ڇپائيندڙ پاران
ادب جي دُنيا ۾ ناول نويسي انتهائي مقبول پر محنت
طلب صنف آهي، ڇاڪاڻ جو ناول لکندي هڪ ليکڪ نه رڳو
فني ۽ ٽيڪنيڪي نزاڪتن کي نظر ۾ رکي ٿو، پر گهري
ادراڪ، مشاهدي، مطالعي ۽ انساني نفسيات بابت گهڻ
رُخي ڄاڻ رکڻ سان گڏ هڪ منفرد تصوراتي دُنيا جي
اُڻت به ڪري ٿو. ان ننڍي دُنيا ۾ ڪي ڪردار
چـُـرندي پـُـرندي، ساهه کڻندي، احساساتي ڀائيچارو
ڪندي، مرندي نظر اچن ٿا- ۽ مري ٻيهر زندهه ٿيندي
بلڪه ڪن مرحلن تي اُهي اَمـَـر به ٿي وڃن ٿا! رڳو
ڪردار ئي ڇو، انهن تحريرن جي ڀاڪرن ۾ آيل جايون،
جڳهون، جهلڪون، ادائون، صورتحالون
(Situations)
۽ ناتا به ياد جي ڦرهيءَ تي اُڪرجي وڃن ٿا.
ادب ۾ ناول نگاريءَ جو اهو مقام هوندي به ضروري
ناهي ته دُنيا ۾ لکيل/ لکجندڙ سڀ ناول انهيءَ
پـَـدَ تي پـُـورا لهن. انساني لکت جي تاريخ ۾
بيشمار ناولن جي عـُـمر چند هفتن، مهينن ۽ سالن تي
به محيط رهي آهي. بلڪه ادب جي دُنيا ۾ هزارن جي
تعداد ۾ اهڙا ناول به لکيا ويا، جن کي ڇپجڻ ته
نصيب ضرور ٿيو، پر اُهي پڙهندڙن جو ڪو خاص ڌيان نه
ڇڪائي سگهيا ۽ آخرڪار ڪٻاڙ خانن، ڊرائنگ رومن ۽
رديءَ جي ٽوڪرين جو بـَـکُ بڻجي ويا. تنهن ڪري اها
حقيقت سمجهڻ گهرجي، ته اُهي ناول جن انساني دل ۽
ذهن تي صدين ۽ ڏهاڪن تائين حـُـڪمراني ڪئي، سي چند
درجنن کان مٿي هرگز به نه آهن. ڇاڪاڻ جو مٿي ڪيل
گذارش مطابق ناول لکڻ لاءِ نه رڳو انساني حواسن،
تجربن جو َتتُ پيش ڪرڻو ٿو پوي، پر اهڙي ڪنهن
لافاني تحرير لاءِ قدرت جي ڪرم نوازيءَ جو هـُـجڻ
به بيحد ضروري آهي. يعني انساني جستجو ۽ فطرت جي
مهربانيءَ سان عطا ٿيل ڏات جو لاڳاپو، جڏهن پورڻتا
جي حد تائين هڪ ٻئي سان سنجوڳ ڪري ٿو، تڏهن ڪو غير
معمولي ناول جنم وٺي ٿو.
انهيءَ حوالي سان ناول جي صنف ۾ دُنيا جي عظيم ترين ناول نگارن ۾ جن ڪلاڪارن
کي امتيازي حيثيت حاصل آهي، تن مان روس جو فيودور
دوستو وسڪي پهرين قطار ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. موضوعن جي
نـُـدرت، فڪر جي گهرائي ۽ انساني سڀاءَ جو گهرو
ادراڪ رکندڙ هيءُ ناميارو ليکڪ فقط ناول نويسيءَ ۾
ئي نه، پر نثر جي دُنيا جو به اهو چمڪندڙ ستارو
آهي، جنهن جي قلم جي جولان سان هن سرشتيءَ جو شايد
ئي ڪو ٻيو قلمڪار بـَـرُميچي سگهي. انتهائي سادن
پلاٽن کي بيشمار ڪردارن سان ٽمٽار ڪندي، جنهن
تـُـز طريقي سان دوستو وسڪي زندگيءَ جي جيڪا سچي ۽
ايذائيندڙ منظر ڪشي ڪئي آهي، سا عام پڙهندڙ کي
”خاص شخص“ ۽ خاص شخص کي هڪ شاندار ليکڪ بنائڻ لاءِ
ڪافي آهي. دوستو وسڪي پنهنجين تحريرن جي ابتدا ۾
هڪ عام قصه گو وانگر انتهائي آسان ۽ روايتي
ڪهاڻيون بيان ڪرڻ لڳي ٿو، پر وقت گـُـذرندي هـُـو
پڙهندڙ کي فني سحر ۾ جڪڙي ۽ انساني نفسيات جي
پيچيدگين تان پردو کڻندي، کيس پنهنجين تحريرن جو
ديوانو بڻائي ڇڏي ٿو. اهوئي سبب آهي جو گـُـذريل
سوا صديءَ دوران ناول نگاريءَ جي دُنيا ۾ جيترا
سندس مداح پيدا ٿيا، ايترا شايد ئي ڪنهن ٻئي ليکڪ
کي ميسر ٿيا هـُـجن!
دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس
لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي،
جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات،
نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس
ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو
خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن
تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو.
ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي
هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني
سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش
ڪيو آهي-- ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽
لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن. هڪ
ننڍڙي روسي ڪـُـٽنب سان لاڳاپيل فردن جي روزاني
زندگيءَ کي بحث ۾ آڻيندي، هـُـن دراصل انساني دل ۽
دماغ جي وچ ۾ ٿيندڙ تضادن کي چٽو ڪري، اُنهن تضادن
جا حل ڏَسيا آهن- ۽ ائين ڪندي هڪ ’ڪامل راهه‘ جو
تصور عطا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.
”ڪرامازوف ڀائر“ اڻويهين صديءَ جي روس ۾ فئشني
مادي پرستي، ڪٽر يسوعي اعتقاد پرستي ۽ لذت پسنديءَ
جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ جو مجموعو آهي، جن ٽڪرائن جي
نمائندگي ڪرامازوف خاندان جا فرد ترتيبوار ايوان،
اليوشا ۽ دمتريءَ جا ڪردار ڪندي نظر اچن ٿا. روس
جي تاريخ جو هيءُ اهڙو دور آهي، جنهن ۾ عيسائي
مذهبي ڌريون، روسي شهنشاهيت ۽ لبرل قوتون هڪٻئي
خلاف جاکوڙيندي ۽ پاڻ کي مضبوط ڪندي نظر اچن ٿيون.
ڪرامازوف ڀائرن جي وچ ۾ ٿيندڙ خيالن جي رساڪشي
دراصل ان دور جي روسي سماج ۾ ٿيندڙ فڪري ۽
اختياراتي تضادن جو اولڙو آهي. ناول اندر انهيءَ
ويڙهه ۾ ڪاميابي بهرحال ڪرامازوف ڀائرن جي پيءُ
جهوني فيودور کي حاصل ٿئي ٿي، جيڪو پنهنجي اندر
تمام تر بشري بـُـرايون رکندي به هڪ صوفي منش آهي.
هـُـو انساني ڪمزورين جو مجموعو هوندي به نظرين،
فرقن ۽ روايتي فڪر جو داعي نه پر ڌرتي ۽ اُن جي
روايتن جو امين ۽ اعليٰ انساني قدرن ۾ يقين رکندڙ
هڪ گنهگار شخص آهي. دوستو وسڪي پاڻ پراڻ پسند
مسيحي هوندي به سڄي عمر ڪئين بـُـرين عادتن ۾ ڦاٿل
رهيو، پر هـُـن ڪڏهن به انسانيت لاءِ دل ۾ موجود
احترام ۽ پيار کي پنهنجي اندر مان هڪالڻ جي ڪوشش
نه ڪئي. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته ”ڪرامازوف ڀائر“
هن عظيم ليکڪ جي آخري تحرير ئي نه پر سڄي عـُـمر
جي علم، مشاهدي ۽ تفڪر جو تـَـتُ آهي، جنهن کي
هـُـن انتهائي شاندار طريقي سان عام پڙهندڙ تائين
پـُـڄائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
”ڪرامازوف ڀائر“ جو پهريون ڇاپو سن1880ع ۾ روسي
ٻوليءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ اُن ڪتاب ٿوري ئي عرصي ۾
عالمي سطح تي شـُـهرت حاصل ڪري ورتي. ويهين صدي
شروع ٿيندي ئي هيءُ ناول دُنيا جي مختلف ٻولين ۾
ترجمو ٿيڻ لڳو ۽ اُن يورپ سميت دُنيا جي مڙني
لکندڙن، پڙهندڙن ۽ سوچيندڙن جي دل ۾ جاءِ ٺاهي
ورتي. ”ڪرامازوف ڀائر“ جو انگريزي ترجمو 1915ع ۾
Constance Carnett
جي هٿان ٿيو، نتيجي ۾ هيءُ
ناول ننڍي کنڊ جي علمي ۽ ادبي حلقن تائين پهچي
ويو. ۽ اهڙي طرح وقت گذرندي ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين
۾ ترجمو ٿيو. ڪتاب جو سنڌي ترجمو نامياري ليکڪ
مرحوم احسان بدويءَ هٿان سن1965ع ۾ ٿيڻ شروع ٿيو ۽
1978ع ۾ مڪمل ٿي سنڌي ادبي بورڊ تائين پهتو. پر
افسوس جي ڳالهه آهي، ته ايترو عرصو اڳ بورڊ کي
سونپيل هن ڪتاب جي سنڌي مسودي کي موجوده روپ ۾
توهان جي هٿن تائين پهچڻ ۾ ٽيهن سالن جو وڏو عرصو
لڳي ويو.
ظاهر آهي ته ايترو وقت گذرندي، ڪنهن به تحرير جي
ٻولي، لهجي، بلڪه مـُـحاورن ۾ ڪافي فرق پئجي وڃي
ٿو. جيتوڻيڪ حقيقت پسنديءَ جي تقاضا اها هئي ته
موجوده دور نسل تائين پهچائڻ کان اڳ ان شاهڪار جو
نئين سر ترجمو ٿئي ها، پر محنت، معيار ۽ صبر کان
پري ڀڄندڙ اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اهو مـُـمڪن نظر نه
آيو، ته ڪو علم جو صاحب گوڏو ڀڃي هزار صفحن تي
ڦهليل هن تحرير کي ٻيهر ترجمو ڪرڻ جو ڪشٽ پنهنجي
سر تي کڻي سگهندو. تنهن ڪري عافيت انهيءَ ڳالهه ۾
سمجهي وئي، ته بورڊ جي لائبرريءَ ۾ پيل مسودي کي
ادب جي ڪنهن ڪـُـل وقتي عاشق وٽان سنواري سـُـڌاري
شايع ڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ ڪشالو ڪرڻ جو ڪـُـڻو
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ جناب نصير مرزا جي
نالي تي نڪتو، جنهن صاحب ڪيترا مهينا ڪتاب جي
مسودي تي نظر ثانيءَ جو پورهيو ڪندي، اُن کي
ڇپائيءَ جي لائق بنائڻ ۾ اداري جي سهائتا ڪئي ۽
ڪتاب کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ هٿ ونڊايو.
مرزاصاحب ان کان علاوه ڪتاب توڙي مصنف بابت تفصيلي
۽ معلومات نوٽس لکي، ڪتاب کي خوبصورت بنائڻ لاءِ
پڻ جستجو ڪئي. ادارو سندس ۽ بورڊ جي ٻين مڙني
ورڪرن جا ٿورا مڃيندي ”ڪرامازوف ڀائر“ کي سنڌ
واسين تائين پهچائيندي انتهائي مـُـسرت محسوس ڪري
ٿو. اُميد اٿئون، ته هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي
پڙهندڙن توڙي لکندڙن لاءِ املهه سوکڙي ثابت ٿيندو.
ڄام شورو، سنڌ
انعام الله شيخ
اربع - 12 جمادي الثاني 1426هه
سيڪريٽري
بمطابق 20- جولاءِ 2005ع
سنڌي ادبي بورڊ
ٻه اکر
هي جيڪو آءٌ آهيان نه .... ناچيز نصير علي بيگ
مرزا .... پرڏيهي ادب جي عظيم سنڌي مترجم شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ننڍيءَ ڀيڻ جو پوٽو ...
دعوا ڪونه ٿو ڪريان، ته دنيا ۾ حاضر يا ڌرتيءَ تان
اَلوپُ ٿي ويل عظيم ليکڪن جي لکيل بهترين افسانوي
ادب کي پڙهيو ويٺو آهيان.
ها! سنڌ کان پنجاب، پنجاب کان سرحد بلوچستان ۽
اُتان ويندي اسلام آباد جي وڏين وڏين لائبريرين،
يا اُتان جي شهرن جي مشهور بڪ اسٽالن جي شيلفن
آڏو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ آءٌ اُڀـَـي پـَـيرُ، بيٺو وڃي
ضرور آهيان، ۽ اُتي بيهي دنيا جي ڪـِـن ادبي
شاهڪارن کي، پـُـورو کڻي نه، پر اُٿلائي پٿلائي ته
ضرور ڏٺو هوندم. ته بس اِن آڌار تي، سمجهو ته دعوا
سان ٿو عرض ڪريان ته، دنيا جي عظيم ۽ ڪلاسيڪل
افسانوي ادب تخليق ڪندڙن منجهان، هي آهي نه جيڪو
حضرت فيودور دوستووسڪي، مون کي ايئن وڏو ۽ ڀاري
ڀـَـرڪم ناول نگار لڳو آهي، جيئن سمجهو ته دنيا جي
جبلن ۾ هماليا جبل! يا جيئن دنيا جي ڪوٽن ۾ هيءُ
پنهنجو رني ڪوٽ جو قلعو يا اڃا به ايئن چوان ته
دنيا جي عظيم ناول نگارن جا، ادبي قد-ڪاٺ جاچڻ
لاءِ، انهن کي هڪ صـِـف ۾ کڙو ڪنداسين، ته اُنهن ۾
به (باوجود ’وار اَينڊ پـِـيس‘ واري مصنف ٽالسٽاءِ
کي بيهارڻ جي) هـِـي پنهنجو فيودور دوستووسڪي
صاحب، پـُـوريءَ اهڙيءَ قطار ۾، سڀني کان نروار ۽
قداور بيٺل نظر ايندو.
۽ ڀلا ڪو سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب جو مترجم ۽
پڙهاڪو، هتي مون کي ٻڌائي، ته اهڙي اهم ناول نگار
جي اهم ناولن، مثال طور: ’جـُـرم ۽ سزا‘ يا
’ڪرامازوف ڀائر‘ وغيره کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ
۽ انهن کي ڇپائڻ لاءِ ڪوشش ڇو ڪانه ورتي ويئي؟
معافيءَ جو طلبگار آهيان، ان موضوع تي آءٌ ٿوريءَ
دير کان پوءِ ٿو اوهان سان بحث مباحثو ڪريان ۽
پهرين اوهان جي خدمت ۾ اطلاعن هي عرض ڪرڻ ٿو
چاهيان، ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي، هيءَ جيڪا
جديد صورتخطي آهي ... اُن جي
Formation
ٿي آهي 1853 عيسويءَ ڌاري، ۽
بس سمجهو ته، اُن سنَ سان گڏ ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر
لکجڻ جو چالامان (رواج) به شروع ٿي ويو ۽ نصاب
سان گڏ، ادب ۽ اُن سان گڏ پرڏيهي افسانوي ادب
ترجمي ٿيڻ جو سلسلو به باقاعده شروع ٿي ويو.
تڏهن کان هاڻي تائين، اُنهن سڀني سالن جو هتي شمار
ويهي ڪريون، ته اُهي ڪي ٿيندا ڏيڍ سؤ کن ورهيه!
۽ اُنهن ڏيڍ سـَـو ورهين دوران، دنيا جي عظيم
افسانوي ادب جا، حساب لڳايون ته، ڪيترا مترجم،
سنڌي ٻوليءَ کي هن وقت تائين ميسر ٿي سگهيا آهن ۽
ان سوال جو جواب آهي ته، اِهي ئي ڪي ويهه پنجويهه
مترجم ۽ بس!
خير، قصو ڪوتاهه .... اُنهن سڀني ۾به، اهم ترين ۽
عظيم ترين مترجم ثابت ٿيو: مرزا قليچ بيگ! ۽ کانئن
پوءِ خاص طرح سان حاضر دَور ۾، افسانوي ادب جي جن
مترجمن جي هاڪ هـُـلي، اُهي آهن: مراد علي مرزا،
قاضي خادم، مقبول صديقي، رشيد ڀٽي، فضل احمد
بچاڻي، يوسف سنڌي ۽ ان سلسلي جو آخري وڏو مترجم
ثابت ٿيو، جنابِ من، ولي رام ولڀ!
نالا ته خير، ٻين به ڪيترن ئي جا، هن وقت منهنجي
ذهن ۾ هـُـرن پيا، پر ڳالهه دراصل هي آهي، ته
اُنهن ته بس شوقيه ئي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ افسانا وغيره
ترجما ڪيا آهن ۽ اُهي به ڪڏهن ڪنهن رسالي جي
ايڊيٽر جي زور ڀرڻ تي، يا وري انهيءَ عرصي دوران،
جڏهن کين پنهنجو تخليقي ڪم وغيره ڪرڻ لاءِ موڊ نه
پئي ٿيو هوندو ۽ هـُـنن اهي افسانا ترجمو ڪري ورتا
هوندا. ته بس هتي اِهو ته ثابت ئي ٿيو ته، سنڌي
ٻوليءَ ۾ دنيا جي بهترين تخليقي ۽ افسانوي ادب کي،
صادق جذبي ۽ مستقل مزاجيءَ سان، ماضيءَ ۾ يا مرزا
قليچ بيگ ترجمو ڪيو آهي يا حاضر دور ۾ جناب ولي
رام ولڀ!
منهنجي ادبي ڄمار هن وقت ٽيهه ورهيه کن ٿيندي، ۽
اڄ ٽـِـيهن ورهين جي طئه ٿيل اُن ادبي سفر ڏي
مـُـڙي ڏسان ٿو، ته ڪن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ترجمو
ٿيل افسانوي مجموعن ۽ ڪن بنهه ٿورن ناولن جي ئي
مون کي يادگيري اچي ٿي، ۽ اِجهو اُنهن جي تلاش ۾
گهران نڪري، ڪـِـن وڏين لائبريرين ڏانهن اُنهن کي
ڳولڻ لاءِ وڃان ٿو، ته برابر ته ڪي ٿورا افسانوي
مجموعا، اُتي دزَ ۾ لٽيل مون کي نظر به اچن ٿا، پر
جڏهن اُنهن کي خريد ڪرڻ جي خيال سان بازار ۾ پهچي،
بڪ شاپ ٽو بڪ شاپ وڃي پڇايان ٿو ته پتو پوي ٿو، ته
اِهي سڀ جا سڀ، اڄڪلهه آئوٽ آف اسٽاڪ ئي آهن!
خير، گهڻو هٿ پيرُ هڻبو ته، ڪنهن نه ڪنهن سنڌ جي
شهر مان، پرڏيهي افسانوي ادب جا اهڙا هڪ اڌ
مجموعا، متان هٿ چڙهي به وڃن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾
پرڏيهي شاهڪار ناولن جا ترجما ....!؟
۽ ڀلا اُهي، منهنجي انهيءَ ٽيهن سالن جي ادبي
سانڀر دوران، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي، شايع ٿيا ئي
ڪيترا آهن!
بس، اِهي ئي ڪي اٺ يا وڌ ۾ وڌ ڏهه پندرنهن!
ها ورهاڱي کان اڳي يا ٿورو پوءِ، پرڏيهي ٻولين جا
ڪي ٿورا گهڻا شاهڪار ناول، ضرور سنڌي ٻوليءَ ۾
ترجمو ٿيل ملن ٿا. جيئن مثال طور: شرت چندر ...
ٽئگور، ۽ ڪن ٻين يورپي ۽ بنگالي ليکڪن جا ڪي ايڪڙ
ٻيڪڙ ناول، پر چوڻ جو مقصد هتي هي به، ته ورهاڱي
کان اڳ يا پوءِ، جن جن ناولن جو ذڪر سنڌي ادب جي
تاريخ ۾رقم آهي ... اُهي ننڍا وڏا ناول اصل ۾ هن
وقت آهن الاءِ ڪهڙي گنگوءَ واري گوڙ ۾...؟
۽ آءٌ ته ڀانئيان ٿو، ته اُهي اڄ ڪٿي به موجود
ڪونه آهن ۽ اُڏوهيءَ کائي خلاص ڪري ڇڏيا آهن. اڄ
اسين فخر سان چوندا آهيون، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر
جي ڄمار، هن وقت ڏيڍ سؤ ورهيه ٿي چڪي آهي، پر
هيڏانهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن ملڪ ۾ اردو
ٻوليءَ جي عمر ڏسنداسين، ته اُها اڃا سٺ ورهين جي
به ڪانه ٿي آهي. ۽ مون کي هتي اعتراف آهي ته
انگريزي ٻولي آءٌ پوري روانيءَ سان نه پڙهي سگهندو
آهيان، اِن ڪري دنيا جا بهترين ناول... ’يوليسز‘،
اسپينش ناول ’ڊان ڪـِـخاٽي‘، جان اسٽين بيڪ جو ’دي
پرل‘، گورڪيءَ جو ناول ’ماءُ‘، لارينس جو ’ليڊي
چـيٽرلي لورز‘، ٽالسٽاءِ جو ’وار اينڊ پيس‘،
هـَـرمن ميلوِل جو ’موبي ڊَڪ‘، ۽ ٻيا به ڪيترائي
ناول اردو ترجمي سان مون پڙهيا آهن ۽ اطلاعن عرض
آهي، ته ڪيئي ورهيه اڳ ترجمو ٿيل ۽ شايع ٿيل اهي
سڀئي ناول خوش قسمتيءَ سان اڄ به اردوءَ ۾ وري وري
شايع ٿيندا، ۽ هر عام خاص بوڪ شاپ تان ملندا رهن
ٿا.
۽ هيڏانهن اجهو اسان، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ جائزو
وٺنداسين ته، روسي ناول ’ماءُ‘ ، گبرئيل گارشيا
مارڪئيز جو ناول ’اڪيلائي جا سؤ سال‘، ارون دتي
راءِ جو ’گاڊ آف سمال ٿنگس‘، ڪافڪا جو ناوليٽ
’سسيفس‘، ڪاميو جو ’آئوٽ سائيڊر‘، يا اردو ٻوليءَ
مان ترجمو ٿيل قرة العين حيدر، امرتا پريتم ۽ ڪرشن
چندر وغيره جي ناولن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ته،
اڃا ڄڻ جهڙوڪر ڪالهه ڪالهوڻي ئي ڳالهه ٿي محسوس
ٿئي.
۽ اي ڪاش ... اي ڪاش ... جنهن ’اسپرٽ‘ سان (هتي
مون کي ان انگريزي لفظ جو تـُـز سنڌي ترجمو
سـُـجهي ئي نٿو) مرزا قليچ بيگ، پرڏيهي افسانوي
ادب، ناولن ۽ ناٽڪن کي سنڌيءَ ۾ جيئن منتقل ڪرڻ جو
جيڪو سلسلو ماضيءَ ۾ شروع ڪيو هو اُهو، جيڪر تسلسل
سان هن وقت تائين به جي سنڌي ٻوليءَ ۾ هلندو اچي
ها، ته ناول لکڻ جي ڏس ۾ تخليقي لکڻ وارن کي
اتساهه هڪ پاسي ملندو رهي ها ۽ ٻئي پاسي، اڄ هي
جتان ڪٿان سنڌيءَ ۾، ناولن جي کوٽ وارو جيڪو روئڻو
روئجي پيو، اهو به شايد گهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ها.
۽ هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪو عظيم
الشان ناول نه لکجي سگهيو آهي، ته، آءٌ ڀانئيان ٿو
ته ان جو به وڏو سبب مون کي اِهو ٿو ڀاسي، ته سنڌي
ٻوليءَ جي ليکڪن، دنيا جي عظيم ناولن جو مطالعو
پوريءَ سـُـوجهه ۽ سمجهه سان ڄڻ اڃا ڪيو ئي ناهي!
ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽالسٽاءِ جي ’وار اينڊ پيس‘ ۽
دوستو وسڪيءَ جي هن ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ جهڙو
شاندار شاهڪار ۽ غير معمولي ناول ڇا ڪڏهن سنڌي
ٻوليءَ ۾ به ڪو ليکڪ، لکي سگهندو ۽ اِهو في الحال
ڪيئن چئجي!؟
۽ جيتوڻيڪ آغا سليم جي ناولن: ’اونداهي ڌرتي روشن
هٿ‘ ۽ ’همه اوست‘ کي برابر ته سنڌي ٻولي جا آءٌ
وڏا ۽ اهميت ڀريا ناول سمجهان ٿو، پر هتي عرض
ڪريان ته، صرف ٻن گلن جي ٽڙڻ سان، اهو ڪونه چئي
سگهبو آهي، ته بهار اچي ويو آهي.
سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز ..... سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ وائيس چانسيلر جي حيثيت سان، پنهنجي ايامڪاريءَ
(80-1976ع) دوران، سنڌالاجيءَ جي پليٽ فارم تان،
دنيا جي شاهڪار ۽ شاندار علم و ادب کي ڪنهن وقت
سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسليشن بيورو ٺاهڻ جو
خواب ڏٺو هو. افسوس، جو سندس اُهو خواب ساڀيا ٿيڻ
کان رهجي ويو. ها، ايئن به برابر آهي ته، اُن کان
پهرين، يعني ورهاڱي کان اڳ، سنڌ جي آڳاٽي پبلشر،
آنجهاني پوڪرداس ۽ ورهاڱي بعد ڪن ٻين شوقيه
پرائيويٽ پبلشرن ۽ خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ، بهترين
پرڏيهي افسانوي ادب کي جنهن سنجيدگيءَ ۽ ذميداريءَ
سان شايع پئي ڪرايو آهي، ان لاءِ سچ ته اهڙن
پبلشرن ۽ ادارن کي اسان جي ابن ڏاڏن جو سلام پهچي.
پر يارو! باخبر رهو ته، ماضيءَ ۾ اهڙو يادگار ڪم،
پياري منشي پوڪرداس پئي ڪرايو يا سنڌي ادبي بورڊ
.... قصو ته اِهو بهرحال ماضيءَ جو ئي چئبو نه!
۽ ته بس ان ڳالهه تي هتي تنوير عباسي صاحب جو مون کي هي
ٻه سـِـٽو ٿو ياد اچي:
ماضيءَ تي ٿا پاڻُ پـَـڏايو،
حالَ ۾ ڪهڙا آهيو!؟
اجهو حاضر دور ۾ جائزو وٺبو، ته ڪيترائي افسانوي
ادب جا سٺا پڙهندڙ ۽ لائق مترجم سنڌ ۾ اڄ به موجود
ويٺا آهن ۽ ڪو ادارو جي چاهي، ته نئين پرڏيهي ادب
کي کانئن ترجمي ڪرائڻ سان گڏوگڏ، اڳ ۾ ٿيل پراڻي ۽
رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل، قسط وار ڇپيل ناولن ۽ افسانن
کي، انهن کان مرتب ڪرائي، وڏو ڪارنامو سرانجام
ڏيئي سگهي ٿو.
۽ يارو ! ڪيڏيون خوش نصيب آهن اُهي ٻوليون، جن ۾
عظيم ناول نگار پيدا ٿيا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ
ڪيڏيون ڀاڳوند آهن دنيا جون اُهي ننڍيون وڏيون
قومون ۽ عوامُ، جيڪو پنهنجي مقامي ٻولين ۾ ڪڏهن
يوناني مـِـٿ ’هيلن آف ٽراءِ‘ ته ڪڏهن دوستووسڪيءَ
جا ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘، ته ڪڏهن ’ذلتن جا ماريل
ماڻهو‘، ڪڏهن ٽالسٽاءِ جو ناول ’وار اينڊ پيس‘ ته
ڪڏهن ناولسٽن مان ڊي ايڇ لارينس، جيمس جوائس، وڪٽر
هيوگو، بالزاڪ، سر والٽر اسڪاٽ، البرٽ موراويا،
ترگنيف، ايرچ سيگل، ڪاميو، ايمائل زولا، ٿامس
هارڊي، جان اسٽين بيڪ، چارلس ڊڪنز، سمرسٽ ماهام،
گستاءِ فلابيئر، گوئٽي، موپاسان، وليم سـَـرويان،
ارنيسٽ همينگوي، هينري جيمز، ۽ چيخوف جا ناول عام
جام پڙهن پيا.
توڻي جو اِها مٿين عظيم ناول نگارن جي کير ڌارا،
ادب جي آسمان تان هاڻي الوپُ ٿي چڪي آهي ... ۽
اُنهن جا قافلا ڌرتي تان لنگهي، بظاهر خلائن ۾ گم
ٿي چڪا آهن .... پر اُنهن سڀني جا لکيل شاهڪار
ناول ته دنيا ۾ موجود آهن ۽ ڪو ادارو اڄ به چاهي،
ته اُهي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي پنهنجي ٻوليءَ کي
مالامال ڪري سگهي ٿو.
۽ ڏٺو وڃي، ته هيءَ دنيا، هن حاضر دور ۾ به حال
حيات عظيم ناول نگارن کان خالي ٿورو ئي ٿي وئي
آهي، جو مثال طور لئٽن آمريڪا ۾ ’گارشيا مارڪيز‘،
مصر ۾ نجيب محفوظ، چيڪو سلواڪيا ۾ ميلان
ڪـُـنڊيرا، هندستان ۾ قرة العين حيدر، ڪمليشور،
ارون دتي راءِ ۽ جرمنيءَ ۾ گـُـنٽر گـِـراس جهڙا
ناول نگار اڃا به موجود ويٺا آهن ۽ ناول لکن ويٺا،
پر هتي ٿورو ترسو، ۽ عظيم ناول نگارن ۽ دنيا جي
شاهڪار ناولن جي هن تذڪري جي وچ ۾، ٿورو مون کي
پنهنجي ڏک ۽ تشويش جي به اظهار ڪرڻ جي اجازت ڏيو،
۽ اِهو اظهار هي ته، دوستووسڪيءَ جي هن ضخيم ناول
’ڪرامازوف ڀائر‘ جو وڏي جفاڪشيءَ سان سنڌيءَ ۾
هيءُ جيڪو ترجمو ڪري، ۽ اُن کي احترام لائق ليکڪ،
پروفيسر احسان بدوي صاحب، سٺ واري ڏهاڪي جي
پڇاڙيءَ ڌاري جڏهن سنڌي ادبي بورڊ کي اشاعت لاءِ
ڏنو، تڏهن اُهو سالن جا سالَ، ادبي بورڊ جي مسودن
جي وچ ۾ ڇا جي ڪري دٻيل رهيو؟ ۽ شايع ٿيڻ کان
رهجندو آيو!
۽ ڇا متان، ان خيال سان به اُهو اشاعت هيٺ نه آندو
پئي ويو، ته جيتري ڪثير سرمايي سان هي ضخيم ناول
شايع پئي ٿيو، ايترن پئسن مان سنڌي ٻوليءَ جا ڪيئي
طبعزاد علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ٿي سگهيا پئي يا هن
ناول کي شايع نه ڪرائڻ جا اُن وقت جي انتظاميا وٽ
متان ڪي ٻيا سبب هئا؟ ۽ اهو ڪيئن چئجي! خير... ڇا
به هجي، هن ناول کي ضرور شايع ڪرائڻ جي ڏس ۾ آءٌ
ته هتي ائين ئي چوندس ته هيءُ ناول جيڪڏهن اردو،
هندي ۽ ڀارت جي ٻين ننڍين وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿي
شايع ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ آخر ڇو
نه؟
هتي، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده سيڪريٽري ۽ حاضر دور جي مڃيل مترجم ۽ نوجوان
اسڪالر انعام الله شيخ کي آءٌ سـَـو آفرينون
ڏيندس، جنهن سنڌي ادبي بورڊ جي مسودن ۾ لڳ ڀڳ
چاليهن سالن کان ڪٻاڙخاني ۾ پيل هن شاهڪار ناول جي
سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هن مسودي کي ڪڍيو آهي ۽
اُن کي ڇپائي، پڌري ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
ڄاڻان ٿو، هيءُ ناول نهايت ضخيم آهي ۽ اڄ کان
چاليهه ورهيه اڳ واري رائج فارسي آميز سنڌي ٻوليءَ
۾ ترجمو ٿيل آهي ۽ اِهو به ڄاڻان ٿو ته اُن کي
ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ايترو آسان ڪم ڪونه
هو، پر باوجود ان جي، دوستووسڪيءَ جي پيچيده
فلسفياڻي ۽ عالماڻي افسانوي نثر کي اسان جي فاضل
مترجم، پروفيسر احسان بدوي صاحب، گهڻيءَ حد تائين
سلاست سان سنڌيءَ ۾ آڻڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي
۽ ڪنهن حد تائين برابر ته مترجم پاران استعمال ڪيل
ڪن ثقيل فارسي لفظن کي مون سوَلي سنڌيءَ ۾ آندو ۽
حاضر دور جي رائج سنڌي ٻوليءَ مطابق ان کي ’اپ ٽو
ڊيٽ‘ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ٻئي پاسي ترجمي جي
اسلوب سان مون اِهو سوچي هٿ ئي ناهي ڳنڍيو، جو اُن
جو مترجم آهي استادِ
محترم جناب پروفيسر احسان بدوي! ۽ مسودي تي
نظرثاني ٿيل آهي سندس والد بزرگوار لطف الله
بدويءَ صاحب جي .... ۽ ته بس اهڙن عاليشان ليکڪن
جي ادبي حيثيت ۽ پنهنجي زماني جي انهن ’عجوبهءِ
روزگار‘ انسانن جي احترام ۾، هن ناول لاءِ ٺاهيل
سندن اسلوب سان، هٿ چراند، مون گهٽ جاين تي ئي ڪئي
آهي. ۽ ائين معمولي ردوبدل لاءِ به آءٌ اِنهن ٻنهي
مرحوم مترجمن جي روحن کان تهه دل سان معافيءَ جو
طلبگار آهيان ۽ هتي، آخر ۾ هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ادبي
بورڊ جي سيڪريٽري برادرم انعام شيخ کي، بورڊ پاران
ههڙي شاهڪار ناول شايع ڪرائڻ تي، دل جي گهراين
سان، مبارڪون ٿو پيش ڪريان.
حيدرآباد
نصير مرزا
2004 - 11 - 4
ليکڪ جو تعارف
فيودور ميخائل دوستووسڪي 1821ع ڌاري ماسڪو ۾ پيدا
ٿيو هو. سندس والد شهر جي هڪڙي خيراتي اسپتال ۾
ڊاڪٽر هو.
دوستووسڪيءَ، ابتدائي تعليم ماسڪو جي ڪنهن خانگي
اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ بعد، سينٽ پيٽرسبرگ جي فوجي
انجنيئرنگ اسڪول منجهان گريجوئيشن ڪئي ۽ ان ئي سال
فوج جي انجنيئرنگ واري شعبي ۾ ڊزائينر مقرر ٿيو.
اِن ملازمت سان سندس دل نه لڳي، ته 1844ع ڌاري
استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين ۽ لکڻ پڙهڻ کي پنهنجو پيشو
بنايائين. 1864ع ڌاري سندس پهريون ناول ’ويچارا
ماڻهو‘ شايع ٿيو. ۽ 1860ع ڌاري هـُـن جو ٻيو جڳ
مشهور ناول پڌرو ٿيو: ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘.
1861ع ڌاري هن پنهنجي ڀاءُ جي سهڪار سان ’زمانو‘
رسالو جاري ڪيو، جنهن کي 1863ع ڌاري رياست بندش
هيٺ آڻي ڇڏيو. 1866ع ۾ سندس شاهڪار ناول ’جـُـرم ۽
سزا‘ شايع ٿيو. 1871ع ۾ ’ڀوت پريت‘ ۽ 1869ع ۾
سندس ٻيو جڳ مشهور ناول ’اِيڊيٽ‘ شايع ٿيو.
80-1879ع ڌاري دوستووسڪيءَ پنهنجي زندگيءَ جي
پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ضخيم ترين ناول: ’ڪرامازوف ڀائر‘
تحرير ڪيو، جنهن جي شايع ٿيڻ سان ئي وڏي شهرت ماڻي
ورتي.
دنيا جا سڀ وڏا نقاد، اڄ اِن ڳالهه تي سهمت آهن،
ته ناول نويسيءَ جو فنَ، فيودور دوستووسڪيءَ تي
ختم آهي. روسي ادب ۾، دوستووسڪيءَ کي
روسي ليکڪن جو ’سرتاج‘ ليکڪ ڪري مڃيندا آهن.
1881ع ڌاري، عظيم روسي شاعر پشڪن جي ورسيءَ جي
موقعي تي، هـُـن جيڪا شاندار تقرير ڪئي هئي، اُن
دوستووسڪيءَ جي ادبي ساک کي ڄڻ سونا کنڀَ هڻي ڇڏيا
هئا.
افسوس! اِن ئي سال، موت، هن عظيم ليکڪ جو رستو
روڪي، سندس اڳيان اچي بيهي رهيو. ڪجهه عرصو شديد
عليل رهڻ کان پوءِ، نيٺ دوستووسڪيءَ هـِـن جهان
مان لڏيو.
دنيا جي هن عظيم ناول نگار جو مڙهه، نهايت وقار ۽
پوري اعزاز سان ايئن کنيو ويو، جو چوڻ وارن چيو،
ته اهڙي احترام ۽ اعزاز تي ته جيڪر بادشاهه به رشڪ
ڪن! نقادن جو چوڻ آهي ته، دنيا جي ادب کي، سڃاڻپ
لاءِ، ورهايو وڃي، ته ان جا صرف ٻه دور ٿي سگهندا.
هڪڙو دوستووسڪيءَ کان پهرين وارو ۽ ٻيو هن کان
پوءِ واري ادب جو دور!
فيودور دوستووسڪي
Fyodor Dostoevsky
(سوانحي خاڪو)
فيودور ميخائل دوستووسڪي 1821ع ڌاري ماسڪو ۾ پيدا
ٿيو هو.
”دوستوايو“ يا ”دوستو“ دراصل هڪ علائقي جو نالو
آهي، ۽ ان ئي علائقي جي نالي پويان ادب ۾ هـُـن
پنهنجو نالو مقرر ڪيو، ’فيودور دوستووسڪي.‘
دوستووسڪيءَ جي سوانح نگارن لکيو آهي ته هن جي
خاندان ۾ هر قسم جا ماڻهو هئا، مثال طور: بالا
آفيسر، جاگيردار، ’راهب‘، ’چور‘، ’قاتل‘، ’مسڪين‘
۽ ڌڻيءَ سان سچي لنئون لڳائي ويهندڙ بزرگ ... ۽
سندس سوانح نگارن اِهو به لکيو آهي ته ’دوستوايو‘
علائقي ۾، خوش قسمتيءَ سان هي عظيم ناول نگار
فيودور ميخائل دوستووسڪي جي پيدا نه ٿئي ها، ته
اسين روس جي ٻين هزارين اهڙن علائقن جي نالن
وانگر، هن ليکڪ جي علائقي جي نالي کان به هن وقت
قطعي آگاهه نه هجون ها.
فيودور جو والد شهر جي هڪڙي خيراتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر
هو. فوج ۾ ’ميجر‘ به رهيو، پر آخر ۾ ماسڪو جي
اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت سان باقي زندگي
گذاريائين.سندس شادي هڪ سوداگر جي ڌيءَ سان ٿي
هئي، جنهن پاڻ سان گهڻو ئي ڏاج آندو هو.
دوستووسڪيءَ جي سوانح نگارن لکيو آهي ته فيودور جي والده خوش شڪل، سگهڙ،
حساس ۽ سٻاجهڙي طبعيت واري عورت هئي، جڏهن ته سندس
والد سخت ٽـَـانڊي تپڻو، نظم و ضبط جو قائل ۽
ڳوٺاڻن خيالن وارو انسان هو ۽ سخت جذباتي ماڻهو
هو، اِن ڪري مٿس ڪڏهن شديد اُداسي، ته ڪڏهن وري
ڪاوڙ جا دورا پوندا رهندا هئا ۽ انهيءَ ڪري،سندس
ٻارڙن جو، پيءُ جي اهڙي سڀاءَ سبب، هر وقت ساهه
سـُـڪو پيو هوندو هو.
1831ع ڌاري دوستووسڪيءَ جي ان والد، ماسڪو کان ڏيڍ
سؤ ميل پري ٻه ڳوٺ خريد ڪيا هئا، جن جي ذريعي هو
1350 ايڪڙ زمين ۽ سؤ غلامن جو مالڪ بڻيو.
دوستووسڪيءَ وارا پاڻ ۾ ست ڀيڻ ڀائر هئا. سڀني
ٻارن کي ڪهاڻيون ته طرحين طرحين جون سندن والده به
ٻڌائيندي هئي، پر دوستووسڪيءَ کي گهر جي جـُـهونڙي
نوڪرياڻيءَ ’اليونا‘ جون ٻڌايل ڪهاڻيون وڌيڪ ئي
وڻنديون هيون.
ڳوٺن ڏانهن سير سياحت لاءِ وڃڻ ۽ خاص ڪري اسڪول جي
موڪلن ۾، اُهي ڏينهن، ٻهراڙين ۾ وڃي ملهائڻ،
فيودور دوستووسڪيءَ جي من پسند وندر هوندي
هئي.’اليونا‘ ۽ والده کان عجيب عجيب ۽ پـُـراسرار
ڪهاڻين ٻڌڻ کان پوءِ، جڏهن ٻالڪپڻ جي حدن سرحدن
مان نڪري، هو اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو، ته ان ڄمار
۾ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ، پيءُ جي اسپتال ۾ آيل مريضن
۽ ڳوٺ جي کيتن ۾ ڪم ڪندڙ هارين نارين ۽ والد جي
زرخريد غلامن جا ڏکڙا ويهي ٻڌڻ، هن جو روزاني جو
شـُـغل ۽ معمول بڻجي چڪو هو. خدا ڄاڻي انهن
غريب،مسڪين، اٻوجهه ۽ لاچار انسانن جي ڏکن ڀرين
ڪهاڻين ۾ هن کي الائي ڇو ڏاڍي ڪشش محسوس ٿيندي
هئي.
ننڍپڻ ۾ فيودور ميخائل کي ابتدا ۾ هڪ خانگي اسڪول
۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم
جي لاءِ هو پيٽرسبرگ ملٽري انجنيئرنگ ڪاليج جو
شاگرد بڻيو. سورهن ورهين جو ٿيو ته سندس والده ٽي
بيءَ وگهي گذاري ويئي. ٻار ته جيئن تيئن ماءُ جو
ڏک سهسائي ويا، پر دوستووسڪيءَ جي والد جي اداسي ۽
’چڙ‘ تهائين وڌي وئي ۽ ان ڪيفيت ۾ سڄو ڏينهن هو
مرحومه زال سان بي خياليءَ ۾ ايئن ويٺو جهيڙيندو ۽
پيار ڪندو هو، ڄڻ هـُـوءَ ڪا سندس سامهون موجود
ويٺي آهي ۽ ويٺي سندس انگل آرا برداشت ڪري!
تعليم دوران ملٽري انجنيئرنگ ڪاليج ۾، دوستووسڪيءَ
جي دل بلڪل ئي ڪانه لڳي ۽ مٿان اهڙي دلي ڪيفيت ۾،
هن کي هڪ ڏينهن اطلاع مليو ته سندس ٽانڊي تپڻي
والد کي سندس ئي کيتن ۾ ڪنهن هاريءَ قتل ڪري ڇڏيو
آهي. ۽ بس اهڙن ئي دکدائڪ واقعي رونما ٿيڻ کان
پوءِ، دوستووسڪيءَ کي مرگهيءَ جو پهريون دورو پيو.
خير .... انهيءَ بيماري شروع ٿيڻ کان پوءِ، جيئن
تيئن ڪري ڪاليج وارو امتحان هن پاس ڪيو ۽ پيٽرسبرگ
انجنيئرنگ ڪور ۾ سب ليفٽيننٽ وڃي مقرر ٿيو. ٿيڻ ته
ايئن گهربو هو جو پگهار جي رقم ملڻ سان هن جا حال
سڌرڻ گهربا هئا، پر فضول خرچيءَ، ماڻهن تي ترس
کائي پئسا انهن کي ڏيئي ڇڏڻ ۽ مسلسل غريب ماڻهن جي
مالي سهائتا ڪرڻ سبب، خود هن جا پنهنجا حال،
بدحاليءَ ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ هو قرضي ٿيندو
ويو.
دوستووسڪي توڻي جو فوج ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز
هو، پر کيس ليکڪ ٿيڻ جو شوق تهائين گهڻو هو. نيٺ
فوجي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ طئه ڪيائين ته هاڻي هو
صرف لکندو پڙهندو ۽ قلم جي اِن پورهئي ذريعي ئي
باقي زندگي گذاريندو.
اتفاق سان اهڙن ئي ڏينهن دوران مشهور فرانسيسي ناول نگار ’بالزاڪ‘ روس آيل
هو. بالزاڪ جي تحريرن تي دوستووسڪي هونئن ئي سؤ
جان فدا هوندو هو، سو بالزاڪ جو ناول ’يو زين گران
دَي‘ ان خيال سان به ويهي ترجمو ڪيائين، ته نالو
به ٿيندو ۽ ڏوڪڙ به ملي پوندا. دوستووسڪي اِهو
ترجمو جوش خروش سان ڪيو، پر پوءِ جڏهن ايڊيٽر اِن
۾ گهڻي ردوبدل ڪئي ۽ مٿان کيس ترجمي جو معاوضو به
معقول نه ڏنو، ته هـُـو ڏاڍو دل برداشته ٿيو.
انهيءَ ترجمي کان پوءِ، هن هاڻي، پنهنجو ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پهريون ناول
لکيائين ”ويچارا ماڻهو“ (غريب غـُـربا)، ۽ ايئن هن
کي روسي ادب ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ملي ويو ۽ هو روس
جي ننڍين وڏين ادبي محفلن ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو. اهڙين
محفلن ۾ اٿندي ويهندي هـُـن جي ڀانت ڀانت جي
انقلابي خيالن وارن همعصرن سان دوستي ٿي ويئي، جن
لاءِ مشهور هو ته روس جي سماجي حالتن کي بدلائڻ ۽
’زار‘ جي تختي کي اونڌي ڪرڻ جي لاءِ اُهي ڪي سٽاوَ
سـِـٽي رهيا آهن. توڻي جو چيو اِهو به پئي ويو، ته
اُنهن سڀني جذباتي نوجوانن جا اهڙا سڀ منصوبا محض
زباني ۽ ڪاغذي هوندا هئا ۽ منجهن اِهو سڀ ڪجهه
عملي طرح سان ڪري ڏيکارڻ جي همٿ ئي ڪانه هئي.
۽ ’زار‘ حڪومت جي گماشتن کي جڏهن انهن نوجوانن جي
هوائي ارادن جي ڀـُـڻڪ پيئي، ته اِهڙا سڀ نوجوان
دوستووسڪيءَ سميت سوگها ٿي ويا ۽ اها 22 اپريل
1849ع جي ڳالهه آهي، جو اهي سڀ انقلابي نوجوان جيل
ڀيڙا وڃي ٿيا. شروع ۾ ته هنن قيدين کي ملاقات جي
ته ڇا، مٽن مائٽن سان خط و ڪتابت جي به اجازت ڪانه
هئي ۽ کين مڪمل تنهائيءَ ۾ رکيو ويو، جنهن سبب هو
سڀ جا سڀ ڄڻ ذهني مريض بڻجي چڪا هئا. پنج مهينا
عدالتي ڪاروائي هلي ۽ باوجود اِهو ثابت ٿيڻ جي ته
نوجوانن جي ان گروهه ۾ اهڙي انقلاب آڻڻ جي طاقت ئي
ڪانه هئي، ان جي باوجود انهن نوجوانن کي ذهني ڌچڪو
رسائڻ ۽ ٻين اهڙن کي سبق سيکارڻ لاءِ ’زار‘ 23
ڊسمبر تي ساڳئي سال، اعلان ڪيو، ته انهن سڀني
قيدين کي رات جي اونداهيءَ ۾ فوجي گرائونڊ ۾ وٺي
وڃي گوليءَ سان اُڏايو وڃي، پر ايئن ٿيو ڪونه ۽ ان
اعلان تي عمل ٿيڻ کان ڪي گهڙيون اڳ چيو ويو ته اُن
ناڪام انقلاب آڻڻ جي سيکت طور کين عمر قيد ۽
جلاوطنيءَ جي سزا ٻڌائجي ٿي. چون ٿا ته عمر قيد جي
سزا ۽ جلاوطني جو ٻڌي هڪڙو قيدي پنهنجا هوش حواس
وڃائي ويٺو ۽ باقين تي به ڄڻ پريشانين جا پهاڙ ڪري
پيا.
سخت سياري جي موسم هئي، جو انهن قيدين کي سائبيريا
ڏانهن روانو ڪيو ويو. سندن حالت اِها هئي جو هٿ هٿ
- ڪڙين ۾ ۽ پير، پير - ڪڙين ۾ قابو هئا، ۽ اهو
مهينو هو جنوريءَ جو ۽ کين هنڌ هنڌ تي روڪي، کين
ڏيل ڏڪائيندڙ سيءَ جو مزو وٺرايو پئي ويو!
دوستووسڪيءَ جي لاءِ اِها خواري ۽ اذيت، هڪ جيءَ
جنجهوڙي ڇڏيندڙ ۽ دماغ ڌوڏي ڇڏيندڙ تجربو ثابت ٿي.
’لولسڪ‘ نالي هنڌ، جتان هنن سڀني قيدين کي ڌار ڌار
هنڌن ڏانهن موڪليو ٿي ويو، اتي دوستووسڪيءَ کي
ڪنهن ملاقاتيءَ ’بائيبل‘ تحفي طور ڏنو. ايندڙ چئن
سالن تائين، قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ دوستووسڪيءَ وٽ اِهو
ئي واحد ڪتاب هو، جنهن کي بار بار پڙهڻ کان سواءِ
وٽس ٻي ڪابه واٽ ۽ وندر ڪانه هئي.
کيس ’اوسڪ‘ نالي واري جيل ۾رکيو ويو، پر اُتي پهچڻ
شرط حالت هـُـن سان ايئن ڪئي ويئي جو اڌ مـُـڇ، ۽
سندس اڌ مٿو ڪوڙيو ويو ۽ جيل جي اندروني حالت وري
اِها هئي جو اُن ۾ روس جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ڇنڊيل ڇاڻيل
ڏوهاري اتي رکيا ويا هئا ۽ انهن مان به گهڻائي
اهڙن قيدين جي هئي جيڪي پيشي ور قاتل، خطرناڪ چور،
رهزن ۽ ٺڳ شمار ٿيندا هئا. ان قيد ۾ سڄا سارا چار
سال دوستووسڪيءَ کي اهڙن ئي قيدين سان گڏ رکيو
ويو، جن جي ڀرپور مشاهدي اڳتي هلي هن جي تحريرن ۾
وڏي سگهه پيدا ڪئي. دوستووسڪيءَ خود به لکيو آهي
ته اهڙي عقوبت خاني ۾ رهندي، مون ۾ ڪيئي بـُـرايون
فنا ٿي ويون ۽ اُن جي جاءِ تي ڪيئي نيڪيون منهنجي
وجود ۾سرايت ڪري ويون. بندي خاني ۾سزا وارا جڏهن
سڀ ورهيه پورا ٿيا ۽ هن کي اڌو گابري آزادي ملي،
ته کيس سائبيريائي پيادل فوج جي ستين بٽالين سان
’سيمي پلا ئشمڪ‘ نالي واري ڳوٺ ڏانهن موڪليو ويو،
جيڪو منگوليا جي ويجهو هو.
دوستووسڪي قيد و بند جي اهڙين عقوبتن بعد جڏهن ٿانيڪو ٿيو ته ’ماريا‘ نالي
واري هڪ عورت سان شادي ڪيائين ۽ ان وچ ۾ ’زار‘
حڪومت پاران دوستووسڪيءَ کي پيٽرسبرگ شهر ۾ رهڻ جي
اجازت ته ملي، پر خفيه پوليس کي مٿس ڪڙي نگراني
رکڻ جون به هدايتون ڏنيون ويون. پيٽرسبرگ ۾ رهائش
اختيار ڪرڻ بعد دوستووسڪيءَ، ڀاءُ سان گڏجي هڪ
اخبار جاري ڪئي ۽ اُن جو نالو رکيائين: ’زمانو‘! ۽
گڏوگڏ ٻه ناول به لکيائين، ۽ ذلتن جا ماريل
ماڻهوءِ... ۽ ”مرده گهر“.
ڪم جي گهڻائي ۽ ذهني ٿڪ سبب دوستووسڪي ناچاڪ ٿي
پيو ته ڊاڪٽرن جي مشوري سان روس مان نڪري پهريون
ڀيرو سياحت جي لاءِ فرانس، انگلستان، سوئيٽزر لينڊ
۽ اٽليءَ جي سير ۽ سياحت لاءِ روانو ٿيو. يورپ جي
سفر تان موٽيو ته نئون رسالو’دور‘ نالي سان جاري
ڪيائين.
’زير زمين ماڻهوءَ جون يادگيريون‘ نالي واري سندس
مشهور تصنيف، ان ئي اخبار ۾ قسط وار شايع ٿيندي
هئي ۽ اِهو ئي اُهو زمانو آهي، جڏهن هن جي زال سخت
بيمار ٿي پيئي ۽ ٽي بيءَ وگهي نيٺ گذاري ويئي.
ڪجهه مهينن جي وقفي کان پوءِ اتفاق سان،
دوستووسڪيءَ جو اُهو ڀاءُ، جيڪو کيس اخبار ”دور“
هلائڻ جي سلسلي ۾ هٿ - همراهي ڪرائيندو هو، اُهو
به گذاري ويو. انهن ٻنهي صدمن جو اثر اِهو ٿيو ته
’دور‘ اخبار بند ٿي وئي ۽ دل برداشته دوستووسڪي هڪ
دفعو ٻيهر يورپ ڏانهن روانو ٿي ويو. اُتان واپس
موٽيو، ته هاڻي دوستووسڪيءَ آڏو نوان مسئلا کڙا
هئا ۽ نوان امتحان اِتي هن لاءِ منتظر هئا.
هڪ پبلشر سان هڪڙي مقرر مدت اندرناول لکي ڏيڻ جو
واعدو ڪيائين ۽ ان لاءِ ناشر پاران اِهو شرط رکيو
ويو، ته طئه ٿيل وقت اندر جيڪڏهن ناول لکي نه ڏيئي
سگهيو ۽ واعدي جي خلاف ورزي ڪيائين، ته ليکڪ جا سڀ
حق واسطا، بنا ڪنهن معاوضي جي پبلشر ڏانهن منتقل
ٿي ويندا. عجب اتفاق ... وقت تيزيءَ سان گذري ويو
۽ ناشر کي وقت سـِـر ناول نه لکي ڏيڻ سبب،
دوستووسڪي شرط هارائي ويٺو.
ڪنهن دوست صلاح ڏنس، ته قلم ڪاڳر کڻي لکڻ ڏانهن
تنهنجو روح نه ٿو ٿئي ته ... ڳالهائي ...ناول
لکراءِ. دوستووسڪيءَ کي اِها صلاح پسند آئي ۽ ان
لاءِ هن پيشي ور لکندڙ عورت، ويهه ساله ’آننا
سنتڪا‘ جون خدمتون حاصل ڪيون. ناول لکجڻ ڇا شروع
ٿيو، ناول پوري لکجڻ کان پهرين ئي ٻنهي جي وچ ۾
عشق ٿي ويو ۽ نتيجو اُن جو هي نڪتو جو ويهن ورهين
جي آننا ۽ پنجيتاليهن ورهين واري مرگهيءَ ورتل
دوستووسڪيءَ جي پاڻ ۾ شادي ٿي ويئي.
ناول ’جواري‘ ۽ ’جرم ۽ سزا‘ دوستووسڪيءَ جا اهڙا
ناول آهن، جيڪي هن ڳالهائي لکرايا آهن ۽ انهن
ناولن کان پوءِ ’ايڊَيٽ‘ ۽ ’بدروح‘ نالن وارا ناول
پڌرا ٿيا، ته سندس شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان
عرصي دوران هو روس جي مشهور رسالي ’شهري‘ جو
ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ سندس مشهور ڪتاب: ’اديب جو
روزنامچو‘ قسط وار اُن رسالي ۾ شايع ٿيڻ لڳو.
وقت تيزيءَ سان گذرندو پئي ويو ۽ وڌندڙ ڄمار ۽
ناچاڪيءَ مان وقت ڪڍي، نهايت تيزيءَ سان هن پنهنجو
آخري ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ لکڻ شروع ڪيو. ناول
مڪمل ٿي جڏهن شايع ٿيو، ته تمام گهڻو ساراهيو ويو.
خود دستووسڪيءَ به پنهنجي اِن ناول کي پنهنجو
”بهترين ڪم“ سڏيو آهي.
ان ناول بابت پنهنجي زال ۽ پريمڪا کي دوستووسڪيءَ
هڪ خط ۾ لکيو ته: “هـِـن ئي ناول سبب دنيا ۾ جي
منهنجو نالو رهيو، ته رهندو، نه ته باقي مون کي
پنهنجي ڪنهن ٻئي ڪم منجهان امرتا ملڻ جي ڪابه اميد
ڪانهي.
هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ دوستووسڪيءَ اٽڪل سٺ ورهين جي ڄمار ۾ لکي پورو
ڪيو هو، ۽ هي ناول سندس لکيل سڀني ناولن ۾ طويل
ترين (ضخيم ترين) ناول سمجهيو ويندو آهي. ناول جو
هيرو ’اليوشا‘ روسي قوم، روسي مذهب ۽ مذهبيت جو
اعليٰ ترين پرچارڪ ڪردار آهي، جنهن کي پنهنجي
ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي فضائن سان بي پناهه پيار ۽ سچو
لڳاءُ آهي. ناول اندر جنهن فلسفياڻي انداز سان
دوستووسڪيءَ پاڻ کي اظهاريو آهي، ان مان ظاهر ٿئي
پيو ته ليکڪ، ’بغاوت‘، ’انڪار‘ ۽ ’شڪ‘ جي سڀني
منزلن ۽ مرحلن کان واقف ۽ روحاني منزلون ماڻي ورتل
تخليقڪار هو. اهو ئي سبب هو، جو هي ناول ’ڪرامازوف
ڀائر‘ يا سندس ٻيون تصنيفون، علم، اخلاق، فلسفي ۽
مذهب جي نقطي نظر کان، دنيا جي ادب ۾ اعليٰ پائي
جون لکڻيون سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن کي محض عام
قصا ۽ ڪهاڻيون سمجهڻ بدران، اُنهن کي، آفاقي ڪتابن
۾ آيل اُپديشن وانگر اهم سمجهيو ويندو آهي.
حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن دوران، دوستووسڪيءَ کي،
روسي قوم وٽان اُن تقرير تي به بي پناهه داد مليو،
جيڪا هـُـن عظيم روسي شاعر پـُـشڪن جي مجسمي جي
مهورت وقت ڪئي هئي.
1881ع ڌاري، جڏهن دوستووسڪيءَ جي ڄمار سٺ ورهيه
هئي ۽ هـُـن جي صحت بلڪل جواب ڏيئي چڪي هئي ۽ هن
جي ڦڦڙن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو هو، تڏهن دنيا جي
هن عظيم ترين ناول نگار، آخر اِن مرض وگهي ئي هن
دنيا منجهان لاڏاڻو ڪيو.(1)
** * *
روسي ٻوليءَ ۾ لکيل، فيودور دوستووسڪيءَ جو هيءُ
ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ پهريون ڀيرو انگريزي ٻوليءَ
۾، جنهن مترجم، ترجمو ڪيو هو، اُن جو نالو هو:
Constance Garnett.
ناول جو نالو، جيئنءَ، دوستووسڪي روسي ٻوليءَ ۾
تجويز ڪيو هو، ناول جي پهرين انگريز مترجم، اُن کي
انگريزيءَ ۾ به اُوئين ئي برقرار رکيو.Brothers
Karamazov
بعد ۾ هي ناول، دنيا جي جنهن جنهن به ٻوليءَ ۾
ترجمو ٿيو، هر مترجم اُن جو نالو اِهوئي تجويز
ڪيو. تازو اردو ٻوليءَ ۾ هيءُ ناول، ’برادرز
ڪرامازوف‘ جي نالي سان شايع ٿيو آهي، ۽ ان ئي
عنوان جو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر جي لحاظ کان آسان
لفظن ۾ ’ڪرامازوف ڀائر‘ ترجمو ٿيو.
[ن – م]
سنڌيڪار پروفيسر احسان بدويءَ بابت
سنڌ جي نوجوان اديب ۽ شاعر، پروفيسر احسان بدويءَ
هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾، 22-
نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.
مرحوم احسان، سنڌ جي مشهور اديب ۽ اهل قلم پروفيسر
لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس علمي ۽ ادبي
خدمت جو سلسلو، پنهنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽
تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو هي نوشگفته گل، جواني
ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.
احسان، مارچ 1926ع ۾، شڪارپور ۾ ڄائو، ابتدائي ۽
سيڪنڊري تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾
ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 1945ع ۾ سي- ايس گورنمينٽ
ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ
يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته مٿئين ڪاليج جو
بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ
گورنمينٽ، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن
تي زور آندو، ته اُهي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم
حاصل ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ ويو، ۽ اُتي ايس-
ايم- ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي-
اي- آنرس پرشين ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم جي دور ۾، شمس العلما ِّ علامه دائود پوٽو ۽
آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي- اي پاس
ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي
آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينئر ڪلارڪ بنيو.
پر علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾
جلدي دل برداشته ٿي پيو.
هن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم- اي پاس ڪئي. ان
سلسلي ۾ هيءُ پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾
ايم- اي پاس ڪئي. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ايم- اي پڻ
ڪيائين.
آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام
مصطفيٰ شاهه صاحب (اڳوڻي پرنسپال، ايس- ايم ڪاليج
ڪراچي جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرباد
چئي، ايس- ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان
داخل ٿيو. اتي هڪ صالح ۽ با اخلاق استاد جي حيثيت
سان پندرنهن سال خدمت ڪيائين.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾، مهراڻ رسالي، ۽ نئين
زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا
آهن. نثر سان گڏ شعر جو پاڪيزه ورثو به کيس پنهنجي
والد وٽان عطا ٿيل هو. سندس ڪلام جو وڏو حصو رسالن
۾ شايع ٿيل آهي.
سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، هو هميشھ ”سنڌي ادبي سنگت“
سان وابسته رهيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن
۾ شرڪت ڪندو آيو.
تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:
1- تنقيد ۽ تنقيد نگاري. 2- ڊان ويسٽ 3- انقلاب جو
فلسفو 3-منتخب ڪلام سانگي.
سندس انداز بيان، سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو آهي.
سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آهي.
”وياسي وينجهار“- از: غلام محمد گرامي
|