سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڀٽ جو شاهه

باب: --

صفحو :11

باب پنجون

 

رعايت يافته طبقا

 

(الف) رعايت جو عمل دخل- زميندار طبقا

مغل شهنشاهيت خوف ۽ لالچ واري طريقهءِ ڪار سان هلائي ويئي هئي. حالتون سگهارن کي، هيڻن کان هٿي وٺڻ تي مجبور ڪنديون هيون، نه ته ٻيءَ حالت ۾ مغل انتظاميا هلي ئي ڪونه سگهي ها. جنهن جي معنيٰ ٻڌي حساب سان رعايتن جي پيداوار هئي. ڪلهوڙا به مغلن جي طريقهءِ ڪار جا ڪمزور پيشرو هئا، جن کي ڪا مضبوط پٺ ڪانه هئي ۽ سندن ڪڍ اڻ پڙهيل ڄٽ ماڻهن جو پُرجوش گروه هو، انهن به رعايت يافته طبقن تي دارومدار ٿي رکيو. ڪلهوڙن جو اهو دستور هو ته بزرگن ۽ فقيرن وارن طبقي جي بي انتها عزت ڪندا هئا ۽ پيرن، سيدن ۽ درويشن کي عزت ۽ احترام جي نگاهن سان ڏسندا هئا. ان کي ارڙهين صديءَ واري سنڌ جي خاصيت چئي سگهجي ٿو. مغل ۽ ڪلهوڙا دور جا رعايت يافته طبقا (سرڪاري اعليٰ آفيسرن کانسواءِ) جاگيردار، زميندار سيد، پير، فقير، درويش ۽ بلوچ قبائلي سردار هئا، جن سان دشمني ڪري نه پئي سگهجي(1) بلوچن کي هڪ رعايت يافته طبقي طور اهميت ڪلهوڙن جي دور کان اڳ ۾ ڪڏهن ڪانه ملي هئي. جيتري قدر معلوم ٿي سگهيو آهي سنڌ ۾ زمين تي قبضو ۽ دخل هميشه جاگيرداراڻو رهيو آهي. سڀني جاگيرداراڻن نظامن ۾ هڪ مطلق العنان جاگيردار، پاڻ کان ننڍي کي جاگير بخشي پنهنجي وفاداريءَ لاءِ پنهنجي آڏو جهڪائيندو آهي. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي بخششن گهڻيون شڪليون ۽ صورتون بدلايون. هن طريقهءِ ڪار ۾ به اهم طبقا، هڪ جاگيردار جنهن کي جاگير ڏني ويندي هئي، ٻيو زميندار هوندو هو، جيڪو مقرر قيمت ڏيئي زمين جو مالڪ بڻبو هو. سنڌ ۾ جاگير لفظ جي معنيٰ گهڻن ئي قسمن جي ملڪيت جي مالڪيءَ لاءِ استعمال ٿيندي آهي، پر حقيقي معنيٰ ۾ جاگيردار زمين جو خطو بنا ڪنهن معاوضي جي وٺندو هو ۽ جيڪڏهن معاوضو ڀريندو هو ته به ٿورو ۽ هوڏانهن ساري زمين جي ڍل پاڻ وٽ وصول ڪري رکندو هو. جاگيرون خاص طور تي انهن سردارن کي ڏنيون وينديون هيون، جيڪي هٿياربند محافظ مهيا ڪري ڏيندا هئا. اهي انهن اهلڪارن کي به ڏنيون وينديون هيون، جيڪي سرڪاري فرض ادا ڪندا هئا. اهي گهرو ملازمن کي به ملنديون هيون، عام دربارين کي شاهي دربار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ملي وينديون هيون. جاگير ۽ انعام جي وچ ۾ بهرحال فرق هوندو هو، جاگير سان ڪي شرط به هوندا هئا جيڪي جاگيردار جي مرڻ کان پوءِ ختم ٿي ويندا هئا ۽ سَنَد واپس ورتي ويندي هئي ۽ حڪمران جي مرضي مطابق سندس وارث کي موٽائي ڏني ويندي هئي. انعام هڪ قسم جو تحفو هوندو هو، جنهن تي دعويٰ ڪري ڪانه سگهبي هئي. جاگير ۽ انعام  ۾ ڏنل زمين جو، سن 1843ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر تخمينو(1) لڳايو ته اها ڪل سرڪاري زمين جو ڏهون حصو هئي.(2) جاگير ڏيڻ ۾ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي هئي سا ڦرندڙ گهرندڙ هوندي هئي. مسٽر ايلس پنهنجو ذاتي رايو ڏيندي لکيو آهي، ”جيتوڻيڪ ٽالپر پنهنجن خادمن ۽ رفيقن کي جاگيرون ڏيڻ جا سخي هئا پر پاڻ کان اڳين، ڪلهوڙن جي ڏنل جاگيرن کي بحال ڪري ڏيڻ ۾ ايڏا سخي ڪونه هئا. ڪجهه جاگيرون شڪارپور جي علائقي(ضلع سکر) ۾ ملن ٿيون پر اُهي تڏهوڪي وقت جون آهن، جڏهن اتر سنڌ افغانن جي هٿ هيٺ هئي. افغان آبادڪار، جن کي پنهنجيءَ حڪومت اتي وسايو ۽ ورسايو هو، تن اتان جي اصلوڪن رهواسين کان ۽ ڪي سرڪار کان آباد زمينون خريد ڪيون. نَوَن آبادڪارن ٿوري ڍل ڏيڻ واسطي پنهنجي هم قوم حڪمرانن کي درخواستون موڪليون … ان کان پوءِ انهن ليز تي (پٽي تي) ڪجهه زمينون کيڙڻ لاءِ کنيون، جن جو معاوضو يا ته بلڪل ٿورو هو يا سرڪار طرفان معافي مليل هئي. جڏهن سنڌ انگريز سرڪار ۾ ضم ٿي ويئي ته برٽش سرڪار ٽن قسمن جي زمينن جون داخلائون رکندي هئي. هڪڙيون اهي جاگيرون هيون جيڪي ڪنهن پراڻي دور کان هلنديون پئي آيون، تن کي وراثت جي طريقي تي هلڻ جي اجازت ڏني ويئي. ٻيون پٽيداري تي ڏنل پراڻي زماني جون زمينون هيون ۽ ٽيون اهي زمينون جيڪي مذهبي نقطهءِ نگاه کان وقف ٿيل هيون. پهرئين قسم جون جاگيرون گهڻو ڪري اهي هيون جيڪي اهم بااثر بلوچ سردارن کي ڏنيون ويون هيون. اتر سنڌ ۾ جيڪي پٽي تي ڏنل زمينون هيون، سي سڀ پٺاڻ آبادڪارن کي نادر شاه جي وقت کان ڏنيون ويون هيون، ۽ ڪن کي ارغونن ۽ ترخانن کان به اڳ ۾ ڏنل هيون.(1) پر مان پٽيداريءَ تي ڏنل زمين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ معاملي کان ضرور واقف آهيان، جنهن جو دعويدار هڪ هندو هو، جيڪو سرڪاري نوڪري ڪندڙ هڪ عامل جي خاندان مان هو.

جيڪي مذهبي يا خيراتي طور تي ڏنل ۽ وقف زمينون هيون سي، مسجدن، پيرن، سيدن، فقيرن ۽ بزرگن جي مرضيءَ مطابق هلايون وينديون هيون. باغن جا وقف به عام جام ۽ فائديمند هوندا هئا. ان وقت جي ڪمشنر هن ريت بيان ڪيو آهي ته: باغ صوبي ۾ عام جام ڏٺا ٿا وڃن ۽ گهڻو ڪري شهرن جي ڀرپاسي ۾ ئي هوندا آهن. اهي مالڪن جا يا انهن جي ابن جا پوکيل هوندا آهن، جي هر طبقي جي ملڪيت هوندا آهن، بااثر بلوچ جاگيردار کان وٺي پٺاڻ پٽيدار تائين ويندي مسڪين فقير ۽ گوسائين تائين سڀني جا باغ آهن. ڪن ۾ وڻن جا جهڳٽا هوندا آهن. اهي گهڻو ڪري سڀ عوام جي فائدي لاءِ هوندا آهن جيتوڻيڪ انهن تي پيسو ۽ پورهيو خانگي طور ڀريو ويندو آهي. اهوئي سبب آهي جو مسافرن کي ڇانَو، فرحت ۽ آرام ملي ويندو آهي.(1) سنڌ ۾ هيٺيان جاگيردار قبيلا نظر ايندا: ٽالپر، نظاماڻي، لغاري، مري، جمالي، ڀرڳڙي، ڀاگراڻي، رند، چانگ، ڇلگري، لاشاري، نوحاڻي، لنڊ، ڪلوئي، جيٽر، تنداڻي، جلالاڻي، کوسا، کوکر، ابرس، کٽياڻ، سيد، پير ۽ پٺاڻ هنن ۾ گهڻو ڪري بلوچ ذاتيون وڌيڪ آهن.

جيڪڏهن جاگيردار رعايت يافته طبقي جا نواب هوندا هئا ته وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ زميندار جو سماجي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار هو. هيءُ سرڪار ۾ ڍل ادا ڪندو هو، هاريءَ کي تقاوي قرض وغيره ڏيندو هو، هاري طبقو هن کي جاگيردارن واري حيثيت ڏيندو هو ۽ هو ان مان گهڻو فائدو ۽ رعايتون به وٺندو هو. هاري پگهر جا پورهيا ڪري سندس زمين آباد ڪندا ۽ پنهنجو حصو کڻندا هئا. هن وٽ زندگي خوش گذارڻ لاءِ سڀ ڪجهه هو، سواريءَ لاءِ گهوڙا، ڏيکارڻ لاءِ سينگاريل ڀلا هڪ ٻه اُٺَ، هڪ اوطاق، جتي هو پنهنجي دوستن سان ڪچهريون ڪندو هو. هن جي حقي ۾ ڇڪڻ لاءِ ڀنگ به هوندي هئي ۽ خاص دعوتن ۾ کائڻ لاءِ پلاءُ ۽ گوشت به، زال ذات سان تعلقات به وسيع هوندا هئس، جنهن جا نتيجا سدائين تمام خراب نڪرندا رهيا آهن. زميندار کي پنهنجي زمينداريءَ ۾ هڪ قسم جي آمرانه طاقت حاصل هوندي هئي، جنهن لاءِ هن کي خبر هئي ته ڪٿي ۽ ڪڏهن استعمال ڪجي(1). حقيقت ۾ هيءُ به ڄڻ ڪو ننڍو جاگيردار هو، جنهن جي زمين ڪيترن ئي هم چورس ميلن ۾ پکڙيل هوندي هئي. هو پنهنجا حڪم جاري ڪندو هو، جن جي هڪدم تعميل ٿي وڃڻ جي اميد رکندو هو. پوسٽنس جي چوڻ مطابق ”زميندار کي آزادي هئي ته هو پنهنجي زمين ڪنهن به ڌر کي مقاطعي تي کيڙڻ لاءِ ڏئي پر ڍل لاءِ هو اڪيلو ئي ذميوار رهندو هو.“(2) هر ڪَميءَ ڪاسبيءَ کي ڪم جي بدلي اَنُ ڏيندو هو، ڀلي پوءِ اهو هر ٺاهڻ وارو ڊکڻ هجي يا بٽئي وقت ان تورڻ وارو پٽواري (Patwari). ڪن جاين تي عوامي ڪمن لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي چونڊيندو هو. جنهن کي مخادم يا ارباب سڏيو ويندو هو ۽ اهو خطاب سنڌ مان اڃان ختم ڪونه ٿيو آهي. ڳوٺ جي ديهه جون حدون هونديون هيون پر زمينن جون حدون مقرر ڪونه هونديون هيون. زمين رکڻ جي نوعيت هندستان جي ٻين علائقن جيان هوندي هئي، يعني ان وقت تائين جيستائين مقرر اگهه تي ڍل ڏني ويندي هئي. معاملو انفرادي طور تي زميندار سان طئي ڪيو ويندو هو.مجموعي طور ايئن تمام گهٽ ڪنهن ڳوٺ سان ڪبو هو. زميندار جو آهي به ذميواريون هونديون هيون ته هو مجرمن کي ڳولي گرفتار ڪرائي.هن جو جاسوسيءَ جو طريقهءِ ڪار ڏاڍو سٺو هوندو هو. هن کي پنهنجي زمينداري يا ڀرواري زمينداريءَ جي چورن جو پتو رهندو هو. جتي چوپائي مال جي چوريءَ جو ڌنڌو بنا ڪنهن روڪ جي پيو هلندو هو. زميندار کي عام طرح ايتري طاقت هوندي هئي، جو چاهي ته پنهنجي مخالف کي قتل ڪرائي سگهي ۽ اهو هميشه ڏاڍو مشڪل هو جو انهيءَ قتل جو اصل ذميدار جهلجي پوي. بهرصورت زميندار کي ڏوهن جي جاچ ۾ مدد نه ڪرائڻ جا ڪيترا سٺا سبب هوندا هئا.اهي شاهد طور ميدان تي اچي ڪنهن هڪ ڌر جو پاسو وٺڻ تي مجبور ٿي پنهنجي آبروءَ کي گهٽ ڪرڻ ڪونه چاهيندا هئا. اهي گهڻو ڪري بي عزتيءَ جو نشانو بڻبا هئا ۽ بي ايمان پيرين جي رحم ۽ ڪرم تي هوندا هئا.جيڪي مجرمن جي پيرن جا نشان انهن جي زمين تائين وڃڻ جو الزام هڻندا هئا. ان کان سواءِ جيڪڏهن کيس اڻ سڌي طرح ڪنهن جرم ۾ ملوث ڪيوويندو هو ته هن کي ڪاردار، مختيارڪار، ڪوٽوال يا عامل وٽ سڏ تي، پيش نه ٿيڻ لاءِ ڪيترا سبب به هوندا هئا. ٻهراڙي وارو علائقو زميندار جي رتبي جي اهميت کي مڃيندو هو ۽ سندس حيثيت مطابق مان رکڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو هو. سندس حيثيت، پنهنجي هارين وٽ هڪ وڏي ۽ پيءُ جهڙي هوندي هئي ۽ هن جو اثر سندن زالن تان جهيڙن ۽ چوپائي مال جي چوريءَ جي اَکٽُ معاملن جا فيصلا ڪرڻ ۾ سدائين پيو استعمال ٿيندو هو. هيءَ هڪ قسم جي ٻهراڙيءَ سان لاڳاپيل هڪ معزز شخصيت هئي، جنهن جي تعاون سان زرعي گڏيل سهڪار ممڪن ٿي سگهيو پئي۽ ڪنهن حد تائين سندس زبان مان نڪتل اکر کي قانون جي حيثيت حاصل هوندي هئي.

(ب) مذهبي عمل دخل

جاگيردار سان لاڳاپيل رعايت يافته طبقي جو ذڪر ٿي چڪو، هاڻ اسان هن کان وڌيڪ خطرناڪ، ديني بزگن واري رعايت يافته طبقي جو ذڪر ڪنداسون. سنڌ ۾، بزرگن ۽ فقيرن جو ايڏو ته احترام ڪيو ويندو هو ۽ کين ايترو ورسايو ويندو هو،جنهن جي حد ۽ حساب ته هوئي ڪونه. اها سنڌ جي معاشرتي جوڙجڪ جي ڪا گهڻي اطمينان جوڳي روش ڪانه هئي. ملتان جي لاءِ فارسي زبان ۾ هڪ پهاڪو آهي. جيڪو سنڌ واسطي به ٺهڪي اچي ٿو ته ’هي علائقو بي انتها گرميءَ، ڌوڙ، پينو فقيرن ۽ مقبرن جو جُڙيل آهي.‘ اها چوڻي مغل دور ۾ هڪ حقيقت هئي ۽ پوءِ ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دورن اڃان به وڌيڪ حقيقت ثابت ٿئيٿي. انهن حقيقتن ۾ ڪو اختلاف ڪونهي ۽ اهي يقين ڏياريندڙ آهن. سيد، فقير، پير، پيرزادا، قلندر، صوفي ۽ ٻيا اهڙا ڪيترا هن ڌرتيءَ جي اصل طاقت بڻيل هئا.ڪوبه حڪمران هنن کي نظرانداز ڪرڻ جو خطرو ڪونه کڻندو هو ۽ سڀ انهن کان ڊڄندا هئا. انهيءَ جو سبب سنڌي مسلمان هاري يا هيٺئين طبقي جي خاص نفسيات هئي. پير ۽ مرشد جي آڏو مريد پاران تقدس ۽ احترام مان هٿ جوڙ سنڌ جو ڄڻ معاشرتي مذهب هو، اهو طريقو اسلام جي شروعاتي دور سان ملي ٿو ۽ پوءِ اهڙو احترام ۽ تقدس گهٽ مسلمانن ۾ ملي ٿو. سر اليگزينڊر برنس ٻڌائي ٿو ته: ”هڪ نئين ماڻهوءَ جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وقت هڪ خاص ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪجي وڃي ٿو، سو آهي اتان جي ماڻهن جي مذهبي طريقي ڏانهن بي انتها رغبت، جيئن عرب جي پيغمبر کي به هئي. مان هڪ ٻيڙائتي کي ڏٺو، جنهن درياه ۾ سخت تڪليف سان اوڀاري ويندڙ ٻيڙيءَ کي هلائڻ ڇڏي، آلن ڪپڙن ۽ مٽيءَ هاڻي بدن سان وڃي نماز پڙهي. ننڍڙن ڳوٺن ۾ به ٻانگي جي ٻانگ ٻڌبي آهي، جيڪو مومنن کي پيو سڏيندو آهي. مسلمان جڏهن اهو آواز ٻڌندا آهن ته هر ڪم گهڙي کن لاءِ ڇڏيندا اهن ۽ جڏهن ٻانگ ختم ٿي ويندي آهي تڏهن ’آمين‘ چئي ان سڏجي پڄاڻي ڪندا آهن(1). اها هڪ تعريف جوڳي شيءِ آهي ۽ اسلام لاءِ گهرو ۽ دلي احترام جو جذبو ڏيکاري ٿي پر عملي نتيجا همت افزا ڪونه هئا.

ڊاڪٽر برنس چوي ٿو ته: ”سموري ايشيا ۾، بلڪ ڌرتيءَ جي گولي تي ايتري قدر ملائيت جو شڪار ٻيو ڪوبه ملڪ ڪونهي، اهو به چيو ويندو آهي ته هتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک بزرگن جا مقبرا آهن.“ مئڪمردو تخمينو لڳايو هو ته حڪومت جي محصول جي آمدنيءَ جو پورو ٽيون حصو هي فقيراڻو ٻيڙو کائي هضم ڪري ٿو ڇڏي. ڪلهوڙا دور جي خاتمي کان پوءِ ڪِرو لکي ٿو:(1) ”اسلام جي تبليغ کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ جوش ڪونهي، عيد ملهائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو جذبو ڪونهي، سيدن کي کارائڻ کان سواءِ ٻي ڪا مرضي ڪانهي، پراڻن مقبرن کي سجائڻ سينگارڻ کان سواءِ ٻيو ڪو شوق ڪونهي.“

ايليٽ چوي ٿو: ”فتح کان وٺي عربن جي حڪومت واري سڄي دور ۾ سنڌ جي گهڻي زمين ڪن مقدس جڳهن ۽ ادارن کي وقف طور عطا ڪري ڏني ويئي هئي، انهن مان ڪجهه باقيات آهن، جن جي تاريخ جي ڪنهن پراڻي دور سان وابستگي آهي. سيد خاندان جي وڏي آدمشماري عليءَ جي مهاجرن جي خاندان مان آهي. جن جي پوين مان ڪي اچي لڪياري (لڪ علوي) ۾، ۽ ڪن مٽياري (يعني متعلوي) ۾ آبادڪاري ڪئي، ڪي وري سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جا مجاور ٿيا ۽ وڏي اثر رسُوخ وارا ماڻهو بڻيا. ڪيترن اوڀر هندستان جي سيدن موجب سندن وڏن پهرين اچي سنڌو ماٿر يا بکر ۾ لڏا لاٿا هئا.“(2) عوام سيدن جي ڏاڍي وهم سان ڀريل عزت ٿي ڪئي. برنس چيو ٿو: ”جيڪڏهن ڪو مسڪين ترين ۽ اڀاڳو ماڻهو به پاڻکي مقدس خاندان مان سڏائي وجهي ته سندس سماج ۾ وڏو رتبو ٿي ويندو ۽ هن جا جاوا ٿي ويندا. ماڻهن جا ميڙاڪا جيڪي مون وٽ دوائن لاءِ ايندا هئا سي سيدن کي اڳ ۾ جاءِ ڏيندا هئا. ڪوبه ماڻهو ڪنهن سيد کي نه گار ڏيڻ جي جرئت ڪري سگهندو نه ڌڪ هڻڻ تي دل ٻڌي سگهندو هو، ڇو ته کيس عوام هٿان ڳڀا ڳڀا ٿي مري وڃڻ جو خطرو هو. سو اهڙين رعايتن ۽ سهولتن جي ڪري هو چوڌاري ڀروارا ملڪ ڇڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿين ٿا ۽ هو هتان جي غريبن مٿان مستقل ۽ وڏو بار آهن.“(1) هن جو ڀاءُ سر اليگزينڊر برنس چوي ٿو: ”جيترا فقير سنڌ ۾ آهن، ايترا ايشيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه آهن. انهن کي ’پينو فقير‘ مشڪل سان ئي چئي سگهجي ٿو، ڇو جو اهي ميڙاڪن جي صورت ۾ خراج وصول ڪندا آهن ۽ وڏي ٺاٺ ۽ دهمان سان دڙڪا به ڏئي ويندا آهن. انهن مان عام نمونو ته اهو به هوندو آهي ته اهي پنهنجيءَ جاءِ جي مٿينءَ ماڙ تي سڄو ڏينهن ويهي تسبيح تي ’الله‘ جو نالو جپيندا آهن ۽ ايترو جپيندا آهن جيتري سندن زبان کي طاقت هوندي آهي.“

ڪيپٽن ڊيل هوسٽي به هن رعايت يافته طبقي جي روش متعلق ٻڌائي ٿو: هنن کي پاسن ۾ تلوار ۽ ڍال لڙڪيل هوندي هئي. گهوڙي تي سوار ٿي اهو اعلان ڪندا هئا ته تيستائين اتان هڪ تِر نه چُرندا جيستائين کين هڪ سو کان 150 رپيا نه ڏنا ويندا. اهي نفيل وڄائي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندا، گهنڊ ۽ گهڙيال وڄائيندا. دهلن کي زور سان ڊم ڊم ڪرائيندا، وڏي آواز سان پيا پڪاريندا هئا. ڊيل هوسٽي هڪ سيد جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو انگريزي سفير جي تنبوءَ جي ٻاهران ويهي سفير کي چئي رهيو هو: ”اي فرنگي ايلچي، مون کي 100 رپيا ڏي نه ته هتي سڄو ڏينهن ويٺو رهندس، جيڪڏهن تون مون کي سؤ رپيا ڏيندين ته مان مير مراد علي خان کي اوهان جي سفارش ڪندس ۽ جيئن تون چوندين ايئن ڪندو، جيڪڏهن نه ڏيندين ته اهو تنهنجو مقصد پورو ڪونه ڪندو.“(1) شهرن جون گهٽيون اهڙن ماڻهن جي ميڙاڪن سان ڀريون پيون هونديون هيون جيڪي ضد ۽ ڀنڊي ٻاري وهمي ماڻهن کي بي ادبيءَ سان هر قسم جي دڙڪن ۽ دهمانن ۽ نقصانن کان ڊيڄاريندي وڏا وڏا مطالبا ڪندا هئا. مشهور معروف خانقاهون جيڪي پنهنجي تقديس جي ڪري ڄاتيون سڃاتيون وينديون هيون، تن جو به ساڳيو حال هو ۽ انهن سڀني مان وڌيڪ بدنام سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي مزار (يا وري اڏيرو لعل) هئي، جتي هندو۽ مسلمان مطالبن مطابق سکائون ڏيندا هئا. انهن بزرگن لاءِ وهم ۾ ويڙهيل احترام بابت وڌيڪ روشني ليفٽيننٽ جيمس چانڊڪا جو احوال ڏيندي وڌي آهي، جنهن ۾ هو شاهل محمد ڪلهوڙي جو بيان ڪندي، جيڪو لاڙڪاڻي کان 6 ميل پري فتحپور ۾ شهيد ٿيڻ کان پوءِ بزرگ ٿي ويو هو، چوي ٿو ته: ”هن دربار ۾ مزار جي ڏيڍيءَ ۾ سکائن ۾ ڏنل شيون ٽنگيون پيون آهن. هي سکائون اهي ماڻهو ڏيندا آهن جيڪي ايئن سمجهندا آهن ته سندن دل جون مرادون فقير جي سفارش تي قبول پيون آهن. اهي سکائون گهڻو ڪري لوه جون چَڙيون ۽ ڪوڏين جي لڙهين جي صورت ۾ هونديون آهن. سڄي مزار مهانگي پٽ ۽ زربفت جي اڇي ڪپڙي سان ڍڪيل آهي، جيڪي شاهوڪار ماڻهو سکا طور ڏئي ويندا آهن. ان مزار تان لهڻ کان پوءِ مسڪين مجاور ملندا جن جو فرض اهو آهي ته مزار ۽ دربار کي چڱي ريت صاف رکن. اهي هڪ خاص رقم جو مطالبو ڪندا آهن. جنهن جو ڪجهه حصو هو پاڻ کائي کپائي ڇڏيندا آهن ۽ باقي حصو انهن بزرگن جي خاندان جي غريب فردن کي وڃي ڏيندا آهن.“(1) اهڙا مثال سوين هزارين آهن ۽ ان بابت وڌيڪ وضاحت جي ضرورت ڪانهي.

اهڙي قسم جي جنوني اڻپڙهيل جاهل ماڻهن جو مظاهرو پڙهئي ڳڙهئي مسلمان کي بلڪل پسند ڪونه هوندو هو، جيڪي مداخلت ڪرڻ ۾ پاڻ کي ڪمزور سمجهندا هئا، ۽ کين خبر هئي ته ڪجهه به ڪجي ورندو ڪي ڪين. اهڙي ريت تاريخ طاهري جو مصنف لکڻ ۾ ڪجهه بيباڪ آهي، جنهن ۾ هن ٺٽي جي توهم پرست رهاڪن ۽ سندن ڪريل حرڪتن ۽ انهن درويشن متعلق لکيو آهي، جيڪي شيخ المشائخ پير پٺي جي مزار جي سامهون وجد ۾ اچي ناچ ڪندا هئا. هي ٻڌائي ٿو ته: ”اها رسم اسلامي قانون جي بلڪل برخلاف هئي، ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندي پئي آئي آهي. ڪوبه ڏاهو شريعت جو عالم يا ڪو عقلمند گورنر هن گندي روايت کي بند ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ويو.“ اسلام جي صحيح معنيٰ ۽ شڪل انهن عام مروج، جوش ۽ اعتبار ۾ نه ايندڙ ديوانگيءَ ۾ موجود ڪانهي پر شاه عبداللطيف جي بيحد خوبصورت روحاني شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. اهو تمام غلط ٿيندو جو سنڌ کي اڳئين بيان ڪيل خوبيءَ جي تناظر ۾ ڏسجي پر صحيح اهو ٿيندو ته پوئين حوالي سان سنڌ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪجي. پاٽنگر مسلمان سنڌ جي نفسيات جو احوال ڏيندي هن حد تائين وڃي ٿو پهچي: ”مذهب جو مجموعي اندازو سيدن، فقيرن ۽ ٻين مذهبي درويشن ڏانهن سندن آزاد روش مان لڳائي سگهجي ٿو، جن سڄيءَ سنڌ کي ڀيلي ڀينگ ڪري رکيو آهي ۽ جن جي ڇڙواڳ خواهش ۽ گستاخين کي خود ٽالپر امير به روڪي ڪونه ٿا سگهن. ملڪ ۾ سندن ملڪيتون تمام وڏيون آهن. سيوهڻ، هالا ڪنڊيءَ ۽ ٻين هنڌن تي سندن وڏيون وستيون آباد آهن، جتي کين ٻيڙن تان محصول اوڳاڙڻ جو ۽ اتان گذرڻ جو معاوضو وٺڻ جو به پورو پورو حق آهي.“ مغل ڀين وٽ مڇيءَ تي محصول مسجد جي حوالي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي مثال آهن، جن ۾ بزرگ خاندان کي قيمتي جائداد حوالي ڪئي ويئي آهي. مان سمجهان ٿو، ۽ هن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش به ڪانهي، ته پيرن فقيرن کي نوازڻ وارو رجحان ڪلهوڙا دور ۾ گهڻو وڌيو آهي. پاڻ سنڌي خاندان مان هئا ۽ هڪ بزرگ آدم شاه جي خاندان مان هئڻ ڪري به مرشدن وارو رتبو حاصل هئن. ٽالپر حڪمران هن لاڙي کي ختم ڪري ڪونه سگهيا. هنن رهندو رعايت يافته خاندانن ۾ واڌارو ڪيو ۽ بلوچ قبيلن کي جاگيرون ۽ رعايتون عطا ڪيون. جن جي مخالفت ڪرڻ جو منجهن ساهس ڪونه هو.(1) ڪلهوڙا اهڙآ ماڻهو هئا، جيڪي بلوچن تي حاوي ٿي پئي سگهيا.

جڏهن ڪلهوڙن جي بزرگ خاندان سنڌ جا تقريبا سڀ علائقا فتح ڪري ورتا ته سندن سرحدن جي صورتحال هيئن هئي: سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري ڏانهن گجرات هئي. ڪرمتي ۽ جوکيا سمنڊ جي ڪناري سان ڏکڻ طرف هئا. شائول ۽ جنگار جي ڳوٺن جي وچ تي نومڙيا هئا. سيوهڻ کان مٿان جبل جي ڪاڇي ۾ چانڊيا هئا، جيڪي آزاد هئا يا وري خراسان جا باج گذار هئا ۽ انهن کي ٽالپر به مڪمل طرح پنهنجو فرمانبردار بنائي نه سگهيا“(1) رڪارڊ اهو به ٻڌائي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ ڪيترا بلوچ قبيلا هوندا هئا، جن تي محصول معاف هوندو هو. ڊيل هوسٽي بلوچن جي طاقتور ٿي اڀرڻ جو هڪ دلچسپ مثال ڏئي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن هو حيدرآباد ۾ هو ته ليفٽيننٽ مورس جا ٻه اٺ تنبن جي ٻاهران ئي چوري ٿي ويا. جڏهن چوريءَ جو پتو پيو ته ڀاڳين کي گهرائي پير کڻايا ويا، جن کڻي وڃي بلوچن جي تنبن جي ٻاهران ڇڏيا جيڪي ٿوري پنڌ تي هئا(2). ڪوٽوال ان معاملي جي جاچ ڪئي، چوري جي ۽ سندن ڏوهي هجڻ جي ثابتي هجڻ جي باوجود حڪمران مير چيو ته هو ساڳيا اٺ وڌيڪ به ڏيندو. هن ۽ ٻين ڪيترين ئي بيشمار شاهدين جي ڪري اسان جو پاٽنگر جي خيال سان متفق نه ٿيڻ جو امڪان ئي ڪونهي. هو چوي ٿو ته سنڌ جي عوام کي ٽن طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: طبقي پهرئين ۾ ٽالپر مير سردار، بلوچ، سيد ۽ مذهبي درويش اچي ٿي ويا. ٻيو طبقو، هاري ناري ڪڙمي ڪاسبي مسلمانن جو هو، جيڪو سڄيءَ سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ پکڙيو پيو هو ۽ گهڻائي به انهن جي هئي. ٽيون طبقو هندن جو هو، جيڪي مسلمانن جي سڀني طبقن طرفان ڏاڍي غلط نموني دٻايا ۽ پريشان ڪيا ويندا هئا.(1). پڌري حقيقت اها هئي ته انهن سڀني غير رعايت يافته طبقن جو فرض اهو هو ته مٿي بيان ڪيل طريقن موجب سخت پورهيا ۽ محنتون ڪري انهيءَ رعايت يافته طبقي جي پرورش ۽ پالنا ڪن، انهيءَ لاءِ ته جيئن اهي رعايت يافته طبقا عيش آرام، نمود نمائش ۽ ٺٺ ٺانگر سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.

 

(ج) مغلن کان ڪلهوڙن ڏانهن حڪمرانيءَ جي تبديلي

ڪلهوڙا دور جي حالتن جي مغل دور وارين حالتن سان جيڪڏهن ڀيٽ ڪنداسون ته انهن رعايت يافته طبقن جي درجه بندين ۾ نمايان فرق جو احساس ٿيندو. مذهبي بزرگن کي وڏيون رعايتون ڏيڻ جي شروعات اسان ڪلهوڙا دور ۾ ڏسون ٿا. عربن جي فتح کان وٺي وقف جي صورت ۾ موجود اسلامي طريقي کان هيءُ طريقو بنهه الڳ ۽ انفادي نوعيت جو هو، اصولي طور تي مغلن بلوچن کي محصول ڏيڻ کان ڪونه بخشيو هو. ان کان به اهو محصول اوڳاڙيو ويندو هو جيڪو ٻي مسلمان رعايا ادا ڪندي هئي. البت اها ڳالهه امڪان کان پري آهي ته ڪو اهي هنن قبائلي ماڻهن کان مڪمل اوڳاڙي ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا. مغل شاهي دوران رعايت يافته طبقا، جاگيردارن، سردارن ۽ آفيسرن تي مشتمل هئا، جن مان گهڻو ڪري آفيسر ته ڌاريا هوندا هئا. باقي ٻيو جيڪو عوام هوندو هو، سو هندوءَ ۽ مسلمان تي مشتمل هو ۽ سرڪار جو ڪجهه کانئن طلب ڪندي هئي، سو هو ادا ڪري ڏيڻ لاءِ ٻڏل هوندا هئا. اورنگزيب جي دستور مطابق هندن تي غيرمسلم هجڻ جي ناتي سان به هڪڙو جدا محصول لڳل هو، ڪلهوڙا دور ۾، اهو هروڀرو لازمي ڪونه هو ته مغل شاهيءَ جي ڌارين آفيسرن سان تعاون ڪيو وڃي، جيڪي رعايتون اڳ مغل نوابن کي مليل هيون. تنهن جي جاءِ تي ڪلهوڙا پاڻ اچي ويا ۽ جاگيردار ۽ زميندار به ان طبقي ۾ شامل هئا. سيدن ۽ فقيرن کي وڏي عزت ۽ احترام ڏيڻ شروع ڪيو ويو، محصول جو جيڪو طريقهءِ ڪار هو، ان ۾ کين قبوليت ملي، باقي جيڪي کيتي ڪندڙ ٻهراڙي جا اصلوڪا سنڌي هئا جيئن جت، مهاڻا، هاري، ڌنار، ڪڙمي، ڪاسبي انهن سڀني جو استحصال ڪيو ويو.

هندن جي حالت ته رهندو وڌيڪ خراب ٿي ويئي. انهن کي سون جا کاڻ سمجهيو ويو ۽ جڏهن مرضي پئي انهن کي استعمال ڪيو ويو. سنڌ ۾، گجرات، جيسلمير ۽ مارواڙ کان لڏي ايندڙ هندوءَ تي اصلي سنڌيءَ مسلمان جيان هر محصول مڙهيو ٿي ويو. بلوچ قبيلا هن وقت تائين طاقتور بنجي چڪا هئا ۽ انهن محصولن کان آجو ٿيڻ جي دعويٰ ڪرڻ لڳا، جن اصلوڪن سنڌي قبيلن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي. آخر ۾ انهيءَ رعايت وٺڻ ۾ سوڀارا ٿيا. هيءُ طريقو مغلن واري طريقي کان به وڌيڪ غير برابريءَ ۽ انياءَ واري سلوڪ تي ٻڌل هو. پوسٽنس جي چوڻ مطابق ته ويچارا اصلوڪا ماڻهو انهن ظلمن تي هريل هئا ۽ انهن ڪنهن به قسم جي مزاحمت ڪونه ڪئي. هندن کان جيڪي مختلف قسم جي محصول جا مطالبا ٿيندا هئا سي بيشڪ ڦيرائي گهيرائي خريدارن مان ڪڍي ڇڏيندا هوندا، ڇو ته هندن جي موجودگيءَ کان سواءِ واپار ۽ تجارت بيهي وڃي ها ۽ مل جو محصول وغيره به اڳڙي ڪونه سگهي ها. هندو سنڌ ۾ هن ريت به گذاريندا هئا جو زميندارن کي تقاوي (Advance) به ڏيندا هئا، تجارت ۽ واپار کي به ناڻي جي سهائتا ڏيندا هئا، محصول ادا ڪندا هئا ۽ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ هَٽَ به هلائيندا هئا. هن ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي ته انهن مان گهڻا ته دولتمند به ٿي ويا ۽ کين دولت کي لڪائڻ لاءِ اٽڪل بازي به ڪرڻي پوندي هئي. اها ڪا چڱي صورتحال ڪونه هئي. اها صورتحال اڻٽر به هئي، مُلڪ جي حڪومت به پورالي قسم جي هئي، جنهن ۾ هڪ طرف زرعي محنت ڪش ۽ واپاريءَ جي وچ ۾ ڪابه برابري قائم ڪانه ڪئي ويئي هئي ۽ ٻئي طرف سماج جي رعايت يافته ۽ غير رعايت يافته طبقن ۾ به ڪو توازن ڪونه هو. جيئن ته رعايت يافته طبقي وٽ اقتدار هو ۽ فوج جي طاقت هئي، ان ڪري هيٺئين طبقي وٽ سواءِ ان جي ڪوبه چارو ڪونه هو ته مقدر جي هر لکئي کي قبول ڪري ويهي رهن. ان وقت جي سنڌ جي حڪومت جون اهي خصوصيتون هيون، جن اوڻويهينءَ صديءَ جي انگريز سياحن کي گلا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو هو. پر پيرائتي ۽ اصلي حقيقت اها هئي ته ملڪ ۾ سماجي حالتن جي خرابي مغل شاهي جي نظام جي مرحليوار تباهيءَ جي ڪري هئي، جن تي مسلمان عوام جي آمر حاڪمن سان فرمانبرداري، پيرن فقرن جي احترام ڪرڻ واري نفسياتي لاڙي جو وڏو اثر پيو هو. انهن حالتن ۾ واپاري ۽ تجارتي ڌر چڪيءَ جي ٻن پُڙن جي وچ ۾ اچي پيسجي تباهه ٿي ويئي. هڪ نيم مذهبي رياست جنهن جو سڄو دارومدار هن قسم جي غيرمناسب پورهئي جي ورهاست تي هجي ته ان جي شڪل ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟


(1) ونچيسٽر، جي بيان مان پتو پوندو ته ڪهڙا ڪهڙا رعايت يافته طبقا هئا، هن ٺٽي شهر جي صورتحال تي به 1843ع ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هو چوي ٿو ته هيٺيان طبقا جيستائين واپار جو ڌنڌو نه ڪن ته رعايت يافته سمجهيا ويندا- نه ته ٻيءَ حالت ۾ کانئن اڌ محصول ورتو ويندو- سيد، رجوي يا مهدوي، سکلائي، صوفي ميرڪي (ميروکي)، اميرخاني، شيرازي، بخاري، لوڌي، ملان، عباسي، قاضي، مفتي، آخوند، جوکيا، نجات بتراه، حلال خور، جنڪرا، جوتي (مڇيءَ تي گذارڻ وارا) برهمڻ، سراسوت، پوڪراڻا، حسيني ۽ ٻيا فقير ۽ درويش.

بمبئي سرڪار جو رڪارڊ XVII نئون سلسلو ڀاڱو II، ص: 273

(1) بمبئي سرڪار جو رڪارڊ- سنڌ روينيو ائرينجمينٽ جلد: 203

(2) ايضاً سليڪشن LXVI نئون سلسلو، ص: 45

(1) جنهن وقت نادر شاه دهليءَ کي تباه ڪيو ان وقت اتر سنڌ ملتان جي صوبيداري هيٺ هئي بعد ۾ سلطنت جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان پوءِ اهو علائقو جنهن جو نالو مغلي هو، جنهن ۾ سکر بکر ۽ شڪارپور شامل هئا، احمد شاه ابداليءَ جي حڪومت ۾ شامل ٿي ويا. اهو مغل علائقو ڪشمور کان اتر- اوڀر طرف ملتان واري ڏِسَ تي رڻ ۽ راجڪان کان اتر طرف ضلعي لاڙڪاڻي جي مريجي کان ڏکڻ ڏانهن. ميجر گولڊني جو بيان- شڪارپور ڪليڪٽوريٽ ص: 688- بمبئي گورنمينٽ رڪارڊ جلد XVII نئون سلسلو

(1) بمبئي گورنمينٽ آفيس رڪارڊ جلد LXII- نئون سلسلو ص: 170

زمينداري جي طريقهءِ ڪار لاءِ ڏسو سنڌ گزيٽيئر ۾ ساهتي پرڳڻي جو زمينداري سرشتو

(1) خرچ ۾ هٿ ڦاڙ هجڻ ڪري سدائين وياج خور واڻين جو مقروض رهندو هو. ان هوندي به هن کي پنهنجي حيثيت کي بچائڻ ۽ خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجا ذريعا هئا.

(2) پوسٽنس جو ’پرنسل آبزرويشن آن سنڌ‘، ص: 218

(1) ڊاڪٽر برنس جي ڪتاب جو حوالو op.cit

(1) ڪرو، ص: 23- ايم-ايس- ايس سيڪشن 93-1802ع

(2) ايليٽ I، ص: 48

(1) برنس op.cit، ص: 75

(1) برنس جي ڪتاب مان حوالي طور op.cit- ڊيل هوسٽي – ايم ايس جرنل

(1) ايليٽ I، ص: 274

(1) وٿنگٽن 1613ع يا اورنگزيب واري زماني 1648ع کان وٺي جڏهن هو ملتان جو گورنر هو بلوچن جون عادتون تبديل ئي ڪون ٿيون هيون.وٿنگٽن جا لکيل لفظ ياد ڪرڻ جوڳا آهن: اهي گهڻو ڪري اٺن سان لاڳاپيل ماڻهو آهن ۽ گهڻو ڪري ڌاڙيل آهن ۽ جيترو ٿي سگهندو اٿن درياه جي آمدرفت تي ڌاڙا هڻندا آهن. جنهن زماني ۾ آءٌ سنڌ ۾ هوس ته هنن هڪ ٻيڙي تي چڙهائي ڪري ستن هندن ۽ هڪ پورچوگيز راهب سميت سڀني ماڻهن سان وڙهي انهن کي ماري ڇڏيو هو. وٿنگٽن op.cit ص: 220

(1) ڪيپٽن پيليءَ (Pally) کان خط 1856. 1. 1 بمبئي حڪومت جو رڪارڊ- جلد LXII نئون سلسلو، ص: 104

(2) ڊيل هوسٽي op.cit، ص: 26

(1) هندن سان بري سلوڪ بابت ڏسو- برنس، برٽن، پاٽنگر ۽ پوسٽنس

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com