چوٿون داستان
نئون نياپو آئيو، راڻي وٽان رات،
لَڌيسون، لطيف چئي ڪَنا ڏاتر ڏاتِ،
ڪهڙي پڇين ذاتِ، جي آيا سي آگهيا.
IV
There came fresh message yester night
From Rano. Won is our behest.
The Giver gave it, says Latif.
Of comer's caste why make inquest?
Who came in coming welcomed were.
ڪَرها ڪارڻِ ڪاه، تَوکي ڌڻينِ ڌاريو،
ساري ڏِج، سيّدُ چئي لڍاڻي تانِ لاهُ،
مقابلو مومل سين ٿيندءِ سَنجهه سُڀاه،
سوڍي جي صلاح، ڪؤنه چَرنَدين ڪاڪِ جا.
Your master kept you just for this,
O camel, to be driven on,
Be not, the Sayid says, remiss
Descending Ludho's sandy hills.
You'll Momul meet. Come night, day pass.
Dear camel, with the Sodha's help.
You'll feed on Kak's rich verdant grass.
وٺيو وڃج واٽَ ڪَنڌُ مَ ڦيرج ڪڏهين
نه ته لَؤڻي ڦير لپاٽ، لڳندءِ لطيف چئي.
So take the road. Don't twist your neck
At any time from side to side.
With turn of cheek, the Sayid says,
You'll feel a slap to cheek applied.
ڪنڌ ۾ ڦيرج ڪڏهين وٺيو وڃج راه،
اڄ به سنجهه صباح نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾.
Don't twist your neck from side to side.
But take the road. Today, next day,
Or soon or late, they'll lead you out,
Your coat with journey's dust o'erlay.
جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين
دَگَ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
The earth that stretches at my feet
Is that same earth where friends' feet stand.
The brave are covered with the dust.
We stood and saw this mid the sand.
Man's life has but two days to tell:
Rise, says Latif, search, use them well.
ليلان چنيسر جي ڪهاڻي
ڪئونرو هڪ راجا جي ڌيءَ، ڏاڍي هٺيلي ۽ مغرور هئي.
هڪ ڏينهن سندس سهيلين کيس اهو مهڻو ڏنوته هوءَ
چنيسر داسڙي جي دل جيتي نه سگهندي، جيڪو تن ڏينهن
رعب ۽ دٻدٻي وارو وڏو بادشاه هو. هن، ان مهڻي کي
سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پڪو پهه ڪيو. ڪئونروءَ چنيسر جي
محلات تائين پهچڻ لاءِ سندس ئي وزير جي مدد حاصل
ڪئي. جنهن رازدارانه نموني چنيسر کي ٻڌايو ته
ڪئونرو پنهنجي قوت کي آزمائڻ لاءِ سندس دل جيتڻ ٿي
چاهي. چنيسر پنهنجي وزير جي اهڙي اطلاع ڏيڻ ۽
ڪئونروءَ جي اهڙيءَ هلت جي ڪري ڪاوڙ ۾ ڏاڍو اڍنگو
جواب ڏنو. ڪئونرو،جيڪا اٽل ارادو ڪري آئي هئي، هن
قسم جي رڪاوٽ کي ڪابه اهميت ڪانه ڏني. پوءِ هن
ٻانهيءَ جو ويس ڍڪي، چنيسر جي محلات ۾ نوڪري ورتي
۽ چنيسر جي راڻيءَ ليلان سان واقفيت پيدا ڪري
ورتي. ان کان پوءِ ليلان کي هن نَو لکي، هيرن جي
هار ڏيڻ جي لالچ ڏني. پر کيس اهو هار انهيءَ شرط
تي ڏيڻ قبوليو ته ليلان کيس فقط هڪ رات لاءِ چنيسر
سان گڏ گذارڻ جي اجازت ڏيندي. هڪ رات ليلان حرفت
هلائي چنيسر کي ڪئونروءَ جي رهائشگاه ڏانهن موڪلي
ڇڏيو. چنيسر نشي ۾ مست هو ۽ ڪئونرو جي لاڏ ڪوڏ تي
موهت ٿي پيو. ڪئونروءَ جي ماءُ جنهن ڪئونروءَ سان
هن کيڏ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو، تنهن ٻئي ڏينهن
چنيسر کي چيو ته جيئن ته ليلان هيرن جي هار جي
بدلي توکي ڪئونروءَ جي حوالي ڪيو آهي، تنهن ڪري هو
ڪئونروءَ کي هاڻي پنهنجي زال سمجهي. چنيسر ليلان
جي ان خراب نيت تي ان کي ڏوهي سمجهيو ۽ ڪئونروءَ
جي چالاڪيءَ کان به واقف ٿيو جنهن سان هن کيس ماڻي
ورتو هو. ڪاوڙ ۾ اچي هن ليلان کي پنهنجي گهران ڪڍي
ڇڏيو ۽ کيس بيوفا زال هجڻ جي ڪري ڏهاڳ ڏئي ڇڏيو.
ليلان جي ليلائڻ ۽ ايلازن منٿن جي باوجود به کيس
پاڻ وٽ رکڻ کان انڪار ڪيو. ليلان چنيسر متعلق
شاعري ليلان جي ان غلطي متعلق آهي، جڏهن سندس اٽڪل
بازي سندس ئي مٿي ۾ لڳي ۽ پنهنجيءَ غلطي کان هيءَ
پنهنجي مڙس جي محبت وڃائي ويٺي.
سر ليلان چنيسر
پهريون داستان
داغ تنهنجو داسڙا جيري مٿي جن،
تون ڪئَن مٿان تن، چنيسر چِتُ کڻين؟
I
Lilan.
How comes it thus that thou dost spurn
The thought, Chanesar, from thy mind
Of them whose vitals thou hast pierced,
O Dasro prince? Speak comfort kind.
تان ڪا وائي وار، دلاسي جي داسڙا،
تون منهنجو وَلهو، آءٌ تو ۾ طمعدار،
ڍَڪي ڍول گذار، لڄ منهنجي لوڪ ۾.
Thou art my lord and I have need
Of thee. O friend, expose me not
To people's scorn. My husband, love,
Drive me not off. I humble am.
ڍوليا ڍيل مَ مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان،
سڪ تنهنجي سپرين ڀيري وڌيس ڀُون،
مون ور تونهين تون، تو ور وَهونُ ڪيتريون.
Thy love, O love, with blows it gives
Hath feeled me to the ground. Thou art
My one spouse! Thou hast many wives.
ڍوليا ڪڄاڙئان، ٻولايو ٻوڏُ چئين؟
آءٌ تو پيرانديان، ڪَرَ موڙيو وَرَ اُٿيان.
O love, when thou hast made me speak
Thou speak'st me in insulting strain.
Why is this so? Beside thy feet
I sit, I fidget, stand again.
مڻئين اُتي موهجي موڙهي ڪيَهُءِ مرڪ،
چئي چنيسر ڄام سين وڌو تو فرق،
وري ويو ورقُ، ايءُ ڏَنءُ ڏهاڳ جو.
Sayid.
O fool, the trinket tricked thy sense
To set thee boasting over there.
Thy promise made, Chanesar's love
Thy lord's thou didst asunder tear.
The page once more is turned o'er.
Disgrace's brand on thee is pressed.
The trinket's tracery indeed
Thy foolish mind hath quite obsessed.
چي: مڻئين مٿي جي هوا، تن چٽن ڦيريم چِت،
چان: هار کٽنديس هوڏ ۾، نيبہ ٿيندم نت،
پر ڪُونروءَ جو ڪِرتُ، مونهان مٿاهون ٿيو.
Lilan.
The necklace I'll make sure to win,
I told myself, and it will be
A keepsake for me all my life.
But Kaunru's craft outwitted me.
لِيلان حِيلا ڇڏ، جي تون صحبي سکئين!
پائي پاند ڳچيءَ ۾ پاڻ غريبيءَ گڏ،
هڏ نه چوندئي لڏ، جي ڪارون آڻيندينءَ ڪانڌ کي.
Sayid.
O Lilan, stop thy tricks, good girl.
Wrap round thy neck thy garment: so
Thyself enhumble. Then thy spouse
On thy complaints will not say, 'Go'.
O Lilan, if on thy behest
Thou gettest nothing, still beseech.
جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائيج،
آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
Cease not from hoping, for thy friend
Hath plenteous mercy in his reach.
ڪارون ڪري ڪانڌ کي روئي ريجهائيج،
ليلان ليلائيج، اَٿيئي ماڳ منٿ جو.
Weep, make complaint before thy lord
And try to please him. Beg, request.
Entreaty's place is there for thee.
لَکَڻَ ڪيم لکيج، جئن مون موراهِين ناه ڪو،
مون کي ملهائيج، وَارو ڏيئي وَلها.
Lilan.
Count no great virtues in my test:
It is as if I none such had.
Show favour, spouse. Now comes my lot.
Let not another girl coquet
With Lord chanesar. When I thought,
With heart full deeply later on,
I knew the place for humble lives
Is here. His anger quickly turns
The lucky into luckless wives.
ٻيو داستان
اَوڳڻ ڪري اَپار، تو در آيس داسڙا!
جي تو رسڻ جُون روح ۾، ته مون ڀيڻي ناه ڀَتارَ،
سائينءَ لڳ ستار، ميٽ مدايون مُنهنجون.
II
Lilan.
With sins committed past all count,
O Dasro, to thy door I'm come.
If thou to sulking art inclined,
My place is not within thy home.
O Coverer, for the Lord, erase
The evil doing of my days.
جيڪس ڪم سندامِ، جوٺا ڏٺا جيڏئين،
کلن سڀ مقامِ، ساهيڙيون سرتيون.
Perhaps these evil deeds of mine
The girls of mine own age did see.
For all my friends of equal age,
Are making laughing-sport of me.
نڪي ٻانُهنِ ۾، نڪي ڳَرِ هئوم،
نڪا سِينڌِ، نه سرمون، نه سِينگارُ ڪيوم،
تيلانِهن ڪانڌُ سندوم، رُڳوئي رَءِ گهڙيو.
On arm I did no armlet wear:
My neck of necklaces was bare.
Mine hair I did not comb: nor put
Upon mine eyes antimony,
Nor deck myself. For this alone
Mine husband sought me verily.
سونا ڪَرَ ڪنن ۾، ڳچيءَ ڳنان هار،
ٻانهوٽا ٻانهن ۾، سينڌ سڻڀا وار،
تيلان پيءَ پچار، ڪانَڌ مُنهنجي ڇڏي.
The golden rings from mine ears hung:
The necklace round my neck was strung:
Mine arms a weight of armlets bore:
My hair was done up beautifully.
For this alone it was my lord
Relinquished all his thought of me.
ٿڙِڪي پسي ٿوڪُ، ترِڪي تَڪَبر پئي،
اَچيو اَچيو اَگلي، ليلان کي چئي لوڪ،
اَندر اوڀالن سين ساڙي ڪيائونس سوڪُ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪُ، ويو ويچاريءَ وِسري.
Sayid.
O'erwhelmed in a vain conceit
The jewel she saw and was beguiled.
Folk come and go and comment make,
That Lilan is a stupid child.
As grass that withers, she was scorched
And parched by taunts when folk reviled.
The beauty of her childhood's day
From her, the luckless one, resiled.
هُئينءَ ته گهڻو هوشيار، ڪل به هيئي ڪانڌ جي،
تو ڀانيو موچاري ٿيان ڳچيءَ پائي هار،
ڪانڌُ ڪُوڙيءَ جو نه وڻي سوين پتئين سِينگارُ،
وَهم لهي وينجهار، دليون پرکي داسڙو.
Sayid.
How smart you were indeed, I'm thinking!
And to know so well a husband's wiles!
You thought: 'Oh ! I'll make myself look nice
If I put the necklace round my neck.'
When a faithless wife sets herself to deck,
Let her use a hundred tricks and guiles.
She'll not please her lord for all her prinking.
It's the wise man's job to read thought's
meaning.
Dasro's craft has her whims outread.
ڏاهي هيس ڏيهه ۾ سرتين منجهه سڄاڻِ،
ڪا جا پيم ڪاڻ، جئن مُنهنُ مٿاهون نه کڻان.
Lilan.
'I was clever enough amongst my people,
And full of tricks in the midst of my friends.
But a need has come that compels and bends
Me, so that I cannot lift my head.
It is something that goes beyond my weening.
چانڪِ چڙهنديس کٽ تي، ريجِهائينديس راءُ،
اَهڙو ئي اَلله، جو پورهيتون پيش ڪري.
When I climb on the couch I shall do my
charming.
God is such: the handmaidens please.'
چنيسر جي چِتَ ۾ ڪي جو اڳ هئو،
تهان پوءِ ٿيو، مڻئين سندو مامِرو.
Sayid.
To Chanesar's mind there had come some inkling
Already before the jewel-affair.
سارِج سڀيئي، ليلان لَڇڻ پانهنجا،
وَرَ سين وِڙهيو اُٿئين ڏوراپا ڏيئي،
نڄاڻا ڪيهي، چنيسر جي چِتَ ۾.
Lilan, in all your acts take care.
To your husband you're always a quarrel and
tease
That brings reproaches with bicker and harming.
ليلان لُڇُ مَ ايترو اُٿي اَڱڻ سورِ،
اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻ سوڌو پرينءَ تان.
Lilan.
How can I know what Chanesar is thinking?
Sayid.
Don't fidget, O Lilan, so much but rise
And put your courtyard to rights for your love.
Of sire, sire's sire make a sacrifice,
Yourself in the selfsame offering linking.
ٽيون داستان
وڏيري هياس، ميڙو مون گهر سرتين،
هٿ ڇهندي هار جي ڪَڙي ڪُڙمِ ٿياس،
ڍولي ڍيلياسِ، آيم ڏنءُ ڏُهاڳ جو.
IV
Lilan.
I was the senior of them all:
And girl friends in their throng would come
And visit me within my house.
But when I touched the ornament
I lost the favour that I had.
I was cast out by my belov'd
And branded with the failure's brand.
هيس هندورن ۾، پيم ڪانه پروڙ،
مڻئين سندي مامِري ڪوجهي وِڌيس ڪُوڙَ،
سامهان ٿيم سور، ويو وِلُٽي ولهو.
I used to lie on swinging cots
And did not realize my luck.
To sheer destruction was I brought
By necklece's catastrophe.
Sorrows met me face to face.
My husband took himself away.
تو جو ڀانيو هار، سو سورن سڳِڙو،
چنيسر چِتُ کڻي ٿيو پورهيتِ جو پارُ،
اَڻوڻت جو اَچارُ، شال ڪانڌ ڪنهن سان مَ ڪري!
Sayid.
A string of sorrows was the thing
That thou didst for a necklace take.
Chanesar looked the other way
And made the serving-girl his friend.
Lilan.
O that my lord with none would bring
The discord of dissension here!
سڀيئي سهاڳڻيون سڀني ڳچين هار،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي سهسين ڪن سِينگار،
ڍول تنهين جي ڍار، هيڻائي هلنِ جي.
V
Look on all the lucky wives.
All have necklets round their necks.
They preen themselves a hundred ways
That love's beloved they may see.
Beloved the protector is
Of wives who show humility.
سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچين هس،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي وڏا ڪيائون وس،
ڍول تنهين جي گس، هيڻائي هلن جي.
Look on all the lucky wives.
All have collars round their throats.
Beloved, whom they love, to see
They strove with earnest effort's aim.
Beloved walks upon the path
Of wives who show humility.
سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني منهن جڙاءُ،
سڀ ڪنهن ڀانيو پاڻ کي ته اِيندو مون گهراءُ،
پيٺو تن دراءُ، جن پسي پاڻُ لڄائيو.
Look on all the lucky wives.
All have jewels on their heads.
To hearts of all this thought has sped,
'Love will come inside my home.'
Love came within the homes of them
Who, seeing self, with sight blushed red.
ليلان جِمَ لکائيين چئي چنيسر ساڻ،
ور سين وِڙهيو اُٿئين، مڙهي مُٺوئي پاڻ،
پوري ڪيَهءِ پاڻ، تِئَن آيهءِ ڏنءُ ڏهاڳ جو.
VI
Sayid.
O Lilan, don't expose your faults
By quarrelling with Chanesar.
You're always bickering with him,
And, fool, yourself you've ruined.
ليلان جم لکائين صُحبي ساڻ سُڄاڻ،
آهين گهڻو اَڄاڻِ، مَڇڻ پُوري نه پَوين.
Before that knowing husband, don't
Expose your faults, my beauty:
Fool in your folly, there can be
In wife no match for husband.
چئي چنيسر ڄام سين ليلان لکاءِ مَ تون،
اِيُ ڪانڌُ ڪنهنجو نه ٿئي، نڪا مون نه تون،
رونديون ڏٺيون مون، اِنَ دَرَ مٿي دادُليون.
O Lilan, don't expose your faults
By quarrels with lord Chanesar.
Lilan.
He is no woman's husband none,
Not mine, nor your one either.
The darlings that he likes I've seen
Lamenting at his doorway.
جي مون موڙهي مت، ته تون پاڻ سڃاڻجِ سپرِين،
اصل اَوائنِ جا عيب ڍَڪين تونِ اَت،
اِي پري تنهنجي پَتِ، جئن ولهيون ڍَڪين وَلها.
If I am muddled in my sense,
Look to yourself, my friend, too.
Your way's to hide the many faults
Of those who have astray gone.
Your merit, husband, love, is this:
You lade your wretches' failings.
چئي چنيسر ڄام سين ليلان لکايوءِ،
تو جو ڀانيو پنهنجو، تنهنجو پَرو ڪونه پِيوءِ،
ڪَونُروءَڪانڌ سندوءِ، دستِ ڪيو داسڙو.
Sayid.
O Lilan, don't expose your faults
By quarrels with lord Chanesar.
You thought him yours. You didn't know
The subtlety his mind has.
The woman Kaunru had her way.
Possessed your Dasro husband.
ڍوليِا اولا نه سهان، اَڏا اڏيءَ جِي،
تو ورَ وَهُون ڪيترِيون، مون وَرُ تون وري،
پرِتان پير ڀري، ملهائج مسڪين کي.
Lilan.
O friend, I cannot bear the taunt
You flung at me obliquely.
You've many wives, but as for me
You are my only husband.
Come back. Be kind and show your grace
To them who're poor and wretched.
ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ،
مون کي ڇڏ مَ داسڙا، ته وڃان نه وِڙواندُ،
مون ڳچي ۾ پانُد، تو چنيسر هٿ ۾.
You've crowds and crowds of charming girls
To fascinate you, husband.
Don't leave me, Dasro, else I lose
My way and wander helpless.
I've wrapped my garment round my neck.
My fate's with you, Chanesar.
عمر مارئي جي ڪهاڻي
مارئي هڪ غريب ڌنار جي ڌيءَ هئي، جيڪو ملير جي
جهنگل ۾ ڪنهن آباد ڳوٺ جو رهاڪو هو. هوءَ پنهنجي
قبيلي جي ماڻهوءَ ماروءَ سان مڱيل هئي. پر سندس
پيءُ جو نوڪر مٿس موهت ٿي پيو. جڏهن هن کي اها خبر
پئي ته مارئي ٻئي ماڻهوءَ سان مڱيل آهي ته کيس دل
۾ ڏاڍو ساڙ ٿيو. ان ساڙ جو، ماروءَ کان بدلو وٺڻ
لاءِ، هو عمرڪوٽ جي حڪمران عمر سومري وٽ ويو ۽
مارئي جي سونهن ۽ سوڀيا جي ساڻس ڏاڍي واکاڻ ڪيائين
۽ کيس مارئي کي پنهنجي شاديءَ لاءِ زوري کڻڻ جي
صلاح ڏنائين ۽ عمر اها زيادتي ڪئي. مارئي ان وقت
پنهنجي مارن جي لوئي واري لباس ۾ هئي.عمر کيس آڻي
عمرڪوٽ جي ٻه ماڙ واري محلات ۾ قيد ڪيو. پر هن عمر
کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڪونه ڏنو ۽ چيائينس ته جيڪڏهن
هو سندس قريب ايندو ته هوءَ آپگهات ڪري ڇڏيندي.
نيٺ هن تي ڏاڍ ڪري کانئس وچن ورتو ته جيڪڏهن سندس
واهرو مٽ، ٻارهن مهينن ۾ ڪونه وريا ته هوءَ عمر
سان شادي ڪندي. سو هوءَ ٻارهن مهينا، ان ٻه ماڙ ۾
پنهنجي مارن جي اوسيئڙي ۽ اميد ۾ ڏينهن ڳڻيندي
رهي.
عمر ۽ مارئيءَ متعلق بيت مارئي جي ان احساس جو
اظهار آهن، جيڪي هن قيد جي ڪوٺيءَ ۾ ويهي ملير جي
مارن، اوٺارن ۽ ڌنارن جو عمرڪوٽ ۾ اچي کيس ڇڏائڻ
لاءِ چيا آهن.
سر مارئي
’الست بربڪم‘ جڏهن ڪن پيوم،
’قالُوا بليٰ‘ قلب سين تڏهين تِتِ چيوم،
تَنهِين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
I
When there fell on mine ears the Word,
'Am I not then your Lord?'
And with 'Yes' my heart gave assent,
It was then that my promise I made
With the folk in the hedges pent.
قسمت قيدُ ڪئي، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾؟
لِکئي آڻي لِوحَ جي هنڌُ ڏيکاريم هي،
پرچي ڪين پنوهار ري جان جُسو ۽ جِيُ،
راجا راضي ٿيءُ، ته مارن مِلي مارئي.
'Twas my fate to be prisoned. It falls !
How else would one enter these walls?
They were shown me by writ of the stone.
My life, body, life have no joy.
If I be from the goatherd alone.
قسمت قيدُ ٿيم، هت اڙانگي گهاريان،
”هِناڪَ جِسمي والفُو اوُلَد يُکم“ هِنيو هت
سَندوم،
قادر شال ڪندوم، ميڙائو سين مارئين!
O Lord, by thy will this decree,
With her Marus that Marui be.
Life engaoled was the fate that I took,
That I should live miserable here.
'Body here, soul with Thee', saith the Book.
’قيد الماءِ‘ ڪنَهن جو سو مون پاند پيو،
”جف القلم بما هو کائن“ وهي قلم ويو،
ايُ قضا ڪم ڪيو، جئن ٿرِ مارو آءٌ ماڙئين.
Here's my heart! Let the power of God move
That I join with the friends whom i love.
'Bound by fate' is the saying that I
Keep in fold of my garment. 'Fate's pen
With what came to pass is gone dry.'
هي هنڌ ڀيڻيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهن ري،
”ڪُل شَيءِ يرِجَہُ اليٰ اصِلِه“ ٿي جهڄان جهانگين
ڪاڻ،
ڀِري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ مَلير ۾.
By the flow of fate's pen so it passed
That the Marus should traverse the waste,
While I in the upper-rooms stay.
I'll burn all these places with fire
If the folk of my land are away.
'To their Prime go all things back again.'
For my people I suffer in pain,
My folk of the jungle, that, near
Mine abode come again, I may see
The land of mine own in Malir.
نڪو ايُر نه ڀيرُ، نڪو اوٺي آئيو،
مون وٽ آئيو ڪونه ڪو ڀائرنئون ڀري پيرُ،
ڪِتابتون ڪير، آڻي ڏيندم اُن جون؟
II
Marui.
No one came: no one came: not a single soul
came:
Not one of the camelherds came.
Of my brothers not one took the trouble to come.
Who will carry and tell me their news?
اَلله اوٺي آڻئين ڪو اُتي جو هِتِ هير!
ته ڪِنان جي هن ڪوٽ جا سي سُرها ٿين سيرَ،
آءٌ اکئين اُگهان جي پائُرِ ڀريس پير،
لائي ڪام، لطيف چئي، سو اَچڻ ۾ اوير،
ڪوٺين گهاري ڪير، محلين منجهي مونُ هِنيو.
O Allah, I pray bring me here, bring me now
Some one from the camelherds there,
That the bounds of the fort and the roads may be
gald.
His feet that are covered with dust
With mine eyes I shall wipe: for he'll not (saith
Latif)
Make any delay when he comes.
Who is she who spends her sad life in the rooms?
Living here in the halls my mind reels.
اَڄ اوٺِي آئيو وٺي خبر کري،
وساريجِ وَرَ کي، مَ ڪي ٿيج چري،
ايندينءَ هِتِ وَري، ڪو ڏِينِهن آهين ڪوٽ ۾.
Sayid.
Today with good tidings the camelherd's come!
Let thine husband not pass from thy thought:
Nor prove thyself mad. Thou wilt come here
again:
But thou art in the fort for a space.
ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏِ م لاههِ،
ڪامِڻِ اُنهن جي ڪُرَ جي اِي اَڏِ وَڏائي آهه،
سَتي سيلُ نِباهِ، نيٺ ملير ايندينءَ مارئي.
Thou art here in the fort for a space. Give not
up
Thy rough rugged blanket at all.
O woman of charm, here's the pride of thy stock
From the prime. Worthy soul, till the end
Show thy grace of behaviour in all that thou
dost.
At long last thou wilt come to Malir.
جو ڏيهان ڏاڏاڻي آئِيو پيرين تنهن پَوان،
ساکائتيون، سيد چئي، سنديون چِتَ چَوان،
هتي تان نه هوان، حرف لٿي آءٌ هِڪڙي.
Marui.
I shall fall at the feet of the man who has come
From my county, my father's own home.
I shall speak (Sayid saith) the true thoughts of
mine heart:
I am not to blame for this thing
And I swear that alone I'd have never come here.
پرچن شال پنهوار، ڍوليا مارو مون سان الله،
مُون مُوراهين مديون، آهن سيڻ ستار،
اُٺا مينهن ملير ۾، تَڙِ تڙِ پوءِ تنوار،
پائي آيس پاند ۾، اوڳن عيب اَپار،
عيبن ڀري آهيان، سَتُرُ ڪِجِ سَتار.
III
O Allah! May the Marus I adore,
The Maru goatherds, find a joy in me.
All wicked full of evil though I be,
Still these my friends are merciful. Now o'er
Malir the rains have fallen and the sound
Of warbling birds thrills all the deserts round.
With garment full of faults that have no end
I'm come, filled full of evil things galore.
O cover up my faults, Thou Coverer-Friend.
سهسين سيبا ڪَنجُري، لوئي ليڙِ ٿيامِ،
اَباڻن جي آسري ڪَتي ڪانه ڪِيامِ،
جا ڍٽ ۾ ڍڪيام، تنهنجو پَروَر پَنُ رهائيين.
IV
My bodice is stitched hundred times:
My blanket is tattered and torn.
I spun not a yard in the hope
Help would come from my family-born.
Oh! I pray kind protection I get
From the clothes that in Dhat I had worn.
سهسين سيبا ڪَنجَري لوئي لِيڙو لِيڙ،
واسي وار نه ويڙهيان، مر چڳون رهن چيڙِ،
ماروءَ جي مُهاڙِ ريءَ مون کي اندر ناه اُڪير،
ههڙو حال حقيرُ، وٺي شل ويڙهه وَڃان!
My bodice is stitched hundred times:
My blanket is tarrered and frayed.
Let my locks remain greasy: no scent
Do I put on my hair disarrayed.
One longing there lives in my heart
To see face of my Maru displayed.
Let me go to my home in the hedge,
As I am now, a miserable maid.
سهسين سيبا ڪنجري، لوئي سين لِيڙَن،
ههڙو حال وٺي ڪري وڃان منجهه ٿرن،
ماروُ مانَ چَون، ته هُئي آسانهين آسري!
My bodice is stitched hundred times:
My blanket is tattered and torn.
Let me go to the deserts like this
That the Marus may say: 'She was borne
By the hope we should speed for her aid.'
I am come from that place where no sign
Of the safflower is seen. If I went
Where the throngs of the marriages shine,
In rough blankets I'd find me arrayed.
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، نه کلي، نه کاءِ،
عمر جي اِنصاف جا ويٺي ويسامان ڳاءِ،
هيءَ جا ڪيءِ هاءِ، سا مهندان اِيندءِ مُنَهنِ ۾.
V
Marui doth not wash her hair.
Marui doth not smile nor eat.
Marui's praise for ever sings
The justice of her Umar's ways:
'This wrong that thou hast done to me
Will turn and look thee in the face.'
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، ٿئس ڪرنڊيون وار،
سُتيءَ سيئي ساريا، جي پائر جا پنوهار،
عمر اُنهنئوُن ڌار، مور نه وهي مارئين.
Marui doth not wash her hair.
Her locks are sullied. High-souled lass,
Her memory for the goatherds stayed,
Goatherds who live among the grass.
Without them, Umar, she will not
Pent in the rooms a lifetime pass.
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، محلين مارُئان ڌارَ،
پائي ميٽ مٿي ۾ مورِ نه واسي وارَ،
جا هُتيجن هارَ، سا ڪيئن وِهندي ڪوٽ ۾؟
Marui doth not wash her hair,
Imprisoned in the upper-rooms
Without her Marus. On her head
She puts no soap, nor to her hair
Incense applies. Within the fort
How will she stay, accustomed
To company of folk from there?
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، ڪونهي تنهن اوڄاه،
عمر جي انصاف جو پِيئسِ ڪَنِ پڙاءُ،
ويٺي چوءِ اَلله، مون تي مِٽَ نه موٽيا.
Marui doth not wash her hair.
She hath no gladness. On her ears
Of Umar's justice echo falls.
Her constant cry is 'Allah! Hear.
My people come not back for me.'
محلين ماندي مارئي، سدا منهن مَلُورَ،
اَڻڀا سڻڀا نه ڪري، سونهن وڃايس سُورَ،
لڳيس لُوهَ، لطيف چئي، لٿس ڪوڏَ ڪَپُورَ،
چت جن جا چور، سي مکي ڪيئن مرڪنديون؟
Marui's wearied of the halls,
And sad with sadness is her face.
On oil-less hair she puts no oil.
By grief she's robbed of beauty's grace.
When hot wind touched her (saith Latif)
Her camphor-scents of gladness fled.
How can the girls whose minds are crushed
Smile and put oil upon the head?
ڪريو مُهاڙِ ملِير ڏي روءِ اُڀي ۽ چوءِ،
سُهجُ سُوري ڀانئيان سومرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءِ جي آهيان، زور نه ٿيان جوءِ،
سو قَلبُ ڪوٽِ نه هوءِ، جو هُتيجن هٿِ ڪيو.
She turns her face towards Malir,
To weep for ever with the cry:
'I think thy joy like gallows-noose,
O Sumro. Maru's stuff am I.
A wife by force I will not be.
My heart the men from yonder seized.
Fort-bound it never can be free.'
ڪريو مهاڙ ملير ڏي اُڀيائي آهي،
جا مٿي ڏنيس مارُئين سا لوئي نه لاهي،
سومرا ساهي، تنهن سَتيءَ مَ وِجههُ سَنگهرون.
She turns her face towards Malir,
Outwearied standing: yet retains
The blanket that the Marus gave.
Beware, O Sumro, not with chains
Enshackle thou a virtuous slave.
ڪيم مهاڙِ ملير ڏي مٿي ڪوٽ چڙهي،
واجهائيندي وطنِ ڏي ڳوڙها پيم ڳڙي،
نڱي ڪُوڪ قَلبَ مان منجهان روح رَڙي،
ويڙهيچن وري، ڪَرَ نه لڌي ڪڏهين.
'I turned my face towards Malir.
I climbed the fort. For my land's sake
My tears welled forth. I shrieked aloud
With cry that from my soul did break.
And yet the people of the hadge
Heard nothing of my wretchedness.
عمر اَڇا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪيئن ڪن؟
جن جا وَرَ ٿرن ۾ ويچارا ويڻَ سَهَنِ،
هوءِ جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سومرا؟
O Umer, how can helpless girls
Bedeck themselves in cleanly dress
Whose hapless husbands in the wastes
Endure the insults of distress?
Can they, O Sumro, good wives be
Who with their husbands break their vows?
آءٌ سوڙين سمهان، مون ور گهاري وِلهه،
کَٿيريءَ تان کِلَ، عمر ڪج مَ اَهڙي.
While I am sleeping on the quilts
My husband suffers: damp wind blows.
O do not that, mine Umar, no!
Nor laugh at me in my rough clothes.
آءٌ ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري سُڃ
وَرُ اَباڻن سين اُڃ، کُہ شربت تُنهنجا سومرا.
How can I sleep upon the quilts
When husband suffers in the waste?
That I should suffer thirst more meet
Midst father's kindred. Take away,
O Sumro, All thy sherbets sweet.'
وائي
منهنجو من ميان، واڳِيو ويڙهيچن سين،
پَهي پاکي پٽڙي پِرين ساڻ پيان،
پيرُ نه ڇڏيان پرينءِ جو جاسين ٿي جيان،
حرف لٿي هيڪڙي هتي تان نه هُئان،
کيرُون کٿيرين کي، وڃي ڏيهه ڏيان!
آءٌ ڪينءَ لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻِين ڏيهان؟
VI
Marui.
Kind sir, mine heart is linked with them
Who in hedget-hamlets live their day.
O let me there amidst my friends
Drink whey, the thin and washy whey.
While still I live I shall not cease
To follows my beloved's feet.
No blame it is to me that here
Alone I be. But friends to greet
I mine own country is my wish,
Those friends who wear the rugged sheet.
For two days' pleasure can I slough
My blanket that is coarse and rough?
چوٿون داستان
سونهن وڃايم سومرا، ميرو، مُنُهنِ ٿيومِ،
وڃڻ تِتِ پِيوم، جِتِ هَلڻ هاهِ حُسنَ ري.
VII
Marui.
I have ruined my beauty, O Sumro,
And sullied my face.
Fate compelled me to go reft of beauty
Where in going's no grace.
سُونهن وڃايم سومرا، هتي اچي هاڻِ،
ڪينءَ لهنديم ڪاڻ؟ حُسن مُنهنجو هِتِ وِيو.
I have ruined my beauty, O Sumro,
Hither journeying on
Can I make up, then, loss of what's fled me,
Its flavours all gone?
سونهن وڃايم سومرا، وطن وڃان ڪينءَ؟
حُسنَ ڌاران هيئن، پسان ڪينءَ پنوهار کي.
I have ruined my beauty, O Sumro,
To my land can I come
Leaving beauty behind? Can I see them,
The goatherds of home?
جهڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي،
لالائي جا لطيف چئي، مُندُن اُٺا مينهن،
ماڙي لڳيم مهڻو سڀ ڄماندر سينئن،
ٿيس ڪاڻياري ڪانڌ جي هتي اچي هينئن،
ڪنڌ کڻندي ڪيئن، مَنهَن ماروئڙن جي؟
As my coming was, so is my going
Back to them. 'Like the rain
Blushes poured' (Saith Latif) 'oft and often'.
A reproach and a bane
Was my life passed in those upper-storyes
Till life die with the dead.
Come thus wise, I have need of my husband.
Can I lift up my head
In front of my Marus? O Umar!
عمر ٻَنِ جيو، کُوه مُنهنجو سومرا،
جا پَرِ نه پَنوهارن جي مُون سين تيئن ٿيو،
وٺي مُنهن ڪِهو، وڃان وطن سامُهِين؟
O Sumro! Consign
My life to the pit. Way of goatherds
Was no way of mine.
With what face can I go to my country?
مَ سَپني مارئي، مُئي مَ ڄائي،
جنهن اچي عمرڪوٽ ۾ لوئي لڄائي،
جا سانگين سڏائي، سا ڪيئن مرڪي ماڙئين.
Better had she ne'er been
Who, to Umarkot come, her rough blanket
Disgraced: nor had seen
Light of birth, but had died. With her calling
Of goatherds in aid,
Could she smile within upper-storeys?
اَلا اِيئنءَ مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾!
جُسو زنجيرن ۾ راتو ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَرَ پُڄِنمِ ڏينهڙا.
O Allah! I prayed
That I die in my prison. My body
In chains, let me cry
Night and day: but first go I homewards
Ere, days ended, I die.
باللهِ آهيان بند ۾، ڌُئان تان نه ڌَٻَرُ،
ويڻ وراڻي ناهِ ڪا سومرو سَٻرُ،
ميان مهربانُ ڪرين اِلٰهي عُمَرُ،
ويڙهه پسان سو وَرُ، آهيان جنهن جي آسري.
O Allah, imprisoned I wash not
Clothes worn old and long.
O Master, insult hath no answer:
Umar Sumro is strong.
Make him kind to me, Merciful Master;
I have hopes of my spouse.
جي ڪَرَ لڌائون، ته بَنديءَ بَند نه ساريو،
ماروئڙن آءٌ، جيڪس وييس وسري.
Let me see him in village enclosure.
Had the folks of mine house
Gathered news of my plight, then the captive
Had not thought of her jail.
The Marus mayhap had forgotten.
Home-longings prevail.
واجهايو وطن کي ساريو ساه ڏيان،
هِيءُ مَڙُه ساڙه سامهون مُنهنجو نج مِيان!
ته مقامياڻي مارُئين وڃي ٿر ٿيان،
هوند مُيائي جيئان، جي وڃي مڙُه ملير ڏي.
I am ready to die with their memory.
My corse, Lord, convey
To my home that in graveyard of Marus
In fixed peace I may stay.
Perchance in my death I'd be living.
Were my corse in Malir.
آهيم اُٺي مينهڙين سمن سرتين ساڻ،
ڪنهن پَرِ لاهيان ڪاڻِ، وڃي ويڙهيچن سين.
At the times when rain falls I have trystings
With the friends that I love.
If I go with the villagers, somehow
My need I'll remove.
پنجون داستان
آءٌ ڪين ڇڏيان سومرا پنوهارِن پچار،
جَڙُ جن جي جان ۾ لڳي ريءَ لُهارَ،
ميخون محبت سنديون هينئڙي منجهه هزار،
پَکا ۽ پنوهارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهن ٿيا.
VIII
Marui.
O Sumro, how can I stop the thoughts
That dwell with my herding men?
They are riveted into my life without
The aid of the blacksmith's kill.
The nails of love in my heart are fixed.
To be counted in thousand's tale.
Since I saw the huts and herding-men
The days are passed and fled.
پٽولا پنوهاريون، مورِ نه مٿي ڪن،
جهُ لاک رتائون لُوئيون، ته ساُلنِئان سونهن،
اُنّ ايلاچَنِئون اَڳِري، بخملَ، بافتن،
سکر ڀانيان سومرا کٿي کان کُهنبن،
جا ڏنيم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.
Not for the herdsmen's wives at all
Are clothes that are made of silk.
When they dye in lac their coarse rough cloth
They're finer than clad in shawls.
Better then wool and fine striped cloth,
Better than velvet too,
Better than rich broadcloth do I think
My coarse rough blanket to be,
Better, O Sumro, than gorgeous clothes.
I should die of shame if I doffed.
چِڪي چڪيم چاڪ، وَنهِين ويڙهيچن جا،
واجهائيندي وصال کي فنا ڪيس فراق،
سيئي ساريم سومرا ٿر جنهين جا ٿاڪ،
ماروءَ جي اوطاق، گهڻو اُڪنڊي آهيان.
The blanket I had my father's folk.
My wounds have started afresh that I got
At the well-to-do villagers' hands.
In my longing for union with them I fell
Sepration that cuts to the quick.
My mind kept a place, O Sumro, for them
Whose huts in the desert stand.
مَ ڪي روءِ مَ رڙ تُون، مَ ڪي هنجون هار،
جهڙا اَچن ڏينهڙا تهڙا ويٺي گهارِ،
ڏُکن پٺيءَ سُکڙا سِگها ٿين سنگهار،
”اِنّ مَعَ العُسر يُسرَاَ“ پروڙج پَنوهار،
ستي سَتُ سنڀار، لٿئي لوهُ، لطيف چئي.
The dwelling place of the Maru throng
I long for exceedingly.
Weep not, nor wail, nor let tears flow:
Such days as pass, endure.
Come sorrows first: then happy joys
Of pleasance, O man of flocks.
Sayid.
'Ease is with trouble': this, herdsman, feel.
O virtuous girl, preserve
Thy virtuous way, (saith Latif) : from thee
Will the iron shackles fall.
وائي
مونُ مَنُ ماروُ جو، مارُوَءِ جو مُنهنجوءِ،
مُنهُن مُنهنجو سومرا، مَرُ ميروئي هوءِ،
ڏوتوءِ وڃي ڌاريين متان مارو چوءِ،
لاروُن جي لُڙڪن جو ڳنهي وڃان توءِ.
Marui.
Mine heart is Maru's, his heart's mine.
My face O Sumro, then
May sullied stay, lest he should say
'Thou didst go mid stranger men
To wash it clean.' And now I go,
From thee having trafficked the tears that flow.
|