باب ڇهون
ٿورو اونداهون وقت
ايون، اليوشا کان جدا ٿي، سـِـڌو فيودور پاولوچ جي
گهر ڏانهن روانو ٿيو. پر هيءَ عجب جي ڳالهه هئي،
جو راهه ۾ منجهسَ اڻ سهڻ جهڙي پريشاني پيدا ٿي، جا
گهر ڏانهن ويندي، سندس هر قدم تي گهڻي ٿيندي وئي.
هيءَ پريشاني، هن جي لاءِ ڪا نئين نه هئي. پر عجب
جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته ايون اُن جو ڪو به سبب
ٻـُـڌائي نه ٿي سگهيو. هـُـو اڳ به ڪيئي ڀيرا گهر
ويندي، پريشانيءَ ۾ مبتلا رَهيو هو، اُن ڪري هـِـن
وقت به سندس انتظار جو ڪو به سبب نه هو. جيتوڻيڪ
هـُـو دل شڪسته ٿي موٽيو هو ۽ اُن ڏينهن هڪ اڻ
ڄاتل نئين مستقبل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تياري ڪري رَهيو
هو. جيتري قدر ٿي سگهيو ٿي، هن وري پاڻ کي تنهائي
۾ رکڻ گهريو ٿي. جيتوڻيڪ کيس پنهنجي حياتي بابت
وڏيون اُميدون هيون، پر هـُـو پنهنجي اُميدن ۽
خواهشن بابت ڪو به واضح حساب ڪتاب لڳائي نه سگهيو.
جيتوڻيڪ اُن گهڙيءَ ۾ نين ۽ اَڻ ڄاتل اُميدن سندس
دل ۾ گهر ڪري ورتو هو، پر جا شيءِ کيس تڪليف ڏئي
رَهي هئي، سا ڪجهه علحده پئي لڳي. هن عجب کائي پاڻ
کي چيو ته ”مون کي پنهنجي پيءُ جي گهر کان نفرت
آهي. بيشڪ مان هن کان ايترو ته بيزار آهيان، جو
جيتوڻيڪ هيءُ آخري ڀيرو اَٿم، اُن هوندي به مان هن
کان نفرت ٿو ڪريان.... پر اِيئن به نه آهي. ڇا
هيءَ سڄي ناخوشي اليوشا جي سبب کان آهي، سندس
گفتگو ۽ موڪلائڻ جي سبب. مان ڪيترن سالن کان سڄي
دنيا سان خاموش رهيو آهيان ۽ ڪو به گفتگو اُن سان
ڪرڻ نه ٿي گهريم ۽ هاڻي اوچتو هڪ واهيات داستان ۾
پاڻ کي سرگردان ڪري وڌم. يقيناًهيءَ جواني جي بي
راهه روي ۽ ناتجربيڪاري ۽ خودپسندي ٿي سگهي ٿي.
خاص ڪري اليوشا جهڙي ماڻهوءَ سان. جنهن جي لاءِ
سندس دل يقيناًاعتماد سان ڀريل آهي.
بيشڪ اِها ڪوفت ٿي سگهي ۽ منهنجي ناخوشي ۾ اُن جو
اَثر هجي، پر هيءَ پريشاني اُن کان نه آهي. مان هن
پريشاني کان تنگ آيو آهيان، اُن هوندي به مان
ٻڌائي نه ٿو سگهان ته مون کي ڇا کپي؟ چڱو آهي ته
هن تي ڳالهه ئي نه ڪريان.“
ايون ڪوشش ڪئي ته اُن ڏي ڌيان نه ڏي، پر اِهو به
ڪارآمد نه ٿيو. جنهن نڪتي سندس پريشاني ۽ ناخوشي
کي وڌايو ٿي، اِيئن ٿي ڏٺو ته هيءَ سڄي ڪوفت ڪنهن
ٻاهرين ۽ اوچتي سبب جي ڪري پيدا ٿي آهي. هـُـو هن
حقيقت کي پوري ريت محسوس ڪري رهيو هو. سندس مقابلي
۾ هڪ اِهڙي شيءِ جو وجود هو، جنهن کيس بيحد ٿي
آزاريو. ڪڏهن ڪڏهن اِهڙو به اتفاق ٿيندو آهي، جو
ڪي ماڻهو يا شيون ڪنهن جاءِ تي بيٺل نظر اينديون
آهن، جي نگاهن ۾ نخل بڻجي وينديون آهن. ماڻهو ڪم ۾
مشغول هئڻ باعث يا گفتگوءَ سبب گهڻي وقت تائين
اُنهن ڏي ڌيان ڏيئي نه سگهيو هجي، پر هـُـو کين
جڏهن محسوس ڪندو آهي، ته اِهي کيس جوش ڏيارينديون
آهن يا عذاب ۾ وجهنديون آهن. پوءِ اُهو ڇو نه
رومال هجي، يا ڪتاب، جو پنهنجي جاءِ کان ڪنهن ٻي
جاءِ تي اُڇلايو ويو هجي. بهرحال ايون ڪشيده طبعيت
۽ اَڻ وڻندڙ جذبات سان پيءُ جي گهر پهتو. اوچتو هن
پندرهن قدمن جي پنڌ تي باغ جي دروازي وٽ، اوچتو
اُن شيءِ کي ڏٺو، جنهن جي ڏسڻ سان هن پنهنجي
پريشاني ۽ ناخوشي جي سبب کان سمجهي ورتو.
دروازي جي بينچ تي ملازم سميرڊياڪوف ويٺو هو، جو
شام جي سرديءَ جو مزو وٺي رهيو هو. هڪڙي ئي نگاهه
۾ ايون سمجهي ويو ته سميرڊياڪوف ئي سندس دل تي بار
آهي ۽ اِهو ئي ماڻهو آهي، جنهن کان سندس دل کي
ڪوفت آهي. اوچتو سندس دل تي سڀني ڳالهين جو انڪشاف
ٿي ويو ۽ وٽس سڀ ظاهر ٿي پيون. ٿورو اڳ اليوشا کيس
سميرڊياڪوف سان سندس ملاقات جي ڳالهه ٻڌائي هئي، ۽
مٿس اوچتو اُداسي ۽ ڪوفت ڇانئجي وئي هئي، جن سندس
دل ۾ غصي کي پيدا ڪيو هو. اُن کان پوءِ جيئن هن
پنهنجي ڀاءُ سان گفتگو ڪئي ٿي، سميرڊياڪوف کانئس
ٿوري وقت لاءِ کانئس وسري چـُـڪو هو. پر هـُـو
اَڃا به سندس دل تي پئي ٿي تريو. جيئن ئي ايون
اليوشا کان جدا ٿيو ۽ گهر ڏانهن هلڻ لڳو ته اُهو
وسريل جذبو وري پنهنجو پاڻ سندس دل ۾ داخل ٿيڻ
لڳو. ”ٿي سگهي ٿو ته هي بدبخت ۽ نفرت جهڙو انسان
مون کي ايتري پريشاني ڏئي سگهي؟ ” هـُـو اَڻ سهڻ
جهڙي غصي جي حالت ۾ عجب کائڻ لڳو.
هيءَ حقيقت آهي ته پوين آخري ڏينهن ۾، ايون شدت
سان هن کي ناپسند ڪرڻ لڳو هو. هن پاڻ ۾ اِهڙا جذبا
اُڀرندي ڏٺا هئا، جن مان اُن جي لاءِ نمايان نفرت
پئي ظاهر ٿي. شايد هن نفرت جو باعث هيءُ هيو، ته
جڏهن ايون پهريائين هن کي انڪار ڪيو هو، ته هـُـن
کيس ٻي طرح ٿي سمجهيو. تنهن کان پوءِ هن
سميرڊياڪوف ۾، خاص دلچسپي ورتي ۽ اُن ۾ ڪجهه اصليت
ڏٺائين. هن کيس جرئت ڏياري، ته هـُـو ساڻس گفتگو
ڪندو رَهي. جيتوڻيڪ هـُـو سندس پريشاني، اَڃا به
بيقراري کي سندس اندر ۾ ڏسي عجب کائيندو ٿي رهيو ۽
سمجهي نه ٿي سگهيو ته اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا مسلسل
هن زندگي جي گيان ۽ ڌيان واري انسان جي دماغ ۽ ذهن
کي پريشان ڪري رَهي آهي. بحث ۾ آيل فلسفي جا
سوال، هنن چڱيءَ ريت هڪ ٻئي ۾ پئي ٿي ويچاريا.
هيءُ سوال به، ته پهرئين ڏينهن نور پيدا ڪيو ويو ۽
سج، چنڊ ۽ ستارا، چوٿين ڏينهن تي پيدا ڪيا ويا، ڇا
اِيئن به ٿي سگهي ٿو؟ پر ايون جلدي ڏٺو ته جيتوڻيڪ
سج، چنڊ ۽ ستارا، دلچسپ مضامين ٿي سگن ٿا پر هي
شيون سميرڊياڪوف لاءِ ثانوي حيثيت رکندڙ هيون.
هـُـو مڪمل طرح ڪنهن ٻي خيال ۾ آهي. هن هڪ طرح يا
ٻي طرح پنهنجي نفس جي عزت واري حس کي سڀ کان مٿي
ٿي سمجهيو. هن پنهنجي شڪسته عزت کي قائم رکڻ لاءِ،
فريب کان ڪم پئي ورتو. جنهن کي اڳتي هلي ايون
ناپسند ڪيو. هن شيءِ پهريائين سندس دل ۾ ڪراهت
پيدا ڪئي. اُن کان پوءِ گهر ۾ فساد پيدا ٿيو.
گروشينڪا موقعي تي ظاهر ٿي ۽ سندس ڀاءُ دمتريءَ
سان ناجائز تعلقات قائم ٿيا هئا. هنن ٻنهي هن
حقيقت تي به بحث مباحثو ٿي ڪيو. جيتوڻيڪ
سميرڊياڪوف، هن ڳالهه تي نهايت جوش مان ڳالهائيندو
هو، پر هيءَ ناشدني هئي، ته ڪو ڳولي سگهي ته سندس
خواهش ڪهڙي آهي. هيءَ حيرت انگيز حقيقت هئي ته
سندس ميل غير منطقي ۽ غير مسلسل ڳالهين سان هيو.
سندس سڄيون خواهشون گمراهه ڪندڙ ۽ بي تـُـڪيون
هيون. سميرڊياڪوف هميشھ حالات کي جاچڻ لاءِ اَڻ
سڌا ۽ ظاهري پيشبندي سان ڀريل سوال پڇندو هو، پر
سندس مطلب ڪهڙو هو، اُن جي وضاحت نه ڪندو هو. سندس
دستور هوندو هو ته ضروري گهڙيءَ تي گفتگو کي
ڪـَـپي ڇڏيندو هو يا وري ڪنهن ٻي مضمون ڏي هليو
ويندو هو. آخري طرح ايون کي جنهن ڳالهه وڌيڪ غصو
ڏياريو، ۽ ناپسندي پيدا ڪئي، سا اِها هئي، ته
منجهس خاص بغاوت جهڙي قربت پيدا ٿي پئي هئي ۽
سميرڊياڪوف ظاهر ظهور اُن کي ڏيکاريندو ٿي رهيو.
اِيئن نه هو ته هـُـن پنهنجي شخصيت کي وساري ڇڏيو
يا بي مروت بڻجي ويو هو، پر اُن جي خلاف هـُـو
هميشھ ايون سان بيحد عزت سان ڳالهائيندو هو، پر
سندس هلت مان اِيئن پئي معلوم ٿيو ته ڪنهن نامعلوم
علت کان، هن پاڻ کي ڪن مسئلن ۾ ايون جو غمخوار ٿي
سمجهيو. ساڻس اِهڙي نموني گفتگو ٿي ڪيائين، ڄڻ ته
هـُـو ڪنهن ڳجهي سازش ۾ هڪٻئي سان شامل آهن. هـِـن
کانسواءِ، ڄڻ ته سندن وچ ۾ جو گفتگو ٿئي ٿو، اُهو
فقط هيءُ ٻئي سمجهي سگهن ٿا ۽ ٻئي کي اُن جي سمجهڻ
جو ڪو به ادراڪ حاصل نه آهي. اِهڙي ريت گهڻي وقت
کان ايون فيودورووچ جي نفرت اِهڙي حالتن جي هوندي،
سندس خلاف ڏينهون ڏينهن وڌندي رَهي، پر هـُـو اُن
جي حقيقي سببن کي پوءِ به سمجهي نه سگهيو هو ۽
گهڻو پوءِ، هـُـو اُن جي بنياد کي سمجهي سگهيو هو.
هن ناپسندي ۽ غصي جي جذبات کان، هـُـن چاهيو ٿي ته
سميرڊياڪوف کي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ کانسواءِ، دروازي کان
گذري وڃي، پر سميرڊياڪوف بينچ کان اُٿي بيٺو ۽
سندس عمل مان ايون سمجهيو ته هـُـو خاص طرح ساڻس
ڳالهائڻ گهري ٿو. ايون کيس ڏٺو ۽ بيهي رهيو. حقيقت
هيءَ هئي ته هـُـو اُتان گذرڻ جي بجا ترسيو هو،
ٿورو وقت اڳ ۾ سندس اِهو ئي ارادو هو، پر هن
تبديليءَ جي باعث کيس غصو اَچي ويو هو. غصي ۽ نفرت
مان هن سميرڊياڪوف جي نامردي واري ۽ مريض چـَـهري
کي ڏٺو. سندس پيشاني تي گهنڊيدار وار هئا، جن کي
ڦڻي ڏنل هئي. سندس کٻي اک شيطانيت سان چمڪي رَهي
هئي، ڄڻ چئي رهي هئي ته، ”تون هتان آساني ۽ سادگي
سان گذري نه سگهندين ۽ تون ڏسين ٿو ته اَسان ٻه
سياڻا ماڻهو ڪجهه هڪٻئي سان ڳالهائينداسون.“
ايون لـُـڏيو ۽ چوڻ گهريائين ته، ”دور ٿي بدقسمت
بيوقوف، منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي. “ پر هـُـن اُن
جي بدران کانئس پڇيو ته، ”منهنجو پيءُ ننڊ ۾ آهي
يا جاڳي ٿو؟“
هن کانئس هي سوال نرمي ۽ نماڻائيءَ سان ڪيو ۽ پاڻ
تي عجب کائڻ لڳو ۽ هڪدم وري پاڻ تي عجب کائيندي
بينچ تي ويهي رهيو. ٿوري وقت لاءِ هـُـن پاڻ کي
ڊنل سمجهيو، جو پوءِ کيس چڱيءَ ريت ياد ٿي آيو.
سميرڊياڪوف سندس سامهون بيٺو رهيو. سندس پٺيءَ
پويان هئا ۽ هـُـو کيس سخت نظر سان نهاري رهيو هو.
”هـو عزت ماب اَڃا تائين ننڊ ۾ آهي. ” ڄڻ ته هن
غصي مان ڄاڻي واڻي چوڻ ٿي گهريو ته ”تو ئي
پهريائين مون سان ڳالهايو آهي نه مان.“ هن پوءِ
چيو ته، ”اوهان کي ڏسي سائين مون کي عجب ٿو لڳي“.
ٿورو وقت چپ ٿي ويو ۽ پنهنجون اکيون مڪاريءَ سان
زمين ۾ هنيائين ۽ پنهنجي سڄي پير کي وڌائي، پنهنجي
پالش ٿيل بوٽ جي نوڪ سان کيڏڻ لڳو.
ايون دخل ڏيندي ۽ غصي مان کيس چيو ته، ”مون کي ڏسي
توکي ڇو عجب لڳو آهي.“ هـُـن پاڻ کي ضابطي ۾ رکڻ
گهريو. اوچتو هن محسوس ڪيو، ته اُن جي اَندر حيرت
جهڙي حالت پيدا ٿي آهي ۽ هـُـو ڪڏهن به ۽ ڪنهن به
حالت ۾، پاڻ کي تسلي ڏيڻ کانسواءِ، اُتان نه
چـُـري.
سميرڊياڪوف اوچتو پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽
اُنسيت مان مشڪندي کيس چيو ته ”ڇو تون شرماشينا نه
ٿو وڃين. مان ڇو مشڪي رهيو آهيان، تون اُن مان پاڻ
کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهين ٿو. جيڪڏهن ٿورو عقل
رکين ٿو ته توتي هن حقيقت جي وضاحت ٿي ويندي.“
”مان ڇو شرماشينا وڃان؟ ” ايون عجب مان کانئس
پڇيو.
سميرڊياڪوف وري چـُـپ ٿي ويو.
ٿوري ويرم رکي، هن آهستگيءَ سان اِهڙي ريت
ڳالهايو، ڄڻ ته سندس جواب کي ڪا به اهميت ڪانه
آهي، ”فيودورپاولوچ“ به ته اوهان کي اِهو ئي عرض
ڪيو هو. ٻيو سبب اوهان جي ترسائڻ لاءِ اِهو اَٿم
ته اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو اٿم.
”واهيات، ڳالهاءِ، توکي ڇا کپي!، ايون غصي مان
کيس جواب ڏنو، هـُـو هاڻي نهٺائي کان گذري غضبناڪ
بڻجي ويو هو.
سميرڊياڪوف پنهنجي سڄي پير کي کڻي کٻي سان ملايو ۽
پاڻ کي مٿي ڇڪيائين پر اَڃا به مشڪندي، ساڳي ڳنڀير
حالت سان کيس نهاريندو رَهيو.
”مضمون جي لحاظ کان ته ڪجهه به نه پر ڳالهه ٻولهه
جي لحاظ کان ڪجهه چوڻو اَٿم.“
وري چـُـپ ٿي ويا، هنن هڪٻئي سان منٽ کن ڪجهه به
نه ڳالهايو. ايون چڱو سمجهيو ته هـُـو اُٿي بيهي ۽
پنهنجي غصي جو اظهار ڪري. هوڏانهن سميرڊياڪوف اُٿي
بيٺو هو ۽ ڏسڻ ۾ اِئين پئي آيو ته هـُـو اندازو
لڳائي رَهيو آهي ته ايون ڪاوڙجي ٿو يا نه. ايون جي
به اِهڙي حالت هئي. آخر هـُـو اُٿڻ لاءِ چـُـريو.
سميرڊياڪوف اُن گهڙيءَ کي وڃائڻ نه گهريو.
”ايون فيودورووچ مان نهايت خطرناڪ حالت ۾ آهيان.
مون کي ڪا به خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي ريت پنهنجي
مدد ڪريان. ” هـُـن محڪم اِرادي سان هي لفظ چيا ۽
آخري لفظ چوندي هن ٿڌو ساهه کنيو. ايون فيودورووچ
وري ويهي رَهيو.
”هـُـو ٻئي بلڪل سودائي ۽ جذباتي آهن ۽ ننڍڙن
ٻارن جهڙا آهن.“ سميرڊياڪوف ڳالهائيندو رَهيو.
”مان تنهنجي عزيز والد ۽ تنهنجي ڀاءُ دمتري
فيودورووچ جي متعلق ڳالهائي رَهيو آهيان. هتي
فيودورووچ جڏهن اُٿي ٿو ته مون کي تڪليف ۾ وجهڻ
شرع ڪري ٿو. هـُـو سوال ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته،
هـُـوءَ آئي هئي؟ ڇو نه آئي؟ اِهڙي قسم جا سوال
اَڌ رات تائين ۽ اُن کان پوءِ به هلندا رهن ٿا.
جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊروونا نه ٿي اَچي (ظاهر
آهي ته هوءَ هيڏي اَچڻ پسند نه ٿي ڪري) ته هيءُ
وري صبح ٿيندي ئي، مون تي حملو ڪري ڏيندو ته، ڇو
هو نه آئي؟ هوءَ ڪڏهن ايندي؟. ڄڻ ته هي سڀ ڪجهه
منهنجو ڏوهه آهي. ٻيو پاسو به چڱو نه آهي. جيئن ئي
رات جي اونداهي ايندي آهي يا اُن کان اڳڀرو،
تنهنجو ڀاءُ اَچي ظاهر ٿيندو. سندس هٿ ۾ بندوق
هوندي آهي. هـُـو چوڻ لڳندو آهي ته ”هيڏي ڏس
بدمعاش، يخني ٺاهڻ وارا، جيڪڏهن تو، هن جي بابت
ڪوڙ ڳالهايو ۽ مون کي هيءُ نه ٻڌايو ته هوءَ هتي
آئي هئي يا نه؟ ته مان توکي ماري ڇڏيندس. جڏهن رات
گذرندي آهي ۽ صبح ٿيندو آهي ته هو به فيودورووچ
وانگر مون کي تڪليف ڏيڻ شروع ڪندو آهي ۽ مارڻ
تائين وڃي پهچندو آهي. هـُـو پڇندو آهي ته هوءَ ڇو
نه آئي؟ هوءَ جلدي ايندي؟ هـُـو پڻ مون کي هن لاءِ
گنهگار سمجهندو آهي ته ڇاڪاڻ ته سندس بيگم صاحبه
نه آئي آهي. سڀ ڪنهن ڏينهن، سڀ ڪنهن ڪلاڪ ۾، هـُـو
سخت غصي ۾ ڀرجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو ڪنهن ڪنهن
وقت مان اِيئن سوچيندو آهيان ته هن خوف کان پاڻ کي
ماري نه وجهان. مان هنن تي ڪو به اعتبار ڪري نه ٿو
سگهان، سائين.“
ايون غصي مان کيس چيو ته ”تو ڇو تڪرار ڪيو؟ دمتري
فيودورووچ جي لاءِ تو ڇو جاسوسي شروع ڪري ڏني؟“
”مان هن تڪرار کان پاڻ کي ڪهڙي ريت بچائي ٿي
سگهيس. جيتوڻيڪ، سچ پچ ته مون ڪو به تڪرار ڪو نه
ڪيو هو. توکي ته صحيح حقيقت جي خبر به آهي. مان
شروع کان وٺي خاموش رهيو هوس. جواب ڏيڻ جي به
توفيق نه هيم. پر دمتري مون کي پنهنجو نوڪر ٿي
سمجهيو. اُن وقت کان وٺي، هو لڳاتار منهنجي پوئتان
پيو آهي ۽ چوندو ٿو رَهي ته ”اي رذيل! جيڪڏهن هوءَ
هن گهر ۾ داخل ٿي ته توکي ماري ڇڏيندس. مون کي ته
خوف ٿو ٿئي سائين. مان سمجهان ٿو ته سڀاڻي مون تي
وڏو جنون جو حملو ٿيندو.“
”جنون جي وڏي حملي کان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“
”جنون جو وڏو حملو - اُهو جو گهڻو وقت هلندو آهي،
ڪيئي ڪلاڪ. اَڃا به هڪ يا ٻه ڏينهن. هڪ ڀيرو هي
ساندهه ٽي ڏينهن هليو. مان اُن وقت مٿئين ڪمري کان
هيٺ ڪـِـري پيو هوس. هيءَ ڇڪتاڻ ڍري ٿي ته ٻي ڀيري
وري ٽن ڏينهن تائين هوش ۾ اَچي نه سگهيس.
فيودورپاولووچ، هرزينسٽيوب کي گهرائي ورتو. ڊاڪٽر
منهنجي مٿي تي برف رکرائي ۽ اُن کان سواءِ ٻيو به
علاج ڪيائين.... مان شايد مري وڃان ها.“
”پر ماڻهو چوندا آهن ته جڏهن هي دماغي دورو پوندو
آهي ته ڪو به يقين سان اڳ ۾ اُن بابت ٻـُـڌائي نه
سگهندو آهي. تون ڪيئن ٿو چوين ته سڀاڻي، توتي اُن
جو اَثر ظاهر ٿيندو. ” ايون کانئس، خاص غصي ۽ حيرت
جي ملاوٽ سان هي معلوم ڪرڻ گهريو.
هيءُ ظاهر آهي ته تون اڳ ۾ ٻـُـڌائي نه ٿو سگهين.
اُن کانسواءِ جڏهن تون وري ڪنهن مٿانهين ڪمري مان
ڪـِـري پوين.“
"مان ڏهاڙي مٿئين ڪوٺيءَ تي چڙهي ويندو آهيان. ٿي
سگهي ٿو، ته مان اُتان سڀاڻي وري ڪـِـري پوان.
جيڪڏهن اِيئن نه ته مان ڏاڪڻ جي ڪنهن ڏاڪي تان
ڪـِـري پوان. ڇاڪاڻ ته مان روزانو اُن تي لهان ۽
چڙهان ٿو."
ايون کيس گهڻو وقت گهوريندو رهيو.
”مان ڏسان ٿو ته تون بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪندو
ٿو رَهين. مان ته توکي سمجهي ئي نه ٿو سگهان.“
ايون کيس آهستي پر ڌمڪي ڏيندي چيو. ”تنهنجو مطلب
اِهو ته سڀاڻي تون مڪاريءَ سان ٽن ڏينهن لاءِ
بيمار ٿي پوندين. واهه.“
سميرڊياڪوف جو وري زمين ڏي نهاري رهيو هو ۽ پنهنجي
بوٽ جي اڳئين حصي سان کيڏي رَهيو هو، پنهنجي پير
کي هيٺ ڪيائين ۽ کٻي پير کي اڳتي وڌائي، مسخريءَ
جي نموني ڏند ڪڍي چوڻ لڳو ته:
”جيڪڏهن مون ۾ اِهڙي فريب کيڏڻ جي طاقت هجي ها
يعني اِهڙي جنون جي دوري کي مڪاريءَ سان آڻي سگهان
هان ته اِهو اُن ماڻهوءَ لاءِ نهايت آسان آهي، جو
اُن جو هيراڪ ٿئي ٿو. مون کي ته پورو پورو حق آهي
ته مان اهڙين ڳالهين کي استعمال ڪري، پاڻ کي موت
کان بچايان. جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊرووينا کڻي
پنهنجي پيءُ کي ڏسڻ به اچي، ته هـُـو بيمار ماڻهو
کان ڪجهه به پڇي نه سگهندو ” اِهڙي سوال ڪرڻ وقت
هـُـو شرمندو ٿيندو.“
”کڏ ۾ وجهه سڀني کي. ” ايون رڙ ڪري چيو، سندس
منهن مان ڪاوڙ بکڻ لڳي. ”تون هميشھ پنهنجي حياتيءَ
لاءِ ايڏو ڇو ٿو ڊڄندو رهين؟ منهنجي ڀاءُ دمتري
جون هي سڀئي ڌمڪيون فقط زباني آهن، جن جو ڪو به
مطلب نه آهي. هـُـو توکي ڪونه ماريندو.“
”هـُـو سڀ کان اڳ ۾ مون کي مک وانگر مروڙي
ڇڏيندو. مون کي اَڃا به وڌيڪ هيءُ خوف ٿو ٿئي ته
هـُـو جڏهن پنهنجي پيءُ سان جنون جو ڪو فعل اختيار
ڪندو ته هـُـو اُن سان گڏ مون کي به شامل ڪندو."
"هـُـو توکي اُن سان گڏ ڏوهه جو ڀائيوار ڇو
سمجهندو؟“
”هـُـو مون کي ساڻس شريڪ جرم سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته
مان کيس ڳجهن اشارن جي خبر ڏيندو رهيو آهيان.“
”ڪهڙيون نشانيون؟ ۽ تو، ڪنهن کي ٻڌايون آهن؟ خدا
توسان سمجهي، ڪجهه کـُـلي ڳالهه ڪر.“
”مان ٻـَـڌل آهيان ته حقيقت کي قبول ڪريان.
سميرڊياڪوف منطقي بڻجي، اطمينان سان چٻي چٿي چوڻ
لڳو ته،“ هن ڪم ۾ منهنجي ۽ فيودورپاولووچ جي وچ ۾
هڪ راز آهي. جيئن تون ڄاڻين ٿو ۽ فقط تون ئي ڄاڻين
ٿو، ته هن پاڻ کي ڪيترن ڏينهن کان بند ڪري ڇڏيو
آهي. خاص طرح شام کان، جڏهن رات اَچي ٿي. گهڻن
ڏينهن کان تون ماڙيءَ تي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ سويرو
شام جو ويندو آهين. ڪالهه ته تون هيٺ لٿو ئي نه
هئين، اُن ڪري شايد توکي خبر نه هجي ته هن ڪهڙيءَ
ريت خبرداريءَ سان رات جو پاڻ کي بند ڪرڻ شروع ڪيو
آهي. جيڪڏهن گريگري ويسلبووچ دروازي ڏي ايندو آهي
ته ايستائين کيس دروازو نه کوليندو آهي، جيستائين
اُن جو آواز نه ٻڌندو آهي. پر گريگري هاڻي وٽس
گهڻو نه ايندو آهي، ڇو ته مان اَڪيلو سندس ڪمري ۾
موجود هوندو آهيان. هيءُ بندوبست آهن، جي هـُـن
اگرافينا اليگزينڊووينا جي لاءِ ڪري ڇڏيا آهن. پر
رات جي وقت سندس حڪم سان مان پنهنجي رهائشگاهه تي
ويندو آهيان ۽ اَڌ رات تائين جاڳندو آهيان ۽
ٽـُـوهه ۾ هوندو آهيان. مان اَڱڻ ۾ گهمندو رهندو
آهيان ته متان اگرافينا اليگزينڊرووينا اَچي وڃي.
ٿورن ڏينهن کان هـُـو جنوني بڻجي ويو آهي ۽ اُميد
ٿو رکي ته هـُـو وٽس ايندي. هـُـو اُن لاءِ جي
دليل ڏئي ٿو، سي هيءُ آهن ته هـُـوءَ دمتري
فيودورووچ کان بيحد ڊڄي ٿو. (هـُـو کيس متيا ٿو
سڏي.) اِهڙي ريت هـُـو چوي ٿو ته هوءَ پٺئين پاسي
کان ايندي، رات جو دير سان مون ڏي ضرور ايندي. تون
کيس اَڌ رات تائين يا اَڃا به دير تائين ڏسندو ڪر.
جيڪڏهن هـُـوءَ اچي ته ڊوڙي اَچي دروازي کي کڙڪاءِ
يا باغ کان منهنجي دريءَ تي کڙڪو ڪر. پهريائين ٻه
ڀيرا آرام سان کڙڪاءِ پوءِ ٽي ڀيرا تڪڙو تڪڙو
کڙڪاءِ. مان يڪدم سمجهي ويندس ته هوءَ آئي آهي ۽
مان آهستگيءَ سان دروازو کوليندس. ٻيو اِشارو جو
هـُـن مون کي ڏنو آهي، اُهو اُميد جي خلاف هئڻ
واري حالت بابت آهي. پهريائين ٻه کڙڪا، ٿوري وقت
کانپوءِ وري ڪجهه وڏي آواز سان کڙڪا ۽ جنهن مان
هـُـو سمجهي ويندو ته اوچتو ڪجهه ٿي پيو آهي.
هـُـو پوءِ منهنجي لاءِ دروازو کوليندو ته مان وڃي
ساڻس ڳالهايان. هيءُ سڀ اِنهيءَ حالت ۾ هوندو ته
جي اگرافينا اليگزينڊرووينا پاڻ نه آئي هجي ۽ سندس
ڪو پيغام آيو هجي. اُن کان سواءِ متان دمتري اَچي
وڃي ۽ اگرافينا اليگزينڊرووينا، اُن وقت وٽس موجود
هجي ته مان هن لاءِ ٻـَـڌل آهيان ته اِهڙو اطلاع
کيس هڪدم پهچايان. اُن حالت ۾ مون کي ٽي ڀيرا کڙڪا
ڪرڻا پوندا. اِهڙي ريت پهرئين اِشاري موجب پنجن
کڙڪن مان مطلب آهي ته اگرافينا آئي آهي. ٻي اشاري
موجب ٽن کڙڪن کان مطلب آهي ته ڪا خاص ڳالهه مون کي
ٻڌائڻي آهي. هن جناب مون کي ڪيئي ڀيرا اِهو
ٻـُـڌايو آهي ۽ سمجهايو آهي. جيئن، ته سڄي ڪائنات
۾ ڪو به هنن اشارن کي، مون کان سواءِ ۽ هـُـن جناب
کانسواءِ نه ٿو ڄاڻي، اُن ڪري هـُـو دروازي کي بنا
ڪنهن ٿوري هٻڪ جي به کولي ڇڏيندو. (هـُـو سڏ ڪرڻ
کان بـُـري طرح خوفزده آهي). ها، هاڻي هي اِشارا
به دمتري فيودورووچ کي معلوم ٿي ويا آهن.“
”ڪيئن هن کي معلوم ٿيا آهن؟ ڇا توئي کيس ٻـُـڌايو
آهي؟ توکي ايتري همٿ ڪيئن ٿي، جو تو، کيس اِهي
ٻڌائي ڇڏيا آهن؟“
مان هيءُ سڀ ڪجهه خوف کان ڪيو آهي. مون کي ڪهڙي
طاقت هئي، جو هيءُ مان اُن کان لڪائي سگهان ها؟ ”
دمتري هر روز مون تي دٻاءُ آڻي رهيو هو ۽ چوي پيو
ته، ”تون مون کي ٺڳين ٿو ۽ مون کان ڪجهه لڪائي
رهيو آهين. مان تنهنجون ٻئي ٽنگون ڀڃي ڇڏيندس.
اِنهيءَ ڪري مان کيس اِهي رازداراڻا اشارا ۽ نشان،
اِنهيءَ ڪري ٻڌائي ڇڏيا ته هـُـو مون کي پنهنجو
طرفدار سمجهي ۽ راضي ٿي خيال ڪري ته مان کيس ٺڳي
نه رهيو آهيان پر اُٽلو جو ڪجهه مون وٽ آهي، اُن
کي ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان.“
”جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته اِنهن اشارن جو فائدو
وٺندو ۽ اندر اَچڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُن کي اندر
اَچڻ نه ڏي.“
”پر جيڪڏهن اُن وقت مون کي دورو ٿي پوي ته مان
کيس اندر اَچڻ کان ڪهڙي ريت روڪي سگهندس. توڙي کڻي
مان روڪڻ جي کيس ڪوشش به ڪريان، پر اوهان کي خبر
آهي ته هـُـو ڪيتري قدر نه خطرناڪ آهي.“
”کڏ ۾ وجهينس! پر توکي اِهو ڪيئن ٿو يقين اَچي ته
توکي اُن وقت دورو پئجي ويندو؟ ڇا تون مون تي کلي
رهيو آهين؟“
”مان اوهان تي ڪهڙي ريت کلڻ جي همٿ ڪري سگهان ٿو.
هن خوف ۾ مون کي ڪيئن کلڻ ايندو. مان محسوس ٿو
ڪريان ته مون کي دورو اَچي رهيو آهي. مان سندس
اظهار کي سمجهان ٿو. خوف ئي هن شيءِ کي منهنجي
مٿان آڻي ٿو.“
”هن دوري جي ستياناس ٿي! جيڪڏهن توکي دورو پئجي
وڃي ته گريگري نگهباني تي هوندي. کيس سڀئي اشارا
سمجهائي ڇڏ. مون کي پـَـڪَ آهي ته هـُـو کيس ڪڏهن
به اندر نه ڇڏيندو.“
مان پنهنجي مالڪ جي حڪم کانسواءِ، کيس ڪڏهن به
اِهي اشارا نه ٻڌائيندس. اُن کانسواءِ گريگري کي
هيءُ ٻڌايان ۽ کيس آگاهه ڪريان، هـُـو ته اڳ ۾
بيمار آهي ۽ مارفا ايگنٽيوينيا، سڀاڻي اِرادو ڪيو
آهي ته کيس دوا وٺي ڏئي. هنن پاڻ ۾ ٿورو وقت ٿيو
آهي، جو اِها صلاح ڪئي آهي. مارفا جي علاج جو اِهو
طريقو توجهه جي لائق آهي. مارفا جا دوا استعمال
ڪندي آهي، اُن کي پاڻ تيار ڪندي آهي ۽ پاڻ تائين
محدود رکندي آهي. اِها هڪ عجيب شيءِ آهي، جا هوءَ
جهنگلي ٻوٽين مان بڻائيندي آهي. کيس اِهو راز
معلوم آهي، ۽ سال ۾ ٽي ڀيرا گريگري کي اِها ڏيندي
آهي، جڏهن جڏهن سندس ڪمر ۾ درد ٿيندو آهي ۽ اُن جي
اَثر هيٺ ايندو آهي ته هيءَ سندس اِهو علاج ڪندي
آهي. هـُـوءَ ٽوال کڻي اُن دوا ۾ ٻوڙيندي آهي ۽
سندس جي پٺيءَ کي مهٽيندي آهي، تان جو اَڌ ڪلاڪ
کان پوءِ سندس سڄي پٺي ڳاڙهي ٿي ويندي آهي ۽
سـُـڄي پوندي آهي. جو ڪجهه شيشيءَ ۾ بچندو آهي،
اُهو کيس پياري ڇڏيندي آهي. اُن لاءِ ڪا دوا به
گهرندي آهي. اُن موقعي تي هوءَ دوا مان ڪجهه پاڻ
لاءِ به ڇڏيندي آهي ۽ پاڻ پي ويندي آهي. جيئن ته
هـُـو ڪڏهن به سخت نشي وارو شراب نه پيئندا آهن،
اُن دوا جي اَثر کان سمهي پوندا آهن ۽ کين جلد ننڊ
وٺي ويندي آهي ۽ اُها گهڻي وقت تائين هلندي اَٿن.
جڏهن گريگري ننڊ مان اُٿندو آهي ته مڪمل ريت
تندرست هوندو آهي. پر مارفا کي هميشھ اِهو مٿي جو
سور رهندو آهي. جيڪڏهن سڀاڻي مارفا جو اِهڙو
اِرادو هوندو ته هـُـو ڪجهه به نه ٻڌندا، نه وري
دمتريءَ لاءِ رُڪاوٽ پيدا ڪندا. هـُـو ته گهـَـري
ننڊ ۾ هوندا.“
”ڪيڏيون واهيات ڳالهيون ڄڻ ته اِهي سڀ ڳالهيون
هڪدم ٿي پونديون. ڄڻ ته اِهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي رٿيو
ويو آهي. ايون رڙ ڪري چيو ته ”توکي دورو پوندو ۽
هـُـو ٻئي بيهوش هوندا. اِئين ته نه آهي ته سڀ
ڪنهن جو تون اڳ ۾ بندوبست ڪري رهيو آهين. ” هـُـن
اوچتو کيس ڇڏي ڏنو ۽ غصي ۾ اَچي کيس دڙڪا ڏيڻ لڳو.
”مان اِيئن ڪيئن ڪري سگهندس؟ مان اِيئن ڇو ڪندس،
جڏهن ته سڀ ڪا ڳالهه دمتري ۽ سندس منصوبن تي رکيل
آهي؟ جيڪڏهن کيس ڪجهه ڪرڻو هوندو ته ڪندو. جيڪڏهن
سندس مرضي نه هوندي ته مان زبردستي سان هن کي،
سندس پيءُ جي مٿان ڦٽي نه ڪندس.“
”پر هـُـو ڇو پنهنجي پيءُ تي چڙهي وڃي، جڏهن تون
چوين ٿو ته اگرافينا اليگزينڊرووينا ايندي ئي
ڪونه؟“ ايون غصي کان ڳاڙهو ٿيندو ويو. ”تون پاڻ
چوين ٿو ۽ مان به هت سمورو وقت رهان ٿو، مون کي
يقين آهي ته هيءُ سڀ پوڙهي جو تماشو آهي ۽ هوءَ هن
ڏي ڪڏهن به نه ايندي. دمتريءَ کي ڪهڙي پئي آهي، جو
جڏهن هوءَ موجود ئي نه هجي ته هـُـو هليو اَچي.
ڳالهاءِ، مان هيءُ ڄاڻڻ گهران ٿو ته تون ڪهڙو خيال
ڪري رهيو آهي؟ “
”تون ڄاڻين ٿو ته هـُـو ڇو ايندو؟ مان جو ڪجهه
خيال ڪريان ٿو، اُن مان ڪهڙو فائدو؟ هـُـو جناب
فقط اِنهيءَ لاءِ ايندو، ڇاڪاڻ ته هـُـو منهنجي
بيماريءَ تي غصي ۾ هوندو يا شڪ ۽ شبهي ۾ مبتلا ٿي
ويندو. هـُـو هڪدم اندر گهڙي پوندو، جيئن هن
پنهنجي بي صبريءَ کان ڪالهه ڪيو هو ته جيئن ڪوٺين
کي ڳولهي پـَـڪ ڪري ته هـُـوءَ چالاڪيءَ سان کانئس
لڪي ته نه ويئي آهي. هن کانسواءِ کيس پوري ريت خبر
آهي ته فيودورپاولووچ وٽ هڪ وڏي لفافي ۾ ٽي هزار
روبل آهن، جو لفافو، هڪ ڪپڙي جي سنهي پٽيءَ سان
ٻڌل آهي، جنهن تي ٽي مهرون موجود آهن، جنهن جي
مٿان سندس هٿ اکرن سان لکيل آهي ته ”هي منهنجي
ملائڪ گروشينڪا لاءِ آهن، جيڪڏهن هوءَ اَچي.“ ٽي
ڏينهن پوءِ، هـُـن اُن تي وڌيڪ لکي ڇڏيو آهي.
”منهنجي چوزيءَ لاءِ. سڄو خطرو هن ۾ آهي.“
ايون پاڻ کي سنڀاليندي رڙ ڪري چيو ته، ”بيوقوف،
دمتري ڪڏهن پيسن چورائڻ ۽ منهنجي پيءُ کي قتل ڪرڻ
لاءِ نه ايندو. ڪالهه هـُـو گروشينڪا جي ڪري، شايد
کيس ماري ڇڏي ها. ڇاڪاڻ ته هـُـو جذباتي ۽ وحشي
بيوقوف آهي، پر هـُـو چوري ڪڏهن به نه ڪندو.“
”کيس هاڻي پيسي جي ڏاڍي ضرورت آهي. تمام وڏي ۾
وڏي ضرورت ايون فيودورووچ. توکي خبر نه آهي ته
هـُـو ڪهڙي ضرورت ۾ آهي.“ سميرڊياڪوف نهايت يقين ۽
پختگيءَ سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. ”هـُـو
اِنهن ٽن هزارن تي پنهنجو حق ٿو سمجهي. هـُـن مون
کي چيو ٿي ته منهنجي پيءُ کي اَڃا مون کي ٽي هزار
روبل ڏيڻا آهن. پر هن کانسواءِ اَڃا ٻي به ڳالهه
آهي، جا وسهڻ جهڙي آهي. اگرافينا اليگزينڊرووينا،
جيڪڏهن کيس هن لاءِ پرواهه آهي ته مٿس زور ڀريندي
ته هـُـو ساڻس شادي ڪري. منهنجو مطلب پنهنجي آقا
فيودورپاولووچ کان آهي. جيڪڏهن کيس هـِـن لاءِ
ڪاڻِ آهي. مان سمجهان ٿو ته کيس اِهو غرض هوندو.
جو ڪجهه به مان چيو آهي، اُن مان مطلب هيءُ ٿو
نڪري ته هوءَ نه ايندي. پر ٿي سگهي ٿو ته هوءَ هن
کان به دور ڏسندي هجي. منهنجو مطلب آهي ته هوءَ
متان گهر جي مالڪياڻي ٿيڻ گهري. مون کي خبر آهي
سامسونوف سندس واپاري، ساڻس کلي، چئي رهيو هو ته
ڪا به اِهڙي بيوقوفي جي ڳالهه نه ڪجان، ۽ هوءَ وڏي
حساس عورت آهي. دمتري فيودورووچ جهڙي پينو سان
هوءَ ڪڏهن به شادي نه ڪندي. هن ڳالهه کي ڌيان ۾
وٺڻ سان ايون فيودورووچ توکي خيال ڪرڻ گهرجي ته
پوءِ نه دمتري فيوڊورووچ نه تون نه وري تنهنجو
ڀاءُ اليگزي فيودورووچ، آقا جي موت کان پوءِ ڪجهه
حاصل ڪري سگهندا. هڪڙي روبل به نه. ڇاڪاڻ ته
اگرافينا اليگزينڊرووينا، هـن سان فقط شادي ئي
اِنهيءَ لاءِ ڪندي ته سندس سڄي ملڪيت تي قبضو ڪري،
پر جيڪڏهن اوهان جو پيءُ هاڻي مري وڃي ته مون کي
پـَـڪ آهي ته وٽس چاليهه هزار روبل کن ٿيندا. اُن
مان دمتري فيودورووچ کي به حصو ملي ويندو، جنهن کي
هـُـو بيحد ڌڪاري ٿو. هـُـن ڪا به وصيت ڪانه ڪئي
آهي ۽ ..... دمتري فيودورووچ، هنن ڳالهين کي چڱي
ريت ڄاڻي ٿو.“
ايون جي چهري تي نامعلوم خوف جا آثار پيدا ٿي ويا
۽ هـُـو هڪدم ڳاڙهو ٿي ويو.
هن سميرڊياڪوف جي گفتگوءَ ۾ مداخلت ڪندي چيو ته،
”پوءِ تون مون کي ڇو شرماشينا ڏي وڃڻ جي صلاح ٿو
ڏئين؟ تنهنجو اِنهيءَ کان ڪهڙو مطلب آهي؟ جيڪڏهن
بالفرض مان هليو وڃان ته هت ڪهڙو حال ٿيندو؟ ”
ايون ساهه به ڏکيائي سان کڻي رهيو هو.
”بلڪل اِهڙيءَ طرح، اِهو صحيح آهي. ” سميرڊياڪوف،
بلڪل خبرداريءَ سان ايون ڏانهن نهاريندي، آهستگيءَ
۽ سمجهه سان چيو.
”اِهو صحيح آهي ان کان، تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ ”
ايون کيس سوال ڪيو. سندس اکين مان ڌمڪي واضح طور
تي نظر ٿي آئي ۽ هـُـو ڏاڍو مشڪل سان پاڻ کي ضابطي
۾ رکي سگهيو.
”مان توسان جو ڪجهه ڳالهايو آهي، اُهو اِنهيءَ
لاءِ ته مون کي تنهنجي لاءِ به ڏک ٿو ٿئي.
جيڪڏهن مان تنهنجي جاءِ تي هجان ته جيڪر سڀ ڦٽو
ڪري ڇڏيان.... اِنهيءَ کان جو هن حالت ۾ هجان. ”
سميرڊياڪوف صاف گوئي سان ايون جي چمڪندڙ اکين
ڏانهن نهاريندي چيو. هـو ٻئي چپ ٿي ويا.
تون هڪڙو پورو پورو بيوقوف ٿو نظر اَچين ۽ اُن کان
وڌيڪ هڪ.... خطرناڪ لـُـچُ. ” ايون اوچتو بينچ تان
اُٿي بيٺو. هـُـو سڌو دروازي مان لنگهي اندر وڃڻ
وارو هو، پر هـُـو ٿوري دير لاءِ بيهي رهيو ۽
سميرڊياڪوف ڏانهن مڙيو. اُن وقت هڪ عجيب ڳالهه ٿي
پئي. ايون غصي جي دوري کان، پنهنجي چـَـپَ ۾
چـَـڪُ وڌو، پنهنجي مـُـٺ کي ڀيڪوڙيو ۽ سميرڊياڪوف
تي جيڪر چڙهي وڃي ها، پر هن ڪنهن ريت سندس اِرادي
کي سمجهي ورتو. هـُـن ڇرڪ ڀريو ۽ پوئتي هـَـٽي
ويو. اُها گهڙي سميرڊياڪوف کي ڪنهن نقصان پهچائڻ
کانسواءِ گذري وئي. ايون خاموشيءَ سان، مونجهاري
جي حالت ۾ دروازي ڏانهن مڙيو.
”مان سڀاڻي ماسڪو وڃي رهيو آهيان، جيڪڏهن تون
ڄاڻڻ گهرين ٿو ته سڀاڻي سويرو صبح سان. ختم. ” هن
غصي مان رڙ ڪري چيو. جيتوڻيڪ هـُـو حيران هو، ته
هـُـن اِها ڳالهه سميرڊياڪوف کي ڇو ٻڌائي.
”اِها سـُـٺي ڳالهه آهي، جا تون ڪري رهيو آهين. ”
هـُـن اِيئن ڏيکاريو ڄڻ ته کيس اُميد هئي ته هـُـو
اِيئن ئي چوندو. ” هن کانسواءِ جيڪڏهن هتي ڪجهه ٿي
به پيو ته تون ماسڪو کان آسانيءَ سان تار ڪري
سگهندين.“
ايون وري بيهي رهيو ۽ تڪڙو تڪڙو سميرڊياڪوف ڏي وڌي
ويو. پر هن ۾ به هڪ عجيب تبديلي اَچي وئي هئي.
سندس سڄي گهـَـرائي ۽ بي پرواهي پوري ريت غائب ٿي
چـُـڪي هئي. سندس چهري مان خبرداري ۽ اُميد ظاهر
ٿي ڏٺي. پر ٿوري بزدلي به نمايان هئي.
هن ايون جي چهري ۾ نگاهون کپائيندي چيو ته ”ڇا
توکي ڪجهه وڌيڪ به چوڻو آهي يا بس؟“
ايون فيودورووچ، اوچتو بي اختيار ٿي چيو ته
”جيڪڏهن هت ڪجهه ٿي پيو ته ڇا مون کي شرماشينا مان
گهرايو ويندو؟“
”هائو شرماشينا مان به توکي گهرايو ويندو.
خدانخواسته، جيڪڏهن هت ڪجهه ٿي پيو ته. ”
سميرڊياڪوف جواب ڏنو، پر ڄڻ ته ڀڻڪي رهيو هو. ظاهر
۾ بي تعلق ٿي نظر ڀر ڪنهن خيال کان، ايون جي اکين
۾ نهاري رهيو هو.
”ماسڪو پري آهي ۽ شرماشينا ويجهي. تون شايد
شرماشينا ڏي وڃڻ لاءِ اِنهيءَ ڪري زور ڀري رهيو
آهين ته اِيئن ڪندي مان پنهنجو ڀاڙو به بچائي
سگهندس ۽ ويجهو به ٿيندس.“
”بلڪل ٺيڪ“. سميرڊياڪوف ڀڻڪيو. سندس آواز شڪسته
پئي معلوم ٿيو. هن ايون ڏي طنزيه مشڪندي ڏٺو ۽
پوئتي هٽڻ لڳو. پر هن کي عجب لڳو، جڏهن هـُـن ڏٺو
ته ايون وڃي کـِـلَ ۾ پيو آهي ۽ دروازي ڏي به
کلندو ويو. جيڪڏهن کيس ڪو اُن گهڙيءَ ڏسي ها ته
سندس منهن مان معلوم ڪري ها ته هـُـو دل جي بار کي
هلڪي ڪرڻ لاءِ نه کـِـلي رهيو آهي، پر ڪنهن ٻي
خيال کان. هـُـو جيڪر سمجهائي به نه سگهي ها ته
هـُـو اُن وقت ڪهڙن جذبن جي هيٺ هيو. هـُـو
چـُـريو ۽ ڄڻ ڪنهن اعصابي دوري سان گهمي رهيو هو.
dc
باب ستون
عقلمند سان گفتگو چڱو آهي
اُن اعصابي دوري جي حالت ۾ هـُـو ڳالهائيندو ويو.
ملاقات جي ڪمري ۾ کيس فيودورپاولووچ مليو پر هو
سڌو اڳتي وڌي ويو. هٿن کي لوڏيندي کيس چوندو ويو
ته، ”مان توڏي نه ٿو اَچان، سڌو مٿي پنهنجي ڪوٺيءَ
۾ ٿو وڃان. خدا حافظ“ هـُـو گذري ويو. هـُـن پيءُ
ڏي نهاريو به نه. ٿي سگهي ٿو ته اُن وقت پوڙهو کيس
حقارت جهڙو نظر آيو هجي. هي نفرت جهڙي دشمني ڏسي،
خود فيودورپاولووچ حيرت ۾ پئجي ويو. پوڙهي چاهيو
ٿي ته فوري طور تي کيس ڪجهه ٻـُـڌائي، اُن ڪري
هـُـو ساڻس ملڻ لاءِ، ملاقات جي ڪمري ۾ هلي آيو
هو، پر هن غير مناسب گڏجاڻيءَ جي حالت ۾ هـُـو
خاموش بيهجي ويو ۽ کيس گهري نظر سان ڪوٺيءَ تي
چڙهندو ڏٺائين، تان جو هـُـو گذري ويو.
”هن کي ڇا ٿيو آهي؟ ” هـُـن سميرڊياڪوف کان رعب
مان پڇيو، جو ايون جي پويان اَچي رهيو هو.“
”ڪنهن ڳالهه تي غصي ۾ آهي، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟
” نوڪر جهيڻي آواز ۾ چيو.
”کڏ ۾ وجهينس، ڀلي ڪاوڙ ۾ هجي. تون سماور کي اندر
کڻي اَچ. هيڏي نهار، ڪا به خبر ڪانه آهي؟“
اُن کان پوءِ هن اُنهن سوالن جو سلسلو شروع ڪري
ڏنو، جن بابت سميرڊياڪوف، ايون کي دانهن ڏني هئي.
هي سڀئي سوال اُن اُميد ڀري ملاقاتي لاءِ هئا.
اُنهن سوالن کي هتي نه ٿو ڏنو وڃي. اَڌ ڪلاڪ کان
پوءِ سڄي گهر کي بند ڪيو ويو ۽ جذباتي پوڙهو،
اَڪيلو ڪوٺين ۾ ڦرندو ٿي رهيو، اِنهيءَ سوداءَ
واري اُميد ۾ ڄاڻ پنج کڙڪا ٿيا. هر هر اونداهيءَ ۾
هـُـو جهاتيون پائيندو رَهيو، پر کيس ڪجهه به نظر
نه ٿي آيو.
تمام گهڻي دير ٿي وئي هئي پر ايون اَڃا جاڳيو ٿي ۽
خيالن ۾ مبتلا هو. هـُـو اُن رات اُٿي ويهي رهيو ۽
ٻي بجي تائين اِنهيءَ حالت ۾ هو، پر اسان هتي سندس
خيالن جي تشريح کي ڏيڻ نه ٿا گهرون ۽ هيءَ مناسب
جاءِ به نه آهي ته سندس روح ۾ نهاريون. اُن جو
موقعو ايندو. جيڪڏهن سندس خيالن جي ڏيڻ جي ڪو،
ڪوشش به ڪري ته اِيئن چوڻو پوندو، ته وٽس ڪو به
خيال ڪو نه هو پر اَجايون ڳالهيون، جن مان کڙ نه
ڪو تيل. فقط منجهس جوش ٿي ڏٺو. هـُـن پاڻ محسوس ٿي
ڪيو، ته وٽانئس سهڻ جي طاقت موڪلائي وئي آهي. حيرت
۾ وجهندڙ طرحين طرحين خواهشن جي قطار وٽس موجود
هئي. مثلاً: اڌ رات جي وقت اوچتو کيس غصي ڏياريندڙ
خواهش پيدا ٿي ته هيٺ وڃي دروازو کولي ۽ رهائشي
ڪمري ۾ وڃي سميرڊياڪوف کي ڌڪ هڻي، پر جيڪڏهن کانئس
اِيئن ڪرڻ لاءِ سبب پڇيو وڃي ها ته هـُـو ٻڌائي نه
سگهي ها. فقط اِهو ئي سبب وسهڻ ۾ اَچي ها ته هـُـو
اُن نوڪر جي خلاف اِن ڪري هو، جو هـُـن سندس بي
عزتي اِهڙي ته ڪئي هئي، جو دنيا ۾ اڳ ڪنهن به سندس
نه ڪئي هئي. اُن کان سواءِ، اُن رات ڪيئي ڀيرا کيس
اسرار جهڙي خوف جو احساس ٿيندو رَهيو، جنهن کان
کيس شرمندي پئي ٿي. اِنهن حالتن هيٺ، هـُـن اِيئن
پئي سمجهيو ته سندس قوت جسماني زائل ٿي چـُـڪي
آهي. سندس مٿي ۾ سور پيدا ٿي ويو هو ۽ هـُـن پاڻ
کي پريشان ٿي سمجهيو. نفرت جو جذبو سندس دل ۾ پيدا
ٿي چـُـڪو هو ۽ هـُـن ڪنهن کان اُن جو انتقام وٺڻ
ٿي چاهيو. هـُـن اليوشا کي به نفرت سان ٿي ڏٺو.
کيس سندس گفتگو ياد ٿي آيو، جو ساڻس ڪري آيو هو.
اُن وقت هـُـو پاڻ کي به نفرت سان ڏسي رهيو هو.
ڪيٽرينا ايونونا بابت ته سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو هئائون.
خاص ڪري هي کيس پوري ريت ياد هو، ته جڏهن هن
ڪيٽرينا وٽ دليريءَ سان اعتراض وٺندي ظاهر ڪيو هو
ته هـُـو ٻي ڏينهن ماسڪو هليو ويندو، اُن وقت سندس
دل ڪجهه ڀـُـڻڪي رَهي هئي. يعني ”تون بيوقوف آهين،
سڀاڻي تون نه ويندين، اِيئن ڪونه ٿيندو، جيئن تون
هتي لاف هڻي رهيو آهين.“
گهڻو پوءِ هن رات کي ياد ڪندي، هن کي ناخوشيءَ ۾
ياد آيو ته هـُـو ڪيئن نه اوچتو صوفي کان اُٿي،
چوري چوري، اِنهيءَ خوف کان ته ڄڻ ڪو کيس ڏسي رهيو
آهي، دروازي کي کوليو هئائين ۽ ڏاڪڻ کان هيٺ لهي
ويو هو، جتي فيودورپاولوچ ڦـِـري رهيو هو. هـُـو
ڪيترو وقت سندس قدمن جي آواز کي ٻـُـڌندو رهيو.
پنج منٽ - هـُـو عجيب پريشانيءَ سان دم بخود هو ۽
سندس دل ٽپا ڏيئي رَهي هئي. هـُـن هي سڀ ڪجهه ڇو
ڪيو هو ۽ ڪن ڇو ٿي ڏنائين. هـِـن ڳالهه کي هـُـن
پاڻ به نه ٿي ڄاتو. اُن کان پوءِ هـُـن پنهنجي سڄي
عمر ۾ جڏهن به هـِـن قدم بابت پئي ٿي سوچيو ته اُن
کي پنهنجي عمر جو هڪ ناپسند ۽ بدترين عمل ٿي
سمجهيو. خير اُن وقت کيس فيودورپاولوچ جي لاءِ
نفرت جو ڪو به احساس نه هو، پر کيس فقط حيرت هئي
ته هـُـو ڄاڻي سگهي ته هـُـو هيٺ ڪيئن نه اَچي وڃي
ٿو ۽ هاڻي هـُـو ڇا ڪري رهيو هوندو. کيس هن تصور
تي عجب ٿي لڳو ته هـُـو ڪيئن نه اونداهين درين مان
جهاتيون پائي رَهيو آهي ۽ ڪوٺي جي وچ ۾ بيهي، ڪنهن
آواز کي ڌيان ڏيئي ٻـُـڌي رهيو آهي ته ڪو اَچي
کڙڪائي. ايون اِهڙي ريت ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لاءِ، ٻه
ڀيرا ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويو هو.
اٽڪل ٻه بجي جڏهن چوڌاري چپ چپات هئي، ۽
فيودورپاولوچ به بستري ۾ هو، ايون به بستري ۾ داخل
ٿيو ۽ فيصلو ڪيائين ته هڪدم ننڊ ڪندو. ڇاڪاڻ ته
هـُـن پاڻ کي غير معمولي ٿڪيل ٿي سمجهيو. هـُـو
گهري ننڊ ۾ پئجي ويو، کيس سوير ستين بجي جاڳ ٿي،
جڏهن ڪافي ڏينهن جي روشني ٿي چـُـڪي هئي. اکيون
کوليندي ئي، هن پاڻ کي، طاقتور ڏٺو. ٽپو ڏيئي
پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو لباس پهريائين
۽ پنهنجي پيٽيءَ کي ڇڪي ورتائين ۽ پنهنجي سامان کي
بند ڪرڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته اڳئين ڏينهن تي سندس ڪپڙا
ڌوٻيءَ کان آيا هئا. ايون هن حقيقت تي کليو ته هر
ڪا شيءِ سندس اوچتي الوداع ۾ مدد ڪري رَهي آهي ۽
سندس هي الوداع به يقيناًاوچتو هو. جيتوڻيڪ ايون
هڪ ڏينهن اڳ ۾، ڪيٽرينا، اليوشا ۽ سميرڊياڪوف کي
ٻڌايو هو ته هـُـو سڀاڻي وڃي رهيو آهي، پر جيئن
کيس ياد ٿي آيو ته بستري ۾ وڃڻ تائين کيس ٻاهر وڃڻ
جو ڪو به اِرادو نه هو. گهٽ ۾ گهٽ کيس خواب ۾ به
خيال نه هو ته صبح سان سندس پهريون ڪم اِهو هوندو
ته هـُـو پنهنجي پيٽي ۽ بئگ کي سفر لاءِ تيار
ڪندو. نائين بجي جو وقت هو، جو دستور موجب مارفا
ايگنٽيوينيا، کانئس پڇڻ آئي ته، ”هـُـو چانهه
پنهنجي ڪمري ۾ پيئندو يا هيٺ؟ ” هـُـو ڏاڍو سرهو
ٿي ڏٺو پر سندس لفظن ۾ ۽ اُنهن جي اَدا ڪرڻ ۾ ڪجهه
تيزي ۽ انفراديت ٿي نظر آئي. پيءُ کي کـِـلي
کيڪاريائين ۽ خاص طرح سندس صحت لاءِ پڇيائين،
جيتوڻيڪ سندس جواب جو ڪو به انتظار نه ڪيائين. هن
کان پوءِ هن ظاهر ڪيو ته هـُـو ڪنهن بهتريءَ جي
لاءِ، ماسڪو وڃي رهيو آهي، اُن ڪري گهوڙن کي
گهرايو وڃي. سندس پيءُ هن پڌرائيءَ کي ڪنهن به عجب
کان سواءِ ٻـُـڌو ۽ کانئس انسانيت جي طور تي
همدرديءَ جو اظهار وسري ويو ۽ اِيئن به چئي نه
سگهيو ته سندس جدائي ڏک ڏيندڙ آهي. اُن جي بجاءِ
هـُـو پنهنجي ضروري ڪمن ڪارين کي ياد ڪرڻ لڳو.
”تون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين، اِها حقيقت تو، مون
کي ڪالهه به نه ٻـُـڌائي آهي. خيال نه ڪر، سڀ
ڳالهه جو بندوبست ٿي ويندو. مهرباني ڪري، منهنجو
هڪڙو ڪم ضرور ڪر. واٽ تي شرماشينا ڏي وڃج. ولوويا
جي اسٽيشن کان فقط ٿورو کٻي طرف ڦيرو آهي. فقط
ٻارنهن فرلانگ کان پوءِ شرماشينا اَچي ويندو.“
”مون کي افسوس آهي، جو مان اِيئن نه ڪري سگهندس.
اِها جاءِ اسٽيشن کان اَسي فرلانگ پري آهي ۽ ماسڪو
ڏانهن ويندڙ گاڏي، رات جو ستين بجي تيار ٿئي ٿي،
مون کي اُها هٿ ڪرڻي آهي.“
”تون اِها گاڏي سڀاڻي يا ٻي ڏينهن وٺج. پر اڄ تون
شرماشينا وڃ. پيءُ کي آرام ڏيڻ لاءِ هن زحمت کي
برداشت ڪر. جيڪڏهن مون کي هتي ڪو ضروري ڪم سوگهو
نه ڪري ها ته مان پاڻ ڪڏهن جو اُتي پهچي وڃان ها.
ڇاڪاڻ ته مون کي اُتي بيحد ضروري ڪم آهي. پر مان
هتي.... هيءُ وقت منهنجي ٻاهر نڪرڻ جو نه آهي....
مون کي اُتي ڪاٺين جي جهنگ جا ٻه ٽڪرا آهن. مئلوفس
هڪ جهونو واپاري ۽ سندس پـُـٽ ديال جي ڪاٺين لاءِ
اَٺ هزار روبل ڏيئي رهيا هئا. پر گذريل سال مون
کان ٻيو واپاري گـُـسي ويو. جو ٻارنهن هزار روبل
ڏيئي رهيو هو. هتي ڪو به ڪونه آهي، جو اُن جو
خريدار بڻجي. مئلوفس کي پنهنجي لالـچ آهي. جو ڪجهه
هـُـو ڏيئي رهيو آهي، اُن کي وٺڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته
هتي ڪو به سندن خلاف واڪ ڏيڻ جي همٿ نه ڪندو.
اليانسڪو جي راهب گذريل خميس جي ڏينهن مون کي لکي
موڪليو هو ته هڪ واپاري، جنهن کي گورسٽڪن سڏين ٿا،
جنهن کي مان سڃاڻان ٿو، اُنهن جي خريداري لاءِ
تيار آهي. هـُـو جيئن ته هتان جو نه آهي، اُن ڪري
کيس مئلوفس جو ڪو به خوف نه آهي. هو چوي ٿو ته مون
کي جهنگ جي اِنهن ٻن ٽڪرن لاءِ يارنهن هزار روبل
ڏيندو. تون ٻڌين ٿو نه؟ راهب مون کي لکي موڪليو
آهي ته هـُـو اُتي فقط هڪ هفتو رهندو. سر تون هڪدم
اوڏانهن وڃ ۽ اُن سان سودو ڪري ڇڏ.“
”توهان راهب کي لکي ڇڏيو، هـُـو اُتي سودو ڪري
ڇڏيندو.“
”هو نه ڪري سگهندو. وٽس ڌنڌي واريون اکيون ئي ڪو
نه آهن. هـُـو فقط خزانچي آهي. مان کيس ويهه هزار
روبل بنا ڪنهن رسيد جي ڏئي ڇڏيا آهن ته هـُـو
منهنجي ڪمن ڪارين جي خبر گيري ڪري. پر هـُـو ڌنڌي
کان ناواقف آهي. هـُـو محض ٻار آهي ۽ کيس ڪانءُ به
ٺڳي سگهي ٿو. اُن هوندي به جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين
ته هـُـو عالم ۽ فاضل آهي. هي گورسٽڪن ڏسڻ ۾
ڪـُـڙمي آهي ۽ هيٺ نيري قبا پهريندو آهي. پر هو
عوامي بدمعاش آهي. اُن جي لاءِ هيءَ عام دانهن
آهي. اُن کانسواءِ هـُـو ڪوڙو به آهي. ڪڏهن ڪڏهن
اِهڙو ته ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، جو ٻڌندڙ کي عجب
لڳندو ته اِهڙو ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائي. هڪ سال اڳ ۾
هـُـن مون کي ٻڌايو هو ته ”سندس زال مري وئي آهي ۽
هـُـن نئين شادي ڪئي آهي. حقيقت ۾ سندس هڪ به لفظ
صحيح نه هو. سندس زال اڄ ڏينهن تائين جيئري آهي ۽
هفتي ۾ ٻه دفعا کيس موچڙا هڻندي آهي. اُن ڪري توکي
ڏسڻو آهي ته هـُـو جو ڪجهه چئي رهيو آهي، اُهو سچ
آهي يا ڪوڙ. ڇا هـُـو سچ پچ چوي ٿو ته اُنهن کي
خريد ڪندو ۽ يارنهن هزار روبل ڏيندو.“
”مان هن معاملي ۾ ڪمائتو ٿي نه سگهندس. مون وٽ به
ڌنڌي واري اک ڪا نه آهي.“
”ٿورو وقت ترس. تون ڪمائتو ٿي سگهندين. مان توکي
ڪي نشانيون ٻڌائيندس، جنهن سان تون گورسٽڪن کي
سمجهي ويندين. مان ساڻس گهڻو وقت ڌنڌو ڪيو آهي.
تون سندس ڏاڙهيءَ کي ڏسج. سندس ڏاڙهي ننڍي، منجهيل
۽ مهيندي جي رنگ جهڙي آهي. جيڪڏهن سندس ڏاڙهي
ڳالهائڻ وقت ڏڪي ۽ جذباتي بڻجي وڃي ته ٺيڪ آهي.
توکي سمجهڻ گهرجي ته هـُـو جو ڪجهه چوي ٿو، اُهو
صحيح آهي ۽ ڌنڌو ڪرڻ گهري ٿو. پر جيڪڏهن هـُـو کٻي
هٿ سان ڏاڙهيءَ کي ڌڪ هڻي ۽ ڪجهه شوخي ڏيکاري ته
سمجهڻ گهرجي ته هـُـو ٺڳي ڪري رهيو آهي. سندس اکين
کي نه ڏسجانءِ. سندس اکين مان توکي ڪجهه به حاصل
نه ٿيندو. هـُـو ڏاڍو گهرو ۽ بدمعاش آهي. سندس
ڏاڙهي کي ڏسج. مان توکي ڪجهه لکي ڏيندس، اُهو اُن
کي ڏيکارج. کيس گورسٽڪن سڏيندا آهن، جيتوڻيڪ سندس
نالو لياگوي آهي. پر کيس اِنهيءَ نالي سان نه سڏج.
کيس ڏک ٿيندو. جڏهن تون ساڻس ڪنهن ٺاهه تي پهچي
وڃين ۽ ڏسين ته ٺيڪ آهي ته مون کي هڪدم لکي موڪل.
توکي فقط لکڻ جي تڪليف ڪرڻي پوندي ته هـُـو ڪوڙ نه
ٿو ڳالهائي. يارنهن هزارن جو خيال ڪر. هڪ هزار تون
کڻ، مٿي جو خيال نه ڪجانءِ. ڪجهه خيال ڪر، اَٺن
هزارن ۽ يارهن هزارن جي تفاوت کي ڏس. ٽن هزارن جو
فائدو ڪو ٿورو نه آهي. ٻيو خريدار ملڻ به مشڪل آهي
۽ مون کي پيسي جي سخت ضرورت آهي. فقط مون کي اها
خبر ڏي ته هن ۾ صداقت آهي ۽ مان اُن ڏي ڊوڙي
پوندس. مان ڪنهن ريت وقت ڪڍي وٺندس. پر جيڪڏهن
راهب جو هي خيال آهي ته اوڏانهن وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت
آهي. ڪيئن تون ويندين نه؟“
”مان ڪنهن به ريت وقت بچائي نه ٿو سگهان. مون کي
معاف ڪريو.“
”توکي پنهنجي پيءُ تي ٿورو ڪرڻ گهرجي. مان هن کي
وساري نه سگهندس. ڇا وٽس دل نه آهي، جو تون هن
لاءِ سوچي سگهين. هڪ يا ٻن ڏينهن جي ڪهڙي ڳالهه
آهي! تون هاڻي ڪاڏي وڃي رهيو آهين -وينس؟ وينس ۾
تون کڻي ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ رهي پئجان. مان جيڪر
اليوشا کي اوڏانهن موڪليان ها، پر اِهڙي معاملي ۾
اليوشا ڇا ڪري سگهندو؟ مان توکي اِنهيءَ ڪري ئي
موڪلي رهيو آهيان، جو تون سياڻو آهين. تون سمجهين
ٿو ته مان اِها ڳالهه چڱي ريت سمجهان ٿو. توکي
ديال جي ڪاٺين جي ڪا به خبر نه آهي، پر تو وٽ
اکيون آهن. فقط هيءَ ڳالهه ڏسڻي آهي ته اُن ماڻهو
وٽ انتظاري آهي. مان توکي جيئن چوان ٿو، تون فقط
سندس ڏاڙهيءَ کي ڏسج. جيڪڏهن سندس ڏاڙهي ڏڪي ته
ڄاڻج ته کيس انتظار آهي.“
تون مون کي پاڻ اُن واهيات جاءِ شرماشينا ڏي زور
ڪري موڪلي رهيو آهين؟“
ايون ڪيني جي نموني مشڪندي چيو.
فيودورپاولووچ ڪيني واري نموني کي ته نظر اَنداز
ڪري ڇڏيو، پر سندس مشڪڻ کي خيال ۾ ورتائين.
”ها تڏهن تون ويندين ۽ ضرور ويندين، مان تنهنجي
لاءِ نوٽ هاڻي ئي لکي وٺان ٿو.“
”مون کي خبر نه ٿي پوي ته اوڏانهن ويندس يا نه؟
مان اِهو رستي ۾ فيصلو ڪندس.“
”بيوقوف! اِهو يڪدم فيصلو ڪر. منهنجا پيارا، اِهو
هڪدم فيصلو ڪر. جيڪڏهن تون اِهو فيصلو ڪرين ته مان
هڪ سـِـٽَ لکي وٺان. تون لکي راهب کي ڏج، هـُـو
پاڻيهي مون ڏي موڪلي ڏيندو. مان توکي گهڻو وقت نه
ٿو ترسايان، تون پوءِ وينس هليو وڃ. راهب توکي
وولويا اسٽيشن تائين گهوڙو ڏيندو.“
پوڙهو نهايت خوش هو. هـُـن خط لکي ورتو ۽ گهوڙن
لاءِ ماڻهو موڪليائين. هلڪي ناشتي کي برانڊي سان
پيش ڪيو ويو. جڏهن جڏهن فيودورپاولووچ خوشيءَ ۾
اَچي ويندو هو ته خرچائو بڻجي ويندو هو. هـُـن هڪ
لفظ به نه ڪڇيو. هن جدائي جو مٿس ڪو به اَثر نه
هو، پر اُٽلو کانئس ڪجهه چوڻ وسريو ٿي ويو.
دمتريءَ لاءِ هن هڪ حرف به نه چيو. ايون کيس خاص
طرح ڏسندو ۽ سمجهندو رهيو. هن خيال ڪيو ته ”هو مون
کان ڪڪ ٿي پيو هو. ”جڏهن پنهنجي پٽ سان گڏجي، ڏاڪن
کان هيٺ لهي آيو ته پوڙهي تي ڪجهه اَثر پيو. هـُـو
جيڪر کيس چمي ڏئي ها پر ايون تڪڙ مان سندس هٿ کي
جهلي ورتو. ظاهر ظهور سندس چمي کان پاسو ڪري
ورتائين. سندس پيءُ هيءُ ڏٺو ۽ پاڻ کي پوئتي ڇڪي
ورتائين.
”خوش قسمتي تنهنجو ساٿ ڏئي، خوش قسمتي تنهنجو ساٿ
ڏئي. ” هـُـو ڏاڪن تان چوندو رهيو. ”تون وري اڳي
پوءِ موٽي ايندين ۽ ضرور اَچج. مان هميشھ توکي ڏسي
خوش ٿيندس. خير، عيسيٰ مسيح تنهنجو حافظ هجي.“
ايون گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺو.
”خدا حافظ ايون. اُميد ته تون مون کان ناراض نه
هوندين. ” پڻس کيس آخري ڀيرو واڪو ڪري چيو.
سڄو گهر جو گهر کانئس موڪلائڻ آيو. سميرڊياڪوف،
مارفا ۽ گريگري. ايون هر هڪ کي ڏهه روبل ڏنا. جڏهن
هـُـو گاڏي ۾ ويٺو ته سميرڊياڪوف اندر آيو ۽ سندس
پيرن ۾ پيل غاليچي کي درست ڪيو.
”توکي خبر آهي، مان شرماشينا وڃي رهيو آهيان. ”
ايون چوڻ شروع ڪيو. لفظ سندس زبان مان ڪـِـرڻ
لڳا، جيئن اڳئين ڏينهن پنهنجو پاڻ ڪري رهيا هئا ۽
هـُـو خاص اعصابي ۽ خاص کـِـل کلڻ لڳو. هن کي
هـُـو پوءِ به گهڻو وقت ياد ڪندو رهيو.
”تڏهن اِهو سچ چئي ويا آهن ته ” ڪنهن عقلمند سان
گفتگو ڪرڻ چڱو آهي.“ سميرڊياڪوف، ايون کي وضاحت
سان ڏسندي، پختگيءَ سان چيو.
گاڏي هلي پئي. ايون جي روح ۾ ڪا به ڳالهه صاف نه
هئي، پر هـُـو نهايت شوق مان چوڌاري، زمينن،
ٽڪرين، وڻن ۽ آڙين جي ولرن کي، جي سندس مٿان
چمڪندڙ آسمانن ۾ اڏامي رهيون هيون، نهاري رهيو هو.
اوچتو هـُـو خوشيءَ سان ڀرجي ويو. هن ڪوچبان سان
ڳالهائڻ گهريو ۽ اُن هاري جي جواب کان بيحد خوش
ٿيو. مگر هڪ منٽ کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته اُن
هاري جي جواب مان ڪا به عقلمندي ڪانه ٿي ڏٺي، اُن
ڪري چپ ٿي ويو. چڱو به اِيئن هو. هوا تازي ۽ ٿڌيري
هئي ۽ آسمان چمڪندڙ. اليوشا ۽ ڪيٽرينا ايونونا جو
تصور سندس دل تي تـَـري آيو. هـُـو فقط مشڪيو، هن
آهستگي سان دوستاڻي ڳالهين تي غور ڪيو ۽ اِهي
خيالَ کانئس موڪلائي ويا. هن خيال ڪيو ته اِنهن جي
سوچڻ لاءِ گهڻو ئي وقت پيو آهي. هـُـو اسٽيشن وٽ
جلدي پهچي ويا. گهوڙا بدلايائون ۽ وولوينا ڏانهن
هليا. ”ڇو ڪنهن عقلمند سان ڳالهائڻ چڱو آهي.“ هن
کان سندس مطلب ڪهڙو هو؟ اوچتو هيءُ خيال ڄڻ ته
سندس ساهه کڻڻ تي به قابض ٿي ويو. ”مان کيس هي ڇو
ٻڌايو ته مان شرما شينا ڏي وڃي رهيو آهيان.“ هيءُ
وولوينا جي اسٽيشن تي پهچي ويا. ايون گاڏي کان
ٻاهر نڪتو ۽ ڪوچبان، سندس چوڌاري ڦري آيا ۽ شرما
شينا جي لاءِ، ڀاڙي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هن کين
گهوڙن ٻڌڻ لاءِ چيو. هـُـو اسٽيشن جي جاءِ ڏانهن
ويو ۽ چوڌاري ڏٺائين ۽ هڪ اوور سيئر جي زال تي
سندس نظر پئي. اوچتو هـُـو پوئتي موٽي ويو.
”مان شرماشينا ڪو نه ويندس. ڀائرو مان ستين بجي
ريل تي پهچي نه سگهندس.“
”اسان پهچائي سگهنداسون. ڇا گاڏي ٻاهر ڪڍون؟“
”اوهان مان ڪوئي سڀاڻي شهر ويندو؟“
”هائو دمـِـتري ويندو“
”دمتري تون منهنجو هڪڙو ڪم ڪندين. تون منهنجي
پيءُ فيودورپاولووچ ڪرامازوف وٽ وڃج. کيس چئج ته
مان شرماشينا نه وڃي سگهيس. ڇا تون اِيئن ڪندين؟“
”بيشڪ مان اِيئن ڪندس. مان گهڻي وقت کان
فيودورپاولووچ کي سڃاڻان.“
”ها هيءُ ڪجهه پيسا تنهنجي لاءِ آهن. ڇاڪاڻ ته
مون کي يقين آهي ته هـُـو توکي ڪجهه به نه ڏيندو.
” ايون خوشيءَ مان کلندي چيو.
دمـِـتري به ساڳي ريت کلندي چيو ته ”اُن تي آسرو
ڪرڻ غلط آهي، هـُـو ڪونه ڏيندو.“
”اوهان جي مهرباني، مان کيس پـَـڪ سان چوندس.“
ستين بجي ايون ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ گاڏي ماسڪو
رواني ٿي. گذري کي ياد نه ڪر، مان پراڻي دنيا کان
هميشھ لاءِ موڪلائي ڇڏيو. هاڻي نه اُن جي خبر
هوندي نه پڙاڏو. هاڻي نئين زندگي ۽ نئون مقام
هوندو. پوئتي نهارڻ جي ڪا به ضرورت نه پوندي! ”
مگر اُن هوندي به سندس روح کي ڪا به خوشي نه هئي
پر اُداسائي هئي. سندس دل ڪنهن اندروني جـَـذبي
کان ڏُکي رَهي هئي. جنهن کان اڳي پنهنجي سڄي
حياتيءَ ۾ دوچار نه ٿيو هو. هـُـو سڄي رات سوچيندو
رَهيو. ريل گاڏي اُڏامندي ٿي وئي. پرهه ڦٽيءَ جو
جڏهن هـُـو ماسڪو کي ويجهو ٿي رهيو هو. هـُـو انهن
کي ڇڏي اٿي بيٺو ۽ پاڻ کي چوڻ لڳو ته، ”مان ته
بدمعاش آهيان.“
فيودورپاولووچ پنهنجي پٽ کي ويندو ڏسي، ڏاڍو خوش
هو. ڇاڪاڻ ته ٻن ڪلاڪن کان پوءِ، هن پاڻ کي ڏاڍو
خوش محسوس ڪيو ۽ برانڊي کولي پيئڻ لڳو. پر اوچتو
هڪ اهڙو ناخوشگوار واقعو ظهور ۾ آيو، جنهن گهر جي
سڀني ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو. فيودورپاولووچ جو
سڪون قلب درهم برهم ٿي ويو. سميرڊيا ڪوف جيئن
تهخاني ۾ ڪنهن شيءِ جي کڻڻ لاءِ ويو ته ڏاڪن تان
ڪري پيو. خوش قسمتي سان مارفا اڱڻ ۾ هئي ۽ وقت تي
سندس ڪـِـرڻ جو آواز ٻڌائين. هـُـن کيس ڪرندو ته
نه ڏٺو پر سندس چيخ ٻڌي هئائين. جا هڪ عجيب ۽ خاص
چيخ هئي. هو چئي نه ٿي سگهيا ته اِهو دورو کيس ڪو
ڏاڪن تان لهندي ٿيو هو يا هـُـو اڳ ۾ بيهوش ٿي
ڏاڪن تان ڪريو، پوءِ کيس ڌڪ کان مرگهيءَ جو دورو
ٿيو هو. ڪيئن به هجي کيس بيهوشيءَ جي حالت ۾
ڏٺائون. هـُـو تهخاني جي ڏاڪن ۾ تـَـري ۾ پيو هو.
هـُـو ڦٿڪيو ٿي ۽ سندس وات مان گـِـفَ ٿي نڪتي.
پهريائين اِيئن خيال ڪيو ويو ته سندس ڪو عضوو ڀڄي
پيو آهي. ٻانهن يا ٽنگ - يا ڪو ٻيو ڌڪ اَٿس. پر
مارفا جيئن اظهار ڪيو ته، ”خدا کيس بچائي ورتو
آهي“ کيس ڪو به ڌڪ لڳل نه هو. پر هيءُ ڏکيو هو ته
کيس تهخاني مان کڻي ٻاهر آڻجي. هنن پاڙيسرين کي
مدد لاءِ چيو ۽ ڪنهن به ريت کيس کڻي ورتائون.
فيودورپاولووچ هن سڄي ڪم ۾ پاڻ موجود رَهيو. هن
پاڻ ٻين کي مدد ٿي ڪئي ۽ پريشان ٿي نظر آيو. بيمار
کي وري هوش نه آيو. ٿوري وقت لاءِ اُن ۾ ڇڪتاڻ بند
ٿي وئي هئي پر وري شروع ٿي ۽ سڀني خيال ڪيو ته
هاڻي به اُهائي ساڳي حالت ٿيندي جا گذريل سال ظهور
۾ آئي هئي، جڏهن هـُـو ڪوٺي واري ڪمري کان ڪـِـري
پيو هو. کين ياد آيو ته اُن وقت سندس مٿي تي برف
رکي وئي هئي. برف اَڃا به تهخاني ۾ موجود هئي ۽
مارفا اُن مان ڪجهه کڻي آئي. شام جو فيودورپاولووچ
ڊاڪٽر هرزينسٽيوب کي گهرائي ورتو، جو هڪدم پهچي
ويو. هـُـو وڏي عزت وارو پوڙهو هو ۽ اُن علائقي ۾
نهايت خبردار ۽ ڄاڻ وارو ڊاڪٽر هو. مريضن کي چڱيءَ
ريت چڪاس ڪرڻ کان پوءِ، هن راءِ ڏني ته هن تي شديد
حملو ٿيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اُن جا نتيجا اُگرا
نڪرن. اُن وقت ته هرزينسٽيوب ته حالتون چڱي ريت
سمجهي نه سگهيو، پر چيائين ته جيڪڏهن هي علاج مفيد
ثابت نه ٿيو ته سڀاڻي صبح سان وري ٻي ڪا ڪوشش
ڪندو. بيمار کي سندس رهائش جي جاءِ ڏانهن نيو ويو،
جا ڪوٺي، مارفا ۽ گريگري جي رهائش سان گڏ هئي.
پر فيودورپاولووچ کي هڪ بدقسمتيءَ جي پويان ٻي به
آئي. مارفا سندس رات جي ماني ڪئي هئي. هـُـن جا
يخني تيار ڪئي هئي، سا سميرڊياڪوف جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ
کان وڌيڪ نه هئي ۽ ڪـُـڪڙ کي ايڏو ته سڪايو ويو هو
۽ ايترو ته ڪچو هو، جو اُن کي چٻاڙڻ ئي ناممڪن هو.
آقا جي سخت پر واجبي اعتراض تي، مارفا کيس جواب
ڏنو ته ڪڪڙ نهايت وڏي عمر جو هو ۽ اُن کانسواءِ،
هن اڳ ۾ ڪڏهن به بورچي جو ڪم نه ڪيو آهي. رات جو
کيس وري ٻي مصيبت پيش آئي. کيس معلوم ٿيو ته
گريگري جو ڪيترن ڏينهن کان بيمار هو، هاڻي بستري ۾
داخل آهي. فيودورپاولوچ کان جيتري قدر جلي ٿي
سگهيو، هـُـن چانهه کي پيتو ۽ اَڪيلو جاءِ پاڻ کي
بند ڪري ڇڏيائين. هـُـو سخت روحاني پريشاني ۽
تڪليف ۾ مبتلا هو. اُن شام جو هـُـو گروشينڪا جي
لاءِ بيحد منتظر هو، ڇو ته کيس اُن جي اَچڻ جي
پـَـڪ هئي. صبح سان سميرڊياڪوف کيس پـَـڪَ ڏني هئي
ته ”هـُـن واعدو ڪيو آهي ته هـُـوءَ ضرور ايندي. ”
پوڙهي جو قلب، اُن پريشانيءَ کان بـُـريءَ طرح دَڪ
دَڪ ڪري رهيو هو ۽ اُن خالي جاءِ آواز جي ٻڌڻ
لاءِ پئي ٿي آيو ۽ ويو. هـُـو بلڪل خبردار هو ته
متان دمتري ڪنهن جاءِ تي هجي ۽ دريءَ تي سندس کڙڪي
جي آواز کي ٻـُـڌي. ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف ٻه ڏينهن
اڳ ۾ کيس ٻڌايو هو ته هوءَ ڪٿان ۽ ڪهڙي ريت کڙڪا
ڪندي. اِنهن کڙڪن کي ٻـُـڌي دروازي کي هڪدم کوليو
ويندو. پر اِيئن نه ٿئي ته ساڻس هـُـو به هليو
اَچي ۽ خدا نه ڪري هوءَ خوف کان ڀڄي وڃي.
فيودورپاولووچ هنن ڳالهين تي غور ڪري رهيو هو ۽
خوف ۾ به کيس اُميدن جو ميٺاج ٿي نظر آيو. هن ڀيري
هـُـو چئي رهيو هو ته هوءَ يقينا
ًايندي!
dc |