حصو
چوٿون
دل
آزاري
باب پهريون
راهب فيراپونٽ
اليوشا، سج اُڀرڻ کان اڳ ۾، سوير صبح جو جاڳيو.
مربي زوسيما به جاڳيو، پر هن پاڻ کي بيحد ڪمزور
سمجهيو. هن بستري تان اُٿي ڪرسيءَ تي ويهڻ ٿي
چاهيو. مگر اِيئن ٿي نه سگهيو. سندس دل صاف هئي،
سندس چهرو جيتوڻيڪ ٿڪايل ٿي نظر آيو پر ان هوندي
به روشن ۽ گهڻي حد تائين بشاش ٿي لڳو. اُن ۾ راحت،
رحم ۽ مروت جا آثار ٿي ڏٺا. هن اليوشا کي چيو ته:
”ٿي سگهي ٿو، ته سڀاڻي تائين مان جيئرو رَهي نه
سگهان.“
اُن کان پوءِ هن فوري ’قبوليت‘ ۽ ’اعتراف گناهه‘
جي لاءِ پنهنجي خواهش ڏيکاري. هـُـو هميشھ راهب
پايسي جي سامهون پنهنجي ’قبوليت‘ ڏيندو رَهيو هو.
تبرڪ کان پوءِ، پاڪ تيل سندس جسم کي مهٽيائون.
سڀئي راهب اَچي اُتي گڏ ٿيا ۽ سڄو حجرو اُنهن
سنياس وارن سان ڀرجي ويو. ايستائين سج به اُڀري
مٿڀرو آيو. ماڻهو خانقاهه کان ايندا رَهيا. جڏهن
اهو رسم ۽ رواج پورو ٿيو، ته مربي خواهش ڏيکاري،
ته هـُـو سڀني کي چمي ۽ کانئن موڪلائي. جيئن ته
حجرو نهايت تنگ هو، اُنڪري ضروري هو ته پهريان
ملاقاتي جاءِ خالي ڪن، ته ٻيا اچي اُتي ويهن.
اليوشا، مربيءَ جي ڀرسان بيٺو هو، جنهن کي هاڻي
آرام ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو هو. هـُـو جيترو
ڳالهائي سگهيو ٿي ڳالهائيندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس
آواز بيحد ضعيف هو پر اُن هوندي به منجهس صراحت ۽
وضاحت موجود هئي.
”مان اوهان کي ڪيترن سالن کان تربيت ڏيندو رهيو
آهيان. جيئن ته مان ڪيترن سالن کان ڳالهائيندو
رهيو آهيان، اُنڪري ڳالهائڻ جو عادي بڻجي ويو
آهيان، ۽ هاڻي خاموشي ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڏکي ٿي پئي
آهي. عزيز راهبو ۽ ڀائرو، توڙي جو مان هاڻي ڪمزور
آهيان اُن هوندي به اِها شيءِ ڏکي لڳي.“ هن مذاق
جي انداز ۾ ڳالهايو ۽ پنهنجي چوڌاري بيٺل ماڻهن کي
حسرت سان ٿي ڏٺو.
اليوشا بعد ۾ اُنهن شين کي ياد ٿي ڪيو، جي هـُـن
کين چيون هيون. جيتوڻيڪ هـُـن صاف ٿي ڳالهايو ۽
سندس آواز پهچ جهڙو هو، پر سندس گفتگوءَ ۾ تسلسل
نه هو. هن گهڻين ئي ڳالهين بابت پئي ڳالهايو. سندس
خواهش هئي، ته موت کان اڳ ۾ هـُـو اُنهن سڀني
ڳالهين کي پيش ڪري، جي هـُـن پنهنجي حياتيءَ ۾ اڳ
نه چيون هيون. اِهو نه فقط هدايت جي لاءِ هو، پر
کيس اِها تشنگي هئي، ته انسان ذات ۽ سڄي خلقت کي
پنهنجي راحت ۽ وجداني ڪيفيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري ۽
حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو وڌيڪ پنهنجي دل جي دروازي کي
کولي ڇڏي.
جيئن اليوشا کي پوءِ ياد آيو، مربي زوسيما چيو،
”راهبو! هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، خدا جي خلقت سان
پيار ڪريو. ڇاڪاڻ ته اَسان هتي آيا آهيون ۽ هنن
ديوارين ۾ پاڻ کي مقيد ڪيو اٿئون. اسان ٻاهرين
ماڻهن کان اُبتڙ پاڪ نه آهيون، هتي اَچڻ مان جيئن
حقيقت معلوم ٿئي ٿي، اسان مان هر ڪنهن اعتراف ڪيو
آهي، ته هـُـو ٻين کان گهڻو گنهگار آهي، زمين تي
سڀني رهندڙن کان بد آهي ...... راهب جيترو گهڻو
خلوت گزيني ۾ رَهي، کيس گهڻو هن حقيقت تي غور ڪرڻ
گهرجي. جيڪڏهن هـُـو اِيئن نه ٿو ڪري سگهي، ته
هيڏي اَچڻ مان سندس ڪهڙو مقصد آهي؟ پر جڏهن، هـُـو
هن حقيقت جو احساس ٿو رکي، ته هـُـو نه فقط ٻين
کان بد آهي پر سڀ ڪنهن ۽ هر ڪنهن شيءِ جو، سڀ
ڪنهن انساني گناهه جو، پوءِ اُهو ذاتي آهي يا
قومي، جوابدار آهي، تڏهن ئي ته هن کي پنهنجي خلوت
گزيني جو مقصد حاصل ٿيندو. عزيزو! اوهان کي هيءُ
به ڄاڻڻ گهرجي، ته بيشڪ اسان مان هرڪو، سڄي انسان
ذات ۽ زمين جي مٿان جو ڪجهه آهي، اُن لاءِ جوابدار
آهي. نه فقط خلقت جي عام گناهن لاءِ، پر شخصي طور
تي سڄي انسان لاءِ تاج آهي. ڇاڪاڻ ته راهب ڪي خاص
قسم جا انسان نه آهن پر هيءُ اُهي آهن، جيئن هر
انسان کي ٿيڻ گهرجي. فقط اِنهيءَ علم جي ذريعي
اسان جون دليون نرم، لامحدود، عالمگير ۽ لازوال
محبت سان ڀرجي وڃن ٿيون. اُن کان پوءِ اوهان مان
هر ڪنهن ۾، اِنهيءَ محبت جي ذريعي سڄي دنيا کي فتح
ڪرڻ جي طاقت پيدا ٿيندي ۽ دنيا جا سڀئي گناهه،
اوهان جي ڳوڙهن سان ڌوپجي صاف ٿي ويندا. اوهان مان
هر ڪنهن کي پنهنجي دل جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي
گناهن کي پاڻ وٽ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي قبول ڪرڻ
گهرجي. پنهنجي گناهن کان خوف نه کائڻ گهرجي، توڙي
جو اُن جو احساس به هجي. جيڪڏهن پڇتاءُ ڪجي، ته
اُن لاءِ خدا سان ڪوبه شرط ۽ شروط نه هئڻ گهرجي.
مان وري به چوان ٿو، ته اوهان مغرور نه ٿجو. نه
وڏي سان غرور رکو نه ننڍي سان. اُنهن سان نفرت نه
ڪريو، جي اوهان کي رد ڪن ٿا، اوهان جي بي عزتي ڪن
ٿا، يا اوهان کي بـُـرو چون ٿا. جي خدا کي نه ٿا
مڃين ۽ مادي پرست ۽ بديءَ جا ساٿاري آهن، اُنهن کي
به حقارت سان نه ڏسو. ممڪن آهي، ڪي اُنهن مان چڱا
هجن - ڇاڪاڻ ته اُنهن ۾ گهڻائي چڱن جي آهي. خاص
ڪري اسان جي دور ۾ اُنهن جي کوٽ نه آهي. بدترين
انسانن کي به نفرت سان نه ڏسو. اوهان کين پنهنجي
دعائن ۾ هن نموني ياد ڪريو:
”خدايا، اُنهن سڀني جو محافظ ٿيءُ، جن جي لاءِ
ڪوبه دعا ڪرڻ وارو نه آهي.
تون اُنهن جي به رکوالي ڪر، جي تنهنجي عبادت نه ٿا
ڪن.“
وڌيڪ هيئن به چئو:
”تنهنجي عبادت تي، مون کي ڪوبه فخر نه آهي. خدايا
مان تنهنجي انسانن مان نهايت هيٺين درجي وارو
آهيان.“
خدا جي بندن سان محبت رکو. اِيئن نه ٿئي ته ڌڻ کي
اوپرا ڌنار هڪالي وڃن. جيڪڏهن اوهان سستيءَ ۾ سمهي
رهيا، پنهنجي ناڪام فخر ۾ رهيا ۽ اَڃا به بدترين
شيءِ جي لالـچ ۾ رهيا، ته اوپرا ڌنار هر طرف کان
اَچي ويندا ۽ اوهان جي ڌڻ کي ڇڪي ۽ ڪاهي ويندا.
ڪنهن به سستيءَ کانسواءِ انجيل جي ماڻهن ۾ تبليغ
ڪندا رهو .... قيمتي شين جي حاصل ڪرڻ لاءِ نه
مـَـرو ..... سون ۽ چانديءَ سان رغبت نه رکو.
اُنهن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو ....... فقط يقين
رکو. جهنڊي سان چـُـهٽي رهو ۽ اُن کي بلند رکو.
جيئن اليوشا بعد ۾ ٻڌايو، مربي ڪيترو ئي غير
سلسليوار پئي ٿي ڳالهايو. ڪنهن ڪنهن وقت ته خاموش
پئي ٿي ويو. اِهو اِيئن پئي لڳو، ته هـُـو ڄڻ دم
وٺي رهيو آهي ۽ طاقت کي گڏ ڪري رهيو آهي. پر مٿس
وجداني ڪيفيت ضرور ڇانئيل هئي. منجهس بيحد جوش هو،
جيتوڻيڪ ڪيترن اِيئن به ٿي چيو ته هـُـو حيرانگي
سان ڳالهائي رهيو آهي ...... مگر بعد ۾ سڀني سندس
لفظن کي ياد ٿي ڪيو.
اليوشا گهڙيءَ کن لاءِ جڏهن حجري کان ٻاهر نڪري
آيو، تڏهن راهبن ۾، جيڪي اَچي هڪ جاءِ گڏ ٿيا هئا،
پريشاني ۽ بي صبري ڏسي، حيران رهجي ويو. راهبن ۾
هيءَ پريشاني، غم ۽ احترام سان گڏيل هئي. اُن
هوندي به هنن سڀني کي انتظار ضرور هو، ته مربيءَ
جي مرڻ کان پوءِ، ضرور ڪا ڳالهه ٿيندي. سندن هيءُ
بي صبري هڪ نقطئه نگاهه کان نڪمي ۽ اَجائي هئي، پر
وڏا وڏا اڪثر راهب به اُن کان متاثر هئا. راهب
پايسي جو چهرو سڀ کان وڌيڪ ڳنڀير هو.
اِليوشا کي هڪ راهب مخفي طرح سڏي چيو، ته هـُـو
ريڪٽن سان وڃي ملي، جو تازو شهر کان آيو هو ۽ وٽس
بيگم هائلڪوف جو، وٽس هڪ خط به موجود هو. اُن ۾
هـُـن هڪ عجيب ۽ اتفاقي واقعي جو ذڪر ڪيو هو. اُن
مان ظاهر پئي ٿيو ته جنهن ڏينهن اُهي ملاقاتي
عورتون مربي زوسيما جون برڪتون وٺڻ آيون هيون،
اُنهن ۾ شهر جي هڪ پوڙهي عورت به هئي، جا سارجنٽ
پروهوروونا جي بيواهه هئي. سندس اَچڻ جي مراد هئي،
ته هوءَ اهو معلوم ڪري، ته سندس پٽ ويسينيڪا جيئرو
به آهي يا نه؟ هـُـو ارڪوٽسڪ ۾ هو، ۽ سال کن کان
سندس ڪابه خبر نه آئي هئي. سندس منشا هئي، ته هوءَ
پنهنجي پٽ جي روح کي آرام ڏيڻ لاءِ دعائون گهري.
زوسيما اِيئن ڪرڻ کان کيس سختيءَ سان منع ڪئي هئي
۽ کيس چيو هو، ته سندس حياتيءَ لاءِ دعا گهري ۽
اِيئن نه چوي، ته هـُـو مري ويو آهي، ڇو ته اِهو
جادو آهي. هـُـن کيس اڻڄاڻ سمجهي بعد ۾ معاف ڪري
ڇڏيو هو ۽ کيس پيشن گوئيءَ جي طور تي ڪجهه وڌيڪ به
چيو هو، ڄڻ هـُـو مستقبل جي ڪتاب کي پڙهي رهيو هو.
(ميڊم هائلڪوف جو خيال هو) هي اطمينان جا الفظ
هئا. هن مطمئن ٿي چيو هو ته، ”سندس پـُـٽ وسيا
جيئرو آهي، ٿورن ڏينهن ۾ هـُـو پاڻ ايندو يا سندس
خط ايندو. کيس پنهنجي گهر وڃي انتظار ڪرڻ کپي.“
ميڊم هائلڪوف وڌيڪ لکيو هو ته، ”مربيءَ، جو ڪجهه
چيو هو، سو حقيقت بڻجي پيو آهي. مشڪل سان هوءَ
عورت پنهنجي گهر پهتي هئي، جو سائيبريا کان آيل خط
کيس ڏنائون، جو اڳ ۾ ئي آيل هو. اِهو خط
ايڪاٽرنبرگ جي رستي تي لکيو ويو هو. وسيا ماءُ کي
اطلاع ڏنو هو، ته هـُـو آفيسرن سان گڏ رشيا موٽي
رهيو آهي. خط جي ملڻ کان ٽي هفتا پوءِ، هـُـو
پنهنجي ماءُ جي آغوش ۾ هوندو.“
ميڊم هائلڪوف، اليوشا کان گرم جوشيءَ سان تقاضا
ڪئي هئي، ته هـُـو، هن ڪرامت جهڙي اڳڪٿيءَ کي،
مربيءَ ۽ اُن جي برادريءَ تائين پهچائي. پڇاڙيءَ ۾
بيگم لکيو هو ته، ”هيءَ حقيقت سڀني جي ڄاڻ ۾ اَچڻ
گهرجي.“ هيءُ خط تڪڙ ۾ لکيو ويو هو ۽ لکندڙ جو
جوش هڪ هڪ سـِـٽَ مان ظاهر هو، پر اليوشا کي هن
حقيقت جي ٻـُـڌائڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي، ڇو ته
راهبن کي اڳ ۾ ئي هيءَ خبر ملي چـُـڪي هئي. ريڪٽن
ساڳي ئي راهب سان، جنهن اڳ ۾ اليوشا کي نياپو
پهچايو هو، راهب پايسي کي نهايت احترام سان چوائي
موڪليو، ته هن کي ساڻس هڪ ڳنڀير معاملي تي
ڳالهائڻو آهي، ان ڪري هـُـو جلديءَ لاءِ معافيءَ
جو طلبگار آهي، پر اُن ۾ دير ڪرڻ به مناسب نه
آهي.“ جيئن ئي راهب هيءُ نياپو راهب پايسي کي
ڏنو، اليوشا سوچيو ته جڏهن ته هن معاملي بابت وٽس
ڪوبه ڪم نه آهي، تڏهن ڇو نه اُن حقيقت جي پختگي
لاءِ خط ئي کيس سپرد ڪري ڇڏي.
پايسي جيتوڻيڪ ڪـَـٽر ۽ محتاط ماڻهو هو ۽ خط ۾ اُن
ڪرامت کي پڙهي، سندس پيشانيءَ ۾ گهنج پئجي ويا، پر
اُن هوندي به پنهنجي اندرئين جوش کي روڪي نه
سگهيو. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چپن ۾ پر
معنيٰ مشڪ اَچي وئي. هـُـو چئي ويٺو:
”اسان ٻيون به وڏيون شيون ڏسنداسون.“
”اسان وڏيون شيون ڏسنداسون، هن کان به وڏيون.“
چوڌاري سڀني بيٺل راهبن واڪو ڪري چيو.
راهب پايسي جي پيشانيءَ ۾ وري گهنج پئجي ويا ۽
هـُـن راهبن جي ٽولي کان تقاضا ڪئي، ته هن خبر جي
باري ۾ هـُـو وڌيڪ شور نه مـچائين ۽ ترسن،
جيستائين هن خبر بابت ڪجهه وڌيڪ حقيقتون معلوم
ٿين، ڇو ته ڪجهه اَجايون سـَـجايون ڳالهيون به
گهڻو مشهور ٿي وينديون آهن ۽ هيءُ به ممڪن آهي، ته
جو ڪجهه گذريو آهي، سو طبعي هجي.“ اُن هوندي به
هيءُ ظاهر هو، ته راهب پايسي کي خود خصوصيت سان هن
ڳالهه بابت ڪوبه شڪ ۽ گمان ڪونه هو ۽ جنهن کي سندس
چوڌاري بيٺل راهبن به چڱيءَ طرح محسوس ٿي ڪيو.
هڪ گهڙيءَ جي اندر، اها ’ڪرامت‘ سڄي خانقاهه ۽
اُنهن ملاقاتين ۾ جي ٻاهران آيا هئا، پکڙجي وئي.
سڀ کان وڌيڪ، هڪ نووارد راهب تي اثر پيو هو، جو هڪ
ڏينهن اڳ ۾ سينٽ ساولويسٽر جي اوڊورسڪ جي مڙهيءَ
مان آيو هو، جا پري اُتر ۾ هئي. هيءُ اُهو ماڻهو
هو، جو اڳئين ڏينهن تي، بيگم هائلڪوف جي ڀرسان
بيٺو هو ۽ مربي زوسيما کي وڏي سنجيدگيءَ سان، اُن
جي نينگر جي صحت جو ذڪر ڪندي کيس چيو هئائين ته
”توهان اِهڙين شين جو ڪيئن ٿا قياس ڪريو.“
هو هاڻي منجهي پيو هو ۽ ڄاڻي نه ٿي سگهيو، ته ڪهڙي
ڳالهه تي اعتبار ڪري؟ اڳئين ڏينهن تي هـُـو راهب
فيراپونٽ سان سندس حجري ۾ مليو هو، جو مصنوعي
ماکيءَ جي ماناري جي ڀرسان هو. هن ملاقات مٿس وڏو
اَثر وڌو هو. راهب فيراپونٽ، اُهو پوڙهو راهب هو،
جو هميشھ روزي ۾ رهندو هو ۽ خاموش گذاريندو هو،
جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. جيئن ته هـُـو
مربي زوسيما ۽ وڏن راهبن جي سڄي اَداري جو مخالف
هو ۽ هنن کي، هي خطرناڪ، غير سنجيده ۽ بدعتي
سمجهندو هو.هي نهايت طاقتور مخالف هو، جيتوڻيڪ
هـُـو مشڪل سان ڪنهن سان ڪو لفظ ڳالهائيندو هو.
هيءُ ايترو مضبوط، ڇو هو؟ اُن جو سبب هيءُ هيو، جو
راهبن جو اَڪثر تعداد سندس هم خيال هو. ڪيترائي
ملاقاتي کيس عظيم سنت ۽ سنياسي سمجهندا هئا،
جيتوڻيڪ اُن سان گڏ کيس وهمي به چوندا هئا. اِهي
ئي ته وهمي خيال هئا، جي ماڻهن کي اُن ڏانهن
ڇڪيندا هئا.
راهب فيراپونٽ، ڪڏهن به مربيءَ کي ڏسڻ لاءِ نه
ويندو هو. جيتوڻيڪ هـُـو سنياس ۾ رهندو هو، پر کيس
قاعدن ۽ قانونن جي لاءِ مجبور نه ڪيو ويندو هو.
اِيئن ڇو ڪيو ويندو هو؟ اُن جو سبب به اِهوئي هو
ته هـُـو جذباتي هو. هـُـو پنجهتر ورهين کان به
مٿي جو هو. هـُـو هٿرادو ماکيءَ جي مکين جي ماناري
جي ڀرسان، هڪ پراڻي ۽ ڪـِـرندڙ، ڪاٺيءَ جي حجري ۾
ٿي رهيو. جنهن کي گهڻو اڳي ٻئي هڪ عظيم سنياسي
ايونا جي لاءِ ٺهرايو ويو هو، جنهن کي تقريباََ هڪ
سـَـؤ پنج ورهيه گذريا. جنهن جي درويشاڻي ڪرامتن
جون ڳالهيون، اَڃا به خانقاهه ۽ اُن جي پسگردائيءَ
۾ ٻـُـڌايون ٿي ويون.
راهب فيراپونٽ، اُن خاموش حجري ۾ سڪونت اختيار ڪئي
هئي، جنهن کي ستن ورهين جو عرصو گذريو. هيءُ، هڪ
ڪڙميءَ جي جهوپڙيءَ وانگر هو، جيتوڻيڪ سندس صورت ۽
شڪل هڪ ننڍڙي ديول وانگر ٿي ڏٺي. ڇاڪاڻ ته اُن جي
اڳيان ڪيترائي مجسما هئا، جن جي سامهون شمعون
ٻرنديون ٿي رهيون. هي شمعون هميشھ ايمان وارا
ڏيندا ٿي رهيا ۽ فيراپونٽ اُنهن کي روشن رکڻ لاءِ
مامور هو. مشهور هو ته (هيءُ سچ به هو) هـُـو ٽن
ڏينهن ۾هڪ سير کان وڌيڪ مانيون نه کائيندو هو. اهي
شمعون ماکيءَ جي مکين جي ماناري جو نگهبان وٽس
آڻيندو هو. هو به سندس ويجهو، ماناري جي ڀرسان ئي
ٿي رهيو. هـُـو ٽئين ڏينهن وٽس ايندو هو، مگر هيءُ
عجيب حقيقت هئي، جو هيءُ ورلي، اُن سان ڳالهائيندو
هو. هنن هڪ سير مانين کانسواءِ، هر آچر جي عبادت
کانپوءِ، کيس نان مقدس، بنا ڪنهن ناغي جي موڪليو
ويندو هو. هيءَ سندس سڄي هفتي جي خوراڪ هئي. سندس
پاڻيءَ جي صراحيءَ کي هر روز ڀريو ويندو هو. هـُـو
عبادت ۾ اَڪثر شريڪ نه ٿيندو هو. اُهي ماڻهو جي
سندس زيارت لاءِ ايندا هئا، کيس هيڏي هوڏي نهارڻ
کانسواءِ، هميشھ عبادت ۾ مشغول ڏسندا هئا. جيڪڏهن،
هـُـو کين خطاب به ڪندو هو، ته نهايت مختصر، غير
مسلسل ۽ عجيب هوندو هو، جنهن کي ناهموار ئي چئي
سگهجي ٿو. ڪيئن به هجي، هو تمام ٿورن موقعن تي
ڳالهائيندو هو، باقي هـُـو سڄو عرصو، عجيب لفظ
اُچاريندو رهندو هو، جي ٻڌڻ واري جي لاءِ ڄڻ ته
ڳجهارت هئي. ڪابه التجا کيس اُنهن لفظن جي تشريح
لاءِ راضي نه ڪندي هئي. هـُـو ڪو وڏو پادري نه هو
پر سادو راهب. ماڻهن ۾ به هن لاءِ عجيب عقيدو هو.
خاص ڪري، گهڻائي جاهل ۽ بي سمجهه اِيئن سمجهندا ٿي
رهيا، ته راهب فيراپونٽ جا آسماني روحن سان تعلقات
آهن. هـُـو فقط اُنهن سان ئي ڳالهائيندو آهي ۽
انهيءَ ڪري ئي هـُـو ماڻهن سان گهٽ ڳالهائيندو
آهي. اوڊوروسڪ جي راهب کي ماناري جي رکواليَ ئي
سندس ڏَسُ ڏنو هو. هيءُ راهب به گهٽ ڳالهائڻ وارو
۽ خاموش قسم جو ماڻهو هو. هـُـو اُن ڪنڊ ڏي نڪري
ويو، جتي فيراپونٽ جو حجرو هو. ماناري جي نگهبان،
کيس اڳ ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته، ”ٿي سگهي ٿو، ته
هـُـو توکي اجنبي سمجهي توسان ڪجهه ڳالهائي پر
اِيئن به ٿي سگهي ٿو، ته کانئس توکي ڪجهه به هـَـڙ
حاصل نه ٿئي.“ اُن راهب، جيئن پوءِ ٻـُـڌايو،
هـُـو ساڻس خوف ۽ انتظار سان مليو. هيءُ سج لـَـٿي
کان به دير جو وقت هو. فيراپونٽ راهب، پنهنجي
حـُـجري جي دروازي وٽ بينچ تي ويٺو هو. هڪ وڏي ۽
گهاٽي نم جهڙي وڻ جا پن، مٿس آهستگيءَ سان لڏي
رهيا هئا. هوا ۾ شام جي تازگي موجود ٿي ڏٺي.
اوڊورسڪ جو راهب سندس اڳيان جهڪي ويو ۽ کانئس
برڪتون گهريائين.
فيراپونٽ راهب کيس چيو ته، ”تون چاهين ٿو ته مان
به تنهنجي اڳيان نوڙان، اُٿي.“
راهب اُٿي کڙو ٿيو.
”خدا توتي رحم ڪري ۽ اُن جون برڪتون توسان هجن.
تون ڪٿان آيو آهين؟“
اُن غريب راهب تي، جنهن ڳالهه وڌيڪ اَثر ڪيو، اُها
هيءَ هئي، ته باوجود وڏي عمر ۽ روزه داريءَ جي،
فيراپونٽ، راهب، اَڃا به طاقتور پوڙهو ٿي نظر آيو.
هـُـو قدآور ۽ سـِـڌو هو. سندس منهن سنهو هو پر
تازو ۽ تندرست ٿي لڳو. اِنهيءَ ۾ ڪو شـَـڪ نه آهي،
ته کيس اَڃا به چڱي طاقت هئي. سندس ورزشي جسم هو.
وڏي عمر جي هوندي به سندس سڀئي وار سفيد نه هئا.
گهاٽا وار هئا ۽ وڏي ڏاڙهي، جي ڪڏهن بلڪل ڪارا
هئا، سندس اکيون ڀوريون، وڏيون ۽ چمڪندڙ هيون.
اهـُـي نهايت اَثر واريون ٿي ڏٺيون. سندس ڳالهائڻ
نهايت اعتماديءَ وارو هو. کيس ڳوٺاڻن جهڙو، ڳاڙهي
رنگ جو ڪوٽ پهريل هو، جو هڪ سخت ڪپڙي مان ٺهيل هو.
هڪ مضبوط نوڙي سندس چيلهه جي چوڌاري ٻـَـڌل هئي.
سندس سينو ۽ پيٽ اُگهاڙا هئا. سندس ڪوٽ جي هيٺان،
کهري سوٽي ڪپڙي جي قميص هئي، جا، ميرنهن کان ڪاري
ٿي ڏٺي ۽ اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته اها ڪيترن مهينن
کان نه بدلائي وئي آهي. ماڻهن ٿي چيو ته هـُـو
پندرنهن سير لوهه جا زنجير، پنهنجي ڪوٽ جي اندران
پهريندو هو. سندس جورابن کانسواءِ پيرن ۾ چير پئجي
ويا هئا ۽ سندس جـُـتي نهايت جهوني ۽ ٽـُـنگ
ٽـُـنگ ٿي نظر آئي.
”هڪ ننڍڙي اوڊورسڪ، مڙهيءَ مان ٿي، اَچان ٿو، جا
سينٽ سيلوسٽر ۾ آهي.“ نووارد راهب نوڙت سان کيس
جواب ڏنو. اُن وقت سندس شائق ۽ سوالي، بلڪه ڊڄندڙ
ننڍيون اکيون، اُن سنياسي کي ڏسنديون رَهيون.
”مان تنهنجي سيلوسٽر ۾ ويو آهيان. مان اُتي رهيو
به آهيان. ڪيئن سيلوسٽر چڱي جاءِ آهي نه!؟“
راهب ٻڏتر ۾ اَچي ويو.
راهب فيراپونٽ کيس چيو ته، ”تون ته بيوقوف ٿو نظر
اَچين. توهان ڪهڙيءَ ريت روزو رکندا آهيو؟“
”قديم اُصول موجب، ايسٽر کان چاليهه ڏينهن اڳ
واري وقت ۾، جڏهن نفس جو مجاهدو ڪيو ويندو آهي،
سومر، اربع ۽ جمعي تي ڪوبه کاڌو نه ملندو آهي.
اڱاري ۽ خميس تي، اڇا نانَ، ماکيءَ ۾ پيل ميوو،
جهنگلي ٻير ۽ لوڻياٺي گوبي ملندي آهي. ڇنڇر تي
سـِـڻيءَ جي تيل ۾ تيار ٿيل، گوبيءَ جو رَسُ ۽
مـَـٽر هوندا آهن. آچر يعني هفتي جي پوئين ڏينهن
تي سڪل مڇي ۽ گوبيءَ جو رس ملندو آهي. مقدس هفتي
۾، سومر کان وٺي، ڇنڇر جي شام تائين ، سڄا سارا
ڇهه ڏينهن، ڪجهه به نه پچايو ويندو آهي ۽ اَسان
فقط نان ۽ پاڻيءَ تي روزا رکندا آهيون، جيڪي بچائي
رکيا ويندا آهن. اِيئن به ٿيندو آهي، ته سڀ ڪنهن
ڏينهن تي کاڌو ڪونه کائيندا آهيون ۽ اِهو ايسٽر جي
پهرئين هفتي جي قاعدي موجب هوندو آهي. جمعي جي
مقدس ڏينهن تي ڪامل روزو هوندو اَٿئون. اِهڙيءَ
ريت ڇنڇر جي ٽن پهرن تائين، ڪابه غذا نه کائيندا
آهيون. اُن وقت ۾ مانيءَ جو ڳڀو کائيندا آهيون ۽
ٿورو پاڻيءَ ۽ شراب پيئندا آهيون. مقدس خميس جي
ڏينهن تي، شراب پيئندا آهيون ۽ ڪجهه تيل کان سواءِ
کاڌو پچائيندا آهيون يا ڪجهه به نه پچائيندا
آهيون. اِهو قانون مقدس ڪتاب جو مقرر ٿيل آهي.
مقدس خميس تي مڪمل روزو نه رکڻ، سڄي ايسٽر جي مقدس
چاليهي جي توهين ۽ انحرافي آهي. اسان اِهڙيءَ ريت
ئي روزو رکندا آهيون. پر اسان، اَوهان سان ته
پوءِ به برميچي نه ٿا سگهون، مقدس پيءُ!“ راهب
رازدارنه طور تي چيو. ”يعني سڄو سال، توڙي ايسٽر
۾ فقط اوهان ماني ٿا کائو ۽ پاڻي ٿا پيئو، جو ڪجهه
اَسان ٻن ڏينهن ۾ کائون، اُهو اوهان ستن ڏينهن ۾
کائو ٿا. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته اوهان وارو
روزو رکڻ بيحد ڏکيو آهي.“
فيراپونٽ اوچتو کيس چيو:
”کـُـنڀين بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“
”کـُـنڀيون!“ عجب ۾ پئي راهب چيو.
”مان هنن جي مانيءَ کي به ڇڏي ڏيندو آهيان. اُن
جي ڪابه ضرورت نه پوندي اَٿم. مان جهنگ ۾ نڪري
ويندو آهيان ۽ کـُـنڀين تي گذارو ڪندو آهيان يا
جهنگلي ٻيرن تي، پر هتي، هـُـو ماني کان سواءِ
گذارو نه ٿا ڪري سگهن. هـُـو شيطان جي قبضي ۾ آهن.
اڄ ڪلهه ته هيءُ پليت انڪار به آهي ته اِهڙي روزي
جي ڪابه ضرورت نه آهي. سندس فيصلو نٺر ۽ ناپاڪ
آهي.“
راهب، ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”اوهان سچ ٿا چئو.“
فيراپونٽ کانئس پڇيو، ”تو، اُنهن ۾ شيطان ڏٺو
آهي!؟“
”اُنهن ۾، ڪـَـن ۾!“ راهب بزدليءَ سان پڇيو.
”مان گذريل سال، مقدس آچر تي، وڏي پادريءَ وٽ ويو
هوس. پوءِ وٽس ڪونه ويو آهيان. مان ڏٺو ته شيطان
هڪ ماڻهوءَ جي چيلهه تي ويٺو هو. هـُـو سندس قبا ۾
لڪل هو. سندس سـِـڱ فقط ظاهر هئا. ٻيو سندس کيسي
مان تيزنگاهن سان نهاري رهيو هو. هن کي مون کان
خوف پئي ٿيو. ٻيو وري هڪ شيطان ڪنهن جي غليظ پيٽ
تي سوار هو. هڪڙو ڪنهن ٻي جي گردن ۾ چنبڙيو پيو
هو. هـُـو، هـِـن کي هيڏي هوڏي گهليندو پئي رهيو.“
راهب کانئس پڇيو ”اوهان روح ڏسي سگهو ٿا؟“
”مان توکي ٻڌايائين ٿو، ته مان ڏسي سگهان ٿو. مان
اُنهن مان سنئون سڌو ڏسي سگهان ٿو. مان جڏهن وڏي
پادريءَ وٽان ٻاهر ٿي آيس، ته هڪڙو مون کي ڏسي،
پاڻ کي لڪائڻ لڳو. هو دروازي جي پويان لڪي ويو.
هـُـو چڱو وڏو هو. ڏيڍ وال يا اُن کان به مٿي هو.
کيس چڱو ٿلهو، ڊگهو ۽ ڀورو پڇ هو. سندس پڇ جو ٿورو
حصو، دروازي جي چير ۾ هو. مون جلديءَ ۾ دروازي کي
زور سان ٻيڪڙيو، جنهن ڪري سندس پڇ مروڙجڻ لڳو.
هـُـو چين چين ڪري، ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. مان
اُن جي مٿان ٽي ڀيرا، صليب جي شڪل ٺاهي، جنهن جو
نتيجو اِهو نڪتو، جو هـُـو اُتي جو اُتي مري ويو،
ڄڻ ته ڪوريئڙو پيرن ۾ چيڀاٽجي ويو هو. هـُـو اُتي
ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي پوي ها ۽ بـَـدبوءِ ڏئي ها، پر
هيءُ، نه اُن کي ڏسي ٿي سگهيا. ۽ نه ئي اُن جي
بوءِ کي سنگهي ٿي سگهيا. هڪ سال اڳ ۾ اُتي هوس.
مان توکي هيءُ تڏهن ٿو ٻڌايان، ڇاڪاڻ ته تون
اَجنبي آهين.“
”تنهنجون ڳالهيون بيحد خطرناڪ آهن! پر مقدس ۽
برڪت وارا پيءُ! راهب وڌيڪ همٿ وارو بڻجي ويو هو ۽
چوڻ لڳو ته، ”ڇا هيءُ سچ آهي ته اوهان جي پرامن
ملڪن ۾ هي شهرت آهي، ته اوهان هميشھ مقدس روح سان
لاڳيتو ملاقاتون ڪندا ٿا رهو؟“
”هو، ڪن وقتن تي برابر اُڏامي، اَچي ٿو؟“
”هـُـو ڪيئن هيٺ اُڏري اَچي ٿو؟ سندس ڪهڙو نمونو
آهي؟“
”پکيءَ وانگر.“
”تـُـنهنجي معنيٰ، ته مقدس روح، هڪ ڪبوتر جي شڪل
جهڙو آهي؟“
”هائو سندس صورت ڪبوتر جهڙي آهي، پر ڪڏهن ابابيل
جي شڪل ۾ اَچي ٿو ۽ ڪڏهن جهرڪيءَ جي صورت ۾.“
”توهان، هن کي ڪهڙيءَ ريت، جهرڪيءَ جي شڪل مان
سڃاڻي وٺو ٿا؟“
”هو، ٻولي ٿو.“
”هـُـو ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ٻولي ٿو؟“
”انساني زبان ۾.“
”هو توکي ڇا چوي ٿو؟“
”ڇو؟ اڄ مون کي، هـُـن ٻڌايو هو ته، هڪڙو بيوقوف
منهنجي ملاقات لاءِ ايندو ۽ مون کان عجيب سوال
پڇندو. راهب! ٻولي تون شايد گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ گهرين
ٿو؟“
”تنهنجا لفظ خوف ڏياريندڙ آهن، مقدس ۽ برڪتن وارا
پيءُ!“ راهب پنهنجي مٿي کي ڌوڏيو، پر سندس ڊنل
اکين ۾، اَڃا خوف ڀريل هو.
”تون، هـُـو وڻ ڏسين ٿو!؟“ راهب فيراپونٽ ٿورو
وقت دم وٺي ۽ پڇيس.
”هائو، برڪتن ڀريا پيءُ!“
”تون سمجهين ٿو، ته اِهو نم جو وڻ آهي، پر منهنجي
لاءِ، اُن جي ڪا ٻي صورت آهي.“
راهب ٿوري ويرم کان پوءِ، فضول اُميد جي سهاري،
کيس چيو ته، ”اُها ڪهڙي قسم جي صورت آهي؟“
”اِهو رات جي وقت ڏسڻ ۾ اَچي ٿو، تون هنن ٻن
ٽارين کي ڏسين ٿو؟ رات جي وقت حضرت عيسيٰ عليه
السلام، اِنهن کي جهلي، پنهنجي ٻانهن کي پکيڙي،
اُنهن ۾ اَچڻ جي دعوت ڏئي ٿو. مان اُن کي صاف
ڏسندو آهيان ۽ ڊڄندو به آهيان. هيءُ نظارو
ڊيڄاريندڙ آهي، هـُـو ڊيڄاريندڙ آهي.“
”اِهو ڊيڄاريندڙ ڇو ٿيندو، جڏهن حضرت عيسيٰ، پاڻ
اُتي موجود آهي؟“
”ڇو؟ هـُـو مون کي هتان کڻي، مٿي وٺي وڃڻ گهري
ٿو.“
”جيئري حالت ۾؟“
”پيغمبر جي شاندار روح جي صورت ۾، تو اُن کي
ٻـُـڌو هوندو؟ هـُـو مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ وٺي،
خبر نه آهي ته اَلائي ڪاڏي کڻي ويندو؟“
جيتوڻيڪ راهب، هن گفتگوءَ کان پوءِ پنهنجي حجري ۾
موٽي آيو هو، پر ڪيترو وقت پنهنجي راهب - ڀائرن
کي، چڱي چوکي دلي پريشانيءَ سان، اُهو گفتگو
ٻـُـڌائيندو رهيو. سندس دل ۾ اَڃا به مربي زوسيما
کان وڌيڪ راهب فيراپونٽ جي محبت ٿي ڏٺي. هـُـو
سختيءَ سان روزي رکڻ جي فائدي ۾ هو. سوئي اِهڙو
عجيب ۽ سختيءَ وارو روزو، جنهن کي راهب فيراپونٽ
اختيار ڪيو هو. هيءَ کيس ڪرامت ته نظر ٿي آئي پر
کيس هيءُ به يقين ايندو ويو، ته هـُـو ضرور
اِهڙيون عجيب شيون ڏسندو هوندو. جيتوڻيڪ سندس لفط
اَڍنگا هئا پر خدا بهتر ٿي ڄاتو، ته سندس لفظن ۾
ڪهڙو راز مخفي هو. سندس ڪي بڇڙا لفظ نه هئا نه وري
سندس عمل ڪو رواجي هو، جو اَڪثر اُنهن ۾ ڏٺو ويندو
آهي، جي پنهنجي ذهن کي، خدا جي شان ڪبريائي تي
قربان ڪري ڇڏيندا آهن. شيطان ۽ اُن جي پڇ جي حقيقت
تي کيس پوري ريت اعتبار هو. هن کان سواءِ، خانقاهه
جي زيارت کان اڳ ۾ کيس وڏن راهبن جي اَداري بابت
گهڻائي شڪ ۽ شبها موجود هئا، جن کي هن خاصي غور
سان ٻـُـڌو هو. اُنهن مان هـُـن هيءُ نتيجو ڪڍيو
هو، ته اهي بدعتون، مذهب لاءِ وڏي خطري جو باعث ٿي
سگهن ٿيون. خانقاهه ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد، هـُـن
هيءَ حقيقت به ڳولي ورتي هئي، ته ڪم ظرف راهبن ۾
هن اَداري جي لاءِ، ناپسندي موجود هئي. هن
کانسواءِ هيءُ راهب، سڀ ڳالهه ۾ ٽنگ اَڙائڻ وارو ۽
جاسوس طبعيت وارو هو، جنهن ڪري سڀ ڪنهن ڳالهه ۾
دخل اَندازي ڪري رهيو هو. اِهوئي سبب هو، جو
زوسيما جي تازي ڪرامت جي خبر، کيس سخت حيرانيءَ ۾
وجهي ڇڏيو هو. اليوشا بعد ۾ ياد ٿي ڪيو، ته ڪيئن
نه سندن جاسوس فطرت اوڊورسڪ جو مهمان هيڏي هوڏي
ڦري رهيو هو ۽ راهبن جي وچ ۾، هڪ ٽولي کان ٻي ٽولي
ڏي، جي مربي جي حجري جي ٻاهر ۽ اندر اَچي گڏ ٿيا
هئا، سرگوشين ٻڌڻ ۽ سوالن ڪرڻ لاءِ ٿي رُليو.
هـُـن اُن وقت ته اُن ڏي ڪو ڌيان نه ڏنو هو، پر
بعد ۾ اُن کي ياد ٿي ڪيائين.
بروقت وٽس سچ پچ ايترو وقت ئي ڪونه هو، جو اِنهن
خيالن کي ويچاري ها. ڇو ته مربي زوسيما، جڏهن وري
پاڻ کي ڪمزور سمجهيو ۽ بستري تي ليٽي پيو، تڏهن
کيس اکيون ٻوٽيندي ئي، اليوشا جو خيال آيو ۽ کيس
گهرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليو. اليوشا هڪدم ڊوڙي آيو.
اُن وقت حجري ۾ راهب پايسي کان سواءِ ٻيو ڪوبه
موجود نه هو. ٿورو پرڀرو راهب ايوسف ۽ نئون آيل
راهب پورفيري موجود هئا. مربي پنهنجون نماڻيون
اکيون مٿي کنيون. ۽ سنئون سڌو اليوشا ڏي نهاريندو
رهيو. اوچتو هـُـن کانئس پڇيو ته:
”ڇا تنهنجا ماڻهو، تنهنجيءَ ملاقات جي اُميد رکن
ٿا پـُـٽ!؟“
اليوشا، اڻتڻ ...؟ ۾ پئجي ويو.
”کين تنهنجي گهرج ڪانه آهي ڇا؟ تو ساڻن ڪالهه،
اَڄ جي ملڻ جو واعدو نه ڪيو آهي ڇا؟“
”هائو، مان پنهنجي پيءُ، ڀاءُ ۽ ٻين سان به اِهڙو
واعدو ڪيو آهي.“
”ته پوءِ توکي ضرور وڃڻ گهرجي. يقين رک، مان
توسان ڪجهه ڳالهائڻ کانسواءِ ڪونه مرندس. مان
توسان ڪي آخري لفظ ڳالهائيندس، جو تنهنجي لاءِ
انعام هوندو. ڇاڪاڻ ته توکي مون سان بيحد محبت
آهي، پر توکي هاڻي وڃي پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ
گهرجي.“
اليوشا جي لاءِ، جيتوڻيڪ اُن وقت ٻاهر وڃڻ ڏاڍو
ڏکيو هو، پر هـُـن، سندس حڪم جي تعميل هڪدم ڪئي.
اِن اُميد تي ته هـُـو پنهنجي پير جا آخري لفظ، جي
هن جي لاءِ انعام هئا، زمين تي ٻيهر ٻڌي سگهندو،
سندس روح ۾ هڪ قسم جي خوشي پيدا ڪئي. هـُـو تڪڙ
ڪرڻ لڳو ته جيئن هـُـو شهر ۾ پنهنجو ڪم جلد پورو
ڪري، موٽي اَچي. راهب پايسي به سندس ڪـَـن ۾،
اِهڙي اَڻ ٿيڻي ڳالهه بابت ڪجهه چيو، جنهن کيس نه
فقط عجب ۾ وڌو پر مٿس وڏو اَثر به پيدا ڪيو. هـُـو
حجري کان ڳالهائيندا ٻاهر نڪتا.
راهب پايسي، ڪنهن به تمهيد کان سواءِ، ساڻس
ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته نوجوان پٽ، هن نقطي کي ياد
رک! موجوده دنيا جي سائنس (علم) خاص ڪري هن پوئين
صديءَ واري هڪ وڏي طاقت بڻجي وئي آهي. هـُـن اُنهن
ڳالهين جي، جيڪي اسان کي مقدس ڪتابن ۾ ملن ٿيون،
وڏي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. دنيا جي هنن عالمن ايتري ته
بي رحم ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جو قديم پاڪيزگي جي لاءِ،
ڪجهه به نه ڇڏيو ويو آهي. پر هنن، اُنهن جي ڪن حصن
جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، سڄي جي نه. اِها سندن نابينائي
ڏسڻ وٽان آهي، پر سڄي حقيقت پنهنجي جاءِ تي سندن
سامهون مضبوطيءَ سان قائم آهي ۽ دوزخ جا دروازا
ڪڏهن به کـُـلي، اُن تي فتحمندي حاصل ڪري نه
سگهندا. ڇا سڄين سارين اڻويهه صدين کان هيءَ حقيقت
زندهه نه رَهي آهي؟ هيءَ انفرادي روحن ۽ ماڻهن جي
گروهن ۾، هيءَ ڇا متحرڪ طاقت نه آهي؟ هيءَ دهرين
جي دلين ۾ به، جن سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو آهي،
اَڃا به مضبوط ۽ زندهه آهي. اُهي جي عيسائيت جا
مرتد آهن ۽ مٿس حملا ڪندا رَهن ٿا، اَڃا تائين
عيسائي خيالن جي تابعداري ڪن ٿا. هن ڳالهه تي غور
ڪرڻ سان خبر پوي ٿي، ته سندن دلين جي بلندي ۽
ذهنيت قديم حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدا ڪيل
شرافتمند انسان جهڙو، اخلاقي طور تي ڪوبه معياري ۽
شرافتمند انسان پيدا ڪري نه سگهي آهي. جڏهن اِهڙي
ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته اُن جو نتيجو ڪوبه نه نڪتو
آهي. منهنجا نوجوان! هن ڳالهه کي خاص طرح ياد رک.
جيئن ته توکي دنيا ۾ موڪليو وڃي ٿو، سو به پنهنجي
وداع ڪندڙ پير جي طرف کان، اُنڪري هن عظيم ڏينهن
جي يادگيري ۾، تنهنجي رهبري لاءِ، جو ڪجهه منهنجي
دل مان نڪتو آهي، اُن کي تون نه وساريندين. تون
اَڃا نوجوان آهين. چڱو موڪلاڻي ڪانهي منهنجا
يتيم!“
هنن لفظن چوندي، راهب پايسي کيس دعا ڪئي. جيئن
اليوشا، خانقاهه کي ڇڏيو، ۽ ڳالهين تي غور ڪيو،
کيس اوچتو احساس ٿيو، ته اُهو سخت مزاج راهب، جو
ساڻس سختيءَ سان پيش ايندو هو، هاڻي اُميد جي خلاف
سندس دوست ۽ پيارو رَهبر بڻجي ويو آهي. هن سمجهيو
ڄڻ ته، زوسيما مرڻ کان اڳ ۾ سندس هٿ، کيس حوالي
ڪيو آهي ۽ انهيءَ سبب جي ڪري ئي، هيءُ سڀ ڪجهه ٿي
گذريو آهي. فلسفي سان ڀريل خيالات، جيڪي هـُـن
هاڻي اُميد جي خلاف ٻڌا هئا، اُنهن مان هن راهب
پيسي جي قلبي گرم جوشيءَ جو اَندازو لڳائي ورتو.
هـُـو ڄڻ ته تڪڙ ۾ هو ڇو هن ٻار جي دل کي پنهنجي
آغوش ۾ وٺي، جنهن کي دنيائي حوس سان مقابلو ڪرڻو
هو ۽ سندس ننڍڙي روح جي حفاظت ڪري، جنهن سرتي
بچاءَ جو اِهڙو بار رکيو ويو هو، جنهن جو تصور ئي
نه ٿو ڪري سگهجي.
dc |