سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ڌاڙيلن جي موجودگيءَ
جهاز جي مالڪن کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو. پر
ڪمپنيءَ جا جهاز ايترا ته بهتر نموني هٿياربند ٿيل
هئا، جو سراسري طور عام قسم جا ڌاڙيل سندن مقابلو
ڪري ڪونه سگهندا هئا.
”سويلو گيليوٽ
(Swallow Gallivat)
مال جو ٻيڙو ۽ ننڍي دنگي موٽيا آهن جن تي ڦرلُٽِ
جو مال، 30 کان 40 مڻ مصري لڏيل آهي ۽ 30 قيدي به
آهن، جن مان 6 زخمي ٿيل آهن، هڪ بمبئي جو سپاهي به
زخمي آهي. مسٽر ماهن جو اطلاع آهي ته 27 تاريخ رات
جو جهاز هيٺ لهي درياه جي منهن وٽ ويو، هن ڏٺو ته
ٻه دنگيون اتر طرف بيٺل آهن، جن کي هن ڪولي يا
سنگاني سمجهيو. رات جو وير لهڻ وقت تختي تي وڃي
بيٺو ۽ اونداهيءَ ۾ جيترو ٿي سگهيس، انهن جي ويجهو
وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ هن سندس ڏاکڻيون پاسو ورتو،
ڇاڪاڻ ته جڏهن سندن ڪڍ پئبو آهي ته انهيءَ طرف ئي
ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪلهه باک ڦٽيءَ ڌاران هن
ڏٺو ته انهن مان هڪ ٻيڙو ٻه ميل کن دور پاڻيءَ جي
6 پُرهه گهرائي تي بيٺو هو. پاڻي خاموش هو، هن
پنهنجي ماڻهن کي ونجهه هلائڻ لاءِ چيو، هو 10 وڳين
صبح جو ويجهو پهتو ۽ مٿانئس فائر ڪيائين ته هتان
به ننڍڙي بندوق سان ٽي چار فائر ڪري جواب ڏنو ويو.
سپاهين پنهنجي تلوارن کي سنڀاليو ۽ توڙيدار بندوقن
سان مقابلو ڪيو، جنهن ڪري بمبئي جي سپاهي جو هٿ
زخمي ٿي پيو ۽ سامان واري ٻيڙي پوءِ هڪدم ظاهر ٿي
۽ دنگي جا رسا هيٺ ڪيا ويا ته زخمين کانسواءِ ٻيا
به ٽپي آيا. جڏهن سوا يارهين وڳي ان ٻيڙي تي قبضو
ڪيو ويو ته انهن پاڻ سان وٺي وڃڻ جي التجا ڪئي ۽
بعد ۾ ان ٻيڙيءَ کي ڌڪي آندو ويو. ٻي دنگي ڪجهه
ننڍي هئي. جڏهن اها ظاهر ٿي ۽ مڪمل طور ڏسڻ ۾ آئي
ته ان تي هڪدم قبضو ڪيو ويو. سمجهيو اهو ويو ته ان
۾ ڦرلٽ وارو سامان اڳيئن ٻيڙي جيان ججهو هوندو پر
ان تي ڪجهه به ڪونه هو.“
”29- ڊسمبر 1762ع، ڦُريل ٻيڙي جي ناکئي ۽ سونهين
(جنهن ناکئي جا ٻئي هٿ زخمي آهن) کي جاچي جوچي ڏٺو
ويو، انهن جي تلاشي ورتي ويئي ۽ کانئن سوال ڪيا
ويا ته انهن ٻڌايو ته اهي نوابندر
(Novabunder)
جي سعيد خان تاهن
(Than)
جا نوڪر آهن، جيڪا جعفر آباد ۽ ديويءَ جي وچ تي هڪ
جڳهه آهي. هن جا ڪيترا جهاز ٻاهر ڦر جي ڌنڌي سان
لڳل آهن. 20 ڏينهن اڳ دنگيءَ ۾ سوار ٿي ساڳي ئي
مقصد سان مسقط ڏانهن هليا ويا هئا پر طوفان جي سبب
ڪري سڙهه ڦاڙائي توائي ٿي، پڪڙجي پوڻ کان هڪ ٻه
ڏينهن اڳ اچي ڪناري سان لڳا هئا. انهن قبول ڪيو ته
اهي ڌاڙيل هئا ۽ انهن رحم جي لاءِ گذارش ڪئي ۽ اهو
عرض ڪيائون ته کين پور بندر يا بمبئي موڪليو وڃي
پر سيرائن
(Seroys)
جي حوالي نه ڪيو وڃي، ڇو ته هو ساڻن ظلم ڪندا يا
سڀني کي اڦٽ ماري ڇڏيندا.“
(29 ڊسمبر 1762ع)
ڪمپنيءَ جي اهلڪارن جو سامونڊي قزاقن جي مسئلي تي
ڪلهوڙي حڪمران سان نفاق ٿي پيو. ڪلهوڙي بادشاه جي
مرضي هئي ته سامونڊي ڌاڙيل کيس ڏنا وڃن ۽ اهلڪارن
ايئن ڪرڻ نه پئي چاهيو. ريزيڊنٽ، ڪمپنيءَ جي ان
حڪمت عملي سان سچو رهندي، ته سياسي مسئلن تي هو
دخل اندازي نه ڪندا، انهن قزاقن کي پنهنجي گهر وڃڻ
جي موڪل ڏني، کين اهو به ڊپ هو ته متان انهن جي
موت يا سزا جي نتيجي ۾ انتقام نه ورتو وڃي.
”شاه ڳڙه جي قلعيدار محبوب، سنڌ جي بادشاه جي خط
تي انهن قزاقن ڇڏائڻ پئي چاهيو. مسٽر ارسڪن انهن
کي سڃاتو هو ته اهي اوکا
(Okha)
نه هئا، جيئن بادشاه سمجهيو هو، بلڪ ڪولهي هئا، ۽
ديو جي ڀرپاسي رهندا هئا. اها پڪ هئي ته انصاف جي
نقطهءِ نظر کان سندن سزا موت هئي پر جيئن ته انهن
جيئدان گهريو هو، ان ڪري ان کان پوءِ کين موت جي
سزا ڏيڻ جي اسان وٽ روايت ڪانهي پر جيئن ته انهن
ڪولهين کي ٻيا به ننڍڙا ننڍڙا ٻيڙا هئا ۽ اهڙي ريت
هنن کي ماري انهن جي ساٿين کي خون جي انتقام لاءِ
غصو ڪونه ڏيارينداسون. انهن وعدو ڪيو ته انگريز يا
بادشاه جي رعيت جي ڪنهن ٻيڙي جي ڪنهن خلاصيءَ کي
ڪجهه به ڪونه چوندا، جيڪو سندن هٿ لڳندو، جيتوڻيڪ
اڳي ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو آهي. انهن سببن ڪري مسٽر
ارسڪن، سمجهيو ته بادشاه مٿن سندن ٻانهن ڏيڻ لاءِ
زور ڪونه ڀريندو، ان ڪري کين پنهنجي ملڪ ڏانهن
روانو ڪري ڇڏيائون.“
9- جنوري 1762ع جي هڪ خط ۾ مسٽر سمويل بيون کي
اسسٽنٽ ريزيڊنٽ طور سنڌ ۾ مقرر ڪيو هئائون. سندس
پگهار ٻه سو پائونڊ سالياني هئي ۽ جيڪي ٻيا
الائونس وغيره هئا سي به کيس ڏنا ويا هئا. ساڳيو
خط ٻي حقيقت به واضح ڪري ٿو ته، ڪڇ جي راجا هڪ خط
لکي عزت مآب ريزيڊنٽ کي گذارش ڪئي هئي ته هيڏانهن
ڪو سرجن ڊاڪٽر موڪليو وڃي. ان گذارش موجب ان ئي
جهاز رستي مسٽر ويئر کي روانو ڪيو ويو.
”مسٽر جان ويئر ان جهاز تي روانو ٿئي ٿو ۽ بادشاه
جي ناراضگيءَ کي ڏسندي توهان ڳالهه کي مناسب نموني
پيش ڪجو ۽ مسٽر ويئر کي راجا اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ
مناسب طريقو اختيار ڪجو. هن کي گهڻن قسمن جون
دوائون ڏنيون ويون آهن، انهن مان جيڪي دوائون هو
استعمال نه ڪندو، سي اوهان کي واپس موڪليون
وينديون.“
هن مسئلي کي سلجهائڻ ۾ معاملا فهميءَ جي ضرورت
هئي، جنهن ريزيڊنٽ کي سخت مشڪلات ۾ وڌو. سنڌ جي
ڪلهوڙي حڪمران، ڪنهن به طور طريقي سان ڪَڇَ جي
راجا جي مدد ڪرڻ ڪونه پئي چاهي ۽ هن ڳالهه کي
گواره نه پئي ڪيائين ته ڪو ڊاڪٽر اچي سنڌ جي ڪنهن
بندر تي لهي ۽ سندس بيمار دشمن جو علاج ڪري. ان جي
بدران هن پاڻ چيو ته هو خود به بيمار آهي، کيس
پنهنجي لاءِ به ڊاڪٽر جي ضرورت اهي. معاملي کي
سلجهائڻ واسطي ڊاڪٽر کي اڳ ۾ سنڌ جي درٻار ڏانهن
موڪليو ويو جتي هن کي گهڻي وقت لاءِ پاڻ وٽ ترسايو
ويو ۽ آخر ۾ کيس بي دليو ڇڏيو ويو.
ڪمپنيءَ جي جڳهن ۽ گدامن جي تعمير لاءِ سنڌ ۾ ڪي
لائق ۽ قابل ڪاريگر ڪونه هئا، جيڪي انهن جاين جي
چڱي نموني سان تعمير ڪري سگهن، سو به هيٺ ڏسي
سگهجي ٿو.
”30- جنروي 1762ع- ”اسين بمبئي مان آڻايل واڍا
واپس موڪليون ٿا جيڪي هتي جڳهن جي تعمير واسطي 30-
اپريل 1760ع تي گهرايا هئا. اسين انهن کي 4 رپيا
مهيني لاءِ اڳواٽ ۽ هر مهيني جي اَٺين تاريخ ڏيندا
آهيون ۽ کاڌو خوراڪ 31 تاريخ تائين کين ملندو آهي.
ڊکڻ ۽ لوهر، ڪمپنيءَ جي خاص تعميراتي ڪمن لاءِ
نهايت ضروري آهن. اسان معقول ۽ مناسب شرطن تي ٻن
ملڪي ڪاريگرن کي ممڪن حد تائين راضي رکڻ جي ڪوشش
ڪنداسون.“
28- جنوري 1763ع جي هڪ خط ۾ ريزيڊنٽ، افغانستان
سان اوني ڪپڙي جي تجارت جي نقصان جي ڳالهه ڪري ٿو،
جنهن سبب روس مان اوني ڪپڙي جو اچڻ هو.
10- فيبروري 1763ع تي لکيل هڪ خط ۾ ڊاڪٽر ويئر کي
موڪلڻ کان پوءِ جيڪا پريشاني پيدا ٿي هئي، انهيءَ
جو ذڪر آهي. ڪمپنيءَ جي هڪ نمڪ حلال نوڪر جيان
ڊاڪٽر وِيئر پنهنجي خدمتن جي عيوض تجارت ۾ ڪي
رعايتون ۽ سهولتون گهريون ۽ اهڙي قسم جي گذارش
ضرور غلام شاه ڪلهوڙي کي مشڪلات ۾ وڌو هوندو.
ان وقت، ڪمپنيءَ جي تجارت، گلاب راءِ نالي هڪ هندو
عامل، جيڪو محصول تي سنڌ سرڪار جو ٺٽي ۾ اعليٰ
آفيسر هو، جي طرفان دير ڪرڻ ۽ واپار ۾ رنڊڪون وجهڻ
جي ڪري سخت گهوٽالي ۾ هئي. لڳي ٿو ته هو تجارت ۾
رڪاوٽ وجهڻ لاءِ اٽڪلون ڪرڻ جو وڏو ماهر هو. اها
خبر ڪانه ٿي پوي ته هو پنهنجي طرفان ايئن ڪري رهيو
هو يا کيس غلام شاه ڪلهوڙي جي هشي حاصل هئي:
”ٺٽي جي محصول کاتي جو هڪ اعليٰ آفيسر گلاب راءِ،
گهڻي وقت کان وٺي اسان جي ڪاروبار کي ڏاڍو تڪڙو
تڪڙو ڇيهو رسائيندو آيو آهي ۽ اسان جي ڪچي شوري ۽
پٽ چڪ سان ڀريل ٻيڙين کي گهاٽ کان رواني ڪرڻ ۾
ڏاڍي دير لڳائي ٿو. هن جي انتظاميا ڪچي شوري تي
غير واجبي محصول جي بهاني، اسان سان محصول طئي نه
ٿي ڪري ۽ محصول وٺندڙ هيٺيون عملو مشڪلاتن پيدا
ڪرڻ جي خيال کان اسان جي سرن ۽ چُن سان ڀريل ٻيڙين
کي روڪي رهيو آهي، جيڪي اسان جي اورنگابندر وارين
جاين جي تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿينديون. اسان
مسٽر بيون کي هڪ وڪيل سان گڏ موڪلڻ لاءِ سوچيو
آهي، جيئن ان اعليٰ آفيسرن سان ملي هن منجهيل
مسئلي کي امن آشتيءَ سان طئي ڪن ۽ پرواني جي لکت
مطابق شوري ۽ ٻي تجارت کي چُرپُر ملي.“
12- نومبر 1763ع تي ’سويلو گالِيُوٽَ جهاز‘
جُوئاٻار تي تباه ٿي ويو.
”12- نومبر 1763ع تي سُويلو گاليوٽ جي جوئا ٻار تي
ڦاسڻ جو اطلاع مليو. مڇي مارڻ وارين دنگين ۽ ٻين
قسمن جي ٻيڙين کان ڀرپور مدد ورتي ويئي، جيڪي شاه
بندر جو جمعدار سنها پاڻ سان گڏ هاڪاري آيو هو، پر
ان هوندي به اسان ان کي وري پاڻيءَ ۾ واري ڪونه
سگهنداسون پر ان مان، سڙه- گز، مستول- ورتون،
ونجهه، بندوقون ۽ ٻيا هٿيار بچايا ويا آهن ۽ کڻي
ڪمپنيءَ جي ڪوٺيءَ تي پهچايا ويا آهن. پر بارود،
کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون ۽ ڪجهه ڪارتوس جهاز جي
ڍانچي سان گڏ نقصان ٿي ويا، جن کي هاڻي بچائڻ جي
ڪابه اميد ڪانهي.“
ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته ڪلهوڙي حڪمران، ڪمپنيءَ سان
جيڪو جهازن جي تباه ٿيڻ وارو معاهدو ڪيو، ان تي
پورو پورو پابند رهيو ۽ هن ’تباه ٿيل جهازن تي
حڪمرانن جو حق‘ واري اصول تان هٿ کڻڻ جي رضامندي
ڏيکاري. ڪمپني جي ملازمن کي جيترو ممڪن ٿي سگهيو
سامان بچائڻ ۾ مدد ڪئي ويئي ۽ ايئن هو ڪجهه سامان
بچائي سگهيا.
”بادشاه جي سرڪاري اهلڪارن ۽ راڻي جي ماڻهن، جن جي
ڀرسان هيءُ ٻيڙو تباه ٿيو هو، ان کي ٻاهر ڪڍڻ ۾
وڏي مدد ڪرائي. جڏهن ڏٺو ويو ته ان جو ٻاهر نڪرڻ
مشڪل آهي ته انهن ٻين شين مستول ۽ ورتن وغيره کي
بچائي ڪڍڻ ۾ سهائتا ڏني.“
ان زماني ۾ شوري جي تجارت وڏي ترقي حاصل ڪئي هئي ۽
ريزيڊنٽ جي خطن ۾ به شوري جو ذڪر عام جام آهي.
شوري جي لاءِ نيون ڪوٺيون ۽ گدام سن 1763ع ۾ تعمير
ڪيا ويا. تاريخ 16- ڊسمبر سن 1764ع ۾ بمبئيءَ مان
جيڪو خط روانو ڪيو ويو هو، ان ۾ لکيل آهي ته:
”اسان، جهاز تي، 6 ٽامي جون ديڳيون، سانڍڻ جي لاءِ
مختلف شيون ۽ ڪاغذ وغيره لڏيا آهن، جن جي گڏيل رقم
88-2-38526 رپيا آهي. جڏهن توهان وٽ لهن ته توهان
وٽ جيترو شورو تيار هجي جهازن تي لڏائي روانو ڪري
ڏيندا. مالڪ اهو ڀاڙي بنا آڻڻ لاءِ راضي آهن.“
سن 1764ع واري عرصي دوران سنڌ مان ڪافي مقدار ۾
شورو بمبئيءَ ڏانهن موڪليو ويو.
”اسان، ايڊمرل پوڪاڪ کي 1254 شوري جي ڀريل ڳوٺين
سان گڏ روانو ڪري رهيا آهيون، ان کان سواءِ ٻيو
سامان ٽامي جون ڀڳل ٽٽل ديڳيون آهن، جن جي مرمت
ممڪن ناهي، لڏائي جي خرچ جو وچور به ساڻس گڏ آهي،
جيڪو ڪل 52-0-15884 رپيا آهي- مختلف بندوقون ۽ ٻيو
سامان جيڪو سويلو گاليوٽ جهاز مان ڪڍيو ويو هئو سو
به موڪلي ٿو ۽ لسٽ ۾ درج آهي.“
ڪمپنيءَ جي ملازمن جي بيماريءَ جو ذڪر به عام جام
ملي ٿو. تاريخ 3- ڊسمبر 1763ع تي اهو ٻڌايو ويو ته
ڊاڪٽر سرجن ويئر کي ڪڇ جي راجا جي علاج ڪرڻ واسطي
روانو ڪيو ويو هو، پر پوءِ سنڌ جي حڪمران غلام شاه
ڪلهوڙي جي گذارش تي کيس سنڌ ۾ روڪيو ويو، اهو
اورنگ آباد ۾ مري ويو. 30- جنوري 1764ع جو هڪ خط
ٻڌائي ٿو ته:
”مسٽر ارسڪن گذريل مهيني کن کان وٺي پاڻ کي ناچاق
سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته هوا جي تبديلي کيس صحتمند
بڻائيندي، تنهن ڪري هو جهاز ۾ سوار ٿي ويو آهي.
مسٽر موُٽ، اسان جو سرجن، جيڪو گهڻيءَ مدت کان وٺي
بيمار ۽ تپ جو شڪار آهي، ان سان گڏ سندس ساه ۾ رکي
رکي مونجهه ٿيندي آهي. هن کي اڳي به اهائي تڪليف
ٿيندي رهي آهي. هاڻي سندس ذهن ۾ اهو خيال گهر ڪري
ويهي ويو آهي ته هو هن گنديءَ آبهوا ۾ ان کان جان
ڇڏائي ڪونه سگهندو. اهڙي قسم جون شڪايتون سندس فرض
جي ادائگيءَ ۾ رخنو وجهن ٿيون، ان ڪري اوهان کي
گذارش ڪري ٿو ته هن کي ٿوري وقت لاءِ هتان کان
واپس گهرايو وڃي.“
عيد تي (شايد رمضان واري عيد) پنهنجي ملازمن کي
سوکڙيون وغيره ڏيڻ ڪمپنيءَ جي روايت رهي آهي، جنهن
جو ذڪر 19- فيبروري 1764ع واري خط ۾ آهي.
”مان سپاهين، حمالين ۽ ٻين ڪمپنيءَ جي ملازمن کي
مسٽر ارسڪن جي وڃڻ وقت ڏنل هدايتون موجب دستوري
انعام ڏيندو رهيس.“
24- فيبروري 1764ع جي هڪ خط ۾ سامونڊي ڌاڙيلن جو
ذڪر ملي ٿو، جيڪي بنا ڪنهن نقصان رسائڻ جي هتان
هليا ويا.
28 مارچ 1764ع تي، مسٽر ارسڪن کي، بادشاه غلام
ڪلهوڙي سان شاهپور واري ڪئمپ دربار ۾ حاضر ٿيڻ جي
هدايت ڪئي ويئي هئي. ڪمپنيءَ جي رڪارڊ، ان پُر
رونق ڳالهه کي ڏاڍو چٽيءَ طرح بيان ڪيو آهي. خاص
طور تي بادشاه جي هڪ هاٿيءَ جي ڇُٽي وڃڻ جو ذڪر
آهي، جنهن ڏاڍو نقصان ڪيو هو.
”اڄ صبح جو سج نڪرڻ کان ٿورو اڳ ۾ غلام شاه ڪلهوڙي
طرفان دربار لڳائڻ جو اطلاع ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته
هو منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. آءٌ سندس سلام ڀرڻ
لاءِ دربار ۾ ويس ۽ ڪجهه رسمي ڳالهين کان پوءِ
ڪجهه وقت خاموش رهيس. پوءِ هن خواهش ڏيکاري ته آءٌ
ٻاهر نڪري کانئس سروپاه
(Sirpah)
وٺان جنهن ۾ ڪيمخواب جي صدري، شال، پڳ، خنجر،
تلوار جنهن جي مُٺئي تي سون چڙهيل هو ۽ نيام تي
سون، ياقوت ۽ زمرد وغيره جڙيل هئا. پارسي نسل جو
گهوڙو جنهن جي لغام تي چاندي جا پَٽَ چڙهيل هئا ۽
سنج به چاندي جا هئا، سو به عطا ڪيو ويو هو. مون
دربار ۾ موٽ ۾ ڪمپنيءَ جي طرفان، ڪمپني بهادر جو
سون جو رپيو ۽ ٻيا تحفا جهڙوڪ: بخمل جو موڪرو،
ڪپڙو، پَٽَ جو ڪپڙو آئينا وغيره ڏنا. (جنهن جو
حساب ۾ ذڪر آهي) ٿورو وقت ويهڻ کان پوءِ اٿي بيٺس،
بادشاه جو شڪريو بجا آندم، پوءِ پنهنجي تنبوءَ
ڏانهن هليو آيس، جيڪو درياه جي ڪناري سان لڳل هو.
شام جو پنهنجي وڪيل کي موڪليو ويو ته کيس ٻڌائي ته
سامان جي لسٽ سندس معانئي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.
وڪيل رات جو موٽي آيو، جنهن کي بادشاه حڪم ڪيو هو
ته ان لسٽ ۾ ڏنل سامان کي صبح جو سويل موڪليو وڃي،
جيئن هن جا ماڻهو ڏسي سگهن، ان کان پوءِ اسان جي
مال جي خريداري لاءِ حڪم ڏنو ويندو.
مارچ 29- اڄ صبح جو سويل مال جون لسٽون روانيون
ڪيون ويون ۽ بادشاه طرفان مال جي خريداري جو حڪم
مليو، جنهنجو وچور هيئن آهي: ڪرمزي رنگ جي اوني
ڪپڙي جا 1200 گز، ڏهن روپين ۾ اڌ گز، ڪارو اوني
بهترين ڪپڙو 780 گز، 6 رپيا گز جي حساب سان. ٿلهو
وورسيسٽر 500 گز، 4 رپيا گز جي حساب سان، ايراني
شراب (ڪپڙو) جا 450 گز، 4 رپيا في مُنو گز- ان سڄي
مال جي قيمت 2-25417 رپيا بنجي ٿي.“(1)
”2- اپريل 1764ع: منجهند جو وقت هو، جو بادشاه جو
هاٿي، جنهن ۾ عام طور تي ڇتي ٿيڻ جون علامتون
ڏٺيون ويون هيون، درياه تان واپس ايندي اوچتو ڇتو
ٿي پيو ۽ ضابطي ۾ ڪونه پئي آيو. ان چريائي واري
حالت ۾ اسان جي تنبن ڏانهن وٺي ڀڳو. انهن جا ڪلا
پٽي (تنبن جي ٽڪرن سان گڏ) هوا ۾ اڇلائي ڇڏيائين.
ان پنهنجي ڪاوڙ کي ان وقت تائين ٿڌو نه ڪيو،
جيستائين اسان جي سڄي ڪئمپ اُکاڙي پٽ نه ڪيائين.
جڏهن هن جي ڪڍ پيا ته هو وڃي درياه جي ڌٻڻ ۾ پيو ۽
هيٺ لهي ويو ۽ 500 ماڻهن وڏي تڪليف ۽ جدوجهد کان
پوءِ کيس بچائي ورتو، جنهن جو مون کي ڏاڍو افسوس
آهي. خوشقسمتيءَ جي ڳالهه اها هئي ته آئون ڪنهن
ننڍڙي ڪم سانگي، ان واقعي کان بنهه ٿورو وقت اڳي
ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ڪيڏانهن هليو ويو هوس، نه ته
جيئن اسان جي تنبن ۽ سامان جي تباهي آئي ۽ جيئن
حملو تمام اوچتو ٿيو هو ۽ شروعات ئي منهنجي تنبوءَ
جي دروازي کان ٿي هئي، جنهن مان ڀڄڻ جا سڀ وسيلا
بند ڪري ڇڏيا هئائين، ان مان معلوم ايئن ٿئي ٿو ته
مونکي چند گهڙين اندر پيرن هيٺان چيٿاڙي ڇڏي ها.
اسان جون ڪرسيون ميزون ڀڄي چڪناچور ٿي ويون هيون ۽
جڏهن مان موٽي ٺٽي پهتس ته انهن جي مرمت
ڪرائيندس.“
هوليءَ (هندن جو وڏو ڏينهن) جو ڏينهن ٺٽي ۾ وڏيءَ
ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو هو، جنهن کي پڻ ڪمپنيءَ
جي رڪارڊ مان ڀليءَ ڀت ثابت ڪري سگهجي ٿو.
”13- مارچ 1764ع: اڄ هوليءَ جو ڏينهن، هندن جو وڏو
ڏڻ آهي. پنجن ڇهن ڏينهن جي هن عرصي جي هل هنگامي،
گوڙ گهمسان ۽ چريائي جي ڪري ڪو ڪم نه ٿيڻ معنيٰ
پنجن ڇهن ڏينهن جي دير.“
ڊاڪٽر جي عدم موجودگيءَ جي ڪري ۽ ڪمپني جي سڀني
ملازمن جي مسلسل بيماريءَ ۾ مبتلا هجڻ ڪري مقامي
طبيبن کان پڻ علاج ڪرايو ويندو هو.
”11- اپريل 1764ع: جيئن ته ڪو به ناليوارو ڊاڪٽر
هتي شاه بندر ۾ موجود ڪونه آهي ۽ اسان جا ماڻهو
مسلسل بيمار آهن. مان اهو ضروري ٿو سمجهان ته هتان
جي ڪنهن ڏاهي طبيب جي خدمتن کي حاصل ڪريان ۽ ان
ضرورت جي ڪري مون حاجي محمد کي 15 رپيا مهينو
پگهار ۽ دوائن جي خرچ سان مقرر ڪيو آهي ته جيئن هو
گاليوٽ جي خلاصين ۽ بمبئي جي سپاهين جي دوا ڪري ۽
ڪمپنيءَ جي ڪوٺين جي ماڻهن کي ضرورت وقت ڏسي
سگهي.“
ٺٽي ۾ ڪمپني جي جاءِ ۾ سهولتن ۾ اضافو ڪيو ويو هو.
اهو مٿي ماڙيءَ تي هوا جي گذر لاءِ هڪ ڪمري جي
اڏاوت سان ٿيو هو.
9- مارچ 1764ع: ٺٽي ۾ رهڻ ڪري گذريل ڪجهه سالن جو
تجربو آهي ته گرمين جي موسم ۾ اسان جي خطرناڪ حالت
هوندي آهي ۽ هوا جو گذر ته هوندو ئي ڪونهي. ان ڪري
اسان جاءِ جي مٿئين طبقي ۾ هڪ ننڍڙو، بنگلو ٺهرايو
آهي. جيڪو اسان کي گهڻين تڪليفن کان نجات
ڏياريندو. ان ڪري مون (130 رپين جي ماليت جيتري)
هڪ ننڍڙي جڳهه تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.“
1764ع ۾ شوري کي صاف ڪرڻ وارين ديڳين جي گهٽ تعداد
ريزيڊنٽ کي سخت مشڪلات ۾ وڌو. اهو امڪان به ڪونه
هو ته هن قسم جي نئين شيءِ ٺاهڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪو
ڪاريگر ملي سگهي، سو انهن خراب ٿي ويل ديڳين کي
ٺاهي ٺوڪي استعمال جي قابل بنايو ويو.
”ريزيڊنٽ لکي ٿو: ديڳين جي گهٽ تعداد شوري کي صاف
ڪرڻ واري ڪم ۾ ڏاڍي دقت پيدا ڪري وڌي آهي. اسان جو
ڪم ايترو ته گهٽجي ويو آهي، جو شوري کي ٺيڪ ڪرڻ
وارا ڪاريگر گهڻو ڪري واندا ويٺا آهن، ڇاڪاڻ جو ڪم
ڪرڻ جوڳي فقط هڪ ديڳ وڃي بچي آهي. مون کي ضرورت
ايترو مجبور ڪيو آهي جو انهن ديڳين کي ڀڃي نين
ديڳين جي ٺاهڻ ۾ ڪم آڻيان ۽ هتي جي ڪاريگرن کي
ڏيان. مون کي اميد آهي ته هو ايئن ڪرڻ ۾ ڪامياب
ويندا. نه ته ٻيءَ صورت ۾ سڄي موسم بيڪار گذري
ويندي، تجربي طور ڪاريگر ڀڳل ديڳين کي ٺاهڻ ۾ رڌل
آهن ۽ جي انهن بلڪل سٺي طريقي انهن کي ٺاهي بڻائي
ورتو ته، جيڪي ديڳيون باقي بچيل آهن تن کي ساڳي
نموني سان ٺهرائيندس. جيئن مارچ تائين 3000 ڳوڻيون
يا 6000 پڪا مڻ صاف ٿيل شورو، اسان جي معاهدي
موجب، مهيا ٿي سگهي، جيڪو گذريل مهيني جي شروعات ۾
اسان جي اڳوڻن ٺيڪيدارن پريتم داس ۽ روپ چند سان
ڪيو ويو هو... شوري واسطي اسان جي نئين ڪوٺي هاڻي
مڪمل ٿي چڪي آهي … باقي رڳو چؤڪاٺا ۽ در آهن، جن
جو اسان بمبئي مان اچڻ جو انتظارُ ڪريون ٿا.“
هن عرصي دوران، غلام شاه جي دوستاڻي رويي جي ڪري
ڪمپني ڏاڍي مطمئن هئي، جيڪو لڳي ٿو ته ريزيڊنٽ جي
طرفان سندس شاهي شان شوڪت مطابق پيش ڪيل تحفن کان
پوءِ ڏاڍو مهربان هو.
”خط اسان جي مفاد ۽ سنڌ حڪومت جي دوستاڻي مزاج جو
مظهر آهي، عزت مآب ڪمپنيءَ جي تجارت کي هاڻي رفتار
ملي آهي. شاهه پور ۾ بادشاه ساڻ ملاقات کان پوءِ
ڪنهن به قسم جي روڪ ٽوڪ ڪانه آهي. هن اسان جا رهيل
60-13-26344 رپيا ڏنا آهن ۽ ڪمپني بهادر جي تيار
ڪيل موڪريءَ ماپ واري ڪپڙي جا 4176 وال خريد ڪيا
آهن. هن جيڪو مون سان تجارتي معاهدو ڪيو هو، ان ۾
ڪجهه وڌي ويو آهي. هن اها به پڪ ڏياري آهي ته
پٺاڻن ۽ ٻين اتر وارن ملڪن جي واپارين جي هتي
تجارت ۾ همت افزائي ڪندو ۽ هو هتي آزادانه نموني
بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پيا ايندا رهندا.“
سن 1764ع وارا خط ڪمپني جي ڪوٺين تي ٺٽي ۽ شاه
بندر ۾ رهيل سڀني ملازمن جي بيماريءَ تي زور ڏين
ٿا. اهي به خبرون ڏين ٿا ته سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ جنگ
لڳي چڪي آهي.
”16- جولاءِ 1764ع: بيماري جي ڪري جيڪا اسان جي
تباهي ٿي آهي، تنهن حقيقت ۾ اسان تي وڏو اثر وڌو
آهي. ان ضرورت مون کي انهيءَ ڳالهه تي آڻي بيهاريو
آهي، جو آئون مقامي ڊاڪٽر کي مقرر ڪرڻ کان لنوائي
ڪونه ٿو سگهان، جيڪو مسلسل شاهبندر تي رهندڙ
سپاهين سان لشڪر ۾ رهندو ۽ سندن دوا دارون ڪندو.
ٻيو وري هن جاءِ تي (هڪ برهمڻ تاريه نالي، جنهن
ڪنهن زماني ۾ مسٽر ارسڪن جو ٺٽي ۾ علاج ڪيو هو)
هوندو جيڪو منهنجي ۽ مسٽر پئريءَ جي به دوا درمل
ڪندو. مان هن جاءِ جي مٿئين طبقي تي بنگلي ٺهرائڻ
جي به اجازت وٺي ڇڏي آهي، جيئن کليءَ هوا ۾ ساه
کڻي سگهون. جيڪا اڳ ۾ چوطرف اوچين جاين جي ڪري
رُگههَ ۽ ٻوسٽ ۾ هئي، جنهن ڪري اسان جي حالت ڏاڍي
خراب هئي.“
28- جولاءِ 1764ع: ڪڇ جي سرحد ۾ ويستا بندر کان هڪ
خط پهتو آهي، جنهن ۾ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪڇ
جي راجا سنڌ سان دشمني پرائي آهي. هو سنڌو درياه
جي هڪ واهڙ جي ڇوڙ وٽان چانورن سان ڀريل ڪيتريون
ئي دنگيون کڻي ويو آهي. جن جي ماليت تمام گهڻي ٿئي
ٿي. ان جهيڙي ۾ سنڌ جي بادشاهه جا ڪجهه ماڻهو
مارجي ويا هئا ۽ ڪجهه گهايل ٿي پيا هئا.“
1775ع ۾ ڪمپنيءَ مسٽر ڪئلنڊر جي مٿي بيان ۾ ڏنل
سببن جي ڪري پنهنجي تجارتي ڪوٺي ختم ڪري ڇڏي.
بمبئي حڪومت جي تاريخي خطن ۾ هي آخري چند خط آهن،
جيڪي ڪوٺيءَ جي خاتمي وارين حالتن تي روشني وجهن
ٿا. انهن مان مکيه سبب هيءُ هو ته ميان سرفراز
ڪلهوڙي ان مال تي
50%
محصول هنيو، جيڪو پٺاڻن جي بادشاه خريد ڪيو هو.
ڪمپنيءَ معاهدي جي ڀڃڪڙيءَ خلاف احتجاج ڪيو هو.
سرفراز ڪلهوڙي جي منع نامون هو ته: ”ڪمپنيءَ جي
ڪوٺيءَ سان ڪابه اوني تجارت نه ڪئي وڃي“ ان احتجاج
جي نتيجي ۾ ڪمپنيءَ کي ڪاميابي ٿي ۽ منع نامون
واپس ورتو ويو. پر تنهن هوندي به پريزيڊنٽ ۽
ڊائريڪٽرن جي ڪائونسل راضي ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته سندن
خيال هو ته اهڙي پورالي حڪومت جي موجودگيءَ ۾
تجارتي حالتون اهڙيون ٿي وينديون جو، واپاري جوکم
جو ڪم ڪير به سر تي کڻڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيندو،
ڪوٺي کي ختم ڪرڻ لاءِ رٿ بحال ڪئي ويئي، جيڪا
پوئين صفحي تي موجود آهي. حقيقت ۾، ڪمپنيءَ جي
تجارت ۾ اوني مال جو واپار ۽ انهن جي سِڌيءَ طرح
سان پٺاڻن جي بادشاه سان تجارتي لاڳاپي، ڪلهوڙي
حڪمران جي حڪمت عمليءَ سان ميل ڪونه ٿي کاڌو. انهن
حالتن هيٺ ڪابل حڪومت کي وقت سر ڏن پهچائڻ ڏاڍو
مشڪل هو. جيڪي ڪجهه سرفراز خان ڪيو، ان جي عمل ۾
سچائيءَ جو پهلو هو ۽ هن جي پنهنجي نقطهءِ نگاه
کان سندس حڪمت عملي بلڪل ٺيڪ هئي. بهرحال اسين اها
اميد نٿا ڪري سگهون ته هڪ تجارتي ڪمپني به ساڳيو
نقطهءِ نظر رکندي هجي ۽ ڪوٺي اهڙين حالتن جي ڪري
بند ڪئي ويئي، جنهن جو مطلب ته ٻنهي طرفن کان
نيتون صاف ڪونه هيون. اهو درحقيقت مايوس ڪن معاملو
هو جنهن ۾ ڪمپني اڙجي ويئي هئي. سنڌ وٽ اوني
تجارتي مال جو استعمال ڪونه هو پر افغانن وٽ هو.
افغانستان سان سڌي واپار جي ڪاميابي ڪلهوڙن جي ڏن
ادا ڪرڻ جي معاملي ۾ وڏيون مشڪلاتون ٿي پيدا ڪيون.
تنهن ڪري ڪمپنيءَ کي ان حد تائين برداشت ڪرڻ لاءِ
تيار هئا ته ان سان تجارت کي فقط سنڌ اندر تقويت
ملي ۽ سنڌ کي به فائدو ٿئي. پر هن ڳالهه کان وڌيڪ
نه، ته اهو تجارتي فائدو، سنڌ مان گذري افغانستان
۾ پهچي وڃي. جيئن افغان قوت ارڙهين صديءَ جي آخر ۾
پنهنجي طاقت ۽ اهميت وڃائي ويٺي هئي، ته اها تعجب
جي ڳالهه ٿئي ها جو ڪلهوڙن جا پويان حڪمران ڪوشش
ڪري، ان ڪمزوريءَ جو ڀرپور فائدو حاصل نه ڪن ها.
اهڙيءَ ريت ٻي انگريزي تجارتي ڪوٺي به بند ڪئي
ويئي، ڇاڪاڻ ته حڪمران ڪلهوڙا خاندان ۽ ڪمپنيءَ جي
مفادن جو سرچاءُ ڪونه ٿي سگهي ها. هن ڳالهه ۾ ڪنهن
به شڪ شبهي جي گنجائش ڪانهي ته سرفراز ڪلهوڙي کان
وڌيڪ کُليءَ دل وارو حڪمران هجي ها ته مشڪلاتون
ايتريون تڪڙيون مٿي اُڀري ڪونه اچن ها، نه وري
ايڏي تباه حالي ٿئي ها. هڪ دورانديش مبصر تجارتي
ڪوٺين جي بند ٿيڻ کان 10 سال اڳ، ڪوٺين بند ٿي وڃڻ
جي اڳڪٿي ڪري سگهي ها ۽ سمجهي وڃي ها ته ڪوٺيءَ جو
بند ٿيڻ اڻ ٽر آهي. پر انگريز واپارين مٿان پنهنجي
مرضيءَ کي زوري مڙهڻ، اهو سنڌ حڪومت جي لاءِ وقت ۽
موقعي جو سوال هو.
سنڌ
۾ سترهينءَ صديءَ جا ڪي مشهور سياح
وٿنگٽن، مئَنرڪ، مينوسي ۽ هيملٽن
1- نڪولس وٿنگٽن (14-1613ع)
نڪولس وٿنگٽن ڪو پهريون انگريز سياح ڪونه هو، جيڪو
سنڌ ۾ آيو، پر هو پهريون ماڻهو هو، جنهن پنهنجي
پٺيان لکتون ڇڏيون ته هن سنڌ ۾ ڇا ڏٺو وائٺو هو.(1)
هن جو اهو تجربو ڏاڍو بدقسمت هو ۽ ٻين جي دلشڪني
جو باعث بڻيو هوندو. هو ڪئپٽن بيسٽ(2)
جو اردلي ٿي آيو هو. پوءِ ڪجهه وقت ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي نوڪريءَ ۾ گذاريائين. پهرين هو سورت
واري ڪوٺيءَ تي ۽ پوءِ آگري ۾ رهيو. آڪٽوبر 1613ع
۾ هو احمدآباد ۾ نير جي خريداريءَ ۾ مدد ڪري رهيو
هو. ان واپار جي ڪري هو ڪامبي
(Combay)
۽ سرگيج
(Serkhej)
به ويو هو. ڊسمبر 1613ع ۾ هن کي خشڪي رستي
احمدآباد کان ٺٽي روانو ڪيو ويو هو، ته جيئن هو هڪ
انگريزي جهاز سان رابطي ۾ اچي، جنهن ۾ سر رابرٽ
شيرلي سوار هو ۽ ٿورو وقت اڳ لاهري بندر ۾
لنگرانداز ٿيو هو. هن اهو رستو اختيار ڪيو، جيڪو
ٿورو، وقت اڳ ۾ انٿوني اسٽارڪي اختيار ڪيو هو،
جيڪو ڊرئگن جهاز جو بورچي هو، جنهن سان هڪ
هندستاني اردلي ساڻ هو ۽ خشڪي رستي اچي ٺٽي پهتو
هو. هو هتي پهچڻ کان ٿورو پوءِ وفات ڪري ويو ۽
پنهنجي پٺيان ڪابه لکت ڪانه ڇڏيائين. وٿنگٽن
احمدآباد کان راڌڻپور وارو رستو اختيار ڪيو، ڪڇ جي
رڻ جو پاسو ڏيئي اچي ننگرپارڪر پهتو. اهو ناهموار
ٻهراڙيءَ وارو علائقو آهي ۽ هاڻي ٿرپارڪر،
حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ضلعن جو ڏاکڻيون پاسو آهي. هن
مصيبتن جي هڪ سلسلي کي منهن ڏنو، جيڪي ڪنهن ٻئي
سياح کي پريشان ڪري ڇڏين ها. هن ۽ هندستاني
واپارين تي هڪ مقامي قبيلي جي سردار حملو ڪري سندن
الهه تلهه ڦري فقير ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي هندستاني
واپاري هئا، تن کي قتل ڪري ڇڏيائين. جيئن ته
وٿنگٽن اڪيلو وڃي بچيو هو ۽ سفر ڪرڻ لاءِ کيس
اڪيلو ڇڏي ڏيڻ خطري کان خالي ڪونه هو، تنهن ڪري هن
کي رڻ جي ڀرسان جابلو علائقي ۾ بند ڪري رکيو ويو
هو ۽ ان کان پوءِ کيس ننگرپارڪر ڏانهن واپس موٽايو
ويو. رستي ۾ وري کيس پنهنجي رهبرن ڦُريو لُٽيو.
پتلون ۽ هڪ ٻن گهوڙن کان سواءِ وٽس باقي ڪجهه ڪونه
رهيو ۽ کيس چيو ويو ته هو موٽي احمد آباد وڃي. ان
وقت وٽس نه لٽو ڪپڙو هو، نه وري پيسو پنجڙ، هو
شايد ڏکن بکن ۾ مري وڃي ها پر خوش قسمتيءَ سان
ننگرپارڪر ۾ کيس هڪ اهڙو هندو واپاري ملي ويو،
جيڪو احمدآباد ۾ سندس واقف ٿيو هو، جنهن سندس
سهائتا ڪئي. سترهين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ جي ان
ڀاڱي جي بدنظميءَ متعلق سندس بيان چٽو ۽ دلچسپ
آهي، جنهن مان اسان کي ان دور جي مغل انتظاميا جو
پتو پوي ٿو ته وڏن شهرن جي ڀرپاسن ۾ ان جو ڪوبه
عمل دخل ڪونه هو ۽ انتظاميا امن امان جي معاملي ۾
ڪيڏو بيوس هئي.
اهو ممڪن ڪونهي جو لاڙ ۾ وٿنگٽن جي رستي ۾ آيل هر
منزل جي سڃاڻپ ڪري سگهجي پر هو سنڌو درياه تي
پهتو، پوءِ ٿورو پنڌ ڪري ٺٽي آيو، (گهڻو ڪري
ميرپور بٺوري پهتو هوندو) جتي هن تي ۽ سندس دوستن
تي اها آفت ڪڙڪي. هو لکي ٿو ته: ”28 ڏينهن تي اسان
ننگر پارڪر جهڙي سادي سودي شهر ۾ پهتاسون، سياحن
جي کاڌي خوراڪ ۽ ضرورت جون سڀ شيون منجهس موجود
هيون. اهو رڻ، جو اسان جهاڳي آيا هئاسون، ان ۾
اسان بي شمار گڏهه، ڳاڙها هرڻ، لومڙيون ۽ ٻيا
جهنگلي جانور ڏٺا هئا. هن شهر ۾ اسان ٿڪ پٽڻ ۽
تازي ٿيڻ لاءِ هڪ ڏينهن ترسياسون ۽ پوءِ اٺن جي
بار جو سُنگ ڀري (چنگي ڏيئي)، جيڪو مغلن جو
ساليانو ڏن هو، باقي ٻيو علائقو هتان کان وٺي جونو
(شايد جُمو، درياه جي ڪناري تي ٺٽي کان اٺ ميل
هيٺان) تائين، ڪجهه ڏن ۾ ادا ڪونه ٿو ڪري، اهي پاڻ
کان سواءِ ٻئي ڪنهن به بادشاه کي ڪونه ٿا سڃاڻن،
جنهن کي وڻين ته ڦرين لٽين ۽ جنهن کي وڻين ڇڏي
ڏين. جڏهن مغلن جي فوج انهن جي خلاف پيش قدمي ڪري
ٿي ته پنهنجا گهر گهاٽ ساڙي جبلن ڏانهن هليا وڃن
ٿا. سندن گهر ڪک ڪهڄر ۽ گپ گاري سان ماکيءَ ماناري
جيان ٺهيل هوندا آهن، جيڪي سڙي به جهٽ کن ۾ ويندا
آهن ته جڙي به جلدي ويندا آهن. انهن وٽ مسافرن جي
حفاظت جو رواج آهي، (انهن کان محصول جي بهاني جيڪو
ڪجهه وٽن هوندو آهي ڦُري وٺڻ کان پوءِ)، جيستائين
هو سندن سرحدن اندر هوندا آهن ۽ کين جيڪڏهن ڪو ٻيو
لٽيندو آهي ته پنهنجي بي عزتي تصور ڪندا آهن، پر
اهي پاڻ پنهنجي ضابطي واري علائقي ۾ جنهن کي
چاهيندا آهن ڦري ويندا آهن.“
وٿنگٽن، رستي ۾ ملندڙ پاڻي ڏاڍو خراب ڏٺو. هو ان
پاڻيءَ کي لسيءَ ۾ ملائي پيئڻ لاءِ مجبور ٿي پيو.
هو پاڻيءَ جي گندي هجڻ جي ڪري بيمار ٿي پيو. ان
وقت وٿنگٽن سان گڏ قافلو هيٺئين فردن تي مشتمل هو:
هو پاڻ، به واپاري، 4 هن جا پنهنجا نوڪر، 5
واپارين جا نوڪر، 5 جت ۽ 10 اٺ. هن قافلي، راجا يا
گورنر جي مائٽن سان، 20 لاڙي سڪن عيوض (جيڪي 20
شلنگن جي برابر ٿين ٿا) امن امان سان منزل تي
پهچائڻ جو بندوبست ڪيو هو. سفر وارو سڄو رستو خطرن
سان ڀريو پيو هو. هي ننڍڙو ساٿ پهرئين ڏينهن جو
سفر شروع ڪرڻ کان ترت پوءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ذري
گهٽ ڦرجي ويو هو. هڪ دفعي هنن پنهنجو بچاءُ هيئن
ڪيو جو پنهنجي چوڌاري دائري ۾ کڻي اُٺ وهاريائون ۽
پوءِ ڪمانن مان تير ڇوڙي ڌاڙيلن کي هنيائون ۽
وٿنگٽن پنهنجي پستول سان فائر ڪيا. پوءِ هو 30 ميل
ٺٽي کان پري هڪ جاءِ ساراني پهتا. وچ تي اهڙو ڪوبه
وڏو واقعو پيش ڪونه آيو ۽ راگي بوما
(Ragee Bowma) نالي گورنر سان ملاقات ڪئي، ان گورنر هن قافلي جي ڏاڍي خاطر
تواضح ڪئي ۽ کين اُتان کان ٺٽي تائين خطرن کان
خبردار رهڻ جو تاڪيد ڪيو: ”هن خاص طور تي مون سان
ڏاڍو سهڻو سلوڪ ڪيو ڇاڪاڻ جو آئون گورو ۽ ڏورانهين
ڏيساور جو هوس (جيئن مون کي ترجمان ٻڌايو) ۽ مون
کان ڪيترائي سوال پڇيائين جيڪي منهنجي ملڪ متعلق
هئا ۽ منهنجا جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.“
راجا، وٿنگٽن سان شراب جي پيالي تي چرچا گهٻا به
ڪيا. ”مون کي اُتي ئي شراب پيئڻ لاءِ چيائين. مون
کي تمام گهڻو شراب پيئڻ لاءِ ڏنائين. اسان ٻنهي هڪ
ئي پيالي مان گڏجي شراب پيتو ۽ هن ايترو ته شراب
پيتو جو هو مدهوش ٿي ويو.“ وٿنگٽن ساڳي شهر ساراني
۾ هڪ واڻئي سان مليو، جيڪو تازو ٺٽي مان آيو هو.
هن واڻئي کيس هڪ دلچسپ خبر ٻڌائي ته سر رابرٽ شرلي
سندس گهرواري ۽ ٻيون ٽي چار انگريز عورتون ٺٽي ۾
آهن ۽ اهو واڻيو ساڳي جهاز ۾ لاهري بندر کان ٺٽي
آيو هو.(1)
هن خابروءَ مطابق سر رابرٽ شرلي جي ٺٽي جي نواب ۽
پورچوگيزن ڏاڍي توهين ڪئي هئي، جن هن جي گهر کي
باه ڏياري هئي ۽ ٺٽي جي نواب هن کان هيرا جواهر ۽
ٻيو جيڪو به وڻيس ڦري ورتو ۽ کيس مغل بادشاه ڏانهن
موڪلي ڏيڻ جي ڳالهه ڪيائين. ان واڻئي کيس هڪ
مخلصانه مشورو ڏنو ته هو ٺٽي تائين ڪنهن سرڪاري
پهري هيٺ وڃي. مشوري سان متفق ٿي هن ساراني جي
گورنر کان 40 لاڙي سڪن جي عيوض 50 سوارن جو دستو
ورتو ۽ ان جي نگرانيءَ ۾ ٺٽي روانو ٿيو.
راجا، سلامتي سان پهچائڻ جو معاوضو ته ورتو پر وڏي
دغابازي ڪيائين. ان قافلي رات جو 10 ميل سفر ڪري
ڊاٻو ڪو. راجا انهن سان واعدو ڪيو هو ته ٻئي ڏينهن
صبح جو نائين وڳين ڌاري کين ٺٽي جي ڦاٽڪ وٽ
پهچائيندو.
”اها ڳالهه ٻڌي اسان ڏاڍو خوش ٿيا هئاسون. هن صبح
جو ٻين وڳين (رات جو) اسان کي چيائين ته درياه ۾
پاڻي ڏُوگهو آهي ۽ اٺ پار ڪري ڪونه سگهندا. پوءِ
هو اسان کي هڪ مخالف رستي سان وٺي هلڻ لڳو ۽ اسان
سندس نيت کان ڏاڍو ڊڄي وياسون. ان ڊپ جو پورو پورو
سبب به هو. سندس دوکيباز اڳواڻ قافلي کي وٺي جهنگ
جي هڪ گهاٽي ڪُهي ۾ آيو ۽ اٺن تان بار لاهڻ جو
چيائين: انهيءَ لاءِ ته هو چڱيءَ طرح ڏسي سگهي ته
بار ڪهڙو آهي. قافلي جو سڀني ماڻهن کي گرفتار ڪيو
ويو ۽ سندن هٿيار کانئن ڦريا ويا، ان کان پوءِ
سڀني ڳٺڙين کي کولي ڏٺائون ته وڏي مقدار ۾ ڪپڙو
چاندي جون تارون ۽ ٻيو تجارتي مال هو. جنهن لاءِ
اسان جي قافلي احمد آباد ۾ 20،000 رپيا ڀريا هئا.
راجا، جو هي قيمتي مال غنيمت ڏٺو ته واپارين ۽
نوڪرن کي قتل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيائين. راجا جي
ماڻهن هن کي، مون کي ۽ پنهنجي نوڪرن کي مارڻ جي
صلاح ڏني ۽ چيائون: ’ڪجهه مال کان سڀ مال چڱو آهي
پر راجا اهڙي اجازت ڪانه ڏني ۽ کين چيائين ته آئون
پرديسي آهيان ۽ زبان ڪونه ٿو ڄاڻان ان ڪري کين ڪو
نقصان پهچائي ڪونه سگهندس. البت هن اهو چيو ته
وٿنگٽن کي هو ٺٽي وڃڻ ڪونه ڏيندو، جو متان ڌاڙي جو
اطلاع وڃي اتي ڏيئي، پر کيس واپس موٽي احمد آباد
وڃڻو پوندو. پوءِ منهنجن چئن ماڻهن کي هڪدم کولي
ڇڏيائون ۽ مون کي راجا سان ويجهو ٿي گڏجي ويهڻ
لاءِ چيو ويو. تڏهن راجا پنهنجن ماڻهن کي ٻن
واپارين ۽ سندن پنجن نوڪرن کي وٺي اچڻ لاءِ چيو.
انهن سڀني کي اٺن جون مهارون ڳچين ۾ ٻڌيون ويون ۽
اٺن جي مدد سان انهن مهارن کي سوڙهو گُهٽيندا ويا،
تان جو هو مري ويا. پوءِ ڪپڙا لاهي کين ننگو ڪيو
ويو ۽ زمين ۾ وڏي کڏ کڻي سڀني کي هڪ جاءِ تي پوريو
ويو. جڏهن هي ڪم پورو ٿي چڪو ته هن مون کان منهنجا
گهوڙا ورتا ۽ مون کي مري ويل واپارين جا ٻه گهوڙا
ڏنا. ان کان پوءِ هن مون کان ڪمپنيءَ جا سڪا 80
رپيا ورتا. پوءِ هن پنهنجي ماڻهن کي چيو ته مون کي
۽ منهنجي ماڻهن کي سندس ڀاءُ وٽ وٺي وڃن، جيڪو
اُتان کان 20 ڪوهه پري جبلن ۾ رهندو هو.“
راجا جي ايڏي بنده نوازي ۽ سندس ماڻهن ۽ مائٽن جي
ايڏي وڏي مهمانوازيءَ کان پوءِ احمدآباد ڏانهن
ويندي، هن کي سندن پهريدارن لٽي ڦُري پالهو ڪري
ڇڏيو:
”اڄ رات انهن ڇهن بدمعاشن مون کي پنهنجي ملڪ جي
بهترين لباس ۾ ڇيٽ جي سوڙ ، ۽ ٻين اهڙين قيمتي شين
سان ڏٺو، سو انهن مون کان ڪپڙا لهرائي مون کي
اگهاڙو ڪيو. منهنجن نوڪرن سان به اها ويڌن ڪئي
ويئي. رڳو پتلونن ۾ اسان کي ڇڏي هليا ويا. گهوڙا
ان ڪري ڪونه ڪاهيائون جو اهي چڙهيءَ جي لائق ئي
ڪونه رهيا هئا. ٻاهر ٻنين ۾ جيڪي ڳوٺاڻا هئا، جيڪي
جت ٿي ڏسڻ ۾ آيا سي نيڪ سامرين جيان ڏاڍا ڀلا ۽ رڄ
چڱا مڙس هئا ۽ مون سان هر قسم جي مدد ڪيائون. هنن
منهنجي ۽ منهنجن ماڻهن جي ڏاڍي خدمت ڪئي، پوءِ مان
ڪنهن رهبر کان سواءِ پهرين مارچ 1614ع تي، رستي جي
قدم قدم کان اڻ ڄاڻ هوندي ايئن ڌُڪي تي ڪاهي پيس.
سڄو ڏينهن سفر ڪندو رهيس ۽ رات جو جبلن جي وچ ۾
جتن جي هڪ وانڍ ۾ آياسون. هنن غريبن اسان جي خدمت
ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. جيڪو به گهر ۾ کاڌو خوراڪ
هو، سو کڻي آڻي اسان جي آڏو رکيائون. انهن مان
هڪڙي واعدو ڪيو ته هو ننگرپارڪر تائين اسان جي
رهبري ڪندو، جيڪو اتان کان ٻن ڏينهن جي سفر تي هو.
منهنجو گهوڙو، ڏاڍو ٿڪل هو. منهنجو شوق هو ته آءٌ
پيادو سفر ڪريان. پنڌ ڪرڻ ۾ ڏاڍو ڇسو هوس سو آهستي
هلي رهيو هوس. رات جو ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ ڊاٻو
ڪندا هئاسون، جتان ماڻهن کان کاڌو پيتو گهري وٺندا
هئاسين، اتان جا سمورا رهاڪو ڏاڍا سخي ماڻهو هئا.
سو ڇهن ڏينهن کان پوءِ رات جو اچي خير سان
ننگرپارڪر پهتاسون، بکايل ۽ سفر کان ساڻا، (وٿنگٽن
اتي ڄڻ نڀاڳي سفر ۾ سڀاڳ سان آمهون سامهون ملي
ويو، ڇاڪاڻ جو اتي هڪ اهڙي واڻئي سان ملي ويو،
جنهن سان سندس احمدآباد ۾ واقفيت ٿي هئي) اهو
واڻيو مون کي هن عجيب حالت ۾ ڏسي وائڙو ٿي ويو.
گهڻي سلام دعا کان پوءِ هن پيسن جي مدد ڪئي ۽ مون
کي گهوڙو وڪڻڻ لاءِ به زور ڪونه ڀريائين … هن مون
کي ۽ منهنجن ماڻهن کي ڪپڙا ۽ کاڌو خوراڪ ڏنو. کاڌو
خوراڪ به ايترو ڏنائين جو سڄي رڻ ۾ اسان جو پورائو
ٿي سگهي. منهنجي کيسي لاءِ ممدي
(Mamoudes)
نَوَ سڪا ڏنا. جيترا ڏينهن آءٌ اتي هوس اهو سڄو
خرچ به چارئي ڏينهن هن ڀريو. بعد ۾ راڌڻپور ڏانهن
ويندڙ هڪ سٺي قافلي کي ڏسي آءٌ به انهيءَ سان گڏجي
پيس. ان ايماندار واڻئي ان قافلي وارن کي منهنجي
ڏاڍي پارت ڪئي ۽ هڪ ڪوه مون کي اڳتي ڪرڻ لاءِ گڏجي
هليو ۽ پوءِ واپس پارڪر موٽي ويو، جتي هن جي چوڻ
مطابق کيس ڏهن ڏينهن جو تجارتي ڪم هو. هيءَ ڳالهه
اهو ثابت ڪري ٿي ته انهن ڏينهن ۾ مکيه وڏن شهرن
کان ٿورو دور ڪيڏي بدنظمي هئي. امن امان رستن جي
سلامتي، تجارتي آمدرفت قائم رکڻ لاءِ مغل طاقت
ڪيڏو نه بيوس هئي. پر اتان جو عام ماڻهو ٻاهرين
مسافرن لاءِ ڪيڏو نه سٻاجهو ۽ رحمدل آهي ۽ سنڌي
واڻئي واپاريءَ جڏهن پنهنجي انگريز دوست کي مصيبت
۾ گرفتار ڏٺو ته هن ڪيڏي نه عجيب غريب سخاوت ڪئي.
2- فري سبيسٽين مئنرڪ (1641ع)
فري سبيسٽين مئنرڪ هڪ جدا قسم جو سياح هو. هي
اوپورٽو جو پورچوگيز هو، 1604ع ۾ گوا ۾ مقرر ڪيو
ويو هو. سن 1629ع ۾ هندستان جي لاءِ مقرر ٿيل فادر
لويئيز ڪائونٽين هن کي هوگليءَ جي بنگالي آگسٽينين
مشن سان متعلق ڪيو هو ۽ کيس آراڪان موڪليو ويو. سن
41-1640ع ڌاري هندستان ۾ عيسائي مشنري ڪم ۾ مشغول
رهيو ۽ اهڙي قسم جي نيت سان سن 1641ع ۾ سنڌ ۾ آيو.
مشنري ڪم جي نقطهءِ نگاه کان هي هڪ امتيازي حيثيت
جو مالڪ هو، کيس حياتي جي پوئين دور ۾ پورچوگيزن
جي ملڪيتن ۽ عيسائي مشن جو سنڀاليندڙ ۽ ماليات جو
قانوني مشير ڪري روم جي ڪيورا علائقي طرف مقرر ڪيو
ويو هو ۽ موسيقيءَ ۾ کيس ميسترو
(Maestro)
جو لقب ڏنو ويو هو. عمر جي آخري حصي ۾ کيس ڏاڍا ڏک
نصيب ٿيا. سن 1669ع ۾ لنڊن ۾ هن کي پنهنجي نوڪر
قتل ڪري ڇڏيو. ان ماڻهوءَ سندس مال لٽيو، لاش کي
صندوق ۾ بند ڪري ٽيمس نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. اهو
سمجهيو وڃي ٿو ته مئنرڪ جو لنڊن وڃڻ اِن مقصد ڪري
ٿيو هو ته، انگلينڊ جي بادشاه چارلس ٻئي کي رومن
چرچ جي متعلق تعليم ڏني وڃي. ان ڪري مئنرڪ پهريون
۽ اهم عيسائي رومن ڪئٿلڪ فرقي جو مشنري آهي، عام
طور تي جنهنجو اسلام ڏانهن غيرهمدردانه رويو هو.
هندن جي ڌرمي ڪارگذارين کي ايئن سمجهندو هو ڄڻ
غريب گمراه انسانَ، جن کي فريب ۾ ڦاسايو ويو هجي.
هي ڏاڍو هوشيار ۽ صحيح مبصر آهي. هن کي پنهنجو
طريقهءِ ڪار ڪونهي ڪو ۽ هو بنا ڪنهن حوالي ڏيڻ جي
هٻڪڻ کان سواءِ ٻين مبصرن جو مواد نقل ڪري ٿو.
آگسٽينين فرقي جي عيسائي مشنريءَ جي آبادڪاري سنڌ
جي ديبل يا لاهري بندر تي هئي. اهو علائقي جي
پادريءَ جو صدر مقام هو. پادريءَ جي ڪمن جي اهميت
کي نظر ۾ رکي، شاهجهان جي حڪمرانيءَ جي شروع واري
دور ۾ مئنرڪ کي سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو. جيئن هو
پاڻ چوي ٿو ته:
”دوستيءَ جي ٿڌڙي هير جي همت افزائي جي ڪري مون
موقعي جو فائدو ورتو ۽ شهنشاهي مهر سان فرمان به
حاصل ڪيو ته جيئن سنڌ جي علائقي ۾ چرچ ۽ آبادڪاري
جي جڳهن جي وري نئين سر تعمير ڪريان جيڪي شهنشاه
خرم (شاهجهان جو نالو جڏهن هو شهزادو هو) ڪجهه سال
اڳ ڊاهي پٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو … مون ضروري سمجهيو
ته آءٌ سنڌ وڃان، انهيءَ ڪري نه ته فرمان کڻي وڃي
ان کي عملي طور اثر پذير بڻايان، ڇو جو ان ڪم لاءِ
اتي اسان جا پادري ويٺا آهن پر ڇاڪاڻ ته شهزادي
آصف خان پاڻ خواهش جو اظهار ڪيو هو ته آئون شخصي
طور ڪي معاملا ۽ ڌنڌا طئي ڪريان، جن بابت هن کي
هندستان جي وائسراءِ سان ڳالهائڻو هو. انهن جو
تعلق اتي واري ڪوٺيءَ ۾ رهندڙ پورچوگيزن سان هو.
نواب آصف خان منهنجي آڇ کي وڏي قدر جي نگاه سان
ڏٺو ۽ منهنجي فيصلي جي تعريف ڪئي، جيڪي ڪجهه هن
ڪرڻ پئي چاهيو، سو مون کي هن زباني ٻڌايو ۽ مون کي
لکت ۾ صلاحون ۽ مشورا ڏنائين. ان کان سواءِ مون کي
خاص قسم جا فرمان ۽ راهداري به ڏنائين، جن وسيلي
آئون هر چوڪيدار جي چوڪيءَ وٽان سولائي سان گذري
ٿي سگهيس. ڇاڪاڻ جو هر شهزادي جي ملڪ مان جتان
جتان مون کي گذرڻو هو، تنهن کي مغل شهنشاهيت جي
حدن اندر هوندي به داخلي طور تي پنهنجي حدن اندر
ڪنهن کي به روڪي محصول وٺڻ جو اختيار هو ۽ جيڪڏهن
ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو هو ته سزائون به ڏيئي
سگهندا هئا.“(1)
مئنرڪ سنڌ ۾ تمام ٿورو وقت گذاريو، فقط ٿورا ڪي
مهينا، هو لاهور کان سنڌو نديءَ ذريعي ٺٽي پهتو،
جتي هو مهينو مس رهيو ۽ خشڪي رستي جيسلمير واري دڳ
هليو ويو، ته متان درياه جو واپار اوڀارو سفر دير
لائي ۽ هن جلديءَ ۾ اهو سفر طئي ڪرڻ پئي گهُريو.
هن جيڪو سنڌ جو خاڪو پيش ڪيو آهي، سو نڪولس وٿنگٽن
واري احوال کان ماڳهين الڳ آهي جيڪو هن 27 سال کن
اڳ لکيو هو.
هيٺ بکر طرف درياه ۾ هاڪارڻ متعلق اجهو هيئن
اٿائين.
”اسان رات جو خبردار رهندي ان طرف ڏاڍو آرام سان
هاڪاري وڃي رهيا هئاسون. رستي سان، جتي به اسان
لنگر انداز ٿيندا هئاسون، اتي اسان کي کاڌي پيتي
جون سڀ شيون ڏاڍيون سٺيون ۽ سستيون ملنديون هيون.
ان جڳهه وٽ جتي درياه تراکڙو آهي، اتي اسان کي
مهاڻن ڏاڍي سستي ۽ سٺي شاد (مڇي) ڏني. اهي مهاڻا
ڄار جي بوج ۽ ٻيءَ امداد کان وانجهيل هوندا آهن ۽
مٽيءَ جا وڏا دِلا کڻي، جن جي چوڌاري گولائي 10 يا
ٻارنهن ٻاڪون ٿيندي، ڪنارن وٽ تراکڙا، چوٽيءَ وٽ
ايترو کليل منهن هوندو آهي، جو ان کي پيٽ سان بند
ڪري سگهجي، جيئن اندر پاڻي ڀرجي نه وڃي. اهڙيءَ
ريت اها شڪار ڪيل مڇيءَ جي رکڻ جي جاءِ به هوندي
آهي ته مهاڻي جي بچاءَ لاءِ وڏي ٽيڪ به هوندي آهي.
سندس ٽنگون هن ٺڪر جي جهاز کي هيڏي هوڏي
هلائينديون وتنديون آهن ۽ هٿ ڇلرن واري مڇيءَ کي
ڀالي سان شڪار ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن. اهڙي قسم جي
مڇين جا ڍير اسان عيسائي سياحن کي ڄڻ ته اوڌر تي
ڏنا ويا-“(1)
فيبروري کا مارچ 1641ع: نائين ڏينهن تي مئنرڪ بکر
پهتو، جيڪو اٺن جي ڊگهين قطارن جي گهڻي آمدرفت جي
ڪري ڏاڍو مشهور آهي، جيڪي ايران، خراسان ۽ ٻين
جاين ڏانهن هر سال قافلن جي صورت ۾ وينديون آهن.
مئنرڪ کي شهر ڏاڍو متاثر ڪيو. چوطرف باغن هجڻ ڪري
۽ وڻن جي جهڳٽن سبب سندس نظارو ڏاڍو دل لڀائيندڙ
هو.(1)
سرسبز ۽ شاداب علائقو هجڻ ڪري منڊي به کاڌي خوراڪ
جي شين سان سٿي پئي هئي. محصول واري آفيس ۾ ڪنهن
به تڪليف کان سواءِ بنا ڪنهن واقعي جي اڳتي روانا
ٿي ويا. رستي ۾ ڪيترا ڳوٺ ڏٺائون، درياه جا ٻئي
پاسا ڪاهيل فصلن سان چهچ ساوا لڳا پيا هئا. پوءِ
سيوهڻ جي غيرآباد علائقي مان سنڌو درياه جي سوڙهي
پيٽ مان گذريا. هي علائقو آبي ڌاڙيلن جي ڪري گهڻو
مشهور آهي. سترهين صديءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي
تجارتي ڪوٺيءَ وارن جي خطن ۽ وٿنگٽن جي لکڻين مان
ايئن معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ خطو ڌاڙيلن جو دُنُ
آهي. ٿورو اڳتي وڌيا ته ڪنهن جاءِ تي دريا ڏاڍو
موڪرو ٿي ويو ۽ ”ان جاءِ تي زمين به ٺوٺ درياه ۾
اندر هلي آئي هئي. ان زمين تي ڊگها ۽ گهاٽا وڻ
هئا، جن جا پن پاڻ ۾ ڳتيل هئا. اتان اوچتو ٻه ٻيڙا
ظاهر ٿي پيا، جيڪي اسان ڏانهن ڪاهي پيا ۽ خبر تڏهن
پئي جو تيرن جو مينهن وڏڦڙي وانگر وسڻ لڳو. پٿرن
جا به سٽڪا شروع ٿي ويا ۽ انهن سان گڏ پنج سو ڀالا
اسان جي سرن مٿان ڪرڻ لڳا. حقيقت اها هئي ته انهن
اسان کي ايترو ته ششدر ڪيو جو جيڪڏهن اسان وٽ
گرنيڊ ۽ باهه وارا بم نه هجن ها ته اسان پاڻ کي
ڪهن وڏي خطري ۾ وڪوڙيل ڏسون ها. هندستان مان اسان
جيڪي سپاهي کنيا هئا سي دستي بندوق هلائڻ ۾ ايڏا
ته وائڙا ثابت ٿيا، جو انهن جو ڪوبه اثر معلوم ٿي
ڪونه پئي سگهيو ۽ ڌاڙيلن ٻنهي طرفن کان کڻي اسان
کي سوڙهو ڪيو. انهيءَ کان اڳ جو هو اسان کي اچي
هٿين ٻکين پون، اسان انهن مٿان گندرف جا بم
اڇلايا. هو ايترو ڊڄي ويا جو ڪيترن سڙندي وڃي پاڻي
۾ پاڻ اڇلايو ۽ ٻيا ان خطري مان ڀڄي نڪري ويا جيڪو
ڪڏهن هنن ڏٺو ئي ڪونه هو، نه وري هنن ڪڏهن سوچيو
هو ۽ فرنگيءَ جو نالو سندن ڪنن ۾ وڄي رهيو هو.(1)
مئنرڪ سان گڏ جيڪو هٿياربند دستو هو سو به خود
زخمن کان بچي ڪونه سگهيو. ان ٽولي مان ٻه ٽي
گهائجي پيا. انهن مان هڪ کي اهڙو ته تير جو ڌڪ لڳو
جو ٻن ٽن ڪلاڪن اندر مري ويو. ”مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو
جو هو ڪافر ٿي مري ويو. مون کيس سڪرات وقت عيسائيت
جا ٻول پڙهڻ لاءِ گهڻيئي مٿا مونا هنيا پر هن ٻڙڪ
نه ٻولي ۽ عيسائي ڪونه ٿيو.(1)
سپاهيءَ جي موت جي ڪري مسافريءَ ۾ رخنو پئجي ويو.
درياه جي ڪناري تي آڻي هندو مذهب جي رسمن موجب،
کيس اگني سنسڪار ڪيو ويو.“
]مئنرڪ
انهن رسمن کي ڏاڍي نفرت سان بيان ڪري ٿو.[
”انهن جون رسمون شيطاني آهن جيڪي ڇسين نيتن سان
ادا ڪيون ٿيون وڃن. مان جڏهن انهيءَ انڌي غلامي
بابت سوچيان ٿو ته ڏاڍو ڏک رسي ٿو، جن ۾ انسان ذات
جي ازلي ويرين هنن جاهلن کي اڇلائي ڇڏيو هو.“(2)
درياهي ڌاڙيلن جي حملي کي ناڪام بنائڻ کان پوءِ
مئل سپاهيءَ جي ميت کي ساڙي، هو سيوهڻ طرف اڃان به
ٻه ڏينهن غيرآباد علائقي مان جهاز کي هاڪاريندا
رهيا ۽ سيوهڻ وارو سُنگ ڀرڻ وارو ناڪو خير خوبيءَ
سان اڪري پار ٿيا. سيوهڻ کان پوءِ وري سارو علائقو
سرسبز، شاداب ۽ آباد نظر آيو ۽ اهي ٺٽي چوٿين
ڏينهن پهتا. ٺٽو سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽ منجهس
آفيسر شاهيءَ جي وڏي آبادڪاري آهي. جنهن جي خبر
مئنرڪ کي پوءِ پئي. پهرين مصيبت منهن ۾ اها آئي ته
ڪسٽم آفيسرن جي لاءِ جهاز رات جو ڏاڍو دير سان
پهتو، ۽ مسافرن کي ڏينهن ٿيڻ تائين جهاز ۾ ئي رهڻو
پيو ۽ پوءِ کين بسترن ۽ ضروري سامان سان هيٺ لهڻ
جي اجازت ڏني ويئي، جنهن تي محصول جي ڇوٽ ڏنل هئي.
ٻي مصيبت اها هئي ته اهي واپاري جيڪي مئنرڪ سان
گڏجي لاهور کان آيا هئا، تن جي مرضي هئي ته محصول
جي ڇوٽ واري شاهي فرمان جو استعمال ڪيو وڃي ته
جيئن انهن جو لاهور کان آندل تجارتي سامان محصول
جي ادائگي کان ڇُٽي وڃي. مئنرڪ جي خواهش اها هئي
ته ان فرمان کي ان رعايت طور ڪتب آڻي، جيئن محصول
جي ڇوٽ جو فائدو عيسائي مشن جي مفاد کي ملي (”مون
وٽ رکيل اهو فرمان 2000 رپين کي بچائي وجهي ها ۽
مشن جي تعميراتي خرچ جو بار به ڪجهه هلڪو ٿي پوي
ها ۽ خاص ڪري ان موقعي تي جڏهن ته مون وٽ فرمان به
موجود هو، جنهن ۾ مون کي آزاد روانگيءَ جي اجازت
هئي، جنهن جي وسيلي آئون ڪليسا جي آبادڪاريءَ جي
نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هوس.“)(1).
”ٿوري ويچار ڪرڻ کان پوءِ جيئن ته هڪ سچي عيسائيءَ
کي اها ڳالهه ڪانه پئي سونهي جو، شخصي راهداري
واري اجازت کي واپارين جي تجارتي سامان تي لڳل
محصول کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪري ۽ هن اهو
صحيح سوچيو هو. ”پر اهو، اسان جي عيسائي مذهب جي
مشن جي رسوائي جو سبب بڻجي ها، ڇو ته عيسائي مذهب
جي ڦهلاءَ ۽ ترقيءَ جي نالي ۾ انهيءَ مشن کي جهازن
تي سامان کڻي دنيا جي ڪيترن ملڪن سان واپار ڪونه
ڪرڻو هوندو آهي.“(1)
بهرحال مئنرڪ آخر ۾ پنهنجن واپاري دوستن کي
مڙئي ڪجهه فائدو رسايو. هو ٺٽي جي گورنر وٽ ويو ۽
کيس پاڻ سان آندل شاهي فرمان ڏيکاريائين.
|