باب ٻيو
مهم جُوئي ۽ واپار
سنڌ جا، سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ يُورپي دنيا سان
لاڳاپا
1690ع کان 1760ع واري دور جي لاءِ سِڌي ۽ ان دور
جي ثابتي، جيڪا اسان کي ملي سگهي، ان لاءِ اڳ ۾ ئي
چئي چڪا آهيون ته اها بلڪل اڻپوري آهي. ان جو واضح
سبب اهو آهي ته مقامي مؤرخ، انگريزي ۾ لکتون نه
هجڻ ڪري ان جو پورائو ڪري ڪونه سگهيو آهي، سواءِ
هڪ انگريز سياح جي مثال جي، ٻيو ڪو مثال نٿو ملي.
1662ع کان 1758ع تائين سنڌ بابت ڪي به يورپي لکتون
ڪونه آهن، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ هتي ڪو يورپي ماڻهو
موجود ئي ڪونه هو، جيڪو پوئين نسل جي واسطي
پنهنجون لکڻيون يادگار ڇڏي وڃي. بمبئي جي رڪارڊ
آفيس ۾ 1755ع ۾ ڪي حوالا موجود آهن، جيڪي سنڌ
ڏانهن تجارتي جهاز موڪلڻ بنسبت آهن، جن ۾ جهازن جي
آمدني ۽ روانگي درج آهي، ٻي ڪا خاص اهم ڳالهه ڪانه
ٿي ملي. بهرحال، ڪي يورپي هن ڌرتيءَ کان واقف ضرور
هئا، ڇاڪاڻ جو مسٽر ايڊورڊ ڪُڪُ ٺٽي ۾ وفات ڪئي،
جنهن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ نٿي ملي پر سندس مزار،
سنڌ جي تمام وڏي شهر ٺٽي ۾ موجود آهي.
هڪڙو مسٽر سائمنڊس به هو، جنهن کي 1744ع ۾ ايسٽ
انڊيا ڪمپني بمبئي ڏانهن چانورن موڪلڻ لاءِ چيو هو
۽ اهو به صاف ۽ واضح آهي ته مسٽر رابرٽ سمپشن جنهن
1758ع ۾ ٺٽي ۾ ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ عهدنامي ڪرڻ
واسطي ڳالهه ٻولهه هلائي، سو هن ملڪ کان واقف هو ۽
سنڌي زبان ڳالهائي سگهندو هو، ان سبب ڪري ڪمپني
کيس ايلچيءَ جي ڏکي ۽ نازڪ ذميداري سنڀالڻ لاءِ
مناسب ماڻهو ڄاڻي مقرر ڪيو هو. 1662ع کان وٺي
1755ع وارو سڄو عرصو هڪ مثال کان سواءِ ڄڻ بنا
ڪنهن نقشي جو هڪ سمنڊ آهي. اهو مثال ڪئپٽن
اليگزينڊر هيملٽن جو آهي، جنهن 1699ع ڌاري ٺٽي،
لاهري بندر ۽ انهن جي وچ ۾ جهڙي قسم جي زمين جو
خطو هو، ان جو ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ ذڪر ڪيو آهي. سو
ڪنهن مناسب جاءِ تي بيان ڪيو ويندو. اهڙين حالتن
هيٺ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪوٺين جو رڪارڊ، جيڪي
پهريون دفعو 1635ع کان 1662ع تائين ۽ ٻيو دفعو
1758ع کان 1775ع تائين هليون، ۽ ڪجهه ان کان پوءِ
جو ذڪر اهڙن مؤرخن لاءِ جيڪي سترهين ۽ ارڙهين صدي
۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ متعلق ڪجهه ڄاڻڻ چاهين ٿا،
وڏي اهميت رکي ٿو.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو رڪارڊ سنڌ ۾ قائم ڪيل ڪوٺين
تي ته روشني وجهي ٿو پر 1600ع کان 1760ع تائين اهو
بلڪل خالي آهي. ٻيءَ حالت ۾ فقط ٽن مهم جو سياحن
جا بيان آهن، جن کي سترهينءَ صديءَ ۾ سنڌ ياترا جي
شوق آڻي هتي ڪڍيو. اهي محترم سياح هئا: نڪولس
وٿنگٽن (1614ع)، فري سيبسٽين مئنرڪ (1640ع) ۽
نڪولس مينوسي (1655ع). انهن جا تذڪرا پهرئين درجي
واري اهميت ۽ قدر رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ماڻهو
اعليٰ دماغي صلاحيتن جا مالڪ هئا ۽ جيڪي واقعا ۽
جايون سندن ڄاڻ ۾ هيون، تن جا بي انتها معتبر مبصر
هئا. بهر صورت، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رڪارڊ کان
سواءِ، وٿنگٽن، مئنرڪ، مينوسي ۽ هئملٽن جي اهميت
گهٽجي وڃي ٿي، ان ڪري جو ان ڏيڍ صديءَ جي عرصي
دوران، سنڌ، هندستان ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ وڏيون
داخلي تبديليون آيون. مغل شاهيءَ جو ڪوبه مشهور
تبصري نگار سنڌ ۾ ڪونه آيو ۽ انهن مان ڪن ٿورن هن
تي مٿاڇري نظر وڌي. ٽيورنيئر، برنيئر ۽ ٿيوناٽِ کي
سنڌ جي سماجي حالتن جي معاملي ۾ تمام گهٽ اهميت
آهي. ساڳيو حال، ٽيري، فراير، اوونگٽن، مانڊيل
سلو، مانسٽريٽ، هربرٽ، گروس، هيجز ۽ اسٽاوورينس جو
آهي. جيتوڻيڪ سندن ڪَمَ وقت جي عمومي لاڙن کي
سمجهڻ ۽ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ هندستان جي سماجي
زندگيءَ جي حالت ڄاڻڻ لاءِ اهم آهن.
پورچوگيز پهريان يورپي هئا، جن سنڌ ڏسڻ جو پهريون
تجربو ڪيو. اهي ئي پهريان ماڻهو هيا جن هندستان جي
سامونڊي ڪنارن سان جهازراني ڪئي. پورچوگيز سنڌ ۾
1612ع ۾ پهريون ڀيرو ايندڙ انگريزن کان گهٽ ۾ گهٽ
60 سال اڳي آيا. حقيقت اها آهي ته پورچوگيز 1555ع
۾ ارغونن ۽ ترخانن جي گهرو لڙائي دوران، ڪرائي جي
فوجين طور آندا ويا هئا، شاه حسن ارغون جنهن جا هي
ڀاڙيتو هئا، تنهن سان به هنن ڪا چڱي نه ڪئي. مرزا
عيسيٰ ترخان سان جنگين دوران جڏهن هي ٺٽي کان ٻاهر
هو، سندس غير موجودگيءَ ۾ هنن ٺٽي کي ڦُريو لٽيو ۽
باه ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. هن حقيقت کي تاريخ طاهريءَ
۾ قلمبند ڪيو ويو آهي. واپاري نقطهءِ نگاه کان
انگريزن جڏهن لاهري بندر ۽ ٺٽي ۾ پيرن ڄمائڻ جي
ڪوشش ڪئي ته هنن ڏٺو ته کانئن اڳ پورچوگيز ايراني
نار، گجرات ۽ گوا ڏانهن واپار ۾ عملي طور تي هڪ
هٽي قائم ڪري پنهنجي تجارت کي مضبوط بنيادن تي
بيهاري چڪا هئا ۽ بندر تي هڪ عيسائي ديول به قائم
ڪري ڇڏي هئائون. مورلئنڊ لکيو آهي ته: ”مقامي
ماڻهن وٽ جهاز تمام ٿورا هئا، تنهن ڪري تجارتي
سامان پورچوگيزن جي جهازن رستي ايندو ويندو هو، جن
کي ان زماني ۾ ’فرگيٽ‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
اسان جي شروعاتي دور ۾ پورچوگيزن جو علائقائي
واپار تي مڪمل قبضو هو ۽ سندن مغل شاهي جي آفيسرن
سان بهتر لاڳاپن جي سبب انگريزن جي بندر تي پيرن
کوڙڻ جي پهرين ڪوشش، جيڪا سال 1613ع ۾ ڪئي ويئي سا
ناڪام ويئي. سندن اعتراض سامونڊي يا فوجي طاقت جي
بنيادن تي نه هئا، بلڪ هنن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن
انگريز بندر تي ايندا ته هو بندر خالي ڪري هليا
ويندا. گورنر، جنهن جي هٿ هيٺ ڪيترا ئي سامونڊي
محصول هئا، سو ٿيندڙ نقصان کان ڊڄي ويو. (مورلئنڊ،
’فرام اڪبر ٽُو اورنگزيب‘ ص: 41) ڊچن جو مفاد اڃان
ٿورو اڳتي ايسٽ انڊيز ۾ هو ۽ ’اَمبوئنا جي وڏي وس‘
کان پوءِ هنن مصالحن جي اهم تجارت تي قبضو ڪري
ورتو. البت هنن 1631ع ۾ سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي هئي، پر هنن ان تجارت کي ڪا خاص اهميت ڪانه
ڏني. مگر ٿورن سالن کان پوءِ هنن وري سال 1652ع ۽
ان کان ڪجهه اڳتي مستقل نموني ٿورو واپار ڪرڻ شروع
ڪيو. ڊچن جي نقطهءِ نگاه کان مشرق ۾ سندن واپاري
سرگرمين(1)
۾ سنڌ جو تمام ٿورو حصو هو. مغربي ماڻهن سان هن.
ميل ميلاپ کان علاوه، سترهين صديءَ واري پوري دور
۾ سنڌ ملڪ جا رابطا تمام گهٽ رهيا. ٺٽي ۾ 62-1635ع
دوران پيل ڪوٺي هڪ وڏي دليري واري مهم هئي. ان جو
تفصيل سان ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي
رڪارڊ ۾ شاهجهان ۽ اورنگزيب جي شروع وارن ڏينهن
جون سنڌ جون مسلسل تصويري جهلڪيون آهن. هي شاهه
عبداللطيف جي ڏاڏي وارو دور آهي ۽ مغل شهنشاهي جي
عين جوڀن وارو زمانو پڻ.
سنڌ جي حوالي سان، سترهين ۽ ارڙهينءَ صديءَ ۾ ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪردار جون عام خاصيتون
سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پهريون ڀيرو قسمت آزمائي
1635ع ۾ ڪئي. ان خاص وقت جي چونڊ ڪرڻ جا ٻه سبب
هئا. پهريون اهو ته جيستائين ميٿ وولڊ انگريزن ۽
پورچوگيزن جي وچ ۾ صلح قائم رکڻ جو معاهدو نه
ڪرايو، تستائين ڪمپني کي ٺٽي ۽ لاهري بندر ۾
ڪامياب تجارت ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو. لاهري
بندر ان وقت سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ مشغول بندر
هو ۽ ٺٽو تنهن زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽
سترهينءَ صديءَ ۾ وڏو شاهوڪار ۽ شاندار واپاري
مرڪز هو. ٻيو سبب اهو هو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
لنڊن جي ڪپهه مارڪيٽ ۾ وڏي وقعت حاصل ڪري ورتي
هئي، جنهن جي ان وقت وڏي طلب هئي، ان سان گڏ اها
ڳالهه به ٿي ته 1630ع ۾ گجرات ۾ خطرناڪ ڏڪار پيو،
سو اتان مال جي ايتري روانگي عمل ۾ نه اچي سگهي،
جيتري طلب هئي.
انهن کان سواءِ البت ٻيا به سبب هئا، جن مان هڪڙو
اهو به هو ته ڪمپنيءَ کي چارلس پهرئين جي ڏينهن ۾
پهرين ته سامونڊي مُهمن ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ٿي
هئي پر پوءِ هي بادشاهه، جيڪو غلط فهمي ۽ غلط رويي
جو شڪار رهيو آهي، پنهنجي ناڻي جي ضرورتن سبب هڪ
مخالف ۽ عارضي تنظيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي
پيو، جيڪا لنڊن ۾ رهندڙ فليمش (بيلجيم جي) ريشم جي
واپاريءَ سر وليم ڪورٽين ۽ لنڊن جي ئي ٻئي واپاري
اينڊي مئان پورٽر جي ناڻي ۽ انتظام هيٺ هلندڙ هئي،
جيڪو وري پنهنجي مالڪ جي خوابگاهه جي ڳُجهن معاملن
جو ڪرتا ڌرتا هو.
ان زماني ۾ اولهه هندستان ۾ تجارتي فائدو تمام
گهڻو هو. اها به ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي جو هروڀرو
ڪي واپاري وچ ۾ ٽپي دولت ۾ حصيدار بنجڻ چاهين ۽
بادشاهه سندن دلچسپيءَ جو فائدو وٺي، پنهنجن ڳجهن
بَٽُنِ کي پئسن سان پُر ڪري. ميٿ وولڊ 1635ع ۾
پورچوگيزن سان عهدنامون ڪري مغل گورنر جي اعتراضن
کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن اڳي انگريز واپارين کي مشڪل
۾ وجهي ڇڏيو هو. اهو اعتراض هيئن هو ته جيڪڏهن
انگريز بندر تي ايندا ته پورچوگيز ڇڏي ويندا ۽ سنڌ
جي ڪپڙي ۽ چمڙي جي تيار مال جي برآمد لاءِ ڪابه
اثرائتي تنظيم باقي نه رهندي.
اهڙي ريت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي تجارتي نقطهءِ
نگاه کان هڪ بهترين موقعو ملي ويو، جنهن مان هنن
ڀرپور ۽ تڪڙو فائدو ورتو. ڪمپني سنڌ جي تجارت ۾ ٽي
مقصد کڻي داخل ٿي ته جيئن سنڌ جو سوٽي ڪپڙو لنڊن
جي مارڪيٽ لاءِ کڻي وڃي ۽ نير جي تجارت ڪري،
ايراني نار طرف ۽ هندستان جي اولهائين ڪناري ڏانهن
واپار ڪري گهڻو ناڻو ڪمائي. ڪمپني تجارتي سامان
خريد ۽ فروخت ڪندي هئي، ڀاڙا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندي هئي ۽ اهڙي طريقي سان سامونڊي واپار ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي جيئن پوئين نسل ڪيو. هن دور ۾
ڪمپنيءَ حيرت جي حد تائين پنهنجي همت جو اظهار
ڪيو، جنهن جي ثابتي اها آهي ته هن ڪيترائي واپاري
يا تجارتي مرڪز قائم ڪري ورتا، جيتوڻيڪ اهي کڻي
ٿورڙي عرصي لاءِ هئا. 1633ع ۾ اُڙيسا جي هري هرپور
۾ مهانديءَ جي دوآبي وٽ به تجارتي مرڪز کوليو ويو.
ڌابول ۾ 1635ع ۾، ساڳيءَ سال سنڌ ۾، 1637ع ۾
راجاپور ۾، 1639ع ۾ ڪرناٽڪ جي راجا جي رياست
آرماگون ۾، 1640ع ۾ اها ڪوٺي تبديل ڪري مدراس پٽم
۾ قائم ڪئي ويئي ۽ اتي ’فورٽ سينٽ جارج‘ نالي هڪ
قلعو پڻ تعمير ڪيو ويو. ڪورٽين جي تنظيم جي پٺيان
ڏاڍن ڏکين ڏينهن منهن ڪڍيو، ۽ انگلينڊ جي گهرو جنگ
جي مشڪلاتن ۾ گهڻين پريشانين ۾ مبتلا ڪيو پر ڪنهن
نه ڪنهن طريقي سان ڪمپني تباه ٿيڻ کان بچي ويئي.
ڪن ٿورين ڪوٺين کي انهن حادثن جو ٻليدان ڏيڻو پيو.
هن مصيبت جي دور ۾ سامونڊي سفر جو سلسلو ختم ٿي
ويو ۽ 1649ع ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته مشرق جي
ڪوٺين کي ختم ڪيو وڃي، واپاري گماشتن کي واپس
گهرايو وڃي ۽ ڪاروبار بند ڪيو وڃي. اتفاق اهو ٿيو
جو ان ٺهراءَ کي عملي جامو ڪونه پهرايو ويو هو،
واپاري گماشتا اڃان پنهنجي جاين تي موجود هئا ۽
خانگي واپار ڪري پيا پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا، تان
جو سندن وطن جون مقامي مشڪلاتون دور ٿي ويون. جڏهن
1657ع ۾ ڪرام وئل پنهنجي عهدنامي کي نئين سر بنايو
ته ڪمپنيءَ ڏيوالو نڪتل ڪورٽين تنظيم کي پاڻ ۾ ضم
ڪيو ۽ وري پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪئي(1).
هن سڄي عرصي دوران سنڌ جي ٺٽي ۽ لاهري بندر ۾ قائم
ڪيل ڪوٺيون واجبي نموني وڌنديون ويجهنديون رهيون.
جڏهن 1662ع ۾ ڪوٺيءَ کي بند ڪيو ويو ته ان جو سبب
رڳو اهو هو ته ان تجارت ۾ ڪو فائدو ڪونه ٿي ٿيو.
ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ سياسي ڌماچوڪڙي جو زمانو هو ۽
مغل سلطنت غير يقينيءَ جو شڪار هئي ۽ بي آرامي
وارو اهو دور اورنگزيب جي حڪومت جي پهرين پنجن
سالن وارو هو(1).
1758ع ۾ وري ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾ واپار شروع
ڪيو. ان جي صورتحال 1635ع ۽ 1662ع کان گهڻي مختلف
هئي. سنڌ هندستان جي ٻين ڀاڱن کان گهٽ ڳڙٻڙ جو
شڪار ڪونه هئي. ڪلهوڙا ڀائر پنهنجي برتريءَ واسطي
پاڻ ۾ برسرِ جنگ هئا، جيڪا آخرڪار غلام شاه ڪلهوڙي
جي نصيبن ۾ هئي. افغانن، سکن ۽ مرهٽن جا پنجاب جي
سرزمين تي هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ هئا. فسادن دوران
ڪمپني سنڌ جي طرف پنهنجيءَ لالچ جي ڪري متوجه ٿي.
سندس مقصد سنڌ مان ملندڙ شوري تي هڪ هٽي ڄمائڻ هو،
جنهن مان ڪمپنيءَ جا ٻه ننڍا مقصد هئا: پهريون
مقصد افغانستان جي فوجين، هندستان جي اترين علائقن
۽ وچ ايشيا جي ماڻهن کي اوني ڪپڙا وڪرو ڪرڻ ۽ ٻيو
مقصد هو سنڌ جي بهترين قسم جو چوپايو مال خريد ڪري
بمبئي جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ. بمبئي جي قلعي ۾
ڊائريڪٽرن جي ڪورٽ پاران 18- ڊسمبر 1758ع تي جارج
بورشيئر کي، جيڪو سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيون کولڻ لاءِ
ذميدار هو. تجارت واسطي ڏنل هدايتون ڏاڍيون واضح
آهن.(1)
پوسٽنس، ڪمپنيءَ ۽ سنڌ جي حڪمران جي وچ ۾ واپاري
ناتن شروع ٿيڻ کي هن ريت بيان ڪيو آهي: ”هندستان
جي انگريز حڪومت جا سنڌ سان ناتا 1758ع ۾ ان وقت
قائم ٿيا هئا، جڏهن غلام شاه ڪلهوڙي ساڳئي سال جي
22- سيپٽمبر تي ڪمپني جي اهلڪار مسٽر سمپشن کي سنڌ
جي سرحدن اندر ان نقطهءِ نظر کان پروانو عطا ڪيو
ته جيئن هندستان جي ٻين علائقن جو سنڌ سان واپار
هلي ۽ هن پرواني ۾ اهو به وڌاءُ ڪيو ته ’محصولن جي
معافي ڏني ويندي‘، جيڪي ان زماني ۾ وڏي اهميت
رکندا هئا … انهن دستاويزن ۾ محصول اوڳاڙيندڙ
آفيسرن کي اها به هدايت ڪئي ويئي هئي ته هنن کان
برآمدي مال تي خريداري محصول ڏيڍ سيڪڙو جي حساب
سان، منڊيءَ جي ملهه کان وڌيڪ نه ورتو وڃي ۽
درآمدي مال تي، جيڪو ٻيا واپاري ڀرين ٿا ان جو فقط
اڌ وٺڻ ۾ اچي.
(1)
1758ع واري ڪمپنيءَ 1635ع واري واپاري تنظيم کان
مختلف معاملو هئي. هاڻي اها هڪ طاقتور ڪارپوريشن
هئي، جنهن کي انگلينڊ جي پارليامينٽ جي سهائتا
حاصل هئي. وٽس گهڻو پيسو، بهترين انتظام، واعدي
وعيد سان ڀرتي ڪيل قابل اهلڪار هئا، ۽ جهازن ۽
فوجين جي سنڀال ۾ هلندڙ سامونڊي ٻيڙا هئا، جن ۾
هٿياربند واپاري هوندا هئا. اڪيلي سامونڊي سفر
واري پراڻي طريقي جي جاءِ تي جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني
وجود ۾ اچي چڪي هئي، جنهن جي موڙي جهازن، سامان ۽
ڪارخانن ۾ سيڙيل هوندي هئي، جنهن جي حصن جي ڏي وٺ
کليءَ منڊيءَ ۾ ڪئي ويندي هئي. 1661ع واري عهدنامي
تحت ڪمپنيءَ کي مشرق ۾ گورنر ۽ قلعي جي ٻين آفيسرن
مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو هو، کيس جهازن لاءِ
خلاصين جي ڀرتيءَ، هٿيارن ۽ ٻئي جنگ جي سامان وجهڻ
کانسواءِ امن امان ۽ ضابطي رکڻ واسطي واپاري ۽
مقامي حدون به ورهائي ڏنيون هيون، کين اهو به
اختيار ڏنو هو ته قلعن جي تعمير ۽ پنهنجي بچاءَ
واسطي ماڻهو پڻ ڀرتي ڪري ٿي سگهيا، 1669ع جي
عهدنامي، ڪمپنيءَ کي اختيار ڏنو ته هوءَ بادشاه
(King)
لاءِ اهڙا ماڻهو ۽ آفيسر نوڪريءَ ۾ وٺي، جيڪي
بمبئي جي ٻيٽ تي ان وقت هئا جڏهن اهو بادشاه
(Crown)
طرفان انصاف ۽ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ کيس ڏنو ويو
هو. 1677ع ۾ هڪ عهدنامي تحت ڪمپني کي پنهنجن سڪن
ڍالڻ جو اختيار ڏنو ويو هو. 1683ع جي هڪ ٻئي
عهدنامي ۾ کيس هٿياربند فوج رکڻ، مارشل لا نافذ
ڪرڻ ۽ فوجي ڪورٽ قائم ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.
1687ع ۾ ڪمپنيءَ جو صدر مقام سورت مان تبديل ڪري
بمبئي ۾ رکيو ويو هو. ساڳي ئي سال ڪمپنيءَ کي شاهي
فرمان مطابق مدراس ميونسپالٽي ۽ ميئر جي ڪورٽ قائم
ڪرڻ جو حق مليو.
1707ع ۾ 1668ع واري انقلاب سبب پيدا ٿيل سياسي
دشمنيءَ سبب، جيڪو مفادن ۾ ٽڪراءَ جو اڀار آيو هو،
سو آخر ۾ گوڊولفنس جي ڪوشش سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
۽ جنرل سوسائٽي جي وچ ۾ ٺاهه کان پوءِ ختم ٿيو
جنهن کي، اڳوڻي هڪ هٽيءَ جي مخالف وگس جي ڪن ماڻهن
جي طرفان حمايت حاصل هئي، جيڪي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
سان ڌنڌي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اتاولا هئا، ڇاڪاڻ ته ان
۾ منافعو تمام گهڻو هو. 1708ع ۾ جنرل سوسائٽيءَ ۽
ڪمپنيءَ جي گڏجڻ ڪري، پراڻي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي
قوت ۾ وڏو اضافو آيو. اها ڌن دولت ۾ وڌيڪ شاهوڪار
ٿي ويئي ۽ 1765ع ۾ ڪلائيو بنگال جي ديوان کي قبول
ڪري، ان جي حيثيت کي ڪارپوريشن ۾ بدلايو ۽ مڪمل
طرح سان تجارت جي منافعي سان لاڳاپي ڇڏيو. 1758ع
کان 1775ع تائين ڪمپني سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي هلائي.
ان جي هيڊ آفس ٺٽي ۽ ننڍي آفيس شاهبندر ۾ هئي.
غلام شاه ڪلهوڙي جي دور تائين اها گهڻي شاهوڪار ٿي
وئي. بهرحال چرئي، رت پياڪ ۽ ظالم سرفراز ڪلهوڙي
جي زيادتين جي ڪري، جيڪو پوءِ گهرو جنگ کان پوءِ
تخت تان لاٿو ويو، ان ڪوٺيءَ جو تجارتي مستقبل
تباهه ٿي ويو ۽ آخرڪار ان کي بند ڪيو ويو. اهڙيءَ
ريت ايسٽ انڊيا ڪمپني، سنڌ ۾ پنهنجي واپاري ڪوٺي
کي سترهين صديءَ ۾ ستٽيهه سال ۽ ارڙهين صديءَ ۾
فقط سترهن سال هلائي سگهي. ٻنهي دورن جي وچ ۾ 96
سالن جو خال اهي. اهڙيءَ ريت رابرٽ سمپشن، رابرٽ
ارسڪن، سمويل بيور، جن جا نالا ٻئي دور سان
لاڳاپيل آهن، انهن کي جان سلپر، وليم فريملن،
هينري گئري ۽ نڪولس اسڪريونر متعلق گهٽ خبر آهي يا
هو کين سڃاڻن ئي ڪونه ٿا جن جا نالا پهرئين دور
واري ڪوٺي سان لاڳاپيل هئا. اهڙيءَ ريت وري 1816ع
۾ انگريزن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو، انهن سنڌ ملڪ ۽
اتان جي ماڻهن متعلق ڄاڻ حاصل ڪئي. انهن کي اها
خبر ڪانه هئي ته سندن اچڻ کان اٽڪل اڌ صدي اڳ
رابرٽ ارسڪن ۽ سمويل بيور ڇا ڏٺو وائٺو هو.
سترهين صدي 62-1635ع دوران سنڌ ۾ انگريز
اهو بهتر ٿيندو ته خود رڪارڊ پنهنجو پاڻ ڳالهائي،
جيڪو ڏاڍو دلچسپ ۽ ڊرامائي آهي. منظر ان ڳالهه کان
شروع ٿئي ٿو ته سورت ۾ واپاري اهو سوچين ٿا ته سنڌ
۾ ڪوٺي قائم ڪئي وڃي. اهو 1630ع جو زمانو هو. ميٿ
وولڊ 1635ع واري پورچوگيز- انگريز ٺهراءَ کان اڳ
۾، جنهن ۾ لاهري بندر ۾ امن امان سان واپار ڪرڻ
ممڪن بنايو ويو هو، سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ
واري خيال تي، ان جي قائم ڪرڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا
بحث مباحثا ٿيا هئا، جيئن اسان کي هيٺ ڏنل خطن مان
محسوس ٿيندو.
”سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ متعلق مسٽر وائلڊ جو
مشورو گهڻي وقت کان وٺي زيرِ بحث آهي. ان ۾
ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آهن. ڇاڪاڻ ته ايتري
پراهين پنڌ تي ڪارخاني جو قيام اوهان جي تحفظ لاءِ
ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيندو. اوهان جي جهازن کي ان ملڪ
جي ڪنارن تي پهچڻ ۾ ڏاڍي تڪليف پيش ايندي. درحقيقت
اهائي هڪ وڏي ڏکيائي هئي، جنهن ڪري هيل تائين اتي
اسان کان ڪا واپاري ڪوٺي قائم ڪانه ٿي سگهي هئي.“(1)
اها ڳالهه بلڪل چٽي هئي ته انهن نير جو واپار ڪرڻ
پئي چاهيو. گجرات رستي سنڌ ۽ سورت جي وچ واري
علائقي جي غيريقينيءَ جو ذڪر هيٺ ڏنل خط ۾ موجود
آهي:
”اسان هڪ دلال کي، سنڌ ڏانهن، اتي ٺهندڙ تجارتي
مال کڻي اچڻ لاءِ موڪليو هو، جيڪو وڏين تڪليفن ۽
مشڪلاتن کان پوءِ واپس موٽي آيو آهي. ان کي پورن
اٺن مهينن لاءِ اتي رڪڻجو پيو هو. ان جو سبب اهو
هو ته جن بادشاهن جي ملڪن وچان هو گذري رهيو هو،
تن جي وچ ۾ سخت جنگيون هلي رهيون هيون. ٻه ڳٺڙيون
نير جون ۽ ٻه ڳٺڙيون سفيد سادي ڪپڙي جون اسان
جهازن تي موڪليون آهن. جيڪڏهن انهن کي انگلينڊ ۾
پسند ڪيو ويو ۽ اسان کي منافعو ٿيو ۽ خرچ وغيره به
نڪري آيو ۽ اسان کي اتي ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ چيو
ويو ته تنهنجي دعا سان اسان ڪوٺي جو قيام لاءِ
ڪوشش ڪنداسون.“(1)
1631ع ۾ سنڌ جي واپار ۾ ڊچن جي شراڪت کي به تصبري
هيٺ آندو ويو آهي. ان سال هڪ جهاز جنهن جو نالو
برائوور شيون
(Brouwer Shavon) هو ان جڳهه ڏانهن موڪليو ويو، جنهن کي اتان جا رهاڪو ٺٽو چون
ٿا. پر نقشن ۾ سندس نالو سنڌي
(Sindee)
آهي ۽ اهڙي ريت فلپس ليو ڪازون به بيان ڪيو آهي.
(هيگ طرفان نقل ڪيل مواد جو سلسلو – جلد
ix،
ص نمبر: 318) فوسٽر ان تي هن طرح نوٽ لکيو آهي:
”سخت ڏڪار سبب ان علائقي جي رحم جوڳي حالت ٿي وڃڻ
جي باوجود سندس تجارتي سامان وڏيءَ قيمت تي وڪرو
ڪيو ويو، جنهن مان 14000 گلڊن جو منافعو ٿيو. هلڪو
سوٽي تجارتي سامان، سوٽي ڪپڙو، شورو ۽ گهٽ درجي
وارو نير آندو ويو. هتي هن سامان جون قيمتون عام
قيمتن کان تمام مٿي هيون، شايد ان ڪري جو ڊچ
واپاري اناڙي هئا، يا وٽن رسد جي کوٽ هجڻ ڪري ايئن
ٿيو هو. اهو ڌنڌو پورچوگيزن جي زير نظر هو. اتان
ايران، عرب ۽ آفريڪي ڪنارن ڏانهن موڪليل هن قسم جي
تجارتي شين جي ڏاڍي کپت هئي. پورچوگيز ججهي انداز
۾ اتي رهندا هئا. جهاز اتي پهتو ته پورچوگيز ڏاڍو
مڇرجي پيا ۽ گورنر کي ڌمڪي ڏنائون، ته جيڪڏهن ڊچ
قوم کي واپار جي اجازت ملندي ته هو احتجاج طور ڇڏي
هليا ويندا.(1)
ڊسمبر 1635ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو واپاري جهاز پهتو
ته ان وايو منڊل کي ڏاڍو مزيدار نموني لکيو ويو
آهي. ڪمپني لاهري بندر تي پهتي، اتي سندس وڏي
آجيان ڪئي ويئي، تنهن کان پوءِ اهي ٺٽي ڏانهن
اسهيا جتي هنن سرڪاري اهلڪارن سان ملاقات ڪئي.
”اسان لهَرن ۽ ونجهه جي مدد سان ٻيڙن کي
هاڪاريندا، آڌيءَ رات ڌاري اچي بندر تي پهتاسون،
اتي اسان پورچوگيزن جا جهاز ۽ مقامي ٻيڙا بيٺل
ڏٺا، جن مان ڪن جو سامان لهي رهيو هو ۽ ڪن تي
سامان سٿيو پئي ويو.“
”4- تاريخ ڊسمبر شاهبندر جي ڪسٽم هائوس ۾ پهتاسون.
اتي هڪ واپاري جو پٽ جنهن کي سندس پيءُ اسان کي
وٺڻ لاءِ موڪليو هو، سو اسان سان درياه جي پاسي
سان سمنڊ جي ڪناري تي مليو، جنهن سان هڪ ٻيو وڏو
واپاري به ساڻ هو. هو اسان سان پنهنجي پيءُ تائين
گڏجي هليو، جنهن اسان جي وڏيءَ عزت ۽ آڌر سان
آجيان ڪئي. اسان جي رهائش واسطي شهر ۾ هڪ تمام سٺي
گهر جو بندوبست ڪرايو ۽ اتي پهچڻ واسطي 7 يا 8
گهوڙا به مهيا ڪيا. ڪسٽم هائوس درياه جي ڪناري سان
کلي جاءِ تي آهي ۽ شهر اتان ٻن سڏن جي پنڌ تي
ٿيندو. شهر ڏاڍو آباد آهي. گهڻا گهر ڪچا آهن، جيڪي
ڪچي ڪاٺ جي ٽيڪن تي بيٺل آهن. اچرج ٿئي ٿو ته اهي
بيٺا ڪيئن آهن. گهر جي ڪوٺين ۾ هواءِ جي اچڻ واسطي
منگهه ٺهيل آهن.(1)
ساڳين اهڙن منگهن جو ذڪر لاڪير 1711ع ۾ هندستان جي
واپار جي باري ۾ لکندي ڪيو آهي، جيڪي گومبرون
(Gombroon)
۾ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. نه ته ٻي حالت ۾ شهر ۾
ضروريات زندگيءَ متعلق هر چيز ملي سگهي ٿي. مڇي ۽
ميوات ته تمام گهڻي آهي ۽ بي حد سستي. چئن پائين ۾
هڪ ڪڪڙ، هڪ رُپئي ۾ رڍ، چانور، مکڻ ۽ ٻيو کاڌو
خوراڪ به ڏاڍا سهانگا آهن. ميڻ هتي گهٽ آهي، ان
ڪري ڏاڍي مهانگي آهي. هتي محصول جو نظام ۽ شهر جي
حڪومت آصف خان جا نمائندا هلائن ٿا. اتي ٽي پادري
آهن، جيڪي هڪ گنديءَ جاءِ ۾ رهي ڪري پنهنجي فرض کي
پورو ڪري رهيا آهن.“
7- ڊسمبر تي شاهبندر ۾ اسان کي دعوت تي ڪوٺايو
ويو، جنهن ۾ اسان کي ٻڪريون، ڪڪڙيون، ماني، گل،
چانور، کنڊ، مکڻ ڏنا ويا. (تنهن کان پوءِ ڪمپني
ٺٽي ڏانهن رواني ٿي) جتي آغا افضل بخش ۽ ٻيا مکيه
واپاري رهن ٿا. اتان اسان ڏيڍ روپيو في اٺ جي حساب
سان اَٺ اُٺَ ڀاڙي ڪيا، جن پڪا ست مڻ في اٺ جي
حساب سان بار کنيو. (ڪمپنيءَ اتان سفر ڪرڻ شروع
ڪيو) رات جو پنج ڪوه فاصلو طئي ڪري لاهري بندر
جهڙي ٻئي شهر هنڱورا ۾ پهتاسون. (ڏهين ڊسمبر تي 20
ڪوه پنڌ ڪري اسان رات جو 9 وڳين اتي پهتاسون)…
جڏهن رهائش گاه ڏانهن ويندي شهر جي ڦاٽڪ وٽ
پهتاسون ته غريب ڳوٺاڻن اسان جي والهانه انداز ۾
آجيان ڪئي، ٻئي ڏينهن تي فريملن کي سخت بخار اچي
ويو.“(1)
ڪپڙي جي صنعت جي اهميت کي لکڻين جي ڪيترن سِٽن ۾
اجاگر ڪيو ويو آهي.
”هن ٺٽي شهر جي ڀرسان نصرپور جو شهر آهي. هي
علائقو هن طرف ڪپڙي جي صنعت ۾ ڏاڍو اڳتي آهي.
اطلاعن مطابق هن شهر ۾ ٽي هزار ڪوري خاندان آهن،
جيڪي ڪپڙي جي صنعت سان لاڳاپيل آهن. هي شهر ٺٽي
جيترو وڏو ۽ ان کان 30 ڪوه پري ۽ درياه جي ڪناري
سان آباد آهي. جيڪڏهن درياه جي رستي اچبو ته
باربرداري جي گهڻي خرچ کان بچي پئبو. اتي جيڪو
ڪپڙو اُڄي ٿو، تنهن کي ’جوڙي‘ چيو ويندو آهي. جيڪي
ڊيگهه ۾ 17 گز ۽ موڪر ۾ اڌ گز هونديون آهن. ڪپڙي ۾
استعمال ٿيل سڳو ٺاهوڪو وٽيل ۽ ڪپڙو به واه جو
اڻيل آهي.“(1)
سيوهڻ جو علائقو نير جو مرڪز هو، پر ان کي ڪپڙي جي
صنعت جو مرڪز به چيو ويندو هو.
”سيوهڻ به درياه جي ڪناري سان آباد ۽ خشڪيءَ واري
رستي سان هتان 60 ڪوه کن پري آهي. هتان ۽ ڀر وارن
شهرن جي مکيه پيداوار نير آهي ۽ بيانه جهڙو سٺو
آهي، پر خراب ان ڪري آهي، جو جڏهن بنايو ويندو
آهي، تڏهن ان سان واري ملائيندا آهن. هتي ساليانو
2000 مڻ نير جڙندو آهي. هتي اسان کي 36 پائين ۾ هڪ
سير ملي ٿو. جڏهن ته ٺٽي ۾ ساڳيو 40 پائين ۾ وڪرو
ٿي ٿو. اتي 1000 ڪورين جا گهراڻا رهن ٿا، جيڪي
اعليٰ قسم جو بافتو اڻين ٿا پر ماپ ۾ نصرپور واري
ڪپڙي کان گهٽ آهي. ٺٽي جا ٽي گز بافتو سيوهڻ جي ٽي
گز بافتي کان ڏيڍ انچ وڏو ٿئي ٿو. مکڻ ۽ تيل اتي
تمام ججهي انداز ۾ آندو وڃي ٿو. آفيم به گهڻي
مقدار ۾ بنايو ٿو وڃي. هتي جيڪو تجارتي مال وڪري
لاءِ آندو وڃي ٿو، سو سڀ درياهي رستي اچي ٿو، عام
طور تي اهو 10 ڏينهن ۾ پهچي وڃي ٿو.“(1)
ٺٽو پيداوار جو مکيه مرڪز ۽ تجارت جي وڏي منڊي هو،
ان کي هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
”ٺٽو، لاهري بندر کان خشڪيءَ رستي اتڪل 28 ڪوهن جي
پنڌ تي آهي. هن شهر ۾ 3000 ڪورين جا گهراڻا آباد
آهن. ڪيترا خاندان آهن، جيڪي ڪپڙن ڇُرڻ جي ڌنڌي
سان لڳل اهن. اهڙي قسم جو ڪپڙو ايران ۽ ترڪيءَ ۾
ڏاڍو مقبول آهي. اهو ڪپڙو هتان جا ئي واپاري بصري
۽ ڪونگو جي بندرن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. ٻيا ڪوري
ريشمي کيس ۽ قيمتي بافتا به اڻن ٿا. شهر جو وڏو
حصو اهڙو قيمتي ڪپڙو استعمال ڪري ٿو، جيڪو ٻين
جاين تان اچي ٿو، جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هتي
ٿلهو گيگم جو ڪپڙو اُڄي ٿو. جنهن کي سراءِ (سڙهه)
سڏيو وڃي ٿو جو خاص طور تي ٻيڙين لاءِ بنايو وڃي
ٿو. ان جي تاڃيءَ ۾ ٻٽو سڳو استعمال ڪيو ويندو
آهي. سندس ڊيگهه 20 گز ۽ بَرُ اٽڪل مُنو گز ٿئي
ٿو. هتان جو تيار ٿيل شورو، تمام قيمتي آهي پر آهي
ڏاڍو مهانگو. 6 رپين ۾ مڻ ملي ٿو. سوٽي ڪپڙو، سورت
۽ احمد آباد واري سوٽي ڪپڙي کان جنس جي لحاظ کان
30%
يا
40%
وڌيڪ مهانگو ملي ٿو، حقيقت اها آهي ته جيڪو به ڪچو
مال (ڪپهه) ان ڪپڙي ۾ استعمال ٿئي ٿو، سو ڪڇ مان
نيو وڃي ٿو. هتان جا واپاري جيڪي مستقل طور تي
ڪونگو
(Kangun of Persia)
۽ بصري سان واپار ڪن ٿا سي نير ۽ کنڊ آگري مان
آڻيندا آهن. اهي آگري کان سامان گاڏين ذريعي ملتان
آڻيندا آهن. اتان کان ٻيڙن ۾ چاڙهيو ويندو آهي ٺٽي
پهچڻ تائين انهن شين جو خرچ محصول ۽ قيمت وغيره هڪ
روپيو في مڻ کان مٿي ڪونه ٿو چڙهي.“(1)
سنڌ واري ڪوٺيءَ لاءِ فريملن جي رٿ پنجن ماڻهن جي
هئي:
”سربراهه ٺٽي ۾، هڪ ماڻهو نصرپور، هڪ سيوهڻ، هڪ
منشي، هڪ ڪيشئر ۽ هڪ سنها ٿلها خرچ لکڻ وارو ۽
سامان ٻڌڻ وارو.(1)
محصولن جي منجهيل صورت انگريزن کي پريشان ڪري ڇڏيو
هو.
”هتي مختلف قسمن جا محصول آهن، جيڪي عام طور تي
شهري حڪومت کي واپاري ڀري ڏيندا آهن. هر قسم جي
کاڌي خوراڪ جي شين تي پائيءَ جو چوٿون حصو في رپئي
جي حساب سان ڏنو وڃي ٿو. جنس تي هڪ سير في خرار جي
حساب سان محصول ادا ٿئي ٿو. جيڪڏهن ٻين جڳهين جو
ڪپڙو هتي آڻي وڪرو ڪيو وڃي ٿو ته 4/1 پائي في رپيو
جي حساب سان ۽ خريدار ڌُر ۽ 4/3 پائي في رپيو
حڪومت کي ادا ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت هر مال تي ايئن
ئي محصول هنيو وڃي ٿو. اسان به جيترو ٿي سگهيو ڀري
ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ جيترو ٿي سگهيو، ايتري مخالفت
به ڪئي سون پر انهن محصول مان هڪ رتي به ڪانه
ڇڏي.“(1)
سنڌ جو ڪپڙو ان وقت ڏاڍو مشهور هو. 1636ع ۾ فريملن
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي هن طرح اطلاع ڏي ٿو:
”سڄي هندستان جو ڪوبه ڪپڙو سنڌ جي ڪپڙي جهڙو آهي
ئي ڪونه ۽ نه وري واپار لاءِ ايترو تيار مال ڪٿي
ملي سگهندو، رنگ ۽ اوڄ ۾ به تمام بهترين آهي.“
رڪارڊ ٿيل دلچسپ واقعا اهي به آهن ته ڪمپنيءَ جي
سرجن وليم والگريو کي گورنر جي علاج واسطي سنڌ ۾
ڇڏيو ويو هو:
”هر هفتي سنڌ ۽ احمدآباد جي وچ ۾ ٽپال ايندي ويندي
هئي ۽ واپار جي نقطهءِ نگاه کان لاهري بندر ۾ ٿيل
بندوبست به قابل قدر هو. اسان انهن قيمتن کي چڱيءَ
ريت ڄاڻون ٿا. اهي وَهِينِ ۾ داخل ڪيون ٿيون وڃن ۽
ڪوبي انصاف گورنر به پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق
انهن کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي.“
1636ع ۾ هينري بارن فورڊ آگري کان ٺٽي آيو هو.
سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته اهو سندس تجارتي اوائلي
جاچ جو دور هو. هن جا ڪجهه رايا دلچسپ آهن. هي
بوبڪ ۽ سن جي نير جو ذڪر ڪري ٿو ۽ اندازو لڳائي ٿو
ته جيڪو نير ٺٽي ڏانهن موڪليو ويو، ان جو وزن 1000
مڻ کان وڌيڪ ڪونه هو. هي محصول جي شرح متعلق ذڪر
ڪندي لکي ٿو ته: ”گورنر کي 4 رپيا في مڻ جي حساب
سان محصول جي ادائگي ٿئي ٿي، هڪ رپيو شهر کي ملي
ٿو ۽ آڌي ٺٽي تائين ڪرايو لڳي ٿو. سيوهڻ ۽ پراڻا
هالا جي وچ تي آباد سميجا واپارين لاءِ ڏاڍا
خطرناڪ آهن، سندن زهني لاڙو، ڌاڙي ۽ لُٽ ڦر ڏانهن
آهي. سندن علائقن ۾ طاقتور پهريدارن کانسواءِ ڪوبه
ماڻهو وڃي ڪونه ٿو سگهي.“ ٻي ڳالهه ته باغي سميجا
ان زماني (1640ع) ۾ مغل گورنر خلاف بغاوت ڪري رهيا
هئا ۽ سنڌو جي وچين علائقي جو امن امان ناس ٿي چڪو
هو. بارن فورڊ ٻڌائي ٿو ته: سنڌ درياه ۾ عام طور
تي جيڪا بار برداري آهي سا تراکڙين ٻيڙين ذريعي
ٿئي ٿي ۽ اهي 1000 يا 2000 مڻ کڻي سگهن ٿيون. هن
بار برداري جي آمدرفت جو سهانگو طريقو ٻڌايو آهي
ته 1000 يا 2000 مڻ بار کڻندڙ ٻيڙي لاهور مان خريد
ڪجي، سامان کڻائي ٺٽي پهچي، پوءِ اها ٻيڙي 250
رپين ۾ وڪرو ڪري سگهجي ٿي. بارن فورڊ اهو به ذڪر
ڪري ٿو ته ٺٽي جا واپاري کنڊ ۽ مصري لاهور مان
خريد ڪندا هئا. سوڙهي بَرَ واريون جوڙيون درٻيلي ۾
ٺهنديون هيون، جن جي ڊيگهه نصرپور جي جوڙين جيتري
هوندي هئي.
1640ع ۾ فريملن، نير واري ۽ مٽيءَ جي ملاوت جو ذڪر
ڪري ٿو. بغير اجازت جي فائدي لاءِ رلندڙن (سر وليم
ڪورٽين جا جهاز) جي جهاز جو حوالو 5 فيبروري 1640ع
جي خط ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ’نو
آيل انگريز‘ اهو ارادو رکن ٿا ته گومبرون، سنڌ،
موچا ميسلپٽن ۽ ٻين بندرن ڏانهن سال ۾ ڇهه يا ست
جهاز موڪلي تجارت ڪن ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ
ڪونهي ته انهن کي بادشاه جي تائيد حاصل آهي.“(1)
هن عرصي دوران (1641ع ۽ ان کان اڳتي) سنڌ جي ڪپڙي
جي غير معياري هجڻ جون شڪايتون ٿيڻ شروع ٿيون.
اهڙي عنوان تي ڪيترا خط لکيل آهن ۽ معيار ڪري پوڻ
جا سبب پڻ ڄاڻايا ويا آهن.
”سنڌ جي سوٽي ڪپڙي جي ڪريل معيار مايوس ڪري ڇڏيو
آهي. اتي مقرر ڪيل اهلڪارن کي هن متعلق خبردار رهڻ
گهرجي ۽ دَلالن تي اعتبار ڪرڻ نه گهرجي. ڌوٻين کي
تنبيهه ڪئي وڃي ته ڪپڙي کي گهڻو ڌوئي چيري ڦاڙي نه
رکن ۽ گهڻو ڪَلف به نه ڏين. سيوهڻ جي جوڙين جون
200 ڳٺڙيون هر سال موڪليون وڃن ۽ نصرپور واريون
جوڙيون چڱي فائدي تي وڪامي وڃن ٿيون.“(1)\
(لنڊن مان ڪمپنيءَ جو خط سورت ۾ پريزيڊنٽ ۽
ڪائونسل نالي 20 نومبر 1641ع)
”سنڌ مان نصرپور جي جوڙين جي اسين سفارش نٿا
ڪريون، اهي سنهڙيون آهن ۽ گهڻي ڌوئڻ ۽ سٽڻ جي ڪري
اهي نرم ۽ لسيون آهن ۽ اکين کي ڏاڍو وڻي ٿيون. اهو
ڪپڙو نه سٺو آهي ۽ نه وري ماپ ۾ پورو. درٻيلي جي
ڪپڙي ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو وڃي، جيڪو شهر به سنڌ ۾
آهي. ان وَڙَ جي ڪپڙي جا چار پنج هزار ٿانَ کاپي ۾
اچي ويندا. اهڙي ريت سيوهڻ جو ڪپڙو به وڪامي ويندو
۽ جي ساڳئي هنڌان خبرداريءَ سان نير خريد ڪيو
ويندو ته ان جو کاپو به ايتري ئي مقدار ۾ ٿي
ويندو.(2)
(سورت جي پريزيڊنٽ ڏانهن ڪمپنيءَ جو خط، 27 نومبر
1643ع)
”انهيءَ علائقي جو ڪپڙو اڳئين معيار کان گهڻو هيٺ
ڪري پيو آهي ۽ هر سال هيٺ ڪرندو رهي ٿو. ان جو سبب
اهو آهي ته بصري ۾ ان جو کاپو گهڻو آهي ۽ خريدار
تمام گهڻا آهن ۽ هر قسم جي سوڙهي بر واري بافتي جي
بها به هڪدم پنجن کان ڇهن رپين تائين في ڳٺڙي وڌي
ويئي آهي، ۽ مال به ايڏو خراب آهي جو اڳي ڪڏهن به
ڪونه هو. هينئر درٻيلي ۽ ڪنڊياري جو مال به نصرپور
جي مال کان بهتر ناهي رهيو.“(1)
1644ع ۾ جان سيلر اونهاري جي گرميءَ ۾ اتر سنڌ ۾
رهيو، ان مقصد لاءِ ته جيترو ٿي سگهي گهڻي کان
گهڻو نير خريد ڪري سگهي. سندس خط ۾ سنڌ جي ٻهراڙي
۾ غربت ۽ افلاس جو ڏاڍو چٽو منظر چٽيو ويو آهي:
”مسٽر سيلر، اسان جي حڪم سان هن مئي کان وٺي
سيپٽمبر تائين ساري مينهوڳيءَ جي موسم اتر سنڌ ۾
گذاري ۽ چڱو تجربو حاصل ڪيو. هن اهو سارو عرصو
سيوهڻ يا سيوستان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گهاريو،
کيس خاص طور هن مقصد لاءِ موڪليو ويو هو ته جيئن
هو چڱيءَ ريت جاچي ڏسي ته انهن علائقن ۾ ڪهڙو نير
پيدا ٿئي ٿو ۽ اتان 200 ٻوجها جيڪڏهن ٿي سگهن ته
خريد ڪري سگهجي. پر ماڻهو ايترا ته ڏهڪايل آهن ۽
ايڏا ته رحم جوڳا ۽ ڪنگال آهن جو، جيتوڻيڪ زمين وڌ
۾ وڌ زرخيز آهي ۽ جي اهي راهي ڪن ته نير جو وڏو
مقدار پيدا ٿي سگهي پر هو ايڏا ته مجبور ۽ دل
شڪستا ٿي پيا آهن، جو زمين کي کيڙڻ ئي ڪونه ٿا
چاهين. اتي ٺٽي جي رنگريزن کان سواءِ ٻيا ڪي
خريدار ڪونه هئا (جيڪو خريد ڪيو ويو) نير جي مَڻ
جي قيمت ساڍا 41 رپيا ۽ 3 رپيا في مڻ ٻيو خرچ آهي.
سپلر ان ڪري تمام ٿوري مقدار ۾ نير خريد ڪيو.“(1)
”ان سال سنڌ واري ڪوٺيءَ جي صدر ۽ شهزادي دارا
شڪوهه جي وچ ۾ رسمي سوکڙين جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ان
جي قبوليت جو اظهار ڪرڻ لاءِ صدر کي هڪ رسمي خط
لکڻ سان گڏ 1000 رپين جي ماليت جا هيرا ۽ ياقوت پڻ
موڪليا.“(2)
ڪپهه مان ٺهيل سامان جي نقطهءِ نگاه کان ڪنڊيارو ۽
درٻيلو ڪمپنيءَ جا دلپسند شهر هئا، جتان ڪمپنيءَ
جا گماشتا اهو خريد ڪندا هئا. ظاهر ظهور اتر سنڌ
جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ سنڌ بار برداري جي آمدرفت ۾ وڌيڪ
سولي ۽ سستي هئي. اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هر وقت مال
مهيا ڪرڻ جي نقطهءِ نظر کان ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾
نصرپور ڏاڍي سهنجي آهي. ڪنڊياري تائين اسان مرضيءَ
مطابق سيڙپ ڪري سگهون ٿا. ڇاڪاڻ جو رستا خطري کان
خالي ڪونه آهن، ۽ نئون رپئي جو سڪو سو ته هتي ملي
ئي ڪونه ٿو، جيڪڏهن هتي آندو به وڃي ته هلندو ئي
ڪونه، جيستائين انهيءَ کي پئسن ۾ نه بدلايو وڃي،
جنهن پر سال اسان کي ڏاڍو پريشان ڪيو.(1)
(21 فيبروري 1646ع).
1647ع ۾ اتر ۾ گڙٻڙ هئي. مراد بخش، سعيد خان ۽ اسد
خان، اختيارن جي ورهاست تي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا.
ورهاست هيئن ٿي هئي: محصول هڪ جي حوالي ڪيا ويا ته
علائقي جون حدون وري ٻئي کي ڏنيون ويون. هنن غير
يقيني حالتن ڪوٺيءَ جي اهلڪارن کي شڪايت جو موقعو
پيدا ڪري ڏنو، ڇو جو ڪمپنيءَ کي سندس مال تي اڍائي
سيڪڙو ان جي بار برداري تي ڏيڻو ٿي پيو.(2)
ان کانسواءِ چهلياڪ (يا چاليهون حصو يعني اڍائي
سيڪڙو) وري ٻئي پٽ لاءِ محصول مڙهيو ٿي ويو.
هتي اهو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو ته اصل
۾ گورنر آهي ڪير. (ڇو ته درٻيلو ڪنڊيارو ۽ گمبٽ
ڪنهن ٻئي پٽ کي ڏنا ويا هئا) ڇاڪاڻ ته سعيد خان
بادشاه جي حڪم سان (بلخ ڏانهن) موڪليو ويو ۽ وڏي
پٽ کي ان جي جاءِ تي ملتان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
هن ايترا ته گورنر موڪليا آهن، جو هر هڪ جي حڪومت
جي حدن جو پتو ئي ڪونه ٿو پوي. اهي پنهنجا محصول
حاصل ڪن ٿا. ٻئي ڏينهن اسان درٻيلي پهچون ٿا پر
ڪنڊياري کان اڳتي وڃڻ جي اجازت ڪانهي. علائقن جا
ارباب ۽ سردار پنهنجا علائقا خالي ڪري باغي ٿي
بيٺا آهن ۽ چون ٿا ته تيستائين جنگاڻ جاري رهندي،
جيستائين گورنر سندن مطالبن کي نه مڃيندا.(1)
جن واقعن جي رونما ٿيڻ جو هتي حوالو ڏيئي سگهجي
ٿو، اهي آهن شهنشاهه جي وچ ايشيا ڏانهن فوجي
چڙهائي، اورنگزيب کي ملتان جو گورنر مقرر ڪرڻ ۽
سندس ڀائرن کي محصول ۽ ڀاڙا اڳاڙيندڙن مٿان هر قسم
جا اختيار ڏيڻ. نتيجو اهو نڪتو جو مقامي زميندارن
بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ انهيءَ ڪري ڪنڊياري کان اڳتي
وڃڻ ممڪن ڪونه رهيو. مغل انتظاميا جي طريقهءِ ڪار
جو، ڪوٽوال جي محصول اوڳاڙڻ جي نموني مان اندازو
لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو ڪورين کان انگريزن پاران
خريد ڪيل ڪپڙي تي مڙهيو ٿي ويو. محصول جي انهن نون
مطالبن به ڪوٺيءَ جي اهلڪارن کي پريشان ڪري ڇڏيو
هو. انتظاميا جي ٻٽي ڪارگذاري، جنهن جي انگريزن
تائيد نٿي ڪئي سا اها هئي ته دولتمند سنڌي واپارين
کان ڦرلٽ نموني محصول اوڳاڙيو ٿي ويو. ڪنهن جي مري
وڃڻ کان پوءِ سندس ساري مڏي ملڪيت دهلي جي شهنشاهه
جي نالي ضبط ڪئي ٿي ويئي. اختياريءَ وارن جا
ڪمپنيءَ جي گماشتن ڏانهن موڪليل اهي خط به انگريزن
جي پريشانيءَ جو سبب بنيا، جيڪي ان ڪري بيڪار ٿي
ويا جو هڪ گورنر جي مرڻ کان پوءِ جيستائين ٻيو
گورنر انهن تي نظرثاني ڪري، جنهن جي ڪري دير به ٿي
ٿِي ته رشوت به ڏيڻي ٿي پئي.
”بمبئي برادرس سان غلط رويو، اهو چيو وڃي ٿو ته
بادشاهه هن 100،000 رپيا ڏنڊ ٿاڦيو آهي، جيڪو ٺٽي
۾ واجب الادا آهي. شهزادن ۽ ٻين نوابن اميرن جون
شرحون ان کان سواءِ آهن. اندازو اهو آهي ته گهٽ ۾
گهٽ 50،000 رپيا وڌيڪ چٽي پوندي. سڀ ماڻهو انهيءَ
ڳالهه تي تعجب کائن ٿا ته اها ڪيتري نه خراب ڳالهه
آهي ۽ اهو به چون ٿا ته اهو ڏاڍو گندو رواج آهي
جيڪو هن مهل تائين ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو
ڪپڙي جو واپاري يا ڪو ٻيو ماڻهو جنهن وٽ دولت ۽
ٻيو مال ملڪيت اهي، اهو مري ٿو وڃي ته اها ان کان
زبردستيءَ کسي وڃي ٿي، جڏهن ته کيس پنهنجا ٻار
آهن، ڀائر آهن ۽ هو اها دولت انهن لاءِ ڇڏي وڃي
ٿو. گورنر جي موت کان پوءِ سندس ڏنل دستڪ (پروانا)
ڄڻ بيڪار ٿي وڃن ٿا، جيڪي اسان کي آبي راهداري جي
ان محصول کان ته آجو ڪرائيندا هئا.(1)
هاڻي اسان جي ڪوشش سان اهو وري نئين سر جاري ڪرايو
اٿئون. ان ڪري جو ان ڳالهه جي سبب ڪري گهاٽ جي
اهلڪارن اسان جي ٻيڙائتن کي ڏاڍو تنگ ڪيو ٿي“.(1)
پهريون فقرو اهو ڏيکاري ٿو ته انهن ڏينهن ۾ وڏو
ڌنڌو هندو واپارين جي هٿ هيٺ هو. جيتوڻيڪ حالتون
اهڙيون هيون جو هنن کي دولت رکڻ جي اجازت ڪانه
هئي. پر پوءِ به انهن مان ڪن وٽ چڱي خاصي دولت گڏ
ٿي ويئي هئي. بمبئي (اڄ ڪلهه جي محاوري موجب
ڀمڀومل يا بامبومل) هڪ هندو دلال هو، جنهن سان
ڪمپنيءَ ڳوٺن مان ماڻهو گڏ ڪرڻ جو ڌنڌو ڪيو هو.
ڪمپنيءَ جو مزدورن کي ڏهاڙيءَ جي مزدوري ڏيڻ وارو
دستور، هيٺئين فقري مان واضح ٿئي ٿو. ”بياهه
(Byah)،
جيڪو شاهبندر کي ويجهو هڪ ماڻهو آهي، ان اسان کي
ٻيڙي ۾ مال سٿائي جي ٽي رپيا وڌيڪ مزدوريءَ جي آڇ
ڪئي، ان مال جو بادشاه سان تعلق هو. اسان هن جي
اها آڇ قبول ڪئي پر موسم جي خرابيءَ ڪري مال جي
ٻيڙي تي سٿائي ڪانه ٿي سگهي. ٻيڙي کي ڪناري ڏانهن
ويجهو هاڪاري اچڻ جي اسان کي جرئت ڪانه پئي ٿي،
خطرو اهو پئي محسوس ٿيو ته متان ڦاسي پوي. هاڻي ته
مزدوريءَ تي گهڻي مال جي سٿائيءَ جي آڇ ڏني ويئي
آهي جيڪا قبول ڪئي ويئي آهي.“(2)
سن 1652ع ۾ اورنگزيب جو ملتان جي گورنريءَ جو دور
پورو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ اورنگزيب کي، سنڌو درياه
جي ڇوڙ واري جاءِ تي ٻيڙن تان سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ
واري طريقي کي سڌارڻ جو خيال ٿيو. ان ڪري پاڻ هڪ
نئون بندر جوڙايائين. ڇاڪاڻ ته لاهري بندر لٽ سان
ڀرجي وڃڻ ڪري ڏکيو ٿي پيو هو، اورنگزيب جو هي نئون
بندر اورنگا بندر يا ڪڪرالو سڏيو ويو. ان جو 31
مارچ 1652ع واري خط ۾ اتفاق سان ذڪر اچي ويو آهي:
”سورت وارو ٻيڙو جيڪو ملتان جي شهزادي جي ماڻهن
سٿيو هو، جو سندس ’ڪڪرالو‘ جي بندر ڏانهن وڃڻو هو،
سو زوريءَ اتي بيهاريو ويو ۽ شاه بندر وارن به ان
کي وڃڻ ڪونه ڏنو ۽ ٻيڙي جي مالڪ کي ان بدران ايران
ڏانهن مال کڻي وڃڻ لاءِ چيو.“(1)
ٺٽي ۾ مغلن جو ضربخانو به هو، جان سپلر سن 1652ع
۾، سنڌ اندر واپار جي استعمال لاءِ اِتان سِڪا
جوڙايا هئا:
”هيءَ (سپلر) 65000 عباسي (سڪا) ڇڏي ويو آهي، جنهن
کي ڍالڻ جو ڪرايو، مغل خانُ، ايترو ئي وصول ڪرڻ تي
راضي آهي، جيترو سورت ۾ ادا ڪيو ويندو آهي، يا
جيڪو اڳيون شاه بندر وصول ڪندو هو. تنهن ڪري دولت
کي ٺٽي ڏانهن نيو وڃي ۽ اتي سڪن ۾ ڍاليو وڃي.“(2)
هن دور ۾ ڪمپنيءَ جو ڌنڌو اوج تي ڏسڻ ۾ ٿو اچي.
ڪمپني سنڌ جي 6000 بافتي جي ٿانن جو حڪم ڏنو پر
گهڻو ڪپڙو نصرپور مان خريد ڪرڻ لاءِ چيو ويو،
ڇاڪاڻ ته اهو ڪنڊياري جي تيار ٿيل ڪپڙي کان ٽي گز
ڊيگهه ۾ وڏو آهي. اهو معاملو اڳي ايئن هو پر گذريل
سالن ۾ ڪنڊياري جو ڪپڙو 15 گز ۽ نصرپور جو 14 گز
ٿي ويو آهي. سپلر ڪنڊياري جي ڪپڙي لاءِ حڪم ڏنو
آهي، جيڪڏهن ممڪن هجي ته اهو ئي خريد ڪجي. جيتوڻيڪ
اڳئين سال ڪوٺيءَ جي اهلڪارن سان اتي سٺو ورتاءُ
ڪونه ڪيوويو هو. گمبٽ جو ڪپڙو ڊيگهه ۾ ساڍا 12 گز
آهي پر موڪر ۾ ٻه يا ٽي انچ ڪنڊياري جي ڪپڙي کان
وڌيڪ آهي. گذريل سال، مشرقي منڊيءَ لاءِ اتان ڪجهه
مقدار آندو ويو هو، پر هن کي شڪ آهي ته ان مان
ڪجهه وطن ڏانهن موڪليو ويو هو، جيڪا ڳالهه ڪمپني
شايد منظور نه ڪري. هن کي يقين حقيقت آهي ته ڊچن
جي دخل اندازيءَ جي باوجود سندن جو سنڌ سان واپار،
ترقي ڪندو ۽ وڏي منافعي وارو ثابت ٿيندو.(1)
جان سپلر کان بصري منجهان، جولاءِ 17- 1652ع
(خشڪيءَ رستي مليو)
”سنڌ ۾ ڪوٺيءَ وارن کي هدايت ڪئي وڃي ته شوري ۽
نير جي سلسلي ۾ ايران سان واپار لاءِ گهڻي سيڙپ
ڪن. انهن کي احمد آباد(2)
مان پيسا مهيا ڪيا وڃن ٿا.“
پريذيڊنٽ بلئڪ مين وٽ ميريءَ
(Merry)
جو ڇڏيل ياداشت نامون 17- جنوري 1652ع
ان وقت ڊچن، سنڌ جي منڊيءَ ۾ گهڙي اچڻ جي هڪ ٻي
ڪوشش ڪئي. سندن اچڻ کي شڪ جي نگاه سان ڏٺو ويو هو.
اها ڪا تعجب جي ڳالهه به ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته ڪامن
ويلٿ ۽ هالينڊ ۾ نه رڳو واپاري ڇڪتاڻ هئي پر يورپ
۾ ٻنهي جي وچ ۾ جنگ به ڇڙي چڪي هئي.
اتر سنڌ جي خراب حڪومت ۽ ان جي ننڍڙن اهلڪاري جي
رشوت خوريءَ بابت سن 1652ع واري رڪارڊ ۾ هن طرح جو
سخت تبصرو ڪيل آهي:
”توهان ڏانهن بکر درٻيلي ۽ ٻين علائقن ۾ خراب
حڪومت بابت لکندي، آءٌ صرف ايترو چئي سگهان ٿو ته
اهو گهٽ ۾ گهٽ سمجهجو. توهان وڌ ۾ وڌ خرابين کي
تصور ۾ آڻي سگهو ٿا. گهٽ ۾ گهٽ جڏهن اوهان کي اهو
معلوم ٿيندو ته هڪ ٻيڙي جنهن تي سرڪاري محصول 4/1
رپيا هجي، پر اهو سرڪاري اهلڪار کي خوش ڪرڻ لاءِ
رشوت طور پورا 6 رپيا ڀرڻو پوي ٿو. ان ڪري ملتان ۽
ٺٽي جي ماڻهن کي هي جايون ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو
ويو آهي. مون هڪ عام عادت به اتي ڏٺي: ٿيو ايئن جو
دلال چهلياڪ جي سلسلي ۾ اهلڪارن پٺيان پورا ٻه
مهينا هليو ته به ڪجهه ڪونه وريو. چهلياڪ جا سڀ
اهلڪار مون کي سواءِ ڪوڙن دلاسن ۽ دير جي ڪجهه به
ڏيئي ڪونه سگهيا. آخرڪار چهلياڪ جي داروغي رشوت جا
88 رپيا پنهنجي دوستن واسطي گهريا. منهنجي مرضي
ڪانه هئي ته مان ڪي اهي پيسا ڏيان پر داروغي يقين
ڏياريو ته جيڪڏهن آءٌ اهي ٿورا پئسا ڏيندس ته ٻين
گهڻن پئسن جي ادائگيءَ کان بچي پوندس. ڪجهه به نه
بچائڻ کان تڪليف سان ئي سهي ٿورو ڪجهه بچائڻ سٺي
ڳالهه آهي. ان ڪري مون اهي پئسا ڀري ڏنا ۽ چهلياڪ
جي هڪ پائي به ڪانه ڀريم. پوءِ درٻيلي ۾ گهاٽ جي
آفيسرن کي 18 رپيا ادا ڪيم ۽ پوءِ اتان روانو ٿيس.
سو انهن حالتن مان توکي محسوس ڪرڻ گهرجي ته ڄاڻايل
علائقن ۾ شهزادي جا ڪهڙا خاص ماڻهو رکيل آهن ۽ اهي
فرض جي ادائگي ڪهڙي نه سهڻي نموني سان بجا آڻين
ٿا. ڪنهن حد تائين هاڻي ڪجهه معاملو ٺيڪ آهي. جڏهن
گهاٽ تي پهچجي ٿو ته ٻيڙي جاچڻ پرکڻ ۽ محصول وغيره
جي ادائگي ۾ ڪافي دير لڳي وڃي ٿي. سو جلدائي ۾ ان
ڪم کي اڪلائڻ لاءِ به وڌيڪ پيسو ڏيڻو ٿو پوي (اهي
پيسا بي باقيءَ جي سَندِ هٿ ڪرڻ لاءِ ڏيڻا پوندا
هجن ته انهن کي مهري يا موري چيو ويو آهي) هاڻي
انهن لکت ۾ اهو چيو آهي ته اسان کي ڪجهه به وڌيڪ
ڏيڻو ڪونه پوندو، پر هر سرڪاري اهلڪار ان جي
پنهنجيءَ جاءِ تي ڏٺو ۽ سڃاتو ويندو آهي.(1)
سپلر کان 30- سيپٽمبر 1656ع- ٺٽو- جتي هو سورت
ڏانهن 20،000 سوٽي ڪپڙي جا تاڪيا موڪلڻ ۾ رڌل هو.
بلوچ قبيلا مغلن جي اهلڪارن جي ضابطي کان ڪيترو
ٻاهر هئا، ان جو اندازو 1656ع جي هڪ خط مان ظاهر
آهي:
”هن بڪسيءَ
(Buckess)
ڪرمتين يا بلوچن جي سردار جي بيعزتي ڪئي هئي، سو
بلوچن بغاوت ڪئي ۽ جيترو ٿي سگهيو ايترو پنهنجن
ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ ٻين ڪورا بولاه (ممڪن آهي ته
گهوڙا ٻاري هجي) جي ٻروچ قبيلن سان گڏجي وڏي فوج
بڻائي. هن جڳهه کان بندر (لاهري بندر) تائين ڪو
سکيو ستابو شهر نه آهي، جو هنن لٽي ڦري تباه نه
ڪيو هجي ۽ هو ڪيترو ئي مال ڪاهي ۽ ماڻهو اغوا ڪري
ويا آهن. هر روز درياه جي هن ڀر تي ڪونه ڪو شهر
لٽين ڦرين ٿا. ان هوندي به اهڙو انتظام ڪونه ٿيو
آهي، جو سندن انهن ڪاررواين کي روڪي سگهجي. جيڪڏهن
اهي هاڻي وڌيڪ شرارتون نه ڪندا ته اهو سندن پنهنجو
ئي عمل هوندو.(1)
سرڪاري اهلڪارن جي ظالماڻي روش متعلق اسڪريونر جو
ڏاڍي مزيدار انداز ۾ خط آهي، جيڪو هن نصرپور مان
5- جون سن 1656ع ۾ لکيو هو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو
ته مغل دور جا سرڪاري اهلڪار پنهنجي زالن کان
ڪيترو دٻيل هئا:
”ٺٽي جو نئون گورنر منهنجي اچڻ کان ٿورو اڳ مقرر
ٿيو هو، سندس موجوده شان شوڪت شهر جي بدحاليءَ سان
ٺهڪي ڪونه ٿو. ان کان علاوه به هن پاڻ سان گڏ
ڇڙواڳ، بي لغام ۽ فسادي ماڻهن جو ٽولو آندو آهي،
جو ويچارا ماڻهو سندن اڍنگاين کان ڏاڍو تنگ ٿي پيا
آهن. پر سڀني کان وڌيڪ نواب (گورنر) جي زال جو حڪم
۽ داٻو آهي. جيڪڏهن هوءَ واپارين سان گهڻي زيادتي
يا ظلم ڪري ٿي ته نواب (گورنر) کي کيس روڪڻ جي
جرئت ئي ڪانه ٿي ٿئي. هوءَ واپارين جو مال
زبردستيءَ کڻائي ٿي وڃي. ان بدلي اڌ قيمت به ادا
ڪانه ٿي ڪري. تنهن ڪري اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هن
وقت ٺٽي ۾ ڪا چري حڪومت راڄ ڪري رهي آهي.“(1)
ان عرصي ۾ سميجن جي، سنڌ جي وِچين علائقن وٽان
درياه مان گذرندڙ ٻيڙن جي عام ڦرلٽ وڏو آزار بڻيل
هئي.
”مون ٺٽي مان گهڻن ماڻهن کي گهرائڻ لاءِ قاصد
موڪليو آهي، جڏهن اهي اتان ايندا ته مان پنهنجا
نوڪر، پٽيوالا ۽ ٻيا ماڻهو انهن سان گڏائي
موڪليندس ته سن وٽ سميجن جو مقابلو ڪري ان سامان
جو تحفظ ڪن. سميجا اهڙا ماڻهو آهن، جو جڏهن سامان
سان ڀريل ٻيڙا ڏسندا آهن ته هر حالت ۾ انهن تي
حملو ڪري، جيڪو هٿ لڳندو اٿن سو کڻي هليا ويندا
آهن. پر مان اهڙو بندوبست ڪندس جو سامان حفاظت سان
مون تائين پهچي وڃي. ان کان سواءِ پنهنجا ماڻهو،
سن ۽ سيوهڻ جي سرڪاري اهلڪارن ڏانهن لکندا ته جيئن
سامان محافظن جي نگرانيءَ ۾ حفاظت سان پهچي وڃي.“(1)
1659ع جي عرصي دوران اورنگزيب ۽ سندس ڀائرن جي وچ
۾ تخت تان گهرو لڙائي جي شروعات ٿي، جيڪا سنڌ ۾
وڳوڙي صورتحال ۾ پڌري هئي. ان سال ۽ ٻئي سال سنڌ ۾
سخت ڏڪار پيو ۽ پليگ جهڙيءَ وبائي بيماريءَ قهر
ڪري ڇڏيا.
”وائين 1659ع جي سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ڌاري سنڌ ۽
پوءِ ايران ڏانهن هاڪاري ويو. ان ۾ هڪ ڪمپنيءَ
ڏانهن خط هو، جيڪو هو اڳتي خشڪيءَ رستي رواني ڪرڻ
لاءِ گومبرون ڏانهن کنيو پئي ويو. ان ۾ اهو لکيل
هو ته لاهري بندر کان جيڪو سامان ٻيڙن ۾ لڏيو
ويندو، سو اڳئين جي مقابلي ۾ تمام گهٽ هوندو. ڇو
ته ڏڪار ۽ پليگ سنڌ ۾ ايتري ته ڀيانڪ آهي، جو ان ۾
آدمشماريءَ جو تمام وڏو حصو ختم ٿي ويو آهي. جيڪي
ڪجهه باقي وڃي بچيا آهن، سي جو ڪجهه ٺاهين جوڙين
ٿا ملڪ جا واپاري اهوئي خريد ڪن ٿا ۽ انهن کي ان
مال جي قيمت تمام گهٽ ڏين ٿا، جنهن کي قيمت نه چئي
ڪونه ٿو سگهجي.“(1)
13- اپريل 1660ع ۾ ڪمپنيءَ ڏانهن هڪ خط لکيو ويو،
جنهن ۾ اهو بيان ڪيو ويو هو ته:
”جيئن اسان پنهنجي لاءِ دليل بازي ڪريون ٿا،
اهڙيءَ ريت اسان احمدآباد ۽ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجن
دوستن لاءِ به حيلا هلايون ٿا. احمدآباد ۾ کاڌي
خوراڪ جون شيون ڏاڍيون مهانگيون آهن پر سنڌ ۾ سخت
ڏڪار ڪري حالتون ڏاڍيون ڳنڀير آهن. جيئرا ماڻهو
لاشن کي پوريندي پڄي ئي ڪونه ٿا سگهن.“(1)
هن عرصي تائين ڪمپنيءَ جو ڌنڌو ڏاڍو پوئتي پئجي
ويو هو. اها سڄي صورتحال سنڌ ۾ وڳوڙي حالتن جي ڪري
ٿي هئي. سورت ۾ رهندڙ ڪوٺيءَ جا اهلڪار سنڌ ۾
تجارت کي بند ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته
فائدو خطرناڪ حد تائين هيٺ ڪري پيو هو. سنڌ ۾ قائم
واپاري ڪوٺي جي بند ٿي وڃڻ جو اهو اڳواٽ اشارو هو.
اسڪريونر کي تجارت جي سڌارڻ لاءِ اڳ ۾ ئي چتاءُ
ڏنو ويو هو، پر نظر اهو اچي ٿو ته سنڌ ملڪ جي
وڳوڙي وايومنڊل جي ڪري تجارت ۾ سڌارو ڪرڻ ڏاڍو
مشڪل هو.
20 مارچ 1662ع تي هن جي پيشرو مسٽر وليم بيل ڏانهن
ساڳي قسم جو هڪ تاڪيدي خط روانو ڪيو ويو، جنهن ۾
کيس شوري ۽ ڇريل سوٽي ڪپڙي جي معقول قيمتن تي
مسلسل خريداريءَ لاءِ تنبيهه ڪيل هئي نه ته ٻيءَ
صورت ۾ ڪوٺيءَ جي بند ٿي وڃڻ جو وڏو امڪان موجود
هو. کيس حڪم ڪيو ويو هو ته ڏنل قرضن جي وصولي ڪري
۽ اهو خيال رکي ته کيس ڏنل الائونسن اندر پنهنجا
خرچ محدود ڪري، جيڪڏهن وڌيڪ خرچ ڪندو ته هو شخصي
طور ذميوار رهندو. 16- اپريل 1662ع جي هڪ خط ۾ هٿ
ڦاڙ هجڻ ڪري کيس ڇنڊ ڪڍي ويئي هئي ۽ اهو به حڪم
ڪيو ويو هو ته هو ’وائين‘ ذريعي واپس موٽي اچي،
جيڪو آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ ۾ پهچڻ وارو هو. وائين
بصري کان لاهري بندر ٺيڪ آڪٽوبر ۾ پهتو. ان ۾ بيل
۽ ڪمپنيءَ جا ٻيا اهلڪار به سوار ٿيا، منجهس شورو
۽ سوٽي ڪپڙو به لڏيو ويو. اهو ٻيڙو، سڄو بار کڻي
12- نومبر 1662ع تي سوالي روڊ پهتو. اهڙيءَ ريت
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪوٺي جو سنڌ جي تجارت متعلق
مرحلو پورو ٿيو ۽ اهو تجربو اهڙو هو جو وري ايندڙ
96 سال ڪنهن به نه دهرايو.
|