سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ٽيون

صفحو :6

 

حصو ٽيون

 

نفس

پرست

باب پهريون

نوڪر جي ڪوٺڙيءَ ۾

ڪرامازوف جو گهر جيتوڻيڪ شهر جي وچ ۾ نه هو، تڏهن به ايترو دور نه هو. سندس گهر پراڻي قسم جو، وڻندڙ ناسي رنگ لڳل مڪان هو ۽ ٻن طبقن ۾ ورهايل هو. ڇت ڳاڙهي لوهه جي هئي. گهر ۾ آرام وارا ڪمرا هئا ۽ اُنهن جي ڪـِـرڻ جو اَڃا ڪو ڊپ نه هو. گهر ۾ اَنداز کان ٻاهر ڪٻٽ لڳل هئا، خلوت گاهه ۽ ڏاڪڻيون به هيون. گهر ۾ ڪوئا به هئا پر فيودور پاولووچ ، اُنهن کي ناپسند ڪونه ڪندو هو.  ”شام جو جڏهن اَڪيلو ٿو ٿـِـجي، ته اَڪيلائي هروڀرو محسوس ڪانه ٿي ٿئي.“  هـُـو هميشه ايئن چوندو هو. سندس اِها عادت هئي، ته هو رات جو پاڻ کي گهر ۾ اَڪيلو بند ڪري، نوڪرن کي ٻاهرين ڪوٺڙيءَ ۾ موڪلي ڏيندو هو. ٻاهرين ڪوٺي، احاطي جي اندر، هڪ چڱي پختي جڳهه هئي، جنهن ۾ ڪمرا به هئا.

اسان جي هن ڪهاڻي وقت، گهر ۾ فيودور پاولووچ  ۽ سندس پٽ ايون کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه رهندو هو. ڪوٺيءَ ۾ صرف نوڪر ئي رهندا هئا. پوڙهو گريگري، سندس پوڙهي زال مارفا ۽ سميرڊياڪوف، جو اَڃا نوجوان ڇوڪرو هو. اِنهن ٽنهي جو اسان کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪرڻو آهي.

پوڙهي گريگري بابت اسان اڳيئي ڪجهه ٻـُـڌائي آيا آهيون. هـُـو ثابت قدم ۽ مستقل مزاج وارو ماڻهو هو. پنهنجي مقصد جي خاطر بلڪل اکيون ٻوٽي ۽ ضد جي حد تائين پٺيان پوندو هو. کيس ڪنهن سبب جي ڪري (جو اَڪثر غير معقول هوندو هو)، ڪنهن شيءِ جي لاءِ ڪو يقين ويهجي ويندو هو، ته هو اُن کي ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي سواءِ سچ سمجهندو هو. هـُـو سچار ۽ ديانت دار هو. مارفا اِگنٽوايتا ساري ڄمار سندس اطاعت شعار زال ٿي رهي. غلامن جي آزادي کان پوءِ هوءَ کيس تمام گهڻو ستائڻ لڳي. هوءَ کيس چوندي رهندي هئي ته فيودور پاولووچ کي ڇڏي، ماسڪو ۾ هلي پنهنجي بچت مان ڪو ننڍڙو ڌنڌو شروع ڪري، پر گريگري هميشه لاءِ فيصلو ڪندي چيو ته،  ”عورت هميشه احمقانه ئي ڳالهائيندي  آهي. پنهنجي پراڻي مالڪ کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ گهرجي. توڙي کڻي هـُـو ڪيئن به هجي. اِهوئي اَسان جو فرض آهي.“

 ”توکي خبر آهي ته فرض ڇا ٿيندو آهي؟“

 ”گريگري! مون کي خبر  آهي ته فرض ڇا ٿيندو آهي، پر اسان جي هتي رهڻ ۾ ڪهڙو فرض آهي؟ اِهو مان ڪڏهن به سمجهي نه سگهنديس“. مارفا پوري اعتماد سان جواب ڏنو.

 ”چڱو آهي ته تنهنجي سمجهه ۾ نه اَچي. اِهو ايئن ئي ٿيندو. تون پنهنجي زبان کي بند رک.“

پوءِ اِيئن ئي ٿيو. هـُـو اِتي ئي رهي پيا ۽ فيودور پاولووچ کين پابندي سان ٿوري پگهار ڏيڻ جو واعدو ڪيو. گريگريءَ کي اِها ڄاڻ هئي، ته کيس پنهنجي مالڪ جي مٿان،ڪنهن به گمان کان سواءِ، وڏو اَثر حاصل آهي. اِهو هيو به سچ. کيس اِها به خبر هئي، ته فيودور پاولووچ ، ضدي، چالاڪ ۽ بيوقوف  آهي. اُن هوندي به جيتوڻيڪ زندگيءَ جي مسئلن ۾ هن پنهنجو عزم راسخ پئي ڏيکاريو پر اِها تعجب جهڙي ڳالهه هئي ته هـُـو زندگيءَ جي ڪيترن نازڪ معاملن ۾، هـُـو منهن ڏيڻ ۾ پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪندو هو. کيس پنهنجين ڪمزورين جي ڄاڻ هئي ۽ اُنهن کان ڊڄندو به گهڻو هو. ڪي اِهڙيون حالتون به ٿين ٿيون، جن تي نهايت ئي تيز نظر رکڻي پوي ٿي. اِهي ڳالهيون تڏهن ئي آسان ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ڪو اعتبار جوڳو ماڻهو موجود ٿئي ٿو ۽ گريگري ڀروسي جهڙو هو. پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترن ئي موقعن تي مار کائڻ کان رڳو گريگريءَ جي وچ ۾ پوڻ تي بچي ويو هو. پوڙهو نوڪر، اِهڙن موقعن تي کيس ڊگهي نصيحت ڪندو هو، پر رڳو مارکائڻ ته نه هئي، جنهن کان فيودور پاولووچ کي خوف ٿيندو هو. ڪڏهن ته اوچتوئي اوچتو ڪيتريون اِهڙيون سخت گهڙيون آيون ٿي، جي بيحد نازڪ ۽ پيچيده هونديون هيون. اُن وقت فيودور پاولووچ کي غير معمولي طور تي ڪنهن وفادار ۽ مخلص انسان جي ضرورت پوندي هئي. اُها سندس بلڪل افسرده حالت هوندي هئي. بدچلني ۽ اَڪثر نفساني خواهش ۾ ظالماڻي حد تائين، هڪ نقصان ڪينئين جان فيودور پاولووچ تي، ڪنهن وقت انتهائي شراب جي خمار ۾ باطل دهشت کان اخلاقي ڏڪڻي پوري زور سان پيدا ٿي ويندي هئي. هـُـو هـُـن موقعي تي اڪثر چوندو هو ته  ”اِهڙين گهڙين ۾ منهنجو روح، منهنجي ڳلي ۾ اَٽڪي پوندو آهي ۽ ٿـَـر ٿر ڪنبڻ لڳندو آهي ۽ اُن وقت هـُـو ايئن محسوس ڪندو هو ته ڪوئي سندس قريب  آهي. سندس ڪمري ۾ نه ته به ٻاهرئين ڪوٺڙيءَ ۾ ته موجود آهي. هـُـو دلير، سچار ۽ نيڪ سيرت انسان آهي، جو هن جي بدچلني ۽ سمورن گندن رازن کان واقف آهي، جو پنهنجي وفاداريءَ کان نه فقط سڀ ڪجهه وساري ٿو ڇڏي، بلڪ اُن جي مخالفت به نه ٿو ڪري. سڀ کان وڌيڪ هيءُ ته هـُـو نه مٿس ملامت ٿو ڪري ۽ نه وري کيس هن يا ٻئي جهان جو خوف ٿو ڏياري. ضرورت جي وقت سندس حفاظت به ٿو ڪري - پر ڪنهن کان؟ ڪنهن نامعلوم شخص کان جو دهشت انگيز ۽ خطرناڪ آهي. هن کي اِهوئي گهربو ٿي، ته هـُـو سمجهي ته ڪو ٻيو ماڻهو آهي جو پوڙهو ۽ سندس آزمايل دوست آهي، جنهن کي هـُـو پنهنجي بي چين گهڙين ۾ محض هن لاءِ سڏي وٺي ٿو، ته جيئن هو سندس منهن ۾ نهاري يا ساڻس ٻه ٽي لفظ، پوءِ اُهي بي معنيٰ ئي هجن، ڳالهائي وٺي. پوڙهو نوڪر جي کانئس راضي هوندو ته کيس آرام پهچندو هو پر جي هـُـو ناراض هوندو هو، ته هـُـو وڌيڪ اُداس ٿي ويندو هو. ڪڏهن ته ايئن به ٿيندو هو جو رات جي وڳڙي ۾ فيودور پاولووچ  ڪوٺڙي ۾ وڃي (جو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو هو) گريگري کي ٿوري وقت لاءِ جاڳائيندو هو. پوڙهو نوڪر جڏهن وٽس ايندو هو، ته فيودور پاولووچ ساڻس ڪي معمولي ڳالهيون ڪندو هو ۽ پوءِ کيس موٽي وڃڻ لاءِ چوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ساڻس فقط کل چرچوئي ڪندو هو ۽ بس. هـُـو جڏهن موٽي ويندو هو، ته فيودور پاولووچ  پاڻ کي ملامت ڪندي سمهي پوندو هو ۽ سمهڻ سان گهري ننڊ اَچي ويندي هيس.

گريگري ۽ سندس زال کي خدا اولاد کان محروم رکيو هو. کين هڪ ٻار ٿيو هو پر اُهو جلدي مري ويو هو. گريگريءَ کي ٻارن سان بي حد پيار هو ۽ هـُـو اُن کي ظاهر ڪندي نه شرمائيندو هو. سندس ٻار جو جنم ۽ موت، جو ڪنهن خاص سبب جي ڪري ٿيو هو، تنهن سان هڪ عجيب ۽ حيرت جهڙو واقعو (حادثو) ڳنڍيل هو. جنهن بابت هـُـو چوندو هو ته هـُـن سندس روح تي مهر هڻي ڇڏي آهي. اِهو ايئن ٿيو، ته جنهن رات ٻار کي دفنايو ويو هو، تنهن ساڳيءَ رات مارفا، ٻار جي دردناڪ روئڻ جي آواز تي جاڳي پئي هئي. هوءَ ڏڪي وئي ۽ جلدي جلدي پنهنجي مڙس کي جاڳايائين. هـُـن ڪن لائي اُن آواز کي ٻـُـڌو ۽ سوچيائين، ته ڪنهن عورت جي ڪنجهڻ جو ئي آواز  آهي. هـُـن اُٿي ڪپڙا پاتا، اُها مئي مهيني جي ڪافي گرم رات هئي. هـُـو جيئن ئي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ٿي، ته باغ جي طرف کان ڪـِـنجهڻ جو صاف آواز  ٿي آيو، پر احاطي کان، جو دروازو باغ ڏانهن ٿي ويو، سو رات جي ڪري تالي سان بند هو ۽ باغ چوڌاري لوهي تارن سان ويڙهيل هو. اُنڪري اندر وڃڻ لاءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو. هـُـو گهر موٽي آيو. بتي ٻاريائين ۽ ڪـُـنجي کڻي روانو ٿيو. هن پنهنجي زال جي مجنوناڻي خوف ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو، جنهن اَڃا ضد ٿي ڪيو، ته هن ٻار جون رڙيون ٻـُـڌيون آهن، جي سندس پنهنجي ٻار جون آهن ۽ جو کيس رڙي سڏي رهيو آهي. هـُـو خاموشيءَ سان باغ جي اندر گهڙي ويو. هـُـن اُتي اُهو ڪنجهڻ جو آواز غسل خاني مان ايندي ٻـُـڌو، جو باغ جي دروازي سان الڳ هو. اُهي رڙيون هڪ عورت جون هيون. هـُـو دروازو کولي جڏهن گهڙيو تڏهن اندرين نظاري کيس پٿر جو بت بڻائي ڇڏيو. هڪ مستاني ڇوڪري، جا گهٽين ۾ رُلندي وتندي هئي، ۽ جنهن کي سڄو شهر ليزاويتا سمير ڊواساچا جي فرضي نالي سان سڏيندو هو، سا اُن غسل خاني ۾ گهڙي آئي هئي. هـُـن اُن وقت هڪ ٻار ڄڻيو هو ۽ پاڻ اُن ٻار جي ڀرسان بلڪل مرڻينگ حالت ۾ پئي هئي.هـُـن ڪجهه به نه چيو، ڇو ته هوءَ ڪجهه به ڳالهائي نه ٿي سگهي، پر سندس ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ هڪ باب ضروري آهي.

 

باب ٻيو

ليزاويتا

اِها هڪ اهڙي حقيقت هئي، جنهن گريگريءَ کي خاص طرح متاثر ڪيو، جا اَڻ وڻندڙ به هئي ۽ باغياڻا شڪ پيدا ڪندڙ به. اِها ليزاويتا ڪي قدر قد جي بندري هئي. پنجن فوٽن جي اندر قد هوس. جيئن ڪي شريف عورتون ڏک وچان ٻـُـڌائينديون هيون، سندس ويڪري، خوشگوار ۽ گلابي منهن مان چريائپ صاف بکندي هئي. هوءَ جڏهن اکيون هڪ هنڌ جهلي ٽڪٽڪيءَ سان ڏسندي هئي، جي جيتوڻيڪ بي زبان ۽ نماڻيون هيون، تڏهن به ناگوار نه لڳنديون هيون. گرمي توڙي سرديءَ ۾ هوءَ سدائين پيرين اُگهاڙي گهمندي هئي ۽ سواءِ هڪ پراڻي ۽ معمولي سڻيءَ جي ڪـُـڙتي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه پائيندي هئي. سندس کـُـهرا ۽ منجهيل ڪارا وار، جي گهٽيءَ جي پشم وانگر نظر ايندا هئا، اُهي ايئن لڳندا هئا، ڄڻ ته ڪا وڏي ٽوپي پهريل اَٿس. اُهي هميشه مٽيءَ سان ڀريل هوندا هئا، جن ۾ ڪک پن ڄميل هوندا هئا، ڇو ته هوءَ سدائين مٽيءَ ۾ ئي سمهندي هئي. سندس پيءُ اِليا، جو ٻئي گهر هئڻ کان سواءِ، سخت شرابي به هو، تنهن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو هو. هـُـن ڪيترن سالن کان، ڪن شاهوڪار واپارين وٽ هڪ پورهيت ٿي گذاريو هو. ليزاويتا جي ماءُ کي فوت ٿئي ڳچ وقت گذري ويو هو. اِليا، جو ساڙيلو ۽ مريض هو، هـُـو ليزاويتا کي جڏهن به گهر ۾ ايندي هئي، ته وحشين وانگر سخت ماريندو هو، پر ليزاويتا کي اُن جو ڪوبه خيال نه ٿيندو هو. شهر جو هر ڪو ماڻهو کيس هڪ مستاني ۽ خدا جي پياري ڪري سمجهندو هو ۽ سندس نظرداري ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. اليا جو مالڪ ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو، خاص ڪري واپاري، ڪوشش ڪري، کيس سٺو لباس، بوٽ ۽ سرديءَ ۾ کـَـلَ جو ڪوٽ ڍڪائيندا هئا. هوءَ کين ڪپڙن پارائڻ کان ڪين روڪيندي هئي. ڪپڙن پائڻ کان پوءِ، هوءَ اُتان، اَڪثر هلي ويندي هئي ۽ گهڻو ڪري ڪليسا جي اڱڻ ۾ وڃي، جو ڪجهه به هن کي پارائيندا هئا - مٿي جو رومال، چمڙي جو ڪوٽ، فراڪ يا بوٽ - اُهي اُتي لاهي ڦٽا ڪندي هئي، ۽ پوءِ اڳي وانگر پيرين اُگهاڙي ۽ پراڻي ڪُـڙتي ۾ گهمندي وتندي هئي. سندس پيءُ آخر مري ويو، جنهن ڪري شهر جا ماڻهو کيس يتيم سمجهي، پنهنجين اکين ۾ وڌيڪ جاءِ ڏيڻ لڳا. اِها حقيقت آهي ته هرڪو ئي کيس ڀائيندو هو. نه فقط ايترو پر ٻار به کيس نه ڇيڙيندا هئا. هوڏانهن اسان جي اسڪول جا ٻار نهايت شرير آهن. هوءَ ڪنهن به ڌارئي گهر ۾ لنگهي ويندي هئي، ته ڪوبه کيس هڪالي نه ڪڍندو هو. سڀڪو مٿس رحم کائيندو هو ۽ ڪجهه نه ڪجهه کيس ڏيندو ئي هو. کيس جيڪڏهن ڪو ٽامي جو سڪو ملندو هو، ته اُهو هڪدم وڃي ڪليسا جي پيٽيءَ ۾ وجهندي هئي، پر بازار ۾ جيڪڏهن ڪا شيءِ يا ڊبل روٽي ملندي هيس ته اُن ٻار کي ڏئي ڇڏيندي هئي، جو پهريائين کيس ملي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شهر جي ڪنهن متمول عورت کي بيهاري، اُن کي سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندي هئي ۽ اُها به خوشيءَ مان کانئس وٺندي هئي. هـُـن سواءِ سڪل ماني ڳڀي  ۽ پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه چکيو هو. هوءَ جيڪڏهن ڪنهن عمدي دُڪان تي چڙهي ويندي هئي، ۽ اُتي جيڪڏهن قيمتي شيون يا پيسا پيا هوندا هئا، ته ڪوبه مٿس چوڪسي نه رکندو هو، ڇو ته کين خبر هوندي هئي ته جي هزارن جا روبل به پيا هوندا، ته هوءَ اُنهن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندي. هوءَ ڪليسا جي اندر به ٿورو ويندي  هئي. ڪليسا جي اڱڻ ۾ سمهندي هئي، يا گهرن جي دِڪين تي يا ڪنهن باغيچي جي بورچيخاني ۾. هوءَ هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي گهر ۾ ضرور ويندي هئي، جو سندس پيءُ جي اڳئين مالڪ جو گهر هو. سرديءَ ۾ هوءَ اُتي هر رات ويندي هئي، پوءِ يا ته ڪنهن گذرگاهه يا ڳئن جي واڙي ۾ سمهندي هئي.

واقعو ايئن ٿيو، جو گهڻا سال اڳ، سيپٽمبر جي هڪ گرم چانڊوڪيءَ رات ۾، پنج ڇهه لا اُبالي ماڻهو، جي شراب ۾ بدمست هئا، گهڻو گهڻو دير سان ڪلب کان ٿي موٽيا. اُهي اُونداهن رستي کان، جو باغن جي پٺيان ۽ جاين جي وچان ٿي ويو، ۽ جن جي ٻنهي پاسن کان دِڪا نڪتل هئا، لنگهي رهيا هئا. هي رستو هڪ بدبودار تلاءَ تائين ٿي ويو، جنهن کي عام طرح اَسان درياءَ سڏيندا هئاسون. خاردار پنن ۽ ننڍڙن ٻوٽن جي اندر ڍڪيل هڪ دِڪيءَ تي ليـِـزاويتا کين سمهيل نظر آئي. هـُـو سڀئي مٿس بيهي، ڏسڻ ۽ کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، جن مان سندن بي لغام شهوت پرستي صاف ٿي ڏٺي. اُن وقت هڪ نوجوان کي اَلائجي ڇو اِهو خيال آيو جو هڪ عجيب ۽ غريب سوال ڪيائين ته،  ”توهان مان، ڇا اِهو ممڪن آهي جو ڪو هن جانور کي عورت سمجهي؟“  سڀني پـُـروقار طور پنهنجي ڪرامت کي ظاهر ڪندي چيو ته  ”اِهو ناممڪن آهي.“  پر فيودور پاولووچ  جو اُن ٽولي ۾ سـَـٽ ڏئي اڳيان آيو ۽ چيائين ته  ”اِهو بلڪل ناممڪن آهي، نه فقط ايترو پر اُن ۾ لذت ۽ سلوڻائي به آهي.“  اُن وقت اِهو سچ آهي ته هـُـو پنهنجي احمقاڻي پارٽ کي وڌيڪ نمايان طور تي اَدا ڪري رهيو هو. هن چاهيو ٿي ته پاڻ کي اڳيان ڪري دوستن کي وندرائي. اِهو سڀ هڪ جهڙائيءَ جي خيال کان هو، پر درحقيقت ٻين جي مقابلي ۾ هڪ غلام پست ۽ بي آبرو کان وڌيڪ نه هو. اِهو اُن وقت ٿي رهيو هو، جڏهن هن کي پيٽسبرگ مان پهرئينءَ زال جي موت جي خبر پهتي هئي. سندس ٽوپلي تي ماتمي ڪارو پٽو ٻڌل هو. پر تڏهن به هن شراب پيتو ٿي ۽ ايتري بي حيائي ٿي ڏيکاري، جو اَسان مان ڪي البيلا به اِهو نظارو ڏسي جيڪر گهٻرائجي وڃن. شرابي هن اوچتي عجيب راءِ تي کلڻ لڳا ۽ اُنهن مان هڪڙي ته کيس اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ به چئلينج ڪيو. پر ٻين اُن مڪروهه خيال جي شدت سان مخالفت ڪئي، جيتوڻيڪ هـُـو اُن مان، اَڃا به مزو ۽ خوشي حاصل ڪري رهيا هئا. هـُـو آخرڪار پنهنجو رستو وٺي هليا ويا. ٿوري وقت کان پوءِ فيودور پاولووچ  به قسم کڻي ويو ته هـُـو به هنن سان گڏ هليو ويو هو. اِهو شايد سچ به هجي، ڇو ته ڪنهن کي اُن جي پـَـڪ سان سـُـڌ به ڪانه آهي ۽ نه وري اُن جي ڪڏهن ڪا خبر ئي پئجي سگهي آهي. مگر پنجن ڇهن مهينن جي گذرڻ کان پوءِ سموري شهر ليزاويتا جي حالت تي نه فقط تبصرا ٿي ڪيا بلڪ اُن تي سخت غصي ۽ ناراضپي جو اظهار به ٿي ڪيو. هنن اِها ڪوشش ٿي ڪئي ته اُن بدمعاش جو پتو ڳولهي لهن، جنهن هـُـن سان هيءُ گناهه ڪيو آهي. سڄي شهر ۾ اوچتو ئي اوچتو اِهو سخت افواهه پکڙيو، ته اِهو بدمعاش ٻيو ڪوبه نه آهي پر فيودور پاولووچ  آهي. پر اِهو افواهه اُٿاريو ڪنهن؟ اُن شرابي ٽولي مان پنج ڄڻا ته شهر ئي ڇڏي ويا هئا، ۽ جو باقي اسان وٽ هو، سو هڪ معمر ۽ ڪافي عزت وارو هو ۽ سول ڪائونسلر به هو. هـُـو بالغ ڌيئن جو پيءُ هو. اِن ڳالهه ۾ جيڪڏهن ڪا سچائي به هجي ها ته به هـُـو مشڪل سان اُن ڳالهه کي چوري ها. پر اُفواهه جو سنئون سنواٽو اشارو فيودور پاولووچ  ڏانهن هو ۽ اُن ۾ بيحد مضبوطي به هئي.

گريگري پنهنجي مالڪ لاءِ اُن وقت پوري طاقت سان اُٿي بيٺو. هـُـن ڪيترن سان جهڙپون کاڌيون ۽ مالڪ جي بچاءَ ۾ ڪيترائي خطرناڪ جهڳڙا به ڪيا. اِنهن حالتن ۾ سمورين ڳالهين هوندي به، ماڻهن جي همدردي جا کين اُن ويچاري مستانيءَ لاءِ هئي، تنهن ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. اڳي کان به وڌيڪ سندس پرگهور ٿيڻ لڳي. هڪ شاهوڪار واپاريءَ جي بيواهه، جنهن جو نالو ڪنڊراتووف هو، اپريل جي پڇاڙيءَ تائين بندوبست ڪري، پنهنجي گهر کڻائي وئي، هن خيال کان، ته ويم وارن ڏينهن گذرڻ کان اڳ کيس نه ڇڏيو وڃي. هنن مٿس هر دم چوڪسي ٿي رکي، مگر ايتري خبرداري ۽ نگهبانيءَ هوندي به هوءَ پوين ڏينهن ۾ اُتان کـِـسڪي وئي ۽ فيودور پاولووچ  جي باغ ۾ گهڙي وئي. پنهنجي اُن حالت ۾، هوءَ ڪيئن ايڏين وڏين تارن کان ٽپي اندر ٿي، سو هڪ راز ٿي رهجي ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته ڪن کيس اندر ٽپڻ ۾ واهر ڪئي آهي. ڪن وري ڪنهن پـُـر اسرار ڀيانڪ شيءِ ڏانهن ٿي اشارو ڪيو. هن جي مناسب سمجهاڻي اِهائي آهي ته اِهو سڀ ڪجهه فطري طرح ئي ٿيو هو. ليزاويتا کي ڏاڪڻين ۽ ڀتن ٽپڻ جي عادت هئي. جيئن ته هوءَ اُهي ٽپي وڃي باغن ۾ سمهندي هئي،  پنهنجي نازڪ حالت هوندي به هوءَ ڪنهن طريقي سان اِنهن تارُن تان ٽپي اندر وئي هجي ۽ پاڻ کي زخمي به ڪيو هـُـجائين.

گريگري ڊوڙندو مارفا وٽ آيو ۽ کيس ليزاويتا ڏانهن موڪلي پاڻ ڀر ۾ رهندڙ هڪ دائيءَ ڏانهن هليو ويو. هنن ٻار کي ته بچائي ورتو، مگر ليزاويتا پرهه ڦٽيءَ کان اڳ گذاري وئي. گريگري ٻار کي کڻي آيو ۽ پنهنجيءَ زال کي ويهاري، ٻار کڻي سندس گود ۾ وڌو.  ”هيءُ خدائي ٻار آهي، يتيم ۽ سڀني جو پيارو ۽ اسان سڀني کان مٿانهون. اسان جو ننڍڙو وڃايو آهي، تنهن ڪري، هيءُ اسان کي موڪليو ويو آهي. هيءُ جيڪڏهن شيطان جو پـُـٽ آهي، پر پاڻ هن جي پرورش ڪريون.“

مارفا ٻار کي نپائي وڏو ڪيو. سندس پاويل نالو رکيو ويو. ماڻهن وري هن کي فيودور جو پٽ سڏيندي ۽ ڪرامازوف خاندان ۾ گڏيندي دير ئي نه ڪئي. فيودور پاولووچ  ڪنهن به ڳالهه تي اعتراض نه ڪيو، جيتوڻيڪ هيءُ سڀ ڪجهه تفريح خاطر هو. هو اُن جي ذميوارين جو پوريءَ ريت انڪار ڪندو رهيو. شهر جا ماڻهو، هن تي خوش هئا جو هـُـن لڌل ٻار کي گود ۾ ورتو هو. فيودور پاولووچ  ٿورو وقت پوءِ، ٻار جو نالو ڳولي ورتو ۽ کيس ماءُ جي نالي پوئتان ’سميرڊياڪوف‘ سڏڻ لڳو.

سميرڊياڪوف پوءِ فيودور پاولووچ  جو ٻيو نوڪر بڻيو ۽ اسان جي هن ڪهاڻيءَ وقت گريگري ۽ مارفا سان گڏ سندن ڪوٺڙيءَ ۾ رهندو هو. هـُـو راڌي جو ڪم ڪندو هو. مون کي هن سميرڊياڪوف بابت ڪجهه چوڻو آهي، جو احسانمنديءَ جي جذبي کان پري ٿي وڏو ٿيو. جيئن گريگري ظاهر ڪندو هو، هـُـو ناشڪر هو ۽ ايئن لڳندو هو ڄڻ ته هـُـو دنيا کان بدظن آهي. ننڍپڻ ۾ ٻليون ڦاسائي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ ۾ کيس ڏاڍو مزو ايندو هو. ٻليون جڏهن مري وينديون هيون، ته پوءِ اُنهن کي وڏي شان شوڪت سان دفن ڪندو هو. اُن وقت هـُـو سفيد چادر ڍڪيندو هو، جا ڪنهن پادريءَ جي اَڇي جـُـبي وانگر لڳندي هئي. ڪجهه ڳائيندو هو ۽ ڪجهه اُن ٻليءَ جي مٿان هار ٻڌندو هو، ڄڻ ته اُن کي واس ڏئي رهيو آهي. گريگري هڪ ڀيري اُن کي اُن تفريح ۾ پڪڙي ورتو ۽ کيس چڱي مار ڏنائين. هـُـو رسي وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي هفتا تيسو ڪري ويهي رهيو.

 ”هن دئيت کي نه تنهنجي ۽ نه منهنجي ئي پرواهه آهي،“ گريگري اڪثر مارفا کي چوندو هو.

 ”هن کي ته ڪنهن جي به پرواهه ڪانه آهي. اَڙي تون انسان به آهين؟“  هن ڇوڪري کي مخاطب ٿيندي چيو.  ”تون  آدمي نه آهين پر تون سينور آهين، جو غسلخاني ۾ پليو آهين. تون رڳو اِهو ئي آهين ۽ بس“. سميرڊياڪوف ايئن ٿو معلوم ٿئي، ته اِنهن لفظن کي حياتيءَ ڀـَـر پنهنجي ذهن ۾ رکي ڇڏيو. گريگري کيس لکڻ پڙهڻ به سيکاريو. جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو، ته کيس مقدس ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيائين، پر اُن مان کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيو، ٻئي يا ٽئين سبق وٺڻ وقت ڇوڪرو اوچتو ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.

 ”اِهو ڇو؟“  گريگري غصي مان پنهنجي عينڪ جي مٿان نهاريندي چيو.

 ”ڪجهه به نه، خدا پهرئين ڏينهن روشني پيدا ڪئي. سج، چنڊ ۽ ستارا چوٿين ڏينهن اها روشني ڀلا پهرئين ڏينهن ڪٿان آئي؟“

گريگري اِهو ٻـُـڌي وسو ٿي ويو ۽ ڇوڪري پنهنجي استاد ڏانهن طنزيه طور نهاريو. هن جي خيال جي اظهار ۾ يقيناََ پنهنجي مربيءَ کي، اُن جي مرتبي کان هيٺ ڪيرائڻ وارا لفظ هئا. گريگري پاڻ کي قبضي ۾ رکي نه سگهيو-  ”چڱو، مان ٿو توکي ٻڌايان ته ڪيئن؟“  هن ڀـَـرُ ڪري ڇوڪري جي ڳل تي ٿڦڙ وهائي ڪڍي. ڇوڪري چماٽ کائڻ کان پوءِ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ پاڻ کي وري به ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪـُـنڊ ۾ وڃي پوريائين. هڪ هفتي کان پوءِ جو بيماريءَ جو مٿس حملو ٿيو، سو ساريءَ ڄمار ساڻس گڏ رهيو ۽ اِها مرگهي هئي.

فيودور پاولووچ جڏهن اِهو ٻـُـڌو ته سندس رخ ڇوڪري ڏانهن هڪدم بدلجي ويو. هن کان اڳ هـُـو اُن ڏانهن نهاريندو به نه هو. جيتوڻيڪ کيس ڌمڪي به ڪانه ڏني هئائين. جڏهن کيس ملندو هو ته هميشه ٽامي جو سڪو ڏيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن جي موج ۾ هوندو هو، ته کاڌي جي ميز تان مٺايون به اُن ڏانهن موڪلي ڏيندو هو. پر جيئن ئي کيس سندس بيماريءَ جي خبر پئي، ته هـُـو اُن ۾ دلچسپي ڏيکارڻ لڳو. هن ڊاڪٽر گهرائي علاج ڪرايو، پر ڇوڪرو لاعلاج مريض ثابت ٿيو. ڇوڪري کي هر مهيني ۾ هڪڙو ڀيرو دورو پوندو هو، پر جدا جدا وقفن کان پوءِ. ڪڏهن ته دورا خطرناڪ به پوندا هئس، ۽ ڪڏهن هلڪا ۽ معمولي. فيودورپاولووچ، گريگريءَ کي سختيءَ سان منع ڪئي ته کيس ڪابه جسماني سزا نه ڏئي ۽ کيس مٿي ڏاڪڻ چڙهي اَچڻ جي به اجازت ڏنائين. هـُـن اِها به منع ڪئي ته في الحال کيس ڪجهه به نه سيکاريو وڃي.

ٿوري عرصي گذرڻ کان پوءِ مارفا ۽ گريگري، فيودور پاولووچ  کي ٻڌايو ته سميرڊياڪوف ۾ آهستي آهستي عجيب ۽ غير معمولي نازڪ مزاجي پيدا ٿي رهي آهي. هـُـو شـُـروو اڳيان ٿو رکي، شرووي ۾ ٿو نهاري ۽ پوءِ چمچو ڀري، روشني ۾ جهلي ٿو بيهي.

 ”اِهو ڇا آهي! ڪو جيت آهي؟“  گريگري کانئس پڇندو هو.

 ”شايد مک آهي؟“  مارفا وري پنهنجي راءِ ڏيندي چيو.

نازڪ طبع جوان ڪوبه جواب نه ڏيندو هو، پر هـُـو پنهنجي ماني، گوشت، مطلب ته هر اُها شي“، جا کائيندو هو، تنهن سان اِهائي ڪار ڪندو هو. اُن کي باريڪ بينيءَ سان جاچيندو هو ۽ گهڻي غور ڪرڻ کان پوءِ کائڻ جو فيصلو ڪندو هو.

 ”هش، جوان جي ڪهڙي نه عمدي اَدا آهي.“  گريگري، اُن وقت ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪندي، سندس منهن ۾ نهاريندو هو.

فيودور پاولووچ ، جڏهن سميرڊياڪوف جي اِن عادت کي وڌندي ٻڌو ته کيس پنهنجي بورچي بڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. کيس اُن مطلب لاءِ ماسڪو به ڏياري موڪليائين. هـُـو ڪجهه سال اُتي رهي، جڏهن وڌيل به نظر ٿي آيو. پنهنجي عادتن ۾ جيئن وڃڻ کان اڳ ۾، تئن ئي هو، کيس ڪنهن جي دوستي ۽ سنگت ڏانهن ٿوري به خواهش ڪانه هئي. هن جي شڪل ۾ ڪجهه گهنج پئجي ويا هئا. جسم ۾ پـِـيلو ۽ ڪمزور ٿي لڳو.

ماسڪو ۾ به، جيئن اسان پوءِ ٻـُـڌو، ته هميشه خاموش ئي رهندو هو. ماسڪو خود هن لاءِ ڪابه وندر پيدا ڪري نه سگهيو. هـُـو مشڪل سان اُتان جي دلچسپين ڏانهن نهاريندو هو. هـُـو فقط هڪڙو دفعو ٿيئٽر ڏسڻ ويو ۽ جڏهن موٽي آيو، ته نه فقط خاموش هو پر ناراض به پئي لڳو. هـُـو جڏهن ماسڪو کان موٽي آيو تڏهن عمدو لباس پهريل هو. صاف سـُـٿرو ڪوٽ ۽ صاف سـُـٿري قميص پهريل هئس. هـُـو پنهنجي ڪپڙن کي اَڪثر ٻه دفعا ڏينهن ۾ ڏاڍي خبرداريءَ سان برش هڻي صاف ڪندو هو. چمڙي جي بوٽ کي خاص انگلش پالش سان اهڙو ته چمڪائيندو هو، جو آئيني وانگر ٿي پوندو هو. هـُـو هڪ بهترين بورچي ٿي پيو هو. فيودور پاولووچ ، کيس جيڪو به پگهار ڏيندو هو اهو سمورو ڪپڙن، خوشبودار تيل، عطر ۽ ٻين شين تي خرچي ڇڏيندو هو. هن کي جيتري عورتن کان ڌڪار هئي، اوتري مردن کان به. هو نهايت فهميدو هو ۽ هنن لاءِ، هـُـو بلڪل پهچ کان ٻاهر هو. فيودور پاولووچ هن کي مڙيوئي بي خيالي سان ڏسندو هو. هـُـن کي هاڻي جلد جلد دورا پوڻ لڳا ۽ جنهن ڏينهن بيمار ٿي پوندو هو، ته مارفا کي ماني تيار ڪرڻي پوندي هئي، جا فيودور پاولووچ  کي بنهه ڪين وڻندي هئي.

 ”تنهنجا دورا هاڻي ايترا خراب ڇو ٿا ٿين؟“  فيودور پاولووچ پنهنجي بورچيءَ کان اکيون ٽيڏيون ڪري پڇندو هو:  ”توکي شادي ڪرڻ جي ڀلا خواهش آهي؟ مان توکي زال ڳولي ڏيان؟“

هيءُ ٻـُـڌي سميرڊياڪوف غصي کان ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽ ڪوبه جواب ڪونه ڏيندو هو. اُن وقت فيودور پاولووچ  کيس  عجيب بي تابيءَ واري احساس ۾ ڇڏي ويندو هو. هن لاءِ سڀ کان وڏي اها ڳالهه هئي ته کيس پنهنجي ايمانداريءَ ۾ وڏو يقين هو. هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ته فيودور پاولووچ، شراب ۾ بيحد بدمست هو ۽ اُن مستيءَ ۾، هن کي جي تازو ٽن سون روبل جا نوٽ مليا هئا، اُهي گهر جي اڱڻ ۾ مٽيءَ ۾ ڪيرائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن جلدي جلدي، جيئن پنهنجا کيسا ڳولي رهيو هو، ته اُهي، هن کي ٽيبل تي نظر آيا. اِهي اِتي ڪٿان آيا؟ سميرڊياڪوف ٻي ڏينهن لـَـڌا هئا ۽ آڻي اُتي رکيا هئا.

 ”منهنجا پيارا! مون تو جهڙو ڪوبه نه ڏٺو آهي.“  فيودور پاولووچ، اِيئن چوندي کيس ڏهه روبل ڏئي ڇڏيا. ايترو چوڻ بي جا نه ٿيندو ته هـُـو ايمانداريءَ ۾ نه رڳو ڀروسو رکندو هو پر کيس اُن سان چاهه به هو. ان هوندي به هن جوان کي سڀڪو رُکو روح ئي سمجهندو هو، ڇو ته هـُـو هردم خاموش ۽ ماٺ ۾ ئي رهندو هو.

 

dc

 

باب ٽيون

جذباتي دل جي قبوليت (شعر ۾)

اليوشا پيءُ جي اُن حڪم تي، جو هن گاڏيءَ مان رڙ ڪري ڏنو هو، ٿوري وقت لاءِ بيحد پريشان ٿي پيو. پر هـُـو پنهنجي اُن بي چينيءَ کي روڪي نه سگهيو. جيتوڻيڪ اِها سندس عادت نه هئي. باوجود ناخوش هئڻ جي هـُـو تڪڙو تڪڙو بورچي خاني ڏانهن ويو، ته جيئن ڏسي سگهي ته سندس پيءُ مٿي ڇا ڪري رهيو آهي؟ هـُـو پنڌ پيو، اِن خيال کان، ته ممڪن آهي ته رستي ۾ اُن شڪ ۽ گمان جو کيس جواب ملي وڃي، جو کيس ايذاءُ پهچائي رهيو هو. مان هتي فقط ايترو ٻڌايان ٿو، ته پڻس جون رڙيون، جن ۾ کيس حڪم مليو هو ته،  ”پنهنجو تڏو ۽ وهاڻو کڻي واپس گهر اَچ” جو کيس ٿورو به خوف نه ٿيو. اليوشا کي پڪ هئي ته پڻس کيس ٻئي ڏينهن ئي خانقاه ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ چوندو. ٿي سگهيو ٿي، ته اُن شام جو ئي کيس چئي ڏي. کيس هن ڳالهه جي به پڪ هئي ته سندس پيءُ ڪنهن کي به ايذاءُ پهچائي پر کيس ڪڏهن به نه آزاريندو. اليوشا کي هيءُ به يقين هو، ته هن دنيا ۾ ڪوبه کيس نقصان پهچائڻ نه چاهيندو. کيس اِها به ڄاڻ هئي، ته کيس ڪوبه تڪليف ڏيڻ نه ٿو چاهي. اِن لاءِ کيس ظاهر ظهور ثابتي به هئي، جنهن لاءِ ڪوبه سوال اُٿي نه ٿو سگهي. اِن ڳالهه تي ڀروسو ڪري ۽ سواءِ ٻـُـڏتر جي هـُـو رستو وٺي هليو.

پر اُتي ئي کيس هڪ ٻئي قسم جي پريشاني ٿي ۽ اُن کيس گهڻو پريشان ڪيو. ڇو ته هـُـن اَڃا ڪوبه اهڙو فيصلو ڪونه ڪيو هو. اِهو خوف کيس ڪيٽرينا ايونونا کان هو، جنهن پنهنجي هڪ نوٽ ۾، جو مئڊم هولاڪوف جي ذريعي پهچايو ويو هو، منٿ ڪئي هئي، ته ساڻس ڪنهن ڳالهه بابت اَچي ملي. اُن منٿ ۽ اوڏانهن وڃڻ جي ضرورت، سندس دل ۾ هڪدم بي آراميءَ جو احساس پيدا ڪيو. صبح کان اِها بي تابي هن کي بي حد تڪليف ڏئي رهي هئي. جيتوڻيڪ مڙهيءَ ۾ فادر سپيرئر وٽ عجيب واقعو به ٿي گذريو هو. هـُـو ان ڪري پريشان نه هو، ته ڪو کيس اِها خبر نه هئي، ته هوءَ ڪهڙي ڳالهه بابت گفتگو ڪندي ۽ هـُـو ان جو ڪهڙو جواب ڏيندو؟ نه وري کيس هن ڳالهه جو خيال هو، ته هوءَ عورت آهي. عورتن جي کيس بلڪل ٿوري ڄاڻ هئي، جيتوڻيڪ خانقاه ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هن ننڍپڻ کان وٺي سڄي عمر عورتن سان ئي گذاري هئي. کيس ڪيٽرينا ايونونا کان وري به خوف پئي ٿيو. اُن وقت کان وٺي، جڏهن کيس پهريون دفعو ڏٺو هئائين، خوف کائيندو ٿي رهيو. کيس ٻه يا ٽي ڀيرا ڏٺو هئائين ۽ کيس ساڻس ڳالهائڻ جو تمام ٿورو موقعو مليو هو. هـُـن کي هن حسين، مغرور ۽ هٺيلي ڇوڪري ٿي سمجهيو. سندس اِها خوبصورتي نه هئي جا کيس ستائي رهي هئي، پر اَڃا به ٻيو ڪجهه هو. سندس اِهو خوف خطرو خود سندس ئي انديشي کي وڌائي رهيو هو. ڇوڪريءَ جو مقصد بلند تر هو، جنهن کان هو واقف به هو. هوءَ سندس ڀاءُ دمتريءَ کي پنهنجي دريا دليءَ جي باعث بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جيتوڻيڪ هـُـو ساڻس بـُـريءَ طرح پيش اَچي چڪو هو، تنهن هوندي به جيتوڻيڪ اليوشا اهڙن عمدن ۽ خراج دل جذبن کي چڱيءَ ريت محسوس ٿي ڪيو، تڏهن به جيئن جيئن هـُـو سندس گهر کي ويجهو پهچي رهيو هو، ته سندس بدن مان سيسراٽ ٿي اُڀريا.

هـُـن خيال ڪيو ته ايون، جو سندس دلي دوست آهي، سو اُتي ڪونه هوندو، ڇو ته هـُـو پڪ سان هن وقت پيءُ سان ئي هوندو. دمتريءَ بابت ته کيس پڪ هئي، ته هو ڪنهن به دليل کان سواءِ اُتي ڪونه هوندو. اُن ڪري ڪيٽرينا سان جا گفتگو ٿيندي، سا بلڪل اَڪيلائيءَ ۾ ئي ٿيندي. کيس اِها ڏاڍي خواهش هئي، ته اُن نڀاڳي ملاقات کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ سان جيڪر وڃي ملي. کيس خط ڏيکارڻ کان سواءِ ئي، اُن بابت ساڻس ڳالهائي، پر دمتري اُن جاءِ کان پري ٿي رهيو ۽ هـُـن سمجهيو ٿي ته هـُـو پنهنجي گهر کان به پري نڪري ويندو. هڪ منٽ لاءِ ترسي، هن آخري فيصلو ڪيو. پاڻ کي جلدي ۽ ساڳئي ئي طريقي سان رد ڪد ڏيندي، مشڪندي، هـُـو اُن خطرناڪ عورت جي طرف مـُـڙي هلڻ لڳو.

هن کي سندس گهر جي خبر هئي. هـُـو جيڪڏهن شاهي رستو وٺي بازار کان ڦرندو، ته کيس ڪافي ڊگهو مفاصلو لتاڙڻو پوندو. هـُـن اُنڪري پٺئين رستي کان وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي کيس پوري ڄاڻ هئي. کيس هڪ اهڙي باغ مان گذرڻو پيو، جو سندس پيءُ جي باغ سان لڳو لڳ هو. باغ جي ڀرسان پهچڻ وقت هـُـن پنهنجو مٿو مٿي کنيو، جو خيالن پچائڻ وقت جـُـهڪي ويو هئس. هـُـن اُتي اوچتو هڪ اهڙي شيءِ ڏٺي، جنهن جي کيس بلڪل اُميد ڪانه هئي.

باغ جي هڪ ڏاڪي جي مٿان، دمتري ڪنهن شيءِ تي چڙهي نـِـوڙيو بيٺو هو. هـُـو ڏانهس هٿن جا زور سان اشارا ڪري رهيو هو. هـُـن ڪجهه به نه ٿي ڳالهايو، جنهن مان صاف ظاهر هو ته هـُـن کي خوف پئي ٿيو ته ڪو کيس ٻـُـڌي نه وٺي. اِليوشا اُن طرف ڊوڙي ويو.

 ”چڱو ٿيو، جو تو ڏسي ورتو. مان ته توکي بلڪل واڪو ڪري سڏڻ وارو هوس.“  مـِـتيا خوشيءَ مان ڀڻڪو ڪيو.  ”هيڏانهن چڙهي اَچ. ڪهڙو نه سـُـٺو، جو تون هيڏانهن آيو آهين! مان اجهو، بنهه هينئر تنهنجي باري ۾ سوچي رهيو هوس.“

اليوشا پڻ گدگد پئي ٿيو. هـُـو منجهي پيو، ته ڏاڪي تان ڪيئن ٽپو ڏئي. متيا پنهنجو طاقت ڀريو هٿ سندس ٺونٺ هيٺان ڏئي، کيس ٽپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. اليوشا پنهنجي چوغي کي ورائي، اُگهاڙين ٽنگن تي زور ڏئي ڦڙتيءَ سان اندر ٽپو ڏنو.

 ”شاباس! هاڻي هليو اَچ” مـِـتيا خوشيءَ ۾ ڀرجي، سرگوشي ڪئي.

 ”ڪاڏي؟“  اليوشا به آهستي ڀڻڪو ڪيو. هن پاڻ کي هڪ ويران باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻيو ڪوبه سندس ويجهو ڪونه هو. باغ ننڍو هو، پر منجهس هڪ گهر ٺهيل هو، سو اَڃا پنجاهه کن قدم پري هو.

 ”هتي ته ڪوبه ڪونه آهي، تون هوريان ڇو ٿو ڳالهائين؟“  کيس اليوشا چيو.

 ”مان ڇو آهستي ڳالهايان، هي شرارت سمجهه!؟“  دمتري ڏاڍيان ڳالهايو.  ”ڏسين نه ٿو ته انسان جو ڪم ڪٿي وڃي پهتو آهي. مان هت لڪو ويٺو آهيان ۽ چوڪسي به منهنجي مٿان. اِهو توکي مان پوءِ سمجهائيندس پر ڳجهه ڳوهه ۾. مان به هڪ بيوقوف وانگر ٿو سـُـس پـُـس ڪريان، جڏهن اُن جي ڪابه ضرورت نه آهي. اَچ ته هلون. هوڏانهن تيستائين ماٺ ڪر. مان توکي چمي ڏيڻ گهران ٿو.“

هنن جملن ۾ خدا جي ئي تعريف آهي،

خدا جو شان مون ۾ آهي .......

 ”تنهنجي اَچڻ کان اڳ ۾، مان، هن نغمي کي، هتي ويهي ٿي دهرايو.“

باغ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ هو. اُن ۾ وڻ فقط لوڙهي جي چئن پاسن کان پوکيل هئا. اُهي صوف، صندل ۽ بيد جا وڻ هئا. باغ جو وچون حصو خالي هو، جوگاهه جي لاءِ هو، جنهن مان ڪيئي هنڊرويٽ تور سڪل گاهه اونهاري ۾ ميسر ٿيندو ٿي رهيو. باغ اونهاري ۾ ٿورن روبلن تي ٺيڪي ۾ ڏنو ٿي ويو. هنن کانسواءِ راسبيري ۽ انگور فرنگي پڻ ججها موجود هئا. گهر جي ڀرسان، رڌڻي جي ويجهو پڻ ننڍڙو باغ، جو بعد ۾ پوکيو ويو هو.

دمتري ڀاءُ کي باغ جي گوشائتي حصي ۾ وٺي ويو. اُتي ليمن جي گهاٽن جهڳٽن اندر ڪيترن ئي ورهين جو ڊٺل ۽ اونداهو گهر موجود هو، جو پراڻن وڻن ۽ بنفشي جي ولين ۾ ڍڪيل هو، جي وڻ ۽ وليون، برفباري جي ڪري، ڪٿي ڪٿي، ســُـڪي ۽ سڙي ويا هئا، مگر گهر جي چوڌاري پوءِ به ساوڪ هئي. اُن گهر جون ڀتيون ڄاريدار هيون ۽ اُنهن جي مٿان اَڃا ڇت موجود هئي، جا ڇانوَ ڏئي ٿي سگهي. خدا بهتر ٿو ڄاڻي، ته اِهو گرميءَ جو گهر ڪڏهن ٺهي راس ٿيو هو. هڪ روايت موجب، هيءُ گهر هڪ پينشن ورتل ڪرنل وان شمت ٺهرايو هو، جنهن جو قبضو اُن وقت سندس هٿ ۾ هو. هيءُ سڄو گهر هاڻي زوال پذير هو. فرش  خراب ٿي ويو هو، تختا ڍلا ٿي ويا هئا ۽ ڪاٺ جي جـُـڙيل شين مان بدبوءِ ٿي آئي. ان گرميءَ جي گهر ۾ سائي رنگ جي هڪ ڪاٺ جي ميز زمين ۾ کتل هئي، جنهن جي چوڌاري ڪجهه پراڻي قسم جون بينچون پيل هيون، جي اَڃا ويهڻ جي لائق هيون. اليوشا کي ڀاءُ جي خوشيءَ ۽ شادماني جي اَندازي لڳائڻ ۾ دير نه لڳي. مـَـنـَـههَ ۾ گهڙندي هن ڏٺو ته برانڊيءَ جي اَڌ بوتل ۽ شراب جو پيالو ميز تي رکيل هو.

 ”هيءَ برانڊي آهي؟“  مـِـتيا هي ٻـُـڌي کليو. مان تنهنجي منهن مان ئي سمجهي ورتو هو، ته هيءُ وري پيئي ٿو!

 ”وهمي صورت تي اعتبار نه ڪر. بيوقوف ۽ ڪوڙن انسانن ڏي ڪن نه ڏي. پنهنجي شڪ ۽ شبهي کي وساري ڇڏ. مان پيان ته نه ٿو، پر هن سان پنهنجي دل جمعي ڪريان ٿو، جيئن تنهنجو احمق ريڪٽن ٿو چوي. هڪ ڏينهن هو ملڪي صلاحڪار ٿيندو ۽ هميشه لطف اندوزيءَ جون ئي ڳالهيون ڪندو رهندو. ويهي رهه. اليوشا، مان توکي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺڻ گهران ٿو. مان توکي سيني سان  لڳائي، ايترو ته زور ڏيڻ گهران ٿو، جو تون پيهاٽجي وڃين. ڇاڪاڻ ته هن سڄيءَ دنيا ۾، حقيقت ۾ - حقيقت ۾، مان ڪنهن کي به نه، پر توکي پيار ڪريان ٿو. هي آخري لفظ هن ڪجهه وڏائيءَ ۽ فخر سان چيا.

 ”ٻئي ڪنهن سان نه، پر توسان ۽ هڪ سفيد پٿر سان، پنهنجي برباديءَ لاءِ محبت جو سودو ڪيو اٿم، پر ڪنهن سان محبت ڪرڻ جو مطلب هيءُ نه آهي ته مان اُن کي پيار ڪريان. تون ڪنهن عورت سان محبت ڪندو هجين، پر اُن هوندي به کيس ڌڪار ڪري سگهين ٿو. هن کي ياد رک. مان اُن جو اَڃا به مزي سان ذڪر ڪري سگهان ٿو. هت ميز جي ڀرسان ويهه ۽ مان تنهنجي ڀرسان ويهي توکي نهاريندس. تون ڳالهائيندو وڃ. جڏهن تون خاموش ٿيندين ته مان ڳالهائڻ شروع ڪندس. ڇاڪاڻ ته اُن جو وقت آيو آهي، پر ڪنهن بدناميءَ جي ڪري، جنهن کي تون ڄاڻين ٿو، چڱو ٿيندو، ته هوريان ڳالهايان. ڇاڪاڻ ته هتي - هتي - تون اُهو ٻڌائي نه سگهندين، جو ڪن غور سان ٻڌڻ چاهين ٿا. مان سڀ ڪنهن ڳالهه جي تشريح ڪندس، جيئن چون ٿا - ڪهاڻي مسلسل هوندي. مون تولاءِ  ڇو انتظار ٿي ڪيو؟ ۽ ڇو مان تنهنجي لاءِ هيترا ڏينهن اٻاڻڪو بڻيو رهيس ۽ هاڻي به (مون کي پنج ڏينهن ٿيا آهن، جو مان هتي لنگر هنيو آهي.) ڇاڪاڻ ته اُهو فقط تون آهين، جنهن کي مان سڀڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو. ڇاڪاڻ ته مون کي ضرور - ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي گهرج ٿي محسوس ڪئي. مان سڀاڻي ڪڪرن ڏانهن اُڏري ويندس. ڇاڪاڻ ته سڀاڻي حياتي پوري ٿي، وري شروع ٿيندي. ڪڏهن ايئن محسوس ڪيو اَٿئي يا خواب ۾ ڏٺو اَٿئي ته هڪ ماڻهو، مٿاهينءَ کان وڃي کڏ ۾ هيٺ ڪريو هجي. مون کي ڪوبه خوف نه آهي. توکي به ڊڄڻ نه گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي خوف ٿئي ٿو، پر مان ته اُن کي پنهنجي لاءِ رهاڻ ٿو سمجهان. هيءَ تفريح نه آهي، پر صحيح طور تي وجداني ڪيفيت آهي. هن کي کڏ ۾ وجهينس، جو ڪجهه به آهي! روح قوي روح ضعيف، روح زنانو، جو ڪجهه به هجي. اَچ ته فطرت جي ساراهه ڪريون. ڏس ته سج ڪيئن نه چمڪي ٿو، آسمان ڪيڏو نه صاف آهي. وڻن جا پن ڪيڏا نه ساوا آهن ۽ گرميءَ جي موسم حقيقي معنيٰ ۾ آهي. چار لڳا آهن ۽ ڪيڏي نه راحت آهي. پر تون ڪيڏانهن ٿي وئين؟“

 ”والد جي گهر ٿي ويس، پر پهريائين ارادو ڪئٽرينا ايوانونا ڏي وڃڻ جو هئم.“

 ”ڪئٽرينا ۽ پيءُ جي گهر ڏانهن! او، ڪهڙو نه عجيب اتفاق آهي. مان ڇو ٿي تنهنجي لاءِ ايڏي تڙپ محسوس ڪئي؟ ڇو توکي، پيءُ ۽ هن ڪيٽرينا ايوانونا ڏي موڪليان؟ انهيءَ لاءِ ته تون ساڻن منهنجي ڪم کي پورو ڪرين. پر اُن لاءِ ته ڪنهن فرشتي کي موڪلڻ کپندو هو. مان جيڪر ڪنهن ٻئي کي موڪليان ها، پر مون کي فرشتو ئي موڪلڻ گهرجي. مان ڏسان ٿو ته تون پاڻ، پيءُ ۽ هـُـن کي ڏسڻ لاءِ وڃين ٿو.“

 ”ڇا سچ پچ تون مون کي، اُنهن ڏانهن موڪلڻ ٿي گهريو؟“  اليوشا نهايت ڏکويل لهجي ۾ چيو.

 ”ترس! تو هيءُ ڄاڻين ٿو! مان ڏسان ٿو، ته تون سڄي معاملي کي هڪدم سمجهين سگهين ٿو. ٿوري وقت لاءِ خاموش رهه. ايتري دلسوزي نه ڪر ۽ نه وري لـُـڙڪن کي هار.

دمتري فيودور پاولووچ  پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو. جيئن ته پنهنجي پيشانيءَ تي سندس آڱر رکيل هئي، اِنهيءَ حالت ۾ گهڙي کن گهري خيال ۾ گم ٿي ويو، ۽ پوءِ چيائين ته:

 ”هن توکي دعوت ڏني آهي ۽ تو ڏي خط به لکيو آهي. اُن جي دعوت جي ڪري ئي اُن ڏانهن ٿو وڃين. جيڪڏهن هوءَ توکي دعوت نه ڏئي ها ته شايد اُن ڏانهن نه وڃين ها.“

 ”اِجهو، هيءَ اُن جي تحرير آهي،“ اليوشا پنهنجي کيسي مان پني کي ٻاهر ڪڍيو. مـِـتيا تڪڙ ۾ اُن کي ڏسي ورتو.“

 ”تون شايد پٺئين رستي کان ٿي وئين. مان خدا جو شڪر اَدا ڪريان، جنهن توکي پٺئين رستي کان آندو. تون مون وٽ اِيئن پهتو آهين، جيئن آکاڻيءَ ۾ سوني مڇي مهاڻي وٽ پهتي هئي. ڌيان سان ٻڌ اليوشا، منهنجا ڀاءُ! ڌيان سان ٻـُـڌ! هاڻي منهنجو مطلب آهي، ته توکي سڀ ڪجهه ٻـُـڌايان، ڇو ته مون کي اِهو سڀڪجهه، ڪنهن کي ضرور ٻـُـڌائڻ گهرجي. آسماني فرشتي کي ته مون سڀ ڪجهه ٻـُـڌائي ڇڏيو آهي، پر مان زمين جي فرشتي کي به ٻڌائڻ گهران ٿو. تون ئي هن زمين تي فرشتو آهين. تون ٻـُـڌ ۽ منصف ٿي ۽ پوءِ مون کي بخشي ڇڏ. مون کي اِهوئي ته کپي ٿو، ته مون کان ڪو مٿي درجي وارو مون کي معاف ڪري ڇڏي. ٻـُـڌ، جيڪڏهن ٻه ماڻهو زمين تان سڀ ڪجهه ڇڏي ڪنهن اَڻ ڄاتل مقام ڏي اُڏامي وڃن يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ماڻهو، اُڏرڻ يا برباد ٿيڻ کان اڳ، ڪنهن اوپري وٽ اَچي ۽ کيس چوي ته، هيءُ منهنجي لاءِ ڪر - يعني اُها مهرباني، جنهن کي ماڻهو فقط موت لاءِ چاهي ٿو - ڇا هيءُ ٿي سگهي ٿو ته سندس دوست يا ڀاءُ، جو به هجي، سندس درخواست کان انڪار ڪري؟“

 ”مان اُهو ڪندس، پر جلدي ٻڌاءِ ته اُهو ڇا  آهي؟“  اليوشا چيو.

 ”مـِـتيا ٿوري وقت لاءِ خيالن ۾ ٻـُـڌي ويو. هن ٺونٺ ٽيبل تي رکي ۽ مٿو پنهنجن هٿن ۾ جهليو. ٻئي خاموش هئا.

 ”اليوشا“ مـِـتيا چيو  ”پڪ اٿم ته تون ئي مون تي نه کلندين. مان شروع ڪريان ٿو ۽ پنهنجي قبوليت ڏيڻ گهران ٿو. شلرجي خوشيءَ جي گيت سان (ANDIE FREUDE)  مون کي جرمن زبان نه ايندي آهي. مان فقط اِهو ڄاڻان ٿو، ته هن کي اِها زبان سڏيو ويندو آهي. ايئن نه سمجهه ته مان ڪو بڪواس ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته مون شراب پيتو آهي. مان ٿورو به نشي ۾ نه آهيان. برانڊي بهرحال ٺيڪ آهي، پر مان جيستائين شراب جون ٻه بوتلون نه پيئندو آهيان، تيستائين مون کي نشو ڪونه ٿيندو آهي.

بـهـادر پـنـهـنـجـي گـلابي چهري سان

پنهنجي هڪ ڪرندڙ گڏهه جي مٿان

مون هڪ بوتل جي چوٿين حصي کان مٿي نه پيتو آهي،اُنڪري مان بهادر ته نه آهيان، جيتوڻيڪ مان ڪافي مضبوط آهيان. مون هڪ ڀيرو فيصلو ڪيو آهي، جو هميشه لاءِ هوندو. هن ايهام ۽ تجنيس کان، جو توسان ڳالهائي رهيو آهيان، مون کي معاف ڪر. توکي اُنهن سڀني کي معاف ڪرڻو پوندو، جي تجنيس ۽ ايهام، اڄ مان ڳالهائي رهيو آهيان. بي آرام نه ٿي. مان لاٽونءَ وانگر ڳالهه کي ڦيرايان، گهيرايان نه ٿو. مان هوش سان ڳالهايان ٿو. مان هڪ منٽ ۾، اصلي ڳالهه تي ڳالهائڻ وارو آهيان. مان توکي وڌيڪ وقت انتظار ۾ نه رکندس. ترس ۽ ڏس ته ڪيئن ٿو اهو معاملو بڻجي.“

هن پنهنجي مٿي کي کنيو، ٿوري وقت لاءِ خيال ڪيائين، اُن کان پوءِ گوڙ ۽ پريشانيءَ ۾ سوچڻ لڳو:

 ”غار ۾ ويهندڙ، وحشي ۽ خوفائتو، پٿريلي ۽ عريان غار ۾ وڃي لڪو. بي گهر ۽ آوارا، ويران پر زرخيز ميدانن ۾ رلندو رهيو. تير ۽ نيزي سان مسلح، جهنگ ۾ شڪاري ترسيو. افسوس آهي  اُن غريب ۽ بدقسمت انسانن تي، جي اُن خطرناڪ موجن جي ڪناري تي ترسيا.

آلمپس جي مٿاهين چوٽين تان ماءُ سيرس هيٺ لهي آئي ۽ اُن مهيب ملڪ جي حصي ۾ پنهنجي وڃايل ڌيءَ ’پراسرپائين‘ کي ڳوليندي رهي. پر ديويءَ کي ڪوبه پناهه گاهه نه مليو. نه وري اُتي ڪنهن کيس مرحبا ئي چئي. نه وري اُتي ڪو اهڙو مندر هو، جو ديوتائن جي عبادت جو شاهد بڻجي.

ٻنين مان ۽ انگور جي کيتن مان ڪوبه ميوو حاصل ٿي نه سگهيو، جو جيڪر دعوت کي سينگاري ها. تنها قربانين جي بقايا کي قربان گاهه وٽ ساڙيو وڃي ٿو ۽ جتي غمزده ديوي، پنهنجي غمناڪ نگاهن سان نهاريندي، پنهنجي انتهائي بدناميءَ ۾ غرق ٿي وڃي ٿي ۽ شرمساريءَ کان سواءِ انسان، جتي ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڏسي.“

مـِـتيا اوچتو سـُـڏڪن ۾ پئجي ويو ۽ اليوشا جو کڻي هٿ جهليائين.

 ”منهنجا پيارا، منهنجا پيارا، ذلت ۾، هاڻي ذلت ۾ پڻ، هن زمين تي، انسان کي هولناڪ تڪليفون سهڻيون آهن. هولناڪ تڪليفن جو ڪافي اندازو توکي ايئن نه سمجهڻ گهرجي، ته مان عملدار جي لباس ۾ بي رحم حيوان آهيان. مان غلاظت ۽ شراب خوريءَ ۾ مست آهيان. مان ٻيءَ ڳالهه جي لاءِ ٿورو سوچيندو آهيان، پر ذلت ڀري انسان لاءِ - جيڪڏهن مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ته - مان خدا کان دعا گهران ٿو، ته مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ۽ وري لاف زني ئي ڪريان ٿو. مان اهڙي ماڻهوءَ لاءِ خيال ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ اِهڙو ماڻهو آهيان.

ڇا، هـُـو پنهنجي روح کي پستيءَ کان کڻي،

روشني ۽ عزت ڏي ويندو.

هن کي موٽڻ گهرجي ۽ هميشه لاءِ،

پنهنجي قديم ماءُ، يعني زمين کي چنبڙي پوي.

مگر سوال هيءُ آهي ته ڪهڙيءَ ريت، هن زمين سان جاوداني عهد کي مضبوط ڪريان؟ مان اُن جي سيني کي ته ڀاڪر ۾ وٺي نه ٿو سگهان. ڇا مون کي ڌنار يا ڪڙمي ٿيڻو آهي. مان هلندو رهان ٿو، پر هيءَ خبر نه اٿم ته شرمساري ڏي وڃي رهيو آهيان يا روشني ۽ مسرت ڏي. اِهائي ته پريشاني آهي، ڇاڪاڻ ته سڀڪو دنيا ۾ ڇاڻيءَ ۾ پيو ٿو ڇڻجي!

مان اتفاقاََ جڏهن بدترين ذلت ۾ وڃي غرق ٿيندو آهيان ( ” اهو هميشه ٿيندو رهندو آهي)، مان هميشه ’سيرس ۽ انسان‘ جو نظم پڙهندو آهيان. اُن مون ۾ ڪا اصلاح آندي؟ ڪڏهن به نه، ڇو ته مان ڪرامازوف آهيان. جڏهن مان ڪنهن کڏ ۾ ٽپو ڏيان ٿو، ته منهنجو مٿو هيٺ ۽ پير مٿي آهن ۽ مان ان ۾ ذليل نموني ڪرڻ تي خوش آهيان ۽ فخر اٿم. هن ذلت جي گهرائيءَ ۾ حمد جا گيت ٿو ڳايان. مان  ڀل قصوروار هجان، ڀل مان ڪميڻو ۽ بزدل هجان، مون کي فقط اُن سنجاف کي چمڻ ڏيو، جنهن جي نقاب اندر منهنجو خدا لڪل آهي. جيڪڏهن مان شيطان جي تابعداري ڪندو هجان، پر خدا! مان تنهنجو ئي آهيان. او مالڪ، مان توسان محبت ڪريان ٿو ۽ مان اُن خوشيءَ کي محسوس ڪريان ٿو، جنهن کان سواءِ دنيا قائم رهي نه ٿي سگهي!

روح جي لاءِ جاوداني خوشي،

جهان جي موجودات، خوشي ٿي بخشي.

اسرار جي شعلن سان رلمل ٿي،

زندگي جي پيالي کي نور ۾ غرق ٿي ڪري.

سبزه کي زمين مان پيدا ٿي ڪري

اونداهيءَ مان سج جو وجود ٿو پيدا ٿئي.

اُن جي نور کي لامحدود فضا جي مملڪت ۾ ڀري ٿو،

جنهن کي داناءَ جي نگاهه سمجهي نه ٿي سگهي.

فطرت جي سخي ۽ پـُـرجلال سيني کان،

سڀئي ساهه واريون شيون خوشيءَ کي حاصل ڪنديون رهن.

سڀئي سندس پٺ وٺن ٿا، جيڏانهن هو کين وٺي وڃي.

پوءِ اُهي پکي آهن، يا جانور آهن يا چرندڙ شيون.

سندس انعام آهي، تڪليف ۾ ماڻهن جو دوست بڻجڻ،

پوءِ اُهو گلن جو هار آهي يا جهڳ وارو شراب.

فرشتن جي لاءِ - خدا جي تخت جا رويا،

جيتن جي لاءِ - جنسي لذت.

بس، هيءَ شاعري بس آهي. منهنجي اکين مان لـُـڙڪ وهي رهيا آهن. ڇڏ ته مان دانهون ڪريان. ممڪن آهي ته ماڻهو منهنجي هن حماقت تي کلن پر تون ڪانه کلندين. تنهنجون اکيون چمڪي رهيون آهن. منهنجي شاعري ختم ٿي. مان هاڻي توکي جيتن لاءِ ٻڌائڻ گهران ٿو، جن کي خدا جنسي لذت بخشي آهي.

جيتن کي - جنسي لذت.

مان اهوئي جيت آهيان ڀاءُ، ۽ اِهو خاص منهنجي لاءِ ئي چيو ويو آهي. اسان سڀئي ڪرامازوف، اهڙائي جيت آهيون ۽ نه فرشتا، جيئن تون آهين. اِهڙي جيت کان ته تون به خالي نه آهين ۽ اِهو تنهنجي خون ۾ به طوفان پيدا ڪندو. طوفان! ڇو ته نفساني خواهش طوفان ئي آهي - طوفان کان به بدتر! حسن هولناڪ ۽ هيبت ناڪ شيءِ آهي ! اِهو مهيب، هن ڪري آهي، ڇو ته اُن کي ڪابه گهرائي ڪانه آهي ۽ گهرائي ٿي به ڪانه سگهندس، ڇو ته خدا اسان کي معمائن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي. اِتي ئي حدون اَچي ملن ٿيون ۽ سمورا اختلاف گڏوگڏ موجود آهن. ڀاءُ! مان مهذب ماڻهو ڪونه آهيان پر مان اُن بابت گهڻو غور ۽ ويچار ڪيو آهي. اِهو ڪيترو نه ڀيانڪ آهي جو هت ڳجهه ۽ اسرار آهن. حد کان گهڻيون ڳجهارتون، جيڪي انسان کي زمين تي ڪيرائيندڙ آهن. اسان کان جيترو ٿي سگهي ته اُنهن کي حل ڪريون ۽ ڪوشش ڪري پنهنجي کل کي پاڻيءَ کان پري رکون. مان اِهو ڪڏهن به قبول ڪري نٿو سگهان ته جنهن ماڻهوءَ جو قلب پاڪ ۽ هوش سالم هجي، پهريائين پاڪائيءَ کي حضرت بي بي مريم ۾ ڏسي ۽ پوءِ اُن جا خيال سودوم(1) وٽ وڃي پڄاڻي ڪن. هن کان وڌيڪ خطرناڪ هيءُ آهي ته جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ سودوم جا خيال ڦرندا هجن، اُهو ڪهڙيءَ ريت حضرت بي بي مريم جي خيالن کي پنهنجو بڻائي سگهي ٿو؟ هنن خيالن سان سندس قلب پيو جلندو. جيئن جواني ۽ معصوميت جي وقت ۾ ٿئي ٿو. هائو ماڻهو وسيع آهي ۽ نهايت وسيع. مان هن کي تنگ تر ڏسڻ گهران ٿو. شيطان ئي فقط ڄاڻي ٿو، ته اُن مان ڇا حاصل ڪجي؟ دل کي ڪهڙي شيءِ شرمسار ڪري ٿي، اُها حسن آهي، ۽ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ دل جي لاءِ نه آهي. غلاظت ۾ به خوبصورتي آهي. تون هن ڳالهه تي يقين ڪر ته انسانيت جي بيحد گندي ڍير ۾ به خوبصورتي ملي ٿي. تون اِهو ڳجهه ڄاڻين ٿو؟ ڀوائتي ڳالهه ته اِها آهي، ته حسن - جهڙو لڪل راز آهي، اهڙو خطرناڪ به آهي. خدا ۽ شيطان، اِتي ئي ته مقابلو ڪن ٿا ۽ انسان جي دل اُن جي حملي جو ميدان آهي. پر انسان فقط پنهنجي ئي مصيبت تي ڳوڙها ٿو هاري. چڱو ٻـُـڌ ته حقيقت ڇا آهي؟“

 

dc


(1) سودوم، قديم فلسطين جو شهر، جو نهايت بدنام هو. مٿس آسمان کان باهه وسي  برباد ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org