باب يارهون
وري به بربادي
شهر کان خانقاهه، ميل جي ٽئين حصي کان مٿي نه هئي.
اليوشا اُن رستي تي، جو اُن وقت ويران هيو، تيزيءَ
سان هلڻ لڳو. اُن وقت رات جي ڪافي اونداهي پکڙجي
چـُـڪي هئي، ايتري قدر جو ٽيهن قدمن تائين به مشڪل
سان ڪا شيءِ نظر ٿي آئي. رستي جي اَڌ تي، هن رستي
سان وري ٻيو رستو ٿي اَچي گڏيو. اُن ٻه - واٽي وٽ،
خاموش ۽ اَڪيلي بيد جي وڻ هيٺان، کيس هڪ صورت نظر
آئي. جيئن ئي اليوشا اُن ٻه - واٽي وٽ پهتو، ته
اُها صورت چرڻ پـُـرڻ لڳي ۽ سندس ويجهو تيزيءَ سان
اَچڻ لڳي. ان وحشياڻي نموني کيس رڙ ڪري چيو ته:
”پيسا يا حياتي؟“
”ها تون مـِـتيا آهين!؟“ اليوشا ڇرڪ ڀريندي، عجب
مان کيس چيو.
”ها، ها، ها، توکي ته منهنجي ملڻ جي اُميد ئي نه
هوندي. خيال ٿي ڪيم، ته تنهنجو ڪٿي ويهي انتظار
ڪريان. اُن جي گهر جي ڀرسان بهتر سمجهيم. پوءِ
سوچيم ته اُتان ٽي رستا ڦٽن ٿا، ممڪن هو، ته توکي
وڃائي ويهان ها. اُنڪري هتي اَچي ترسيس. ڇو ته
خانقاهه ڏي، هن رستي کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه
هو ۽ توکي هتان ضرور گذرڻو هو. اَچ هاڻي مون کي سچ
سچ ٻڌاءِ. ڀلي مون کي ٽنڊڻ وانگر لتاڙي ڇڏ پر صحيح
حقيقت کان آگاهه ڪر.“
”ڪجهه نه ڀاءُ - تو مون کي ڊيڄاري ڇڏيو هو. او
دمتري! پيءُ جو خون، (هـُـو روئڻ لڳو. سندس دل ته
گهڻي وقت کان ڳوڙهن هارڻ لاءِ تيار هئي، مگر
دمتريءَ کي ڏسندي، صبر کانئس موڪلائي ويو.) تو ذري
گهٽ کيس ماري وڌو هو - تو ته کيس بددعائون ٿي
ڏنيون، ۽ هاڻي مذاقي بڻجي ويو آهين - پيسا يا
حياتي!؟“
”ها، پوءِ ڇا آهي؟ ڇا منهنجو قدم موقعي آهر نه
هو؟“
نه - مان فقط ......“
”ترس ۽ هن رات ڏي نهار. تون ڏسين ٿو ته ڪيڏي نه
اونداهي رات آهي. ڪيڏا نه بادل ۽ ڪيڏي نه هوا ٿي
لڳي!؟ مان هن بيد جي هيٺان لڪي تنهنجو انتظار ٿي
ڪيو. خدا مٿان آهي، مون اوچتو خيال ڪيو ته هيءَ
بدبختي ڪيستائين هلندي. هاڻي ڪهڙي شيءِ رَهي آهي،
جو اُن جو انتظار ڪريان!؟ بيد جو وڻ آهي، رومال
آهي ۽ قميص آهي. مان هنن کي هڪ منٽ ۾ وٽي نوڙيءَ
جي صورت ۾ آڻي وجهندس. هنن کانسواءِ ڪمربند به
آهي. پوءِ ڇو هن دنيا جي مٿان بار ٿي رهان. مان
پنهنجي بڇڙي وجود سان، هن کي بي عزت ڇو ڪريان؟ پر
اوچتو مون تنهنجي اَچڻ جو آواز ٻـُـڌو. خدايا،
هيئن اِيئن گذريو، ڄڻ ته ڪاشيءِ اُڏري منهنجي اندر
۾ اَچي وئي. سو اُهو ماڻهو نڪري پيو، جنهن کي مان
پيار ٿو ڪريان. اِجهو هيءُ آهي اُهو ماڻهو، منهنجو
ننڍڙو ڀاءُ! جنهن کي مان سڄي دنيا کان گهڻو پيار
ڪريان ٿو. مان توکي ايترو ته پيار ڪريان ٿو، جو
چيم ته يڪدم توکي ڳلي سان لڳايان. اُن وقت مون کي
هڪ بيوقوفيءَ جو خيال آيو، ته توسان ڪجهه ڀوڳ
ڪريان ۽ توکي ڊيڄاريان. مون بيوقوفن وانگر واڪو
ڪري چيو ته ’پيسو!‘ مون کي ۽ منهنجي بيوقوفيءَ کي
معاف ڪر- اِها سڄي بيوقوفي هئي. کڏ ۾ وجهينس، مون
کي هيءُ ٻڌاءِ، ته اُتي ڇا گذريو؟ هن ڇا چيو؟ مون
کي سزا ڏئي، بي حيائي ڇڏ، جيڪي وڻيئي سو ڪر! هوءَ
ضرور جوش ۾ هوندي؟“
”نه نه، اُتي ته ڪجهه به نه هو مـِـتيا - مان ته
اُتي ٻنهي کي ڏٺو.“
”ٻئي، ڪير؟“
”گروشينڪا، ڪيٽرينا ايونونا وٽ.“
دمتري ڄڻ ٻوڙو ٿي ويو.
”ناممڪن“ هن رڙ ڪري چيو. هي تنهنجو وهم آهي.
گروشينڪا ۽ هوءَ؟“
اليوشا، ڪيٽرينا ايونونا وٽ پهچڻ کان پوءِ، اُهو
سڀ ڪجهه بيان ڪري ٻڌايو، جو اُتي گذريو هو. هـُـو
ڏهه منٽ کن ڪهاڻي ٻـُـڌائيندو رهيو. هو، هيءَ
حقيقت هڪ ساهيءَ سان مفصل ته ٻـُـڌائي نه سگهيو پر
وٽس صاف بياني ضرور هئي. هن ڪنهن به لفظ، ڪنهن اثر
۽ ڪنهن به ڪاروائيءَ کي نه وساريو. هر ڳالهه کي
صاف بياني سان ٻڌائيندو ويو. ڪڏهن ته هڪ لفظ ۾
پنهنجي احساس جي اظهار کي آڻي ٿي وڌائين. دمتري
خاموشيءَ سان ٻڌندو ٿي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن خوفناڪ
نگاهن سان هـُـن کي نهاريندو به ٿي رهيو، پر
اليوشا ڄاتو ٿي، ته هن سڀ ڪجهه چڱيءَ ريت سمجهيو
آهي ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه کي پرکيو آهي. جيئن ڪهاڻي
هلندي ٿي رَهي، سندس چهرو بي رونق ۽ اُداس ٿيندو
ٿي ويو. ڪڏهن هـُـن نڪ تي ٿي گهنج وڌا ته ڪڏهن
ڏندن کي ٿي ڪرٽيو. سندس نگاهه وڌيڪ سخت گير، توجهه
واري ۽ وحشتناڪ بڻجي وئي. اوچتو عجيب تيزيءَ سان
سندس ڪاوڙ سان وحشتي چهري ۾ عجيب تبديلي اَچي وئي.
سندس چمبڙيل چپ جدا ٿي ويا ۽ دمتري فيودورووچ
ضابطي کان زور ٽهڪن ۾ پئجي ويو. هـُـو خيال کان
ٻاهر کـِـلَ ۾ پئجي ويو ۽ گهڻي وقت تائين ڳالهائي
نه سگهيو.
”ها، تڏهن، هـُـن سندس هٿ کي نه چميو! ها هوءَ
ڀڄي وئي !“ هـُـو جنوني شيءِ سان ڳالهائيندو
رهيو. جنهن کي بنا ارادي جي نه پر بدتميزيءَ جي،
خوشي چئي سگهجي ٿو. ”اِيئن ڏسي، کيس شينهڻ ئي چئي
سگهجي ٿو. هو واقعي شينهڻ آهي. واقعي هـُـو بيد
هئڻ کان پوءِ قتل گاهه جي سزاوار آهي. هائو، هائو،
هوءَ اُن جي لائق آهي. مان جيڪو خيال ڪريان ٿو،
اُهو انصاف آهي. کيس اِها سزا ته گهڻو اڳي ملڻ
کپندي هئي. منهنجا ڀاءُ، کيس سزا ملڻ گهرجي پر
پهريائين مون کي پنهنجي حالت جي اصلاح ڪرڻ کپي.
مان هن بي حيائيءَ جي ملڪه کي ڄاڻان ٿو. هن ۾ اِهي
ئي گـُـڻ آهن. تو، هٿ چمندي، سندس گڻن کي ڏٺو.
هوءَ شيطان عورت آهي. هوءَ سڄي جهان ۾ شيطان عورتن
جي سردار آهي. هوءَ پنهنجي راهه ۽ رسم ۾ شاندار
آهي! ها ته هوءَ گهر ڀڄي وئي. مان اُن ڏي وڃان ٿو!
اليوشا مونکي ڪوبه ڏوهه نه ڏئي. مان قبول ٿو
ڪريان، ته هن کي ڦاسيءَ تي لڙڪائڻ چڱو ٿيندو.“
”پر ڪيٽرينا ايونونا؟“ اِليوشا ڏک مان چيو.
”مان هن کي به ڏٺو ۽ چڱيءَ ريت ڏٺو. اهڙيءَ ريت
...... مان اڳي کيس ڏسي نه سگهيو هوس. اِها ڄڻ ته
دنيا جي چئن کنڊن جي بجاءِ پنجين کنڊ جي تحقيق
هئي. هن روش کي ڇا چئجي؟ هيءُ سڀ ڪٽيا وانگر هو،
جنهن کي هڪ غضبناڪ ۽ احمق آفيسر جو مقابلو ڪندي،
ڪوبه خوف نه ٿيو. جنهن پنهنجي عالي روش تي، موتمار
بي عزتيءَ جو خطرو کڻندي به پنهنجي پيءُ جي حياتي
بچائي. سندس ذاتي غرور، حالات جي جستجو ۽ تقدير جي
سرنوشت جي مقابلي مان، اسان کيس چڱيءَ ريت سمجهي
سگهون ٿا. تون شايد چوين ته سندس ماسيءَ کيس اَچي
روڪيو؟ تون چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو ته هوءَ پاڻ متڪبر
آهي. هـُـوءَ ماسڪو جي هڪ جنرل جي بيواهه جي ڀيڻ
آهي. هـُـن جا زال کان وڌيڪ هن سان لاڳاپا هئا، پر
هـُـن جو مرد سرڪاري پيسن جي خرد برد ۾ ڦاسي پيو.
هو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو. پيسا ۽ جاگير ۽ اُهو سڀ
ڪجهه جو وٽس هو. اُن مفرور عورت کي پنهنجي مرتبي
کان هيٺ لهڻو پيو ۽ هـُـن اُن کانپوءِ وري پاڻ کي
بلند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هن ڪٽيا کي روڪڻ
گهريو پر هـُـن، کيس ٻڌوئي نه. هـُـن سمجهيو ٿي ته
هوءَ سڀني شين تي غالب ايندي. سڀ شيون اُن جي
اڳيان هار کائي وينديون. هـُـن سوچيو ٿي ته هوءَ
گروشينڪا کي به پنهنجي نموني گريءَ سان ڦاسائي،
پنهنجي خواهش موجب سڀ ڪجهه ڪرائي ڇڏيندي. هيءُ سڀ
سندس خود اعتماديءَ جي ڪري ٿي پيو. اِها سندس غلطي
هئي؟ تون سمجهين ٿو ته هن پهريائين گروشينڪا جي هٿ
کي ڪنهن مطلب ۽ مقصد سان چميو هو؟ نه، هوءَ
گروشينڪا جي اوصاف کان متاثر هئي، گروشينڪا ڇا؟
هـُـوءَ سندس خواب کان متاثر نه هئي. اُن جي خام
خياليءَ ۾ مبتلا نه هئي. پر پنهنجي خواب کان متاثر
هئي ۽ پنهنجي خام خياليءَ ۾ مبتلا هئي. پيارا
اليوشا، تون ڪيئن هنن کان ڇوٽڪارو لهي سگهندين. هي
عورتون؟ تون ته پنهنجي سنياسي لباس کي لاهي ۽ ڀڄي
ويندين. ها، ها، ها.“
”ڀاءُ، توکي ته خبر ئي نه پئي آهي، ته ڪيٽرينا
ايونونا جي اُن ڏينهن جي واقعي کي، گروشينڪا کي
ٻڌائيندي، ڪيڏي نه هن جي بي حرمتي ڪئي آهي. جنهن
ڪري ئي، هن سندس منهن ۾ هيئن چئي غلاظت اُڇلائي،
ته تون به هڪ معزز ماڻهوءَ وٽ پنهنجي حسن کي وڪڻڻ
لاءِ وئي هئينءَ! ڀاءُ هن بي عزتيءَ کان وڌيڪ ٻيو
ڇا ٿيندو آهي؟“
اليوشا کي سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه ڏک ڏئي رَهي
هئي، ته سندس ڀاءُ ڪيٽرينا ايونونا جي بدناميءَ تي
خوش ٿي رهيو آهي.
”افسوس!“ دمتريءَ جي پيشانيءَ ۾ رنجيده گهنج
پئجي ويا ۽ نراڙ کي هٿ سان ڌڪ هنيائين. هاڻي کيس
احساس ٿيڻ لڳو. جيتوڻيڪ اليوشا کيس جهٽ اڳي
ڪيٽرينا ايونونا جي بي عزتيءَ بابت به ٻڌائي
چـُـڪو ۽ هن جا لفظ به ته، ”تنهنجو ڀاءُ بدمعاش
آهي.“
”هائو! شايد، سچ پچ، مان اُن بد قسمت ڏينهن بابت
گروشينڪا کي ٻـُـڌايو هو، جيئن ڪٽيا چئي ٿي. هائو
مان کيس ٻڌايو هو، مون کي ياد ٿو اَچي. مان شراب
پيتو هو ۽ مان روئي به رهيو هوس، ته گوڏا کوڙي
ڪٽيا جي خيالي صورت کان دعا به گهري رهيو هوس.
گروشينڪا هن کي سمجهي ورتو هو. مون کي ياد آهي، ته
هوءَ به روئي رَهي هئي. کڏ ۾ وجهه هن ڳالهه کي.
هنن عورتن کي ڪهڙي ريت سڃاڻي سگهجي جو اُن ڏينهن
رُني ٿي ۽ اڄ وري ڪيٽرينا جي رت جي پياسي آهي!“
دمتري اوچتو پنهنجي مٿي کي هيٺ جهڪايو. گهڙي کن
ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. اُن کان پوءِ غمگين آواز سان،
گفتگوءَ جي سلسلي کي جاري رکندي چيائين:
”هائو مان بدمعاش آهيان. مڪمل بدمعاش! هن مان
ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي ته مان روئان ٿو. مان
بدمعاش آهيان! اُن کي چئجانءِ ته جيڪڏهن اِن مان
کيس ڪو آرام ملي سگهي ٿو، ته مون کي اِهو نالو
قبول آهي. بس اِهو ڪافي آهي. خدا حافظ. هن گفتگوءَ
مان ڪوبه کڙتيل نه نڪرندو، نه وري ڪو وندر جهڙو
آهي. تون پنهنجو رستو وٺ ۽ مان پنهنجو. مان وري
توکي ڏسڻ نه ٿو گهران، پر جيڪڏهن ڪا آخري ضرورت
پئي ته خدا حافظ اليڪسي!“
هن گرم جوشيءَ سان اليوشا جي هٿ کي زور ڏنو. هن
اَڃا به پنهنجو مـَـٿو، نه کنيو هو ۽ هيٺ نهاري
رهيو هو. ڄڻ ته هـُـن ڀاءُ کان ڀڄي وڃڻ ٿي گهريو.
هـُـو تيزيءَ سان ڦـِـريو ۽ شهر ڏي هلڻ لڳو.
اليوشا کيس پويان نهاريندو رَهيو. کيس اعتبار ئي
نه ٿي آيو، ته هـُـو ڪو گفتگوءَ کي اَڌ ۾ ڇڏي،
هليو ويندو.
اوچتو دمتري پوئتي موٽيو ۽ واڪو ڪري چيائينس ته
”اليڪسي ترس. هڪ قبوليت ٻي به وٺندو وڃ، جا فقط
تنهنجي لاءِ آهي. مون ڏي نهار، مون ڏي چڱيءَ ريت
نهار. هتي، هتي، هتي، مون ۾ خطرناڪ بدنامي جو وڏو
خزانو موجود آهي.“ (جيئن هـُـن ’هتي‘ جو لفظ چيو،
اَلائي ڪهڙي خيال کان هن پنهنجي سيني ۾ مـُـڪَ هڻي
ڪڍي. ڄڻ ته اُها بدنامي سندس سيني ۾ موجود هئي.
ڪنهن هنڌ، ڪنهن گوشي ۾، شايد سندس گردن ۾ ٿي
لڙڪي.) تون هاڻي سمجهين ٿو، ته مان هڪ بي اُصول
آهيان. اُهو بدمعاش جنهن جو اعتراف اٿم، پر مون کي
اجازت ڏي ته مان توکي ٻڌايان ته، مان نه اڳي
اهڙيءَ ڪا شيءِ ڪئي آهي ۽ نه وري اِهڙي ڪا ڪندس،
جنهن کي هن بي عزتيءَ جي بنيادي حالت سان ڀيٽي
سگهجي، جنهن کي مان هاڻي، هن گهڙيءَ، پنهنجي سيني
تي سـَـٺو آهي. آئنده جو ڪجهه به ايندو گذري
ويندو. جيتوڻيڪ مان پوريءَ ريت آزاد آهيان، ته اُن
کي روڪيان. اُن کي روڪي سگهان ٿو يا جاري رکي
سگهان ٿو. اِهو تون سمجهي ڇڏ. هيءُ ٻـُـڌائڻ جي تو
کان اِجازت ٿو گهران، ته مان اُن کي جاري رکندس.
مان اُن کي ڪونه روڪيندس. مان جهٽ گذري توکي سڀ
ڪجهه ٻڌايو آهي، پر مان هيءُ توکي ڪونه
ٻـُـڌائيندس. ڇو ته اُن جي ٻڌائڻ لاءِ، مون وٽ
ايتري بي باڪي موجود نه آهي. مان اَڃا به پنهنجي
عزت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندس. جيڪڏهن اِيئن ٿي
نه سگهيو ته سڀاڻي پنهنجي باقي بچيل اَڌ عزت کي به
ڏيئي ڇڏيندس. مون کي پنهنجي عزت برقرار رکڻ جي
ڪابه اُميد نه آهي. مان پنهنجي بنيادي رٿ کي جاري
رکندس. تون هن جو شاهد رهجانءِ ته مان توکي سڀ
ڪجهه ٻـُـڌائي ڇڏيو آهي. اونداهي ۽ بربادي! ڪنهن
به سمجهاڻي جي ضرورت نه آهي. ٿوري وقت ۾ توکي
خبر پئجي ويندي. هڪ ناپاڪ پٺيرو رستو ۽ جهنمي
عورت! خدا حافظ، مون لاءِ ڪابه دعا نه گهر، نه وري
مان اُن جي لائق آهيان. اُن جي گهرج به ڪانهي. مون
کي اُن جي ضرورت به نه آهي، ها پري ٿيءُ.
اوچتو هـُـو پوئتي هٽيو ۽ هن دفعي آخري طرح هليو
ويو. اليوشا خانقاهه ڏي ويو.
”ڇا... هن ڇا ٿي چيو؟ مان هـُـن کي وري ڏسي نه
سگهندس!“ هن بيحد عجب ٿي کاڌو. ”ڇو؟ مان هن سان
سڀاڻي پـَـڪ سان ملندس. مان سندس پويان لڳندس،
ڏسندس ته هـُـو ڇا ٿو چوي.“ هـُـو خانقاهه جي
چوڌاري ڦريو. صنوبر جي جهنگ کان ٽپي راهبن جي جاءِ
وٽ پهتو. جيتوڻيڪ اُن وقت ڪنهن کي به اُتي وڃڻ جي
اجازت نه هئي، مگر هـِـن جي لاءِ دروازو کليل هو.
هـُـو ڌڙڪندڙ دل سان مربي زوسيما جي حجري ۾ گهڙيو.
اُن وقت سندس دل ۾ خيالن جو عجيب لاهه ۽ چاڙهه هو،
هـُـن پاڻ کان پڇيو ٿي:
”مان هتان ڇو ٻاهر ويس؟ زوسيما کيس اِنهيءَ دنيا
۾ ڇو موڪليو؟ هتي ته وڏو سڪون هو. هـِـتي ته
پاڪائي هئي پر هـُـتي ته مونجهارو ۽ اونداهي هئي،
جتي ماڻهو پاڻ وڃائي، بنا ڪنهن دير جي گمراهه بڻجي
سگهي ٿو ......“
اليوشا حجري ۾ نـِـو آموز راهب پروفري ۽ راهب
پايسي کي ڏٺو، جي اُن وقت مربي زوسيما جي عيادت
لاءِ آيا هئا. هـُـن فڪرمنديءَ سان ڏٺو، ته سندس
حالت خراب کان خراب تر آهي. ايتري قدر جو اُن
ڏينهن پنهنجي اِرادت سندن سان رواجي گفتگو به نه
ڪري سگهيو هو. هتي رواج هو ته شام جي عبادت کان
پوءِ، سڀئي راهب زوسيما جي حجري ۾ گڏ ٿي، ڏينهن جي
غلطين جو اَچي اعتراف ڪندا هئا. يعني پنهنجي
گنهگار خيالن ۽ خواهشن کي وڏي آواز سان
ٻـُـڌائيندا هئا. جيڪڏهن پاڻ ۾ سندن ڪا مخالفت
ٿيندي هئي، ته اُن کي به ٻـُـڌائڻ کان نه رهندا
هئا. ڪي ته گوڏا کوڙي پنهنجي قبوليت ڏيندا هئا.
زوسيما کين معافي ڏيندو هو، پر ڇا ٿيندو هو،
نيڪيءَ لاءِ نصيحت ڪندو هو، ڪيل ڪم جي پڇتائڻ لاءِ
چوندو هو ۽ کين دعا ڪري رخصت ڪندو هو. هن عام
اعتراف جي خلاف، مربيءَ جي مخالفن وڏي هاءِ گهوڙا
ٿي ڪئي. سندن اعتراض هو، ته هيءَ طريقو باطني ۽
روحاني عهد ۽ اقرار جي بي حرمتي آهي. گويا هيءَ
مقدس مذهب جي توهين آهي، پر حقيقت ۾ هيءَ شيءِ ئي
ٻي هئي. هنن ديول جي وڏن پادرين وٽ هيءَ به شڪايت
پيش ڪئي، ته اِهڙي اعتراف مان ڪوبه مقصد حاصل نه
ٿو ٿئي. اُٽلو گناهه ۽ اُن جون خواهشون پيدا ٿين
ٿيون. ڪيترن راهبن ته مربيءَ وٽ وڃڻ کي به ناپسند
ٿي ڪيو. پنهنجي مرضيءَ جي خلاف، ٻين کي ويندو ڏسي
پاڻ به ٿي ويا. کين خوف هو ته متان هـُـو باغي ۽
مفرور سمجهي سزا هيٺ نه اَچن. ماڻهن جو چوڻ هو، ته
ڪي راهب اڳ ۾ ئي پنهنجي گناهه جي اعتراف بابت سوچي
ڇڏيندا هئا. مثلاََ هڪ ٻي کي سمجهائيندا هئا، ته
تون چئجان ته ”مان اڄ فلاڻي سان وڙهي پيس.“ ٻيو
وري اُن جي تائيد ۾ چوي، ته اها حقيقت برابر آهي.
هيءُ سڄو ڍونگ اِنهيءَ لاءِ ڪيو ويندو هو، ته جيئن
ڪجهه نه ڪجهه مربيءَ جي اڳيان پيش ڪيو وڃي. اليوشا
کي خبر هئي، ته اِيئن ڪڏهن ڪڏهن ڪيو ويندو آهي.
کيس اها به خبر هئي، ته ڪي اِهڙا به راهب آهن، جن
کي سخت اعتراض آهي، ته سندن گهر کان آيل خط، عام
جام مربيءَ وٽ نيا وڃن ٿا ۽ اُنهن ئي ماڻهن جي
سامهون جن جا خط آهن، کوليا وڃن ٿا ۽ پڙهيا وڃن
ٿا.
هيءُ سڀ حقيقتون قبول، ته ڪيون ٿي ويون پر اُن سان
گڏ، هيئن به چيو ٿي ويو، ته هي سڀ ڪجهه، جو
آزاديءَ سان ڪيو وڃي ٿو، نيڪ نيتيءَ سان ئي آهي.
جنهن جو مقصد آهي رضاڪاراڻي ۽ فائدي واري هدايت.
پر حقيقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن هن ۾، اخلاص ٿورو ۽ عملي طرح
ڪوڙ گهڻو ٿي ڏٺو. اُن هوندي به جي پراڻا راهب هئا،
اُنهن جو خيال هو، ته اُهي ماڻهو جي پنهنجي اندر
جي صفائي لاءِ هت اَچن ٿا، اُنهن کي کپي، ته هو
اکيون ٻوٽي پنهنجي وڏي جي اطاعت ڪن، ڇو ته هـِـن
مـڃتا سان ئي هـُـو گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهندا.
اُهي ماڻهو جي گمراهيءَ جي جهنڊي کي بلند ڪن ٿا ۽
شڪايتون ڪندا وتن ٿا، حقيقت ۾ راهب نه آهن ۽ سندن
اِتي جاءِ ئي نه آهي، کين ڪوبه حق نه آهي ته هو
خانقاهه ۾ رهن. نه فقط ايترو پر خانقاهه کان ٻاهر
يا خانقاهه جي اندر ڪوبه وسوسو، گناهه جي آڻڻ جو
سبب بڻجي سگهي ٿو. تنهن ڪري اِنهن حقيقتن کي ڪابه
اهميت نه آهي.
پايسي، اليوشا جي ڪـَـن ۾ رازداريءَ سان چيو،
”هيءُ ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ مٿس غشي آهي. ڏاڍو ڏکيو
آهي جو کيس اُٿارجي. کيس جاڳائڻ به نه گهرجي. پنج
منٽ ٿيا، جو هـُـو هوش ۾ آيو هو، پنهنجي صحبتين
لاءِ دعائون ڪيائين ۽ هيءَ به التجا ڪيائين، ته
اُن جي لاءِ رات جو دعائون گهريون وڃن. هن جو
اِرادو هو ته ’اعتراف جي رسم‘ کي صبح تائين ملتوي
ڪيو وڃي. اليگزي، هن توکي ياد ٿي ڪيو. هـُـن هيءُ
به پڇيو، ته هـُـو هليو ويو. اَسان کيس ٻـُـڌايو
ته هـُـو هاڻي شهر ۾ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ”مان
ئي کيس دعائن سان اُن کي ڪم تي موڪليو آهي. ٿوري
وقت لاءِ سندس جاءِ هـُـتي آهي نه هـِـتي.“ هن
توکي ڏاڍيءَ محبت ۽ انتطار مان ٿي ياد ڪيو. خبر
اَٿئي ته هـُـو توکي ڪيڏي نه عزت ٿو ڏئي! پر خبر
نه ٿي پوي ته هـُـن اِهو فيصلو ڪيئن ڪيو آهي، ته
تون پنهنجو ڪجهه وقت ٻاهرين دنيا ۾ وڃي گذار؟ هن
تنهنجي قسمت ۾ شايد اڳ ۾ ئي ڪجهه ڏٺو آهي، پر
اليگزي توکي خبر هئڻ کپي، ته جيڪڏهن تون ٻاهرين
دنيا ڏي موٽي ويو آهين، ته مربي جي تنهنجي مٿان
فرائض رکيا آهن ۽ اُنهن کي پورو ڪر. هيءُ اِنهيءَ
لاءِ نه آهي ته نفسانفسي ۽ جنجال ۾ ڦاسي وڃين.“
راهب پايسي ٻاهر هليو ويو. اليوشا کي هاڻي ڪوبه شڪ
نه رَهيو هو ته زوسيما مري رَهيو آهي. ممڪن آهي ته
اڃا هڪ ٻه ڏينهن جيئرو رَهي سگهي. اليوشا پڪو
فيصلو ڪيو، ته باوجود انجام ۽ واعدي جي، هـُـو
پيءُ سان، هوهائلڪوف وارن سان، يا ڪيٽرينا ايونونا
سان ٻي ڏينهن نه ملندو. هـُـو خانقاهه مان ٻاهر ئي
نڪرندو پر پنهنجي مربيءَ سان آخري وقت تائين گڏ
رهندو. سندس دل محبت سان روشن ٿي وئي. کيس هيءُ
بيحد خراب محسوس ٿيو، ته هن ٿورو وقت ئي سهي،
خانقاهه کان ٻاهر رَهي، هن کي موت جي بستري تي
اَڪيلو ڇو ڇڏي ڏنو هو؟ اُن کي، جنهن کي هـُـن دنيا
۾ سڀ کان اعليٰ ۽ اَشرف ٿي سمجهيو. هـُـو مربي
زوسيما جي خوابگاهه ۾ لنگهي ويو ۽ اُن جي اڳيان
گوڏا کوڙي زمين تائين جهڪي ويو. هـُـو ننڊ ۾ آرامي
هو. منجهس ڪابه جنبش ڪانه هئي. سندس ساهه رواجي
طرح سختيءَ سان ٿي کڄيو ۽ سندس چهري تي اطمينان جو
نـُـور ٿي وسيو.
اليوشا، اُتان ٿـِـي ٻي ڪوٺيءَ ۾ ويو، جتي زوسيما،
صبح جو مهمانن سان مليو هو. هـُـو پنهنجو بوٽ
لاهي، هڪ تنگ، سخت ۽ چمڙي واري ڪوچ تي ليٽي پيو.
سندس مٿي جي هيٺان فقط هڪ وهاڻو هو. اُها گـِـدي،
جنهن جو ذڪر، صبح جو سندس پيءُ وڏي واڪي سان ٿي
ڪيو، اُن کي وڇائڻ کانئس وسري ويو هو. هـُـن
پنهنجو پاجامو لاٿو، جنهن کي هن اوڇڻ جي طرح
استعمال ڪرڻ گهريو. پر هنڌ ۾ وڃڻ کان اڳ، هو گوڏن
ڀـَـر ٿي، گهڻو وقت دعا گهرندو رَهيو. هـُـن
پنهنجي پرجوش دعا ۾، هيءَ دعا نه گهري، ته سندس
اونداهيءَ کي روشن ڪري، پر هـُـو راحت جي جذبي جو
پياسي هو، جا هميشـ$$$، خدا جي ساراهه ۽ هر عبادت
کان پوءِ، سندس خوشيءَ جو سبب بڻي هئي، خصوصيت سان
شام جي عبادت کان پوءِ، هـُـو، هـِـن جو عادي ٿي
ويو هو. جنهن جو نتيجو اِهو نڪرندو هو، جو کيس، هڪ
قسم جي روشني نظر ايندي هئي، جنهن سان کيس گهـَـري
ننڊ اَچي ويندي هئي. جيئن هـُـو دعا گهري رهيو هو،
کيس پنهنجي کيسي ۾ ننڍڙو گلابي رنگ جو لفافو ياد
آيو، جنهن کي ڪيٽرينا ايونونا جي نوڪرياڻي کيس در
کان ٻاهر نڪرندي ڏنو هو. هـُـو بي چين ٿي ويو ۽
عبادت کي جلدي پورو ڪري ورتائين. پوءِ ٿوري ويرم
رکي لفافي کي هن کوليو، جنهن ۾ هڪ خط هو، جنهن کي
هوهائلڪوف جي ڌيءَ لزيءَ ڏانهنس لکيو هو. خط تي
سندس صحيح موجود هئي. هيءُ خط اُن ساڳي ڇوڪريءَ جو
هو، جا مربيءَ جي سامهون مٿس کلندي رَهي هئي.
خط ۾ لکيو هو:
”اليڪسي فيودورووچ. هيءُ خط، جو مان توڏي لکي
رَهي آهيان، اُن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. ايتري
قدر جو منهنجي ماءُ کي به خبر نه آهي. هيءُ ڪيڏو
نه غلط ڪم آهي، پر مان هيءُ توکي ٻـُـڌائڻ
کانسواءِ رهي نه ٿي سگهان، ته جيڪي جذبا منهنجي دل
۾ ٽپو کائي اُٿيا آهن، اُهي ٻيو ڪوبه، نه، پر اسان
ٻنهي کي ڪجهه وقت لاءِ، اُهي ڄاڻڻ ضروري آهن.
منهنجي دل ۾، جا آرزو آهي، اُها اوهان تائين ڪيئن
پهچايان؟ چوندا آهن، ته اميدن جي سرخي ڪاغذن ۾ نه
هوندي آهي، پر مان اوهان کي يقين ٿي ڏياريان ته
اِيئن نه آهي. هـِـن ۾ به آرزوئن جي سرخي آهي.
بلڪل جيئن مان آهيان. پيارا اليوشا! مان توسان
محبت ٿي ڪريان. مان توکي ٻاراڻي وَهيءَ کان وٺي
پيار ڪندي رهي آهيان، اُن وقت جڏهن اَسان ماسڪو ۾
هئاسين. تون اُن وقت موجوده حالت کان بلڪل مختلف
هئين. مان توکي سڄي حياتي پيار ڪندي رهنديس.
منهنجي دل توکي چونڊيو آهي، ته پنهنجون زندگيون ۽
دليون هڪ ٻي سان ڳنڍيل رکون ۽ ايستائين گڏجي رَهون
جيستائين پيري اَچي. بيشڪ اُن لاءِ هڪ شرط هوندو
ته توکي خانقاهه ڇڏڻي پوندي! اسان کي پنهنجي عمر
جي حيثيت سان ايتري وقت لاءِ ترسڻو پوندو،
جيستائين قانون اُن جي اجازت ڏئي. اُن وقت تائين
مان بلڪل طاقتور ٿي وينديس، گهمنديس ۽ رقص ڪنديس.
هن ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ڪانه آهي.
جيئن تون ڏسين ٿو، مان سڀني ڳالهين تي غور ڪيو
آهي. فقط هڪڙي ڳالهه رَهي ٿي، جنهن بابت مان
پنهنجو ڪوبه تصور قائم ڪري نه ٿي سگهان. تون جڏهن
هيءُ خط پڙهندين، تڏهن منهنجي لاءِ اَلائجي ڪهڙو
خيال قائم ڪندين؟ مان هميشھ کلندي رهندي آهيان ۽
شرير آهيان. مان توکي هـُـن صبح تي ڪاوڙايو هو، پر
مان قلم کڻڻ کان اڳ ۾ توکي هيءُ يقين ڏيارڻ ٿي
گهران، ته مان حضرت بي بي مريم جي تصوير جي سامهون
دعائون گهرندي رَهيس ۽ رئندي رهيس.
منهنجو هيءُ راز، هاڻي تنهنجي هٿن ۾ آهي. تون جڏهن
سڀاڻي ايندين، ته مون کي خبر نه ٿي پوي، ته مان
توڏي ڪيئن نهاري سگهنديس. آهه! اليڪسي فيودورووچ!
ڇا، مان پاڻ کي جيڪڏهن بيوقوف ٿيڻ کان روڪي نه
سگهيس ۽ اُن ڏينهن وانگر کلندي رَهيس، ته تون مون
کي شرير ڇوڪري سمجهي، منهنجي خط تي اعتبار ڪندين؟
اُن ڪري مان توکي عرض ٿي ڪريان، ته تنهنجي دل ۾
جيڪڏهن منهنجي لاءِ ڪا جڳهه آهي ته پيارا، جڏهن
تون سڀاڻي اَچين، ته منهنجي منهن ۾ سنئون سڌو نه
نهارج. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن منهنجون اکيون تنهنجي اکين
سان مليون، ته کـِـلي پونديس. خاص ڪري تنهنجي ڊگهي
قباکي ڏسي، مون کي کـِـل ايندي آهي. جڏهن مان اُن
بابت خيال ڪندي آهيان، ته بيقرار ٿي ويندي آهيان.
اُنڪري جڏهن به تون اَچين ته منهنجي ماءُ کي ڏسندو
ڪر يا ٻاهر دريءَ ڏي نهاريندو ڪر.
مان توڏي هيءُ محبت نامو لکيو آهي. ها پيارا، مان
ڪهڙو ڪم ڪري ويٺي آهيان؟ اليوشا! مون کي هن لاءِ
طعنو نه ڏج. مان تنهنجي لاءِ جيڪڏهن ڪو تڪليف
ڏيندڙ ڪم ڪيو آهي يا ڏُکايو آهي، ته مون کي معاف
ڪج. منهنجي عزت تنهنجي هٿن ۾ آهي. جي اِهو راز
ظاهر ٿيو، ته هميشھ لاءِ برباد ٿي وينديس. هيءُ سڀ
هاڻي تنهنجي هٿن ۾ آهي. مان اڄ سڄو ڏينهن رڙندي
رهنديس. خدا حافظ، جيستائين وري ملاقات ٿئي.
لزي
تاڪيد - اليوشا! تون سڀاڻي ضرور، ضرور اچ. لزي
اليوشا هيءُ سڀ ڪجهه حيرت مان پڙهيو. اُن کي وري
پڙهيائين. ٿورو خيال ڪري کلي ويٺو، جا کل نهايت
ماٺيڻي ۽ اَڻ لکي هئي. هـُـن ڇرڪ ڀريو، ڇو ته اِها
کـِـلَ کيس گناهه سان ڀريل نظر آئي، پر منٽ رکي
وري هـُـن کليو، پر هن دفعي هيءَ کل ماٺيڻي ۽ راحت
ڀري هئي. هن آهستگيءَ سان ڪاغذ لفافي ۾ رکيو.
پاسو ورائي سمهي پيو. هڪ عجيب قسم جو جوش هڪدم
سندس دل ۾ پيدا ٿيو. ”خدا، هنن سڀني تي رحم ڪري.
هنن سڀني وٽ ناخوش بيقرار روح آهن، کين صراط
المستقيم تي هلائي. خدايا سڀئي رستا تنهنجا آهن.
هنن سڀني کي پنهنجي دانائيءَ سان بچاءِ. تون سراپا
محبت آهين! تون هنن سڀني ڏي ضرور خوشي
موڪليندين!!“ اليوشا ڀڻڪندي پنهنجي مٿان صليب جو
نشان ٺاهيو ۽ گهـَـري ننڊ ۾ پئجي ويو.
dc |