سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ستون

صفحو :24

 

حصو ستون

 

اليوشا

 

باب پهريون

خرابيءَ جي بوءِ

مربي زوسيما جو لاش، مقرر ڪيل رواج موجب، دفن ڪرڻ لاءِ تيار هو. هيءَ اڳ ۾ ئي رسم هئي، ته مري ويلن راهبن ۽ سنياسين جي لاشن کي غسل ڏنو ويندو هو. ديول جي قانون ۾ ڄاڻايل آهي ته،  ”جيڪڏهن ڪو راهب پنهنجي مالڪ ڏي موڪلائي وڃي ته سندس جانشين راهب، سندس جسم کي گرم پاڻيءَ سان صاف ڪندو. پهريائين اسپنج سان سندس پيشاني تي صليب جو نشان ٺاهيندو، تنهن کان پوءِ، سيني، هٿن، پيرن ۽ گوڏن تي ساڳيو نشان ڏيندو ۽ هي سڀ ڪجهه مربي پايسي ڪري ڇڏيو هو. هن مـُـردي کي سندس مڙهيءَ وارا ڪپڙا ڍڪايا هئا ۽ هڪ قبا ۾ ويڙهيو، جنهن کي رواج موجب، چير ڏئي، صليب جي شڪل ۾ ڳنڍ ڏني وئي هئي. سندس مٿي تي راهبن جي خاص ٽوپي رکي وئي هئي، جنهن کي اَٺ پاسا هئا، جنهن جي هر هڪ ڪنڊ ۾ صليب صاف ٿي نظر آيو. سندس هٿ ۾ حضرت مسيح جو هڪ مجسمو هو. صبح سان ئي جنازي کي، اهڙي نموني جو لباس پهرائي تابوت ۾ رکيو ويو هو. (جو تابوت ڪيتري وقت کان اتي موجود هو.) فيصلو ڪيو ويو، ته تابوت کي سڄو ڏينهن ڪمري ۾ رکيو وڃي. ان وڏي ڪوٺيءَ ۾ جتي مربي هميشھ پنهنجي ملاقاتين سان ملندو هو. جيئن ته فوتيءَ کي وڏي پادريءَ جو درجو هو، ان ڪري مقدس قانون موجب، مٿس دعائن جي ڪتاب جي بجاءِ فقط انجيل کي ئي پڙهڻو هو. تدفين جي رسم کان پوءِ هڪدم راهب ابو يوسف انجيل کي پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. مربي پايسي جي خواهش هئي، ته سندس دوست جي مٿان انجيل رات ڏينهن پڙهيو وڃي. پر موجود راهب ۽ سنياسين جو نگران ڪار، ڏاڍو مشغول هو، جنهن ڪري، هوُ هڪ غير معمولي حقيقت کي، جنهن ۾ هڪ اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل پريشاني ۽ بي صبريءَ جو جوش هو، ڏسي نه سگهيو هو. جو راهبن، مڙهيءَ جي رهڻ وارن ۽ شهر کان بي انداز ايندڙن به چٽائيءَ سان ٿي ڏٺو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن وڌيڪ، هيءَ شيءِ زور وٺندي رهي. ٻئي نگران ڪار، ايوسف ۽ پايسي، ماڻهن جي عام آواز کي ۽ سندن مخالفاڻي راءِ کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.“

جڏهن صبح جي روشني چڱي ريت پکڙجي وئي، ته ڪي ماڻهو بيمارن کي وٺي آيا، جن ۾ اڪثريت ٻارن جي هئي. هوُ ڄڻ ته ان گهڙيءَ جي سخت انتظار ۾ هئا، ڇو ته هنن سمجهيو ٿي، ته مربيءَ جي لاش ۾ شفا جي طاقت رکيل آهي ۽ هو ڪنهن جي وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي عقيدي موجب ان جو فائدو حاصل ڪن. هيءُ صاف ظاهر ٿي نظر آيو ته شهر ۾ بنا ڪنهن چون چران جي، سڀ ڪنهن قبول ٿي ڪيو ته مربي زوسيما، پنهنجي حياتيءَ جي زماني ۾ وڏو سـَـنتُ هو. هي سڀئي ماڻهو، جي شهر کان اُتي آيا هئا، عوام مان نه هئا. معتقدن جون هيءُ يقين واريون اميدون، اهڙي ريت ته جلد ظهور ۾ آيون ۽ ايتريون کـُـليل ۽ ايتريون ته بي صبري واريون هيون، جن مربي پايسي تي وڏو اثر ڪيو ۽ ساڳي وقت کيس هي ڳالهيون ڏکيون به لڳيون. جيتوڻيڪ هن هيءَ ڳالهيون گهڻي وقت کان ڏٺيون هيون، پر جذبات جو هيءُ تاڃي پيٽو، سندس قياس کان نهايت مٿي هو. جڏهن هو ڪن راهبن وٽان گذريو ٿي ۽ کين اهڙي جذبات جو مظاهرو ڪندي ڏٺاِئين ٿي ته کين ڇينڀائين ٿي ۽ چيائين ٿي ته،  ”هي انتظار ۽ بي صبري، جا هن عظيم واقعي مان پيدا ٿي آهي، سي ڪم عقليءَ جون نشانيون آهن، جي ٻين ماڻهن وٽ ته وڻندڙ هجن پر اسان راهبن ۾ نه هئڻ گهرجن. ” پر ڪنهن به کيس ڪن نه ٿي ڏنو. جنهن ڪري هو هن تي وڌيڪ کان وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو هو. پر هو پاڻ (جيڪڏهن سڄي ڳالهه سچائيءَ سان ٻڌائي وڃي) پنهنجي دل جي گهراين ۾ ڳجهيءَ طرح، اهڙيون اميدون ٿي رکيون ۽ هو به ٻين وانگر، ڪنهن عظيم حادثي جي انتظار ۾ هو. جنهن جي کيس ڪابه خبر نه ٿي پئي. جيتوڻيڪ هوُ پنهنجي چوڌاري، هيءَ بي صبريءَ جون حالتون ڏسي، نهايت غصي ۾ هو. کيس هن سڄي معاملي ۾ شڪ ۽ رنجيدگي ٿي نظر آئي.

انُ هوندي به خاص طرح، ڪن ماڻهن سان ملڻ، کيس پسند نه ٿي آيو، جن جي موجودگيءَ، سندس دل ۾ گهڻائي شڪ ٿي اُٿاريا. مردي جي ڪوٺڙيءَ ۾ جو گوڙ هو، هن، ان کي بيزاريءَ سان ڏٺو. (هن ان لاءِ هڪدم پاڻ کي ملامت ڪئي.) ريڪٽن جي موجودگي ۽ ايڊورسڪ جو راهب، جي اڃا مڙهيءَ ۾ ٽـِـڪيل هئا. کيس انهن جو وڏو اونو هو. هو تنهنجي بابت شڪ ۽ شبهي ۾ مبتلا هو. جيتوڻيڪ ٻين جي لاءِ کيس ساڳيو خيال رکڻ گهربو هو.

ابڊورسڪ جو راهب نمايان طور تي، ان جوش ڀرئي ميڙ ۾، ننڍين ننڍين ڳالهين کي وڏو سمجهي رهيو هو. هوُ سڀ ڪنهن جاءِ تي نظر ٿي آيو، سڀ ڪنهن جاءِ تي هو سوال ڪري رهيو هو، سڀ ڪنهن جاءِ تي ڪن ڏئي رهيو هو ۽ سڀ ڪنهن طرف خاص رازداراڻي طريقي سان ڀڻڪندو ٿي رهيو. سندس اظهارِ خيال سندس عزم بي صبري ۽ اڃا به سندس جوش کي اصل حالت ۾ ڏيکاري رهيو هو.

ريڪٽن دير سان ظاهر ٿيو هو، جيتوڻيڪ راهبن جي جاءِ تي نهايت سوير، ميڊم هائلڪوف جي خاص عرض تي آيو هو. جيئن ئي ان نيڪ دل ۽ ڪمزور طبعيت عورت، ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ مربي زوسيما جي موت جي خبر ٻڌي ته مٿس ايڏو ته اثر پيو، جو هن هڪدم ريڪٽن کي مڙهيءَ ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته اتي جو به گذري، ان جو اطلاع کيس هر هڪ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ خط جي رستي موڪلي ڏي. هو ريڪٽن کي بيحد ديندار ۽ ڄاڻو نوجوان سمجهي رهي هئي. هيءُ خاص طرح ماڻهن جي چوڌاري ڦرڻ ۽ انهن جي مذاق موجب ڳالهين ۾ حصي وٺڻ لاءِ نهايت سياڻو هو. پر ان ۾ سندس هيءَ خواهش هئي ته، کيس اِيئن ڪندي ڪو ٿورو ئي فائدو حاصل ٿي سگهي.

اهو صاف ۽ روشن ڏينهن هو ۽ ڪيترا ملاقاتي قبرستان ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، جتي قبرن ۽ ديول جي چوڌاري ۽ مڙهيءَ جي پاسن ۾ گهڻي انداز ۾ هيڏي هوڏي پکڙيون پيون هيون. هوا مڙهيءَ جي چوڌاري ڦرندي رهي، مربي پايسي، اليوشا کي ياد ڪيو، جنهن کي هن گهڻي وقت کان ڏٺوئي نه هو. جيئن ئي هن ان جو خيال ڪيو، هن هڪدم کيس، ڪجهه پري ڪنڊ ۾، مڙهيءَ جي باغ ۾ ڏٺو. هو هڪ راهب جي قبر جي پٿر جي ڀرسان ويٺو هو، جو راهب گهڻو وقت اڳي، پنهجي ولايت کان گهڻو مشهور هو. سندس پٺ مڙهيءَ ڏانهن هئي ۽ منهن ڀت ڏانهن هو. ڄڻ ته هو پنهنجي منهن کي قبر جي پٿر ۾ لڪائي رهيو هو. وٽس وڃي مربي پايسي ڏٺو ته هو پوريءَ شدت سان آهستي روئي رهيو آهي، سندس منهن سندس هٿن ۾ ڍڪيل هو ۽ اِيئن پئي معلوم ٿيو، ته سندس سڄو جسم اوڇنگارن جي باعث ڏڪي رهيو آهي. مربي پايسي، ٿوري دير لاءِ مٿس بيهي رهيو.

آخر هن پنهنجي جذبات جي رؤ ۾ وهندي چيو ته،  ”عزيز فرزند بس، پيارا بس تون ڇو ٿو روئين، توکي خوش ٿيڻ کپي. توکي خبر نه آهي ته هيءُ اڄوڪو ڏينهن نهايت عظيم آهي؟ تون فقط اهو خيال ڪر، ته هو هن وقت ۽ هن گهڙيءَ ڪٿي آهي؟“

اليوشا کيس ڏٺو ۽ پنهنجي وات کي کوليو، جو ٻارن وانگر روئندي سڄو سـُـڄي ويو هو، پر هن بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي منهن ڦيرايو ۽ ان کي وري هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو.

 ”شايد هي چڱا هجن؟“  مربي پايسي خيالن جي ٽٻيءَ مان ٻاهر نڪرندي چيو، حضرت عيسيٰ ئي ته هي لڙڪ توڏي موڪليا آهن.“

اليوشا کان دور ويندي، هن کيس پيار ڪندي پاڻ کي چيو ته:  ”تنهنجا هيءُ پر اثر ڳوڙها، تنهنجي روح لاءِ نجات آهن. اهي تنهنجي محبت سان ڀريل دل کي مسرت بخشيندا. ” هو تڪڙو تڪڙو، کانئس اڳتي وڌي ويو، ڇاڪاڻ ته هن محسوس ٿي ڪيو ته هو پڻ کيس ڏسي روئي ويهندو.

وقت گذرندو ٿي ويو. مڙهيءَ جا رسم ۽ رواج ۽ مـُـئي جي نوحه خوانيءَ جو سلسلو جاري هو. مربي پايسي تابوت جي ڀرسان وري ايوسف راهب جي لڳ وڃي بيٺو ۽ انجيل کي پڙهڻ لڳو، پر شام جو ستين بجي کان اڳ، ڪا ڳالهه ظهور ۾ آئي، جنهن جو ذڪر مان گذريل ڪتاب جي آخر ۾ ڪيو آهي. اسان سڀني جي اميد جي خلاف، اوچتو هيءُ سڀ ٿي گذريو ۽ هيءُ عام خواهش جي خلاف هو. مان هن بي لطف واقعي کي وري دهرايان ٿو، جو اڃا تائين، هن شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ کي چڱيءَ ريت ياد آهي. مان هتي هيءُ به چوندس ته شخصي طرح، مان ان واقعي کي وري دهرائڻ مڪروهه سمجهان ٿو، جنهن غير سنجيده غم ۽ غصي کي پيدا ڪيو هو ۽ ڪيترن ماڻهن جي لاءِ ناقابل برداشت حقيقت بنجي پيو هو. جيتوڻيڪ حقيقت ۾، اهو نهايت فطري هو ۽ بي لطف پڻ! مان جيڪر انهيءَ سڄي حقيقت کي ترڪ ڪري ڇڏيان ها، جيڪڏهن ان جو طاقتور زور ۽ اثر، مکيه ماڻهوءَ جي دل ۽ روح تي جو هن ڪهاڻي جو آئنده روح روان اليوشا آهي، پنهنجو مظاهرو نه ڪري ها. جنهن جي روحاني ترقي ۾، هن تبديليءَ نازڪ بحران آڻي وڌو ۽ سندس ذهن کي اهڙي ته ضرب هنئين، جنهن جي باعث هو سڄي حياتي ان تي آخري طور مضبوط بيهي رهيو ۽ ان کي قطعي نصب العين بڻايائين.

هاڻي اسان پنهنجي ڪهاڻي ڏي اچون ٿا، پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ، هنن مربي زوسيما جي مڙهه کي ، تابوت ۾ رکيو ۽ سامهون واري ڪوٺيءَ ۾ آندائون. تابوت جي چوڌاري، جي ماڻهو هئا، انهن درين جي کولڻ جو سوال اُٿاريو. پر هن مشوري کي ڪن غير اهم قرار ڏنو ۽ ان جو ڪو به جواب نه ڏنو ويو، نه وري، ان کي ڌيان ۾ آندو ويو، پر اتي، جيڪي موجود هئا، تن مان ڪن، خيال پئي ڪيو. سندن تصور ۾ هيءَ ڳالهه اچي ويٺي هئي ته اهڙي ڪامل شخص جي جسم ۾ خرابي ۽ گهٽتائي اچڻ جو امڪان ئي سچ پچ واهيات عمل آهي. اهو خيال کلڻ هاب ٿيندو ۽ بي ايماني! ڇاڪاڻ، ته هنن بلڪل ٻيءَ طرح ٿي سوچيو.

پر جلد ئي منجهند کان پوءِ ڪي نشانيون ظاهر ٿيون پهريائين انهن خاموشيءَ سان ڏٺو، جي اندر ۽ ٻاهر آيا ۽ ويا ٿي. هو ڄاڻي ٻجهي، دل جي هن خيال کي ٻين کي ٻڌائڻ ۾ خوف کائي رهيا هئا. پر ٽين وڳي هيءُ نشانيون واضح ۽ بنا ڪنهن غلطيءَ جي نظر اچڻ لڳيون. مڙهيءَ ۾ هيءَ خبر جلد ئي سڀني راهبن ۽ ملاقاتين تائين پهچي وئي، جي اُن جاءِ  اندر گهڙي آيا هئا ۽ سڀئي راهب عجب ۾ پئجي ويا. هيءَ خبر مختصر وقت اندر شهر ۾ پکڙجي وئي. هرڪو جوش ۾ ڀرجي ويو، پوءِ اُهو بيدين هويا بادين، خوش ٿي رهيو هو. گهڻا ديندار ته بيدينن کان به وڌيڪ خوش ٿيا، ڇاڪاڻ، ته بيدين انسان، نيڪ مرد جي زوال ۽ تڪليف تي خوش ٿيندو آهي.

حقيقت هيءَ آهي، ته تابوت مان لاش جي بدبوءِ اچڻ شروع ٿي هئي ۽ آهستي آهستي، اُها وڌندي وئي ۽ ٽين وڳي تاِئين ايتري ته پکڙجي وئي جو ان جي چوڌاري ماڻهو بيهي نه ٿي سگهيا. مڙهيءَ جي ماضيءَ جي تاريخ ۾، ڪڏهن به اهڙو بدناميءَ جهڙو واقعو نه گذريو هو. ٻين حالات جي ماتحت به اهڙو واقعو اڻ ٿيڻ جهڙو هو. خود راهبن ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي هئي. هن واقعي کان پوءِ ڪيئي سال پوءِ، ڪن سمجهدار راهبن کي عجب هوندو هو ۽ هو خوف کائيندا هئا، ته اها بدنامي ڪيتري نه حد کان وڌيڪ هئي. ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ به ڪيترائي پاڪيزه زندگي وارا راهب فوت ٿيا هئا، خدا کان ڊڄندڙ پوڙها انسان، جن جي پاڪائيءَ کي سڀني قبول ڪري ورتو هو، سندن تابوت مان عفونت جي هوا ته ايندي رهندي هئي پر ايڏي نه، جيئن سڀني مرده ماڻهن مان فطرتي طرح ايندي آهي، پر انهن بابت نه بدنامي جو خيال هو نه وري ڪا پريشاني ئي پيدا ٿي هئي، بيشڪ ماضيءَ ۾ مڙهين ۾ سـَـنتَ هئا، جن جي ياد کي خبرداريءَ سان قائم رکيو ويندو هو ۽ سندن عضون کي روايتن موجب، ڪنهن به خرابيءَ جي نشانين کان ٻاهر سمجهيو ويندو هو. هن حقيقت کي راهب پر اثر ۽ اسرار وانگر سمجهندا هئا، ۽ هنن روايتن کي هو مبارڪ ۽ الهامي شين وانگر عزيز سمجهندا هئا ۽ سندن تربتن کي خدا جي مهربانين مان، سندس واعدي موجب، مستقبل جي لاءِ، هڪ شاندار شيءِ ڄاڻندا هئا.

اهڙي هڪ يادگيري، جنهن کي خاص طرح ياد ٿي ڪيو ويو ۽ عزيز ٿي رکيو ويو، هڪ ڪراڙو راهب، هڪ سؤ پنجاهه ورهين جي عمر ۾ ستر سال اڳ فوت ٿيو هو. هو هڪ مثالي سنياسي هو. سندس قبر کي ملاقاتين جي پهچڻ تي خاص طرح عزت ۽ پر اسرار هدايتن سان ڏيکاريو ويندو هو، ڄڻ ته ان سان وڏيون اميدون ڳنڍيل آهن. (هي اهائي قبر هئي،جتي مربي پايسي صبح جي وقت اليوشا کي ويٺل ڏٺو هو). مڙهيءَ جي اندر ٻي يادگيري، مربي وارسونوف جي عزت سان ياد ڪئي ويندي هئي، جو ٿورو وقت اڳي مري ويو هو ۽ جنهن جو مربي زوسيما جانشين بڻيو هو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ مڙهيءَ جي سڀني زيارتين وٽ، هڪ سودائي راهب سمجهيو ويندو هو. هنن ٻنهي جي بابت روايت آهي، ته هو ٻئي پنهنجي تابوت جي اندر اِيئن موجود هئا،ڄڻ ته جيئرا آهن. دفن ڪرڻ جي وقت منجهن ڪا به خرابي موجود نه هئي. سندن چهرن مان مقدس نور جي روشني ٿي ڏٺي، ڪن ماڻهن هيئن به ٻڌايو ٿي، ته انهن مان دلڪش خوشبوءِ ٿي آئي.

پر هن روحاني ۽ اخلاقي اصلاح جي يادگيرين هوندي به، اهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ته ڇو اِهي، بي لطف، مهمل ۽ بدناميءَ جهڙيون ڳالهيون مربي زوسيما جي تابوت جي ڀرسان ٿي ڪيون ويون. منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ موجب، هن لاءِ ڪيئي جدا جدا سبب پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ سرگرم ڪار هئا. مثال لاءِ، اوهان دشمنيءَ جون گهريون پاڙون، جي جدا جدا مربين جي تعليم جي باعث هيون. جي تباهه ڪار جديد طريقن سان گهڙيو ويون هيون ۽ جن بابت راهبن جي دلين ۾ لڪيل نفرت موجود هئي. اڃا به هن کان وڌيڪ طاقتور اهو حسد هو، جو ان مئل انسان جي نيڪ مرديءَ جي خلاف هو. اهو سندس حياتيءَ جي دور ۾ ئي قائم ٿي چڪو هو ۽ ان جي بابت ڪنهن به سوال پڇڻ جي منع هئي، جيئن ته مرحوم مربي، ڪيترين دلين کي فتح ڪري ورتو هو، ڪن کي محبت ۽ مروت سان ته ڪن کي ڪرامتن سان، جنهن ڪري سندس چوڌاري شائقن جو وڏو گروهه اچي موجود ٿيو هو. گهٽ وڌ انهيءَ جي ڪري ئي، ساڻس حسد پيدا ٿيو هو ۽ سندس ڪيترائي کليل ۽ لڪيل دشمن، مڙهيءَ ۾ خواهه ٻاهر موجود هئا. هن ڪنهن کي به ايذاءُ نه پهچايو هو، پر  ”هنن ان هوندي به کيس نيڪ مرد ڇو ٿي شمار ڪيو؟ ” هيءُ سوال ئي هيو، جو اڪيلو درجي به درجي اُٿندو ٿي رهيو ۽ انهيءَ ئي ، سندس دشمنن ۾ بي پناهه حقارت ٿي پکيڙي. منهنجي نظر ۾ اهوئي سبب هو، جو حاسدن، ان بوءِ کي جا سندس جنازي مان اچي رهي هئي، ان کي ٿوري عرصي ۾ (ڇاڪاڻ ته مربي کي مئي مشڪل سان هڪ ڏينهن گذريو هو) محسوس ڪري،خوش پئي ٿيا. ايتري قدر جو مربيءَ جا ڪيترائي مريد، جي سندس احترام ڪندا هئا، هن حادثي کان ايڏا ته متاثر ٿيا هئا، پنهنجي شان جي وقت منجهن ڪابه خرابي موجود نه هئي. سندن چهرن مان مقدس نور جي روشني ٿي ڏٺي. ڪن ماڻهن هيئن به ٻڌايو ٿي، ته انهن مان دلڪش خوشبو ٿي آئي.

جيئن ئي هن عفونت جون نشانيون ظاهر ٿيون، سڀئي راهب، اُن حجري ۾ داخل ٿي، مخفي طرح گمراهي جي منصوبن کي عمل ۾ آڻڻ لڳا. هو اندر ويا ٿي ۽ ڪجهه وقت ترسي، ٻاهر آيا ٿي ۽ ان خبر جي ٻاهر ويٺل راهبن وٽ تصديق ٿي ڪيائون. اُنهن مان ڪن ماتمي طور تي ڪنڌ ٿي ڌوڻيو پر ٻين ته هن اطلاع جي خوشيءَ کي لڪائڻ جي پرواهه به نه ٿي ڪئي، جا انهن جي حاسد اکين ۾ چمڪي رهي هئي. هاڻي ڪوبه کانئن اهو پڇڻ نه ٿي آيو نه وري ڪنهن خلاف آواز ٿي اٿاريو، جا هڪ عجيب ڳالهه هئي، ڇو ته راهبن ۾ اڪثريت انهن جي هئي، جن جي عقيدت مئل مربي سان هئي. پر خدا جي مرضي اها هئي ته ڀلي اوليت جو هٿ اڪثريت جي مٿان هجي.

ٻاهريان ملاقاتي، خاص طرح تعليم يافته طبقو پڻ حجري ۾ ويا ٿي، ۽ سندن نيت به ساڳي جاسوسيءَ واري هئي. ڳوٺاڻن ماڻهن مان ٿورا حجري جي اندر ويا، جيتوڻيڪ مڙهيءَ جي دروازي وٽ سندن وڏو مجموعو هو. ٽين وڳي کان پوءِ دنياوي ملاقاتين جو گوڙ وڌيڪ وڌي ويو ۽ اهو شايد ان تڪليف ڏيندڙ اطلاع جي باعث هو. ماڻهن ۾ گويا هن خبر جي باعث ڪشش پيدا ٿي هئي ۽ هو گهڻي انداز ۾ ٿي آيا، ٻيءَ حالت ۾ هو شايد نه به اچن ها. هنن ملاقاتين ۾ ڪي وڏي بيهڪ وارا به هئا. ٻاهرين شائستگي اڃا به موجود هئي، مربي پايسي پنهنجي سخت گير چهري سان، مضبوط ۽ اوچي آواز ۾ انجيل کي مسلسل پڙهي رهيو هو، ۽ هو هن کان بي پرواهه هو، ته سندس چوڌاري ڇا ٿي رهيو آهي؟ جيتوڻيڪ هـُـنَ حقيقت ۾، گهڻو اڳي ڪنهن غير معمولي شيءِ کي ڄاڻي ورتو هو. پر آخر ڀڻ ڀڻ زوردار آواز ۾ بدلجي وئي ۽ ظاهر ظهور ان تائين به پهچي وئي. مربي پايسي، ڪنهن کي اوچتو چوندي ٻڌو ته،  ”هن مان ظاهر آهي ته خدا جو فيصلو، ڪو انساني فيصلو نه آهي. ” پهريائين جنهن هي لفظ چيا، سو شهر جو هڪ وڏي ّدرجي وارو عملدار هو ۽ وڏي عمر وارو شمار پئي ٿيو. ان جي لاءِ مشهور هو، ته وڏو مذهبي آهي. پر هن فقط وڏي آواز ۾ اهوئي چيو، جو راهب ڀڻ ڀڻ ڪري چئي رهيا هئا. هنن گهڻو وقت اڳي هن حقيقت کي ورائي ورائي ٿي چيو ۽ سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ  هئي ته، هيءُ سڀئي گڏجي پاڻ ۾ فتحمنداڻي احساس سان ڳالهائي رهيا هئا ۽ سندن اها خوشي گهڙي گهڙي وڌندي ٿي وئي. جلدئي هنن ٻاهرين، شائستگي کي به ڇڏي ڏنو ۽ اِيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هنن کي هيءُ حق ٿي پهتو، ته هوُ خرابي ڪن.

”ڪهڙي سبب جي ڪري هيءَ حالت پيدا ٿي آهي؟“ ڪن راهبن پهريائين غم و غصي جي لهجي ۾ چيو. ”سندس جسم ڪمزور هو ۽ سندس گوشت هڏن تي سڪي ويو هو، آخر اُها ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن کي ايڏي بربادي پهتي؟“

”هيءَ آسماني نشاني آهي، ٻين تڪڙ ۾ وڌائي چيو، سندن راءِ کي هڪدم بنا ڪنهن اعتراض جي قبول ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اُن وقت هيءُ به اظهار ڪيو ويو هو ته هيءُ جسماني زوال فطري طور تي هڪ گنهگار جسم جي لاءِ ٿي سگهي ٿو. ٿي سگهيو پئي، ته هيءَ حالت چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ ظهور ۾ اچي ها، پر هيءَ وقت کان اڳ ۾ خرابي، ”قدرت جي طرف کان آهي. هيءُ خدا جو هٿ آهي، جو ان طرف اشارو ٿو ڪري ۽ هيءَ سڄي حڪمت الاهي آهي.“ نتيجو واقعي ناقابلِ انڪار هو.

مهربان مربي ايوسف، ڪتاب خاني جو سنڀاليندڙ، مئل ماڻهوءَ جي وڏي مداح، ڪوشش ڪئي، ته اُن بدگفتگو ڪرڻ وارن کي جواب ڏئي ته،  ”سڀ ڪنهن جاءِ تي اِيئن نه ٿيندو آهي. ” هيءَ جسمن جي خرابي، ڪا ڪٽر ڪليسا جي عقيدن ۾ داخل نه آهي پر فقط راءِ جو اظهار آهي، آتوس جهڙي متبرڪ مقام ۾ به اِيئن قياس نه ڪيو ويندو آهي. عفونت جي باعث، ان جي ترتيب تي غور نه ڪيو ويندو آهي، مردي جي راستبازيءَ کي سندس عفونت تي نه پرکيو ويندو آهي، پر هڏن جي رنگ کان. جڏهن جسم دفنايو ويندو آهي ۽ ان کي گهڻا سال گذري ويندا آهن ۽ اهو ڳري ويندو آهي ته جيڪڏهن، ان جي هڏن جو رنگ زرد هوندو آهي ته ان کي خدا جي بخشش سمجهيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن اهو زرد جي بجاءِ ڪارو هوندو آهي ته، اِيئن سمجهڻ ۾ ايندو آهي ته هو خدا جي بخشش کان محروم آهي. هيءُ آتوس جو عقيدو آهي، جا عظيم جاءِ آهي، جتي قديم زماني کان مذهبي اُصولن کي سانڍيو ويندو آهي. ” راهب ايوسف، آخر ۾ هيءُ به چيو ته،  ”هي اصول ڪڏهن به ڀڃي نه ٿا سگهجن ۽ عظيم تقدس وارا آهن. “

پر هن نماڻي راهب جي لفظن ڪو خاص اثر پيدا ڪونه ڪيو، اٽلو ماڻهو مٿس کلڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته هي سڄي ڪتاب پرستي ۽ هٿراڌو حقيقت آهي، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اسان قديم تعليم جا پابند آهيون،موجوده دور ۾ گهڻيون ئي نيون نيون ڳالهيون پيون ايجاد ٿين. ڇا اسان کي انهن سڀني ڳالهين جي پٺ وٺڻي پوندي.

ڪيترا ته هيستاِئين وڏي واڪي چوڻ لڳا ته،  ”اسان وٽ ايترا گهڻا مقدس مربي آهن، جيترا ٻين وٽ ٿي نه ٿا سگهن.“  هنن ترڪن جي اثر هيٺ رهي، سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي. هنن جي تعليم گهڻي وقت کان ناپاڪ ٿي وئي ۽ ان ۾ هاڻي ڪوبه آواز نه رهيو آهي.

مربي ايوسف گهمندو نڪري ويو ۽ پنهنجي راءِ بابت افسوس ڪندو ويو، جيتوڻيڪ کيس پنهنجي ڳالهه تي خود به اعتبار نه ٿي آيو. هن اڳڪٿي ڪندي ڏٺو ته ڪا غير معمولي شيءِ شروع ٿيڻ واري آهي ۽ نافرمانيءَ جون نشانيون ظاهر آهن. آهستي آهستي سڀئي سمجهدار راهب ايوسف وانگر خاموش ٿي ويا. هاڻي هيءَ حالت بڻي هئي، جو، جن مربي سان محبت ٿي ڪئي ” وڏي فرمانبردار سان سندس مربياڻي اداري کي قبول ٿي ڪيو، اهي هڪدل افسوسناڪ طريقي سان، سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا هئا ۽ جڏهن گڏيا ٿي ته بي دليءَ سان، هڪ ٻئي جي منهن ۾ نهاريندا ٿي رهيا. اهي جي مربين جي اداري جي خلاف هئا، پنهنجي نئين طرز سان، فخر مان ڪنڌ مٿي کڻي ٿي گهميا. ”مرحوم مربي وارسونوفاءِ  ڪا به عفونت نه هئي پر اُن مان دل پذير خوشبوءِ ٿي آئي.“ هنن بدنيتيءَ سان گذريل ڳالهه کي دهرايو. هن هيءَ امتياز، مربي هئڻ جي حيثيت ۾ حاصل نه ڪيو هو، پر هو هڪ نيڪ مرد هو.

هنن ڳالهين کانپوءِ نقطئه چيني شروع ٿي وئي ۽ مربي زوسيما تي الزام ڌرڻ کان به نه رهيا. ”سندس تعليم سچي باطل هئي، سندس تربيت هئي، ته انساني زندگي سڄي نشاط ۽ مسرت آهي نه لڙڪن جي وادي؟ ڪن ته هن کان به وڌيڪ بي دليل ڳالهيون ڪيون.“  هو طرز جديد جو معتقد هو، هو دوزخ جي مادي آگ ۾ يقين نه رکندو هو،ٻين هن کان به وڌيڪ مٿس الزام ڌريو ته هو روزي رکڻ جو ايترو قائل نه هو. هو هميشھ مٺيون شيون کائينديون هو. هو ّشيري جو مربو، چاءِ سان کائيندو هو، اهو مربو کيس عورتون موڪليندو هيون. ڇا هيءُ ڪنهن ڪٽر راهب جو وطيرو آهي ته هو چاءِ پيئي؟ سندسن ٻين مخالفن تائيد ڪندي چيو ٿي ته،  ” هو ڏاڍي غرور مان پنهنجي جاءِ تي ويهندو هو. ” سندس مخالفن مان هڪ بدنيت، تعصب کان چيو ته،  ” هو پاڻ کي وڏو ولي سمجهندو هو، ۽ جڏهن ماڻهو سندس سامهون نوڙندا هئا، ته هو ان ۾ پنهنجو فخر سمجهندو هو. هو اعتراف جي رسم کي باطل سمجهندو هو. ” پوئين ڳالهه سندس هڪ خطرناڪ مخالف چئي، جو مربين جي جماعت جو ڪٽر دشمن هو. هنن ۾ ڪي پراڻا راهب به هئا، جي پنهنجي زهد ۽ عبادت ۾ سخت گير هئا. عملي سنياسي، جن هن مربي جي حياتيءَ ۾ زبان به نه چوري هئي، سندس اوچتو چپ کلي ويا. هيءَ ڳالهه نهايت خطرناڪ هئي. ڇاڪاڻ ته سندن لفظن جو اثر نوجوان راهبن تي غير معمولي هو ۽ اڃا هنن ڪوبه پنهنجو فيصلو نه ڏنو هو. آبڊورسڪ جي راهب، نهايت خيال سان، هن سڄي حقيقت کي ٻڌو. هو ٿڌا ساهه کڻي رهيو هو ۽ مٿي کي ڌوڻي رهيو هو. ”هائو مربي فيرا پانٽ ڪالهه پنهنجي فيصلي ۾ بلڪل صحيح هو.“ ان وقت فيرا پانٽ پاڻ به اتي پهچي ويو، ڄڻ ته سندس مقصد هو ته هيءُ مونجهارو اڃا به وڌي وڃي.

مان مٿي ٻڌائي آيو آهيان، ته هو مشڪل سان پنهنجو ڪاٺيءَ جو حجرو، جنهن کي مانارو سڏيندو هو. ورلي ديول ۾ نظر ايندو هو، سندس هن غير حاضريءَ کي سندس سودائي طبعيت سان منسوب ڪري اهميت نه ڏني ويندي هئي ۽ کيس قاعدن ۽ قانونن جي ٻنڌڻن کان آزاد سمجهيو ويندو هو. حقيقت هيءَ آهي ته جيڪڏهن سچ کي سامهون رکي چئجي، ته کيس مشڪل سان ڪوشمار ۾ آڻيندو هو. ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪو فائدو به نه هو ته ايڏي وڏي سنياسي کي قانون جي متابعت ڪرڻ لاءِ زور آڻجي، جو رات ڏينهن عبادت ۾ مشغول ٿي رهيو. (ايتري قدر جو ننڊ به گوڏن ڀر ويهي ڪندو هو.) جيڪڏهن ان تي زور آندو به ٿي ويو ته راهب چوندا هئا ته،  ”هيءُ اسان سڀني کان مقدس آهي ۽ اسان کان به سخت قانون جي تابعداري ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هو ديول نه ٿو وڃي، ته هو چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، ته ڪهڙي وقت اوڏانهين وڃي، کيس پنهنجا قانون آهن. ” هوُ هن گناهه آلود ڀڻ ڀڻ کان پري هو ۽ واقعي مربي فيراپانٽ آرام ۾ هو.

هيءَ سڀني کي خبر هئي، ته مربي فيراپانٽ، مربي زوسيما کي ڪونه ڀائيندو هو. هاڻي سندس جهوپڙيءَ ۾ هي خبرون پهچي چڪيون هيون ته،  ”خدا جو فيصلو، انسان جهڙو نه هوندو آهي، ” ڪجهه فطرت جي خلاف ظهور ۾ آيو آهي. خيال ڪيو وڃي ٿو، ته پهرين ماڻهن ۾ جن هن خبر کي ٻڌي، اتي پاڻ کي پهچايو هو، آبڊورسڪ جو راهب به هو، جنهن کيس اڳئين شام ئي ڏٺو هو ۽ خوفزده ٿي حجري کان ٻاهر آيو هو.

مان مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته جيتوڻيڪ مربي پايسي، نهايت مضبوط ۽ بنا ڪنهن چرپر جي، تابوت جي مٿان انجيل پڙهي رهيو هو ۽ حجري کان ٻاهر جو ڪجهه ٿي رهيو هو، پايسي اُن کان بي پرواهه هو، پر هو ڪيترن شين کي واضح طرح سان توري رهيو هو. خير، اُن تي انهن شين جو ڪوبه اثر نه هو، پر هو ڪنهن به خوف کانسواءِ انتظار ۾ هو ته هن عام جوش ۽ خروش جو نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري.

اوچتو سندس ڪن تي رستي جو پرشور، نافرماني ڀريل، شائستگي کان دور آواز آيو. دروازو جهٽڪي سان کلي پيو ۽ مربي فيراپانٽ، دروازي کان ظاهر ٿيو. ان جي پويان وڏي تعداد ۾ راهب نظر ٿي آيا، جن سان گڏ شهر جا ماڻهو به هئا. اُهي حجري ۾ ته داخل نه ٿيا. ڏاڪن وٽ منتظر ٿي بيٺا ته ڏسون ته مربي فيراپانٽ ڇا ٿو چوي يا ڪهڙو قدم ٿو کڻي؟ هو پنهنجي دليري يا اضطراب جي باعث سوچي رهيا هئا ته هو، هتي اجايو نه آيو آهي. دروازي وٽ فيراپانٽ پنهنجي ٻنهي ٻانهن کي مٿي کنيو.سندس ساڄي ٻانهن جي هيٺان آبڊورسڪ جي راهب جون، مڪمل پريشانيءَ ۾ وجهندڙ اکيون جهاتيون پائي رهيون هيون. هو اڪيلو مربي فيراپانٽ جي پويان، ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيو هو. ٻيا ان جي ابتڙ ناگهاني خطري ڀريل آواز کان پوئتي موٽڻ لاءِ زور ڀري رهيا هئا ۽ هو دروازي کي زور سان کلندو ڏسي، خوف ۾ ڀرجي ويا هئا. راهب فيراپانٽ پنهنجي ٻنهي هٿن کي جهليندي، زور واري آواز ۾ چيو ته:  ”شيطان، ڀڄي وڃ، شيطان ڀڄي وڃ!“ هن هر دفعي صليب جو نشان ٺاهيندي، لفظن کي دهرايو. ”مان هن کي ٻاهر ٿو ڪڍان.“ هن وري زوردار آواز ۾ چيو. هن هڪدم چئني ڀتين تي ۽ حجري جي چئني ڪنڊن تي، صليب جا نشان ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا. اهي جي ساڻس گڏجي آيا هئا، سندس عمل کي سمجهي ويا. ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر هئي، ته هو جيڏانهن به ويندو هو، اِيئن ڪندو هو. هو ايستاِيئن نه ويهندو هو، يا ڳالهائيندو هو، جيستاِيئن بد روحن کي هڪالي نه ڇڏيندو هو.

کيس راهبن واري سادي قبا پيل هئي ۽ اڳٺ جي بجاءِ نوڙي هئي. سندس اگهاڙو سينو، اڇن وارن سان ڀريل، قبا جي خالي ڳچي مان نظر اچي رهيا هئا. جيئن ئي هن پنهنجي ٻانهن کي ٿي لوڏيو، سندس بدن تي پهريل سخت لوهه جي زنجيرن جي کڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.

مربي پايسي، پنهنجي پڙهڻ کي روڪيو. قدم وڌائي، انتظار ۾ سندس سامهون بيهي رهيو.

”تون ڇا جي لاءِ آيو آهين، عزت مآب مربي؟ پاڪ ڪتاب جي توهين ڇو ٿو ڪرين؟ ماڻهن جي آرام ۾ بي آرامي ڇو آڻي رهيو آهين؟“ هن آخر ۾خار منجهان کيس ڏٺو.

”مان ڇا جي لاءِ آيو آهيان؟ تون پڇين ٿو ته ڇو؟ تنهنجو ڪهڙو عقيدو آهي؟“  راهب فيراپانٽ، ديوانگي مان چيو.  ”مان هتي انهيءَ لاءِ آيو آهيان ته تنهنجي ملاقاتين کي ٻاهر ڪڍان، ناپاڪ شيطانن کي. مان چاهيان ٿو، ته انهن کي ٻهاري ٻاهر ڪڍي ڇڏيان.“

راهب پايسي بي خوف ڳالهائيندي چيو،  ”تون چاهين ٿو ته بدروح کي هڪالين، پر شايد اِيئن ڪرڻ سان تون شيطان جي خدمت ٿو ڪرڻ گهرين ۽ اِيئن ڪير پاڻ لاءِ چئي سگهي ٿو، ته مان پاڪباز آهيان. ڇا تون اِيئن چئي سگهين ٿو، مربي؟“

 ”مان گنهگار آهيان نه پاڪباز، مان آرام ڪرسي ۾ ويهي اِيئن نه ڏسندو آهيان ته هي مون کي جهڪي بت وانگر سجدو ڪن.“ راهب فيراپانٽ گجندي چيو. ”اڄ ڪلهه ماڻهو سچي عقيدي کي برباد ڪندا رهن ٿا، اوهان جي مئل انسان، اوهان جي ولي،“ هو بيٺل ماڻهن ڏانهن مڙيو ۽ تابوت ڏي آڱر جو اشارو ڪري چوڻ لڳو ته، ”جو شيطان ۾ ڪوبه اعتقاد نه هو. ان ڪري هو ڪوريئڙن وانگر ڪـُـنڊن ۾ ڇانئجي ويا آهن ۽ هاڻي انهن پاڻ کي بدبودار بڻايو آهي. هن حالت ۾ اسان خدا جي قدرت جو وڏو مشاهدو ڪريون ٿا.“

هن جنهن واقعي ڏانهن اشارو ڪيو، سو هيءُ هيو. راهبن مان هڪ کي ڊيڄاريندڙ خواب ايندا هئا ۽ جاڳ ۾ کيس بدروح ستائيندا هئا. هن بيحد خوف جي حالت ۾ پنهنجي حقيقت زوسيما کي ٻڌائي هئي. مربي کيس مسلسل عبادت ۽ روزي رکڻ جي صلاح ڏني، پر جڏهن ان مان به ڪو فائدو نه ٿيو، تڏهن مربيءَ کيس عبادت ۽ روزي سان گڏ دوا وٺڻ جو به مشورو ڏنو. ڪيترن ماڻهن کي هن حقيقت کان وڏو صدمو رسيو ۽ هنن پنهنجي مٿن کي ڪنهن وڏي طاقتن جي مدد لاءِ مٿي کنيو ۽ ان تي گهڻو ڳالهايو. انهن مان ڪن فيراپانٽ راهب کي، جاسوسي طرح، هن عجيب فيصلي کان آگاهه ڪيو هو.

 ”هليو وڃ مربي! ” پايسي کيس حاڪماڻي آواز ۾ چيو.  ”اهو فيصلو انسان کي نه ڪرڻو آهي پر خدا کي. شايد اسان جا هت نشاني ڏسون ٿا، ان کي نه تون نه مان ۽ نه وري ٻيو ڪو، سمجهي سگهي ٿو. وڃ مربي، ۽ مجموعي کي تڪليف ۾ نه وجهه! ” هن مؤثر نموني سان هن کي دهرايو.

 ”هو قاعدي موجب روزا نه رکندو هو، ان ڪري هيءَ نشاني ظهور ۾ آئي آهي. هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ۽ ان کي لڪائڻ گناهه آهي. هن متعصب وڏي جوش مان، پنهنجي دليلن سان گوءِ کڻڻ ٿي گهري. هو خاموش نه پئي ٿيو.“  هن کي مٺاين، جي وٽس عورتون لفافن جي صورت ۾ آڻينديون هيون، ورغلايو هو. هو چاءِ پيئندو هو ۽ پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪندو هو، جنهن کي هو شيرين شين سان ڀريندو هو ۽ سندس نفس برين ڳالهين سان ڀريل هو.... انهيءَ ڪري ئي، کيس هن بدناميءَ ۾ آندو ويو آهي.“

 ”تنهنجو گفتگو غير منطقي آهي مربي! ” مربي پايسي پڻ پنهنجي آواز کي مٿي چاڙهيو. مان تنهنجي روزن ۽ نفس جي مجاهدي جي ساراهه ٿو ڪريان، پر تون جو ڪجهه ڳالهائي رهيو آهين، سو غير منطقي ۽ ٻاراڻي غير سنجيده گفتگو آهي. مان توکي حڪم ٿو ڏيان مربي ته هليو وڃ. ” پڇاڙي ۾ مربي ڄڻ ته گـجي رهيو هو.

 ”مان ويندس! ” فيراپانٽ پاڻ کي روڪيندي، وڌيڪ ڪاوڙ ڀري آواز ۾ چيو ته  ”اي علم ۽ دانش وارو! اوهان ايترا ته سياڻا آهيو، جو منهنجي گهٽ علم تي سوچيندا ٿا رهو. مان هتي ٿوري علم سان آيو هوس ۽ ان کي به وساري ڇڏيم. جو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو، خدا تعاليٰ منهنجي ڪمزوريءَ جي لـڄ رکندي، هن علم جي شر کان محفوظ رکيو آهي.“

مربي پايسي، هن جي مٿان بيهي رهيو ۽ وڏي استقلال سان ترسيو. فيراپانٽ دم ورتو ۽ اوچتو هن پنهنجي هٿ تي ڳل رکيو ۽ راڳ جي انداز ۾، مربي جي لاش ڏانهن نهاريندي چيو ته:  ”سڀاڻي هي ماڻهو، هن تي ڳائيندا ته، اسان جو مددگار ۽ نجات ڏيندڙ،“  نهايت دلڪش گيت_ جڏهن مان مري ويندس ته منهنجي لاءِ جو ڳائيندا، سو هيءُ هوندو ته ڪهڙو نه زمين جي اندر وڃڻ لطف وارو آهي؟ (اهو راڳ، جو دفنائڻ وقت ڳايو ويندو آهي.)هن هيءُ لفظ ڳوڙها ڳاڙيندي چيا.  ”توهان کي غرور آهي ۽ اُن ۾ ڦوڪجي ويا آهيو. هي مڪروهه مقام آهي. ” هن چرين وانگر هي لفظ - واڪو ڪري چيا ۽ هٿن کي هوا ۾ لوڏيندي، هو ڦريو ۽ جلدي ۾ ڏاڪن تان لهڻ لڳو. هيٺ جو مجموعو هو، اُن ۾ چرپر آئي، ڪي هڪدم سندس پويان لڳا ۽ ڪي ترسي پيا. ڇاڪاڻ ته حجرو اڃا تاِيئن کليل هو. مربي پايسي، ڏاڪن تي بيهي، فيراپانٽ کي نهاريندو رهيو. پر جوش ۾ ڀريل متعصب پوڙهو، اڃا  به خاموش نه ٿيو هو. ويهه کن قدم اڳتي وڌي، هو اوچتو مڙيو ۽ غروب ٿيندڙ سج کي ڏٺائين. ٻئي ٻانهون مٿي کنياِئين ۽ پوءِ رڙ ڪري زمين تي اِيئن ڪري پيو، ڄڻ ته کيس ڪنهن وڍي ڇڏيو آهي.

منهنجي خدا جي فتح ٿي آهي! عيسيٰ غروب ٿيندڙ سج کي فتح ڪري ورتو آهي. ” هو چرين وانگر سج ڏانهن پنهنجا هٿ بلند ڪري، رڙيون ڪري رهيو هو. هو منهن ڀر زمين تي پيل هو ۽ معصوم ٻار وانگر سڏ ڪا ڀري رهيو هو. هو لرزي رهيو هو ۽ سندس ٻانهون زمين تي پکڙيل هيون. سڀئي ماڻهو اُن ڏانهن ڊوڙيا. ان جي لاءِ همدرديءَ ڀريا ڳوڙها به وهايا ويا ۽ واڪا به ڪيا ويا.... هڪ عجيب ديوانگيءَ جي حالت هنن سڀني کي وڪوڙي ورتو هو.

 ”هيءُ هڪڙو ئي ولي آهي. هيءُ هڪڙو ئي مقدس انسان آهي. ” ڪنهن پنهنجي خوف کي پري اڇليندي، زور واري آواز ۾ چيو.  ”هن کي ئي مربي بڻايو وڃي. ” ٻين خبيثاڻي انداز ۾ چيو.

 ”هو مربي ڪونه ٿيندو.... هو انڪار ڪري ڇڏيندو... هو ڪنهن به هن پاراتي جهڙي نئين طريقي جي خدمت نه ڪندو.... هو هنن جي بيوقوفيءَ جو نقل نه ڪندو. ” مطلب ته ڪيئي آواز هئا، جي انهن جي نڙيءَ مان نڪري رهيا هئا. هيءُ مشڪل سان چئي سگهجي ٿو، ته هو اڃا به الائجي ڪيترو اوجهڙ ۾ وڃي ها، پر ان وقت نماز جو گهنڊ وڄڻ لڳو. مربي فيراپانٽ به اُٿي بيٺو ۽ ماڻهن کان لنگهي، پنهنجي چوڌاري ڏسڻ کان سواءِ حجري ۾ هليو ويو. هو اڃا تاِئين پنهنجي بي جوڙ گفتگو ڪندو ٿي رهيو. ڪي ٿورا ماڻهو، سندس پويان ويا ۽ گهڻا نماز جي لاءِ منتشر ٿي ويا. مربي پايسي ۽ مربي ايوسف پنهنجي پنهنجي واري تي مقدس ڪتاب پڙهندا رهيا ۽ پوءِ ٻاهر هليا ويا. متعصب انسانن جون ديوانگي سان ڀريل رڙيون پايسي کي متاثر نه ڪري سگهيون. پر سندس دل اوچتو اداسي سان ڀرجي وئي، هو خاموش بيٺو رهيو ۽ سوچڻ لڳو ته مان هن ڏک ۾، سور جي منزل تاِئين ڇو ڀرجي ويو آهيان؟ ” اوچتو کيس عجب مان خيال آيو ته سندس هيءُ اوچتو غمگيني، ڪنهن ننڍي ۽ خاص سبب کان آهي. حجري جي لنگهه وٽ، اُن بي پناهه گوڙ ۾ هن اليوشا کي ڏٺو هو ۽ هن کي ياد آيو ته هن کي ڏسندي هڪدم سندس دل کي سٽ آئي هئي. هن عجب ۾ پئي پاڻ کان پڇيو ته،  ”ڇا هن جوان منهنجي روح کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي؟“

اُن وقت اليوشا وٽانئس گذريو. هو تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو، پر ديول جي طرف نه. ٻنهي جون اکيون پاڻ ۾ مليون. اليوشا يڪدم پنهنجون اکيون ڦيرائي، زمين ڏانهن جهڪايون. پايسي هن ڇوڪري جي اکين مان سمجهي ورتو ته هن گهڙيءَ ۾، منجهس وڏي تبديلي اچي رهي آهي.

 ”تون به ساڳي ريت هوس ۾ ڦاسي پيو آهين! ” مربي پايسي، کيس واڪو ڪري چيو.  ”تون به اُن گهٽ عقيدي وارن سان شامل آهين؟ ” هن ماتمي انداز ۾ کانئس پڇيو.

اليوشا خاموش خاموش بيٺو رهيو ۽ بيڪار مربي پايسي کي نهاريندو رهيو، پر هن تڪڙ مان وري پنهنجون اکيون ڦيرايون ۽ وري زمين ڏي نهارڻ لڳو، هوُ پايسي سان بيٺو رهيو ۽ مربي پايسي ڏي منهن نه ورايائين، جو کيس ڌيان سان نهاري رهيو هو.

 ”تون ڪاڏي تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو آهين، نماز جي گهنڊ جو آواز تو نه ٻڌو آهي ڇا؟ ” هن کانئس وري به پڇيو، پر وري به اليوشا کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.

 ”تون مڙهيءَ کي ڇڏي رهيو آهين ڇا؟ بنا ڪنهن موڪل جي ۽ بنا ڪنهن دعا وٺڻ جي؟“

اليوشا اوچتو سرد مهري سان مشڪيو. عجيب ۽ نهايت عجيب طريقي سان، هن پنهنجي اڳوڻي سربراهه ۽ مربيءَ ڏانهن نهاريو. جنهن کي سندس دل ۽ روح جي بادشاهه سندس محبوب مربي، مرڻ وقت سپرد ڪيو هو. اوچتو، اڃا به ڳالهائڻ کان سواءِ، پنهنجي هٿ کي لوڏيائين، ڄڻ ته کيس، ان جي لاءِ ڪا به عزت ڪانه آهي. هو تڪڙا تڪڙا قدم کڻي، مڙهيءَ جي دروازي کان گذري ويو.

 ”تون وري موٽي ايندين! ” مربي پايسي ڀڻ ڀڻ ڪندي، سندس پوئتان نهاريندي، ڏک ۽ عجب مان چيو.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org