(د) آبپاشي
اهڙي ڪابه ثابتي ڪانهي ڪا، جنهن مان اسان کي معلوم
ٿئي ته مغل انتظاميا سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو نظام قائم
رکڻ يا سڌارڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي. پر اهو ياد ڪرڻ
ضروري ٿيندو ته مغل انتظاميا جي زيرنظر، مقامي
اختياري وارن کي مقامي طور گهڻي آزادي ڏني ويئي
هئي، پر شرط اهو هو ته سندن مطلق العنان حڪومت جي
اختيارن کي تسليم ڪن. تنهن ڪري حتمي طور نتيجو اهو
ڪڍيو ٿو وڃي ته مغل دور ۾، واه کوٽائڻ، ڪڙين جي
سارسنڀال لهڻ، انهن جا ڪنارا مضبوط ڪرڻ، کوه
کوٽائڻ ۽ کوهن جي صفائي رکڻ سڀ ڪجهه مقامي
زميندارن جي ذميواري هئي ۽ اهي ڪڏهن به انهن کان
لاپرواهه ڪونه رهندا هئا. ڇاڪاڻ جو سنڌ جي محصول
جو ڪجهه دارومدار سنڌو درياه جي پاڻيءَ جي ضابطي
تي به هو، شڪ جي ٿوري به گنجائش ڪانهي ته ڪو سنڌ ۾
گهڻي وقت کان وٺي ڪنهن ڏاهپ سان ترتيب ڏنل
آبپاشيءَ جو نظام موجود نه هو ۽ جيڪو موجوده
آبپاشي نظام آهي، سو هارين جي صدين جي محنت جو
نتيجو آهي، جيڪي بنا ڪنهن قانون جي ڌُڪي موجب
ڪامياب ته ٿيا آهن پر فقط انهن حدن اندر جيڪي
سرڪاري پيسي جي گهٽ هجڻ ڪري پنهنجو پاڻ، محنت ڪري
پاڻي زمينن تائين پهچائي سگهيا ۽ پورالي درياه جي
ڪن ڦاٽن تي ڄڻ ضابطو رکيو آهي.
ريورٽي جي يادگار تصنيف ’مهران آف سنڌ‘ آهي، جنهن
۾ هن سنڌو درياه جي پراڻن پيٽن جي سنڌ جي مٿاڇري
تي تاريخي دور ۾ نشاندهي ڪئي آهي ۽ ان کي همعصر
مقامي شهادتن سان مالا مال ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي
لاڙ جي جاگرافيائي مطالعي جي پٺڀرائي به حاصل آهي.
جديد سنڌ ۾، سنڌو درياه جي لٽ ۽ پراڻن وهڪرن جا
نشان موجود آهن، جتي هن پورالي درياه جي هڪ وهڪرو
ڇڏي ٻيو پئي اختيار ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو ساڳيو
درياه وارو اڳوڻو رستو وٺي وڃجي ته امڪان آهي ته
ان جي پراڻن پيٽن سان لڳولڳ سندس پراڻن ڪپرن تي
آباد ڦٽل شهر به هجن جيڪي گهڻو وقت اڳي گم ٿي ويا
هئا. آبپاشي نظام ۾ نظم ۽ ضبط جي بدران غيريقيني
هئي. واهڙ ڪڏهن وهندا هئا، ڪڏهن سڪي ويندا هئا.
درياه وهڪري جي جاءِ مٽائي ويندو هو ۽ ٻيون
ڪيتريون نيون زمينون ٻوڏ هيٺ اچي وينديون هيون.
پراڻو سنڌي نظام اهو هو، جنهن ۾ هو درياه جي فطري
وهڪري مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اتان
ڪڙيا کوٽيندا هئا ۽ پوءِ کوهاڏا بڻائيندا هئا ۽
کوهاڏن تي نار جوڙيندا هئا. هيٺاهين وارن کوهن ۾
درياه جو پاڻي ڪٺو ٿي ويندو هو، ان تي به نار يا
هرلا ٻڌندا هئا. انهن هيٺاهين وارن کوهن ۾ درياه
جو پاڻي ڪٺو ٿي ويندو هو، ان تي به نار يا هرلا
ٻڌندا هئا. انهن هيٺاهن ڍورن ۾، جن لاءِ سنڌي زبان
۾ گهڻا نالا آهن، انهن ۾ هر ڪاهي گهڻي آبادي ڪري
سگهبي هئي، جتي ڪن حالتن ۾ ٻوڏ پهچي ڪانه سگهندي
هئي تن وڏين کُلين ايراضين کي ڇن
(Chhans)
چيو ويندو هو. جتي گاه ۽ جهنگل تمام گهڻو ٿي پوندو
هو، ان جڳهه تي اٺ، مينهون، ڍڳا پيا گور چرندا هئا
۽ گهڻيءَ خلق خدا جيءَ جو انهن تي گذارو هوندو هو.
اهو گيهه، کير ۽ ڌؤنري جي وڏي ڌنڌي جو هڪ بنياد
هو. ان تي کلن ۽ چمڙي جي صنعت جو به وڏو دارومدار
هو، جنهن جو ذڪر سياح ڪندا آيا آهن. آبپاشي نظام
هيٺ اڳئين کان هاڻي تمام گهڻي زمين آباد ڪئي وڃي
ٿي ۽ واهن جي کوٽائي سائنٽيفڪ نموني سان ڪرائي
ويئي آهي. سندن ترو، منڍ کان وٺي پڇڙيءَ تائين
انچن جو حساب رکي کوٽائي ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح
چانورن جو فصل جيڪو سدائين مقرر پاڻيءَ جو مقدار
بيٺل گهري ٿو ۽ ساڳيءَ ريت پاڻيءَ جي نيڪالي به
چاهي ٿو ۽ اهڙي ايراضي اتر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾
هئي، جنهن کي پراڻن ڪتابن ۾ چانڊڪا به چيو ويندو
هو، اهڙي ايراضي درياه جي ڇوڙ ڀرسان هيٺاهن علائقن
۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ضلعن ۾ به هئي، جنهن کي
لاڙ جي هيٺاهين، درياهي لٽ واري ايراضي چئبو آهي.
سن 1847ع ۾ جيمس، چانڊڪا جي سارين واري زمين متعلق
ڏاڍي خوبصورت تصوير چٽي آهي ته اتان جون زمينون
ڪيئن هيون. هيءُ چوي ٿو ته ”ناري ۽ گهاڙ جي وچ تي
سارين جو فصل تمام گهڻو ٿئي ٿو. ڳوٺ گهڻو ڪري مٿي
دڙن تي ٻڌل آهن، ۽ ٻوڏ جي پاڻي کان بچاءُ هيئن ڪيو
ويو آهي، جو ڳوٺن جي چوڌاري کاهي کوٽي ويئي آهي.
واه ۽ ڳوٺ وڻن جي ساوڪ سان سينگاريل آهن ۽ ڏاڍا
ملوڪ ٿا لڳن. ناري ۽ سنڌو درياه جي وچ تي ڌرتيءَ
جو مٿاڇرو ناهموار آهي ۽ قدرتي ڪڙين ۽ واهن سان
ڀريو پيو آهي. زمين جا هيٺانهان حصا جن مان پاڻي
ڇڏي ويندو آهي، تن ۾ چڻا، مٽر ۽ جَوَ جيڪي هاريءَ
جي نگهداشت گهٽ ٿا وٺن، پوکيا ويندا آهن. ٻيلي جو
ٻه ميل پٽو هوندو آهي، جنهن ۾ باهڻ جا چانديءَ
جهڙا چمڪندڙ وڻ، ٻٻر ۽ شيشم جا وڻ درياه جي ڪنارن
کي ڄڻ سائو ويس ڍڪي ڇڏيندا آهن ۽ وچ وارو پاسو وري
سنهي جهنگ سان ڀريل هوندو آهي. اڻ واقف ماڻهو جيڪو
هن شاندار درياه ۽ ڀرسان ٿڌن ٻيلن جو پاسو ڇڏيندو
آهي ته کليل علائقن ۾ جتي مينهون، ڳئون ۽ ٻئي
چوپائي مال جا وڳ چرندا آهن ۽ ڀرسان هوا ۾ لڏندڙ
لمندڙ ساون فصلن مان گذرندو، وِيينَ ۽ ولهارن مان
ٿيندو، انهن مالدار پنهوارن جي پيهن ۽ پکن وٽان
لنگهندو، جيڪي ٿوري وقت لاءِ اتي ٺاهيون ويون آهن،
۽ انهن جون هونديون آهن، جن جو مال اتي چري رهيو
هوندو آهي، اها وانڍ ڪنهن ڳوٺ وانگي ڏسڻ ۾ ايندي
آهي … وري جڏهن اهو مسافر ڪنهن ٻيلي ۾ ويندو ته
کيس تازو تازو صاف ڪيل زمين جو ٽڪرو نظر ايندو،
جتي کيس ٻٻرن جون ڪاريون ۽ کُهريون کُتيون بيٺل
ڏسڻ ۾ اينديون، جيڪي انساني هٿ چراند جو ڏٺو وائٺو
ثبوت آهن ۽ هن مان اهو به محسوس ٿئي ٿو ته اهو
آسپاس جي ساوڪ سان ڪيڏو نه تضاد رکي ٿو. اتان اڳتي
هلي ماڻهن جي ميڙاڪن سان منهن پوندو، جيڪي تڏن ۽
تئورن سان ٺهيل گهرن ۾ رهن ٿا، سرن ۽ ڪانَن مان
کاريون ۽ تڏا جوڙي رهيا هوندا آهن، جنهن جو ڪچو
مال ته اتي ججهو آهي“(1).
پاٽنگر، خيرپور ڀرسان هڪ وڏي واه جي وهڻ جو
ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ ٻوڏ جي عرصي ۾ اچي ٻيڙيون
بيهنديون هيون. ٻئي ڪنهن وقت اهو سڪل هوندو هو ۽
کانئس رستي جو ڪم ورتو ويندو هو. روهڙيءَ جي
چوڌاري باغ ئي باغ هئا. پاٽنگر چوي ٿو ته: ”جيڪڏهن
سنڌو درياه ۾ ٻيڙين ذريعي هاڪاربو ته درياه جي
ڪناري سان آباد ڪيترائي وڏا شهر ۽ ڳوٺ ڏسڻ ۾
ايندا. ڪنهن مرحلي تي ملڪ جي فطرت مان ايئن معلوم
ٿيندو ته هڪ ٻئي جي پٺيان تازو ڪيتريون درياهي
اٿلون اچي چڪيون اهن. پر شهر ته بلڪل بچيل آهن ۽
اهي درياه جي ڪنارن کان چڱيريءَ وٿيءَ تي ٻڌل آهن،
جنهن سياحن کي ايئن سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته جڏهن
به درياهي اٿل ايندي آهي ته ماڻهو شهر ۽ علائقا
خالي ڪري هليا ويندا آهن، پر اُها ڳالهه حقيقت کان
گهڻي پري آهي.“(1)
هيءُ اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته شڪارپور کان اتر يا اتر-
اولهه ڏِسَ تي هڪ وڏو علائقو آهي، جيڪو هڪ موسم ۾
سڄو سارو جبلن جي نَئينُ جي پاڻي سان ٻڏي ويندو
آهي. اهو پاڻي ڪنهن اتر واري ٽڪرائتي علائقي مان
اچي ٿو. اها موسم ٻوڏ ۽ برساتن واري هوندي آهي ۽
اهو پاڻي درياه جي پراڻي پيٽ ۾ ڌوڪي ڪاهي پوي ٿو.
درياه جو اهو پراڻو وهڪرو سنڌو درياه جو ڦاٽ هو،
جيڪو بکر کان سو 100 ميل اتر ۾، مکيه وهڪري کان
ڇڄي ڏکڻ اولهه ڏس تي وهندو هو. هنن ٻنهي ذريعن جي
پاڻيءَ کي نيڪال لاءِ ڪابه ٻي واههَ ڪانه هئي، ان
ڪري هن سڄي علائقي جا پٽ پوٺا ۽ ڍنڍون ڍورا ٻوڙي
ڇڏيندو هو. توڙي جو موسم خشڪ هوندي هئي ته به هيءُ
پاسو ٻئي ملڪ کان ڪٽيل رهندو هو ۽ گهوڙن جو هن
علائقي مان گذرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. ساڳيو حال
وري لاڙ واريءَ سنڌ جو هوندو هو، جيڪو به پڻ
ساريالو علائقو هو.
ڊيل هوسٽي درياه جي هيٺين ڦاٽن جو ذڪر ڪري ٿو
جهڙوڪ: پراڻ، نارو، ارل، ڦليلي، گوني، پڃاري،
گهانگهرو، لکي، سيتا ۽ بگهاڙ اهو به ٻڌائي ٿو ته
ٻيا به ڪيترائي پاڻيءَ جا مکيه واهڙ ۽ ڍنڍون هيون.
پراڻ مان نارو، داداجي ، نئون واه ۽ نور واه
نڪرندا هئا ۽ بگهاڙ مان مارئي، منڇر، ميرپور ۽
ڪينجهر ڍنڍون هيون. 1699ع ۾ هئملٽن ٻڌائي ٿو ته
سنڌو درياه جي لٽ ڏاڍو زرخيز آهي ۽ ٺٽو وڏي کليل
علائقي ۾ آباد آهي. ”درياه مان واه کوٽي پاڻيءَ کي
شهر ڏانهن آندو ويو آهي. ڪيترا ماڻهو ان پاڻيءَ کي
پنهنجي باغن لاءِ استعمال ڪن ٿا.“
سنڌ جون اهي ذڪر ڪيل حالتون مغل دور وارين اتر
هندستان جي حالتن کان بنهه مختلف هيون ۽ برنيئر
انهن حالتن ۽ واهن جي عدم موجودگي ۽ آبپاشي کان
لاپرواه رويي جي ڪري ڄڻ نالان هو. پر سچائي اها
آهي ته سنڌ آبپاشيءَ جي نظام ۾ هندستان کان اڳڀري
۽ ان کان آڳاٽي آهي. کيس واهن ۽ ڪڙين جو پنهنجو
طريقهءِ ڪار آهي، جيڪو تاريخي دور کان وٺي هلندو
اچي ٿو ۽ سنڌين ئي ان آبي نظام کي پئي بنايو آهي ۽
اهي چڱيءَ پر ڄاڻندا هئا ته فطرت جي سخاوت کي ڪيئن
ڪتب آڻجي. سنڌ جون ڪيتريون ئي صدري روايتون آهي،
جيڪي ڪيترن ئي واهن کي ڪلهوڙا دور ڏانهن منسوب ڪن
ٿيون. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ڪو، ته
ڪلهوڙن سنڌي هجڻ جي ناتي سان پاڻيءَ جي هن نظام جي
قائم رکڻ جي اهميت کي محسوس ڪيو. ان سان گڏوگڏ، هن
ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ به سبب آهن ته انهن
ڏينهن ۾ جيڪو آبپاشي جو نظام هو، سو ٽالپر دور ۾
موجود آبپاشي نظام کان وڌيڪ بهتر هو، جن جي دور ۾
پاڻيءَ جي ڏس ۾ ڪيل ڪوششون ڪي گهڻيون ڪونه آهن ۽
چاڙهه جي موسم ۾ وهندڙ واهن ۽ ڪڙين جي صفائي لاءِ
به خرچ تمام گهٽ ڪندا هئا.(1)
سن 1840ع ۾ ڊاڪٽر ڪينيڊي ارل واه جو ذڪر ڪري ٿو ۽
چوي ٿو: ”هي هڪ گهاڙ واه آهي، جيڪو ڪنهن آڳاٽي دور
۾ کوٽايو ويو هو. اهو ڪنهن محب وطن حڪمران يا ڪنهن
سياڻي نسل ٻئي پاسي ڏوڪڙ وڃائڻ جي بدران هن واه جي
کوٽائي واسطي پيسي خرچ ڪرڻ کي اوليت ڏني. عام طور
تي بادشاهه ۽ رعايا اهو پيسو اجاين خرچن ۾ وڃائيند
اهئا.“ جيمس ٻڌائي ٿو ته ’شاه واه‘ جنهن کي ميان
نور محمد کوٽائي ٺهرايو هو،سو ٽالپرن جي دور ۾
تباه ٿي ويو. ڀرسان شاهپور نالي هڪ ڳوٺ به هو جيڪو
ان دور ۾ ٺهرايو ويو هو. ان واه جي وهڪري جي آسپاس
آباديءَ ۽ فصلن جا نشان ڳولي سگهجن ٿا ۽ ٽالپر
ميرن جو رڪارڊ، حڪومت وٽ سندس اهميت کي اجاگر ڪري
ٿو. حيدرآباد ضلعي جو ’سرفراز واه‘ ميان سرفراز
خان ڪلهوڙي جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، جنهن جي
ظلمن جي سبب ڪري ٻئي دور واري انگريزي ڪوٺي ختم
ڪئي ويئي هئي ۽ پاڻ به ان جي نتيجي ۾ لاٿو ويو هو.
تنهن ڪري اهو چٽيءَ ريت پڌرو آهي ته ٽالپر ميرن
کان جيڪو آبپاشيءَ جو نظام 1843ع ۾ ورتو ويو هو يا
ڪي ٻيا اهڙا ڪم هئا سي ڪلهوڙا دور ۾ وڌيڪ وسيع ۽
قابل قدر هئا.
اسان کي بمبئي رڪارڊ آفيس ۾، هن آبپاشي جي نظام
متعلق ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ جي 1853ع وارن حوالن
معرفت پڪيون ثابتيون ملن ٿيون. جيڪي سنڌ جي واهن ۽
ٻيلن سان لاڳاپيل آهن. هيءُ لاڀائتو سرڪاري
دستاويز آهي، جيڪو ارڙهينءَ صدي يا ان کان اڳ واري
دور تي روشني وجهي ٿو. ڪرنل اسڪاٽ، ناقدانه نظر
سان، سائنسي سوچ سان ۽ ماهر انجنيئر جيان ان
آبپاشي نظام تي نظر رکي ٿو. جيڪو ٽالپرن کي ورثي ۾
مليو هو ۽ هن ان تي چڱا موچارا ڇوه ڇنڊيا آهن.
هيءُ پنهنجو رايو ڏيندي لکي ٿو ته ”هن کي چڱيءَ پر
هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته واهن جي ترتيب، ڄڻ
عارضي ۽ وقت ٽپائو هئي ۽ ظاهر ۾ پيسي بچائڻ جي
مصلحت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. گهڻا اهڙا به ڪم آهن، جن کي
هاڻي واه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ اهي
سڌاريل شاخون آهن. اهو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ته ٽالپر
ميرن انهن شاخن کي ڪو مان ڏنو. حقيقت اها آهي،
جنهن کي آئون سمجهي ٿو سگهان، ته طبعي پورهئي سان
گهڻو ڪجهه ڪري ٿو سگهجي. مون کي اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو
ته سنڌو درياه موجوده وقت کان اڳي گهڻا ڦاٽ
بنائيندو هو ۽ مکيه وهڪري جي حوالي سان ڪڏهن به
وڏي ڦير ڪانه آئي آهي.“ آبپاشي جي نظام ۾ جيڪي
خاميون هيون، جن ڪرنل اسڪاٽ جي ذهن تي اثر ڪيو سي
هي هيون:
(1) اهي علائقا جيڪي خود درياه مان هٿ ڪيا ويا
هئا، تن ۾ پاڻيءَ جو ايڏو ڏڪر هو، جو زندگي جي عام
ضرورتن لاءِ به هٿ ڪري نه پئي سگهيو ويو.
(2) کوهن جو پاڻي، کوهن جي ڀتين کي لئي جي لاڪڙ
سان واڻڻ ڪري پيئڻ جوڳو رهندو ئي ڪين هو.
(3) واهن ۾ جيڪي سرن جون موريون هنيون وينديون
هيون سي به خراب هونديون هيون. انهن ۾ ڪي دروازا
لڳل ڪونه هوندا هئا، پر پاسي وارين ڀتين ۾ سامهون
ڀيم رکيا ويندا هئا ۽ وڻن جا ڏار ڪپي ۽ گند گاه
وجهي پاڻي کي روڪيو ويندو هو.
(4) سنڌ جي آبپاشي نظام جو بند ٻڌڻ وارو طريقو به
اطمينان جوڳو ڪونه هو.
بند ٻڌڻ جي وڌيڪ وضاحت ڪجي ته ٺيڪ ٿيندو، ڇاڪاڻ جو
اهي ڏاڍا عام هوندا هئا. انهن ڪمن متعلق جيڪي
پراڻا باقيات آهن، ٻڌائين ٿيون ته پراڻي زماني ۾
انهن ڏانهن ڏاڍو ڌيان ڏنو ويندو هو. هتي زمين،
جيستائين ڪڻڪ ڪاهڻ جي لائق هوندي آهي ته اتي درياه
جي وڏي ٻوڏ کي روڪڻ جا جتن ڪيا ويندا آهن. اهي
مٽيءَ بند جا هن ريت چاڙهيندا هئا ته اڳ ۾ مٽي مٿي
چاڙهيندا ۽ مٽيءَ جي ان چڙهيل پٽي مٿان سنهي جهنگ
جي جَهتِ ڏيندا، ان جهت جي مٿان وري مٽيءَ جو تهه
چاڙهيندا، ان کان پوءِ وري جهنگ جي جهتِ ڪاٺ ڪهچر
ڏيندا. اهڙيءَ طرح واري سان مٽي ۽ جهت ڏئي بند مٿي
چاڙهي پورو ڪندا. پر پوءِ به اهي بند محفوظ ڪونه
هوندا آهن. انهن جو منهن سدائين درياه ڏي هوندو
آهي ان ڪري سدائين سنهو جهنگ ڄمي پوندو آهي، تنهن
هوندي به ڪو بچاءُ ڪونه ڪندو آهي. وڏيءَ اٿل دوران
بند مٿان ڏينهن رات پهرو ڏيندا هئا ۽ سدائين ڪنهن
نه ڪنهن نموني جي مرمت پئي هلندي هئي. پاڻي ان بند
منجهان، سرن جي اهڙن مورين مان ٽپايو ويندو هو، جن
جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. ”جڏهن پاڻي کڏن يا ڍنڍن
۾ هوندو آهي ته آبادي نارن جي وسيلي ڪئي ويندي
اهي. سنڌ ۾ ان جا ٻه نمونا آهن. هڪ کي نار چيو
ويندو هو، جنهن جو ڍينگو وڏو هوندو هو ۽ ان کي اٺ
کيڙيندو هو. ٻيو هرلو هوندو هو، جنهن جو ڍينگو
ننڍو هوندو هوندو ۽ ڏاندن جو جوڙو يا اڪيلو ڏاند
ان کي هلائيندو هو(1).
اهڙي قسم جي کيتيءَ کي چرخي واري آبادي چيو ويندو
آهي، ڇو ته پاڻي نار جي ڦيري ۽ بيشمار ڪنگرن ذريعي
مٿي اچي زمين ڏانهن وڃي ٿو. نارن ذريعي جيڪي فصل
پوکيا ويندا آهن، سي خشڪ فصل هوندا آهن جهڙوڪ:
جوئر، ٻاجهري، ڪمند، ڪپهه ۽ سايون ڀاڄيون وغيره.
ڪڻڪ ۽ جوَ گهڻو ڪري درياه جي اٿل واري زمين تي
ٿيندا آهن، جن کي سيلابي چئبو آهي ۽ اها زمين جنهن
تي ٻوڏ وارو پاڻي اچي ۽ اهو لهي وڃڻ کان پوءِ ان ۾
ڪو فصل پوکجي ته ان زمين کي بوسي چئبو آهي. اهي
طريقا اڄ به سنڌ ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ جتي ڪٿي ڏسي
سگهجن ٿا. جتي هر وقت رينگٽ ڪرڻ وارو نار، ڀرسان
ننڍي لانڍي، مٿان ونگن جي ول، اڏ تي بيٺل هيرڻن جو
جهڳٽو، ڄڻ هڪڙو ننڍڙو سماجي مرڪز هوندو آهي.(1)
سنڌو درياه جيڪو پاڻ سان لٽ جو وڏو مقدار کڻندو
آهي ۽ ان مان نڪتل ڏنگا ڦڏا واه ۽ واهڙ هر سال
باقاعده صفائي ضرور گهرندا آهن. پاڻيءَ جي وَهُڪَ
کي سدائين وهندو رکڻ آبپاشي نظام ۾ هڪ ضروري ۽
مهانگو امر هوندو آهي. هن عنوان تي عاليشان قاعدا
۽ قانون بنايا ويا هئا. انهن جا چار طريقا هئا:
(1) وڏن واهن جي صفائي، جيڪا ڪنهن به حالت ۾ حڪومت
پاڻ ڪرائيندي هئي.
(2) واهن جي صفائي حڪومت ڪرائيندي هئي پر خرچ جو
ڪجهه حصو هاري ڀريندا هئا، جنهن کي شراڪتي سڏيو
ويندو هو.
(3) حڪومت ننڍن واهن جي کاٽيءَ ۾، ان جو الائونس
ڪي خاصا(1)
مقرر ڪندي هئي ۽ اَنَ جي مقرر خرارن تي سرڪار
پنهنجو حصو ڀري وٺندي هئي. جنهن کي مخادمي ڪري
سڏيو ويندو هو.
(4) ٻين حالتن ۾ هاريءَ کي ڪڙيو يا ڪسي پاڻ صفا
ڪرڻي پوندي هئي، جنهن جو خرچ وغيره هو پاڻ ڀريندو
هو. سڄي علائقي کي واه جي صفائي لاءِ سڏيو ويندو
هو ۽ مزدوري طور انهن کي ڪجهه ماني وغيره کارائي
ويندي هئي.(2)
ڪرنل اسڪاٽ کي واهن جي سالياني صفائيءَ جا ڪي به
نشان ڪونه مليا. پراڻي واه جي منهن جي کاٽي ۽
صفائي ڪرڻ جي بدران نوان منهن کوٽي بنايا ويندا
هئا. اهو وڌيڪ ڏکيو ڪم هوندو هو، ڇو ته پراڻي واه
جا ڪپر لٽ پوڻ سان تمام مٿي ٿي ويند اهئا ۽
اُڀڪپرا ٿي پوندا هئا، تنهن ڪري ان وارياسي لٽ کي
ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ گهڻو ڏکيو هوندو هو. ”موجوده دور ۾
واه پيا سوڙها ۽ موڪرا ٿيندا آهن پر سنڌ جي واهن
جا ڪپر فقط هڪ ميل جي ڊگهائي ۾ به سڌا ڪونه هوندا
آهن. مقامي آبپاشيءَ وارو طريقو مڙئي ڌڪي بازيءَ
وارو طريقو هو ۽ ڪڏهن به اهڙي ڪا ڪوشش ڪانه ڪئي
ويئي، جيڪا سڀني واهن کي هڪ ترتيب هيٺ آڻي ڇڏي.“
ڏٺو اهو ويندو ته واه هڪ ٻئي سان پور وڇوٽ فاصلي
تي گهڻي پنڌ تائين هليا ويندا ۽ جاگيرن جي گهڻي
هجڻ ڪري حڪومت لاءِ ان آبپاشيءِ جي نظام کي گڏائي
هلائڻ به ڄڻ ڏکيو مسئلو بنجي ويو آهي. جڏهن ڪنهن
واه جي کاٽيءَ صفائي جي واسطي پيسا حڪومت کي ڏيڻا
پوندا هئا ته ’ڪاردار‘ سڄو اندازو لڳائي، جوڙ
بيهاري تفصيل کان سواءِ پيسن جو مطالبو ڪندو هو.
هر هڪ مير وٽ پنهنجا انهن واهن جا جڏا سڏا نقشا ۽
فهرستون هيون، جيڪي سندس حدن اندر وهندڙ هئا ۽ کين
زمين جي خصوصيت جي به خبر هئي. علائقي جو حساب
ڪتاب رپين ۾ ٿيندو هو ۽ ماپ گز سان ڪئي ويندي هئي،
جنهن جي هر هڪ پرڳڻي ۾ جدا ماپ هوندي هئي. ڪم ڪار
جي ماپ سوٽي ڏور سان ڪئي ويندي هئي ۽ زمين جي گهٽ
وڌ وارو حساب اک مان ڪڍي ٻڌايو ويندو هو. ٽالپر
جيترا پاڻ صحيح سمجهندا هئا ايترا پيسا منظور ڪندا
هئا ۽ پيسي جو انداز ڪم جي مقدار تي نه پر ڪاردار
جي ايمانداري تي هوندو هو. اهڙيءَ ريت ٻئي ڌريون
پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. انهن حالتن هيٺ
اهو ڄڻ ضروري ٿي پوندو هو ته ڪاردار حقيقي ڪم کان
گهڻو وڌيڪ ڪم ٻڌائيندو هو. اهو به يقين آهي ته ان
زماني ۾ واهن جي کاٽيءَ جي معاملي ۾ پيسي جي خرد
برد به گهڻي ٿيندي هئي. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي
ضلعن ۾، واهن جي کاٽيءَ ۽ صفائيءَ جي پيسن ڏيڻ
لاءِ پورا 56 قانون هوندا هئا. عام طور تي پئسن جو
اڌ روڪڙ ۾ نه پر جنس ۾ ڏئي سگهبو هو. ڪوڏر سان مٽي
پري اڇلڻ ۽ ٽوڪرن سان مٽي پري اڇلڻ ۾ به فرق هوندو
هو. ٽوڪرن سان کڻڻ واري مٽيءَ کي ’ڍولي‘ چئبو هو.
جيڪا گهڻي محنت طلب هوندي هئي ۽ پراڻن ۽ وڏن واهن
تي ڪئي ويندي هئي. جن جا وڏا ڪپر هوندا هئا. ڪوڏر
سان کاٽيءَ کي ’اُڇل‘ چيو ويندو هو. ٻنهي طريقن جي
کاٽيءَ جي حساب ۾ 6 گز رپئي جي مزدوريءَ جو فرق
هو. ڪاردار کامڙن جي ڪم جي نگهباني ڪندو هو، امين
۽ محرر ساڻس مدد ڪندا هئا. ٽياڪڙ يا امين کاٽيءَ
جي گهرائيءَ جي ماپ ڪندو هو ۽ محرر ڊيگهه ۽ ويڪر
جي. حساب ڪتاب ۾ سندن مدد واسطي واه جي تري ۾
ورهايل ٽڪن جا نشان ڇڏيا ويندا هئا، جن جي کاٽي
ڪانه ڪئي ويندي هئي ته جيئن هر ڪنهن جي جدا کاٽيءَ
کي ماپن ۾ مونجهارو نه ٿئي. سنڌ ۾ کاٽيءَ ڪرڻ جو
ساڳيو رواج اڃان به هلندو پيو اچي.(1)
ڪرنل اسڪاٽ ٻڌائي ٿو ته ڪلهوڙا دور جي واهن جي
کاٽيءَ متعلق رڪارڊ هٿ اچڻ جوڳو ڪونه آهي. پراڻين
مورين جا جيڪي نشان آهن ۽ وڏا واه جيڪي موجود آهن،
انهن مان معلوم ايئن ٿئي ٿو ته ٽالپرن کان اڳ واري
دور ۾ وڏيءَ تڪليف ۽ گهڻي پيسي جي خرچ کي منهن ڏنو
ويو هو. ڪرنل اسڪاٽ پنهنجي سڀني احوالن ۾ فقط هڪڙي
پڪين سرن جي موريءَ کي ڳولي لهڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
وڏو امڪان اهو آهي ته آبپاشي نظام جي گهڻي تباهي
ٽالپر دور ۾ ٿي. جيمس ٻڌائي ٿو ته ڳڙهي خيري جي
خوبصورت ڳوٺ جي تباهي جو سبب، واه جي تري ۾ لٽ
ويهي وڃڻ کان پوءِ بند ٿي وڃڻ هو ۽ انهيءَ مان اهو
معلوم ٿئي ٿو ته هتان جي آبادي ماضيءَ ۾ ڏاڍي
خوشحال هئي، ٻين مصنفن به واهن جي تباهيءَ تي گهڻا
تبصرا ڪيا آهن. ٽالپر بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڪنجوس
هئا ۽ دولت کي انبارن جي حساب سان گڏ ڪري رکڻ جا
قائل هئا ۽ پوءِ انهيءَ سان هيرا جواهر، سون ۽
چاندي ڪٺي ڪري خزاني ۾ جمع ڪري ڇڏيندا هئا.(1)
ڪاردارن جي ايمانداريءَ ۾ شڪ ڪري انهن جي پيش ڪيل
واهن جي کاٽيءَ صفائيءَ جي خرچ کي گهڻو گهٽائي
ڇڏيندا هئا، نه وري ڪنهن نئين آبپاشي نظام جي
بنائڻ لاءِ سوچيندا هئا. خير، انهن ڪجهه ڪم ڪيا
جيئن مثال طور ڦليلي پار علي بندر جو بند، جنهن کي
پاٽنگر بيان ڪيو آهي ته اهو فتح علي خان ٽالپر
1799ع ۾ ٻڌرايو هو. اهو ڪن انگريزن مبصرن جو تصور
ته ٽالپر مير آبپاشي نظام جي لحاظ کان سست ۽ ڳهيلا
هئا ڪجهه بدلجي وڃي ٿو ۽ گهڻيءَ حد تائين صحيح به
آهي. اهڙيءَ ريت سن 1837ع ۾ ڪارليس چوي ٿو: ”ٽالپر
ميرن جي حڪومت پنهنجي رعايا جي هر طبقي وٽ ناقابل
قبول هئي ۽ هاري طبقو ته انهن جي خلاف نفرت جو
اظهار ڪندي هٻڪي ئي ڪونه ٿو.“(1)
خبرداريءَ لاءِ هي چوڻ به ضروري آهي ته ٽالپر
بيوقوف ڪونه هئا. هنن سعيو ڪري پنهنجي وطن جي
پيداوار کي تباه ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪونه ڪيون هيون.
اها ٻي ڳالهه آهي ته دورانديش نه هئا ۽ کين
ترقيءَ ۾ پورو يقين ڪونه هو. اهو به بلڪل امڪان
آهي ته سڄي تباهي جي ذميواري سندن لاپرواهيءَ يا
ڪنجوسي کي قرار ڏنو وڃي، جيئن ڪيترن يورپي تبصري
نگارن جو خيال آهي، پر اها تباهي ڪنهن حد تائين ان
ڪري به ٿي جو سنڌو درياه پنهنجي وهڪري جي اڳين
جاءِ مٽائي ويو ۽ ان مان وهندڙ ڦاٽ سڪي ويا يا لٽ
پوڻ ڪري سندن منهن بند ٿي ويا هجن. اهڙي قسم جو ڪو
عوامي کاتو ڪونه هو، جو ان ڪم کي سنڀالي سگهي ۽
رشوت خور بي ويساه ۽ بدبخت محصولي آفيسرن تي اهڙي
مهانگي ڪم جي تجربي لاءِ اعتماد ڪري ڪونه ٿي سگهيو
ويو ته اهي درياه جي ڇڏيل ڦاٽن ۽ واهن کي ٻيهر
پاڻيءَ جي وهڪري لائق بنائين، جيڪي درياه جي وهڪري
مٽائڻ ڪري بيڪار ٿي چڪا هئا.
سن 1848ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر محصول جي طريقهءِ ڪار
متعلق خيالن جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته ”محصول جو
طريقو نهايت ظالماڻو هو ۽ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي
هلندو هو ۽ اهو بنا ڪنهن امتياز جي پنهنجو پاڻ کي
خوش ڪرڻ لاءِ هو. هن وصف ۾ اهو مغل ۽ ڪلهوڙا دور
وارين حڪومتن کان الڳ ڪونه هو، پر مجموعي طور انهن
ٻنهي کان ڪنهن قدر ڀلو هو.برنس، جيڪو دانشمند ۽
سٺن خيالن وارو مصنف آهي، سو آخري مقامي حڪمرانن
متعلق لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ اهي اڻپڙهيل ۽ ظالم
حڪمران آهن، پر سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو ذڪر ڪونهي
ته ان جا ڪڏهن به هنن موجوده حڪمرانن کان وڌيڪ ڪي
سٺا حڪمران ٿيا هجن، هنن گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪيو آهي،
جو امن امان قائم ڪيو اٿن ۽ گذريل ٽيهن سالن کان
ته امن ۽ آشتيءَ جو دور آهي.“(1)
اسان هنن حالتن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته
سورهين ۽ سترهينءَ صدي جي آبپاشي واري نظام ۽
1843ع واري آبپاشي نظام ۾ جيئن انگريزن ان زماني ۾
ڏٺو، تمام ٿورو فرق هو. جيڪڏهن ان نظام جي تباهي
ٿي به هوندي ته اها درياهي وهڪري جي تبديليءَ ڪري
ٿي هوندي، نه وري ٽالپرن جي بيوقوفيءَ جي ڪري، اهو
به ته درياهي وهڪري جي ڦيري جي ڪري ٿيو هو جو ٺٽي
جو شهر ڦٽي ويو ۽ آخر سنڌ جي سوٽي ڪپڙي جي صنعت
تباه ٿي ويئي. ان وسهڻ ۾ به ڪا ڇسائي ڪانه آهي ته
اها تباهي درياه جي انهن مکيه ڦاٽن ۽ واهن جي سڪي
وڃڻ ڪري ٿي هجي، جن تي انهن شهرن جي خوشحاليءَ ۽
شادابيءَ جو مدار هجي. اهي حقيقتون ڪنهن به شڪ
شبهي جي گنجائش ڪونه ٿيون ڇڏين ته مغل ۽ ڪلهوڙا
دور ۾ سنڌ جو آبپاشي نظام پنهنجي حدن اندر، دولت ۽
خوشحاليءَ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو هو. ان تي هروڀرو ۽
بيجا تنقيد ڪرڻ جو ڪو جواز ۽ بهانو نه آهي سنڌو
درياه، سنڌ جي محنتي ۽ جفاڪش ماڻهن جي ٻوڏ ڪري
ضرورت پوري ڪري رهيو هو، جيڪي پنهنجي پورهئي سان
کيٽ کيڙي ۽ فصل اپائي رهيا هئا. برٽن جو خيال ته
سنڌ انگريزن کي بلڪل تباه حال ۾ ملي هئي ۽ ملڪ
آهستي آهستي هڪ ويران رڻ ۾ تبديل ٿيندو پئي ويو.
اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي ڪن شرطن کان سواءِ
قبول ڪري ڪونه سگهبو.(1)
(خ) صحت، تفريح ۽ وندر
(الف) صحت
گرم علائقن جي هيٺاهين زمين جيڪا سدائين درياهي
ٻوڏ جي منهن ۾ هجي سا صحت جي لحاظ کان سٺي نه
ٿيندي آهي، ۽ خاص ڪري مليريا جو شڪار رهندي آهي.
سترهينءَ ۽ ارڙهينءَ صديءَ جي ميسر شاهدين مطابق
سنڌ جي عوام جي صحت سٺي ڪانه هئي. سنڌ ڏڪار کان ته
آزاد هئي، سواءِ ان جي جو رڪارڊ مطابق 1659ع ۾، ۽
انگريزي ڪوٺيءَ جي پهرئين دور ۾ هڪ ڏڪار پيو هو.
رڪارڊ ۾ ذڪر آهي ته لاهري بندر کان جيڪو تجارتي
مال ٻيڙن ۾ لڏيو ويو، سو اڳي جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورو
هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ڏڪار هو ۽ پليگ اهڙي پئي هئي
جو ماڻهن جو وڏو تعداد مري يا لڏي ويو هو ۽ ٿورا
باقي وڃي بچيا هئا. ”جيڪو مال اهي ٺاهي تيار ڪن
ٿا، سو اتان جا واپاري ڪنهن به قيمت تي خريد ڪن ٿا
۽ ڪاريگر مال ٺاهڻ ۾ خاص دلچسپي ڪونه ٿا وٺن.“(1)
جڏهن اورنگزيب 52-1648ع ۾ سنڌ ۾ ملتان جي گورنر جي
حيثيت ۾ رهيو، ته ٽي سال لاڳيتا سنڌ ۾ سخت سوڪهڙو،
پليگ ۽ ماڪڙ آئي ۽ ان ڪري سندس جاگير جو محصول
تمام گهٽ ٿيو.(2)
هئملٽن 1699ع ۾ ذڪر ڪيو آهي ته هن جي اچڻ کان ٽي
سال اڳ ٺٽي ۾ برسات نه پوڻ ڪري پليگ پئي، جنهن
وگهي ٺٽي جا 80،000 ڪوري مري ويا. سترهين ۽ ارڙهين
صديءَ ۾ ڪمپنيءَ جي ڊاڪٽرن واسطي، سنڌ جي
اعليٰ آفيسرن ۽ خود بادشاه جي علاج لاءِ، گذارشون
ڪيون ويون هيون. هڪ دفعو ڪمپنيءَ جو ڊاڪٽر جڏهن
ڪلهوڙا حڪمران جي دربار ۾ آيو هو ته کيس واپس موٽڻ
جي اجازت ڪانه ٿي ڏني ويئي. 1759ع ۾ سنڌ ۾ گهرو
لڙائي وقت لشڪر جي ضرورتن جي ڪري اناج جي اڻاٺ ٿي
پئي هئي. ٺٽي ۽ شاه بندر ۾ رهندڙ ڪمپني جي ملازمن
کي ارڙهين صديءَ ۾ آبهوا جي خرابيءَ سبب بيماريءَ
جي صورتحال سان منهن ڏيڻو پيو هو ۽ ڪيترا مري به
ويا هئا. رڪارڊ ۾ آهي: ”ٽائيگر جهاز جو مالڪ ۽
خلاصي شاه بندر ۾ سخت بيمار آهن ۽ اهڙي ريت هڪ
آفيسر ۽ ان جي عملي جي اورنگا بندر ۾ ساڳي حالت
آهي. منهنجو هڪ نائڪ ۽ ان جا ٻه عملي وارا مري ويا
آهن ۽ ٻه ٽي ٻيا ماڻهو به سخت بيمار آهن. مسٽر
اونيل 10 يا 15 ڏينهن کان پوءِ بيمار رهي ٿو.“
ريزيڊنٽ چيو آهي ته ”جيڪڏهن مان بادشاه کان موٽي
اچڻ تائين ٺيڪ نه ٿيس ته بمبئي يا ڪڇ ۾ رهندڙ
ڊاڪٽر(1)
وٽ وڃي ٺيڪ ٿيندس نه ته ٻيءَ صورت ۾ شڪايتن جي
سلسلي ۾ ڪمي ڪونه ايندي.“ سن 1764ع ۾ ڪمپنيءَ جي
ملازمن جي صحت ريزيڊنٽ کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو.
هن يارهين اپريل تي لکيو هو ته: ”شاهه بندر ۾ ڪو
ناليوارو ڊاڪٽر هٿ اچي ڪونه ٿو سگهي. سو مون خيال
ڪيو ته هتي جي ڪنهن تمام قابل ماڻهوءَ کي ان سلسلي
۾ ملازم رکجي، سو مون ايئن ڪيو آهي ۽ حاجي محمد کي
15 رپيا مهيني جي پگهار ۽ ديسي دوائن جي خرچ ڏيڻ
جي شرط تي ملازم رکيو اٿم ته گاليوِٽَ جهاز جي
خلاصين ۽ بمبئي جي سپاهين جو علاج ڪري ۽ ڪوٺي جي
ٻين ملازمن کي وقت بوقت ضرورت مهل ڏسندو رهي.“
هيٺينءَ سنڌ جي بيماري واري فضا ۽ عام ماڻهوءَ جي
يورپي دوا وٺڻ جي لاڙي ڏانهن برنس به اشارو ڪيو
آهي، جيڪو هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ هن عنوان تي
ڳالهائڻ لاءِ بااختيار هو. هي ٻڌائي ٿو ته مصر جي
پليگ جهڙين ڪجهه نشانين سان وڏي ايراضيءَ ۾
پکڙجندڙ ۽ وچڙندڙ خطرناڪ بيماري سنڌ ۾ پکڙجي ويئي
آهي، جنهن اڳي به وقت بوقت تباهي پئي آندي اهي. ان
کان سواءِ ٻيون بيماريون جهڙوڪ ٽيئڙ تپ، سخت سردي،
بخار، پگهر، سُهڪ (اڀساهي) وجع مفاصل يا سَنڌن جو
سور، ڦڦڙن جي بيماري
(Pulmonary Consumption) ۽ گرميءَ۽ فضا جي آلودگي جي سبب ڪري ٻين به ڪيترين بيمارين اچي
کُپ کوڙيا هئا. جلندر ۽ ٻرهل جي بيماري به عام
هئي. ڪنهن وقت بي انتها ڌوڙ اڏامڻ ڪري، جنهن سان
فضا هميشه ڀريل هئڻ سبب اکين اٿڻ جي وبائي بيماري
(Virulent Ophthalmic)
به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. درياه جي ڇوڙ واري علائقي ۾
تمام گهڻي ماڪ پوندي هئي، جنهن لاءِ هتان جا ماڻهو
چوندا هئا ته صحت لاءِ سخت نقصانڪار ٿيندي آهي ۽
ان سان ماڻهو وقت کان اڳي ڪراڙو ٿي ويندو آهي.
ليفٽيننٽ ڪارليس سن 37-1836ع ۾ سنڌو درياه کي جاچي
ڏٺو هو ۽ پنهنجي ذاتي راءِ ۾ لکيو آهي ته،
”سامونڊي ڪناري ڀرسان ڳوٺن ۾ ايڏي ته بيماري هئي،
جنهن جو ڪو انت ڇيهه ڪونهي ڪو. جڏهن مان اتي پهتس،
ماڻهو دوا وٺڻ جي لاءِ مون کي ورائي ويا ۽ ماڻهن
جي چهرن تي بيماريءَ جي تباه ڪارين جون نشانيون
ظاهر هيون. هن کي اهڙا ماڻهو ڏسي ڏاڍو مزو ايندو
هو، جيڪي سندس ٻيڙي وٽ اچي کانئس انگريزي شين جي
وڪري بابت پڇندا هئا. ڪنهن کي پنهنجي زال لاءِ
ڪئنچي ٿي کتي ۽ ڪنهن سهانگي ڪپڙي جو ٿي پڇيو، ته
ڪي پنهنجي بيمار مائٽ لاءِ برانڊيءَ جي گهُر ڪندا
هئا. انهن شين جي قيمت طور هو گيهه، مکڻ، ميوات ۽
کير ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، جن کي ليفٽيننٽ ڪارليس
نرميءَ سان انڪار ڪري ڇڏيندو هو. هو غربت ۽ افلاس
جي ماريلن کان بدلي ۾ ڪجهه به وٺي ڪونه ٿي سگهيو.
عام ماڻهوءَ جي حالتن جو هي منظر ڪنهن مقامي مؤرخ
ڪونه لکيو آهي پر مغل ۽ ڪلهوڙا دور جي ثقافتي
مُلهه ڪٿڻ لاءِ هنن حقيقتن کي وساري نٿو سگهجي.
(ب) تفريح
جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ هن ڪتاب جا صفحا پڙهڻ کان پوءِ
هن نتيجي تي پهتو هوندو ته مغل ۽ ڪلهوڙا دور جو
هاري طبقو، هڪ گهڙي جي آسائش کان سواءِ سڄو ڏينهن
ڪم ۾ رڌل رهيو ۽ ظلم به سهندو رهيو ته هن حقيقتن
متعلق غلط تصور قائم ڪيو هوندو. سنڌ جو هاري طبقو
ڏاڍو خوش طبع آهي ۽ هميشه کان ائين رهندو آيو آهي.
ماڻهو کلڻ جا شوقين، تفريحن جا ڪوڏيا ۽ روزمره جي
زندگي ۾ پنهنجي وس آهر ڪانه ڪا مزي جهڙي ڳالهه ڪڍي
وجهندا آهن. اها وڏي بدقسمتي آهي، جو سندن تفريح
هڪڙو غلط رنگ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هو شراب ۽ ٻين
نشي وارين شين ۽ بداخلاق ناچڻين ڇوڪرين ڏانهن مائل
آهن. سن 1641ع ۾ مئنرڪ، جيڪو هڪ مذهبي ماڻهو هو.
ٺٽي ۾ بداخلاقي ڏسي ۽ چالو عورتن جي وڏي بي شرمائي
ڏسي دنگ رهجي ويو هو.
هن اونداهي تصوير جو ٻيو روشن پاسو به آهي. اهو
ڏٺو ويو آهي ته سنڌي قصن ڪهاڻين ۽ راڳن ٻڌڻ جا
ڪوڏيا هوندا آهن. هو پنهنجا وڏا ڏينهن به ڏاڍي جوش
جذبي سان ملهائيندا آهن. جيڪڏهن مسلمان هوندا آهن
ته رمضان جي روزن واري عيد ۽ ٻاڪري عيد، ۽ جيڪڏهن
هندو هوندا آهن ته هوليءَ ۽ ڏياري جي ڏڻن کي
ملهائيندا آهن. موجوده دور ۾ به اهڙين خوشين جون
شاهديون ميسر آهن، جنهن ۾ انهن جشنن جي موقعن تي،
هو خوشيون ملهائيندا آهن. پيسو حد کان وڌيڪ خرچ
ڪيو ويندو آهي ۽ نوان ڪپڙا به خريد ڪيا ويندا آهن.
عيد جي پسمنظر ۾ شاه عبداللطيف جي سُر ڪاپائتي ۾
شاعري ڪيل آهي. هئملٽن 1699ع ۾ هوليءَ جو ذڪر ڪيو
هو ۽ ان کي غلط هجي ڪري ’وولي‘ ڪري لکيو اٿس. هو
ٻڌائي ٿو ته اهو ڏينهن فيبروري جي مهيني ۾ ۽ نئين
چنڊ جي موقعي تي ٿيو هو.”گهڻن ماڻهن چنڊ جو نظارو
پئي ڪيو، ٻين وري ڀوڳن چرچن، ٽين وري خرچ ڪرڻ سان
ڪونه گهٽايو. هن چريائي جي حد تائين خوشيءَ جي
موقعي تي ٻارن ٻڍن، جواڻ جماڻن، ويندي عورتن تائين
سڀني هڪ جهڙو حصو ورتو. گهرن گهٽين ۾ نچيا، دهل
بينون جهانجهون ۽ بانسريون وڳيون. عورتن جي هٿن تي
مٺائين جا ٽوڪرا هئا، جيڪو به کين سامهون مليو ٿي
ان کي مٺائي ٿي ڏنائون. مرد سندور ۾ سڄا سارا داغ
داغ ٿيا هئا ۽ لڳاتار هڪ ٻئي تي پچڪارين سان تيل
وسڪاري ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن ڪنهن چڱي
گهر ۾ گهڙي پيا ته ان کي گندي تيل جي پچڪارين سان
گندو ڪندا، جنهن ۾ گهڻي بدبوءِ هوندي آهي. جيڪڏهن
انهن کي گلاب جو پاڻي يا ڪو چانديءَ جو سڪو مليو
ته اهي شريف بڻجي دروازي کان ٻاهر هليا ويندا.
اهڙي ريت 10 وڳي صبح کان هن چريائي جي شغل ۾ شريڪ
ٿيندا ته مٿان وڃي سج لهندو، هندو عورتن جون ٻاهون
عاج جي سفيد چوڙين سان بغل کان وٺي ٺونٺ تائين ۽
ٺونٺ کان ڪارائين تائين ڍڪيل هونديون آهن. هئملٽن
ان کي عاج جو وڏو کاپو سمجهي ٿو.
تاريخ طاهري به ان جهڙو چٽو منظر پيش ڪري ٿي، جنهن
۾ ماڻهن انهن مان هڪ موقعي تي پنهنجي خوشين جو
اظهار ڪيو. مصنف لکي ٿو ته: ”هر مهيني ۾ انهن لاءِ
ڪيتريون عيدون آهن. نئين چنڊ جو پهريون جمعون جنهن
کي سنڌيءَ ۾ ماهه پهريون جمعون چوندا آهن. هن
ڏينهن تي مڪلي ٽڪريءَ تي مردن عورتن جي ڄڻ اٿل
اچي ويندي آهي، اتي بيهڻ جي جاءِ به مشڪل سان
ملندي. ماڻهن جي گهڻن طبقن ۾ اهو به رواج پئجي ويو
آهي ته ماه پهرئين سومر تي به ايئن ڪن. يعني مهيني
جي پهرئين سومر تي، جيڪو ڄڻ زيارتن ڪرڻ جي لاءِ
وڏو ڏينهن هوندو آهي. هڪ ٻئي وٽ وڃڻ ۾ به کين ڏاڍي
خوشي محسوس ٿيندي آهي. اهي وڏن ٽولن جي صورت ۾،
کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي جيترو کڻي سگهندا آهن، پاڻ سان
کڻندا آهن ۽ سڄو ڏينهن دل وندرائڻ ۽ مزارن جي
زيارت ڪرڻ ۾ گذري ويندو اٿن.“(1)
جڏهن وڏڦڙو وسندو هو ۽ مڪليءَ ٽڪريءَ وارو ڪيراتل
جو تلاءُ ڀرجي اچي ڪنارن سان ڪرون ڏيندو هو ته هر
طبقي جا ماڻهو، هندو ۽ مسلمان، صبح کان وٺي شام
تائين اتي ئي مانيون پچائيندا، اتي ئي کائيندا ۽
خوشيون ڪندا هئا. انگريزي ڪوٺيءَ جا اهلڪار انهن
خوشيءَ وارن ڏينهن تي ڪم ڪري ئي ڪونه سگهندا هئا،
ڇاڪاڻ ته جيئن رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته هي ڏينهن چريائي،
لُڙبکيڙي ۽ گوڙ گهمسان جا هوندا هئا. عيد وارن
ڏينهن تي ڪمپني پنهنجي ملازمن کي بخشش ڏيندي هئي ۽
اتان جا ماڻهو موڪل ملهائڻ هليا ويندا هئا.(1)ڪرو
ٻڌائي ٿو ته: ماڻهو رات ڏينهن ويهي تماڪ ڇڪڻ ۽
ڪچهرين ڪرڻ جا ڏاڍا شوقين هئا. ڪنهن نه ڪنهن طريقي
سان نشي ڪرڻ متعلق هي چوي ٿو ته: ”هر قسم جا ماڻهو
ڀنگ، جيڪا هڪ جهنگ جي ٻوٽي آهي، اُن جا عادي آهن.
اهي جاگري (ڳڙ) ۽ کارڪن مان شراب ٺاهيندا آهن ۽
خوشبودار مصالحن سان ان کي خوشبودار بڻائيندا آهن
۽ گهڻي مقدار ۾ پيا پيئندا آهن. خاص طور تي هندو
هن جا گهڻا شوقين آهن. سنڌي راڳ جا به ڏاڍا ڪوڏيا
ٿين ٿا. هنن ۾ ڳائڻ وڄائڻ جا فنڪار به گهڻا آهن.“(2)
آئين اڪبريءَ به اهڙو ذڪر ڪيو آهي ته سنڌي ڳائڻ ۽
وڄائڻ جا بي انتها شوقين آهن ۽ کين عشقيه راڳ گهڻو
وڻندو آهي.
ڪِرو ٿولهه بابت پنهنجي ذاتي راءِ ڏيندي لکي ٿو
ته: ٿلها اهي ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي آرام سان
گذاريندا هوندا، سست ۽ آلسي هوندا. هو خوراڪ ۾
گهڻي کير جي استعمال کي ٿولهه ڏانهن منسوب ڪري ٿو.
هو ٻڌائي ٿو ته ڀريل ۽ گولائيءَ مائل بدن کي پسند
ڪيو ويندو هو ۽ ان کي خوبصورتيءَ ۾ شمار ڪيو ويندو
هو. هو چوي ٿو ته شهزادا، بلوچ سردار ۽ دربار جا
آفيسر، يورپي ڪرسين جي ماپي کان تمام گهڻا ڀريل
هوندا هئا. 1837ع ۾ ڪارليس چوي ٿو ته گهڻن وڏن
شهرن ۾ ناچڻيون ڇوڪريون هونديون هيون. رهواسين جي
اهائي وندر هوندي هئي ته هو تيستائين وڏا وڏا حقا
پيا پيئندا هئا، جيستائين انهن جي سرور ۾ مدهوش نه
ٿي وڃن تيستائين اهي عورتون سندن آڏو پيون ناز ۽
نخرا ڪنديون هيون. نشو پوءِ اهو شراب جو هجي يا
ڪنهن ٻي شيءِ جو، پر بيشڪ ملڪ مٿان ڦٽڪار هو.
جهانگير شراب پيئڻ تي سزا لاڳو ڪئي هئي پر هو پاڻ
پنهنجي ٺاهيل قانون جو احترام ڪري ڪونه سگهيو ۽
مسلمان امير ۽ نواب شراب پيئڻ جا وڏا شوقين هئا.
اورنگزيب جي زماني تائين اها برائي گهڻو وڌي چڪي
هئي ۽ ان برائي کي بند ڪرڻ لاءِ هن سخت قدم کنيا.
هن جا سخت قسم جا قانون جيڪي لاڳو ڪرڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا
هئا، پر ڪنهن حد تائين ضرور ڪامياب ويا هئا.
جيستائين سنڌ جو تعلق آهي ته بهرصورت اهو يقين
ڪونهي ته هتي به ڪجهه اهڙيون ئي حالتون هيون. پر
برٽن جي شهادتن مان ته اهو ٿابت ٿئي ٿو ته نشي جو
آزار کلئي عام ۽ وڏي پيماني تي هو.(1)
غريب طبقو گهڻن ئي شرابن ۽ ڪڪوهه جو پيچڪاه (ٺرو)
(Dregs)
پيئندا هئا. اهي سستا هوندا هئا، پر مهلڪ به ڏاڍا
هئا. خاص طور تي شراب جا ٻه قسم هوندا هئا. ڳڙ جو
دارون جيڪو ڳڙ ۽ ٻٻر جي ڇوڏن مان ٺهندو هو، ٻيو
هوندو هو ڪَتَلَ جو دارون، جيڪو ڪَتلَ مان ڪڍيو
ويندو هو. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪي شراب هوندا
هئا، جيئن انگوري شراب جيڪو حيدرآباد، سيوهڻ ۽
شڪارپور ۾ جڙندو هو، جنهن ۾ ڳڙ ملايو ويندو هو.
سؤنفي، جيڪو سؤنف ۽ ڳڙ جي ست مان جڙندو هو. مشڪي
شراب ۾ مشڪ ۽ ٻيون شيون ملائي خوشبودار ڪيو ويندو
هو. ترنجي شراب، ترنجن جون کلون ملائي تيار ڪيو
ويندو هو.مصري شراب، مصريءَ مان جوڙيو ويندو هو ۽
گلابي شراب خوشبودار هوندو هو. ان شراب ۾ گلاب جو
پاڻي ملائي خوشبودار ڪيو ويندو هو ۽ ڪيسري شراب کي
زعفران ملائي خوشبودار ڪندا هئا. غريب ماڻهو عام
شراب پيئڻ بجاءِ وڌيڪ تيز نشن جا عادي هئا ۽
هندستان جي سائي ٻوٽي ڀنگ مان تيار ڪيل شين سان
ماڻهوءَ جون نشي ۾ متيون ئي منجهي پونديون هيون.
انهن مان خاص طور تي ڀنگ هئي، جنهن کي سنڌي
’سوايو‘ يا ’سکيو‘ ڪري سڏيندا هئا. جنهن ۾ ڀنگ جي
ٻوٽي جا پن، ٻج يا ٻوهو به شامل هوندو هو. جنهن کي
گهوٽي ڇاڻي، پاڻي يا کير سان گڏي پيئندا آهن.
گانجو به خس خس جي ٻوٽي ڏوڏيءَ مان بنائيندا ۽ حقي
۾ ڇڪيندا آهن. چرس ڏوڏيءَ جو کؤنر هوندو آهي، جيڪو
تماڪ سان گڏ ڇڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن ان جي ليئي
بنائبي آهي ته کائي به سگهبو آهي. ان کان سواءِ
ڏوڏيءَ جو کير، چرس ۽ ڌاتوري جو ٻج کنڊ يا مٺاين
سان ملائي به کائيندا آهن. خس خس يا ڏوڏيءَ جي ٻج
۽ زهريلي ڌاتوري
(Stramonium)
جي ٻج کي ملائي مٺايون تيار ڪرڻ وارا حوائي ان کي
مٺاين ۾ ملائيندا آهن. ڪوهي ڀنگ
(Henbane)
به ڀنگ جو ئي هڪ قسم آهي، جنهن کي گداگر فقير
استعمال ڪندا آهن، انهي لاءِ ته جيئن سندن عقل ۽
شعور هليو وڃي ۽ مٿن وجد ۽ حال پيدا ٿي وڃي، جيڪو
زهر چين جي رواج موجب کاڌو ويندو هو پر ڇڪيو ڪونه
ويندو هو. جيئن ارڙهين صديءَ ۾ انگلينڊ ۾ پاڻي
مليل شراب ۽ جَوَن مان ٺهيل شراب جا اڏا هئا، تيئن
سنڌ ۾ وري ديرا يا نشي جا آکاڙا اوتارا هر وڏي شهر
جي ٻاهران نظر ايندا هئا، جتي ڀنگ جي موالين جا
ميلا متا پيا هوندا هئا. سندن واسطو غريب طبقي سان
هوندو هو، انهن ۾ ٿورا ڪي سيد، ڪي منشي ۽ جلالي
قسم جا فقير به ايندا هئا.
برٽن چوي ٿو ته هر وڏي شهر جي ڀرسان پنجاه سٺ اهڙي
قسم جا نشي جا اوتارا هوندا هئا ۽ انهن جا رکوالا
هر آئي ويئي کان لٽو ڪپڙو، پيسو پنجڙ به وٺندا هئا
۽ مٿن الزام هو ته هر ڳڀرو جوان کي نشي تي لاهڻ
لاءِ جتن پيا ڪندا هئا.(1)
اهڙي قسم جي وندرُ ۽ ورونهن انساني معاشري جي
تباهيءَ جو ڪارڻ هوندي آهي، اهو صحيح آهي پر ان
مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو غريب
هئڻ جي باوجود پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ڪونه ڪو طريقو
اختيار ڪيو ويٺا هئا ۽ وٽن ٻيا به طريقا هئا: سنڌي
خوش مزاج ۽ خوشيءَ جا طالبو انسان هئا. ۽ اهي
ڪيترن ئي قسمن جي صحت بخش وندر جا شوقين آهن. انهن
مان خوشحال ماڻهو شڪار ڪرڻ جا ڏاڍا شوقين هئا ۽
ملڪ ننڍڙن جهنگلي جانورن سان ڀريو پيو هوندو هو.
هئملٽن جي چوڻ مطابق ته انهن جا گهوڙا ننڍا پر
تکا، سهنجا ۽ ڏاڍا ڦڙت هوندا هئا. هرڻ، سانبر، سها
۽ لومڙيون سندن جهنگلي شڪار آهن ۽ اهو شڪار ڪتن،
ننڍڙن جنگلي واگهن ۽ ننڍن خطرناڪ جانورن ذريعي
ڪندا آهن جن کي هو شوگوس
(Shoogoose)
چوندا آهن شڪار ڪرڻ لاءِ بيشمار مور، ڪبوتر، ڳيرا،
بدڪون، آڙيون، ڦارائو بدڪون، هنج، ڦوليارا، تترَ ۽
ننڍڙا تلور
(Plover)
پکي آهن، جن کي هرڪو پيو شڪار ڪري.(1)
ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌو درياه
جي ڪنارن سان اهڙا شڪارگاه ڪونه هئا، جن ۾ ٽالپر
مير پنهنجو سڄو وقت گذاري ڇڏيندا هئا. جن کي يورپي
سياحن کي ڏسي ڄڻ ڪراهت ايندي هئي، اوڻويهين صديءَ
جي شروع ۾ انهن ٻيلن کي ايتري ترقي وٺرائي ويئي
جيتري هنن کان ممڪن ٿي سگهي. اهو چوڻ به غلط ٿيندو
ته ڪلهوڙن جي زماني ۾ شڪارگاه بلڪل ئي ڪونه هئا،
جڏهن ته هنن وٽ هيڏو شاهي ملڪ هو. مهاڻا ۽ ٻيا
قبيلا جيڪي درياه جي پاڻيءَ ۾ رهندا هئا. جن کي
پاڻيءَ جي پکين کي شڪار ڪرڻ لاءِ ڪي بندوقون ڪونه
هيون، تن پنهنجي شڪار ڪرڻ لاءِ انوکيون اٽڪلون
ڪيون هيون، جهڙوڪ: گهوٻاٽن سان، نيزن سان، پکين
جهڙا بوتا ٺاهي ۽ بدڪن کي اٽڪل ڪري هٿن سان پڪڙڻ
جا طريقا شامل هئا. اهي مهاڻا ننڍن پکين کي مارڻ
کان بچائيندا هئا، جيڪي وڏن پکين جيان اڏري جان
بچائي ڪونه سگهندا هئا. بازن سان به شڪار ڪيو
ويندو هو. سنڌي زبان ۾ هنن شڪار جي طريقن ۽ نمونن
جا ڪيترائي لفظ آهن. گهوڙن ۽ اٺن جي سواري به عام
جام هئي. گهوڙن جا سنڌي سوار گهوڙن کي ڏاڍي ناز
سان هلڻ سينگاريندا آهن. انهيءَ هلڻ جو طريقو زمين
جي ناهموار سطح جي ڪري ٺيڪ هو، ڇو ته هتان جا رستا
سوڙها ۽ وَروَڪڙ ۽ ڊاٻ وارا هوندا آهن. منجهن کڏا
کوٻا به جام هوندا آهن، جتي ٽپال يا سرپور ۾ ڀڄندڙ
گهوڙو پنهنجو ٽنگون ڀڃائي ويهندو. انهيءَ نموني وک
کڻڻ جي سنڌي انداز سان گهوڙو زمين تي وڏا قدم گهڻي
پنڌ تائين ڀري سگهندو آهي. گهوڙي جي اگهاڙي پٺيءَ
تي سواري ڪرڻ به عام آهي. جنهن ۾ حاضر دماغيءَ جي
ضرورت هوندي آهي. قابليت جو اهڙو جوهر سنڌ ۾ هن
وقت به موجود آهي. گهوڙن ۽ اٺن ڀڄائڻ ۾ شرط رکڻ به
سنڌ ۾ عام آهي، جن تي شرطون رکي جوا به کيڏي ويندي
آهي. جوا جو هيءُ طريقو مغربي ملڪن کان ڪونه سکيو
ويو آهي. پولو، جيڪا اميرن جي هڪ وڏي راند هئي، سا
سنڌ ۾ ڪانه کيڏي ويندي هئي. ان جو ذڪر ڪٿي به ڪونه
ٿو ملي ۽ ان کي هڪ مقامي راند طور سڃاتو ئي ڪونه
ٿو وڃي. جڏهن ته اها سبيءَ واري ايراضيءَ ۾ اڃان
تائين کيڏي وڃي ٿي. وندر جا سولن طريقن ۾، گهڻائي
نمونا هئا، جنهن ۾ لغڙ اڏائڻ به شامل آهي ۽ هر قسم
جا ماڻهو ان ۾ حصو وٺندا هئا ۽ ان جو پنهنجو هڪ
طريقهءِ ڪار آهي. ڪبوتربازي ڪرڻ ۽ انهن تي شرط
رکڻ، ڪڪڙبازي ڪرڻ ۽ انهن تي شرط رکڻ، گهيٽا
ويڙهائڻ ۽ انهن تي شرط رکڻ ۽ اهڙي قسم جون وندرون
دائرن تي عام هونديون آهن. سنڌي طريقي واري ڪُشتي
يعني ملهه وڙهڻ به ايتري ته عام هئي جيتري قدر
هاڻي آهي. جڏهن ته هن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته سنڌ
۾ وڌ ۾ وڌ مشهور آهي. هن راند جا وڏا کيڏاري
آفريڪا جا شيدي هئا، جيڪي اصل ۾ حبش کان غلامن طور
آندا ويا هئا. پوءِ آهستي آهستي ان ۾ ڳوٺن جا اهڙا
پهلوان جوان داخل ٿيندا ويا جن جو تعلق زراعت سان
هو. اها ملهه وڏي مهارت جي تقاضا ڪري ٿي ۽ منجهس
وڏيءَ هوشياريءَ ۽ حرفت سان اڙي ۽ ٻنُ هڻڻ جي
ضرورت هوندي آهي. ان ۾ خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته
سرسي ڪندڙ ملهه پنهنجي مخالف کي هروڀرو پٺيءَ ڀر
ڪونه پاڇاڙيندو آهي. بس جيڪڏهن مخالف جا گوڏا
جهڪيا ته معاملو ختم. سنڌ جي ملهه سچ ته هڪ مڙساڻي
راند آهي ۽ خطري کان خالي ڪونه هوندي آهي ۽ مخالف
هڪٻئي کي ڏاڍي زور سان زمين تي اڇلائيندا آهن.
انهن ملهن جي سکيا يا تربيت ڪجهه هن قسم جي هوندي
آهي ته، هو ڊوڙندا آهن، ٽپ ڏيندا ۽ هڪ ٽنگ تي منڊڪ
منڊڪ ڪري هلندا، پڃري کڻندا، لٺ پنهنجي ڪاراين تي
ڀڃيندا، پنهنجي مخالف کي پنهنجي مُٺ کولڻ لاءِ
چوندا آهن. اڄ ڪلهه به ملهه کي وڏو هجوم ڇڪڻ جي
طاقت آهي، ٿورن ڪلاڪن جي اطلاع تي ماڻهن جا انبوهه
اچي ڪٺا ٿيندا آهن ۽ ڏسندڙن کي سٺي داءُ پيچ جي
خبر آهي. عام هندستاني رانديون جيڪي هندستاني ٻار
کيڏيندا آهن، سي سنڌ ۾ به کيڏيون وينديون آهن.
هلڪي قسم جون وندرون ٻيون به آهن جيئن شطرنج
(Chess)
نارد
(Backgammon)،
پنجويهه ڍارا
(Dice)
چوپڙ، کنجيفا يا پتا
(Cards)
۽ ٻين قسمن جون ڪيتريون ئي جوا جون رانديون، جن ۾
عورتون به وڏي مهارت رکن ٿيون. جيڪڏهن برٽن جي
ڳالهه تي اعتبار ڪجي ته آخر ۾ لوڪ ناچ آهي، جنهن
جي حوالي سان سنڌ وٽ ڪيترن ئي قسمن جا لوڪ ناچ هئا
۽ اڃان به ڪيترن قسمن جا آهن، جنهن ۾ هر طبقي جا
ماڻهو وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا آهن. انهن جي پير
کڻڻ ۾ ايڏو ربط هوندو آهي، جو اهي ناچ گهڻيءَ مشق
کان پوءِ سکي سگهبا آهن. لوڪ ناچ ڏاڍو مشهور هو ۽
مقامي لوڪ سازن جي سنگت ۾ سرانجام ڏنو ويندو هو،
جنهن ۾ شرناءِ، دهل، جهانجهه جي شرڪت لازمي هوندي
هئي، بعضي ان ۾ يڪتاري ۽ سارنگيءَ جو به اضافو ڪيو
ويندو هو. جن کي وڄائڻ ۾ سنڌي ڏاڍا ماهر هوندا
آهن. ان ڳوٺاڻيءَ وڄت ۾ دلي کي وڏي اهميت هوندي
آهي، جنهن کي هٿ سان وڄايو ويندو آهي ۽ ان کي
مختلف سر ۽ تال ۾ وڄائي وڌيڪ موهيندڙ بنائي سگهبو
آهي. سو اهڙي ريت هتان جي سادن سودن ماڻهن پنهنجي
تفريح جي لاءِ ڪيترائي طريقا پيدا ڪري ورتا آهن،
جيڪو ڳوٺاڻي جيوت جو مخصوص انداز آهي، جنهن سان هو
ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ کي خوشي ۽ صحت مهيا ڪن ٿا.
جيڪڏهن مغل ۽ ڪلهوڙا دور جي غريب طبقي جي زندگين
جي صحيح ۽ چٽي عڪاسي ڪئي وڃي ته مورلئنڊ جي سنڌ جي
سماجي حالتن متعلق چٽيل اونداهي تصوير جي اثر کي
ختم ڪري سگهجي ٿو.
|