرت پيدا ڪندڙ هئا. راهب ايوسف جنهن ڪالهه سڄي نظاري کي ڏٺو هو، راهب پايسي سان اکيون ملائڻ لڳو. اليوشا پڇڻ کانسواءِ رَهي نه سگهيو.

 ”مربي ۽ اُستاد! ” هن انتهائي جوش مان چوڻ شروع ڪيو: “ اوهان جا لفظ نهايت منجهيل آهن... اُها ڪهڙي تڪليف آهي، جا هـُـن لاءِ جمع ڪئي وئي آهي.“

 ”اِهو مون کان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر. مون کي ڪالهه ڪجهه خوفناڪ حالت نظر آئي هئي.... ڄڻ ته سندس سڄو مستقبل اکين ۾ سميٽجي آيو هو. سندس نگاهه، اِهڙي قسم جي اکين مان اُٿي هئي، جنهن کي ڏسي، مان اُن وقت ڊڄي ويو هوس. مان حيران ٿي ويو هوس ته هيءُ ماڻهو پاڻ کي ڪهڙيءَ ڳالهه لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. پنهنجي حياتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا، ڪنهن ماڻهوءَ جي اهڙي نگاهه ڏٺي اَٿم ۽ سندس قسمت جو عڪس، اُن ۾ لـَـڌو هيم. افسوس سندس مستقبل ۾ اُها تقدير جي ڪاروائي گذرندي ڏٺي اَٿم. اليگزي مان توکي اُن ڏي موڪليو هيم، ته مـَـنَ تنهنجي ڀائپي جو چهرو، سندس مدد ڪري سگهي. اليگزي مان ڪيئي مرتبا، خاموشي ۾ تنهنجي لاءِ دعائون گهريون اَٿم. پر اسان جي هر شيءِ، خدا جي تقدير ۾ آهي. جيستائين ڪڻڪ جو داڻو، زمين جي اندر نه ويو آهي، اَڪيلو پيو رَهي ٿو، پر جڏهن هـُـو مٽي ۾ اندر وڃي ٿو، تڏهن ڪيترائي داڻا اُن کي ميسر ٿين ٿا. هن نقطي کي هميشھ پنهنجي ذهن ۾ رکج. ” مربي، مشڪندي کيس چيو،  ”مان تنهنجي لاءِ جيڪو سوچيو آهي. اُهو هيءُ آهي، ته تون هنن ديوارين کان هليو ويندين، پر دنيا ۾ راهب وانگر ٿي رهندين. تنهنجا ڪيترائي دشمن آهن، پر تنهنجا دشمن به آخر ۾ توسان محبت ڪندا. زندگيءَ ۾ توکي ڪيترين بدنصيبين سان منهن ڏيڻو پوندو، پر تون هميشھ اُنهن ۾ راحت محسوس ڪندين. تنهنجي حياتي برڪتن واري حياتيءَ هوندي ۽ ٻين جي حياتيءَ کي به برڪتن وارو بڻائيندين. تنهنجي بابت منهنجو اِهو ئي عقيدو آهي. ” هـُـن پوءِ پنهنجي دوستن کي مشڪندي خطاب ڪيو ته، “ مربيو ۽ اُستادو! مان هن کي اڄ ڏينهن تائين اِهو نه ٻڌايو هو، ته ڇو سندس چهرو مون کي پيارو آهي. مان هاڻي اوهان کي ٻڌايان ٿو. هن جي چهري مان مون کي ڪي يادگيريون ۽ پيشگويون ٿي نظر آيون. منهنجي زندگيءَ جي صبح وقت، جڏهن مان اَڃا ٻار هوس، مون کي هڪ وڏو ڀاءُ هو، جو سترهن ورهين جي ڄمار ۾ مري ويو. وقت گذرڻ کان پوءِ، اڳتي هلي مان پنهنجي حياتيءَ ۾ سمجهيو، ته منهنجو ڀاءُ منهنجي رهبريءَ لاءِ خدائي نشان جي مثال هو. جيڪڏهن هـُـو نه هجي ها، ته مان بيشڪ راهب نه بڻجي سگهان ها ۽ نه وري هن واٽ تي قدم رکي سگهان ها. هـُـو منهنجي آڳاٽي زندگيءَ ۾ مون تي ظاهر ٿيو هو ۽ هاڻي منهنجي آخري وقت ۾ به مان سمجهان ٿو، ته هـُـو مون ڏي وري موٽي آيو آهي. مربيو ۽ اُستادو، هيءَ هڪ عجيب حقيقت آهي. اليگزي، جنهن جي چهري جي ٿوري مشابهت اُن سان آهي ۽ گهڻي نه، مون کي روحاني طرح اُن وانگر نظر اَچي ٿو. مان ڪيئي ڀيرا کيس پنهنجي نوجوان ڀاءُ وانگر پئي سمجهيو آهي ۽ ڄاڻندو رهيو آهيان، ته هيءُ پراسرار طور تي منهنجي آخري وقت ۾، منهنجي روحاني فيض لاءِ موٽي آيو آهي. مان يقيناًپنهنجي اندر، هن عجيب خواب تي عجب کائيندو رهيو آهيان. پرفيري تون هيءَ ڳالهه سمجهين ٿو؟ ” هـُـو اُن سيکڙاٽ راهب ڏي مڙيو، جو سندس ڀرسان بيٺو هو.  ”ڪيئي دفعا مان تنهنجي چهري ۾ ريس جون نگاهون ڏٺيون آهن، ته مان اليڪسي کي توکان وڌيڪ پيار ٿو ڪريان. هاڻي توکي خبر پئي هوندي، ته مان اِيئن ڇو ڪندو هوس. پر مان توسان به محبت ڪريان ٿو. توکي خبر هئڻ کپي، ته مان ڪيئي ڀيرا، تنهنجي هن ريس تي ڏک ۾ ڀـَـرجي ٿي ويس. منهنجا پيارا دوست، مان هاڻي چاهيان ٿو، ته مان اُن نوجوان ڀاءُ جي بابت ڪجهه ٻڌايان، ڇاڪاڻ ته منهنجي حياتيءَ ۾، هن کان وڌيڪ قيمتي، معنيٰ خيز ۽ پـُـر اَثر شخصيت ٻي ڪانه رَهي آهي. منهنجي قلب ۾، شفقت ڀريل آهي، ۽ مان پنهنجي گذريل زندگي ۾ اِهڙو ته محوَ ٿي ويو آهيان، ڄڻ ته هن گهڙيءَ ۾ ٻيهر، گذريل عمر کي وري طيءَ ڪري رهيو آهيان.“

مان هتي هيءُ ٻڌائڻ گهران ٿو، ته مربي زوسيما، پنهنجي حياتيءَ جي پوئين ڏينهن تي جا گفتگو پنهنجي ملاقاتين سان ڪئي هئي، اُن کي ياداشت جي طور لکيو ويو هو، اليڪسي فيودورووچ، پنهنجي يادگيريءَ تان، مربي جي موت کان ٿورو پوءِ اُن کي قلمبند ڪيو هو. خبر نه ٿي پوي، ته هي سڄي اُن وقت جي گفتگو هئي يا اُنهن گذريل گفتگوئن جا ٽڪرا به گڏ ڪيا ويا هئا، جي وقت بوقت هـُـو کانئس ٻڌندو رهيو هو. مان هن بابت يقين سان چئي نه ٿو سگهان. هن ياداشت ۾ مربي زوسيما جي گفتگوءَ بنا ڪنهن قطع جي هلندي نظر اَچ ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته هـُـو پنهنجي زندگيءَ جو احوال آکاڻيءَ جي صورت ۾ ٻڌائي رهيو آهي. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هيءَ ياداشت، اُن شام جي گفتگو جي لحاظ کان نمايان هئي. جيتوڻيڪ ملاقاتي سندس گفتگوءَ ۾ دخل اَنداز نه هئا پر هنن به ڳالهايو ٿي. مربي زوسيما پاڻ اُن کي لاڳيتو ٻڌائي نه ٿي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن ساهه کڻڻ لاءِ دم ٿي کنيائين ۽ سندس آواز ڪمزور ٿـِـي پئي ويو. اُن ڪري ڪجهه وقت آرام لاءِ ليٽي ٿـَـي پيو، پر کيس ننڊ نه ٿـَـي آئي ۽ نه وري ملاقاتين ئي پنهنجي جاءِ ٿـَـي ڇڏي. هڪ يا ٻه ڀيرا گفتگو، راهب پايسي جي انجيل پڙهڻ ڪري، به رڪجي وئي هئي. هيءَ به ٻڌائڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن به اِيئن نه ٿي سمجهيو، ته هـُـو اُن رات مري ويندو. ڇاڪاڻ ته اُن شام جو، ڏينهن جي ننڊ سبب، سندس حياتيءَ ۾ نئين قوت ۽ شگفتگي اَچي وئي هئي. جنهن کيس سندس طويل گفتگوءَ دوران اُجاگر ٿـَـي رکيو. اِهو ڄڻ ته سندس محبت جو آخري اظهار هو، جنهن کيس عجيب قوت بخشي هئي. هيءُ سڀ ڪجهه ٿوري وقت لاءِ هو، ڇاڪاڻ ته ٿورو پوءِ جلد ئي سندس حياتيءَ جو رشتو ڪٽجي ويو.... مان هاڻي سندس گفتگوءَ جي باري ۾ ڪجهه چوندس. مان فقط هيءُ وڌيڪ ٻڌائيندس، ته مان پاڻ کي اليگري فيودورپاوولووچ ڪرامازوف جي ياداشت تائين محدود رکيو آهي. اهو مختصر ۽ اَڻ ٿڪائيندڙ هوندو. بيشڪ مان اُن کي دهرائيندس، جنهن کي گذريل گفتگوءَ موجب اليوشا جمع ڪري ورتو هو.

 

 

 

dc

 

متوفي پادري ۽ راهب، مربي زوسيما جي زندگي جي ياداشت، اليڪسي فيودورپاوولوچ ڪرامازوف جي زباني بيان ڪيل

سوانح حيات جي ياداشت

مربي زوسيما جو  ڀاءُ

عزيز راهبو ۽ اُستادو! مان اُتر جي ڏورانهين علائقي جي، وي شهر ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ نسلاً، هڪ سکر ماڻهو هو، پر سندس حيثيت ڪا ايڏي وڏي نه هئي. هو اُن وقت وفات ڪري ويو، جڏهن منهنجي عمر فقط ٻه سال هئي ۽ مون کي اُن جي ڪا به يادگيري ڪانه آهي. هـُـو منهنجي ماءُ جي لاءِ هڪ گهر ڇڏي ويو، جو ڪاٺيءَ جو ٺهيل هو ۽ ميراث، جا ايتري گهڻي ته نه هئي، پر سندس ٻارن کي آسودي رکڻ لاءِ ڪافي هئي. اسان ٻه ٻار هئاسون. هڪ منهنجو وڏو ڀاءُ مارخيل ۽ ٻيو مان. مارخيل مون کان عمر ۾ اَٺ ورهيه وڏو هو. هـُـو جلد باز ۽ جوشيلي طبعيت وارو ضرور هو، پر دل جو نرم ۽ ڪڏهن به سخت نظر نه آيو. هـُـو غير معمولي طرح خاموش طبعيت وارو هو، پر خاص طرح گهر ۾، مون سان، ماءُ سان ۽ نوڪرن سان زياده خاموشيءَ سان هلندو هو. هـُـو اسڪول ۾ هوشيار هو، پر پنهنجي هم ڪلاسين سان ٺهي نه سگهيو. جيتوڻيڪ هن ڪنهن سان به جهيڙو ۽ جهڳڙو نه ڪيو، پر جيئن منهنجي ماءُ مون کي ٻڌايو هو، ته ڇهه مهينا سندس موت کان اڳ، جڏهن هـُـو سترهن ورهين جو هو، سندس هڪ سياسي ملڪ بدر ماڻهوءَ سان واقفيت ٿي، جنهن کي سندس آزاد خياليءَ جي سبب ماسڪو مان اسان جي شهر ۾ ملڪ نيڪالي ڏني وئي هئي. هـُـو چڱو تعليم يافته هو ۽ يونيورسٽي مان فلاسافيءَ ۾ امتياز سان ڪاميابيءَ حاصل ڪيائين. ڪنهن سبب جي ڪري هن مارخيل ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ کيس هميشھ ملاقات جي لاءِ ترغيب ڪندو ٿي رهيو. هيءَ نوجوان اُن سياري جي شام جو سمورو وقت ساڻس گڏ گذاريندو ٿي رهيو. تان جو اُن شهر بدر آدميءَ کي سينٽر پيٽرسبرگ ۾ سندس درخواست موجب وري گهرايو ويو، ته هـُـو پنهنجي عهدي جي موٽي اَچي چارج وٺي. ڇاڪاڻ ته اُتي سندس وڏا طاقتور دوست موجود هئا. اُن لينٽ جي صحبت جو ابتدائي اَثر مارخيل تي اِهو پيو، جو هـُـو روزي جو منڪر بڻجي ويو.  منهنجي ماءُ، اَسان جا نوڪر ۽ مان، هيءُ ٻڌي ڊڄي وياسون. مان اُن وقت جيتوڻيڪ نون ورهين جو هوس پر اُن جا اهي لفظ ٻڌي مان به حيران ٿي ويس. اَسان وٽ چار نوڪر هئا، جي سڀ خريد ڪيل غلام هئا. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، ته منهنجي ماءُ انهن مان هڪ کي، جا بورچياڻي هئي ۽ سندس نالو افيميا هو، سـَـٺ روبل ۾ وڪڻي ڇڏيو هو. هوءَ منڊي ۽ پوڙهي هئي، اُن جي جاءِ تي هـُـن هڪ آزاد ۽ پگهاردار غلام کي رکيو.

لينٽ کان ڇهه هفتا پوءِ، منهنجو ڀاءُ جو نهايت ڪمزور هو ۽ سلهه جو مريض ٿي ڏٺو، بيمار ٿي پيو. هـُـو قد جو ڊگهو، پر سنهو ۽ ڏسڻ جو موچارو هو. سندس چهرو ڏاڍو پيارو هو. مان اِيئن سمجهيو، ته کيس زڪام ٿي پيو آهي. ڪجهه به هجي، جڏهن ڊاڪٽر آيو ته هـُـن ڏسندي ئي منهنجي ماءُ سان سرگوشي ڪئي، ته هن کي سلهه آهي ۽ بهار تائين مشڪل سان جيئرو رَهي سگهندو. منهنجي ماءُ روئڻ شروع ڪيو، پر نهايت خبرداري سان، جيئن کيس ڪا به خبر نه پوي. هن منهنجي ڀاءُ کي مشورو ڏنو، ته هـُـو ديول ۾ وڃي دعا گهري ۽ پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪري. ڇاڪاڻ ته هـُـو اَڃا گهمي ڦـِـري سگهيو ٿـَـي. هو، هن ڳالهه تي چڙي ويو ۽ هـُـن ديول جي مذمت ۾ ڪجهه چيو. هـُـو فڪر ۾ پئجي ويو پر هن هڪدم سهي ڪري ورتو، ته هـُـو سخت بيمار آهي. اِهو ئي ته سبب هو جو سندس ماءُ کيس دعا ۽ اعتراف لاءِ عرض ڪري رهي هئي. هـُـو گهڻي وقت کان سچ پچ خوش نه هو ۽ پنهنجي ناچاڪيءَ کان خبردار هو. هڪ سال اڳ ۾ هن رات جي ماني تي، منهنجي ماءُ کي چيو هو ته، ”منهنجي حياتي اوهان جي درميان ڪو گهڻو وقت نه آهي. ٿي سگهي ٿو، ته مان ٻي سال جيئرو نه رهان.“ اُها هاڻي ڄڻ ته پيشگوئي ٿي نظر آئي.

ٽي ڏينهن گذري ويا ۽ پاڪ هفتو آيو. اڱاري جي صبح جو منهنجو ڀاءُ ديول ڏي وڃڻ لڳو. هـُـو چوڻ لڳو ته، ”منهنجي ماءُ، مان هيءَ سڀ ڪجهه توکي راضي رکڻ ۽ آرام ڏيڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان.“ منهنجي ماءُ خوشيءَ ۽ ڏک مان روئڻ لڳي. هن خيال ڪيو، ته سندس موت ويجهو آهي. تڏهن ته منجهس اها تبديلي اَچي وئي آهي، پر هـُـو گهڻو وقت ديول ڏي وڃي نه سگهيو. هـُـو بستري داخل ٿي ويو، سندس اعتراف ۽ دعا، اُن ڪري سندس گهر ۾ ئي ٿي.

ايسٽر اَچي وئي هئي، ڏينهن هاڻي روشن، وڻندڙ ۽ خوشبو سان ڀريل هئا. مون کي ياد آهي، ته هـُـو سڄي رات کنگهندو رهندو هو ۽ ٿورو سمهندو هو، پر صبح جو چڱيءَ ريت لباس پهري، آرام ڪرسيءَ تي ويهندو هو. مون کي هاڻي به سندس ويهڻ ياد آهي. شيرين ۽ تلفظ آميز مشڪڻ، سندس چهرو روشن ۽ خوشيءَ سان ڀريل، ڄڻ ته کيس بيماريءَ جو ڪو به اَثر نه هو. هڪ عجيب تبديلي منجهس اَچي وئي هئي. هن جو روح ڦٽيل ٿي ڏٺو. پوڙهي دائي ايندي هئي ۽ چوندي هئي ته، ”منهنجا پيارا! مون کي اِجازت ڏئي، ته مقدس تصوير جي سامهون بتي روشن ڪريان. ” هڪ ڀيري ته اُن کي اجازت نه ڏني ۽ فانوس کي وسائي ٻاهر موڪلي ڇڏيائين.

 ”ها، هن کي روشن ڪر، روشن ڪر. مان هڪ ڪمبخت هوس، جو توکي هن کان روڪيندو رهيو آهيان. تون جڏهن فانوس کي روشن ڪرين ٿي ۽ دعائون گهرين ٿي ۽ جڏهن مان توکي دعائون گهرندو ڏسان ٿو، ته توسان شامل ٿي وڃان ٿو. اِهڙيءَ ريت اَسان هڪڙي ئي خدا جي عبادت ڪريون ٿا.“

هي سندس لفظ اَسان کي نهايت عجيب لڳا. منهنجي ماءُ جڏهن پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ويندي هئي، ته خوب روئندي هئي، پر جڏهن هن جي ڪوٺيءَ ۾ ويندي هئي ته هوءَ پنهنجي اکين کي ڳوڙهن کان صاف ڪري، خوشنما بڻجي ويندي هئي. هـُـو چوندو هو ته،  ”منهنجي مٺڙي اَمڙ! تون نه روءُ. مان اَڃا گهڻو وقت توسان جيئرو رهندس. حياتي ته خوشي ۽ مسرت آهي.“

 ”اڙي پيارا ٻار! تون ڪيڏيون نه خوشيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪرين، هوڏانهن رات جو بخار آهي. ايترو ته کنگهين ٿو، ڄڻ ته تون پاڻ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندين.“

 ”اَمان دانهون نه ڪر! ” هـُـو جواب ڏيندو هو،  ”حياتي جنت آهي ۽ اسان سڀ جنت ۾ آهيون. پر اَسان اُن کي نه ڏسنداسون، توڙي کڻي چاهيون به. جڏهن اَسان هن نقطي کي ڄاڻنداسون، تڏهن هيءَ سڄي زمين بهشت بڻجي ويندي.“

هـُـن جهڙي ريت مضبوطيءَ ۽ پختگيءَ سان ڳالهايو ٿي، اُن هر ڪنهن ماڻهوءَ کي عجب ۾ ٿي وڌو. اَسان سڀ اُن کان غم ۾ ڀرجي ٿي وياسون ۽ رُناسون ٿي. اَسان کي دوست ڏسڻ ٿي آيا. هن اُنهن کي چيو ٿي ته،  ”مان اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، جو اوهان سڀ مون کي پيار ٿا ڪريو. اوهان مون سان جا محبت ڪري رهيا آهيو، اُن کي مان اڳ ۾ نه ٿي ڄاتو، نه ته جيڪر اُن جو قدر ڪريان ها.“

جيڪڏهن نوڪر وٽس ايندا هئا، ته هـُـو کين چوندو هو ته،  ”منهنجا مهربان ۽ عزيزو، اوهان منهنجي ايتري خدمت ڇو ٿا ڪريو. مان اِن جي لائق به آهيان؟ جيڪڏهن خدا جي مرضي هوندي، ته مان جيئرو رهان، ته مان اوهان ۾ رهندس. ڇاڪاڻ ته ماڻهو هڪ ٻئي جي آسري تي ئي رهن ٿا.“

اَمڙ سندس اِهي ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندي هئي ۽ مٿو لوڏيندي هئي.  ”منهنجا پيارا، هيءَ تنهنجي بيماري آهي، جا توکي اِنهيءَ طرح جي گفتگو ٿي ڪرائي.“

هـُـو کيس جواب ڏيندو هو ته،  ”پياري ماءُ! دنيا ۾ آقا به ٿيندا آهن ۽ خادم به، جيڪڏهن اِيئن آهي، ته مان خادمن جو به خادم ٿيندس. بلڪل اِهڙيءَ ريت جيئن هو منهنجا آهن. ٻي ڳالهه هيءَ آهي اَمڙ، ته دنيا ۾ هر ڪو انسان گناهه ڪري ٿو، پر مان سڀني کان وڌيڪ گنهگار آهيان.“

اَمڙ اِنهيءَ تي کلي ويهندي هئي. ڳوڙهن جي وچ ۾ کلندي هئي.  ”ڇو ۽ ڪيئن سڀني کان وڌيڪ گناهه ڪيو آهي؟ اِهي ته ڦورو ۽ قاتل ٿي سگهن ٿا. پر تو اِهڙو، ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو تون سڀني کان وڌيڪ پاڻ کي گنهگار ٿو سمجهين.“

 ”امڙ منهنجي ننڍڙي دل، ” (هو اُن وقت نهايت اَثر وارا ۽ چڀندڙ لفظ ڳالهائيندو هو.)  ”مان منهنجي ننڍڙي دل، ۽ منهنجي خوشي. مون تي اعتبار ڪر ته هر هڪ ماڻهو، سڀني انسانن لاءِ جوابدار آهي. مان سمجهي نه ٿو سگهان، ته ڪهڙيءَ ريت اُن جي تشريح توکي ڪري ٻـُـڌايان. پر مون کي هن جو احساس نهايت تڪليف ڏيڻ وارو آهي. هيءَ عجيب ڳالهه آهي، ته اَسان رهون به گڏ ٿا ۽ غصي به ٿيون ٿا پر اُن هوندي به ڪجهه نه ٿا ڄاڻون؟“

اِهڙيءَ ريت هـُـو ڏينهون ڏينهن، وڌيڪ مٺو، پـُـر مـُـسرت ۽ محبت جو پيڪر بڻبو ويو. جڏهن پوڙهو جرمن ڊاڪٽر، جنهن کي سندس اسپنسر ٿي سڏيائون، وٽس ٿي آيو، ته اُن کي مذاق طور چيائين ته،  ”ڊاڪٽر، مان سڀاڻي هن جهان ۾ هوندس به؟“

 ”تون اَڃا گهڻائي ڏينهن دنيا ۾ جيئرو رهندين، مهينا ۽ ورهيه.“

هن کيس جواب ڏنو ته،  ”مهينا ۽ سال! هي ڏينهن جو شمار ڇو؟ ماڻهوءَ جي لاءِ راحت جو هڪ ڏينهن ئي ڪافي آهي. منهنجا عزيزو، اسان کي جهڳڙو ڇو ڪرڻ گهرجي. ڪوشش اِها ڪرڻ گهرجي ته هڪ ٻئي کي ڪم اَچون. هيءَ هڪ ٻئي سان دل ۾ عداوت ڇو؟ اسان کي باغ ۾ سنئون سڌو وڃڻ گهرجي. گهمڻ ۽ رانديون ڪرڻ گهرجن. هڪٻئي کي پيار ڪرڻ گهرجي، هڪٻئي کي ساراهڻ گهرجي ۽ چـُـمڻ گهرجي. هن حياتيءَ کي مبارڪ بنائڻ گهرجي.“

 ”تنهنجو پٽ گهڻو وقت جيئرو نه رهندو. ” ڊاڪٽر منهنجي ماءُ کي چيو، جا ساڻس دروازي تائين ساڻ هئي.  ”مرض سندس دماغ تي اگرو اَثر وجهي رهيو آهي.“

سندس ڪمري جون دريون باغ ڏانهن ٿي کـُـليون ۽ اسان جو باغ سايي دار هو. منجهس پراڻا وڻ ڪثرت سان هئا، جي هاڻي ڦـُـٽي رهيا هئا. بهار جا پهريان پکي، ٽارين تي ٽپا ڏيئي رهيا هئا ۽ درين جي مٿان ٻوليون ڪري رهيا هئا. اُنهن ڏي نهاريندي ۽ پيار ڪندي، هـُـو اوچتو، اُنهن کان به بخشش جو طالب ٿي ويندو هو.  ”آسماني پرندؤ، راحت ڀريل پکيؤ، مون کي معاف ڪريو، اوهان جو ڪيترو ئي گناهه ڪيو آهي! ” ڪو به ماڻهو اُن وقت سندس گفتگوءَ کي سمجهي نه سگهندو هو، پر هـُـو راحت مان لـُـڙڪ هاريندو رهندو هو. ”هائو“، هـُـو چوندو هو ته  ”خدا جي ڪيڏي نه عظمت منهنجي سامهون هئي، هيءُ پکي، وڻ، ميدان ۽ آسمان. مان ڪيڏو نه شرميلو ٿي رهيس ۽ هنن شين جو قدر نه ڪيم. مان سندس نه شان ڏسي سگهيم نه جمال. ”

منهنجي ماءُ کيس چوندي هئي ته،  ”پٽ، پاڻ کي حد کان وڌيڪ گنهگار ٿو سمجهين.“

 ”منهنجي مٺڙي ماءُ، مان هي سڀڪجهه راحت جي باعث چوان ٿو، اهو ڏک نه آهي، جنهن کان مان دانهون ٿو ڪريان. جيتوڻيڪ مان هن بابت ڪا به سمجهاڻي ڏئي نه ٿو سگهان، مان پاڻ کي هنن جي اڳيان نماڻو ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته مان نه ٿو ڄاڻان ته کين پوريءَ ريت ڪيئن محبت ڪريان. جيڪڏهن مان هنن سڀني جو گناهه ڪريان ها، ته اِهو به هـُـو مون کي بخشي ڇڏين ها. بهشت اِهو ئي ته آهي. پوءِ ڇا مان بهشت ۾ نه آهيان؟“

هن کان وڌيڪ ٻيون به ڳالهيون هيون، جي مون کي هاڻي ياد نه آهن. مون کي ياد آهي، ته مان هڪ ڀيري سندس ڪمري ۾ ويو هوس. اُن وقت وٽس ٻيو ڪو به ڪو نه هو. هوءَ هڪ روشن شام هئي. سج غروب ٿي رهيو هو ۽ سڄي ڪوٺي منور ٿي وئي هئي. هن جي مون ڏانهن پٺ هئي ۽ مان وٽس ويس. هن منهنجي ڪلهن تي هٿ رکيا ۽ پيار مان منهنجي منهن ۾ ڏٺائين. هن هڪ منٽ لاءِ ڪجهه به نه چيو ۽ مون کي نهاريندو رهيو.

”هان“، هـُـن چيو.  ”وڃ، وڃي ڊوڙ ۽ راند ڪر. منهنجي بدران به حياتي جو اِهو مزو وٺ.“

مان ٻاهر نڪري ويس ۽ وڃي کيڏڻ بيٺس. مان پوءِ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيئي ڀيرا، مون کي ڳوڙهن سان ياد ايندو رَهيو ته هن ڪيئن نه چيو ٿي ته، مان حياتيءَ جو مزو اُن لاءِ به وٺان. هن جا ٻيا به ڪيترائي عجيب ۽ عمدا نقطا هئا، جن کي اسان اُن وقت سمجهي نه ٿي سگهياسون. هـُـن ۾ پوئين گهڙيءَ تائين به ڪا تبديلي نه آئي. هـُـو ايسٽر کان ٽي هفتا پوءِ گذاري ويو. کيس پورو هوش هو، جيتوڻيڪ هـُـو ڳالهائي نه ٿي سگهيو. هـُـو خوش ٿي نظر آيو، سندس اکين ۾ چمڪ هئي، جنهن سان هـُـو اَسان کي ڏسندو ٿي رهيو. هـُـو اسان کي ڏسي مشڪيو ٿي ۽ اَسان کي پاڻ ڏي سڏيائين ٿي. سندس موت بابت شهر ۾ چڱو چوبچو ٿي. مون تي سندس موت جو اَثر پيو پر ايترو نه. جيتوڻيڪ مان سندس دفن تي رڙيون ڪري رُنس. مان اُن وقت ننڍو هوس ۽ بلڪل ٻار. پر ڳجهو اثر ۽ غم جو جذبو، منهنجي دل ۾ رهندو آيو. جڏهن وقت آيو، ته اِهي بيدار ٿي پيا. اِهو واقعو اِهڙي ريت گذري ويو.

زوسيما جي حياتيءَ ۾ مقدس ڪتاب جو اَثر

مان پنهنجي ماءُ سان اَڪيلو رَهجي ويس. منهنجي ماءُ کي سندس دوست صلاحون ڏيڻ لڳا، ته مون کي تعليم لاءِ سينٽر پيٽرسبرگ موڪليو وڃي، جيئن ٻين ٻارن جا والدين ڪـَـري رهيا آهن.  ”توکي هاڻي هڪ پٽ آهي، ” اُنهن کيس چيو، “  ” توکي چڱي آمدني آهي. تون هن کي هتي رکي، کانئس مستقبل ۾ ترقي کسي رَهي آهين. ” هنن کيس صلاح ڏني، ته مون کي سينٽر پيٽرسبرگ ۾ ابتدائي فوجي اسڪول ۾ موڪلي ڏي. جتان مان شايد شاهي گارڊ جي ملازمت ۾ داخل ٿي وڃان. منهنجي ماءُ گهڻي وقت تائين سوچ ويچار ڪندي رَهي. ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي هڪڙي ئي ٻار کان جدا ٿيڻ مشڪل ٿي لڳو. پر آخر هـُـن پنهنجي دل ٻـَـڌي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي به هـُـن، هـِـن مشوري کي منهنجي بهتري جي خيال کان قبول ڪيو، هوءَ مون کي پيٽرسبرگ وٺي آئي ۽ مون کي ابتدائي فوجي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين. اُن کان پوءِ مان وري کيس نه ڏٺو. ڇاڪاڻ ته هـُـوءَ ٽن سالن کان پوءِ گذاري وئي. هـُـن اُهي ٽي سال، روئندي ۽ ماتم ڪندي گذاري ڇڏيا.

مان پنهنجي ننڍپڻ جي گهر مان فقط قيمتي يادگيرين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ڪـَـري سگهيس. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس پهرئين گهـَـر جي ابتدائي يادگيرين کان مٿي ٻي ڪا به قيمتي شيءِ نه هوندي آهي. اِهو به تڏهن، جڏهن محبت ۽ اخلاص ڪٽنب ۾ هوندو آهي. قيمتي يادگيريون ته بـُـري گهر جون به ياد رهنديون آهن. اهو فقط دل ئي ڄاڻندي آهي، ته اِهي يادگيريون ڇو قيمتي ٿين ٿيون؟ مان پنهنجي اُنهن يادگيرين سان گڏ، انجيل جي يادگيريءَ کي به شمار ڪري سگهان ٿو. ٻاراڻي عمر ۾ به مون کي اُن جي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. مون وٽ اُن مقدس ڪتاب جي تاريخ جو هڪ بي بها تصويرن وارو نسخو هو، جنهن جو نالو هو، ”توريت ۽ انجيل جون هڪ سـَـؤ چار آکاڻيون.“ مان اُن مان پڙهڻ سکيو. مون وٽ هاڻي به اُهو ڪٻٽ جي مٿان موجود آهي. مان هن کي ماضيءَ جي قيمتي يادگار ٿو سمجهان. مان جيتوڻيڪ اڳ ۾ پڙهڻ سکيو هو. مون کي ياد آهي، ته اَٺن ورهين جي عمر ۾ مان پهريائين قرباني واري جذبن جي احساس سان روشناس ٿيو هوس. منهنجي ماءُ مون کي اَڪيلو ديول ڏي وٺي وئي. (مون کي ياد نه آهي منهنجو ڀاءُ اُن وقت ڪٿي هو) اِهو ايسٽر کان اڳ وارو صبح هو. ڏاڍو وڻندڙ ڏينهن هو. مون کي اڄ به ياد ٿو اَچي، ته اِئين ٿو سمجهان، ته ڄڻ هاڻي ڏسي رهيو آهيان. ڪيئن نه لوبان جو دونهون لوبان داني مان اُٿي، آهستي آهستي مٿي ترندو ٿي ويو ۽ گنبذ تائين وڃي ٿي پهتو، جتي سج جي ترورن سان گڏجي، لهرين جي صورت ۾ درين مان ٻاهر ٿي نڪتو. مان اُن نظاري ۾ محو ٿي ويس ۽ پهريون دفعو حياتيءَ ۾ منهنجي دل ۾ خدائي لفظن اَچي جاءِ ورتي. هڪ نوجوان، ديول جي وچ ۾ آيو ۽ وٽس ايڏو وڏو ڪتاب هو، جنهن کي ڏسي مان عجب کاڌو، ته هـُـو اُن کي مس کڻي سگهيو هوندو. هـُـن اُن کي پڙهڻ واري ميز تي رکيو. اُن کي کوليائين ۽ پڙهڻ لڳ، پر اوچتو پهريون دفعو مان سمجهيو، ته خدا جي ديول ۾ ڇا پڙهيو ويندو آهي. اُن جي ملڪ ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو، نهايت نيڪ، خدا شناس ۽ خدا ترس. کيس تمام گهڻي دولت هئي. اُٺ، رڍون ۽ گڏهه، جنهن کي ڏسي سندس ٻار ڏاڍا خوش ٿيندا هئا. هـُـو کين ڏاڍو پيار ڪندو هو ۽ اُنهن جي لاءِ دعائون گهرندو هو. هـُـو خيال ڪندو هو، ته ٿي سگهي ٿو، ته منهنجي ٻارن کان هن خوشيءَ ۾ ڪو گناهه ٿيو هجي. هاڻي شيطان خدا جي سامهون آيو ۽ کيس عرض ڪيائين، ته  ”هـُـو زمين تي هيٺ ۽ مٿي ويو آهي. ” خدا کيس فرمايو ته،  ”تو منهنجي ٻانهي حضرت ايوب عليه السلام(Jole) کي ڏٺو آهي. خدا تعاليٰ شيطان سان اُن جي وڏي تعريف ڪئي. شيطان کليو ۽ چوڻ لڳو ته،  ”اهو ٻانهو منهنجي قبضي ۾ ڏي، تون ڏسندين، ته تنهنجو ٻانهو تنهنجي خلاف ٿي ويندو ۽ تنهنجو نالو ئي نه وٺندو. خدا تعاليٰ اُن نيڪو ڪار کي، جنهن کي هـُـو پيار ڪندو هو، شيطان جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو. شيطان سندس ٻارن ۽ ڍورن تي تباهي آڻي وڌي. سندس سموري دولت تباهه ٿي وئي. ڄڻ ته آسمان کان مٿن کنوڻ اَچي ڪري هئي. حضرت ايوب عليه السلام پنهنجي قبا کي ڦاڙيو ۽ زمين تي ڪـِـري پيو ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته،  ”مان پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان اُگهاڙو آيو هوس ۽ اِئين ئي مان زمين جي پيٽ ۾ ويندس. خدا هيءُ سڀ ڪجهه ڏنو هو ۽ اُن ئي موٽائي ورتو. مبارڪ رهندو نالو خدا جو هميشھ ۽ هميشھ.“

مربيو ۽ اُستادو! هن وقت منهنجي اکين مان ڳوڙهن کي ڳڙندو ڏسي، معاف ڪجو. ڇاڪاڻ ته منهنجو ننڍپڻ وري منهنجي اکين جي سامهون سميٽجي آيو آهي. مان هاڻي اِهڙيءَ ريت ساهه کڻي رهيو آهيان، جيئن اُن وقت کڻندو هوس. بلڪل اِهڙي ريت جيئن اَٺن ورهين جي ٻار جو سينو تحرڪ ۾ هوندو آهي ۽ مان خوف، عجب ۽ خوشيءَ کي اِهڙيءَ ريت محسوس ڪريان ٿو، جيئن اُن وقت ڪندو هوس. اُن وقت اُٺَ منهنجي تصوير ۾ ڦرڻ لڳا ۽ شيطان، جنهن اِهڙيءَ ريت خدا سان گفتگو ڪئي هئي ۽ خدا، جنهن پنهنجي نيڪ ٻانهي کي تباهي جي هٿن ۾ ڏنو هو ۽ سندس ٻانهي پـُـڪاريو ٿي ته،  ”مبارڪ آهي تنهنجو نالو، پوءِ ڇو نه مون کي سزا ڏني وڃي.“  اُن کان پوءِ ديول جو شيرين ۽ هلڪو گيت ٻـُـڌڻ ۾ آيو ته،  ”مون کي پنهنجي عبادت ڪرڻ جي اِجازت ڏي. وري راهب جي لوبان دانيءَ مان لوبان جو دونهون اُٿيو ۽ هـُـو عبادت لاءِ گوڏن ڀـَـر ٿـِـي ويو. اُن کان پوءِ وري مان اُن کي پڙهيو ۽ پڙهندي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيس. ڪيتري نه عظيم، پـُـر اسرار ۽ عميق حقيقت اُن ۾ آهي. اُن کان پوءِ مان طعني ۽ شڪوي جا مغرور لفظ ٻـُـڌا ته،  ”اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، ته خدا پنهنجي پيارن ولين کي شيطان جي سپرد ڪري ۽ تفريح سان ڏسي، ته هـُـو سندس ٻانهن کي ڪيئن ٿو نابود ڪري ۽ سندس جان کي زخمي ڪري، اِئين ڏسي ته چيچلائڻ سان ڪيئن ٿو پاڻ کي پاڪ ڪري ۽ خدا هي سڀئي قدم اِنهيءَ ڪري ٿي کنيا، ته هـُـو شيطان جي اڳيان پنهنجي خود نمائي ڏيکاري ۽ چوي ته،  ”ڏس ته هن مرد مقدس کي مون سان ڪيڏي نه محبت آهي ۽ هـُـو ڪيڏيون نه مشقتون ٿو برداشت ڪري. ” پر هن سڄي ڳالهه جي عظمت هن ۾ آهي، ته هيءُ هڪ اسرار آهي. هن ۾ زميني ڏيکاءَ کي هميشھ واري حقيقت ۾ جمع ڪيو ويو آهي. زميني صداقت مان هميشھ واري صداقت حاصل ڪيو ويو آهي. خالق جيئن پيدائش جي پهرئين ڏينهن تي، هن تڪميل جي ساراهه ۾ چيو ٿي ته،  ”جا شيءِ خلقي آهي، اُن ۾ چڱائي آهي، ” اُن جي مد نظر هـُـو ايوب کي ڏسي ٿو ۽ پنهنجي پيدائش جي تعريف ڪري ٿو. حضرت ايوب عليه السلام پنهنجي مالڪ جي تعريف ڪندي نه فقط سندس جلال ۽ عظمت جو ثبوت ڏنو، بلڪه سڄي ڪرم ڀري تقدير جو نسلاً بعد نسلاً اظهار ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس وجود جي فلسفي جو حاصل خدا جي تعريف ئي هئي. خدايا، ڪهڙو عمدو هيءُ ڪتاب آهي ۽ ڪهڙا نه عمدا سبق اُن ۾ ڏنل آهن! انجيل ڪهڙو نه عمدو ڪتاب آهي. ڪهڙو نه معجزو آهي. هن سان انسان کي ڪيڏي نه قوت حاصل ٿي ٿئي. ڄڻ ته هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ انسان، انساني فطرت ۽ اُن سان تعلق رکندڙ سڀني شين، لاءِ قانون موجود آهن. اُن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه اسرار ۽ مسئلا، ظاهر ۽ حل ڪيا ويا آهن. خدا تعاليٰ وري حضرت ايوب عليه السلام کي وڌايو ۽ کيس وري دولت عطا ڪئي. سال گذري ويا، کيس وري ٻيا ٻار ٿيا ۽ اُنهن کي محبت ڪرڻ لڳو. پر هـُـو ڪهڙي ريت نون ٻارن کي پيار ڪري ٿي سگهيو، جڏهن ٻيا ٻار وٽس نه رهيا هئا ۽ اُنهن کي وڃائي ويٺو هو. اُنهن کي ياد ڪندي، نون مان کيس ڪهڙي خوشي ايندي هئي، پوءِ ڇو نه کيس هي نوان پيارا هجن؟ پر کيس اِيئن ڪرڻو ٿي پيو. انساني زندگيءَ جو هيءُ وڏي ۾ وڏو راز آهي، ته پراڻو غم آهستي آهستي نئين خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جوانيءَ جو جوش ۽ خروش، پيريءَ جي آرام سان تبديل ٿي ويندو آهي. مان هر هڪ ڏينهن تي طلوع ٿيندڙ سج کي برڪت وارو سمجهندو آهيان ۽ منهنجي دل اُن سان اڳ ۾ ئي ملڻ لاءِ خوشيءَ جا راڳ ڳائيندي آهي. پر مان هاڻي سندس غروب ٿيڻ کي وڌيڪ پيار ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته اُن سان سندس طويل پاسيرن ڪرڻن ۾ هلڪيون ۽ نازڪ وقت جون گذريل يادگيريون اَچن ٿيون ۽ منهنجي طويل ۽ راحت ڀري زندگيءَ جون تصويرون اکين اڳيان ڦري وڃن ٿيون. اُن کان وڌيڪ اَبدي صداقت، خدا جي حقانيت ۽ عفو ياد ٿو اَچي. مان چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو، ته منهنجي حياتي پوري ٿي رَهي آهي. پر اُهي ڏينهن جي، منهنجي لاءِ بچيا آهن، اُنهن مان محسوس ٿو ڪريان، ته ڪيئن نه منهنجي زميني زندگي، هڪ نئين لامحدود ۽ اَڻ ڄاتل ايندڙ حياتيءَ سان شامل ٿيندي وڃي ٿي، جنهن جي نزديڪي کان منهنجو روح، خوشيءَ کان لرزندو رَهي ٿو. منهنجو خيال روشن آهي ۽ منهنجي دل راحت کان روئي ٿي.

دوستو ۽ اُستادو! مان گهڻو ئي ٻڌو آهي ۽ گهڻي وقت کان اَڪثر اِيئن ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته راهب، خاص طرح ڳوٺاڻا راهب، سڀني طرفن کان هيءَ شڪايت ڪندا رهن ٿا، ته سندس آمدني نه هئڻ برابر آهي ۽ سندن قسمت بدبختيءَ جهڙي آهي. هنن صاف طرح ظاهر ڪيو آهي، توڙي ڇپيل اشتهارن ۾، جن کي مون پڙهيو آهي، ته هـُـو انجيل جي تعليم چڱيءَ ريت ڏيئي نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته سندن پيدائش نهايت ٿوري آهي. جيڪڏهن لوٿر جا پوئلڳ ۽ سنياسي کين اوجهڙ ۾ وٺي ويندا، ته ڀلي وٺي وڃن، ڇاڪاڻ ته سندن شڪايت واجبي آهي. پر جيڪڏهن مان سچ چوان ته هن سڄي معاملي ۾ ڏوهه ڪنهن جو آهي، ته هيءَ سڄي غفلت اَسان جي آهي. ٿي سگهي ٿو، ته هنن وٽ وقت جي ڪوتاهي هجي ۽ هي به سچ چوندا هجن ته هـُـو سمورو وقت ڪم ۽ رسومات ۾ مشغول آهن، پر اُن هوندي به کين اَڃا به وقت آهي ۽ هـُـو فقط هڪ ڪلاڪ ئي خدا جي يادگيري ڪري سگهن ٿا. هـُـو سڄو سال، ته اِنهن ڪمن ۾ مشغول رَهي نه ٿا سگهن. هـُـو شام جو ئي، هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪي ڪلاڪ ماڻهو پاڻ وٽ گڏ ڪن. پهريائين فقط ٻارڙا ئي سگهي، جڏهن اُنهن جا پيءُ هيءَ خبر ٻڌندا ته هـُـو خودبخود ڇڪجي ايندا. هن لاءِ ڪن وڏن ڪمرن جي ٺهرائڻ جي ضرورت ڪانه آهي، ڀلي، ته هنن کي پنهنجي جهوپڙي ۾ وٺي وڃي. هـُـو اُتي فقط هڪ ڪلاڪ ئي هوندا. هـُـو سندس جهوپڙي کي خراب ڪونه ڪندا. هنن کي ڪتاب کولي، ڏکين لفظن ۽ آب و تاب وارن جملن جي بغير اُهو پڙهڻ گهرجي. کين، خاص ڪرم نوازيون جي ڏيارڻ بجا، پيار ۽ مهربانيءَ سان، اِنهيءَ خوشيءَ کي نظر رکي ته هـُـو سندن سامهون ڪتاب پڙهي رهيا آهن ۽ هـُـو ڌيان سان ٻڌي رهيا آهن، پنهنجي لفظن کي پيار ڪندي، هيءُ فقط اُتي ترسندا هلن، جتي هـُـو سمجهن، ته هـُـو ڳوٺاڻا ۽ جاهل هاري اُنهن لفظن کي نه ٿا سمجهن، پوءِ آُنهن جي سمجهاڻي ڏين. ڪو به انتظار نه ڪرڻ گهرجي. هـُـو پاڻهي سڀ ڪجهه سمجهندا. هڪ مذهبي رنگ جو قلب سڀ سمجهي ويندو! اُنهن جي اڳيان حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ بيبي ساران جي حقيقت پڙهڻ گهرجي، اسحاق ۽ ربيڪا بابت بيان ڪرڻ گهرجي. کين اِهو ٻڌائڻ گهرجي، ته ڪهڙيءَ ريت حضرت يعقوب عليه السلام لبنان ويو ۽ خواب ۾ خدا پاڪ کي چيو هئائين ته، ”هيءُ مڪان وحشت انگيز آهي.“ اِنهن ڳالهين جي ٻڌائڻ سان جاهلن جي دلين تي اَثر پوندو ۽ هـُـو قربانيءَ لاءِ تيار ٿي ويندا. اُنهن کي پڙهي ٻڌايو وڃي، خاص طرح ٻارن کي ته ڪيئن حضرت يوسف عليه السلام کي ڀائرن وڪيو هو. ڪهڙيءَ ريت هيءُ نازڪ ٻار، خواب جو تعبير ڪندڙ ۽ پيغمبر غلام بڻيو ۽ سندس ڀائرن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو، ته هڪ جهنگلي جانور کيس کائي ويو ۽ کيس اُن جا رت لڳل ڪپڙا ڏيکاريائون. کين هيءُ به ٻڌائجي، ته ڪيئن نه سندس ڀائرن وري اَن ملڻ جي لاءِ مصر جو سفر ڪيو. حضرت يوسف عليه السلام جو اُتي وڏو حاڪم هو، اُن کي هنن نه سڃاتو. کين تهمت هيٺ آندو ويو ۽ ايذاءُ ڏنو ويو ۽ پنهنجي ڀاءُ بن يامين کي حضرت يوسف عليه السلام پاڻ وٽ اَمانت طور روڪي ورتو. هيءَ سڄي ڪاروائي محبت جي باعث هئي. ۽ مان توسان محبت ٿو ڪريان ۽ هيءُ سڄو ايذاءُ محبت جي ڪري آهي. حضرت يوسف عليه السلام پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ هن ڳالهه کي ياد ٿي رکيو، ته سندس ڀائرن کيس هڪ واپاريءَ وٽ وڪيو ٿي. صحرا ۾ هڪ کوهه جي ڀرسان، هن ڪيئن نه هٿ مهٽي ۽ روئيندي، پنهنجي ڀائرن کي عرض ڪيو هو ته، اجبني زمين ۾ بطور غلام کيس وڪڻي نه موڪلين. ڪيئن نه ڪيترن ورهين کان پوءِ، کين ڏسي، حد کان وڌيڪ ساڻن محبت ڪرڻ لڳو. هن کين جو به ايذاءُ ڏنو ۽ ڊيڄاريو، سو سڀ محبت کان هو. پنهنجي دل جي تڪليف کي هـُـو سـَـهي نه سگهيو ۽ آخر کين آزاد ڪيائين ۽ سندن بستري تي ڪـِـري ۽ رُنو. پنهنجي ڳوڙهن کي اُگهي، هـُـو خوشيءَ مان وٽن ويو ۽ کين چيائين ته، ”ڀائرو، مان اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان.“ کين هيءُ به پڙهي ٻڌايو ته ڪيئن نه اڳتي هلي، سندس پيءُ پوڙهي حضرت يعقوب عليه السلام کي ٻڌي، هيءَ خوشي حاصل ٿي، ته سندس پٽ اَڃا جيئرو آهي. هـُـو ڪيئن نه، پنهنجي ملڪ کي ڇڏي مصر ۾ ويو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. اُن وقت هن پنهنجي عظيم پيشنگوئي ڪئي هئي، جا سندس معصوم دل ۾ سڄي حياتي پـُـراسرار طور مخفي رَهي هئي، ته سندس اولاد مان دنيا جي عظيم اُميد پيدا ٿيندي، جنهن جو نالو حضرت مسيح عليه السلام هوندو.

مربيو ۽ اُستادو! مون کي معاف ڪجو، ۽ غصي نه ٿجو، مان هڪ ننڍڙي ٻار وانگر بيبيندو رَهيو آهيان، جنهن کي اوهان گهڻي وقت کان ڄاڻو ٿا. مان اهو به ڄاڻان ٿو، ته اوهان سوين ڀيرا وڌيڪ جوش ۽ خروش سان تربيت ڏيئي سگهو ٿا. اوهان خوشيءَ مان ڳالهايو ۽ منهنجي ڳوڙهن کي معاف ڪريو، ڇاڪاڻ ته مان انجيل سان محبت ٿو ڪريان. خدا جي راهب کي، پڻ روئڻ گهرجي ۽ کيس يقين رکڻ گهرجي، ته اُن جي عيوض ۾ سندس ٻڌندڙن جون دليون زور سان ڌَڪ ڌَڪ ڪنديون. فقط هڪ ننڍڙي، ٻج جي ضرورت آهي. اُن کي هاريءَ جي دل ۾ وجهو، اُهو نه مرندو. هيءُ اُن جي روح ۾ وڌيڪ رهندو. اُهو گناهه جي اونداهيءَ جي وچ ۾ مخفي رهندو ۽ داغ وانگر پاڇيءَ جي صورت ۾ باقي رهندو. ڪنهن به گهڻي تربيت ۽ تشريح جي ضرورت نه آهي. هـُـو سڀ ڪجهه سمجهي ويندا. توهان اِيئن خيال ڪريو ٿا، ته هاري نه سمجهندا. ڪوشش ڪري کين حسين اَسٽر ۽ وشتي مغرور جي پـُـر اَثر آکاڻي ٻڌايو يا حضرت يونس جي مانگر مڇ جي پيٽ ۾ رهڻ واري ڳالهه کين پڙهي ٻـُـڌايو. اَسان جي مالڪ (حضرت مسيح) جي فرمودن کي نه وساريو. سينٽ ليوڪ جي انجيل مان، خاص طرح اُنهن کي چونڊيو (جيئن مون ٿي ڪيو) پڻ سائول جي سلطنت ۽ بي بي مريم مصري جي حقيقت، يعني اُن شهيد نيڪ بخت جو داستان، جنهن ۾ وڏي عظمت آهي، ٻڌايو ۽ اُنهن کي فراموش نه ڪريو. اوهان اِنهن سادين آکاڻين جي رستي، سندن دلين ۾ پيهي ويندا. اوهان پنهنجي مفلسيءَ جي باعث، کين هفتي ۾ فقط هڪ ڪلاڪ ڏيو. اوهان پنهنجو پاڻ ڏسندا ته اَسان جا ماڻهو نيڪ ۽ شڪر گذار آهن ۽ اُن جي عيوض ۾ سؤ بار وڌيڪ اوهان جا حق شناس ٿيندا. پنهنجي راهبن جي مهربانيءَ جي احساس کان ۽ سندن تاثير وارن لفظن کان، جي کانئن، هـُـو ٻڌندا هـُـو پنهنجو پاڻ کين ٻنين ۾ ۽ سندن گهرن ۾، اڳي کان وڌيڪ احترام سان مدد ڪندا. اُن ڪري سندن دنيائي حالت به سـُـڌري ويندي. هيءَ ڳالهه ايتري ته سادي آهي، جو ڪنهن وقت اُن کي لفظن ۾ وجهڻ کان به خوف ٿو ٿئي، ته متان اُن تي ڪو کلي نه ويهي. پر ڪيتري نه هن ۾ صداقت آهي! هـُـو ماڻهو جنهن کي خدا ۾ اعتقاد نه آهي، خدا جي انسانن ۾ به اعتماد نه ٿو رکي. اُهو، جو خدا جي انسانن ۾ اعتماد ٿو رکي، اُن جي مقدس ذات کي به ڏسي ٿو. فقط انسان ۽ سندن روحاني مستقبل واري طاقت، خدا جي منڪرن کي بدلائي سگهي ٿي، جن پنهنجي وطني زمين کان پاڻ کي ڇني ڇڏيو آهي.

باقي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي لفظن جي ٻڌڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي، جو جيستائين، اُن کي پنهنجي لاءِ مثال نه بڻايو ويو آهي. ماڻهو خدائي لفظن کانسواءِ گمراهه ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته سندن روح اُنهن لفظن جو پياسو آهي، جن ۾ فقط نيڪي ئي آهي.

گهڻو اڳي، جوانيءَ ۾، جنهن کي چاليهه ورهيه گذريا، مان راهب انعيم سان گڏ، هڪ مڙهيءَ واسطي، چندي گڏ ڪرڻ لاءِ، سڄي روس جو سفر ڪيو هو. هڪ رات اسان، هڪ وڏي آمدو رفت واري نديءَ جي ڪناري تي ڪن مهاڻن جي وچ ۾ گذاري سون. هڪ چڱي مهانڊي وارو ڳوٺاڻو ڇوڪرو، ارڙهن ورهين جي عمر وارو، اَسان سان اَچي گڏيو. هـُـو تڪڙ ۾ هو، ڇاڪاڻ ته کيس هڪ واپاريءَ جي ٻيڙيءَ کي ڇڪي، ڪناري تي آڻڻو هو. مان کيس سڌي نگاهه وارو، صاف ۽ نازڪ اکين وارو ڏٺو. هوءَ هڪ جولاءِ جي، روشن، گرم ۽ خاموش رات هئي. ڪشادي ندي مان ٿڌو ڪوهيڙو ٿي اُٿيو. اَسان مڇين جي غوطا خوريءَ جو آواز ٻڌي رهيا هئاسون ۽ پکي به خاموش هئا. سڀ ڪو سڪوت ۾ هو ۽ اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته ڪائنات خدا جي يادگيري ۾ مصروف آهي. اَسان ٻه، هـُـو ڳوٺاڻو نوجوان ۽ مان پئي جاڳياسون ۽ ننڊ نه ٿي آئي. شروع ۾ هر طرف کان جهان جوڙيندڙ جي جلال ۽ اُن جي اسرار تي بحث ڪيوسون. هن نقطي تي ويچار ڪيوسون ته هر سبزي، هر حيوان، تان جو ڪئلي ۽ سونهري ماکيءَ جي مک، جي عقل ۽ هوش کان محروم آهن، پاڻ کي سڃاڻن ٿا ۽ اسرار اِلاهي جا مظاهر آهن ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن. مان ڏٺو ته اُن عزيز ڇوڪري جي دل اُن کان متاثر ٿي. هـُـن مون کي ٻـُـڌايو ته هـُـو ٻيلن ۽ ٻيلي جي پکين کي بيحد پيارو گهرندو آهي. هـُـو پکين کي ڦاسائيندڙ هو ۽ سندن لاتين کي چڱيءَ ريت ڄاڻندڙ هو ۽ اُنهن جي قسمن کي سڃاڻندڙ هو. هن چيو ته،  ”مان ٻيلي جي رهائش کي سڀ کان افضل سمجهندو آهيان، جيتوڻيڪ سڀئي جايون وڻندڙ آهن.“

مان کيس جواب ڏنو ته،  ”تون سچ ٿو چوين. سڀئي شيون عمديون آهن، ڇاڪاڻ ته سڀني ۾ صداقت آهي.“ مان کيس چيو ته، ”هيڏي نهار! گهوڙو جو عظيم جانور آهي ۽ انسان کي نهايت قريب آهي ۽ هيٺاهون ۽ نماڻو ڏاند، جو انسان کي کارائي ٿو ۽ اُن لاءِ وَهي ٿو، اِنهن ٻنهي جي چهرن ۾ ڏس! ڪيڏي نه نماڻائي ۽ انسان لاءِ قرباني اَٿن، هو اَڪثر کين، بي رحميءَ سان ماري ٿو. ڪيڏي نه نيڪي، ڪيڏي نه محبت ۽ ڪيڏي نه خوبي! ڪيڏي نه هيءَ متاثر ڪندڙ حقيقت آهي، ته منجهن ڪو به گناهه نه آهي، پر اُن هوندي به انسان پنهنجي روش ۾ بي گناهه آهي. ڇاڪاڻ ته اُنهن سان به حضرت عيسيٰ عليه السلام، اَسان کان اڳ ۾ گڏ هو.“

”ڇو“، ڇوڪري پڇيو ته ”ڇا حضرت عيسيٰ عليه السلام به اُنهن سان گڏ آهي؟“

 ”اِهو وسهڻ ۾ ته نه ٿو اَچي، پر اِيئن آهي.“ مان کيس چيو. ”جيئن ته لفظ سڀ سان شامل آهي جنهن مان مطلب آهي، سڄي مخلوقات ۽ سڀئي شيون. هرڪو پن به اُن لفظ سان گڏ آهي. هـُـو خدا جي شان کي ڳائين ٿا ۽ حضرت مسيح وٽ روئن ٿا. هيءُ سڀ ڪجهه، بنا ڪنهن سمجهه جي ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هـُـو پنهنجي فرضن کي، پنهنجي گناهه کانسواءِ واري حياتيءَ سان پـُـراسرار طور پورو ڪن ٿا. ٻيلي ۾ خوفناڪ رڇ گهمي ٿو. وحشي ۽ انتقام وارو، پر اُن ۾ به معصوميت آهي. ” مان کيس ٻڌايو، ته ڪيئن نه هڪ ڀيري، هڪ رڇ، هڪ وڏي وليءَ جي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي آيو، جتي هن پناهه ورتي هئائين. هن عظيم وليءَ مٿس رحم جو اظهار ڪيو ۽ وٽس ويو ۽ کيس مانيءَ جو ٽڪر ڏنو. اِئين ڪندي کيس ڪو به خوف نه ٿيو. هن کيس چيو ته، ”هليو وڃ، حضرت عيسيٰ عليه السلام تنهنجو مددگار ٿيندو. ” وحشي جانور، نماڻائي ۽ اَدب سان هليو ويو ۽ ڪو به ايذاءُ نه ڏنائين. ڇوڪري کي ٻڌي خوشي ٿي، ته هـُـو وليءَ کي بنا ڪنهن تڪليف ڏيڻ جي هليو ويو. ڇاڪاڻ ته مسيح اُن سان گڏ هو. هن چيو ته، “هيءُ ڪيڏو نه دلڪش آهي ۽ ڪيڏو نه خدا جو هر عمل سهڻو ۽ دلڪش آهي.“ هـُـن ويٺي اُن جي مٺاس ۽ محبت جو مزو ورتو. مان ڏٺو ته هن سڄي حقيقت کي سمجهيو آهي. هـُـو پوءِ منهنجي پاسي ۾ سمهي پيو ۽ شيرين ۽ بي عيب ننڊ ۾ ڳهرجي ويو. خدا تعاليٰ نوجوانن کي برڪت وارو ڪري! مان ننڊ ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ اُن لاءِ دعا گهري ته، ”مالڪ پنهنجي اِنسان کي ساز ۽ سلوڪ بخش!“

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org