باب ٽيون
گهڻين شين جو تاڃي پيٽو
(الف) گهڻن اثرن جو ميلاپ
سنڌ جي اهڙي پيچيده ثقافتي ورثي جو اڀياس ڪندي، هڪ
دانشور محسوس ڪندو ته ان جي اوسر ۾ مختلف ۽ متضاد
اثرن پئي ڪم ڪيو آهي. ان کان سواءِ سنڌ جو ثقافتي
ورثو حقيقي روپ ۾ شاه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾
تڪميل کي پهتو. ان وقت مغل حڪومت جي تباهيءَ جا
آثار نمايان نظر اچي رهيا هئا. تنهن ڪري ڪنهن حد
تائين شاهه عبداللطيف جي شاعري اهڙي عام شاعري سان
سهمت آهي، جيڪا مغل زماني جي ارڙهين صديءَ واري
ساڳئي قسم جي دور ۾ تخليق ٿي. ان حقيقت کي شاهدين
سان ثابت ڪري سگهجي ٿو. پر سنڌ جي معاملي ۾ ڪي
مخصوص حالتون اهڙيون هيون، جن تي ويچارڻ کان پاسو
ڪري ڪونه ٿو سگهجي. انهن مان مکيه ڳالهيون اهي آهن
ته ماڻهن جي وڏي حصي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ دير سان
اسلام قبول ڪيو هو. ٻي ڳالهه ته سنڌي زبان ۾
پنهنجي ديسي ادب جو ڪو نمايان حصو موجود ڪونه هو.
اهو ان ڪري هو، جو سنڌ جا دانشور ۽ عالم گهڻو ڪري
رعايت يافته طبقي مان هئا، جيڪي گهڻو ڪري فطري
سنڌي نه، پر ٻاهران آيل هئا ۽ مسلمان حڪومتن جي
وقت ۾ مختلف وقتن تي ايندا رهيا هئا. ان کانسواءِ
علمي زبانون گهڻو ڪري فارسي ۽ عربي هيون.
مغلن جو مشغلو اهو هوندو هو ته هندستان جي سرحدن
اندر فارسي نموني جي شاعريءَ جي همت افزائي ڪندا
هئا، جنهن کان هو دهلي درٻار ۾ اڳئي مانوس هئا. ان
دور ۾ اهو لازمي هو ته شاعريءَ کي پراڻن اصولن جي
ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي. ان جا موضوع به اهي ئي
فارسيءَ جي وڏن شاعرن جا اڳ ورتايل موضوع هوندا
هئا.مغل حڪومت واري دور ۾ اردو شاعريءَ جو وڏو حصو
لکجڻ شروع ٿيو. ڪجهه وقت ائين ئي گزرڻ کانپوءِ هن
ٻوليءَ ۾ اعليٰ پائي جي شاعري ڪئي وئي،هندستان ۾
اردو ۽ فارسي شاعريءَ جي، صورت هيئت ۽ موضوع جي
ورتائڻ جي طريقي ۾ تمام گهڻي هڪ جهڙائي هئي. ان جو
سبب جيئن مٿي بيان ڪيوسين؛ اهو هو ته فارسي زبان
سڀني جي مٿان غالب هئي. هيءَ ڳالهه هن حقيقت جي
بلڪل ويجهو آهي ته جيئن انگلينڊ تي نارمن جي فتح
ٿيڻ کان پوءِ پهرين ٻن صدين تائين اتان جي سرڪاري
زبان فرينچ هئي. امير امراءُ به فرينچ ڳالهائيندا
هئا ۽ انگريزي ادب اڃان وجود ۾ ئي ڪونه آيو هو.
شاه عبداللطيف جي زماني تائين، ڪيترائي پڙهيا لکيا
ماڻهو فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي خيالن کان واقف ٿي،
انهن کي پنهنجي زبان ۾ ورجائيندا هوندا. پر جيسين
اهو وقت اچي تيسين فارسي قالب ۽ موضوعن کي ورتائڻ
جو فارسي طريقو پنهنجا پير پختا ڪري چڪو هو ۽ ان
کي ڇڏي پنهنجي الڳ واٽ بنائڻ تقريباً ناممڪن هو.
شاه عبداللطيف جي اهميت ان ڪري به آهي، جو هو
انهيءَ عالماڻي برتريءَ کي ڪنهن حد تائين ٽوڙڻ ۾
ڪامياب ٿيو، هن پنهنجي ملڪ جي ماروئڙن، سندن
روزمره واري زندگيءَ، ۽ منجهن مروج لوڪ داستانن کي
پنهنجي شاعريءَ جي موضوع طور کنيو، جنهن سان سنڌي
ٻوليءَ ۾ موجود شاندار خوبيون نڪري نروار ٿيون. هو
پنهنجي ان ڪوشش ۾ ڪنهن خاص حد تائين اڳتي وڌيو.
مونکي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته شاه عبداللطيف
جي شاعري جي عام مقبوليت جو سبب اهو آهي ته شاه
لطيف پهريون ڀيرو وڏي ڪوشش ڪري پنهنجي عام لوڪن جي
جذبن جي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀرپور عڪاسي ڪئي؛ ته
جيئن سڀئي مسلمان ۽ هندو ان کي سمجهي سگهن ۽ هي
پهريون ڪامياب شاعر هو، جنهن اها ٻولي ڪتب آندي،
جيڪا سڀني کي قبول هئي؛ رڳو ان ڪري نه ته اهو ادب
هو يا ان ۾ لفظن جي هٿرادو جوڙجڪ هئي، بلڪ ان ڪري
جو ان ۾ سڀني جا احساس هئا.
چوڏهين صديءَ کان وٺي اڳتي جڏهن کان سنڌ مسلمان
حڪمرانيءَ هيٺ رهي هئي، تڏهن کان هندن جي خيال ۽
سندن ڌرم کي پنهنجي دور جي ادبي صنفن ۾ ڪابه مڃتا
ڪانه ملي هئي. پر تنهن هوندي به هندو نيم ڌرمي
رسمون يا هندو لاڙا رکندڙ ڪي ڳالهيون ملڪ ۾ تمام
وسريل انداز ۾ موجود هيون ۽ اهي مڱڻهار، ڀَٽ ۽ ٻيا
هيٺئين درجي جا ڳائڻا جيڪي شادين، مرادين ميڙن ۽
ٻين موقعن مهلن تي ڳائيندا وڄائيندا هئا، اهي به
انهن کي صحيح طريقي سان ڪونه پيش ڪندا هئا. هندن
جي اهڙين اڻچٽين نيم ڌرمي روايتن جو ڪجهه تصور شاه
عبداللطيف جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ موجود هو. هن ڪوشش
ڪري ان کي فارسي نموني سان ملائي ڇڏيو. ائين ڪرڻ
سان هو ماڻهن جي وڏي انگ کي متاثر ڪري سگهيو، جيڪو
هونءَ جيڪو مغل درٻار جي فارسي يا اردو شاعريءَ
وانگر غلامانه تقليد ۾ ڪيل شاعريءَ سان نه ٿي سگهي
ها. پر اها ڳالهه حقيقت کي ڪونه بدلائيندي ته شاه
عبداللطيف جي رسالي جي شاعري اسلامي آهي، جنهن ۾
ان وقت جي اسلامي شاعريءَ کان ڪيترن وڌيڪ ماڻهن
لاءِ ڪشش آهي ۽ غير اسلامي عناصرن لاءِ به ساڳي
نموني قابل قبول آهي. انهن لاءِ به منجهس ڪو پيغام
آهي. اها شاعري رولو هندو ڀَٽن جي جهنڪارن ۽ خالي
قافيه بندي کان وڌيڪ اتم ۽ اعليٰ آهي. ۽ ان جي
غالب حيثيت شروع کان وٺي تسليم ٿيل آهي. ان مان
اهو نتيجو ٿو نڪري ته جيتوڻيڪ شاهه عبداللطيف جي
شاعري بنيادي طرح اسلامي آهي ۽ ان ۾ ان دور جي عام
پڙهيل ماڻهن تي موجود فارسي اثر به آهي، تنهن
هوندي به انهيءَ عوامي سطح تي خيال ۽ عقيدي کي
متاثر ڪيو. هيءَ شاعري جنهن موسيقيءَ سان ڳاتي
ويندي هئي، سا هندستاني هئي يا ائين کڻي چئجي ته
ان جو هندو اصل هو، جيڪو اسان راڳڻين جي نالن مان
محسوس ڪريون ٿا، جن ۾ اڄ سوڌو شاه عبداللطيف جي
شاعري ڳائي وڄائي وڃي ٿي. ان کان سواءِ صوفي فڪر
جيڪو سڄي شاعريءَ تي ڇانيو پيو آهي، تنهن سنڌ اندر
هندن کي به پاڻ ڏي ڇڪيو آهي، جيتوڻيڪ اها خبر نٿي
پوي ته انهيءَ ڪشش جو حقيقت ۾ رسالي تي هندو ڌرم
جي اثر سان ڪيترو لاڳاپو آهي. شاه عبداللطيف جي
شاعري گهڻين شين جو امتزاج آهي، ان تي گهڻو ڪجهه
لکيو ويو آهي ۽ هاڻي اهو منهنجو فرض آهي ته انهن
تي روشني وجهان.
عربي اثر
مکيه اثَر جن کي اسان سڃاڻي سگهون ٿا، سي آهن:
عربي، فارسي، هندستاني (جنهن ۾ اردو شاعري، هندو
سنگيت ۽ لوڪ ادب جو اثر اچي وڃن ٿا.) بلوچي ۽ صوفي
اثر وغيره. عربيءَ جو سنڌي شاعريءَ تي تمام ٿورڙو
اثر آهي. ملڪ جي تاريخ ان جو ٿورو ذڪر ڪري ٿي. سنڌ
عرب حڪمرانيءَ هيٺ اٽڪل ٽي سؤ سال رهي آهي. بني
اميه دور جي گورنر جا نالا تفصيل سان ملن ٿا. ان
تي عرب اثر چڱو ڊگهو عرصو رهيو آهي، يعني جيستائين
ملتان ۽ منصوره جي پهرين خاندانن ڏهين صدي عيسوي
تائين سنڌ جي سري ۽ لاڙ ۾ حڪومتون ڪيون. تنهن
هوندي به عربن هن ڌرتيءَ تي ڪي مستقل اثر ڪونه
ڇڏيا. ان جو سبب اهو هو ته هو فوجي هئا، جيڪي
ڌارين ماڻهن ۾ رهندي انهن سان گهڻو ملندا جلندا
ڪونه هئا. عام طور تي سندن حيثيت غير محفوظ هئي.
قريشي، غليبي
(Qaraishite Ghalibis)
۽ حلبي
(Halbani) کان پوءِ جڏهن ڪرمتي خاندان اقتدار ۾ آيو ته سنڌ ۾ بني اميه
خاندان جا گورنر موڪلجڻ بند ٿي ويا، سنڌ آزاد
حيثيت ماڻي ورتي ۽ سنڌي خاندان اقتدار ۾ آيا، جن
مان سومرا خاندان به هڪ هو. سومرا مقامي راجپوت
گهراڻي مان هئا. ٽاڊ، هن گهراڻي کي تاريخ يا
ائنٽيڪئٽيز آف راجسٿان
(Annals and Antiquities of Rajistan)،
۾ پارمار
(Parmar of Puar)
يا پوار نالي خاندان سان ملايو آهي. هنن ماڻهن
متعلق تصديق شده تاريخون غير واضح آهن. حوالا،
ذريعا ۽ سَنَدون پڻ اعتبار جوڳيون ڪونه آهن. ري
(Ray) کي پورو يقين آهي ته ”ڏکڻ سنڌ جو پورو خطو غزنيءَ فتح ڪونه ڪيو
هو، ۽ زوال جي پهرين نشاني نظر اچڻ سان سومرا،
جيڪا مقامي نسل سان واسطو رکندڙ هن خطي جي قوم
هئي، تنهن ٺري مان اٿي هن علاقي تي پنهنجي طاقت
ڄمائي. تاريخ طاهري مطابق، اتر ۾ سندن حڪومت جي حد
الور تائين هئي ۽ سندن پايهءِ تخت محمد طور هو،
جيڪو ديرڪ
(Dirak)
جي پرڳڻي ۾ هو. ايليٽ شڪارپور جي حيثيت ۾ ان وسندڙ
ڳوٺ کي سڃاڻي ورتو هو، جيڪو ميرپور کان ڏکڻ طرف
ڏهه ميل پري ٿر جي سرحد سان ويجهو هو.
(ايليٽ 1، ص: 256، 403، 404)
حقيقت کڻي ڪيئن به هجي، پر اهو يقين آهي ته عربن
جو اثر سنڌ ۾ سندن اقتدار ختم ٿيڻ کان گهڻو اڳ
گهٽجي چڪوهو. اقتدار جي زماني ۾ سندن ثقافت جو
جيڪو ٿورو گهڻو اثر هو. سو ٻارهين صديءَ کان اڳ
بلڪل ختم ٿي چڪو هو. ري
(Ray)
عرب دور ۾ سنڌ جي حالتن کي فوجي نوعيت جو سڏيو
آهي. لکي ٿو ته ’ملڪ عرب فوجن جي هٿ هيٺ هو، جن کي
گذر سفر لاءِ زمينون انعام ۾ ڏنيون وينديون هيون.
اهي گهڻو ڪري اهم شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا هئا، جن کي
شايد سنڌي فوج امداد ڪندي رهندي هئي … ملڪ جو
اندروني انتظام سنڌ جي هندو زميندارن کي سونپيو
ويو هو، جيڪي زمين جو محصول (خراج) ۽ شخصي محصول
’جزيه‘ ادا ڪرڻ لاءِ ذميوار هئا‘(1).
مسعودي چوي ٿو ته: ان وقت عرب واپارين، سنڌ ۽
هندستان جي ٻين ويجهن علائقن جي وچ ۾ واپاري
تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا. اهي چين ۽ لنڪا جون
شيون سنڌ جي بندرن تي آڻيندا هئا، ۽ اتان کان
درياه رستي ملتان مال ايندو هو، جيڪو بعد ۾
ترڪستان ۽ پوءِ خراسان نيو ويندو هو. اسلام هوريان
هوريان پکڙبو رهيو ۽ فاتحن جي حڪمت عملي سهپ ۽
رواداري واري هئي. طاقت جو استعمال فقط تڏهن ڪندا
هئا، جڏهن الامي لشڪر جي خلاف مدافعت ۽ مزاحمت ڪئي
ويندي هئي. مثال طور جيئن ديبل ۾ اسلام جي فوجن
سان ٿيو هو.ڏهين صدي جي پڇاڙڪي زماني ۾ سنڌ ۾ مصر
جي ڪرمتين ڏاڍو زور ورتو ۽ محمود غزنويءَ منصوره
کي اسماعيلين جي قبضي هيٺ ڏٺو ۽ انهن جو عقيدو به
اسماعيلي هو.
هن مان صاف ظاهر آهي ته عربن جي سنڌ ۾ داخلا
اڻپوري هئي ۽ سندن اثر ماڻهن جي هڪ ننڍي حصي تي
ٿيو هو ۽ اهو جهڙو تهڙو اثر به ايندڙ صدين ۾ بلڪل
ختم ٿي چڪو هو. سنڌ جو هاري ناري طبقو اتر هندستان
۾ اسلامي دور جي تمام پوئين وقت ۾ اسلام ۾ آيو،
جڏهن عربي تصور ۽ نظريي کي تمام گهٽ اهميت هئي ۽
فارسي عنصر کي مسلمان هندستان ۾ اعليٰ رتبو حاصل
ٿي چڪو هو. حقيقت ۾ سنڌ کي عربن مسلمان ڪونه ڪيو
هو، پر اهي وچ ايشيا جي ماڻهن کان مسلمان ٿيا هئا،
جن ٻارهين صديءَ ۽ ان کانپوءِ هندستان ۾ داخل ٿيڻ
شروع ڪيوهو. سمن سومرن جي اقتدار دوران سنڌ ۾
اسلام ايندو رهيو. سورهين صديءَ ۾ لوڌي افغانن جي
دور ۾ زرعي ڌنڌي سان لاڳاپيل طبقا سڀ مسلمان ٿي
چڪا هئا ۽ هندو پڙهڻ پڙهائڻ، واپار ۽ ڏيتي ليتي
ڪرڻ وارن ڌنڌن ۾ وڃي بچيا هئا. اهڙيون ئي ڪي
حالتون هيون، جيڪي 1843ع ۾ انگريزن پاران سنڌ فتح
ڪرڻ تائين موجود هيون. اهڙيءَ ريت سنڌ تي عربي
ثقافتي اثر، جيڪو اڳئي تمام گهٽ رهيو هو، سو به ڪن
ٿورين ڳالهين کان سواءِ بلڪل ختم ٿي چڪو هو ان جو
سبب اهو آهي ته سنڌ ان وقت اسلام قبول ڪيو، جنهن
وقت وچ ايشيا ۽ ايران جو اثر پنهنجي پوري جوڀن تي
هو. البت سمورن مسلمانن جي ثقافتي ورثي تي عربي
ٻوليءَ جو هلڪو اثر هميشه رهيو آهي، جيڪو مسلمان
هجڻ جي ناتي سان ان جي مذهبي ضرورت هيٺ هلندو رهي
ٿو.
اها ڪا تعجب جي ڳالهه نه آهي ته عربي زبان سنڌ ۾
ڪي عالم ماڻهو ڄاڻن ۽ ڳالهائين ٿا ۽ قرآن جا حافظ
به بيشمار آهن، پر پوءِ به عربيءَ زبان جو سنڌي
شاعريءَ تي نالي ماتر به اثر ڪونه آهي. بهرصورت
اهو امڪان آهي ته ان اثر کي گهٽ سمجهندا هجون.
عربي زبان جي طاقتور قافيه بندي ۽ روزانه مسجد ۾
قرات جي مشق، هر مسلمان کي ڏني ويندي آهي، جيڪو
مذهب جي اصولن تحت پاليو نپايو ويندو آهي. ان
طريقي يقيني طور مسلمانن جي شاعراڻي جوڙجڪ کي ڪجهه
مڙئي بدلايو هوندو. انهن پنهنجي موسيقيءَ جي فطرت
کي به پسند جي ان معيار مطابق بڻايو آهي، جيڪو
ٻڌندڙن کي موهي سگهي. اسان اڳئي چئي چڪا آهيون ته
شاه عبداللطيف جي رسالي جي شاعري موسيقيءَ ۽ راڳ
مان جنم ورتو آهي. هيءَ حقيقت آهي ته هيءَ
موسيقيءَ هندستاني آهي ۽ مسلمانن جو ان تي ڪو اثر
ڪونهي. اها به هڪ اهميت جوڳي ڳالهه آهي ته ڪن
مذهبي موقع تي صوفي فقيرن جي مقبرن ۽ مزارن تي
بهترين قسم جي موسيقي ۽ راڳ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.
لاڳاپو بلڪل ظاهر آهي پر ان تصوير کي مڪمل ڪرڻ
اڻانگو پيو لڳي. سنڌين جي سنجيده شاعراڻي تخليق،
مدح، مناجات، مرثيا، نعتون، هونديون آهن، جن مان
پهريون خدا جي تعريف، سندس رسول ﷺ ۽ ٻين بزرگن جي
ساراه سان لاڳاپيل هونديون آهن. ٻئي قسم واري
شاعري ڀڄن وانگر هوندي آهي. ٽيان اهڙا نظم هوندا
آهن، جيڪي حسن ۽ حسين جي شهادت بابت هوندا آهن.
چوٿين جو تعلق انسان ذات جي نيڪين ۽ بدين سان
هوندو آهي. ظاهر آهي ته هڪ مسلمان ملڪ ۾ نيڪي ۽
بديءَ جو تصور اهوئي هوندو آهي، جيڪو اسلام ۾
سيکاريندا آهن. اهڙي قسم جون تخليقون سموري اسلامي
دنيا ۾ عام جام آهن ۽ انهن ۾ اهڙي ڪا خاص ڳالهه
ڪانه آهي، جنهن کي عربي اثر ڏانهن منسوب ڪجي ڪي
هلڪي قسم جون جيڪي تخليقون آهن، جنهن لاءِ سنڌي
فخر ڪندا آهن. جهڙوڪ فتح نامو، ڪافيون، وايون،
عشقيه ڪلام، بيت، ڏوهيڙا، سنهيڙو يا عشقيه پيغام
وغيره. انهن سڀني مان فقط ’فتح نامو‘ اهڙو آهي،
جيڪو قديم عربي شاعريءَ سان ڪنهن حد تائين مشابهت
رکي ٿو. ان جو شايد اهو سبب آهي ته فتح متعلق ڪلام
عنواني مواد جي نقطهءِ نظر کان لازمي طور محدود
هوندو آهي. سنڌ جو ٻيو هلڪو ۽ عشقيه ڪلام عربيءَ
کان وڌيڪ فارسي جي ويجهو آهي ۽ منجهس سڀ خاصيتون
مقامي آهن. اهڙي قسم جون خاصيتون فقط اهڙي مسلمان
ملڪ ۾ ممڪن ٿي سگهن ٿيون، جيڪو سوَن سالن تائين
پنهنجي انفرادي آزادي قائم رکي سگهيو هجي. شاه
عبداللطيف جي رسالي ۾ قرآن شريف جا ڪيترا حوالا ۽
ڪيترائي عربي لفظ موجود آهن. اها هڪ فطري شيءِ
آهي. انهيءَ کان سواءِ سندس ٻيو مطلب ڪونه آهي ته
سنڌ، ٻيءَ مسلمان دنيا جي ملڪن وانگي مسلماني
ثقافت جو پنهنجو نمونو رکيو ٿي.
مختلف دورن ۾ سنڌ اندر صوفياڻو فڪر ڏاڍو اهم پئي
رهيو آهي، جنهن جو اڻسڌي نموني اهو مطلب ٿيندو، ته
تصوف جي زبان ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح ۽ محاورا
سنڌي زبان ۾ ضرور رائج هوندا. سنڌي زبان سنسڪرت
مان نڪتل هڪ ڀاشا آهي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي لفظن
جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جيڪو سنڌي ثقافت جي
تاريخي ترقيءَ جو مظهر آهي. ان مان اهو اندازو غلط
ٿيندو ته سنڌي ادب جيڪو شاه عبداللطيف جي رسالي جي
صورت ۾ ظاهر آهي، سو گهڻو ڪري عربي اثر تي
دارومدار رکي ٿو، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ هن ملڪ تي
پنهنجي اثر ڇڏڻ جو موقعو مليو هو. جيڪو ڪجهه
عربيءَ جو اثر اڃان آهي، ان جو سبب، مذهب جي اهميت
۽ هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت هئڻ ڪري ڪن اثرن جو
هيڏانهن اچڻ آهي. مسلمانن جو اهو تصور ته راڳ جي
ذريعي به خدا جي خدمت ڪجي، سو هن تصور به سنڌي
شاعريءَ جي تخليق ۾ مدد ڪئي. جيڪڏهن اها ڳالهه
صحيح آهي ته پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي
شاعريءَ تي اڃان تائين عربيءَ جو اثر موجود آهي.
غزاليءَ موسيقيءَ، خيال ۽ مذهب جي ميلاپ کي ڏاڍن
سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. هيءُ چوي ٿو، ”ستون
(قسم ٻڌڻ جو). ان کي ٻڌڻ آهي، جيڪو خدا سان محبت
ڪري ٿو. خدا جي واسطي خواهش ڪري ٿو، خدا سان ملڻ
جي تمنا ڪري ٿو. تنهن ڪري سواءِ خدا جي هو ڪجهه به
ڪونه ٿو ڏسي (جنهن جي تڪميل تعريف جوڳي آهي)، هن
جي ڪنن تائين سواءِ خدا جي آواز جي ٻيو ڪوبه آواز
ڪون ٿو پهچي، اهو ٻيو ڪجهه نٿو ڏسي ۽ ٻڌي، سواءِ
ان جي جيڪو ڪجهه خدا وٽان ۽ خدا ۾ موجود آهي. هن
خيال مطابق راڳ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ سان خدا سان وصل ۽ خدا
سان هڪ ٿيڻ جي خواهش ٿي پيدا ٿئي، خدا سان وصل
وارا جذبا مضبوط ٿا ٿين. سندس عشق پڪو ٿو ٿئي. اهو
دل ۾ ٻاريل باهه کي الاهي عشق جي آڙاهه ۾ تبديل
ڪري ٿو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ عشق ۽ محبت واري گفتگو ٿئي
ٿي، جيڪا سمجهڻ کان ٻاهر آهي… جنهن به ان جو ذائقو
چکيو آهي، اهوئي ڄاڻي ٿو. ان حقيقت جو اهو ماڻهو
انڪار ڪري سگهي ٿو، جنهن جا احساس مُڏا آهن ۽ کيس
ان لذت جو احساس آهي ئي ڪونهي“(1).
بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اهڙي قسم جو ڪو روح
آهي، جيڪو شاه عبداللطيف جي ان خوبصورت شاعريءَ ۾
ساه کڻي رهيو آهي، جنهن کي سر سورٺ سڏيو وڃي ٿو؛
جيڪو ڪنهن لوڪ داستان جي پردي ۾ ڪنهن ڳُجهه کي
ظاهر ڪري رهيو آهي، جيڪو موسيقيءَ جي ٻڌندڙ کي ڄڻ
خدا سان ملائي ٿو ڇڏي.
ان سُر ۾ هڪ مڱڻهار آهي، جيڪو وڄت جو اعليٰ فنڪار
آهي، ان جي تصوير ڪجهه هن ريت ڪڍي وئي آهي ته هن
بادشاه تي سُر جي ميٺاڄ جو اهڙو جادو ڪيو، جو هو
پنهنجو سِر ڏيڻ لاءِ آتو ٿي پيو، ڄڻڪ اها عشق جي
قرباني هجي، جنهن سان هو خدا سان ميلاپ ماڻي ٿو.
ترجمو:
مر ته آئين مڱڻا مام پروڙي مون،
جيڪا ڳالهه ڳالهياءِ سا سڀ سمجهي سون،
تنهن ۾ تسِجِ تون، جيڪي پوئي پٽ ۾.
"Welcome thou art, O man of music
Thy meaning's drift I knew. What thy tongue sped
I comprehend completely, all thy words.
What falleth to the ground."
ٽيئي پرچيا پاڻ ۾، تند، ڪٽارو، ڪنڌ،
تنهن جهوئي ناه ڪي جو تو چارڻ ڪيو پنڌ،
هي شڪر الحمد، جو مٿو گهريئه مڱڻا.
"Be pleased to take. All three in tune were wed,
The music's chords, the dagger and the neck,
For no such prize, O man of music
Hast thou, ere this, made jouney. God be
praised,
O man of music, that thou sought'st the head."
هتي هن اڻ ٿيڻي معاملي ۾ سُر جي روپ ۾ مذهبي بي
خوديءَ واري غزاليءَ جي نظريي کي ڏسي سگهجي ٿو،
جنهن ۾ غزاليءَ جهڙي هڪ وڏي ڏاهي ۽ دانشور، عربي
تصور واري پيغام کي ڪٺو ڪري اهڙن لفظن ۽ دليلن سان
ان جو تفسير ڪيو آهي، جن سينٽ ٿامس اقيونس
(St. Thomas Aquinas)
جي مٿاهن خيالن جي اڏام جي ياد ڏياري ڇڏي آهي.
اهڙيءَ ريت سنڌ جا عربستان سان تعلقات قطع ٿيڻ کان
پوءِ به شاه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ اسان اسلامي
دانشوريءَ جي آڳاٽي سڏ جو ڪو گهرو پڙاڏو ٻڌون ٿا.
فارسي اثر
رسالي تي فارسيءَ جو اثر، عربي اثر کان وڌيڪ مضبوط
آهي ۽ ان لاءِ سٺو سبب به اهو آهي. فارسي، مغل دور
۾ سياسي واهپي ۽ روايتي شاعريءَ جي زبان هئي. اهڙي
ريت اهو ڄڻ اڻٽر هو ته ڪوبه شاعر جيڪو سنسڪرت جي
اثر هيٺ نه لکندو هجي ته اهو شعوري طور يا عادت
کان مجبور ٿي ضرور فارسي شاعريءَ جي نقش قدم تي
هلندو، جنهن جي ماحول ۾ هو اٿيو ويٺو آهي. شاه
عبداللطيف فارسي جي وڏن شاعرن کان ڪيتري حد تائين
واقف هو. سا خبر ڪانه آهي. اهڙي ڪا شاهدي وغيره به
ميسر ڪانهي ته هن انهن کي پڙهيو هجي، سواءِ جلال
الدين رومي جي مثنوي جي، جنهن لاءِ اهو عام چيو
ويندو آهي ته ان جو هڪ نسخو سدائين سندس هٿن ۾
هوندو هو.مثنوي لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اها
فارسي زبان ۾ قرآن آهي. پروفيسر نڪولسن
(Nichlson) ان متعلق چوي ٿو ته: ”هن تصنيف جو مصنف الهامي ڪتاب جي اندروني
معنيٰ جو تفسير ڪري ٿو، پر جڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ان
ڪم ۾ جهاتي پائي ڏسي ٿو ته اهو ڏسي سگهي ٿو ته ڪي
اصول آهن، جن جو تاڃي پيٽو نصيحت آميز ڳالهين، قصن
ڪهاڻين، ڏندڪٿائن وارن داستانن، سان اڻيو پيو آهي،
جيڪي وچولي دور وارين سمورين مذهبي روايتن ۽ خيالن
جي دنيا ۾ پکڙيل آهن… سڄي نظم لاءِ چيو ويو آهي ته
”اها مذهبي جذبي کي عشق ذريعي پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش
آهي.“(1)
فارسيءَ جي جوڀن وارن ڏينهن ۾ مسلم هندستان جي
خيال ۽ اظهار تي فارسي ٻوليءَ جي هن بهترين استاد،
پنهنجي زبردست تصنيف ذريعي، وڏو ادبي ۽ مذهبي اثر
وڌو پر ان کان سواءِ اهو اثر به گهٽ ناهي جيڪو
فارسي زبان، عباسي خاندان جي دور ۾ اسلام تي وڌو
هو، پر جڏهن عربي اثر زوال پذير ٿي چڪو هو، ان وقت
فارسي زبان جي طاقت مٿي اڀري آئي جنهن ڪڏهن به
پنهنجي حيثيت ڪونه وڃائي. پروفيسر ليهمن
(Lehmann)
چوي ٿو ته ”اسلام جي حڪمراني
واري زماني ۾ ايران جي ماڻهن انفرادي طور تي ڏاڍي
ترقي ڪئي ۽ مضبوط ٿيا، جنهن جي ئي بنيادن تي مشرقي
خلافت جي ثقافت جڙي، جيڪا کڻي عربي نالي سان هئي:
ان جي سياست، رسم و رواج ۽ پوشاڪ، فن، سائنس،
شاعري ۽ ايتريقدر جو مذهبي جدتون به فارسيءَ جي
زير اثر ٿيون“(1).
جيئن عرب قوم پنهنجي اهميت وڃائي ويٺي ته، اها
جاءِ اچي فارسي قوم والاري. ان کان پوءِ فارسي دخل
ايترو ڪامياب ويو جو عباسين جي زوال کان پوءِ
هندستان جي مسلماني تاريخ ۾ جيڪو به مکيه ثقافتي
اثر آيو آهي، سو فقط وچ ايشيا جي ماڻهن وٽان ئي
آيو آهي، جيڪي فارسي ثقافت جا نمونا هئا.
اتر هندستان جي مسلمان حڪومت جي تڪميل ترڪن ۽
منگولن جي حملن جي ڪري ٿي، جن فارسي اسلامي ثقافت
جا سبق ڏئي سڄي سماج کي ڄڻ ملائي هڪ ڪري ڇڏيو.
هيءَ اها ئي شيءِ آهي، جيڪا اسان کي هندستان اندر
مسلم شاعري کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، جيڪا تيرهين
صدي کان اڳتي پئي هلي. هيءَ اها شاعري آهي، جنهن
جو اردو شاعر غلامانه طريقي سان هوبهو نقل ڪندا
هئا، جن اڳتي هلي ڪنهن منزل تي هڪڙي ٻئي طريقي جو
اسلامي اظهار ڪيو ۽ اها اظهار جي زبان پاڻ به
هندستان ۾ گهڻن ملڪن جي اهڙن ماڻهن جي ملڻ جو
نتيجو هئي جن وٽ پنهنجي ڪا عربي يا فارسي روايت
ڪانه هئي. ادبي اظهار کي مرتب ڪرڻ ۾ شاهي دربار جي
ڪردار کي اڳ ۾ سمجهائي آيا آهيون. فارسي زبان جي
ادبي طاقت هجڻ جو ٻيو سبب صوفي فلسفو هو، جنهن جي
نظريي کي فارسيءَ جا باڪمال شاعر سولائي سان فارسي
زبان ۾ ادا ڪري ٿي سگهيا. جنهن جو زور هندستان ۽
خاص طور تي سنڌ ۾ گهڻو هو. سنڌ صوفي فڪر ظاهر ڪرڻ
وارن گهڻن صوفين جو وطن هو، ۽ هو وچين دور واري
صوفي تصور جي اظهار جا ماهر هئا، انهيءَ حقيقت جو
مثال شاه عبداللطيف به هو، جنهن کي صوفي فڪر جي
اظهار ۾ ڪمال حاصل هو. انهن حالتن ۾ اهو ظاهر آهي
ته رسالي ۾ موجود فڪر جي، فارسيءَ جي استاد شاعرن
جي فڪر سان هڪجهڙائي هئڻ لازمي ڳالهه آهي. ان
ڳالهه جي به ڪا ضرورت ڪانهي ته ويهي اندازا لڳايون
ته شاه عبداللطيف ۽ فارسي جي استاد شاعرن جي خيالن
۾ هڪ جهڙائي ان ڪري آهي، جو شاه عبداللطيف انهن جو
مطالعو ڪيو هوندو. جيڪڏهن هو فقط اڪيلي جلال الدين
روميءَ کان واقف هجي ها پر فريد الدين عطار، جامي،
بايزيد بسطامي، حافظ، سعدي يا ابوسعيد ابوالخير
کان واقف نه هجي ته اها به وضاحت ڪافي آهي.
مولانا جلال الدين رومي ۽ جاميءَ وٽ جيڪو خاص قسم
جو خيال ۽ اظهار مڪمل صورت ۾ موجود آهي، ڄڻ اهو
ڪجهه محدود قسم جو ميدان آهي ۽ خيال به ٿورا ۽ ڳڻ
ڳڻيا آهن، پر ان ۾ جيڪا لامحدود تصور جي دولت آهي،
اها خاص قسم جي علامتي قوت رکي ٿي جيڪا پوءِ
سولائي سان مؤثر وحدت بنجي وڃي ٿي. حقيقت ۾ رسالي
جي تخليقڪار لاءِ رڳو جلال الدين رومي کان واقفيت
ئي ڪافي هجي ها پر اها ڳالهه ممڪن ڪانهي ته هن
فارسي جي ٻين صوفي شاعرن کان ٿورو گهڻو استفادو
ڪونه ڪيو هوندو. اسان کي اهو نتيجو ڪڍڻ جي ڪا
ضرورت ڪانهي ته اهڙين حالتن ۾ جڏهن ڪوبه ماڻهو
مثنوي کان واقف هجي، ته اهو ضرور ڄاڻندو هوندو ته
فارسي تصوف جي سموري تصور ۽ فڪر جو مڪمل فلسفو ڇا
آهي.
انهيءَ راءِ کانپوءِ اچو ته شاه عبداللطيف جي
رسالي ۽ فارسي جي مهان شاعرن جي شاعري ۾ موجود
ڪجهه هڪجهڙائيءَ ڏانهن ڌيان ڏيون. جڏهن اسان
مولانا جلال الدين رومي،جامي ۽ فريد الدين عطار
سان سندس ڀيٽ ٿا ڪريون ته اسان کي هيءُ سنڌي شاعر
فقط پنهنجي وطن جي سادي سودي قالب ۾ نظر اچي ٿو.
وٽس انهن عظيم شاعرن واري خيال جي وسعت ۽ تخيل جي
شاهوڪاري ڪانهي. سندس فلسفي جو اظهار تبصري وانگي
هڪ طرفو آهي، پر ڪو معقول ۽ خوبصورت بحث مباحثو
ڪونه ڪيو ويو آهي، ته جيئن غير امڪاني شين مان به،
سندس فلسفي جي سگهه سبب، ڪا خوبصورتي لڀي پوي.
فارسيءَ جي عظيم شاعرن جي ڪامياب ڪوشش سان جيڪڏهن
ڀيٽ ڪجي ته شاه عبداللطيف جي شاعري انهن جي اڳيان
هڪ ننڍڙي شيءِ محسوس ٿئي ٿي، ايئن جيئن مائڪل
اينجلو
(Michael Angelo)
۽ رافيل
(Rafael)
جي پردن تي عاليشان تصويرن اڳيان رکيل عام فنڪارن
جون تصويرون، يا ايئن جيئن سليوان
(Sullivan)
يا اَنباچ
(Offenbach)
جهڙن اوپيرا جي فنڪارن کي وئگنر
(Wagner)
۽ ورڊي
(Verdi)
جهڙن وڏن ڪلاڪارن جي بلڪل سامهون بيهارجي. ڪم ته
کڻي تمام عمدو آهي، پر ان جي ڪاميابيءَ جي سطح
تمام هيٺاهين آهي. پنهنجي قسم جو بهترين نمونو
هوندي به ان درجي جو ناهي. شاه عبداللطيف پنهنجي
ڏات جي انتها تي ان وقت پهچي ٿو، جڏهن هو پنهنجي
زبان جي رنگينيءَ سان سڪل ٺوٺ ڌرتيءَ مٿان برسات
پوڻ جي خوشيءَ جو منظر چٽي ٿو؛ ڄڻ هُو خدا جي سخا
۽ رحمت جي منظرڪشي ويٺو ڪري. يا وري جڏهن هُو هڪ
ڪونج جو ڪونجن جي ولر کان وڇڙي وڃڻ جو منظر ٿو
چٽي، جنهن کي پاڙهيري جي ڍٻي هيٺان اڪيلي ڍير ٿي
مري وڃڻ جو خطرو آهي. يا وري هن جي شاعري کي اسان
ان وقت وڏو اثرائتو ڏسون ٿا. جڏهن هڪ اهڙي وساريل
عورت جي جذبن جو اظهار ڪري ٿو، جيڪا پنهنجي محبوب
کان وڇڙي وئي آهي، جيڪو درياه جي ٻئي ڪناري تي
آهي، جيڪو اجهاڳ آهي ۽ پار ڪري ڪانه ٿي سگهي. هوءَ
مينهن جي چڙن جي چونگار ٻڌي ٿي، جيڪا ٻيءَ ڀر کان
اچي رهي آهي، جتي سندس محبوب رهي ٿو. اهو اعليٰ فن
آهي، پر ان کي اعليٰ ترين چئي نه ٿو سگهجي. رسالي
۾ جاميءَ جي هن شعر جي مقابلي جهڙو ڪو بيت ڪونهي:
"See where the tulip grows
In upland meadows, how in balmy spring
It decks itself and how amidst its thorns
The wild rose rends its garment and reveals
Its loveliness. Thou too, when some rare thought
Or beauteous image or deep mystry
Flashes across thy soul, canst not endure
To let it pass, but hold'st it, that perchance.
In speech or writing thou mayst send it forth
To charm the world."(1)
ترجمو:
ڏس ڪاٿي گل لاله کڙيو آهي
مٿي لاله زارن ۾، مهڪ واري بنست ۾
ڪنڊن جي وچ ۾، پنهنجو پاڻ ڪيئن پوشاڪ پهري ٿو
جهنگلي گلاب پنهنجي پوشاڪ چيهون چيهون ڪري ڇڏي آهي
۽ ڪيڏي خوبصورتي ظاهر (نازل) ٿوڪري،
تون به، جڏهن تو وٽ ڪو ناياب خيال هجي، خوبصورتي
وارو عڪس هجي، ڪو گهرو راز هجي،
تنهنجي روح کي روشن ڪري ٿو پر تنهنجي برداشت کان
ٻاهر آهي
ته ان کي اڳتي روانو ڪر، روڪين به ته اتفاقي
نموني،
پنهنجي لکتن ۾، پنهنجي گفتگو ۾، ان کي هميشه اڳتي
پکڙيندو ره
جيئن دنيا محوَ ٿي وڃي.
شاه عبداللطيف به پنهنجي محبوب جو سونهن لاءِ گهڻو
ڪجهه چيو آهي پر هو ايترو مٿي اڀري ان منزل تي
ڪونه پهتو آهي.
يا اسان مثنوي مان هڪ ٽڪرو وٺون ٿا، جيڪو انفراديت
جي کوکلائپ ظاهر ڪري ٿو، جيڪا انسانذات کي خدا سان
ملڻ کان روڪي ٿي.
"Where are we and I? There where our Beloved is.
O thou who art exempt from us and me,
Who pervadest the spirits of all men women:
When men and women become one. Thou art that One
When their union is dissolved, lo, thou abidest
Thou hast made these "us" and "me" for this
purpose
To wit, to play chess with them by thyselfs."(1)
ترجمو:
ڪٿي آهن ’اسان‘ ۽ ’مان‘؟ اتي جتي اسان جو محبوب
آهي،
او! تون، ته ’اسان‘ ۽ ’مان‘ کان وانجهيل آهين،
ڪير آهي جيڪو سڀني مردن ۽ عورتن سان روح جو پيوند
ٿو ڪري،
جڏهن سڀني مرد ۽ عورتون هڪ هوندا آهن، تون ئي اهو
’هڪ‘ هوندو آهين.
جڏهن انهن جو وصل ختم ٿي وڃي ٿو، تڏهن به ’تون‘ ئي
رهجي وڃين ٿو.
تو ’مان‘ کي ۽ ’اسان‘ کي انهي مقصد لاءِ بنايو
آهي،
ته هنن سان کيڏ کيڏين، هنن سان تون ئي شطرنج
کيڏين.
اظهار جي اهڙي نزاڪت سنڌي شاعر جي شاعريءَ ۾ ڪانه
ملندي، پر تنهن هوندي به جڏهن شاه عبداللطيف معمول
جي عام واقعن مان ڪونه ڪو اخلاقي سبق ٿو ڪڍي، يا
سڀني شين جي اڪثريت مان وحدت پيو ڳولي ۽ ان مان
خدا تعاليٰ سان وصل جي خوشي پيو ماڻي، يا جيڪي
محبوب جي وڇوڙي جا ڏنڀ آهن، انهن کي اهڙي مؤثر
نموني بيان ڪري ٿو. جهڙو انهن وڏن فارسي شاعرن مان
ڪو ڪري. سندس ڪيترا ننڍڙا بيت سندس گهٽتائي ڪونه
ڪندا. کيس ڪنهن ڳالهه ٻڌائڻ واري انداز ۾ سچ بيان
ڪرڻ تي قدرت حاصل آهي، جنهن ۾ ڪنهن رنگين اصطلاح ۽
سهڻي علامت جو صحيح استعمال پڻ ڪري ٿو، انهن مان
ڪجهه مثال ڏيڻ ڪافي ٿيندا. سر ڏهر ۾ فرمائي ٿو:
ڌڻي ورائي واءُ، جو ميڙائو سڄڻين،
ونهينءَ واٽ مٿانءَ، هينئڙي آسر نه لهي.
*
الله جيئن نالو، تيئن مون وڏو آسرو،
خالق تنهنجي کاند جو پروپاند نه ڪو،
نالو رب سندوءِ، رهيو آهي روح ۾.
*
مٺو جيئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو،
ڪو در نا جِهوءِ، مون در گهڻا نهاريا.
"O may the Lord cause wind to blow
That joineth friends together:
Go, that way choose, lest heart may lose
All hope of kindly weather
O' Allah, like thy name as great
My hope is. Vast unbounded,
Thy patience reigns Creator Lord
Within my sould is founded.
The name of thee as sweet it be
So lives my great hope sweetly
No door like Thine is. I have seen
Of doors my round completely."
سر رپ ۾ وري هيٺيون سٽون آهن:
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جان،
مون پريان سين نينهن، ڇنڻ ڪارڻ ڪونه ڪيو.
"All day my heart is out of place
As strays the herd of camels far.
I loved no love to love displace."
ڪڪر منجهه ڪپار جهڙ نيڻئون نه لهي،
اڄ منهنجي چت ۾ اُٺا پرين اپار،
آءٌ سڄڻ! لهه سار، وِرهه ويڙهي آهيان.
"MY head is cloudy: from mine eyes
The misty fogbanks do not rise.
Within my heart hath rained today.
The plenteous showering of my love.
Beloved, come, and carefully
Look after me for I am wrapped
In separation and entrapped."
سر آسا ۾ وري اسان هن کي وڌيڪ مذهبي ڏسون ٿا:
جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناه سجود،
وڃائي وجود، تِنهان پوءِ تڪبير چؤ.
"On self alone while eyes be set
No truth of worship canst thou get
First kill all life's emprise
Say word of sacrifice."
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو
مورت ۾ مخفي ٿيا صورت پڻ سيئي،
ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
What- No- Existence- Knows hath grace
To raise the slave to lofty place.
Who secret are in their heart
Are secret in outward part."
شايد حتمي طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته هن سنڌي
شاعر جي وڏي وصف ان جي سريلي هئڻ ۾ آهي. اها
فلسفياڻي آهي نه وري مدلل ئي آهي. کيس وڏن فارسي
شاعرن واري تصور تي ڄڻ مڪمل ضابطو حاصل آهي. هيءُ
پاڻ ۾ اهڙي طاقت مڪمل ضابطو ساري سگهي ٿو، جو ان
جو گهڻي تفصيل سان وستار ڪرڻ بجاءِ، ان تصور کي
ننڍڙن عشقيه بيتن ۾ منتقل ڪرڻ جا جتن ڪري، ان جي
سچائي واري پسمنظر ڏانهن اشارو ڪري، ۽ روزمره واري
زندگي ۾ ٿيندڙ ننڍڙن واقعن کي گهري معنيٰ ڏئي. اهي
ماڻهو جن فارسي جي چوٽي جي شاعرن جو مطالعو ڪيو
آهي، سي شاه عبداللطيف جي شاعري پڙهي ائين محسوس
ڪندا ته شاه عبداللطيف، مولانا جلال الدين رومي ۽
جامي جي اعليٰ ڪاريگريءَ سان استعمال ۾ آندل ذهني
مواد کي مختصر ڪري پنهنجي نقطهءِ نظر سان استعمال
ڪيو آهي. هن کان وڌيڪ ڪجهه چوڻ صحيح ڪونه ٿيندو.
بلوچي اثر
شاه عبداللطيف جي رسالي ۾ ڪي چند اهڙيون حقيقتون
آهن، جن مان اسان امڪاني طور تي محسوس ڪري سگهون
ٿا ته شاه عبداللطيف جي شاعري تي بلوچي شاعريءَ جو
اثر آهي. سنڌ ۾ بلوچ ڪيترن نسلن کان آباد آهن.
انهن جي سياسي اهميت ان وقت کان ڳڻي سگهجي ٿي،
جڏهن ڪلهوڙن جي دور ۾ ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جي
حڪمران جي خواهش تي کين فوجي خدمتن تي مامور ڪيو
ويو هو. پر ان کان به گهڻو وقت اڳ بلوچن جا ڪي
قبيلا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. وٿنگٽن جيڪو 1613ع
۾ سنڌ ۾ موجود هو، ان جي لکتن مان اهو معلوم ٿئي
ٿو ته ان وقت سنڌ جي هيٺئين علاقي ۾ بلوچن کي
قانون شڪني جي عادتن جي ڪري عزت واري نگاه سان
ڪونه ڏٺو ويندو هو. ڏکڻ سنڌ کان اتر سنڌ جو علائقو
هنن لاءِ وڌيڪ پرڪشش هو؛ اهوئي سبب آهي جو اڄ ڪلهه
اهي اتر سنڌ جي سرحدي علاقي سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾
نسبتاً وڌيڪ آباد آهن. اتر سنڌ وارا سرحدي ضلعا ڄڻ
بلوچ گهڻائي وارا ضلعا آهن. شاه عبداللطيف جو تعلق
هيٺينءَ سنڌ سان هو پر هن پنهنجي زندگي جو گهڻو
عرصو سفر ڪندي پڻ گذاريو، ان ڪري بلوچي، رسمن
رواجن ۽ زندگي گذارڻ جي ڍنگ مان وقف هوندو. ان
کانسواءِ ڪوهستان ۽ ڪوٽڙيءَ ۾، سندس ڳوٺ جي ويجهو
ڪيترائي مڪراني رهندا هئا، جن جو تعلق ڏکڻ
بلوچستان سان آهي.
بلوچن جي شاعري گهڻين ڳالهين جي ڪري اهميت جوڳي
آهي. اها اصليت ۽ هيئت جي ڪري گهڻو مشهور آهي.
لانگ ورٿ ڊيمس
(Longwarth Dames) جي چوڻ مطابق: ”ان ۾ غزل ڪونه آهن،
۽ ديوانن ۾ شعرن جي هٿرادو جوڙجڪ ڪونهي ۽ نه وري
فارسي جي علم عروض واري شاعريءَ جي نمائش آهي.
بلوچي شاعري اظهار ۾ سادي ۽ سڌي سنئين آهي ۽
انساني حياتيءَ ۽ ملڪ جي پوري عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان
کي ڳائيندڙ اسان جي آڏو بنا ڪنهن شعوري ٺاهه ٺوهه
جي پيش ڪري ٿو. اهو سمجهڻ ضروري آهي ته جنهن
سرزمين تي پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي آهي ۽ مينهن به ڪو
ورلي پوندو آهي، اتي شاعر ڏاڍو خوش ٿي مينهن ۽
گجگوڙ کي واضح نموني سان بيان ڪندا آهن، جيڪو جبلن
تي ڪڏهن ڪڏهن پوندو آهي ۽ ٻهراڙي ۾ مينهن(1)
پوڻ ڪري ڌرتيءَ ۾ آيل تبديليءَ جو نقشو بدلجي
ويندو آهي. پر ان کانسواءِ بلوچي شاعريءَ جو فطري
اظهار ان ڪري به اهميت وارو آهي ته اهو سڄو زباني
(صدري) هوندو آهي ۽ اهو پيشيور ڀٽ ڳائيندا آهن، جن
کي ڊرم يا ڊومپ ڪري سڏيو ويندو آهي. هنن ۾ اها
زباني ڳائڻ جي روايت ڏاڍي مضبوط هوندي آهي. هن
روايت وسيلي شاعريءَ جو وڏو حصو هڪ نسل کان ٻئي
نسل ڏانهن سولائي سان منتقل ٿي سگهي ٿو. ان مان
گهڻو ڪلام عشقيه هوندو آهي، يا نغمن جي صورت ۾
هوندو آهي. انهن مان ڪي مذهبي به هوندا آهن، ته ڪي
وري پڙهائڻ واري علم سان لاڳاپيل هوندا آهن.
مذڪوره قسم جي راڳن مان ڪي عشقيه هوندا آهن جي
بلڪل خالص ۽ سادا هوندا آهن پر ٻيا، ڊيمس جي چوڻ
مطابق، تصوف جو هلڪو رنگ رکندا آهن. انهن ۾ عشقيه
شاعري واري زبان ۾ مذهبي مطلب لڪل هوندو آهي.(1).
وٽن هڪ ٻي تخليق دست انگاس
(Dastanaghas) نالي به آهي، جيڪا نڙ جي سنگت ۾ ڳائي ويندي آهي، جيڪا
سنڌ جي سنيهڙي
(Sanyaro) جهڙي هوندي آهي. اهو غلط نه ٿيندو، جيڪڏهن ائين چئجي ته شاه
عبداللطيف جي شاعري جي سادگي ۽ سچائي واري حصي تي
سنڌ ۾ مروج بلوچي شاعري جو چڱو خاصو اثر آهي. ڪن
شعرن جو جيڪڏهن اڃان به وڌيڪ تجزيو ڪبو ته خيال ڄڻ
وڌيڪ پڪو ٿيندو ويندو ۽ ائين معلوم ٿيندو ته سنڌ ۽
بلوچستان جي شاعري ۾ ڪيتريون شيون ساڳيون آهن.
بلوچستان جي شاعريءَ ۾ سنڌ متعلق گهڻا حوالا آهن.
اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جو اهڙي طرح ذڪر
موجوده سياسي زميني خطي لاءِ نه آهي، پر ان جو
مطلب سڄي سنڌوماٿري آهي. هن حقيقت ۾ ڪنهن به شڪ
شبهي جي گنجائش ڪانهي ته ڪن هنڌن تي سنڌ جو ذڪر ڪن
اهڙن علائقن ڏانهن اشارو هوندو آهي، جيڪي حقيقي
طور سنڌي ماڳ مڪان هوندا آهن. يعني اهو ملڪ جيڪو
سنڌو ماٿر ۾ آهي ۽ ملتان جي ڏکڻ کان شروع ٿئي ٿو ۽
گهڻو ڏور وڃي درياءَ، پوءِ سمنڊ تي کُٽي ٿو. ڊوم
پاڻ ۾ هڪڙي اهڙي لهجي ۾ ڳالهائيندا آهن، جيڪو سنڌي
يا پنجابيءَ جو مغربي لهجو آهي. هڪ اهم نڪتو اهو
آهي ته شاعري ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ جي اندر جو
اظهار آهي، جيڪو شهرن ۾ رهڻ پسند نٿو ڪري، ايئن ئي
جيئن سنڌ ۾ رهندڙ هاڻوڪا ٻروچ قبيلا کليءَ هواءَ ۾
رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن،جاءِ گهٽين ۾ ٺهيل گهرن
جي، جتي ٻيا ماڻهو به رهندا آهن. ڊيمس ٻڌائي ٿو ته
ٻروچن جي عشقيه شاعري اهو ڏيکاري ٿي ته بازار جي
ماحول ۾ بعضي صحرائي هوائون به لڳنديون آهن. ”بلوچ
ڄائي ڄم کان شهري ڪونه هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن شهر
گهمڻ ايندو آهي، سندس محبت بازار ۾ ڪنهن عورت سان
به ٿي سگهي ٿي. پر هو پنهنجا تصور هميشه فطرت مان
کڻندو آهي. جيئن جُهڙ، مينهن، کنوڻ، وليون، ڪاٺ جي
بُنڊن کي لڳل باهه جون ڄڀيون، انهن کي جواهرن ۽
سُرهن تيلن ڦليلن واري دنيا سان گڏ پيش ڪري ٿو،
جنهن مان هو اهو محسوس ڪرائي ٿوته شاعر ڪو شهري
ماڻهو ڪونهي“(1).
رسالي جي شاعريءَ جي به اهڙي خاصيت آهي. ان
شاعريءَ جو تعلق کليءَ فضا ۾ رهندڙ ماڻهن سان آهي،
جيڪي سارو ڏينهن زمينن تي ڪم ڪن ٿا ۽ اتي ئي زندگي
بسر ڪن ٿا. هُرلو هلائي درياه جو پاڻي مٿي زمين تي
رسائن ٿا. ڳاهن وارن پِڙن تان ان جي ميڙاچونڊي ڪري
گُنديون ڀرين ٿا. اهو اُن وقت تائين ڪافي هوندو
آهي. جڏهن وري ٻيءَ مند ۾ درياه ٻوڏ ڪري، زمين کي
فصل ڪاهڻ جهڙو ڪري، مند کي ڪارائتو ڪندو آهي.
جنهن کي اسان خاص سنڌ چئون ٿا، ان جا بلوچي
شاعريءَ ۾ گهڻا حوالا آهن. مزارين ۽ جتوئن جي وچ ۾
جنگ جو حوالو به آهي، اهي قبيلا سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾
موجود آهن. سنڌو درياه کي خواجه خضر جي نالي ۾ پيش
ڪيو ويو آهي، جيڪو ٻڍڙو ماڻهو آهي ۽ کيس ساوا ڪپڙا
پهريل آهن. ”مزارين پتڻ تان ٻيڙي جو پڳهه کوليو ۽
ان کي خواجه جي لهرن تي ڇڏي ڏنو“(2).
جهڙي نموني سان اهو ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته ائين ٿو لڳي
اهو ذڪر درياه ۾ هر سال تُرها ۽ ٻيڙيون ڇڏڻ جي
موقعي جو آهي، جيڪو ڏڻ ٻيلي وٽ سکر جي ڀرسان درياه
جي ديوتا کي راضي رکڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. ان
کان پوءِ وري ڪنهن نازڪ زناني صورت جو ذڪر اچي ٿو،
جيڪا ڪنهن کلئي ميدان کان اچي ٿي، جيڪو ڏڪار ۽ خشڪ
پهاڙين کان گهڻو ڏور آهي، بلوچي ڀَٽُ انهن پره جي
پياڪن متعلق ڳائي ٿو، جيڪي سنڌ ديس جا رهاڪو آهن،
جتي پاڻي گهڻو ۽ ڀنگ سستي آهي، جتي جهنگ گهڻو ۽
گهرن جي ڀرسان آهي. ٻيو هڪ شاعر چوي ٿو ته: ”ڪو
ٻيو منهنجي پير، حسيني جي سيوا نه ڪري جيڪو
روشنيءَ (نُور) جو اولاد ۽ غريبن جو پالڻهار آهي،
مراد بخش شاه جيڪو نُور منجهان لهي پنهنجي مريدن
وٽ اچي ٿو ۽ شهباز جيڪو پنهنجي دوستن لاءِ ڏاتار
آهي ۽ وقت جي اميرالمؤمنين ان کي ٻڏندڙ جي واسطي
ڪنارو بنايو آهي“. هيءُ سڄو حوالو سنڌي پير صوفي
سيد محمد حسين ڏانهن آهي، جنهن کي ’پير مراد‘ به
سڏيو ويندو آهي ۽ جنهن جي مزار ٺٽي ۾ آهي، جنهن
ڏانهن هيءَ مشهور چوڻي منسوب ڪئي ويندي آهي ته
”هزار مُردن کي جيئارڻ کان بتر آهي ته هڪ مئل دل
کي دائمي حياتي ڏجي.“ شهباز ته مشهور لالشهباز يا
’جيوي لال‘ آهي يا ’زنده پير‘ آهي، جنهن جي سيوهڻ
اندر مزار آهي، جتي هندو وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيندا آهن
۽ مسلمان هر سال هڪ عجيب قسم جي گڏيل عبادت ڪندا
آهن.
شاه عبداللطيف جي رسالي جي بيتن ۾ سڀ کان وڌيڪ
دلچسپ اشارو ڀمڀور
(Bhuimpur)
۽ ڪڇ
(Kach)
يا ڪيچ
(Kech)
۽ آري قبيلي سان تعلق رکندڙ هڪ ماڻهوءَ جي حوالي
سان آهي. اهو ناممڪن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته رسالي ۾
’سسئي پنهونءَ‘ جي جنهن ڪهاڻي کان متاثر ٿي سڀ کان
وڌيڪ شاعري ڪئي وئي آهي، اها هڪ لوڪ قصي جي ڦريل
روپ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه هجي، سنڌي بيتن جي صورت
مطابق، ان جڳهه جو نالو ڀنڀور آهي، بلوچ ڪيچ کان
ڪَهي اچن ٿا ۽ هن ڪهاڻيءَ جو سورمو آري يا آرياڻي
قبيلي سان تعلق رکي ٿو. ڪهاڻيءَ جي جاگرافيائي
صورتحال ڏاڍي منجهيل آهي. سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته
ڪهاڻي اصل ۾ ڪڇ سان تعلق رکي ٿي، اها جاءِ ڀنڀور
آهي. هيءُ اهو ماڳ آهي، جيڪو گهڻن سڃاتو آهي.
بلوچي ڪهاڻيءَ ۾ ڪچ معنيٰ اهو ڪچ جو اتر سنڌ جي
سرحد تي سبيءَ جي ڀرسان آهي يا ڪيچ آف ڪيچ مڪران.
ڀمپر
(Bhuimpur) يا ته ڀونپر
(Bhuinpur) آهي جيڪو ملڪ جي ڪنهن شهر جو سنسڪرت نموني جو نالو آهي. جنهن
جو مطلب اهو ٿو نڪري ته هيءَ ڪهاڻي ان دور سان
تعلق رکي ٿي، جڏهن هن خطي ۾ بلوچن جي ڪاهي اچڻ کان
اڳ اڃان جت قوم آباد هئي، يا اها جاءِ بام پور
(Bompur)
يا بئمپر
(Bampur)
آهي، جيڪا ايراني بلوچستان ۾ آهي. حقيقتون ڪجهه به
هجن پر معلوم اهو ٿئي ٿو ته بلوچ ۽ سنڌي شاعر
هڪجهڙي مواد تي ڪم ڪري رهيا هئا.جيڪو مونجهارو
سنڌي يا بلوچي جڳهن ۽ نالن ۾ موجود آهي، سو مقامي
اثر ۽ عام زباني لهجي جي فرق جي ڪري آهي. اهي مثال
اهو ڏيکارن ٿا ته سنڌين ۽ بلوچن جي شاعريءَ ۾ گهڻي
لهه وچڙ ٿي آهي، جيتوڻيڪ ان تعلق کي هاڻي الڳ ڪري
بيهارڻ تمام ڏکيو آهي. بلوچي شاعريءَ ۾ مينهن پوڻ
جي اهميت تي گهڻو زور ڏنو ويو آهي. رسالي ۾ به
مينهن پوڻ تي تمام خوبصورت شاعري ڪيل آهي. ان
هوندي به اها ڪا عقلمنديءَ جي ڳالهه ڪانه ٿيندي،
جو اهڙي اتفاقي هڪجهڙائي کي اسان بلوچي اثر سمجهي
وِهون. ڇو جو برسات جا گيت هندو شاعريءَ جو اهم جز
رهيا آهن، جنهن جون پاڙون ڏور ماضيءَ ۾ کتل آهن.
اهو سوچڻ به صحيح ناهي ته سنڌي ۽ بلوچي شاعريءَ ۾
مينهن جو ذڪر موضوع جي هڪجهڙائي کان وڌيڪ ٻي ڪنهن
ڳالهه جي ڪري آهي، شايد اهو ان ڪري به ٿي سگهي ٿو،
جو سنڌي بلوچ گهڻي وقت کان وٺي گڏ رهندا ٿا اچن،
ان ڪري سندن شاعراڻي اتساهه لاءِ ساڳيو بنيادي
مواد ميسر هوندو. ڊوم يا مڱڻهار سنڌ جي انهن ڳوٺن
۾ ويندا هئا، جتي به کين ٻڌڻ وارا ٻروچ هوندا هئا
اسان کي اهڙي بي اعتباري به نه هئڻ گهرجي ته ڪو
انهن مڱڻهارن کي ڀرپاسي ۾ آباد غير بلوچ آبادي
ڪانه ٻڌندي هوندي؛ پڪ سان شاه عبداللطيف جهڙو هڪ
شاعر جنهن کي اکرن ۾ موسيقيت نظر ايندي هئي، سو
انهن بلوچي راڳين جو راڳ گهڻائي دفعا ٻڌڻ کان پوءِ
انهيءَ کان ضرور متاثر ٿيو هوندو.
اردو ۽ هنديءَ جو اثر
رسالي تي اردو شاعريءَ جو اثر بلڪل نه هئڻ برابر
آهي. اردو اهڙي زبان ڪڏهن ڪانه رهي آهي، جيڪا
سولائيءَ سان سنڌ ڌرتيءَ تي آئي هجي. جيئن اڳ ۾ ئي
ظاهر ڪري آيا آهيون ته سنڌ ۾ جنهن ادبي لهر ڪجهه
ڪردار ادا ڪيو سا عربي ۽ فارسي ذريعن سان آئي هئي.
اردو شاعري ۾ گهڻي قدر عنوانن جي هڪ جهڙائي يا
ارڙهينءَ صديءَ جي اردو شاعرن وٽ موجود ڪجهه صوفي
تصورن جي، شاه عبداللطيف جي شاعري جي موضوعن جي
مواد يا سندس اظهار جي طريقن سان، هڪ جهڙائي مان
صرف اهو ظاهر ٿئي ٿو ته مغل دور ۾ پارسي ادبي
روايت کي ڪيتري اهميت هئي. اردو شاعري ادبي ميدان
۾ نسبتاً نئين آهي. اها يقيني طور تي هندستان جي
فطري طور اڀريل مقامي زبانن کان عمر ۾ ننڍي زبان
آهي، پر سرسري پرک ڪري ڪجهه لاڀ پرائجي ته شاه
عبداللطيف جي شاعريءَ ۽ اردو شاعري ۾ عام ڳالهه
ڪهڙي آهي. رام بابو سڪسينا اردو ادب جي تاريخ ۾
چوي ٿو ته: ”اردوءَ جي شاعرن نه رڳو بحر وزن ۾
پارسيءَ جي نقالي ڪئي آهي، پر اڳ ۾ استعمال ٿيل
تيار مواد ۽ عڪسن کي جيئن جو تيئن ڪتب آندو آهي ۽
اصل فارسي مصنفن جا موضوع اڌارا ورتا آهن. هنن
اردو زبان جي اصليت ۽ وسعت جو خيال نه رکي، ٻڌي
حساب سان پنهنجين تصنيفن ۾ ٻاهرئين مواد کي اندر
داخل ڪيو ۽ وقت جي وهڪري ۾ سندن پٺيان ايندڙ شاعر
واسطي تيار مال ڇڏيو.“(1)
هن شاعريءَ جو غالب آواز، جتي هلڪو ۽ محبت وارو نه
هو، اتي ڪجهه صوفياڻو ۽ قنوطي يا مايوسيءَ سان
ڀريل هو. عام طور تي ان جا موضوع هئا: محبت جي
محرومين ۽ مايوسين جي شڪايت مغرور ۽ ظالم محبوبه
جي گلا، عشق ۾ بيخودي ۽ حسن جي روايتي تصوير، جيڪا
هميشه پارسي شاعريءَ جي خاصيت رهي آهي. اردو شاعري
اڳتي هلي هندو شاعريءَ جو اثر قبول ڪيو، جنهن هن
کي ڪن تنگ خدوخال وارين روايتن تي آڻڻ جي ڪوشش
ڪئي. جيئن ته اهو يقين ڪرڻ ناممڪن آهي ته اهڙي قسم
جي اثر سنڌ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ شاعراڻي
اتساهه کي متاثر نه ڪيو هوندو. انهن مان ڪي روايتي
موضوع اهڙا آهن، جن جي ذڪر ڪرڻ کان پاسو نه ٿو ڪري
سگهجي.هندو شاعريءَ ۾ عام موضوع هي آهن: ’عاشق کي
منٿون ايلاز ڪرڻ ته هو رحم ڪري، پنهنجي محبوب جي
فراق ۾ ماتم ڪرڻ، محبوب سان وصل ۾ مشڪلاتون، جيڪي
ان جي مائٽياڻين جون پيدا ڪيل هونديون آهن. پنهنجي
ساهيڙين ۽ ڀينرن کان مدد لاءِ ٻاڏائڻ وغيره.‘
اهڙي قسم جون ڳالهيون رسالي ۾ به عام جام آهن.
حقيقت اها آهي ته جهڙي طرح سان هڪ ٻئي پٺيان شاعر
پنهنجي متڪلم واري ڪردار کان سورميءَ واري ڪردار ۾
اچي، ان کان خودڪلامي ڪرائي ٿو ۽ وري سورميءَ جي
ڏکن سورن تي تبصرو ڪندي ڪندي خود سورميءَ واتان
منٿون ڪرائي ٿو ته ان سان خيال جو تسلسل ٽٽي پوي
ٿو، پر اهو رسالي جي اُنهن سُرن جو خاص انداز آهي،
جن ۾ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، مارئي مارو ۽ مومل
راڻي جا عشقيه داستان ڏنل آهن. خيال جي تسلسل ۾
انهيءَ قسم جي گهاري يورپي ماڻهن جي ذوق کي سٺي
ڪونه لڳندي آهي ۽ ڪيڏو به متاثر ڪندڙ ترجمو ڪجي؛
اهو يورپي پڙهندڙن کي قائل ڪري ڪونه سگهندو. ڪڏهن
ڪڏهن اهو وڌيڪ بهتر لڳندو آهي ته بيتن کي، يوناني
ڪلاسيڪي ڊراما وانگي ترتيب ڏجي، جنهن ۾ اهم ڪردارن
جي خودڪلاميءَ جو، ڊراما ڏسندڙ غيرجانبدار ماڻهو
طرفان ڏاهپ وارن لفظن ۾ جواب ڏنو ويندو آهي، ائين
جيئن ايسڪائيلس
(Aeschylus)
سوفوڪلس
(Sophocles)
۾ يورپيڊس
(Euripides)
جي ڊرامن ۾ هوندو آهي. پر ايئن ڪرڻ سان شاعراڻي
اظهار جي ديسي خصوصيت ڊانواڊول ٿي ويندي ۽ اها
ڳالهه غير فنڪاراڻي به ٿيندي. يورپي لوڪ جيڪي
اولهه جي شاعريءَ جي منطقي ترتيب ڏسڻ جا عادي آهن،
تن کي مشرقي شاعريءَ کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ
گهرجي ۽ ان مان حظ حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي اوچتو
ڦرڻ ۽ تسلسل ٽٽڻ جي خاصيت کي به سمجهي ڇڏڻ گهرجي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مشرقي ماڻهن جي شاعريءَ جي
انهيءَ منجهيل سٽاءَ جو سبب ان جي بي ساخته سريلي
ادائگي آهي، ان ۾ هڪ طرح سان بنا اڳواٽ سوچڻ واري
نموني، خيال اهڙي طرح بيان ٿيل هوندا آهن جيئن اهي
ذهن ۾ ايندا ويندا آهن، جن ۾ اڻ سوچيل ۽ سادي قسم
جي بي ربطي هوندي آهي ۽ شاعر منطقي جوڙجڪ جو فڪر
ڪرڻ بنا هڪ خيال کان ٻئي خيال ڏانهن هليو ويندو
آهي. ان لاڙي کي هندو شاعريءَ ۽ هندو موسيقيءَ جي
ٽيڪ آهي، جنهن ۾، منهنجي خيال ۾، منطقي ترتيب
بدران اظهار جي بي ساختگيءَ کي وڏي خوبي سمجهيو
وڃي ٿو.
مجموعي طرح مشرقي شاعري هڪ قسم جي کچڻي هوندي آهي.
سونهن ۽ ڏاهپ جي جواهرن کي اجاين ۽ خسيس قسم جي
سٽن سان منجهايو ويندو آهي.فارسيءَ جي وڏن شاعرن
کان سواءِ هن بي ترتيبيءَ کان بيزاريءَ جو اظهار
ڪونه ڪيو ويو آهي. رسالي جي شاعري به ترتيب جي
انهيءَ نقص واري آهي. گهڻا يورپي پڙهندڙ انهيءَ
ڳالهه کي قبول ڪندا ته گهٽ درجي جي سٽن کي صفا ڪٽي
ڇڏڻ ۽ سورمي يا سورميءَ جي اندر ۾ هلندڙ نفسياتي
ڪشمڪش تي شاعر جي پنهنجي تبصري کي بلڪل ڪڍي ڇڏڻ
سان شاعريءَ جو معيار بهتر ٿي سگهي ٿو. بدقسمتيءَ
سان اهڙين ڳالهين ۾ هندستانين جو ذوق مختلف آهي ۽
شاعر جي چيل هر ڳالهه کي بنا تنقيد جي قبول ڪرڻ
لاءِ تيار هوندا آهن. اهڙي قسم جون اظهار ۽ ترتيب
جون خاميون مون کي اردو شاعريءَ ۾ نظر اچن ٿيون،
جنهن تي هندستان جي شاعريءَ جو اثر آهي. جيئن
رسالي ۾ به اهڙي قسم جي فنڪاراڻي جامعيت جي
گهٽتائي آهي. ان ڪري اها ڪا خراب ڳالهه ناهي ته ان
اثر جي اهليت جو پتو لڳايون، جيڪو هندو شاعريءَ جي
ڪري آهي ۽ هن ۾ جيڪا شاعراڻي جوڙجڪ آهي ۽ اوچتو
ڦيرو کائڻ جي خاصيت آهي؛ اها خاصيت به هندستاني
موسيقي جي سنگت جي ڪري آهي. جنهن سان هن شاعريءَ
جو سنٻنڌ اٽوٽ آهي. هندستان جي شاعري، جي موسيقيءَ
۾ گهرو رشتو ضرور آهي، پر ٻنهي ڪلائن کي نه هڪ
جهڙي ڪشادگي آهي نه وري هڪ جهڙي صنعتي ۽ صنفي وسعت
آهي. هن حقيقت کي مشرق ۾ محسوس ڪيو ويو آهي يا نه
ان جو ڪوبه پتو ڪونه آهي. جيستائين ان حقيقت کي
محسوس ڪيو وڃي تيستائين اسان کي اميد ڪانهي ته ڪو
هندستان جي شاعري انهن جڏو ڪندڙ روايتي ۽ قدامتي
سرحدن کي پار ڪري سگهندي، جن هن کي سوگهو جهلي
تخيل جي بلند اُڏام ۽ وسعت کي محدود ڪري ۽ روڪي
رکيو آهي. رسالو پنهنجين سمورين خوبين جي باوجود
هن قسم جي تنقيد کان آزاد ڪونهي. جڏهن شاعري اهڙي
سٺي آهي ته پوءِ ته افسوس جو ان کي شاعريءَ بابت
ڪنهن واضح تصور سان به وڌيڪ بهتر نه ٿو بنائي
سگهجي، يا خيالن جي صحيح ترتيب ۽ مقصد ۾ وسعت جي
ذريعي ڪا سگهه پيدا ڪري سگهجي ٿي. تنهن ڪري رسالو
هڪ اهڙو پيچيدو ڄار آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون
تندون استعمال ٿيل آهن. بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي
انهن منجهان سڀ کان اهم تند صوفي فلسفي جي آهي. پر
هن وسيع عنوان تي بحث، اسان، هن ڪتاب ۾ اڳتي ايندڙ
ڪنهن باب ۾ ڪنداسون ۽ اهو جيتري اهميت جي لائق
آهي، اها ان کي اتي ڏينداسين.
|