سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ستون

صفحو :25

 

باب ٻيو

ڏکي گهڙي

بيشڪ مربي پايسي غلط نه هو. هن فيصلو ڪيو هو ته ”پيارو ٻار ” ضرور پوئتي موٽي ايندو. شايد سچ پچ ڪنهن حد تائين، هوُ پنهنجي ادراڪ سان، اليوشا جي روحاني حالتن جي صحيح مدار ۾ داخل ٿي چڪو هو. پر مان واضح طور تي هي اظهار ڪندس ته هيءُ منهنجي لاءِ نهايت مشڪل ٿيندو ته مان ان نوجوان شخصيت جي زندگي جي عجيب ۽ بي سود گهڙين جو واضح طور تي احوال، جنهن کي مان بيحد پيار ٿي ڪيو. مربي پايسي جو غمزده سوال ته  ”تون پڻ اُن بدعقيدن سان شامل آهين“ ، سمجهان ٿو. بلڪل مختلف. هيءُ سڄي تڪليف جا کيس پهتي، سا سندس پختي عقيدي جي باعث هئي. پر اڃا به تڪليف پنهنجي جاءِ تي موجود هئي. اها ايتري قدر ته عذاب ڏيندڙ هئي، جو گهڻو پوءِ به جڏهن اليوشا اُن غمگين ڏينهن کي ياد ٿي ڪيو ته ان کي پنهنجي زندگيءَ جو سخت ترين مصيبت وارو ڏينهن ئي سمجهيو. جيڪڏهن اهو سوال پڇيو وڃي ته  ”هي سڄو غم ۽ پريشاني، فقط انهيءَ لاءِ هئي ته مربي جي وقت کان اڳ ۾ ڪنهن ڪرامت ڏيکارڻ بجاءِ سندس جسم مان خرابي جي بوءِ اچي رهي هئي؟ ” مان جيڪر بنا ڪنهن اجائي عذر ۽ عذر جي، جواب ڏيان ته،  ”هائو، اهائي حقيقت هئي. ” مان پڙهندڙ کي عرض ڪندس ته هوُ جلدي ۾ منهنجي نيڪ طبعيت نوجوان شخصيت تي کلڻ جي ڪوشش نه ڪري. منهنجو هيءُ مطلب نه آهي ته مان ان جي طرفان عذر خواهي ڪريان، يا سندس معصوم عقيدي بابت سندس جواني کي سزاوار ٺهرايان، يا هن جي تعليم بابت چوان ته، هن ان ۾ گهٽ واڌارو ڪيو هو، يا وري ڪو ٻيو دليل ڏيان. پر مان ان جي خلاف ظاهر ڪريان ٿو ته مون کي سندس دل جي خاصيتن لاءِ پوري ريت احترام آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ نوجوان جنهن تاِئين اثر نهايت خبرداري سان پهتا هجن، جنهن جي محبت سرد مهري واري هجي ۽ جنهن جي دل سندس عمر موجب بي حد محتاط هجي، مان قبول ٿو ڪريان ته هو، هن حقيقت کي ٽاري ڇڏيندو ته، مون واري برگزيده انسان سان ڇا ٿي گذريو. پر ڪن حالتن ۾، هن حقيقت جس لهڻي ته جو ماڻهو جوش ۽ جذبي ۾ لڙهي وڃي، پوءِ ڇو نه بي دليل هجي ۽ وري خاموش هجي. هيءُ جواني ۾ بي شڪ صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته نوجوان ماڻهو، جو هميشھ سمجهه ڀريو نه آهي، ان تي شڪ ڪري سگهجي ٿو ۽ هو ٿوري قيمت وارو ٿئي ٿو. منهنجي اهائي راءِ آهي!

پر سمجهه ڀريا ماڻهو شايد چوندا ته  ”سڀڪو نوجوان اهڙين وهمي ڳالهين ۾ اعتبار نه ٿو رکي سگهي ۽ تنهنجي شخصيت ٻين لاءِ نمونو ٿي نه ٿي سگهي.“

هن لاءِ مان وري جواب ڏيندس ته،  ”هائو، مون واري شخصيت وٽ عقيدو هو، پاڪ ۽ سنئون سڌو، پر ان هوندي به مان ان لاءِ ڪابه عذر خواهي نه ڪندس.

جيتوڻيڪ مان مٿي ظاهر ڪري چڪو آهيان، شايد بيحد تڪڙ مان ته مان پاڻ وري برگزيده شخصيت لاءِ ڪابه سمجهاڻي نه ڏيندس نه فيصلو. مان سمجهان ٿو ته منهنجي باقي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ، ٿوري صفائي واري سمجهاڻي ضروري آهي. اُن لاءِ مون کي اجازت ڏني وڃي ته ڪجهه چوان. هتي ڪنهن به ڪرامت جو سوال نه هو. وٽس ڪابه غير سنجيده ۽ بي صبري واري اميد، ڪرامت جي لاءِ موجود ڪانه هئي. نه وري اليوشا کي ان وقت ڪنهن ڪرامت جي گهرج هئي، جنهن مان سندس پيش بنديءَ جي خيال جي خوشي ظاهر ٿئي ها. نه، ڪڏهن به نه. هن پنهنجي اڳيان جو ڪجهه به ڏٺو ٿي سا فقط هڪ صورت هئي. پنهنجي محبوب مربي جي صورت. ان پاڪباز انسان جي صورت، جنهن کي هن دل جي گهراين مان عزت ٿي ڏني. حقيقت هيءَ آهي ته سندس پاڪ ۽ نوجوان قلب ۾، جنهن ۾ سڀ جي لاءِ بي لوث محبت لڪيل هئي، جنهن کي هن گذريل سال کان گڏ ڪري رکيو هو. ۽ اهو غلط به هجي. اها فقط هڪ انسان لاءِ سندس محبوب مربي لاءِ ئي هئي. هي به حقيقت آهي ته هيءُ شخص گهڻي وقت کان، سندس نظر ۾ بي نقص موجود ٿي رهيو. ان ڪري سندس جوانيءَ جون سڀئي قوتون، انهيءَ لاءِ خرچ پئي ٿيون ته هو ان مثالي شخصيت ڏانهن مڙي، ڇو نه ان گهڙيءَ ۾، هو هر شيءِ هر انسان کي وساري ڇڏي. هن پوءِ ياد ٿي ڪيو ته ڪيئن نه هن، اُن خوفناڪ ڏينهن تي، پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ کي قطعي فراموش ڪري ڇڏيو هو ته کيس اليوشا جي پيءُ وٽ ٻه سؤ روبل کڻي وڃڻا هئا ۽ اُن لاءِ هن قطعي فيصلو ڪيو هو ته ايندڙ شام تي هو اِيئن ضرور ڪندو. پر ان هوندي به هن ڪنهن ڪرامت کي نه چاهيو، پر مٿانهين انصاف کي، جو سندس اعتقاد موجب پائمال ٿي چڪو هو ۽ اهائي حقيقت هئي، جنهن کان سندس دل کي درد ٿي رسيو. هن مٿانهين انصاف کي ڪهڙي اهميت هئي، اليوشا ان جي انتظار ۾ هو. هن ڏٺو ٿي ته ڪهڙي ريت اها بگڙيل حقيقت ڪرامت جي صورت ۾ اچي ٿي ۽ ڪيئن اها سندس محترم استاد جي لاش ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ڇو مڙهي ۾ سڀ ڪنهن کي اهو ساڳيو خيال هو ۽ ساڳي اميد هئي. انهن عالي دماغن وٽ ساڳيو خيال هو، جن کي اليوشا احترام جي نظر سان ٿي ڏٺو. مثال لاءِ خود مربي پايسي پاڻ به انهن مان هو. اهڙي ريت اليوشا، ڪنهن شڪ ۽ گمان کان سواءِ، ٻين وانگر ساڳيو جواب ڏسي رهيو هو. مڙهيءَ ۾ هڪ سال جي قيام جي باعث سندس دل ۾ اهڙين امنگن جي اميد پيدا پئي ٿي، جا سندس عادت بڻجي وئي هئي. پر هيءُ انصاف هو نه ڪرامت!

هن خيال ڪيو ٿي ته، اُهو ماڻهو جو سڄي دنيا ۾ سڀني کان بلند ۽ سرفراز هو ۽ جنهن جو حق عظمت ۽ ستايش هئي، اهو ان جي بجاءِ، هاڻي ڪم رتبو ۽ بي عزت بڻجي ويو آهي! اِيئن ڇو ٿيو ۽ ڪنهن اهو انصاف ڪيو؟ ڪنهن جي اها مشيت هئي؟ اهي سوال هئا، جي سندس ناتجربيڪار ۽ پاڪ قلب کي رنج ڏئي رهيا هئا. هو. شرم ۽ ذلت ۽ ناراضپي سان هن کي برداشت ڪري نه ٿي سگهيو ته مقدس کان مقدس ماڻهو به اهڙي ريت بد باطني جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ نادان گروهه جو کانئس نهايت هيٺانهون آهي، مٿس الزام آڻي سگهي ٿو. سندس اميدن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ، کڻي ڪي ڪرامتون يا عجائبات نه به هئا، پر هيءَ بي حرمتي، بي عزتي، وقت کان اڳي هي زوال ڇو؟ جيئن هڪ بد باطن راهب چيو ٿي، ته هيءُ فطرت جو مبالغو آهي. هيءَ آسماني نشاني ڇو، جنهن مربي فيراپانٽ ۽ سندس ساٿين کي خوش ٿي ڪيو ۽ هوُ اِيئن ڇو ٿا وسهن ته، هنن، هن حالت ۾ کٽيو آهي؟ قدرت جي آڱر ڪٿي آهي؟ اهڙي نازڪ گهڙيءَ تي، قدرت پنهنجي مـُـنهن کي ڇو لڪايو آهي (جيئن اليوشا خيال ٿي ڪيو)، اِيئن معلوم ٿو ٿئي ته قدرت جا قانون، ڄڻ، نابينا، ٻوڙا ۽ بي رحم آهن.

اهوئي سبب هو، جو اليوشا جي دل رت ٿي پئي هئي. جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان ته اهي ئي ڏنگ هئا، جي کيس لڳي رهيا هئا ته اُهو ماڻهو، جو سڀ کان مٿي، زمين تي کيس محبوب هو، ايتري قدر ڇو شرمسار ۽ بي قدر بڻايو ويو آهي. هيءَ ڀڻ ڀڻ، منهنجي اهم شخصيت وٽ بي دليل ۽ سطحي هئڻ گهرجي ها، پر مان ٽيون ڀيرو وري به دهرايان ٿو. ۽ مان قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته مان پنهنجي جذبات جو ڪوبه بچاءُ ڏئي نه ٿو سگهان. مان خوش آهيان ته منهنجي اهم شخصيت، ان وقت پاڻ کي ڪو گهڻو سمجهدار ثابت نه ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته هر ڪو سمجهدار ماڻهو، وقت تي ڪنهن دليل ڏانهن موٽي ايندو آهي، پر جيڪڏهن اهڙي خاص گهڙيءَ ۾، محبت جو مٿانهون هٿ، ڇوڪري جي دل ۾ پنهنجو ڪم نه ڪري سگهي، ته پوءِ هو ڪڏهن ڪندو؟ ڪيئن به هجي، مان اُن عجيب شيءِ کي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان، جا ان تاريڪ ۽ نازڪ گهڙيءَ ۾، ٿوري وقت لاءِ، اليوشا جي دل جي سطح تي آيل هئي. هيءَ نئين شيءِ، جا ڪجهه به هئي، سندس ڀاءُ ايون جو ڊيڄاريندڙ گفتگو هو، جنهن جو اثر رکي رکي، اليوشا جي قلب کي بار بار پريشان ڪري رهيو هو. هتي به اهوئي خيال کيس پريشان ڪري رهيو هو. هيءَ ڪابه اُصولي يا بنيادي ڳالهه نه هئي، جنهن تي ڪجهه ڳالهائجي، مگر هيءَ حقيقت آهي، ته سندس روح جو سڄو عقيدو لـُـڏي چڪو هو. هـُـن خدا سان محبت ٿي ڪئي ۽ اُن تي يقين ٿي رکيو، جيتوڻيڪ هوُ هاڻي هيءُ اوچتو، سندس خلاف ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪري رهيو هو. هڪ ڏينهن اڳ ايون جي گفتگوءَ جو مٿس، اجايو، عذاب ڏيندڙ ۽ بڇڙو اثر ڇڏيو هو، اُهو هاڻي هيءُ منهنجي روح ۾ وري دهرائي رهيو هو ۽ ان جي احساس کي پنهنجي ضمير جي سطح تي حاضر ٿي ڏٺائين.

نما شام جو وقت هو، جڏهن ريڪٽن مڙهيءَ واري صنوبر جي جهنگ کي لتاڙي، ديول ڏانهن وڃي رهيو هو، اوچتو سندس نظر اليوشا تي پئي، جو هڪ وڻ جي هيٺان، زمين ڏي منهن ڪيون سمهيو پيو هو. منجهس ڪابه چرپر ڪانه هئي ۽ ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هو ننڊ پيو آهي. هو ان ڏانهن ويو ۽ سندس نالو وٺي سڏ ڪيائين.

 ”اليڪسي تون هتي؟ تون هيڏي..... ” هوُ کيس ڏسي، عجب مان پنهنجي جملي کي پورو ڪري نه سگهيو. هـُـن پوڻ ٿي گهريو ته  ”تون هيڏي ڪيئن آيو آهين؟“

اليوشا، کيس ڏٺو به نه، پر ريڪٽن سمجهيو ته هن سندس آواز کي ٻڌو آهي سمجهيو آهي.

 ”توکي ڇا ٿيو آهي؟ ” هوُ ڳالهائيندو ويو، پر هن کي ڏسي، هيءُ عجب لڳو ته هوُ مشڪيو ٿي، پر سندس مشڪڻ به وڌ کان وڌ مسخريءَ جهڙو ٿي ڏٺو.

 ”مان چوان ٿو ته مان ته تنهنجو ٻن ڪلاڪن کان انتظار ڪندو ٿي رهيس. تون اوچتو غائب ٿي وئين. تون ڪٿي هئين؟ هيءَ ڪهڙي حماقت آهي، مون ڏي نهار ته سهي؟“

اليوشا پنهنجو مٿو، مٿي کنيو، اٿيو ۽ وڻ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. جيتوڻيڪ هوُ روئي ته نه رهيو هو، پر تڪليف ۽ جوش، سندس چهري مان ظاهر هو. اُن هوندي به هنُ ريڪٽن ڏي ڪونه ڏٺو پر ان جي ٻئي طرف نهارڻ لڳو.

 ”توکي اها خبر آهي ته تنهنجو چهرو بلڪل بدلجي ويو آهي. اُن ۾ تنهنجي مشهور نرمي بلڪل موجود نه آهي. ڇا تون ڪنهن سان ڪاوڙيو آهين؟ ڇا هنن توسان بيهودگي جي هلت ورتي آهي؟“

اوچتو اليوشا، پنهنجي ٿڪايل هٿ کي لوڏيندي چيو ته  ”مون کي اڪيلو رهڻ ڏي. ” هو اڃا به سندس ٻي پاسي نهاري رهيو هو.

 ”اڙي، اهڙي ريت ئي ته اسان سڀئي محسوس ڪري رهيا آهيون. تون به ٻين فاني انسانن وانگر، ماڻهن سان واڪا ڪري ڳالهائي سگهين ٿو. تون فرشتن مان آهين. اليوشا تو مون کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تون ٻڌين به ٿو؟ حقيقت ۾ هتي، مون کي هيتري وقت ۾ ڪنهن به ايترو حيرت ۾ نه وڌو آهي، جيترو تو. مان توکي هميشه هڪ عالم سمجهندو رهيو آهيان....“

اليوشا، آخر هن ڏانهن نهاريو، پر فضول، هـُـن جو ڪجهه به ڳالهايو، انُ کي هن مشڪل سان سمجهيو هوندو.

 ”تون سچ پچ ان ڪري پريشان آهين، ڇاڪاڻ ته تنهنجي پوڙهي مان عفونت ٿي اچي؟ تو اهو تصور ٿي ڪيو ته هـُـن مان ڪرامتون ظاهر ٿينديون؟ ريڪٽن وري به عجب مان کيس ڏٺو.

اليوشا کيس جوش مان جواب ڏنو ته،  ”هائو مان يقين ئي ڪيو ۽ اِيئن يقين ڪريان ٿو اِيئن يقين ڪرڻ گهران ٿو ۽ اِيئن يقين ڪندس. تو کي ٻيو وڌيڪ ڇا ٿو گهرجي.“

 ”ڪجهه به نه منهنجا ٻار. اِنهن سڀني ڳالهين کي کڏ ۾ اُڇلاءِ. ڇو ڪوبه اِسڪول جو تيرنهن ورهين جو ڇوڪرو، اِنهن ڳالهين ۾ يقين رکي سگهي ٿو .... ڏسڻ ۾ اَچي ٿو ته تون هاڻي خدا سان ناراض آهين. تون خدا جي خلاف باغي بڻجڻ ٿو چاهين. ڇاڪاڻ ته هن کيس ڪوبه مرتبو نه ڏنو آهي، نه وري کيس ڪو امتيازي اعلان مليو آهي! آهه! تون اُن کان پريشان آهين.“

اليوشا ڪيتري وقت تائين اَڌ کليل اکين سان ريڪٽن کي ڏسندو رَهيو. سندن اکين ۾ ناگهاني چمڪ اَچي وئي هئي .... پر اُنهن ۾ به ريڪٽن لاءِ ڪا به ڪاوڙ ڪانه هئي.

 ”مان خدا سان ڪابه بغاوت نه ٿو ڪريان. مان فقط سندس هن جهان کي قبول نه ٿو ڪريان.“  اليوشا اِيئن چوندي مشڪيو ته سهي، پر سندس مشڪڻ زبردستيءَ جو هو.

 ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ تون جهان کي نه ٿو قبولين؟“  ريڪٽن هن جواب تي ڪجهه وقت سوچيندو رهيو.  ”هي ڪهڙي بيوقوفي آهي؟“

اليوشا کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.

 ”اچ، ڪافي بيوقوفي ڏيکاري اَٿئي. هاڻي ڪا ڪم جي ڳالهه ڪريون. ڪجهه کاڌو به اَٿئي؟“

 ”مون کي ياد نه آهي ..... مان خيال ڪريان ٿو ته ڪجهه کاڌو اٿم.“

 ”تنهنجي منهن مان معلوم ٿئي ٿو ته تون گـَـهري فڪر ۾ آهين. ڏسندڙ کي توڏانهن نهاريندي ڏک ٿو ٿئي. تو سڄي رات ننڊ نه ڪئي آهي، يا جيئن مون ٻڌو آهي، تون نه صلاح ۽ مشورن ۾ رهيو آهين. تنهن کان پوءِ، وري هيءُ فساد ۽ دنگو. ٿي سگهي ٿو ته تو،ڪجهه به نه کاڌو هجي، پر جيڪڏهن کاڌو به اٿئي ته پاڪ ماني جو ڪو گرهه منهنجي کيسي ۾، گوشت سان ڀريل اَنڊو موجود آهي، جو مان ضرورت جي وقت لاءِ شهر مان آندو آهي، جيڪڏهن تون کاِئين ته حاضر آهي.“

 ”ٿورو مون کي ڏي.“

 ”هان توکي وٺڻ گهرجي. هيءُ ته خيالن جي مورچا بنديءَ سان کليل بغاوت آهي. ٺيڪ آهي منهنجا ٻار، اسان کي ڪجهه کائڻ گهرجي..... منهنجي جاءِ تي هل. مان چاهيان ٿو ته ٿورو شراب کي پيئان، موت جهڙو ٿڪجي پيو آهيان. اها شيءِ تنهنجي لاءِ به موجود هوندي.... ڇا تون ان کي پسند ڪندين؟“

 ”ها شراب ٿورو مون کي به ڏي.“

 ”ڀاءُ تو تي مون کي عجب ٿو لڳي. ” ريڪٽن کيس حيرت مان ڏٺو.  ”بهرحال ڪيئن به هجي، شراب ۽ گوشت ڀريو اَنڊو، ٻئي اتفاق سان چڱيون شيون آهن، انهن کي ڇڏڻ نه گهرجي. اچ، اچ.“

اليوشا، چپ چاپ ۾ اُٿي بيٺو ۽ ريڪٽن جي پويان لڳو.

 ”تنهنجو ننڍو ڀاءُ ايون، جيڪڏهن توکي اِيئن ڏسي ها ته عجب ۾ پئجي وڃي ها!“

 ”اڄ صبح  ننڍو تنهنجو ڀاءُ ايون، ماسڪو روانو ٿي ويو، ڇا توکي اها خبر آهي؟“

”هائو“، اليوشا کيس بي پرواهيءَ سان جواب ڏنو. اوچتو دمتريءَ جي تصوير سندس اکين آڏو تري آئي. پر هيءَ ياد فقط منٽن لاءِ هئي. جيتوڻيڪ هن صورت ّکيس ڪا ڳالهه ياد ٿي ڏياري، جنهن کي هوُ گهڙيءَ کن لاءِ به وساري نه ٿي سگهيو. ڪجهه فرض، ڪجهه خطرناڪ مهرباني، جيتوڻيڪ هن ياد مٿس ڪو خاص اثر ڪونه ڪيو هو ۽ سندس دل جي گهراين تاِيئن نه پهتي هئي. اُن وقت ئي سندس دل مان، اها ياد مٽجي وئي هئي، پر گهڻي وقت کان پوءِ به اليوشا اُن کي ياد ڪندو رهيو.

 ”تنهنجي ڀاءُ ايون، هڪ ڀيري چيو هو ته مان هڪ غير متعصب احمق آهيان، جنهن وٽ ڪابه لياقت نه هجي. هڪ دفعي تو به چيو هو ته مان اڻپورو انسان آهيان. هاڻي مون کي ڏسڻو آهي ته تنهنجون لياقتون ۽ عزت جو ادراڪ، هاڻي توکي ڪاڏي وٺي ٿو وڃي“  هيءُ جملو پورو ڪندي ريڪٽن ڪجهه آهستي ڀڻڪيو ۽ وري زور دار آواز ۾ چوڻ لڳو ته:

 ”ٻڌ، اچ ته مڙهيءَ واري رستي کان پر ڀرو، سڌو شهر ڏي هلون. مان بيگم هائلڪوف ڏي رستي ويندي، وڃڻ گهران ٿو. فقط مزي جي لاءِ، مان ان کي جو ڪجهه ٿي گذريو آهي، لکي ڇڏيو آهي. تون اعتبار ڪندين، هن مون کي ساڳي وقت پينسل سان جواب ڏنو آهي! بيگم کي جواب ڏيڻ جو شوق آهي، ته کيس ڪڏهن به اهڙي حالت جي اميد نه هئي، سا به هڪ متبرڪ شخصيت زوسيما جي لاءِ. سندس اهو لفظ هـُـو حالت. هو بيحد غصي ۾ آهي. تون پريشان ٿي وئين! بيهه ” هن وري اوچتو رڙ ڪري چيو. هو بيهي رهيو ۽ اليوشا کي ڪلهي کان وٺي بيهاريائين.

 ”توکي خبر آهي اليوشا ” هن جاچ طور سندس اکين ۾ ليئو پاتو. هو اوچتو نئين خيال ۾ متغرق ٿي ويو، جو سندس دل ۾ پيدا ٿيو هو. جيتوڻيڪ هوُ ٻاهريان کليو ٿي پر کيس ساڻ ساڻ خيال پئي ٿيو ته، هو نئين حقيقت کي ٻڌائي نه ويهي. هن اڃا تاِئين عجيب ۽ بيوقت ڪيفيت ۾ پاڻ کي محسوس ٿي ڪيو، جنهن ۾ هـُـن هاڻي اليوشا کي ڏٺو هو. هنُ نيٺ پنهنجي خيال کي ٻاهر آڻي، هٻڪندي چيو ته،  ”اليوشا، ڪاڏي وڃڻ بهتر ٿو سمجهين؟“

 ”جنهن طرف هلين..... مون کي ڪا به پرواهه نه آهي.“

 ”هل ته گروشينڪا ڏي هلون، ڪيئن؟ تون هلندين؟ ريڪٽن آخر چئي ڏنو، پر هٻڪندي ۽ ڏڪندي، ڪمزور خيال سان.

 ”هل ته گروشينڪا ڏي هلون“، اليوشا بردباريءَ سان کيس جواب ڏنو. سندس فوري، آمادگي ۽ خاموش قبوليت ريڪٽن کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو، ايتري قدر جو کانئس ڇرڪ نڪري ويو.

 ”بهتر! مان چوان ٿو“، هن عجب مان واڪو ڪري چيو ۽ ساڻ ساڻ هنُ اليوشا کي ٻانهن کان مضبوط جهلي، رستي ڏانهن وٺي هليو ۽ کيس خوف پئي ٿيو ته متان هـُـو پنهنجو خيال بدلائي نه ڇڏي.

هوُ خاموشيءَ سان پنڌ ڪندار رهيا. ريڪٽن کي ڳالهائيندي به خوف پئي ٿيو.

 ”هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿيندي. ” هـُـن آهستي چيو ۽ وري خاموش ٿي وي و. حقيقت ۾ اليوشا کي وٺي وڃڻ سان گروشينڪا، ڪڏهن به خوش نه ٿيندي. هو هڪ عملي ماڻهو هو ۽ پنهنجي فائدي کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به ڳالهه بابت نه سوچيندو هو. هن حالت ۾ سندس ٻٽو مقصد هو.  ”هڪ ته ان نيڪ مرد جي زوال کي ان ڏسڻ ٿي گهريو ۽ اليوشا جي بربادي، يعني وليءَ کان گناهه تاِئين پهچڻ. جنهن کي هر پنهنجي تصور ۾ خيال ڪري لذت ٿي ورتي. سندس ٻيو مقصد هو، پنهنجي لاءِ مادي فائدي کي حاصل ڪرڻ، جنهن جي لاءِ وڌيڪ پوءِ لکيو ويندو.“

 ”هان، ڏکي گهڙي اچي وئي آهي.“  هـُـن پنهنجي شيطاني خوشيءَ مان پاڻ کي چيو. مون کي هن جي گردن کي چنبڙي پوڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اهو ظهور ۾ اچي رهيو آهي، جو اسان چاهيو ٿي.

 

 

 


 

 

باب ٽيون

بصر

گروشينڪا، شهر جي مشغول حصي، ديول جي چونڪ ۾ ٿي رهي. کيس هڪ ڪاٺيءَ جو جڙيل ڪمرو هو، جو بيواهه موروزوف جي گهرجي اڱڻ ۾ هو. هي گهر ويڪرو ٻه ماڙ واريءَ عمارت وارو هو ۽ پٿر جو ٺهيل هو. پراڻو ۽ بد نما هو. بيواهه وڏيءَ عمر واري هئي ۽ ساڻس ٻه ڀائٽيون ٿي رهيون، جي ڪنواريون ۽ وڏي عمر واريون هيون. بيواهه کي ڪائي ضرورت نه هئي ته گروشينڪا کي جاءِ مسواڙ تي ڏي، پر سڀ ڪنهن کي خبر هئي ته هوءَ چئن سالن کان اتي ٿي رهي ۽ بيواهه محض پنهنجي هڪ عزيز واپاريءَ سامسونوف کي راضي ڪرڻ لاءِ کيس هيءَ جاءِ ڏني هئي، جو پاڻ کي سندس سنڀاليندڙ چوندو هو. اِيئن چوڻ ۾ ٿي آيو ته حاسد پوڙهي، گروشينڪا کي اِتي اِنهيءَ ڪري رهايو هو ته بيواهه موروزوف سندس پياريءَ جي چال تي ڪڙي نظر رکي. پر جلدئي هيءَ ثابت ٿي چڪو هو ته بيواهه جي نگهباني غير ضروري هئي ۽ آخر ۾ بيواهه موروزوف ورلي ساڻس ملندي هئي ۽ ڪنهن به طرح مٿس نگاهه رکڻ لاءِ کيس ڪوبه اونو ڪونه هو. هي حقيقت آهي ته اُن پوڙهي چار سال اڳ، علائقي جي هڪ وڏي شهر مان، هڪ سنهيءَ دلڪش، شرميلي، ڊڄڻي، خوابن واري اُداس، ارڙهن ورهين واري ڇوڪري آندي هئي ۽ ان کان پوءِ گهڻو ڪجهه گذري چڪو هو. هن ڇوڪري جي گذريل تاريخ جو ٿورو ڄاڻ ملي ٿو، سو به بي جوڙ، چئن سالن جي عرصي ۾ به ڪا وڌيڪ حقيقت اُن بابت معلوم ٿي نه سگهي هئي، جيتوڻيڪ اُن ۾ ڪيترن ماڻهن دلچسپي ٿي ورتي، جن مان هڪ اگرافينا اليگزينڊرووينا به هئي، جنهن کيس گهڻو اڳتي وڌايو هو. افواهه اِيئن به هئا، ته کيس سترهن ورهين جي عمر ۾ ڪنهن اغوا ڪيو هو، شايد ڪو آفيسر هو ۽ بعد ۾ کيس ڇڏي ويو هو. هو کانئس هليو ويو ۽ پوءِ وڃي هن شادي ڪئي ۽ گروشينڪا مصيبت ۽ مفلسيءَ ۾ رهجي وئي. ڪيئن به هجي، اِيئن به چيو وڃي ٿو ته پوڙهي سامسونوف، کيس مفلسي ۽ بدبختي کان بچائي ورتو هو، هوءَ عزت واري خاندان ۽ منشي پيشي سان تعلق رکندڙ هئي ۽ اِيئن به چيو وڃي ٿو ته هوءَ ڪنهن روحاني پيءُ جي ڌيءُ هئي شايد ڪنهن ننڍي پادريءَ جي.

چئن سالن کان پوءِ هيءَ جذباتي، زخمي ۽ ڏکويل يتيم ڇوڪري، چڱي ٿلهي، روسي گلابي قسم جي عورت بڻجي پئي هئي. هوءَ مضبوط خيال واري ۽ بي باڪ ڪردار واري هئي. مغرور ۽ گستاخ. کيس معامله فهميءَ جي وڏي ڄاڻ هئي. هو حريص، قناعت واري ۽ خبردار هئي. چڱي يا بري طريقي سان، ٿوري انداز ۾ پنهنجي قسمت ٺاهي وڌي هئي. منجهس فقط هڪ ڳالهه هئي، جنهن کي سڀني قبول ٿي ڪيو ته گروشينڪا تاِئين ڪو ماڻهو آسانيءَ سان پهچي نه ٿي سگهيو، سواءِ سندس پوڙهي سنڀاليندڙ جي. انهن چئن سالن ۾ ڪوبه سندس قرب ونڊڻ جي دعوا نه ٿي ڪري سگهيو. اها يقيني حقيقت به آهي. خاص ڪري سندس پوين ٻن سالن ۾ ڪيترن ماڻهن سندس قرب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. هنن جون سڀئي ڪوششون رائگان ويون هيون. انهن مان ڪن شائقن جي بي عزتي به ٿي هئي ۽ ڪن جو مذاق اُڏايو ويو هو، ڇاڪاڻ ته سندن سامهون مضبوط ارادي واري طنزنگار قوت واري نوجوان ڇوڪري موجود هئي. گهڻو پوءِ اِيئن چوڻ ۾ ٿي آيو ته هوءَ سٽي بازيءَ، ۾ به بيحد چالاڪ هئي ۽ گهڻن ماڻهن جو چوڻ هو ته هوءَ ڪنهن يهوديءَ کان گهٽ نه آهي. اِيئن نه آهي ته هوءَ وياج تي پيسا ڏيندي هئي، پر اِيئن چوڻ ۾ ٿي آيو ته مثال طور، ڪنهن گذريل وقت ۾ پوڙهي ڪرامازوف جي ڀائيوار هئي ۽ هوءَ اهڙن قرضن کي خريد ڪندي هئي، جن جي وصول ٿيڻ جي ڪا اميد ئي نه هوندي هئي. هوءَ نهايت ٿورن پيسن ۾ انهن کي خريد ڪندي هئي ۽ انهن مان ڏهوڻو فائدو حاصل ڪندي هئي.

پوڙهو رنڙ سامسونوف وڏي بخت وارو هو، پر بي رحم ۽ ظالم به حد درجي جو هو، هوُ پنهنجي جوان پٽن تي ظلم ڪندو رهندو هو، پر گذريل سال کان، جنهن ۾ هو بيمار ٿي پيو هو ” پنهنجي سڄيل ٽنگ جي ڪري، گهمڻ کان قاصر هو، پنهنجي زير حمايت ڇوڪريءَ جي گهڻي قدر اثر هيٺ اچي ويو هو، جنهن کي هن پهريائين سختي ۽ بيڪسيءَ جي ماحول ۾ رکيو هو، هاڻي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو، ڇو ته سندس سمجهه اِيئن ئي ٿي چيو. پر گروشينڪا قانوني معاشري کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪي هئي ۽ هن سندس وفاداريءَ ۾ حد کان وڌيڪ اعتقاد ٿي رکيو. پوڙهي کي مئي گهڻو وقت گذري چڪو آهي، سندس حياتي ۾ سندس وڏو ڪاروبار رهيو ۽ ان کان سواءِ، سندس ڪردار به چوڻ جهڙو هو. بخيل ۽ لالچي هو. جيتوڻيڪ گروشينڪا جو قبضو مٿس ايتري قدر مضبوط هو، جو هو کانئس جدا رهي نه ٿي سگهيو، (خاص ڪري پوين ٻن سالن ۾ ته هي رشتو وڌي ويو هو) پر ان هوندي به هو هن لاءِ ڪو خاص ملڪيت جو حصو ڇڏي نه ويو. نه وري هـُـن ڪو، هن طرف ڌيان ئي ڏنو هو. هن کيس ٿوري رقم پيش ڪئي هئي، جنهن کي ٻڌي هر ڪو ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويو هو.  ”تون پنهنجي دماغ سان هڪ بازاري عورت آهين“، هن کيس اٺ هزار روبل ڏيندي چيو.  ”هنن مان تون پنهنجو ڪم ڪڍ. پر مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو ته منهنجي موت کان پوءِ، توکي تنهنجي سالياني مواجب کان سواءِ، مون کان اڄ ڏينهن سوڌو، ٻيو ڪجهه به نه ملندو. مان پنهنجي وصيت ۾ به تولاءِ ڪجهه نه ڇڏي ويندس.“

هو پنهنجي واعدي تي پورو رهيو. هو مرڻ کان پوءِ، سڀ ڪجهه پنهنجي پٽن جي نالي ۾ ڇڏي ويو، جنهن ۾ سندن زالون ۽ ٻار حصيدار هئا، جن کي هن سڄي حياتيءَ ۾ نوڪرن وانگر ٿي هلايو. گروشينڪا جو نالو وصيت ۾ ئي موجود نه هو. هي سڀ ڳالهيون پوءِ ظاهر ٿيون هيون. هن گروشينڪا کي سندس صلاح موجب، سندس موڙيءَ جي وڌائڻ لاءِ مدد ضرور ٿي ڪئي.

جڏهن فيودورپاولوچ پهريائين سندس لهه وچڙ ۾ آيو، جا ملاقات ڪنهن سودي بازيءَ جي سلسلي ۾ هئي، هن محسوس ڪيو ته هو بري طرح سندسن محبت ۾ ڦاسي پيو آهي. پوڙهو سامسونوف سخت بيمار هو، پر هيءَ ڏسي حد کان زياده خوش ٿيو. هي ٻڌائڻ جهڙي ڳالهه آهي ته گروشينڪا پنهنجي واقفيت جي سڄي زماني ۾ بلڪل هن پوڙهي (سامسونوف) سان صادق ۽ وفادار هئي ۽ دنيا ۾ اهوئي هڪڙو ماڻهو هو، جنهن سان سندس اها روش رهي. گهڻو پوءِ جڏهن دمتري پڻ، هن معاملي ۾ آجو عاشق بڻجي آيو تڏهن کانئس کلڻ ڇڏائي ويو ۽ ان جي خلاف، هن هڪ ڀيري گروشينڪا کي سخت ۽ تهديدي تنبيهه ڪئي.

 ”جيڪڏهن تون هنن ٻن مان ڪنهن کي پسند ڪرڻ گهرين ٿي ته پٽ جي بدران پوڙهي پيءُ کي انتخاب ڪر. جيڪڏهن تون هن بيوقوف پوڙهي کي انتخاب ڪندين ته هو تنهنجي شادي جي وعدي تي، توکي اڳ ۾ گهڻو ڪجهه ڏيئي، تنهنجي قسمت ٺاهي ڇڏيندو، پر هن ڪئپٽن کان پرهيز ڪر، هن کان توکي ڪابه چڱائي نه ٿيندي.“

ان پوڙهي شهوت پرست جا لفظ هئا، جنهن کي اڳ ۾ احساس ٿي چڪو هو ته سندس موت ڪو دور نه آهي ۽ هيءَ حقيقت آهي، ته هو پنجن مهينن کان پوءِ جهان مان موڪلائي ويو.

مان هيءَ ڳالهه به ٻڌائڻ گهران ٿو ته جيتوڻيڪ شهر ۾ ڪيترن ماڻهن کي پيءُ ۽ پٽ جي خطرناڪ ۽ حيواني رقابت جي خبر هئي، جنهنجو ڪارڻ گروشينڪا هئي، پر ان هوندي به ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته سچ پچ گروشينڪا جي هنن ٻن بابت ڪهڙي راءِ قائم ڪيل آهي، گروشينڪا جي ٻين خادمائن به (هن ڊرامي جي پوري ٿيڻ تي، اسان انهن بابت لکنداسون) ڪورٽ جي جاچ ۾ چيو هو ته هن دمتري فيودورووچ کي فقط انهيءَ لاءِ ويجهو اچڻ ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته هن کيس مارڻ جو دڙڪو ڏنو هو. هنن خادمائن مان هڪ پراڻي بورچياڻي هئي، مريض ۽ ٻوڙي ۽ ٻي سندس پوٽي، چالاڪ ۽ ويهن ورهين جي ڇوڪري، هوءَ سندس ٻين ڪمن جي پوئواري ڪندي هئي. گروشينڪا نهايت ڪفايت سان گذاريندي هئي، سندس چوڌاري جو ڪجهه به هو، اهو مزي جي لاءِ هو. سندس گهر کي ٽي ڪوٺيون هيون، اُن ۾ جو سامان پيل هو، سو 1820ع جي فيشن وارو ساڳ جي ڪاٺي مان ٺهيل هو ۽ جاءِ جي مالڪياڻيءَ جي ملڪيت هو.

اُن وقت ڪافي اونداهي ٿي وئي هئي، جڏهن ريڪٽن ۽ اليوشا، سندس گهر جي ڪوٺين ۾ داخل ٿيا. انهن ۾ اڃا ڪا به روشني نه ڪئي وئي هئي. گروشينڪا پنهنجي ملاقات جي ڪمري ۾ هڪ پراڻي ۽ سخت صوفي ٿي ليٽيل هئي، جنهن کي ساڳ جي ڪاٺيءَ جي پٺ هئي. صوفي تي پراڻو ۽ چتين لڳل چمڙي جو پوش هو. سندس مٿي جي هيٺان ٻه سفيد وهاڻا هئا، جي هن پنهنجي بستري مان ڪڍيا هئا. هوءَ بنا ڪنهن چرپر جي ليٽيل هئي. هوءَ پٺيري ليٽيل هئي ۽ سندس هٿ، مٿي جي هيٺان هئا. کيس اهڙو لباس پيل هو، جنهن مان معلوم پئي ٿيو ته هوءَ ڪنهنجي انتظار ۾ آهي. سندس لباس ڪاري رنگ جي ريشم جو هو ۽ سندس مٿي تي دلڪش رئو هو. سندس ڪلهن تي هڪ شال به پيل هئي، جنهن کي سون جي هڪ وڏي بروچ سان بند ڪيو ويو هو. هوءَ پڪ سان ڪنهنجي انتظار ۾ هئي. هو بيصبر ۽ ٿڪايل هئي. سندس چهرو ڪوماڻيل هو ۽ سندس چپ ۽ اکيون گرم ٿي معلوم ٿيون. هن بي چينيءَ ۾، پنهنجي سڄي پير سان صوفي جي ٻانهن کي ڌڪ پئي هنيا. ريڪٽن ۽ اليوشا کي ايندو ڏسي، منجهس خفيف بي آرامي پيدا ٿي. هنن ’هال‘ ۾ گهڙندي، سندس پٺي ڏئي اُٿڻ جي آواز کي چڱي طرح ٻڌو ۽ ايتري ۾ سندس ڊڄندڙ آواز آيو ته ”ڪير آهيو؟“ پر خادما هڪدم وڃي ملاقاتين سان ملي ۽ مالڪه وٽ وڃي ٻڌايائين.

 ”هي اُهو نه آهي، پر هيءُ ڪي ٻيا ملاقاتي آهن.“

 ”الائي ڇا آهي“، ريڪٽن، اليوشا کي ملاقاتي ڪمري ڏي گهليندي، هوريان چيو.

گروشينڪا صوفي جي ڀرسان بيٺي هئي ۽ اڃا به ڊپ ۾ هئي. سندس سياهه ۽ ڀورن وارن جي چڳ، سندس فيتي کان رڙهي، سندس سڄي ڪلهي تي اچي پئي هئي، جنهن جي کيس ڪابه خبر نه پئي ۽ ايستاِئين هن، انهن کي پوئتي نه اڇلايو، جيستاِيئن هن ملاقاتين کي پوري ريت ڏٺو ۽ سڃاتو.

 ”اڙي، ريڪٽن تون آهين؟ تو ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. ڪنهن کي وٺي آيو آهين؟ اِهو تو سان ڪير آهي؟ خدايا تون هـُـن کي وٺي آيو آهين!“  هن اليوشا کي سڃاڻيندي چيو.

 ”موم بتين لاءِ ماڻهو موڪل ” هن کيس پنهنجي گهرائي ڏيکاريندي چيو. ڄڻ ته هو سندس قريبي دوست هو، ۽ کيس اها اجازت هئي، ته سندس گهر ۾ ڪوبه حڪم ڏيئي سگهي.

 ”موم بتين..... ها موم بتيون، فينيا..... هن کي هڪ موم بتي ڏي. ها! تو، هن کي آڻڻ لاءِ هيءُ وقت انتخاب ڪيو آهي! ” هنُ وري ڳالهايو ۽ اليوشا ڏي ڏسندي، آئيني ڏي مـُـڙي ۽ جلدي ۾ پنهنجي ٻنهي هٿن سان وارن کي جائيتو ڪرڻ لڳي. هوءَ ناراض ٿي ڏٺي.

ريڪٽن پنهنجي توهين کي سمجهندي، هڪدم کيس چيو: ته  ”ڇا، مان توکي راضي ڪرڻ لاءِ هيءُ سڀ ڪجهه نه ڪيو آهي.“

 ”سچ پچ ريڪٽن تو مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. ” گروشينڪا مشڪندي اليوشا ڏي ڦري.  ”پيارا اليوشا مون کان خوف نه کاءُ. تون اهو خيال ئي نه ڪري سگهندين ته مان توکي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿي آهيان. منهنجا، اميد جي خلاف ملاقاتي. پر ريڪٽن تو مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. مان سمجهيو ته مـِـتيا اچي ويو. تو کي خبر نه آهي، مان ان کي هاڻي ٺڳيو هو. مان کيس چيو هو ته مون تي يقين ڪر، پر اهو مان ڪوڙ ڳالهايو هيومانس. مان کيس ٻڌايو ته اڄوڪي شام مان پوڙهي ڪزماڪزمچ وٽ گذارينديس ۽ اُتي دير تائين هونديس، جيستاِيئن سندس رقم اچي وڃي ۽ اُن کي ڳڻي وٺان. مان هميشه هفتي ۾ هڪ ڀيرو سڄي شام سندس حساب ڪتاب کي ٺاهڻ لاءِ وٽس گذاريندي آهيان، اسان پاڻ کي بند ڪري ڇڏيندا آهيون. هو پيسن کي شمار ڪندو آهي، ۽ اُن وچ ۾ مان ويهي سندس ڪتاب ۾ اهي شيون داخل ڪندي آهيان. مان انسانن ۾ هڪ ئي آهيان، جنهن تي سندس اعتبار آهي. مـِـتيا اِيئن سمجهندو هوندو ته مان اُتي آهيان، پر مان موٽي آئي آهيان ۽ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيو اٿم ۽ ڪن خبرن جي انتظار ۾ آهيان. اوهان کي الائجي فينيا اندر ڇڏيو آهي. فينيا، فينيا ڊوڙ، ٻاهر وڃي ڏس ته ڪئپٽن ڪٿي نظر ته نه ٿو اچي. اهو هميشھ لڪندو ۽ جاسوسي ڪندو آهي. مان ان کان سخت خوفزدهه آهيان.

 ”هتي ته اگرافينا اليگزينڊرووينا ڪوبه نظر نه ٿو اچي. مان هاڻي ڏسي آئي آهيان. مان دروازي جي چيرن مان چڱي ريت جهاتيون پائي ڏٺو آهي. مان پاڻ خوفزدهه آهيان ۽ ڏڪان ٿي.“

 ”بادبان ته چڱي ريت بند آهن فينيا؟ اسان کي پردا ڏيڻ گهرجن. اهو چڱو ٿيندو. ” هن ڳورن پردن کي پاڻ ڇڪيو.  ”هن جيڪڏهن روشني ڏٺي ته ڊوڙي پوندو. اليوشا، مان تنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کان اڄ ڏاڍو ڊڄان ٿي.“

گروشينڪا زور سان ٿي ڳالهايو، جيتوڻيڪ هوءَ خوفزدهه هئي. هوءَ ڪنهن ڳالهه کان بيحد خوش ٿي ڏٺي.

 ”تون اڄ ڇو خاص طرح مـِـتيا کان خوفزدهه آهين؟ ” ريڪٽن کانئس پڇيو. مان ته توکي کانئس ايترو هيسيل نه ٿي سمجهيو. تون ته پنهنجي آڱر جي اشاري تي کيس نـچائي سگهين ٿي؟“

مان توکي ٻڌايان ٿي ته مان ڪن قيمتي خبرن جي انتظار ۾ آهيان، جي نهايت بي بها آهن. ان ڪري مون کي مـِـتيا ڪنهن به حالت ۾ نه ٿو کپي. مان ڄاڻان ٿي ته کيس اهو ڪڏهن به ويساهه نه آيو هوندو ته مان ڪزماڪزمچ وٽ آهيان. هو هاڻي فيودورپاولوچ جي باغ ۾ لڪي، مون کي ڏسندو هوندو. مان کيس چيو هو ته مان اتي اڌ رات تائين ترسنديس. جيڪڏهن هـُـو اُتي آهي ته هيڏي نه ايندو. اِهو به چڱو ٿيو! پر مان سـَـچ پچ ڪزماڪزمچ مان کيس چيو هو ته اڌرات اچي، مون کي گهر وٺي هلي. هو هليو ويو ۽ مان فقط ڏهه منٽ ڪزماڪزمچ وٽ ترسيس ۽ وري هيڏي هلي آيس. اُف، مان بيحد خوفزدهه هيس. مان هن خوف کان ڊوڙندي آيس ته هوُ متان ملي نه وڃي.“

 ”تو ڇو هيءُ لباس پهريو آهي؟ ڪهڙي نه مزيدار ٽوپي، تنهنجي مٿي تي آهي!“ 

 ”ريڪٽن، تون پاڻ ڪيڏو نه مزيدار آهين. مان توکي ٻڌايان ٿي ته مون کي اڄ ڪو پيغام اچڻ وارو آهي. جيڪڏهن مون کي پيغام ملي ويو. مان اُڏامي وينديس. تيزيءَ سان وينديس ۽ وري تون مون کي هتي نه ڏسندين. اهو سبب آهي، جو مان اهو لباس پهريو آهي، جيئن مان تيار هجان.“

 ”تون ڪيڏانهن اُڏرڻ ٿي گهرين؟“

 ”جيڪڏهن تون وڌيڪ معلوم ڪرڻ گهرندين ته جلد ئي پوڙهو ٿي ويندين.“

 ”سچ پچ تون ڏاڍي خوش ٿي ڏسجين..... مان تو کي اهڙي ريت ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. تو اهڙيءَ ريت پوشاڪ پهري آهي، ڄڻ ته رقص جي محفل ۾ وڃي رهي آهين. ” ريڪٽن، کيس هيٺ، ۽ مٿي نهاريندو رهيو.

 ”تون رقص جي محفل کي، تڏهن ڄاڻندو آهين.“

 ” ۽ تون به ان جي متعلق ڄاڻندي آهين؟ “

 ”مان رقص جي محفل ڏٺي آهي. ٻه سال ٿيا، ڪزما ڪزمچ جو پٽ پرڻيو هو ۽ مان گئلريءَ مان، اُن مجلس کي ڏٺو هو. تون خيال ڪندو هوندين ريڪٽن ته مان توسان فقط ڳالهائڻ گهران ٿي. هيڏانهن هڪ شهزادو بيٺو آهي. اهڙو ملاقاتي! اليوشا، منهنجا پيارا ٻار، مان توڏانهن نهاريان ته ٿي، پر مون کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه ٿو اچي. خدايا، تون مون کي هت ڏسڻ لاءِ آيو آهين. مان سچ ٿي چوان ته مون کي توکي ڏسڻ جو خيال ئي نه ڪرڻ گهربو هو، نه وري هيءَ ٿي سگهيو ٿي ته مون کي تون ڏسڻ ايندين. جيتوڻيڪ هيءَ گهڙي شڪراني جي نه آهي. پر مان تو کي ڏسي بيحد خوش ٿي آهيان. صوفي تي ويهه. هان ساڄي پاسي. اهائي تنهنجي پوري جاءِ آهي، منهنجا ننڍڙا، چمڪندڙ چنڊ! مان تنهنجي هاڻي ڪابه خدمت ڪري نه ٿي سگهان. افسوس ريڪٽن، تون کيس هڪ ٻه ڏينهن اڳ آڻين ها، ڪالهه يا هڪ ڏينهن اڳ. پر هاڻي جيئن آهي، مان اُن کان به بيحد خوش آهيان. اهو به چڱو جو هاڻي ۽ هن گهڙي اچي ويو آهي، سڀاڻي ۽ پرينهن کان بچي وئي آهيان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org