سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ٽيون

صفحو :7

 

باب چوٿون

جذباتي دل جي قبوليت (ننڍڙا قصا)

ها ته مان تڏهن اَڍنگي حياتي گذاري رهيو هوس. جيئن هاڻي، اجهو پيءُ چئي ڏنو ته مان هزارين روبل، نوجوان نينگرين کي هرکائيندي ۽ ڌُتاريندي خرچ ڪري ڇڏيا آهن. اِهو هڪ ناپاڪ خيال آهي ۽ درست نه آهي، پر جيڪڏهن هيءُ درست به هجي، ته مون کي پيسا فقط ان ڳالهه لاءِ ته نه گهربا هئا، پر پيسو منهنجي لاءِ مددگار آهي، منهنجي دل جي گهرج ۽ اُن جو قالب آهي، پر هوءَ اڄ منهنجي محبوبا آهي، پر ٿي سگهي ٿو، ته سڀاڻي هوءَ غليظ گهٽيءَ جي ڇوڪري بڻجي وڃي. مان هنن ٻنهي کي پيو ٿو وندرايان. مان راڳ، عيش عشرت ۽ رولو ڇوڪرين تي ٻـُـڪ ڀري پيسا اُڇلايا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مون شريف عورتن کي به پيسا ڏنا آهن. جي هنن لوڀ ۽ لالـچ ۾ اَچي ورتا آهن. مان قبول ڪريان ٿو ته هـُـو، اهو سڀڪجهه وٺي خوش به ٿينديون هيون ۽ شڪر گذار به. اِهي شريف عورتون مون کي چاهينديون هيون، جيتوڻيڪ سڀئي نه، پر اِيئن ٿيو پئي ۽ اِيئن ٿيو پئي.... مان هميشه رستي جي پاسن کي پسند ٿي ڪيو. وڏن رستن جي اونداهي ۽ پٺيرن چارن کي - جتي قسمت آزمائيءَ سان گڏ، عجيب عجيب شيون ملي وڃن ٿيون. قيمتي ڌاتو پر مٽيءَ ۾ مليل. مان اشارن ۾ ٿو ڳالهايان، منهنجا ڀاءُ! مان جنهن شهر ۾ رهندو هوس، اُن ۾ اهڙا پٺڀرا چارا ته کڻي ڪونه هئا، پر اخلاقي طور ضرور هئا. تون جيڪڏهن، اُتي مون وانگر هجين ها، ته توکي خبر پوي ها ته اِهي شيون ڇا ٿي سگهن ٿيون؟ مون بديءَ کي پيار ٿي ڪيو. مون بدي جي ذلت ۽ خواريءَ سان پيار ٿي ڪيو، مون ظلم ۽ بيداد سان پيار ٿي ڪيو. نه مان منگهڻ هوس نه زهريلو ڪينئون. فقط هڪ ڪرامازوف! هڪ دفعي اسان سير ۽ شوق لاءِ وياسون، يعني اسان جو سڄوئي ٽولو. ڪل برف تي هلندڙ ست گاڏيون (SLEDGES) هيون. سيارو هو. مون اونداهيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي هٿ کي زور ڏيڻ شروع ڪيو ۽ اُن کي مجبور ڪيم ته هوءَ مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي. هوءَ هڪ آفيسر جي ڌيءُ هئي. حسين، مٺڙي ۽ سٻاجهي. هن اُن تاريڪيءَ ۾ مون کي گهڻي ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن مسڪين اِيئن سمجهيو، ته مان ٻئي ڏينهن وٽس وڃي شاديءَ جي آڇ ڪندس (ڇاڪاڻ ته مون کي چڱو مڙس به سمجهيو ٿي ويو)، پر مون کيس پنجن مهينن ۾ هڪ لفظ به نه چيو. مون هن کي ڪنهن ڪنڊ ۾ رقص ڪندي ڏٺو ٿي (اسان وٽ هميشه رقص جون محفلون ٿينديون هيون) ۽ سندس اکيون سدائين مون کي نهارينديون ٿي رهيون. مان ڏسندو هوس، ته اُهي اکيون ڪيئن نه ڪنهن باهه جيان چمڪنديون رهنديون هيون - شفقت ڀريل نفرت واري باهه. هيءَ سڄي راند، جيت جو نفساني سـُـرور هو، جنهن کي مون پنهنجي روح ۾ پئي ٿي پاليو. پنج مهينا پوءِ، هن جي هڪ آفيسر سان شادي ٿي وئي ۽ شهر ڇڏي وئي. هوءَ اَڃا تائين مون تي ڪاوڙيل آهي ۽ شايد اَڃا تائين مون سان پيار ڪري ٿي. هـُـو هاڻي خوشي جي زندگي گذاريندا ٿا رهن. خيال ڪر ته مون اِها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪئي نه وري ڪالاف هنئين. مان هيٺاهين خواهشن سان ڀريل آهيان ۽ ڪـُـڌي محبت جو شائق آهيان، پر مان بي عزت نه آهيان. پرتون لـڄ کان  ڇوڳاڙهو ٿي ويو آهين؟ تنهنجون اکيون پيون ٿيون ٻرن. تنهنجي لاءِ اِها گندگي ڪافي آهي، پر هيءُ گهڻو ته نه آهي. رستي ويندي جون ڳالهيون. ننڍڙا داستان، جنهن کي ڪنهن فرينچ لکيو آهي. جيتوڻيڪ ظالم ڪينئون اڳ ۾ ئي منهنجي روح ۾ مضبوطيءَ سان اُسري چـُـڪو آهي. ڀاءُ، مون وٽ يادگيرين جو هڪ مڪمل ڪتاب آهي. خدا هنن تي رحم ڪري پيارا. مون هنن کان بنا ڪنهن جهيڙي ۽ جهڳڙي جي جدا ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان اُنهن کي ڇڏي نه سگهيس. مون اُنهن مان ڪنهن کي به دوکو نه ڏنو. ايئن نه سمجهه ته ڪو مان توکي هت اِهي واهيات ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ وٺي آيو آهيان. مان هاڻي توکي ڪي وڌيڪ عجيب ڳالهيون ٿو ٻڌايان ۽ ان تي به عجب نه کاءُ ته انهن ڳالهين ٻڌائيندي مان نه خوش ٿيندس ۽ نه شرمندو.“

 ”تون اِهو اِنڪري ٿو چوين، ته مون کي ٻڌندي لـڄ ٿي اَچي.“  اوچتو اليوشا چيو  ”پر مون کي ته جو ڪجهه تو چيو ٿي يا ڪيو اَٿئي، ٻڌندي ڪوبه شرم نه ٿي آيو. مون کي لـڄ انڪري ٿي اَچي، ته مان به اُهو ئي ساڳيو آهيان، جو تون آهين.“

 ”تون....؟ اِهو ته سچ پچ وڌاءُ آهي.“

 ”نه ڪو اِهو ڪو وڌاءُ آهي.....!“  اليوشا جوش ۾ ايندي چيو. (ظاهري طرح اِهو ڪو نئون خيال نه هو.)  ”مان هيٺئين ڏاڪي تي آهيان ۽ تون مٿڀرو آهين. تيرهن ڏاڪن تي پهچي ويو آهين، مان ته ايئن ٿو سمجهان. پر آهي مڙيوئي ساڳي ڳالهه. بلڪل ساڳيو ئي حال آهي. جيڪو هيٺئين ڏاڪي تي آهي، اُهو لازمي مٿي ئي چڙهندو. يعني جو ڪـُـني ۾ آهي، اُهو ئي پاٽ ۾ پوندو.“

 ”تـَـنهن جي معنيٰ ٿي ته ڪوبه اُن ڏاڪي تي قدم نه رکي.“

 ”جيڪڏهن ڪو اِيئن ڪري سگهي ٿو، ته چڱو ٿيندو.“

 ”پر تون ايئن ڪري سگهين ٿو؟“

 ”مان سمجهان ٿو ته نه.“

 ”ماٺ اليوشا، ماٺ پيارا! مان جيڪر تنهنجي هٿ کي چمي ڏيان. تو مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي. هـُـن بدمعاش گروشينڪا جي اک هميشه ماڻهن تي رهي ٿي. هڪ دفعي مون کي چيائين، ته هوءَ توکي، هڪ ڏينهن ڳڙڪائي ويندي. مون کي اُن جو افسوس آهي. هن عفونت ۽ گندگي مان، جنهن تي مکين جو ميڙاڪو آهي، اَچ ته مان توکي پنهنجي الميه ڏي وٺي هلان، جنهن تي پڻ مکيون ويٺيون آهن، جو پڻ سڀ ڪنهن طرح نيچ پڻي جو هڪ قسم آهي. هن پوڙهي جيتوڻيڪ معصوم ڇوڪرين کي هرکائڻ بابت منهنجي لاءِ غلط ڳالهيون هـُـلايون آهن پر منهنجي المناڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه اِن قسم جي حقيقت به آهي. اِهو جيتوڻيڪ پهريون دفعو ئي ٿيو ۽ وري ٿيو ئي ڪونه. اِن پوڙهي مون کي، اُن ڳالهه جو طعنو ڏنو، جا ڪڏهن ٿي ئي ڪانه آهي. کيس اُن حقيقت جي خبر ئي ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته مون اُن بابت ڪنهن سان  ذڪر ئي نه ڪيو آهي. ايون کان پوءِ تون ئي اُهو اَڪيلو ماڻهو آهين، جنهن سان اِها ڳالهه ڪريان ٿو. ايون کي هرڪا خبر آهي. هن کي تو کان گهڻو اڳي هن حقيقت جي ڄاڻ آهي پر هـُـو قبر وانگر خاموش آهي.“

 ”ايون خاموش جهڙي قبر؟“

 ”هائو!“

اليوشا، کيس بلڪل ڌيان سان ٻڌي رهيو هو.

 ”مان هڪ لائين ريجيمينٽ ۽ ليفٽيننٽ هوس. اُتي منهنجي مٿان هڪ ڏوهاري وانگر نظر ٿي ڪئي وئي، پر اُن ننڍڙي شهر ۾ جتي اسان مقرر ٿيا هئاسون، منهنجو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. مون اُتي پاڻيءَ جيان پيسو هاريو ۽ مون کي دولتمند ٿي خيال ڪيو ويو. مون پاڻ به ايئن ٿي سمجهيو. منهنجو ڪرنل، جو پوڙهو هو، اُن کي ٻه زالون هيون، جي ٻئي مري ويون هيون. هن جي پهرئين زال جيڪا غريب خاندان مان هئي، سا هڪ ڌيءَ پوئتي ڇڏي وئي هئي، جا پڻ پنهنجي ماءُ وانگر سادي سـِـڌي هئي. هوءَ چوويهن سالن جي هئي. مان جڏهن اُتي هئس، تڏهن هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ، ماسيءَ سان گڏ رهندي هئي. ماسي سادي ۽ اَڻ پڙهيل هئي پر ڀاڻيجي سادي هئڻ سبب به چست ۽ چالاڪ هئي. مان ماڻهن جي متعلق چڱيون ڳالهيون ڪرڻ پسند ڪندو آهيان. مون کي کانئس وڌيڪ وڻندڙ اخلاق واري عورت ٻي ڪانه سـُـجهي ۽ نه مان وري اِهڙو ڪو خيال ڪري سگهان ٿو. سندس نالو ايگفيا ايونونا هو. هوءَ ڏسڻ ۾ بڇڙي به ڪانه آهي. هوءَ بلڪل روسي نمونو هئي. قد آور، جانٺي، ڏٽي مٽي ۽ ڊولائتي. سندس اکيون سهڻيون هيون، پر شڪل البت کـُـهري هئس. هـُـن اَڃا شادي ڪانه ڪئي هئي، جيتوڻيڪ سندس ٻانهن گهرندڙ ٻه ماڻهو موجود هئا. هـُـن ٻنهي کي انڪار ڪيو هو، پر تنهن هوندي به اڳي وانگر خوش هئي. مان ساڻس ڪافي گهرو هوس، ڪنهن به ٻئي نموني نه رڳو پاڪ ۽ صاف دوستي هئي. مان اڪثر بي خبريءَ ۾ عورتن سان بي تڪلف ٿي ويندو آهيان. مان ساڻس نهايت صاف دليءَ سان ڳالهائيندو هوس ۽ هوءَ فقط کلندي رهندي هئي. پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هوءَ  ۽ سندس ماسي ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان رهنديون هيون، جو ايئن لڳندو هو، ته هو ٻئي اُن تي مطمئن آهن. ان ڪري پاڻ کي ٻين جي سطح تي نه آڻي سگهنديون آهن.

پوڙهو ڪرنل، البت ٻئي قسم جو ماڻهو هو. هـُـو ضلعي جي مکيه ماڻهن مان هڪڙو هو. سندس گهر سڀني جي لاءِ هميشه کليل رهندو هو. هـُـو سڄي شهر جي مهماني ڪندو هو، کين ماني ۽ ناچ سان وندرائيندو هو. مان جڏهن آيس ۽ فوج ۾ داخل ٿيس، تڏهن سڄي شهر ۾ ڪرنل جي ٻيءَ ڌيءَ جي آمد جو، جا بيحد خوبصورت هئي، چرچو هو. هـُـن تازو ماسڪو جي هڪ فيشن ايبل اسڪول ۾ تعليم پوري ڪئي هئي - هيءَ ڪيٽرينا ايونونا هئي، جا سندس ٻي زال مان هئي. سندس ٻي زال هڪ ممتاز جنرل جي گهراڻي مان هئي پر اُن هوندي، جيئن مون کي چڱيءَ ريت معلوم آهي، هـُـن به پاڻ سان ڪرنل جي لاءِ ڪوبه پيسو ڪونه آندو هو. هن جا فقط ڪرنل سان تعلقات هئا ۽ بس. ڪجهه حاصلات جي شايد اُميد به هئي پر مليو ڪجهه به نه.

هوءَ نوجوان خاتون جڏهن اسڪول کان هت گهمڻ آئي ته سڄي شهر ۾ ڄڻ زندگيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. اسان جون نهايت معزز خواتين - جن ۾ ٻه سفيرن جون زالون ۽ هڪ ڪرنل جي زال هئي - تن سندس عزت افزائيءَ لاءِ سندس مان ۾ دعوتون ڏنيون. هنن جي طرفان ڏنل دعوتن کي ڏسي، ٻين عورتن به اهو سلسلو شروع ڪيو. هيءَ حسينا رقص جي مجلسن ۽ ٻين تفريحي محفلن جي ڄڻ ته جان هئي. هنن هڪ غريب ۽ مفلس ماسترياڻيءَ جي مدد لاءِ خاموش نظاري واري زنده تصوير جو ڊرامو به ڪيو. مان اڳي وانگر اُن کان الڳ ۽ لاپرواهه رهيس. اُن وقت مان هڪ اهڙو ڪارنامو ڪري چـُـڪو هوس، جو منهنجو نالو شهر وارن جي زبان تي هو.

هڪڙي ڏينهن شام جو جڏهن اسان ڪمانڊر جي توب خاني ۾ دعوت جي لاءِ ڪٺا ٿيا هئاسون ته محسوس ڪيم ته هوءَ مون ڏانهن نهاري رهي هئي، پر مان هن ڏانهن ڪونه ويس. ڄڻ ته مون سندس دلچسپيءَ کي نفرت سان ٿي ڏٺو. پر ٻئي ڀيري جنهن کي گهڻو وقت نه گذريو هو، هڪ شام جو دعوت تي مون ڏانهس وڌي وڃي ڳالهايو. هـُـن مون ڏانهن مس مس نهاريو ۽ حقارت آميز اَنداز ۾ پنهنجي چپن کي کڻي دٻايو. ’ٿورو ترس مان  پنهنجو بدلو پاڻهي تو کان وٺندس‘ مون دل ۾ چيو. مان اُن وقت، ڪيترن ئي موقعن تي بيوقوفيءَ واري ۽ بيهودي هلت اختيار ڪئي، جنهن جو مون کي احساس هو. ان کان گهڻي خراب ڳالهه اها هئي، ته ڪئٽرينا ڪا معمولي معصوم اسڪولي ڇوڪري نه هئي، پر هوءَ بلند ڪردار واري مغرور ۽ بااُصول نينگري هئي. اُن کانسواءِ پڙهيل ڪڙهيل ۽ ذهين به هئي ۽ مان ٻنهي خوبين کان محروم هوس. تون سمجهين ٿو ته مون کيس شاديءَ لاءِ آڇ ڪرڻ ٿي گهري؟ نه، نه مون ته رڳو کانئس پنهنجو بدلو وٺڻ ٿي گهريو. ڇو ته مون جهڙي هيري جي اهميت کي هن محسوس ئي نه ٿي ڪيو.

اُن وچ ۾ مان پنهنجو وقت شراب ۽ عيش عشرت ۾ گذاريندو رهيس. ايستائين جو ليفقيٌننٽ ڪرنل مون کي ٽن ڏينهن لاءِ قيد به ڪري رکيو. بلڪل اُن وقت منهنجي پيءُ مون ڏانهن ڇهه هزار روبل ڏياري موڪليا، جي منهنجي دستاويز موجب هئا، جنهن ۾ مون پنهنجي دعوا تان هٿ کنيو هو، اِيئن حساب ڪتاب صاف ڪندي، هن مون ڏانهن لکي موڪليو، ته مان وڌيڪ پئسي جي منجهس ڪابه اُميد نه رکان. مان اُن وقت، سندس هڪ حرف به نه سمجهيو هو، جيستائين مان هت نه آيو هوس. اليوشا ٿورا ڏينهن اڳ ۾، ۽ اَڃا به، پنهنجي پيءُ سان پنهنجي پئسي جي معاملي جو ڪوبه حساب ڪتاب سمجهي نه سگهيو آهيان. خير اِها ڪا اِهڙي ڳالهه ڪانه آهي، اسان هن تي پوءِ ڳالهائينداسون.

مون کي جيئن ئي پيسا مليا، ته مون وٽ هڪ دوست جو خط اَچي پهتو. خط ۾ هڪ اِهڙي ڳالهه لکيل هئي، جنهن منهنجي دلچسپيءَ کي بيحد وڌايو. مون ٻـُـڌو هو ته حڪومت ليفٽيننٽ ڪرنل کان ناراض ٿي پئي هئي. مٿس ڪن بي قاعدگين ڪرڻ جو شڪ ٿي ڪيو ويو. سندس دشمن حقيقت ۾، هن لاءِ هڪ ناگهاني بـَـلا جو ڄار وڇائي رهيا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ ڊويزن جو ڪمانڊر آيو ۽ هـُـن اَچي اُن ناخوشگوار واقعي ۽ جهڳڙي کي ختم ڪيو. ستت ئي پوءِ هن کي رٽائر ڪرايو ويو. مان توکي اِهو ڪونه ٻڌائيندس ته اِهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ اِها پڪ آهي، ته هن جا گهڻائي دشمن ٿيا. هن واقعي کانپوءِ، اوچتوئي سڄي شهر ۾، هن ۽ سندس خاندان ڏانهن هڪ نمايان غير دلچسپي جو اظهار ٿيڻ لڳو. سندس سمورا دوست کانئس منهن موڙي ويا. مون پوءِ پهريون قدم کنيو، مان آگافيا ايونونا سان مليس، جنهن سان مون هميشه دوستي پئي رکي. مون کيس چيو ته توکي خبر آهي ته تنهنجي پيءُ جي حساب ڪتاب ۾ سرڪاري رقم جي 4500 روبل جي کوٽ ٿي پئي آهي؟“

 ”تنهنجو مطلب ڇا  آهي؟ تون اِهو ڪيئن ٿو چوين؟ ٿورا ڏينهن ٿيا ته جنرل هتي هيو، ته اُن وقت ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هو.“

 ”اُن وقت اِيئن هيو، پر هاڻي اِيئن نه آهي.“

هوءَ بيحد ڊڄي وئي.

 ”مون کي ڊيڄارين ڇو ٿو؟“  هن چيو  ”پر توکي اِهو چيو ڪنهن آهي؟“

 ”تون پريشان نه ٿيءُ.“  مون کيس تسلي ڏيندي چيو، ”مان ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس. توکي ته اِها خبر آهي ته مان اِهڙو خاموش آهيان جهڙي قبر! مون رڳو ايترو ٿي چاهيو ته اُن حالت ۾ جڏهن تنهنجي پيءُ کان اُن رقم جي گهر ٿيندي ۽ هـُـو اُن کي ڏئي نه سگهندو، ته مٿس مقدمو هلائي، کانئس فوج ۽ عام سپاهيءَ جهڙو ڪم ورتو ويندو. وڏيءَ عمر ۾ اِها ڳالهه هن لاءِ البت ڏکي ٿي پوندي. مگر جيڪڏهن تون پسند ڪرين ته هـُـن نوجوان عورت کي لـِـڪَ ڇپ ۾ مون ڏانهن موڪلي ڏي. مون وٽ ايترا پيسا آهن، جي کيس ڏئي سگهندس. مان هن کي چار هزار روبل ڏيندس ۽ اِهو راز ايمانداريءَ سان پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندس. پر جي تون اِهو پسند ڪرين؟“

 ”تون ته ڪو بدمعاش آهين!“  هن مون کي چيو،  ”بدڪار، بڇڙا، بدمعاش پر توکي هن چوڻ جي همٿ ئي ڪيئن ٿي؟“

هوءَ  بيحد غضبناڪ ٿي هلي وئي ۽ مان کيس پٺيان هڪ ڀيرو وري به رڙ ڪري چيو ته،  ”اِهو راز هڪ مقدس اَمانت وانگر سانڍيو پيو وڃي.“  مون کي ايتري چوڻ ۾ ڪوبه حجاب ڪونه ٿو ٿئي، ته هو ٻئي ساده لوح آگافيا ۽ سندس ماسي، هن پوري معاملي ۾ فرشتن جهڙي روش، روا رکي، هـُـو سچ پچ ڪٽيا کي ڀائينديون هيون، کيس پاڻ کان مٿڀرو ئي سمجهنديون هيون ۽ سندس اڳيان ٻانهين وانگر ٿي رهنديون هيون. مگر آگافيا کيس اسان جي گفتگوءَ کان آگاهه ڪيو هو. مون کي بعد ۾ اُن جي خبر پئي. هوءَ ڳالهه لڪائي نه سگهي ۽ مون به ته اِهوئي ٿي چاهيو.

هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، هڪ ٻيو ميجر آيو ۽ اَچي فوج جي قيادت سنڀاليائين. پوڙهو ليفٽيننٽ ڪرنل هڪدم بيمار ٿي پيو ۽ ٻه ڏينهن ساندهه پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهيو. سرڪاري پيسو اُنڪري وٽس رهجي ويو. اسان جو ليفٽيننٽ ڪرنل هاڻي گهر ۾ بند ٿي ويو. سندس مٿي جي چوڌاري ٽوال ويڙهيل هو ۽ اُن تي هـُـو ٽيئي برف رکڻ ۾ مصروف هيون. اُن وچ ۾ هڪ ڏينهن هڪ اردلي اُن موقعي تي پهچي ويو. هن وٽ هڪ ڪتاب هو، جنهن ۾ حڪم لکيل هو ته ’فوج جي رقم هڪدم ٻن ڪلاڪن جي اندر پيش ڪئي وڃي.‘ هـُـن اُن ڪتاب تي صحيح ڪئي، (مون پوءِ اُن ڪتاب تي، اُها صحيح ڏٺي هئي) ۽ هـُـو اُٿي کڙو ٿيو، چيائين ته مان فوجي وردي پهرڻ ٿو وڃان. هـُـو تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن ويو. ڊبل بيريل بندوق ۾ فوجي گولي ڀريائين ۽ پير جي آڱوٺي سان بندوق جي گهوڙي کي ڳولڻ لڳو، پر آگافيا کي اُن وقت منهنجي ڳالهه ياد اَچي وئي، تنهن کي شڪ جاڳيو. هـُـن اُٿي وڃي ڪمري ۾ نهاريو. هـُـن به اِهو عمل بنهه اُن وقت ئي ٿي ڪيو. هوءَ تڪڙي اندر گهڙي وئي ۽ پنهنجي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ کڻي کيس پختو جهليائين. بندوق مان ڌماڪي جهڙو آواز نڪتو ۽ گولي وڃي ڇت کي لڳي ۽ نقصان ڪنهن کي به ڪونه پهتو. بندوق جي آواز تي ٻيا به ڊوڙندا آيا ۽ اَچي پوڙهي کي ٻانهن کان ورتائون. هيءُ سڀ ڪجهه مون کي بعد ۾ معلوم ٿيو.

مان گهر ۾ موجود هوس. شام جي اونداهي ڇانئجي رَهي هئي ۽ مان ٺهي ٺڪي، ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هوس. مان ڪپڙا پائي چـُـڪو هوس. وارن کي ڦڻي به ڏني هئم، رومال تي عطر به هاريو هئم ۽ پنهنجي ٽوپي به هٿ ۾ کنئي هئم، جو اوچتو دروازو کـُـليو ۽ ڪمري ۾ منهنجي سامهون ڪيٽرينا ايونونا بيٺي هئي.

اِهو اتفاق آهي، جو ڪڏهن نه ڏٺو هو، شهر ۾ اُنڪري کيس ڪوبه نه سڃاڻندو هو. مون وٽ اُن زماني ۾ ٻه ضعيف پوڙهيون عورتون رهنديون هيون، جي منهنجي سنڀال ڪنديون هيون. هـُـو نهايت شفيق پوڙهيون هيون ۽ منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هونديون هيون. منهنجي عرض ڪرڻ تي، اُهي به اِهڙيون خاموش رهيون جيئن ڀتيون. مان حالتن کي هڪدم سمجهي ويس. هوءَ اندر گهڙي آئي ۽ مون ڏانهن سڌوئي سـِـڌو نهارڻ لڳي. هن جون اَٽل ۽ پـَـڪي اِرادي واريون ڪامڻيون اکيون هيون، پر اُنهن مان اَڃا به سرڪشي ٿي بکي، سندس وات جي چوڌاري، چپن جي ليڪن ۾ مون غير يقيني حالت ٿي ڏٺي.

 ”مون کي ڀيڻ ٻڌايو“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته،  ”جيڪڏهن مان تو وٽ اَڪيلي اَچان، ته تون مون کي چار هزار روبل ڏيندين. مان آئي آهيان . .... مون کي هاڻي پيسا ڏئي.“

هـُـن اِهو چيو ته سهي پر پاڻ سنڀالي نه سگهي. هن جو ساهه تڪڙو تڪڙو کڄڻ لڳو. سخت ڊنل ٿي ڏٺي ۽ سندس آواز جهڪو ٿيندو ٿي ويو. سندس وات جون ڪـُـنڊون ۽ چهري جون ليڪون ٿـَـر ٿـَـر ڪنبي رهيون هيون. اِليوشا تون ٻڌين ٿو يا ننڊ اَچي وئي اَٿئي؟“

 ”مـِـتيا مون کي خبر آهي، ته تون سڀ سچ ٻـُـڌائيندين!“  اليوشا ٿوري چرپر ڪندي چيو.

 ”مان ته ٻـُـڌايان پيو. منهنجو پهريون خيال، عام ڪرامازوف جهڙو هو. هڪ دفعي ڪنهن زهريلي جيت مون کي چـَـڪ پاتو هو، ته مان ساندهه ٻه هفتا بخار ۾ مبتلا هوس. مون اُن وقت، هڪ اِهڙي ئي جيت کي، پنهنجيءَ دل ۾ چـَـڪ پائيندي ڏٺو، پر هيءُ اخلاق کي بگاڙيندڙ جيت هو. تو سمجهو، مان کيس ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺو. تو هن کي ڏٺو آهي. هوءَ سونهن آهي! مگر اُن وقت هوءَ ڪجهه وڌيڪ ٿي حسين لڳي. اُن گهڙيءَ هوءَ خوبصورت اِنڪري ٿي لڳي، جو هوءَ عظيم ۽ شاندار هئي ۽ مان بدمعاش. اُنڪري ئي منجهس شان ۽ جلال هو ۽ پنهنجي پيءُ لاءِ، قربانيءَ جو نيڪ جذبو. مان هڪ ننڍڙو جيت! مان جو اُن وقت بدمعاش هوس، سندس روح ۽ جسم منهنجي رحم ۽ ڪرم تي هو. هوءَ منهنجي مـُـٺِ ۾ اِيئن هئي، جيئن ڪپڙو، ڪناريءَ جي جهالر ۾ هوندو آهي! مان توکي سچ ٿو ٻڌايان، ته اُن تلخ خيال، منهنجي دل تي بيحد قبضو ڪري ورتو هو ۽ مان غشيءَ جي حد تائين اُميد ۽ خوف جي حالت ۾ هوس. اُن وقت اِيئن ٿي نظر آيو، ته اُن جذبي سان ڪو به مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي، ڄڻ ته مون کي رت چوسيندڙ جيت وانگر عمل ڪرڻو آهي. بلڪ اُن زهريلي جيت جيان، جنهن ۾ رحم جي معمولي چڻنگ به نه هوندي آهي. منهنجو ڏاڍو مشڪل سان ساهه ٿي کڄيو. مان اِيئن ٿي سمجهيو، ته ٻي ڏينهن وڃي کيس شاديءَ جو پيغام ڏيندس ۽ اِهو سڀ ڪجهه شانائتي نموني ختم ٿي ويندو ۽ ڪنهن کي به ڪنين ڀـُـڻڪ نه پوندي.

مان جيتوڻيڪ خود غرض هوس، پر انسان ته هوس. ساڳي وقت ايماندار به آهيان. ٻي گهڙيءَ منهنجي ڪـَـنَ ۾ ڀـُـڻڪو آيو، ته سڀاڻي جڏهن مان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندس ته اِها ڇوڪري مون کي ڏسڻ به گوارا ڪندي يا نه؟ شايد هوءَ پنهنجي ڪوچبان کي حڪم ڏئي، ته هـُـو مون کي لتون هڻي اُتان ٻاهر ڪڍي ڇڏي. شايد اِيئن به چوي ته  ”وڃي سڄي شهر ۾ هن ڳالهه جو ڍنڍورو ڏي، ته مان توکان ڪونه ٿي ڊڄان.“  مون نوجوان عورت ڏانهن نهاريو. منهنجي ضمير جي آواز مون کي دوکو ڪونه ٿي ڏنو. هن ۾ شڪ به نه هو. مون سمجهيو ٿي ته اِيئن ئي ٿيندو. مان سندس چهري مان اِهو چڱيءَ ريت محسوس ٿي ڪيو، ته مان سندس گهر کان ٻاهر ڌڪيو ويندس. منهنجو بغض ۽ ڪينو جاڳي پيو. مون چاهيو ته ساڻس هڪ ڪميڻي شخص وانگر بي غيرتيءَ سان ڀريل غليظ حرڪت ڪريان. مٿس حقارت آميز ٽهڪ ڏيان ۽ اُن جڳهه تي، جتي هوءَ منهنجي سامهون بيٺي هئي، ساڻس هڪ اِهڙي آواز ۽ انداز سان ڳالهايان، جو هڪ عام دڪاندار ئي ڳالهائي سگهي ٿو.

 ”چار هزار روبل”، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ مون ته رڳو مذاق ٿي ڪيو. محترما تو پنهنجي ايتري گهڻي قيمت ڪيئن ٿي سمجهي؟ چار هزار روبل ڪا ٿوري رقم ته نه آهي، جا هن نموني بيهودگيءَ سان کڏ ۾ اُڇلائي ڇڏيان. ٻه سـَـؤ ته مان توکي دل ۽ جان سان ڏئي سگهان ٿو. تو ته پاڻ کي ڪنهن به منشا ۽ مراد لاءِ باقي نه رکيو آهي. مان شايد کٽيل راند هارائي ويهان ها. هوءَ شايد هلي به وڃي ها. پر اِهو بدلو ناشانائتو ٿي پوي ها. هوءَ اُن جي لائق به هجي ها، مگر مان هن حرڪت تي سڄي عمر افسوس ڪندو رهان ها. تون اعتبار ڪندين، مان ڪڏهن به هن کان اڳ ڪنهن عورت لاءِ ايترو شديد نفرت جو جذبو محسوس نه ڪيو هو، جيترو مان اُن وقت هن لاءِ محسوس ٿي ڪيو. مان سچ ٿو چوان ته جيترو وقت - ٽي يا پنج منٽ - برابر اُن ڏانهن نهاريندو رهيس، تنهن ۾ بيحد نفرت هئي، پر اُها نفرت، جا وار جي وٿيءَ جيتري فاصلي تي هوندي آهي ۽ پوءِ شديد محبت!!

مان دريءَ ڏانهن وڌي ويس ۽ هڪ طاق جي يخ ٿڌي شيشي تي وڃي پنهنجي پيشاني رکيم. مون کي ياد آهي، ته اُن برف جهڙي شيشي، منهنجي پيشاني کي، جلائي ڇڏيو. تون اِهو ڊپ نه ڪر ته مان کيس ڪو گهڻو وقت ترسايو. مان پاسو ڦيرائي ميز ڏانهن ويس، اُن جو خانو کوليم ۽ پنجن هزارن جو بئنڪ نوٽ، (جو فرينچ ڊڪشنريءَ ۾ پيو هو) کنيم - پوءِ مون خاموشيءَ سان کيس ڏيکاريو، اُن کي تهه ڪري، سندس حوالي ڪيم. رستي وارو دروازو کوليم، هڪ قدم پٺتي هٽي، بيحد احترام سان سندس اڳيان جـُـهڪيس. اُهو نهايت اَثر وارو نظارو هو. تون يقين ڪر، هوءَ سڄي لرزي وئي. هڪ منٽ لاءِ، مون ڏانهن نهاريائين. ڊپ جي حد تائين پيلي ٿي وئي - اِهڙي سفيد، جهڙي چادر - پوءِ هڪدم ڪنهن جذباتي اَثر کانسواءِ پرشائستگيءَ ۽ آهستگيءَ سان، منهنجي پيرن تي نـِـوِڙي پئي. سندس اِهو انداز، ڪنهن به اسڪولي خوش خـُـلق ڇوڪريءَ جهڙو نه هو پر روسي جهڪڻ جو نمونو هو. ايتري قدر جو سندس پيشاني وڃي زمين سان لڳي. هوءَ پوءِ ٽپ ڏئي اُٿي ۽ تڪڙي تڪڙي ٻاهر نڪري وئي. اُن وقت تلوار مون سان گڏ هئي.

مون جڏهن اُن کي ٻاهر ڪڍيو، ته اُن جاءِ تي پاڻ کي زخمي ڪرڻ جو اِرادو ڪيم - ڇو؟ اُن جي مون کي ڪابه خبر نه آهي. اِها جيتوڻيڪ هڪ خوفناڪ ناداني هئي پر ڀانئيان ٿو ته اِهو خوشيءَ کان ئي هو. تون سمجهي سگهين ٿو، ته شايد ڪو پاڻ کي خوشيءَ وچان به ماري سگهي ٿو!؟ مان پاڻ کي زخمي ڪونه ڪيو. جيتوڻيڪ ايتري ٻـُـڌائڻ جي به ضرورت ڪانه هئي. مان پنهنجي تلوار کي چـُـمي ڏني ۽ پوءِ موٽائي، اُن کي پنهنجي مياڻ ۾ وڌم.

اِها منهنجي اندرين ڪشمڪش هئي، جنهن سان توکي ٻـُـڌائڻ ۾ فخر محسوس ٿئي ٿو. مان اُن وقت پاڻ کي بيحد عظيم ۽ بـُـلند ٿي سمجهيو، پر هن حقيقت کي اتي ئي ڇڏ. جهنم ۾ پون اُهي، جي انساني دلين بابت گندو سوچين ٿا. ڪئٽرينا ايونونا سان بس منهنجو ايترو واقعو ٿي گذريو هو. ايون کي اڳ ئي اُن جي خبر آهي ۽ هاڻي توکي - باقي ٻيو ڪير به نه ٿو ڄاڻي.“

دمتري اُٿي بيٺو. جذبي ۽ جوش وچان هڪ ٻه قدم کنيائين. کيسي مان رومال ڪڍي پيشاني اُگهيائين. پوءِ ويهي رهيو. ساڳي جاءِ تي نه، جيئن اڳي ويٺو هو، بلڪ بنهه آمهون سامهون بينچ تي، جيئن اليوشا ڦـِـري، اُن جي منهن ۾ نهاري سگهي.

dc

 

 

باب پنجون

جذباتي دل جي قبوليت - (آرامي ٿيڻ)

 ”هاڻ،“ اليوشا چيو،  ”اُن جو پهريون حصو سمجهيو آهي.“

 ”تو پهريون حصو ته سمجهيو آهي، اِهو حصو ناٽڪ هو، جو اُتي کيڏيو ويو هو، ٻيو حصو غم انگيز آهي، جنهن جي ماجرا هت بيان ڪئي ويندي.“

 ”مگر، مون ته ٻئي حصي جو اَڃا تائين ڪجهه به نه سمجهيو آهي؟“  اليوشا چيو.

 ” ۽ مون! تون سمجهين ٿو، ته مان وري ڪو اُهو سمجهيو آهي ڇا؟“

 ”ٿورو ترس دمتري! هڪ نهايت ضروري سوال آهي. مون کي ٻڌاءِ، ته تنهنجو مڱڻو ٿيو هو؟ تون مڱيل آهين؟“

 ”اُن واقعي جي ٽن مهينن گذرڻ تائين، اسان پاڻ ۾ ڪو نه مڱيا هئاسون. ٻي ڏينهن مون پاڻ ساکي چيو ته ٺهيو، اِهو معاملو به ختم ٿيو، انجام کي پهتو ۽ هاڻي اُن جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿيندو. هن کي شاديءَ جي دعوت ڏيڻ، مون کي هڪ خراب عمل ٿي لڳو. ٻي طرف ڇهن هفتن تائين، جيڪو عرصو، هوءَ شهر ۾ رهي، ڪو زندگي جو آثار نظر نه ٿي آيو، بهرحال سواءِ هڪ ڳالهه جي. هـُـن جي اَچڻ جي ٻئي ڏينهن، وٽانئس هڪ خادما آئي. جنهن مون کي هڪ لفافو آڻي ڏنو، جو منهنجي نالي تي هو. مون اُن کي ڦاڙي چاڪ ڪيو. اُن ۾ بئنڪ چيڪ جا باقي بچيل پيسا هئا. هن کي رڳو 4500 روبل گهربل هئا، مگر اُن کي مٽائڻ تي، 200 روبل جو گهاٽو پيو هو. هن مون ڏانهن شايد 260 روبل موڪليا هئا. مون کي اُن جي پـَـڪي يادگيري ڪانه آهي، مگر هنن پيسن سان گڏ، ڪوبه خط يا اُن جي وضاحت ڪانه ڪيل هئي. مون لفافي جي، جيڪو پينسل سان لکيل هو، چڱيءَ طرح تلاشي ورتي، پر ڪجهه به نه هو. مان باقي بچيل پيسن کي اِهڙين بدمستين ۽ عياشين ۾ خرچ ڪيو، جو نئين ميجر مجبور ٿي آخر منهنجي ڪـَـنَ مهٽ ڪئي.

 ”ها! صاحب ته پوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل، فوج جا پيسا پيش ڪيا. سڀني کي بيحد تعجب لڳو. ڇو ته ڪنهن کي به هن ڳالهه تي يقين نه ٿي آيو، ته اها رقم ڪا سلامت هوندي. جيئن ئي هن پيسا ڏنا، ته هـُـو وري بيمار ٿي بستري داخل ٿيو. ٽن هفتن کان پوءِ، کيس دماغي بيماري ٿي پئي. اُن بيماريءَ ۾ پنجن ڏينهن کانپوءِ وفات ڪري ويو. کيس فوجي اعزاز سان دفنايو ويو، ڇو ته اَڃا ايترو وقت نه گذريو هو، جو کيس بي دخل ڪرڻ جو پروانو ملي وڃي. تدفين جي رسم اَدا ڪرڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ، ڪيٽرينا ايونونا، سندس ڀيڻ ۽ ماسي، ماسڪو ڏانهن هليون ويون. هـُـو جنهن ڏينهن هليون ويون، مون نه ته کين ڏٺو ۽ نه وري کين رخصت ڪيو يا موڪلايو. مون کي فقط هڪ مختصر خط مليو، جو هڪ سنهي نيري ڪاغذ تي لکيل هو. اُن تي پينسل سان فقط هڪ ئي سـِـٽَ لکيل هئي -  ”مان توکي لکنديس، انتظار ڪجانءِ ....“  بس اِهو ئي سڀ ڪجهه هو.

باقي حصي جي، مان ٻن لفظن ۾ وضاحت ڪريان ٿو. ماسڪو پهچندي ئي، سندن قسمتون، بجليءَ جي تيزيءَ سان بدلجي ويون. بلڪل اِهڙيءَ ريت، جيئن ڪا ’الف ليليٰ‘ جي ڪهاڻي هجي. جنرل جي بيواهه، جا هنن جي رشتيدار هئي، تنهن جون ٻه ڀائٽيون فوت ٿي  ويون هيون. اُهي ڇوڪريون بيواهه جون قريبي عزيز هئڻ کانسواءِ، سندس وارث به هيون. هو ٻئي، هڪ ئي هفتي ۾ ماتا جي مرض کان مري ويون هيون. اُن پوڙهيءَ، غم جي شدت کي مٽائڻ لاءِ، ۽ پنهنجي روح کي سڪون ڏيڻ لاءِ، ڪـُـٽيا جو، پنهنجي ڌيءَ وانگر آڌر ڀاءُ  ڪيو. هن کيس پنهنجي اُميدن جو آخري سهارو سمجهيو ۽ مضبوطيءَ سان کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو. هن پوءِ پنهنجي وصيت نامي، ڪـُـٽيا جي حق ۾ تبديلي آندي. جنهن تبديليءَ جو آئنده سان تعلق هو. هن وچ ۾ هـُـن کيس في الحال خرچ جي لاءِ، اَسي هزار روبل، شاديءَ جي ڏاج طور ڏنا، ته پنهنجي مرضيءَ موجب، اُنهن کي ڪم آڻي. هوءَ هڪ عجيب سودائي عورت هئي، بعد ۾ مون ماسڪو ۾، کيس ڪجهه اِهڙي ئي نموني ڏٺو.

ها! ته مون کي پوسٽ جي رستي، 4500 روبل اَچي پهتا. مان اهي ڏسي حيران رهجي ويس، جنهن کي تون به سمجهين سگهين ٿو. ٽن ڏينهن کانپوءِ اُهو خط اَچي پهتو، جنهن جو واعدو ڪيل هو. اُهو خط، مون سان هاڻي به گڏ هوندو. اُهو توکي ڏيکاريان؟ تون اُن کي ضرور پڙهي ڏس، جنهن ۾ هن پاڻ کي، منهنجي زال بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. هن پاڻ کي منهنجي حوالي ڪرڻ گهريو آهي.  ”مان توسان ديوانگيءَ جي حد تائين محبت ڪريان ٿي، اِن جو فڪر ڪونه آهي، جي تون مون سان محبت نه ٿو ڪرين، پر تون منهنجو مڙس ٿيءُ. ڪوبه ڊپ نه ڪر، مان تنهنجي لاءِ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ڪانه ٿينديس. مان توسان هميشه لاءِ محبت ڪرڻ گهران ٿي ۽ توکي بچائڻ چاهيان ٿي.“  اليوشا، مون وٽ زبان جي اُها شائستگي ڪانه آهي، جو وڻندڙ لفظن ۾ اُن جي عبارت کي دهرايان ۽ پنهنجي بازاري انداز ۾ نه ٻـُـڌايان. مان پنهنجي دائمي گهٽيا طرز کي، جا منهنجي پنهنجي آهي، ڪڏهن به بدلائي نه سگهندس. اِهو خط ته هاڻي به مون کي گهاءَ ٿو وجهي. تون سمجهين ٿو ته مون کي اُن جو رنج ڪونه هوندو - ته مان اُن جو اَڃا خيال نه ڪريان! مون کيس هڪدم اُن خط جي جواب ۾ لکيو، ته ماسڪو ڏانهن اَچڻ، مون لاءِ ممڪن نه آهي. اِهو جواب، مان هن حالت ۾ لکيو، جو منهنجي اکين مان لـُـڙڪن جو سيلاب جاري هو. مون کي هميشـ*، جنهن شيءِ لاءِ شرمساريءَ جو احساس رهندو، اُها، اِهائي هڪ شيءِ آهي. مون سندس دولتمنديءَ ڏانهن اِشارو ڪيو ۽ لکيم، ته تو وٽ گهڻو ئي ڏاج آهي، مان هڪ بيڪس معمولي گدا آهيان. مان دولت جو ذڪر ته ڪيو، مان اُن جذبي کي خاموشيءَ سان برداشت ڪري ٿي سگهيس، پر منهنجو قلم وَهي چڪو هو. مان پوءِ هڪدم ايون کي ڇهن صفحن جو هڪ خط لکيو ۽ کيس اُهو سڀ ڪجهه ٻـُـڌايم جو ٻڌائي سگهيس ٿي ۽ کيس لکيم، ته بي خوف ڪيٽرينا جي ملاقات لاءِ وڃ. تون مون ڏانهن اِيئن ڇو ٿو نهارين؟ تون تعجب مان اکيون ڦاڙي ڇو ٿو ڏسين؟

ايون سندس محبت ۾ گرفتار ٿي پيو ۽ اَڃا به هـُـو، سندس محبت جو دم ڀري ٿو. مون کي اُن جي خبر هئي. دنيا جي نظر ۾ هيءَ منهنجي ناداني هئي، پر ممڪن آهي ته منهنجي هيءَ ساده دلي ۽ بيوقوفي، اسان سڀني کي بچائي وٺي. آهه! تون ڪو نه ٿو ڏسين ته هوءَ ڪيترو نه ايون جو اونو ٿي رکي. ڪيئن نه سندس احترام ٿي ڪري؟ هوءَ جڏهن، اسان سڀني جو مقابلو ٿي ڪري، ته تون سمجهين ٿو، ته خاص طرح مون جهڙي ماڻهوءَ کي هوءَ پسند ڪندي؟ خير اِهو سڀ ڪجهه، هتي اِيئن ئي ٿيو آهي، مگر مون کي هن جو يقين آهي، ته هوءَ توجهڙي ماڻهوءَ کي پيار ڪري ٿي نه هن جهڙي شخص کي. هوءَ پنهنجي حسين سيرت کي پيار ٿي ڪري نه مون کي.“  هي لفظ غير اِرادي طرح دمتري جي واتئون نڪري ويا.هن ٽهڪ ڏنو، مگر هڪ منٽ کانپوءِ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. سندس چهرو قرمزي رنگ جهڙو سرخ ٿي ويو ۽ زور سان ميز تي مـُـڪ هڻي ڪڍيائين.

 ”مان قسم ٿو کڻان اليوشا!“  هن رڙ ڪئي، جنهن مان سندس حقيقي ڪاوڙ ۽ قلبي شدت جو صاف اظهار ٿي ڏٺو، چوڻ لڳو  ”تون ڀل مون تي اعتبار نه ڪر، پر جيئن يسوع مسيح حق آهي ۽ مقدس حقيقت آهي، تـَـنهن جو مان قسم کڻي ٿو چوان، ته جيتوڻيڪ مان هاڻي سندس عظيم دلي تاثرات تي ٽهڪ ڏنو هو، پر مان ڄاڻان ٿو ته مان کانئس لکين ڀيرا وڌيڪ گهٽيا روح آهيان ۽ هن جي اِها عظيم قلبي ڪيفيت، جنت جي فرشتن وانگر، صاف ۽ سچي آهي. اِها به بدبختي آهي، ته مان هن حقيقت کي يقين سان ڄاڻان به ٿو ۽ هيءَ ڪيتري نه حسين بدبختي آهي، جو ماڻهو ڄاڻندي به وڏي آب و تاب سان، اُن سان گڏ ٿو رَهي. مان هيءُ پاڻ ڪونه ڪريان ٿو، اُن هوندي به مون ۾ خلوص آهي ۽ پـُـر خـُـلوص آهيان. مگر ايون، مان چڱيءَ ريت سمجهان ٿو، ته هـُـو، ڪيئن نه هاڻي، فطرت کي پاراتا ڏيندو هوندو - پنهنجي ذهن جي دعويٰ هوندي به - هيءَ ڏسي ته ترجيح ڪنهن کي، ڇا کي ڏني ٿي وڃي؟ اُنهيءَ انسانيت سوز انسان کي، جو سندس مڱيندو آهي، جنهن ۾ سڄي جهان جون اکيون کـُـتل آهن، اُن هوندي به هـُـو پنهنجي بدڪارين کي نه ٿو روڪي. ايتري قدر جو پنهنجي مڱينديءَ جي اکين جي سامهون به نه ٿو مـُـڙي. اِهڙي، مون جهڙي ماڻهوءَ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ هن کي رد ڪيو وڃي ٿو. اِهو ڇو....؟ ڇاڪاڻ ته هڪ ڇوڪري، پنهنجي حياتي ۽ منزل مقصود، فقط شڪر گذاريءَ تي قربان ڪري ٿي. هيءُ عجيب آهي! مان هن جو هڪ لفظ به ايون کي نه ٻـُـڌايو آهي. نه وري ايون هن متعلق ٿوروئي مون کي اشارو ڪيو آهي، مگر مقصد، شائستگي سان حاصل ڪيو ويندو. اُن وقت جڏهن نالائق، هميشه لاءِ، پٺئين رستي تي غائب ٿي ويندو، هڪ بهتر ماڻهو هن ميدان کي قبضي ۾ آڻيندو، سندس ناپاڪ گندي جڳهه، هن جي لاءِ پياري جاءِ هوندي، جتي هـُـو آرام سان هوندو، جتي هـُـو نجاست ۾ غرق ٿي ويندو ۽ پنهنجي مرضيءَ سان لطف ۽ راحت ۾ هوندو. مان بلڪل بيوقوفن وانگر ڳالهائي رهيو آهيان. مون کي لفظن جي ڪابه ساڃاهه ڪانه آهي، مان اُنهن کي سوچڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ ڳالهائي رهيو آهيان، پر اِهو اِيئن ئي ٿيندو، جيئن مان چيو آهي. مان اُن گندي جڳهه ۾ غرق ٿي ويندس ۽ هوءَ ايون سان شادي ڪندي.

 ”ماٺ ڪر دمتري،“ اليوشا سندس جملي کي وچ ۾ ڪٽيندي اتاولائي مان چيو.  ”هڪ ڳالهه رهيل آهي، جا اَڃا تو، صاف نه ڪئي آهي. تون اِنهن ڳالهين جي باوجود، ساڻس مڱيو به آهين، يا نه؟ جيڪڏهن تنهنجي مڱيندي اِيئن نه چاهيندي هجي ته پوءِ تون، اُن مڱڻي کي ڪيئن ٽوڙي سگهندين؟“

 ”هائو، مڱڻو رواج مطابق ۽ باضابطا سنجيدگيءَ سان ٿيو هو. مان جڏهن ماسڪو پهتو هوس، تڏهن اِها رسم نهايت شاندار ۽ دلڪش نموني اَدا ٿي هئي. جنرل جي زال، اسان کي دعائون ڪيون ۽ تون اعتبار ڪندين؟ هـُـن ڪٽيا کي مبارڪباد ڏئي، چيو هو ته  ”تنهنجو انتخاب بهترين آهي.“  هن به چيو ته،  ”مان، اِهو بخوبي محسوس ڪريان ٿي.“  توکي هن تي به اعتبار ايندو ته هـُـن ايون کي پسند ڪونه ٿي ڪيو ۽ بي رخيءَ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيائين.

ماسڪو ۾ ڪـُـٽيا سان ڏاڍيون ڳالهيون ٿيون. مون کيس پنهنجي بابت سڀ ڪجهه ٻـُـڌايو. نهايت خلوص، شرافت ۽ صداقت سان. هن به سڀ ڪجهه ڪـَـن ڏئي ٻڌو.

اُتي هڪ شيرين ۽ دل کي ڇهندڙ اُلـجهن هئي،

اُتي نرم ۽ نازڪ لفظ هئا.

اُن هوندي، ڪي فخر ڀريا لفظ به هئا. هـُـن مون کان هڪ سخت واعدو به ورتو  ته مان پنهنجي اصلاح ڪندس. مون نڀائڻ جو واعدو به ڪيو، پر هت -”

 ”هت ڇا؟“

 ”ڇو؟ مان توکي سڏي، ڇا لاءِ اڄ هتي آندو آهي. اڄ جو اڄ، ۽ ياد رک - مان توکي اڄ ڪيٽرينا ايونونا ڏانهن موڪلڻ گهران ٿو، ۽ -”

 ”ڇا؟“

 ”ته کيس وڃي ٻـُـڌاءِ ته وري ساڻس ملڻ ڪونه ايندس. هي به چوينس، ته هـُـو توکي سلام ٿو ڏئي.“

 ”پر اِهو ممڪن آهي؟“

 ”اِهوئي ته سبب آهي، جو مان توکي پنهنجي بدران اوڏانهن موڪلي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته اِهو ناممڪن آهي، ته مان پاڻ کيس اِيئن چئي سگهان.“

 ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“

 ”اُن گنديءَ جڳهه ڏانهن“

 ”گروشينڪا ڏانهن؟“  اليوشا هٿن کي مهٽيندي، ڏک ڀرئي آواز ۾ چيو:  ”ڇا ريڪٽن تڏهن اِهو سڀ ڪجهه سچ ٿي چيو؟ مون سمجهيو هو، ته تون ساڻس محض ملڻ جي خاطر ويو هئين ۽ بس!“

 ”هڪ مڱيل، ڇا اِيئن وڃي سگهي ٿو؟ ڇا اِها ڳالهه ممڪن آهي؟ مڱڻي هوندي ۽ سڄي جهان جي نگاهن جي سامهون؟ پريشان نه ٿيءُ. مون کي پنهنجي عزت آهي. جيئن ئي مان گروشينڪا ڏي اَچڻ وڃڻ شروع ڪيو، ته ڄڻ مان مڱڻو ترڪ ڪري چـُـڪس ۽ وڌيڪ ايماندار ماڻهو نه رهيس. مان ڄاڻان ٿو، پر تون مون ڏانهن اِيئن نهارين ڇو ٿو؟ مان پهريائين کيس ٿڦون هڻڻ جي خيال کان ويو هوس. مون ٻـُـڌو هو ۽ مون کي هاڻي اُن جي خبر  آهي ۽ هيءَ حقيقت به آهي ته ڪئپٽن جو منهنجي پيءُ جو ايجنٽ هو، تنهن گروشينڪا کي منهنجي قرض جو چـِـٺو، اِن خاطر ڏنو هو، ته مون تي دعويٰ ڪري، مون کي هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي. هنن مون کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو ۽ مان هـُـن کي ڏنڊو هڻڻ ويو هوس.

مون اڳ، سندس هڪ جهلڪ ڏٺي هئي. پهرئين نگاهه ۾ هوءَ ڪنهن کي به موهي نه ٿي سگهي. مان هڪ پوڙهي واپاريءَ سان سندس تعلقات بابت ٻـُـڌو هو. هـُـو هاڻي اَڌ رنگ (فالـج) جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي. پر جيئن ٻـُـڌو اٿم، هـُـو، هـِـن لاءِ، هڪ معقول رقم ڇڏي ويندو. مون کي اِها به خبر هئي ته هوءَ پيسي جي بـُـکي آهي ۽ پاڻ وٽ چڱي رقم جمع ڪري، عجيب فريب سان وياج تي ڏئي ٿي. هوءَ بي رحم، دغا باز ۽ فريبي آهي. مان کيس مارڻ لاءِ ويو هوس، پر اُتي ترسي پيس، جو طوفان اَچي ويو، جنهن مون کي عذاب اِلاهيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. مان اَڃا اُن خدائي عذاب ۾ گرفتار آهيان ۽ شايد سڄي ڄمار، اُن کان ڇوٽڪارو ملي نه سگهي. منهنجي هن درد جو ڪوبه درمان نه آهي. هاڻي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي چـُـڪو آهي، حياتيءَ جو چڪر پڄاڻيءَ تي پهچي چـُـڪو آهي، منهنجي بس اِها ئي ڪهاڻي آهي!

مان هاڻي جيتوڻيڪ فقير آهيان، جيئن منهنجي قسمت هئي، مگر اُن وقت منهنجي کيسي ۾، ٽي هزار روبل هئا. مان گروشينڪا کي وٺي، هتان پنجويهه ميلن جي پنڌ تي موڪرويا ڏانهن ويس. مون اُتي ڪيترائي خانه بدوش ڏٺا. مون کين رقص جي دعوت ڏني ۽ شراب پياري مست ڪيو. اُنهن ۾ عورتون به هيون ۽ نوجوان ڇوڪريون به. ٽن ڏينهن جي اندر مون وٽ جو ڪجهه به هو، سو ختم ٿي ويو ۽ مان پڌرو ٿي پيس. مگر هيرو؟ هيري پنهنجي اصلي مقصد کي حاصل ڪيو هوندو؟ هن جي طرفان ته اُن جو ڪوبه اِشارو نه هو. مان توکي ٻـُـڌايان ٿو ته اُن بدمعاش گروشينڪا جي جسم تي، لچڪدار گهنج آهن. تون اُهي سندس ننڍڙي پير، بلڪه کـُـڙيءَ ۾ به ڏسي سگهين ٿو. مون اُهي رڳو ڏٺا نه پر اُنهن کي چـُـميو به. تون باور ڪر ته اُهو سڀ ڪجهه ٿيو. هن چيو ته،  ”تون جي پسند ڪرين، ته مان تو سان شادي ڪريان. اِهو ڄاڻندي به، ته تو وٽ ڪجهه به نه آهي. پر ايترو واعدو ڪر ته تون مون کي ماريندين نه، ۽ مان جو ڪجهه ڪريان، اُن کان منع به نه ڪندين. پوءِ ئي مان توسان شادي ڪنديس.“  پوءِ هـُـوءَ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي ۽ اَڃا تائين ٽهڪ ڏيندي ٿي رهي.“

دمتري شديد ڪاوڙ ۾ اُٿي بيٺو. هـُـو اِيئن ٿي نظر آيو، ڄڻ ته شراب جي نشي ۾ بدمست آهي. سندس اکين ۾ اوچتو ڳاڙهاڻ ڇانئجي وئي.

 ”تون سچ پچ، ساڻس شادي ڪرڻ گهرين ٿو؟“

 ”بنا دير جي، جيڪڏهن هـُـو چاهي، پر جيڪڏهن هوءَ نه چاهي ته به مان اِيئن ئي رهندس. مان سندس در جي درباني به قبول ڪندس، اليوشا!“

هـُـو سندس اڳيان ٿي بيٺو ۽ اليوشا جي ٻنهي ڪلهن کي انتهائي شدت سان کڻي جهليائين.

 ”توکي خبر آهي معصوم ڇوڪرا! هيءَ سڄي پريشاني  آهي، بي حسد وجداني ڪيفيت جي! ڇو ته اتيئي ته اَلميو آهي. اَچ ته مان توکي اِهو به ٻـُـڌايان اليڪسي، ته مان ڀل ڪريل انسان هجان، ڀل پست ۽ ذليل هجان پر دمتري ڪرامازوف چور ۽ ڳنڍي ڇوڙ هرگز ٿي نه ٿو سگهي. ها! مان توکي هيءُ به ٻـُـڌائڻ گهران ٿو، ته مان چور ۽ ڳنڍي ڇوڙ به آهيان. اُن ئي شام جو جڏهن مان گروشينڪا کي مارڻ ٿي ويس، تنهن کان ٿورو اڳ ڪيٽرينا ايونونا مون ڏانهن ماڻهو موڪليو، جو راز دار نه هو. (مون کي خبر نه آهي ته اِيئن ڇو هيو؟ ٿي سگهي ٿو ته وٽس اُن جا ڪي سبب هجن) هن چيو ته پرڳڻي جي مکيه شهر ۾ وڃي، آگافيا ايونونا ڏانهن ٽي هزار روبل پوسٽ جي رستي موڪلي ڏئي. پر اِهڙي نموني، جيئن ٻـَـي ڪنهن کي به اُن جي ڀڻڪ نه پوي. اِهي ئي ٽي هزار روبل هئا، جڏهن مان گروشينڪا ڏي ٿي ويس. اِها ئي رقم هئي، جا مون موڪرويا ۾ خرچ ڪئي. اُن کانپوءِ مون بهانو بڻايو، ته مان شهر ويو هوس، پر کيس پوسٽ جي رسيد ڪانه ڏيکاريم. مون کيس ٻڌايو ته پيسا موڪلي ڏنا اٿم، پر مون هن وقت تائين اِيئن نه ڪيو آهي. مون اِهو وساري ڇڏيو آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته تون اَڄ جو وٽس ويندين، ته کيس ڇا ٻـُـڌائيندين؟ هن توڏانهن سلام موڪليا آهن.

هوءَ تو کان پڇندي ته پيسن جو ڇا ٿيو؟ تون شايد کيس اِيئن چوين ته هـُـو ذليل نفس پرست آهي، ڪريل ۽ بداخلاق، جنهن جو جذبات تي ڪوبه ضابطو نه آهي. هـُـن تنهنجي رقم ڪانه موڪلي آهي، مگر اُها بيڪار وڃائي ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته هو ذليل وحشيءَ جيان، پاڻ تي ڪوبه ضابطو رکي نه سگهيو، پر تون شايد اَڃا به وڌيڪ  چئي سگهين، هـُـو چور ڪين آهي. هيءُ تنهنجا ٽي هزار روبل آهن، جي هـُـن موٽائي موڪليا آهن. تون پاڻ ئي آگافيا ايونونا ڏي موڪلي ڏئي، پر هن مون کي چيو، ته مان توکي هن جا سلام ڏيان، پر اِهو به لازمي آهي، ته هوءَ توکان پڇي ته رقم ڪٿي آهي؟“

 ”مـِـتيا تون ڏکاري آهين، ها، پر نه اِهڙو، جهڙو تون خيال ڪري رهيو آهين. پنهنجي موت جي ايتري مايوس ڪندڙ اَنداز ۾ افسوس نه ڪرڻ گهرجي.“

 ”ڇا تون اِيئن ٿو سمجهين، ته مان پاڻ کي گولي هڻندس، ڇو ته مان ٽي هزار روبل موٽائي نه سگهندس. اِيئن ئي آهي نه، پر مان پاڻ کي گولي ڪين هڻندس. مون ۾ هاڻي ايتري همٿ ڪانه آهي. آخرڪار شايد! پر مان هاڻي گروشينڪا ڏي وڃان ٿو. مون کي اِها ڳڻتي ڪانه آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟“

 ”پوءِ ڇا؟“

 ”مان هن جو مڙس ٿيندس، جيڪڏهن سندس اِهڙو اِرادو هوندو. سندس عاشق جڏهن ايندا، ته مان ٻي ڪمري ۾ هليو ويندس. هن جي دوستن جون جتيون صاف ڪندس. اُنهن لاءِ چانهه تيار ڪندس ۽ اُنهن جا نياپا پهچائيندس.“

 ”ڪيٽرينا ايونونا، اِهو سڀ ڪجهه سمجهي ويندي.“  اليوشا سنجيدگيءَ سان چيو.  ”هـُـوءَ سمجهي ويندي، ته هيءُ ڪيتري نه شديد پيڙا ۾ آهي، پوءِ هوءَ معاف ڪري ڇڏيندي. هـُـن وٽ سگهاري دل آهي ۽ توکان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڏکارو ٿي نه ٿو سگهي. هوءَ پاڻ ئي اُن جو اَندازو لڳائيندي.“

 ”هوءَ اِهو سڀ ڪجهه معاف ڪونه ڪندي.“  دمتري ڦـِـڪي کـِـل کلندي چيو.  ”منهنجا ڀاءَ! هن ۾ گهڻو ڪجهه آهي، جو ڪابه عورت اُن کي معاف ڪري نه ٿي سگهي. خبر اٿئي ته ڪهڙي ڳالهه بهتر ٿيندي؟“

 ”ڪهڙي؟“

 ”ته ٽي هزار روبل واپس ڪيا وڃن.“

 ”پر ايتري رقم، اَسان آڻينداسون ڪٿان؟ مون وٽ ٻه هزار کن آهن. ٽيون هزار ايون ڏيندو. اِهي کڻي وڃي واپس ڪري اَچ!“

 ”پوءِ توکي وري اِهي ڪڏهن ملندا؟ تنهنجا ٽي هزار - تون ڪو ايڏو وڏو ماڻهو ته ڪونه آهين ۽ تون اِهو به ڄاڻين ٿو، ته اِهو بنهه ضروري آهي ته تون اڄ وٽس وڃي، منهنجي طرفان کيس الوداع چئي اَچ. پوءِ پيسو هجي يا نه هجي. ڇاڪاڻ ته مان ڳالهه کي ايترو ڊگهو ڪرڻ نه ٿو گهران. اِهائي ڳالهه آهي. سڀاڻي تمام گهڻي دير ٿي ويندي. ۽ پوءِ توکي بابا ڏانهن به موڪلڻو آهي.“

 ”بابا ڏانهن؟“

 ”جيءُ، پهريائين بابا ڏانهن. کانئس وڃي ٽي هزار روبل گـُـهر.“

 ”پر مـِـتيا، هـُـو ڪڏهن به نه ڏيندو.“

 ”مون کي خبر آهي، ته ڪونه ڏيندو. اليڪسي تون نااُميديءَ جي معنيٰ مان واقف آهين؟“

 ”مان ڄاڻان ٿو.“

 ”ته ٻـُـڌ، قانوني طرح، هـُـو منهنجو قرضدار نه آهي. مون هـُـن کان سڀ ڪجهه وٺي ڇڏيو آهي. اِهو مان ڄاڻان ٿو، پر اخلاقي طرح هـُـو منهنجي زيربار آهي. ڇا اِيئن نه آهي؟ توکي اِها به خبر آهي ته هـُـن منهنجي ماءُ جي ئي اٺاويهن هزارن سان پنهنجي ڪمائيءَ جي شروعات ڪئي هئي ۽ اُنهن مان سوين هزار ڪمايائين. هـُـو مون کي اُهي اَٺاويهه هزار ئي موٽائي ڏئي ۽ منهنجي روح کي دوزخ جي باهه مان ڇوٽڪارو ڏي ته انهن سان اِهو منهنجي ڪيترن ئي گناهن جو ڇوٽڪارو ٿيندو. اِنهن ٽن هزارن جي خاطر، مان توسان واعدو ٿو ڪريان، ته مان سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ هـُـو منهنجي طرفان وري ڪجهه به نه ٻڌندو. پويون دفعو مان کيس پيءُ بڻجڻ جو موقعو ڏيان ٿو. کيس وڃي ٻـُـڌاءِ ته خود خدا کيس اِهو موقعو ڏئي پيو.“

 ”مـِـتيا، هـُـو ڪنهن به حالت ۾ ڪونه ڏيندو.“

 ”مون کي خبر آهي ته ڪونه ڏيندو. مان اِهو چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو، خاص طرح هاڻي ته وڌيڪ، پر اِهوئي ته سڀ ڪجهه آهي. مان اَڃا به وڌيڪ ڄاڻان ٿو. ٿورا ڏينهن اڳ ۾، شايد ڪالهه، هن کي پهريون ڀيرو هيءَ خبر پئي آهي، ته پـَـڪ ئي پـَـڪ  - خيال ۾ رکجانءِ -  ته گروشينڪا ڪوبه چرچو نه ٿي ڪيو، بلڪه مون سان شادي ڪرڻ لاءِ آماده آهي. هـُـو سندس طبعيت کان واقف آهي، هـُـو کوٻليءَ کي سڃاڻي ٿو. تون سمجهين ٿو، ته هـُـو مون کي پيسا ڏيندو، ته مان کيس حاصل ڪريان. جڏهن هـُـو خود اُن جي مٿان ڇـَـڪن آهي، پر .....!

اِهو سڀ ڪجهه نه آهي. مان توکي هن کان به وڌيڪ ٿو ٻڌايان. مون کي گذريل پنجن ڏينهن کان هيءَ خبر ملي آهي، ته هـُـن بئنڪ مان ٽي هزار روبل ڪڍايا آهن ۽ اُنهن کي سـَـؤ سـَـؤ روبل نوٽن ۾ مٽايو اَٿس. هڪ وڏي لفافي ۾ اُنهن کي بند ڪيو اَٿس ۽ اُن تي ڳاڙهي ربين ويڙهي اَٿائين ۽ اُن جي مٿان پنج مـُـهرون هنيون اَٿس. ڏس مون کي اُن جي ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان خبر آهي. اُن جي مٿان به لکيو اَٿائين ته  ”منهنجي فرشته گروشينڪا ڏانهن، جڏهن هوءَ مون ڏي ايندي.“  هيءُ سڀ ڪجهه، هـُـن پاڻ ڪيو آهي ۽ ڳجهه ڳوهه ۾، جنهن جي فقط سندس خاص خدمتگار سميرڊياڪوف کي خبر  آهي، جنهن تي هـُـو پاڻ جهڙو ڀروسو رکندو آهي. هاڻي هـُـو گذريل ٽن چئن ڏينهن کان، انهيءَ اُميد تي ويٺو آهي، ته گروشينڪا وٽس ايندي. کيس هيءَ به اُميد آهي، ته هوءَ پيسن لاءِ ايندي. هن کيس چـَـورائي به موڪليو آهي ۽ هـُـن جواب به ڏياري موڪليو اَٿس ته هوءَ وٽس ايندي. هوءَ جيڪڏهن پوڙهي وٽ وئي، ته مان ساڻس شادي ڪري سگهندس؟ تو هاڻي سمجهيو هوندو، ته مان هتي ڇو لڪو ويٺو آهيان ۽ ڇو مناسب موقعي جو منتظر آهيان؟“

 ”هـُـن جي لاءِ ؟“

 ”هائو، هـُـن جي لاءِ ئي. فوما کي هت، هـُـن ڦوهڙ عورت جي گهر ۾ هڪ ڪمرو آهي. فوما، منهنجي ئي پاسي جو آهي. هـُـو اسان جي ئي ريجمينٽ ۾ سپاهي هو. هـُـو هن جو ڪم ڪار ڪندو آهي. رات جي وقت چوڪيداري ڪري ٿو ۽ ڏينهن جو پکين جو شڪار ڪرڻ ويندو آهي. اِجهو هـُـو اِيئن ئي گذارو ڪندو آهي. مان سندس ئي ڪمري ۾ وڃي رهيو آهيان. منهنجي راز جي، نه هن کي، نه وري عورتن کي خبر آهي. اِن ڪري ئي بس، اِن ڪري ئي مان هت انتظار ۾ ويٺو آهيان.“

 ”ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي به نه پر سميرڊياڪوف کي ئي اُن جي خبر آهي؟“

 ”ٻئي ڪنهن کي به نه، هوءَ جڏهن پوڙهي وٽ ويندي، ته هـُـو مون کي يڪدم اَچي ٻـُـڌائيندو.“

 ”ته پوءِ هن ئي توکي پيسن لاءِ ٻـُـڌايو آهي؟“

 ”هائو، اِهو بلڪل راز آهي. ايون کي پڻ پيسي جي يا ٻي خبر ڪانه آهي. پوڙهو ايون کي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ، شرماشنيا ڏانهن سفر تي موڪلي رهيو آهي. جهنگ جي ڪاٺين لاءِ ڪو خريدار پيدا ٿيو آهي، جو هن کي اَٺ هزار روبل ڏيندو. پوڙهو اِن ڪري برابر هن کي چئي رهيو آهي، ته کيس هن وهنوار ۾ مدد ڪري. هن کي اُتي ٽي چار ڏينهن لڳي ويندا. پوڙهو، اِهوئي چاهي ٿو، ته جيئن گروشينڪا هن جي غير حاضريءَ ۾ وٽس اَچي سگهي.“

 ”هن کي اڄ گروشينڪا جي اَچڻ جي اُميد آهي؟“

 ”نه هوءَ اڄ ڪونه ويندي. اُن جا اهڃاڻ  آهن. هوءَ پـَـڪ ڪونه ويندي.“  مـِـتيا، اوچتو وڏي آواز سان چيو. سميرڊياڪوف پڻ اِيئن ئي ٿو سمجهي. بابا، هينئر پيئڻ ۾ مست آهي. هـُـو ايون سان گڏ ميز تي ويٺو آهي. اِليوشا هن ڏانهن وڃ ۽ کانئس ٽن هزارن جي طلب ڪر.“

 ”پيارا مـِـتيا توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟ اليوشا اوچتو رڙ ڪري چيو ۽ پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿيو. پنهنجي ڀاءُ جي وحشياڻي چهري ڏانهن نهارڻ لڳو. هڪ گهڙيءَ لاءِ کيس خيال آيو ته دمتري چريو ٿي ويو آهي.

 ”اِهو ڇا آهي؟ مان ديوانو ڪونه آهيان.“  دمتري ڏانهن سنجيدگيءَ سان نهاريندي چيو. ڪوبه ڊپ ڪونه آهي. مان توکي پيءُ ڏانهن موڪلي رهيو آهيان. مان جيڪي چوان ٿو، اُهو به سمجهان ٿو. مان ته معجزن ۾ يقين رکندو آهيان.“

 ”معجزن ۾؟“

 ”خدا پاڪ جي معجزن ۾، منهنجي دل جو علم خدا کي ئي آهي. هـُـو منهنجي مايوسيءَ جي حالت کي ڏسي ٿو. پوري تصوير، هـُـن جي اڳيان آهي. مون کي پـَـڪ آهي ته هـُـو ڪابه بڇڙائي ٿيڻ نه ڏيندو. اليوشا تون وڃ، مون کي معجزن ۾ يقين آهي.“

 ”مان وڃان ٿو، پر مون کي ٻـُـڌاءِ ته تون منهنجو هـِـت انتظار ڪندين؟“

 ”هائو، مون کي خبر آهي ته هن ۾ ڪجهه وقت لڳندو. تون خالي ذهن سان هن ڏي وڃج. هـُـو شراب پيئڻ ۾مشغول آهي. مان هت تنهنجو ٽي، چار، پنج، ڇهه، ست ڪلاڪ انتظار ڪندس. پر اِهو نه وسارجان“، ته توکي اڄ ئي ڪيٽرينا ايونونا ڏانهن وڃڻو آهي. پوءِ کڻي اَڌ رات ٿي وڃي. پيسو هجئي يا نه پر کيس چئج، هن توڏانهن سلام موڪليا آهن. مان چاهيان ٿو، ته کيس اِهو شعر ٻڌائجانءِ ته، هن توکي سلام موڪليا آهن.“

 ”مـِـتيا، گروشينڪا ڏي، جي اڄ نه، ته سڀاڻي يا ٻي ڏينهن وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“

 ”گروشينڪا؟ مان کيس ڏسي رهندس. مان ڊوڙي وڃي کيس روڪيندس.“

 ” ۽ جيڪڏهن –“

 ”اُن ۾ جيڪڏهن آهي، ته پوءِ اِهو قتل ٿيندو. مان اِهو برداشت نه ڪندس.“

 ”ڪير قتل ٿيندو؟“

 ”پوڙهو! مان هـُـن جو ته خون ڪونه ڪندس.“

 ”منهنجا پيارا ڀاءُ، هيءُ تون، ڇا پيو چوين؟“

 ”اڙي مون کي خبرنه آهي .... مون کي خبر نه آهي. شايد مان هن کي قتل نه ڪريان. اِيئن ٿي به سگهي ٿو. هـُـو شايد اُن وقت مون ڏانهن نفرت انگيز چهري سان نهاري ويهي. مون کي سندس بدزيب گردن، نڪ ۽ اکين کان بڇان ٿي لڳي، پڻ سندس لڪي لڪي کلڻ کان به. مون کي کانئس قدرتي نفرت آهي. مون کي رڳو اِهوئي ڊپ آهي. اِها ڳالهه شايد مون کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏي.“

 ”مان ويندس مـِـتيا. مون کي يقين آهي، ته ڌڻي ڪا بهتري ئي پيدا ڪندو ۽ شال ڪا اِهڙي بڇڙي ڳالهه نه ٿئي.“

 ” ۽ مان هت ويهي، ڪنهن معجزي جو انتظارڪندس، پر جيڪڏهن اِيئن نه ٿيو ته .....“

اليوشا فڪر ۾ غرق هوندي پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو.“

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org