باب ٽيون
غريب ماڻهن جو سادو اتهاس
زندگي جو معيار
لينپول چوي ٿو ”مشرق ۾ ماڻهو بدلجن نٿا. هتي گهڻن
ترقي يافته نسلن جي ڀيٽ ۾ هنن غريبن جو سادو سودو
اتهاس سندن ڏاڍو ڏکوئيندڙ ۽ رحم جوڳو ۽ هڪ سرو
احوال ڏي ٿو. جن ماڻهن کي قدرت ورسايو آهي، کين
موقعا، دولت طاقت ۽ علم ڏنو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾
هنن جون زندگيون ڏاڍيون رواجي، ڏکيون ۽ صدين کان
هڪ جهڙيون نظر اچن ٿيون.“(1)
۽ ٿورو ڪجهه گمراه ڪندڙ به آهن. غريبن جو حياتيون
جتي ڪٿي موقعن کان دور نه هجن ها ۽ اهي صدين کان
وٺي سدائين هڪجهڙا ۽ سادا سودا نه هجن ها ته
گسنگ ۽ آرنالڊ بينيٽ جا لکيل ناول ايڏي عوامي مڃتا
حاصل ڪري ڪونه سگهن ها. حقيقت اها آهي جو جديد
انسان جو دماغ عام ماڻهوءَ جي عمل ۽ مقدر ۾، بنسبت
شهزادن ۽ باشاهن جي وڌيڪ ذهني نظرين کي يڪسر
بدلائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي لاءِ اهو چوڻ بلڪل غلط
ٿيندو، ته هتان جي ماڻهوءَ کي موقعا ڪونه
مليا.هتان جي ڪورين بهاولپور وارو ملڪ فتح ڪيو هو،
هتي پينو فقيرن جو اولاد ۽ بلوچستان جا آيل پنهوار
ڌنار هڪ ٻئي جي پٺيان سنڌ جي تخت تي ويٺا هئا.
حقيقت اها آهي ته مشرق جي تاريخ انهن ماڻهن جي
ڳالهه آهي جن عام طور تي خود پنهنجا رستا پاڻ
بنايا ۽ پنهنجي لاءِ ڪو نصب العين ڳولي ورتو. اهي
انسان عام ماڻهن مان هئا ۽ سندن زندگيون غربت ۽
افلاس جو مظهر هيون.
ونسينٽ سمٿ، سر هرڪورٽ بٽلر جو ڪجهه هن قسم جو
حوالو نقل ڪيو آهي: ”ڏڪار هندستان جي تاريخ جي
ورقن ۾ وڏي جاءِ والاري ٿو.“ ها ڳالهه به اڌ سچ
آهي. هن خيال کي جي هرهنڌ ۽ هر وقت سان لاڳو ڪبو
ته غلط مطلب نڪرندو، بلڪ ان مان مراد آهي اهو بي
انتها ۽ سخت ڏڪار جيڪو ڪڏهن مينهن نه پوڻ ڪري
پوندو رهندو هو. سنڌ لاءِ خاص طور تي ته اهو بلڪل
ئي غلط آهي. سنڌ اهڙين ڌرتين مان هڪ اها سدوري
سرزمين آهي جنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن سال مينهن نه به
پيو ته ڪا ايڏي مشڪل درپيش ڪونه ايندي، ڇاڪاڻ ته
سنڌ، جاگرافيائي طور تي سنڌو درياه جي پيدائش آهي،
جيڪو هن کي پنهنجو آب حيات بلڪل باقاعدگي سان
ڏيندو رهي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان سخاوت جي
جهجهائيءَ ۾ ڪنهن سال ٿوري گهٽتائي ايندي هجي.
سنڌ تي جيڪا مصيبت نازل ٿيندي رهي آهي، سا آهي
سنڌوءَ جي بي پايان ڇڙواڳ ٻوڏ، جيڪا زرخيز زمينن
مٿان پنهنجي لٽ وڇائي ڇڏي ٿي ۽ ان ڪري سندس وهڪرن
۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ سندس موج ڀريا واهڙ طوفاني
وهڪري سان رات وچ ۾ ڪيترن ڳوٺن جا نشان مِٽائي
ڇڏيندا آهن. مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ اڄڪلهه جي
آباديءَ جو چوٿون حصو به ڪانه پاليندي هئي. جيڪا
آباد زمين هئي سا گهڻوتڻو سنڌو درياه جي ڪنارن سان
ويجهو هئي پر اڄ ائين نه آهي. اڄ ته ڪيترا واه آهن
جيڪي سندس لڙاٽيل پاڻي، چوڏس ۽ ڪيترا ميل پري کڻي
وڃن ٿا. اهڙي ريت سنڌ، وس آهر پنهنجي عوام کي سک ۽
سهنج پئي مهيا ڪيو آهي، اهو سمجهڻ به بلڪل غلط آهي
ته تاريخي دور شروع ٿيڻ کان پوءِ صورتحال ڪا گهڻي
بدلجي چڪي آهي. گهڻو وقت، اڳ، عرب حڪومت جي اڳوڻي
گاديءَ واري هنڌ منصوره جي لاءِ ابن حوقل لکيو هو
ته: ”اهو هڪ ٻيٽ وانگي آهي ۽ اتان جا رهواسي
مسلمان آهن. آبهوا گرم آهي، هتي کجين جا وڻ آهن …
هن جاءِ تي هڪ ميوو پيدا ٿيندو آهي جنهن کي انبج
(انب) سڏيو ويندو آهي. شڪل، صورت ۽ ذائقي ۾ آڙوءَ
جيان آهي، ڏاڍو گهڻو ۽ سستو آهي. قيمتون تمام گهٽ
آهن ۽ کاڌو ججهو آهي.(1)
الادريسي جيڪو به عرب سياح آهي سو ساڳي نموني رقم
طراز آهي: ”جنهن جي متعلق اسان ڳالهايون ٿا سو هڪ
وڏو، ڳتيل، دولتمند ۽ تجارتي شهر آهي. جڳهون پڪين
سرن، ڪاشيءَ جي سرن ۽ پلاسٽر سان جوڙيل آهن. هيءَ
فرحت ۽ خوشين واري جاءِ آهي. تجارت ڏينهون ڏينهن
ترقي ڪندڙ آهي. بازاريون ماڻهن سان ڳتيل ۽ تجارتي
مال سان سٿيون پيون آهن … مڇي جام آهي. گوشت سستو
ٿو ملي ۽ ديسي ميوو ڍير لڳو پيو آهي.“(1)
جيڪڏهن اسان مغل دور جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ڏانهن
اينداسون ته به سنڌ جي خوشحاليءَ مبصرن کي ساڳي
طرح بي انتها متاثر ڪيو آهي. ائين اڪبري ٻڌائي ٿو
ته: ”سياري ۾ پوستين (پشم جي استر وارا ڪوٽ)
جي ضرورت ئي ڪانه پوندي آهي ۽ گرمين جي موسم
سيوستان کان سواءِ ٻين هنڌن تي معتدل هوندي آهي،
منجهس ڪيترن قسمن جا ميوا آهن پر انبن جو ته ڪو
جواب ئي ڪونهي. ٿر جي پاسي هڪ هنداڻو هوندو آهي
جيڪو پنهنجو پاڻ ڦٽندو آهي. ڪيترن ئي قسمن جا گل
آهن. اٺ به تمام گهڻا آهن ۽ ڪي ته تمام سٺي نسل
سان تعلق رکن ٿا. آمدرفت گهڻو ڪري ٻيڙين جي ذريعي
ٿئي ٿي، جن جا ڪيترا قسم آهن. انهن مان ڪي ننڍيون
ڪي وڏيون آهن. سندن تعداد 40،000 ٿيندو. مڇي جام
ماري وڃي ٿي. شالي چانور تمام گهڻا ٿين ٿا، وڙ ۾
به ٺاهوڪا آهن. ڏڌ لسيون به واه جون آهن جيڪي
مهينن تائين سانڍي سگهجن ٿيون.“ تاريخ طاهريءَ جو
مصنف ٺٽي جي اوج جي ساراه ڪندي ته ٿڪجي ئي ڪونه
ٿو. لکي ٿو ته: ”سچ ته اهو آهي ته ڪنهن سڀاڳيءَ
گهڙيءَ ۾ هن سدوري شهر جو بنياد جو پٿر رکيو ويو
هو. هتان جي رهواسين ڪنهن ڏنگي ڏينهن جي گهڙي ڏٺي
ئي ڪانهي ڪا. جيڪو ڪجهه کين ملي ٿو. انهيءَ ۾ مگن
آهن ۽ پنهنجو ڌنڌو ڏاڍي عيش ۽ آرام سان پيا
سرانجام ڏين. جنهن سڪار ۽ سٺائي ۾ اهي ماڻهو
گذارين ٿا، اهڙو نه ٻئي ڪنهن هنڌ ڪٿي ملي ٿو ۽ نه
ملي سگهندو.“
اهي حوالا اهو ثابت ڪن ٿا ته اها اڳين نسلن واري
وسيل سنڌ اهڙي ويران ۽ مشڪل زمين ڪانه هئي، جو ان
پورهيت طبقي کي جيڪو سندس سينو چيري پنهنجو پيٽ
گذر ڪندو هو. ان جو ڦل ڏيڻ ۾ ڪا ڪيٻائيندي هجي. ان
ڌرتيءَ جو نمونو ڪجهه عرب علائقي جهڙو هو جنهن جا
ماٺيڻا، محنتي ۽ سڄاڻ ماڻهو، هندستاني اپکنڊ کان
ڌار ۽ پنهنجي ليکي رهندا هئا.
اهي سڀ بيان غلط نٿا ٿي سگهن پر سک، سڪار ۽
خوشحاليءَ جي سهڻي تصوير کي، اڻويهين صديءَ جي
يورپي سياحن جي بيان ڪيل غربت ۽ افلا واريءَ سنڌ
سان ميل ڪيئن ڪرائجي؟ ان جي سمجهاڻي ڏاڍي سولي
آهي. خوشحالي ۽ سڻائيءَ جي معيار جا چڻ جا ماپا سن
1840ع ۾ مختلف ٿي ويا هئا، بنسبت سن 1640ع ۽ 1740ع
جي معيارن جي. گهڻا يورپي تبصره نگار مشرقي زندگي
جي روح کان بيخبر هئا ۽ ٻنهي سڀيتائن جي ماحول جي
فرق کي سمجهڻ کان به قاصر هئا.
مغربي دنيا ۾ سڌارو آڻيندڙ آدرش پلجي رهيا هئا. ان
جو سبب وري اهو هو جو ڇڙواڳ صنعتي انقلاب جي نڀاڳن
نتيجن سندن ضمير کي جنجهوڙي وڌو هو.
سنڌ جون حالتون ڏسڻ کان پوءِ برٽن جي مزاج جي
ماڻهوءَ مان اها اميد رکڻ اجائي ٿئي ها ته هو انهن
تي تنقيد ڪونه ڪندو يا انهن کان نفرت جو اظهار نه
ڪندو. هن سنڌ سان ان ۾ موجود مبهم مذهبي نظريي جي
ڪري ڌڪار ڏيکاري. هن مغل طريقي واري ڏکي حڪومت جي
سخت لفظن ۾ گلا ڪئي، جيڪا اوڻويهين صديءَ جي وچ
تائين ملڪ سان چنبڙي پئي هئي. پاٽنگر ڊيل هوسٽي ۽
پوپٽنس سڀئي هڪ نظريي جا ماڻهو هئا. هي سڀ مغرب جا
اهي اصلاح چاهيندڙ ماڻهو هئا جن هر اهڙي شيءِ
بدلائڻ پئي چاهي جيڪا تهذيبي مقصد رکندڙ انگلينڊ
جي معيارن مطابق خراب سمجهيائون ٿي. اهو سٺو نه
آهي ته مشرق جي سرزمين کي مغرب جي اخلاقي ماپن سان
ڪڇجي. هيڊل ۽ برنس جهڙن ٿورن دورانديش ۽ سٺا ذهن
رکندڙ ماڻهن هن گڏيل اڻوڻت لاءِ هلڪو احتجاج ڪيو
آهي. ٻولي ڪنهن قوم جي سمجهڻ لاءِ هوندي آهي. سنڌي
ٻولي هڪ خوبصورت ۽ مڪمل وسيلو آهي جيڪا انهيءَ
تهذيب ۽ ثقافت جي مزاج سان ٺهڪي ٿي اچي. جنهن لاءِ
اها وجود ۾ آئي آهي. هڪ امن پسند، زراعت سان واسطو
رکندڙ ڳوٺاڻي ثقافت، جنهن کي ان جي محنتي ۽ اڻ
ويڙهاڪ ماڻهن مڪمل ڪيو آهي. پر ان زبان ۾ اهڙا لفظ
ڪونه آهن جيڪي اهڙي قسم جي تهذيب ۾ ٺهڪي اچن، جنهن
جو برٽن نمائندو آهي. سرچارلس نيپئر هڪ ڏاهو ۽ غير
معمولي خبردار منتظم هو. تنهن جيڪو پهريون اعلان
ڪيو ان مان محسوس اهو ٿئي ٿو ته هن تي مٿان کان
سڌارا آڻڻ لاءِ سخت قسم جو جوش ۽ جذبو سوار هو. هن
گجندي چيو هو ”هندستاني، بلوچ، افغاني، هنڌو، ٻڌو،
مون ٻه ماڻهو مون مارايا آهن ڇاڪاڻ جو انهن ٻه
افغان ماريا هئا. اهو ماڻهو جيڪو قتل ڪندو سو به
ضرور ماريو ويندو. افغانستان ۾ منهنجو حڪم نٿو هلي
پر جڏهن به ڪو افغان يا ڪو ٻيو ماڻهو انگريز حڪومت
جي پناه ۾ اچي ٿو ته انهي کي جيڪو ماڻهو رنجائيندو
ان کان انتقام ورتو ويندو. ماڻهن کي سنڌ ۾ امن ۽
تحفظ ملندو. واپاري ۽ سياح رستن تان سڪون سان
لنگهندا، فقط ڌاڙيلن ۽ قاتلن لاءِ موت آهي. اهوخدا
جو قانون آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو آهي جيڪو
مسلمانن، هندن ۽ عيسائين سان هڪ جهڙو لاڳو آهي.
خدا جي قانون کي لاڳو ڪيو ويندو.“
ڪلهوڙن جو خودمختيار دور گذري چڪو ۽ ٽالپرن جو
پورالو دخل اندازي نه ڪرڻ وارو وقت به نه رهيو
آهي. انهن جي جاءِ مڪمل طرح صحيح ۽ برابر انصاف
واري نئين معيار ورتي آهي. جيڪو هن اوپري ڌرتيءَ
تي اوپرا ماڻهو لاڳو ڪندا. ڄڻ ته عرب دنيا کي
وڪٽوريا طرز جي نئين رومن شهنشاهيت ۾ جذب ٿي وڃڻو
هو، ايستائين جيستائين هر هڪ هاري ۽ واپاري خوشيءَ
مان رڙيون ڪندي چوي ”روم جا قانون ڪهڙا نه بهتر
آهن“ ۽ اهي قانون جي آڏو ماڻهن جي برابري ۽ انصاف
جا نوان نظريا سکن.
عام ماڻهو
انهن سڌارو چاهيندڙن جي بي قدريءَ کي سمجهڻ لاءِ
اسان کي ڏسڻو اهو پوندو ته سترهين ۽ ارڙهين صديءَ
واري سنڌ ۾ آخر ماڻهو زندگي ڪيئن گذاريندا هئا؟ ڪن
نمايان نقطن کي واضح ڪري بيان ڪري سگهجي ٿو.
منهنجي هن ڪتاب جو اهو مقصد نه آهي ته معاشرتي
زندگيءَ تي تمام گهڻي تفصيل سان لکجي ۽ اهو ٻڌايو
وڃي ته سترهين ۽ ارڙهين صديءَ واريءَ سنڌ ۾
معاشرتي حالتون ڪهڙيون هيون. مان فقط اهو چاهان ٿو
ته انهن اقتصادي حالتن جي چند پهلوئن تي ڪجهه
مختصر طور لکان، جن حالتن ۾ ان دور جا ماڻهو
گذاريندا هئا. هن مسئلي جي آخري نقطي تي پهچڻ لاءِ
اسان کي ڀيٽ يا تشبيهه ڪرڻ واسطي ڪو معيار مقرر
ڪرڻ گهرجي. پوءِ اچو ته سترهين صديءَ واري اسٽوئرٽ
دور جي عام ماڻهوءَ جي، ارڙهين صديءَ جي جانسن
واري برٽش دور جي عام ماڻهو سان ڀيٽ ڪريون.
انگلينڊ جي ٻهراڙيءَ جو ذڪر ڪندي ’جانسنس انگلينڊ‘
جو مصنف لکي ٿو. ”صنعتي انقلاب کان اڳ ۾ سڀني طبقن
جا عوام، توڙي جو هو ڪلاڪن جي حساب سان اڄ کان
وڌيڪ ڪم ڪندا هئا (عام طور تي يارهن کان تيرهن
ڪلاڪ) ۽ سندن اجرتون به تمام ٿوريون هونديون هيون،
پوءِ به شهرن کان ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ وڌيڪ فائدي وارو
هو ۽ جيڪي وچولي شهرن جا رهاڪو هئا، سي ٻهراڙي
واري رسم ۽ رواج کان الڳ ڪونه هئا … ارڙهينءَ
صديءَ جي سڀاڳي دور ۾ گهڻا ڳوٺ صنعت ۽ زراعت جو
مرڪز هئا ۽ خاص قسم جو انگريز ماڻهو هڪ ٻهراڙيءَ
جو ماڻهو هو. هڪ اهڙو ڳوٺاڻو جيڪو هر قسم جو ڌنڌو
ڄاڻندڙ ماڻهوءَ سان ملي سگهندو هو، پوءِ اهو ڪيئن
چئجي ته اهو اڻپڙهيو ڳوٺاڻو هَرَ جي مُٺئي جهلڻ
کان سواءِ ڪجهه به ڪرڻ ڪونه ڄاڻندو هو“(1).
ٿوري گهڻي فرق سان هي ماحول سترهين ۽ ارڙهين صديءَ
واري سنڌ سان ميل کائي ٿو. علم طور تي ڳوٺاڻو زرعي
معاشرو هو. گهرو هنر چوڏس پکڙيل هو ۽ شهري زندگي
جيئن اڄ اسين ڄاڻون ٿا، گهڻو ڪري ٺٽي ۾ موجود هئي.
اهي وڏا وڏا ڳوٺ جن ۾ صنعت پنهنجا پير ڄمائي چڪي
هئي ته به ڳوٺاڻين ريتن رسمن ۽ سوچ کان الڳ ڪونه
ٿيا هئا.
اها هڪ نامناسب ڳالهه آهي ته سنڌ اندر آبپاشي جي
نظام کي اهميت نه ڏجي، جنهن سنڌ جي اقتصادي ۽
سماجي زندگي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. انسان جي هن
عقلمندي واري امداد کان سواءِ هي ملڪ ڪلهوڙا ۽ مغل
دورن جي ٿوري آدمشماريءَ جي به پرورش ڪري ڪونه
سگهي ها. مغل سلطنت جي دوران سڄي هندستان جي
آبپاشي نظام جي صورتحال ڪيئن هئي؟ ان ڏس ۾ اڪثر
مصنف اهو ٻڌائين ٿا ته ان کي نظرانداز ڪيوويو هو.
اهي هندستان ڏانهن ايندڙ سياح جيڪي تنقيد جوڳي
انداز ۾ تبصره نگاري ڪن ٿا، سي سنڌ متعلق صحيح
ڪونه ٿا چون، جتي مينهن ڪڏهن ڪڏهن پوندو آهي ۽
جتان جي عوام جي هر ڪاهڻ جو دارومدار فقط مينهن جي
پاڻيءَ تي ٿي نٿو سگهي. اهو ڏيکارڻ لاءِ ته مغل ۽
ڪلهوڙا دورن ۾ سنڌ اندر هڪ بي انتها سڌريل آبپاشي
نظام موجود هو. ان لاءِ اطمينان بخش ثابتيون ميسر
آهن. ان دور ۾ جيڪڏهن بدنظمي ۽ وڳوڙ وقت بوقت هن
ڌرتيءَ کي پريشان ڪندا هئا ته به ان سان پاڻيءَ جي
هٿرادو واهڙن ذريعي ورهاست جو ڪم متاثر ڪونه ٿيندو
هو. اهڙي ريت برنيئر جو بيان ته: ”زبردستي کان
سواءِ ڪٿي به زمين هر ڪاهي کيڙي ڪانه ٿي وڃي، ڪوبه
ماڻهو واهن، ڪڙين ۽ کوهاڏن جي کاٽي ۽ صفائي ڪونه
ٿو ڪري.“ اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ سنڌ لاءِ صحيح ڪانه
آهي، جيڪا پنهنجي عوام جي تيستائين پرورش ڪري ئي
ڪانه سگهي ها، جيستائين واهن، ڪڙين ۽ کوهاڏن جي
صفائي نه ڪئي ويندي هجي ها. مغل حڪمران، خاص طور
تي جيستائين انهن وٽ ايراني صلاحڪار هئا، تيستائين
آبپاشي جي اهميت کان پوري طرح باخبر هئا، ڇو جو
انهن کي پنهنجي ملڪ جي غيرآباد علائقن ۾ آبپاشي
نظام کان واقفيت هئي. هو هندستان ۾ آبپاشي نظام
سڌارڻ جي ضرورت کان به غافل ڪونه هئا پر تڏهن به
ان زماني ۾ عوام جو پيسو قيمتي محلاتن، مقبرن ۽
قبن ٺهرائڻ جي ڪم ايندو هو. ۽ جنهن کي اسان اڄ
عوامي ضرورت جا ڪم چئون ٿا، انهن لاءِ هڪ پائي به
خرچ ڪانه ڪئي ويندي هئي. اهڙي عمومي ماحول ۾ اها
ڄڻ ته هڪ خاص ڳالهه آهي، جو پنجاب ۾ سترهين صدي ۾
واهن جي کوٽائيءَ جو ڪم ٿئي ٿو ۽ دهليءَ جي ڀرسان
جمنا واه جي مرمت لاءِ کوٽائي پڻ ان زماني ۾ ٿئي
ٿي. اڪبر جي زماني (1568ع) ۾ واهن جي قانون ’ڪئنال
ايڪٽ‘ جو ذڪر اچي ٿو، جنهن ۾ ان واهه جي کوٽائي ۽
گَهَرائي جنهن کي ’شيخ نئين‘ جو نالو ڏنو ويو هو.
شروع ڪئي ويئي هئي. انهيءَ مقصد سان ته نالن ۽
واهڙن جو پاڻي گڏجي غازي آباد کان ٿيندو وڃي سون ۽
جمنانديءَ ۾ پوندو. هن ڪم کي جيڪا شاهي سند ملي ان
جا ٻول وڏيءَ لفاظيءَ جو اظهار هئا: ”منهنجي حڪومت
هڪ وڻ آهي. جنهن جون پاڙون زمين ۾ پڪي ريت کتل
آهن، خدا جي مهرباني ان جو پاڻي آهي. ان جون
ٽاريون بهشت ۾ پهچن ٿيون. خدا جي رحمت جي قبوليت
طور هيءَ هيڏي وڏي سلطنت قائم ڪرڻ جو مقصد پاڻي
کان وڌيڪ خالص ۽ صاف آهي، ته جيئن غريبن جون
ضرورتون پوريون ٿين. منهنجي دل ۾ جيڪو آب حيات
آهي، سو سمنڊ کان وڌيڪ بي پايان آهي. منهنجي اها
خواهش آهي ته فائدن کي عام ڪريان ۽ پنهنجي شهنشاهي
جي عظمت جي نشانن کي واهن کوٽائڻ، وڏن شهرن جي
بنيادن رکڻ سان اڻمٽ بڻائي وڃان. مون کي يقين آهي
ته ايئن ڪرڻ سان ملڪ جو محصول به وڌندو.“(1).
اهو ته رڳو واعدو هو، جنهن کي وفا نه ڪيو ويو. سنڌ
هن نقطهءِ نگاه کان مغلن کان ڪوبه فائدو ڪونه
ورتو. سنڌ جا واه، نار، کوه اهي سڀ هتان جي مقامي
ماڻهن دهلي جي شهنشاهن جي ڪنهن به مدد کان سواءِ
کوٽرايا، جن جو سنڌ ۾ ڪنهن به وقت ڪنهن به قسم جو
ڄڻ مفاد ئي ڪونه هو.
آرم ۽ آسائش جو معيار
(الف) رهڻ جون جايون- گهر
غريب ويچارو ڏاڍي ساديءَ جاءِ ۾رهندو هو. درياه جي
وٽ پاسي ۾ سڪي گاه جون پيهون يا وري ٻنين ۾ اهڙي
قسم جا پکا يا ڪکن ڪانن جا مَنهَن، جن جون چؤنرن
وانگي ڪَنڊائتيون ڇتيون، ماکيءَ جي مانارن جيان
هيون. جيئن وٿنگٽن بيان ڪيو آهي. يا وري گپ گاري
جون بڻيل بڇان جهڙيون کُڏيون هيون. وڏن ڳوٺن ۾
اهڙا به ڪچا گهر هوندا هئا، جن ۾ واپاري ۽ پيسي
وارا ڪاريگر ماڻهو رهندا هئا. ٺٽي جي شهر ۾ ڪي
ٿوريون بهترين جايون هونديون هيون. مثال طور اهو
گهر جنهن ۾ هئملٽن کي 1699ع ۾ رهايو ويو هو. فقط
ٺٽي جو شهر ان وقت لاهور ۽ آگري جو مقابلو ڪري ٿي
سگهيو. ان ڳالهه ۾ به مون کي شڪ ٿو پوي ته ٺٽو
پنهنجي عين ترقيءَ واري زماني ۾ به ڪو مانسٽريٽ جي
بيان جيان، اتر هندستان جي ٻين وڏن شهرن جهڙو هو.
”ان جي باوجود دولتمند ماڻهو پنهنجي گهرن جي کڏن،
ونگن وارين ڇتين کي ٽُڪ جي ڪم ۽ خوبصورت چترڪاريءَ
سان سينگاريندا هئا. گهرن جي اڱڻ تي قسم قسم جي
رنگين گلن جا باغ، مڇيءَ جا تلاءَ، هوندا هئا جن
جي چؤطرف ڪيترن قسمن جون رنگين ڪاشيءَ جون سرون
هنيون وينديون هيون. ان طرح پنهنجي گهرن کي
سينگاري سهڻو بڻائيندا هئا. هٿرادو چشما ۽ ڦوهارا
هنيا ويندا هئا، جيڪي پاڻيءَ کي پيا هواءَ ۾
اڇلائيندا هئا. چهل قدميءَ جي لاءِ جايون ٺهيل
هونديون هيون، جيڪي ڪاشيءَ جي سرن يا سنگ مرمر سان
جڙيل هونديون هيون.“(1)
مانسٽريٽ هتي چٽو پٽو حڪمرانن جي رهڻ جي جاين جو
ذڪر ٿو ڪري. سترهين صديءَ جي شروعات ۾ لاهور جي
تعمير ۾ گهڻو ڪري پڪي سر ڪم آيل آهي.(2)
عام ماڻهن جي لاءِ هيءُ فقط هيئن ٿو چوي: ”عام
ماڻهو گهٽ درجي وارن گهرن ۾ رهي ٿو، جنهن کي
جهوپڙي چئجي ته ٺيڪ ٿيندو. ٿوري دولت واري کي ڪچو
گهر آهي. هتي جيڪڏهن ڪو سياح اچي ٿو ۽ شهرن مان
ڪنهن به هڪ شهر کي ڏسي وٺي ٿو ته معنيٰ هن سڀئي
شهر ڏسي ورتا. حقيقت اها آهي ته هاري ۽ ڳوٺاڻو
ماڻهو، سنڌ ۾ عام طور تي انهن جهوپڙين ۾ گذاري ٿو،
جيڪو سندس عارضي گهر هوندو آهي. جنهن کي ٺاهڻ جي
وٽن طاقت هوندي آهي، ۽ ڌنڌي جي لحاظ سان اهو ئي
مناسب هو. ٻي ڳالهه اها به هئي ته هو پنهنجي گهر
کي گهڙيءَ ۾ ٺاهي ٿي سگهيو ۽ جڏهن وري درياه جي
ٻوڏ جو خطرو ٿيو ته هڪدم ڊاهي پٽ ڪري يا وري سِرُ
بچائي جهوپڙي ڇڏي ڪيڏانهن وڃي ٿي سگهيو يا وري اهي
جهوپڙيون ويءَ ۽ ولهار جي وچ ۾ تنبن وانگي قطارن ۾
اڏي ڇڏيندا هئا، جيڪي سال ۾ درياهي ٻوڏ واري رستي
سان پيون پٽبيون ۽ اڏبيون هيون. ان کان وڌيڪ اها
ڳالهه به هئي ته حملي آور فوجي ٽولا يا مقامي باغي
فوج جا ٽولا جلد ئي انهن کي جلائي رک پڻ ڪري
ڇڏيندا هئا ۽ اها تباهي کين اڳتي وڌڻ کان ڄڻ روڪي
رکندي هئي. اسان وٽ ڪلهوڙا دور جا ڪي به اهڙا
احوال ڪونه آهن. اهڙي قسم جون ثابتيون فقط ٽالپر
دور کان دستياب آهن. جيئن ته اوڻويهينءَ صدي جي
سياحن جا بيان، مغل دور جي عام حالتن کان مختلف
ناهن ۽ زراعت جي نقطهءِ نظر کان ته اڄ واريءَ سنڌ
جي حالتن سان بلڪل ٺهڪندڙ آهن ته پوءِ اسان انهن
کي هروڀرو ڪوڙو ڇو سمجهون. ٽالپرن سڀني ٻروچن جيان
پنهنجون ڪي عاليشان عمارتون ٺهرايون ئي ڪونه. اهي
دولت هوندي به اهڙي قسم جي گهرن ۾ رهيا پيا هوندا
هئا، جيڪي اڄ ڪلهه جي نقطهءِ نگاه کان کين ڪونه ٿي
سونهيا. پاٽنگر انهن متعلق چوي ٿو ته: ”انهن اميرن
جا گهر (حيدرآباد ۾ جيڪو سندن گاديءَ جو هنڌ به
آهي) اندران تعمير ۾ توڙي ڏسڻ ۾ تمام سادا آهن.
محلات ۾ اهڙو ڪوبه ڪمرو ڪونهي جيڪو 30 فوٽن جي
موڪر کان وڌيڪ هجي. جيڪي دريون دروازا آهن سي
روايتي عام ڪاٺ جا ٺهيل آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو
عام رنگ به ٿيل ڪونهي ۽ ٻيو جيڪو سندن گهرو سامان
آهي سو پڻ معمولي آهي. حيدرآباد جي بازار به ڪا
خاص ناهي، جيتوڻيڪ منجهس کاڌي خوراڪ جون شيون سٿيل
آهن ۽ ٻيو ملڪي تيار مال به تمام گهڻو آهي، پر
يورپي مالُ، هرک جي سفيد ڪپڙي ۽ رنگين ڇيٽن کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو ملي. ٺٽي ۾ آڳاٽي زماني
سان تعلق رکندڙ پڪين سرن جون ٺهيل جايون موجود آهن
۽ انهن مان انگريزي ڪمپنيءَ جي ڪوٺيءَ جي به هڪ
جڳهه آهي، جيڪا مقامي نموني جي تعمير سبب ڏسڻ ۾
ڇسي آهي. موجوده ٺٽي جون عام جايون مٽيءَ جون ٺهيل
ڪچيون آهن، پر پڪين سرن جي مقدار مان به فائدو
ورتو ويو آهي. جيڪي هيڏي هوڏي چوڌاري پکڙيون پيون
آهن ۽ انهن سرن جي مال مان، ڪيترين جاين جا چار
ياپنج فوٽ پڪا بنياد تعمير ٿي سگهن ٿا.(1)
سمجهه ۾ اهو ٿو اچي ته جاين جي تعمير جي معيار
۾ جيڪو تنزل آيو، ان ۾ بلوچ اثر جو ڪجهه دخل آهي.
اها هڪ حقيقت آهي ته ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي ۽ آباديءَ
جي ٻين وڏن مرڪزن ۾ ڪيتريون ئي پڪين سرن جون
بهترين جايون موجود هيون، جيڪي پوءِ هيٺينءَ سنڌ
جي ڪلر ۽ گرد آلود فضا جي اثر ڪري تباه ٿي ويون.
وون آرچ 1842ع ۾ هيٺينءَ سنڌ متعلق لکي ٿو ته:
”هتي جا سڀ گهر ڪچا ٺهيل آهن. اوچائي ۾ 20 فوٽ ٿيا
ته ڇيهه ٿيو. سندن ڇتيون تراکڙيون آهن. انهن مان
مٿي اڀريل هوادان نڪرن ٿا، جنهن ۾ موجود ڳڙکا درين
جو ڪم ڏين ٿا. لڳاتار اوهيڙي جي اوڪ جهوپڙيون
جهوري پٽ ڪري ڇڏي ٿي ۽ ڳوٺ جي نانءَ نشان کي به
نهوڙي نئي ٿي.“(2)
جيڪي ماڻهو هيٺين سنڌ کان واقف آهن، سي انهيءَ
عڪاسيءَ جي ساک ڏيندا، آڳاٽي عرب مصنف ادريسيءَ
لکيو هو ته: ”ديبل (لاهري بندر) جا گهر مٽيءَ ۽
ڪاٺ جا ٺهيل آهن.“(2)
پاٽنگر ٺٽي متعلق ڳالهائيندي چوي ٿو ته: ”هتي جيڪي
گهر تعمير ٿيل آهن، سي سهڻي سٽاءَ سان نقشو بنائي
تيار ڪيا ويا آهن، جن جهڙا مون ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه
ڏٺا آهن. انهن جون ڀتيون اندران ۽ ٻاهران ڪاٺ جي
ننڍن ٽڪرن ذريعي هڪ ٻئي ۾ ڪوڪا ٺوڪي ملائي، پوريون
رکيون ويون آهن. اهي ڪاٺ جا ٽڪرا 8 کان 16 انچ کن
ڊگها هوندا اهن ۽ مانڌاڻي
(Diagonaty)
نموني رکيا ويندا آهن. انهيءَ لاءِ ته جيئن ٻنهي
پاسن کان مضبوط بوتو بڻائن ۽ جنهن جي مٿان پوءِ
مٽي جو گارو يا چُن جو ليپو ڏئي ڇڏبو آهي. ان کان
پوءِ اها ڀت پوري هجڻ جي باوجود ٺوس محسوس ٿيندي
آهي. اهڙي اصول تي تيار ٿيندڙ جايون ٽه ماڙ ۽ چار
ماڙ به ٿينديون آهن، جن جي مٿان تراکڙي ڳوري ڇت
وڌي ويندي آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهي
گهر ڏاڍا مضبوط ٿيندا آهن.“(1).
هن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾،
سنڌ ۾ ڪهڙيون نه بهترين قسم جون جڳهيون تعمير ڪيون
وينديون هيون.
سنڌو درياه جي ڇوڙ وارين ايراضين ۾ تباهه ٿيندڙ
وِڪر ۽ گهوڙا ٻاريءَ جا بندر گهڻا شاندار ڪونه
هئا. ڪارليس، سن 1836ع ۾ انهن لاءِ چوي ٿو ته:
”گهرن جو تعداد 200 کن هو. اهي ڪانهه گاهه ۽ مٽيءَ
جا ٺهيل هئا.“(2)
چانڊڪا (موجوده لاڙڪاڻي جي علائقي) متعلق بيانن ۾
ليفٽيننٽ جيمس ڏٺو ته هن علائق ۾ ڪيترائي وڏا ڳوٺ
هئا، گهڻو ڪري سڀني ڳوٺن ۾ بازار هئي. ”گهر ڪچا جن
جي مٿان تراکڙي ڇت آهي ۽ غريب ماڻهن جي گهرن ۾
گدامڙيءَ جي وڻ جون ڪامون پيل آهن، مٿان ڪاٺ جا
پڃر، تن جي مٿان تڏا ۽ تڏن مٿان گاهه وغيره. گهڻن
ڳوٺن جا گهر پوئين قسم جي سامان مان ٺهيل آهن. مال
جي مَنَهن ۽ ماڻهن جي ڇَپرن ۾ ڪو ٿوروئي فرق هو.
هيٺاهين وارن علائقن ۾ ڳوٺ جي چوڌاري هڪ کڏ يا
واهي کنيل هوندي آهي، جيڪا درياهي ٻوڏ واري پاڻيءَ
کان ڳوٺ جو بچاءُ ڪندي آهي. جيڪي قبيلي جي سردارن
وڏن زميندارن يا حڪومت جي ڪنهن اعليٰ آفيسر جا گهر
هوندا آهن، تن جي چوڌاري مٽيءَ جا دڙا هوندا آهن،
جنهن جي ڪنڊ تي مٽيءَ جي وڏي دڙي مٿان منارو ٺهيل
هوندو آهي، بند جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن
ڌاڙيلن جي اوچتي حملي خلاف بچاءُ ڪري سگهجي.“(1)
وڌيڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته ٻنين جي وچ ۾ به اهڙا
منارا ٺهيل آهن ته جيئن پنهنجو فصل جابلو ڌاڙيلن
کان بچائي سگهجي. سمورا ڳوٺ گدلا هئا ۽ انهن ۾
آرام ۽ آسائش جون ٿوريون سهولتون هيون.
درحقيقت سنڌ جا ڳوٺ يورپ جي وچئين دور ڳوٺن جي ياد
چٽي ڪرائي ڇڏيندا آهن. مسجد جي چوڌاري گهرن جا
جهڳٽا، ڀرسان ڳوٺ جي بازار، وري ويجهوئي ڳوٺ جي
پرئي مڙس جو گهر، چوطرف سنڌين جي گهرن جون لانڍيون
۽ انهن جي چوطرف ڍنگهرن جو لوڙهو ۽ ان ۾ مال جي
وٿاڻن وارا مَنهن، منجڻن تي ويندڙ ڏاڪڻ جا لڪڙا
کتل، جيڪي گرمين جي موسم ۾ سمهڻ جي ڪم اينديون
آهن. ڀرسان رڍن ۽ ٻڪرين جون ڪکايون واڙيون، هي
اهڙي قسم جي زراعتي ڳوٺن جو ذڪر آهي، جيڪي اڄ به
سنڌ ملڪ ۾ چوڏس هنڌين ماڳين پکڙيا پيا آهن.
ليفٽيننٽ جيمس برنس چانڊڪي متعلق چوي ٿو ته: ”هن
علائقي ۾ 392 ڳوٺ آهن. انهن ڳوٺن مان هر هڪ جي
آدمشماري 500 کان ڪنهن به ريت گهٽ ڪانه ٿيندي آهي.
ڪنهن نه ڪنهن طور طريقي سان ويجها يا پري جا، ان
ڳوٺ جي پرئي مڙس جا مائٽ هوندا آهن، جيڪو هڪ قسم
جو ننڍو جاگيردار هوندو آهي ۽ ساڳي ئي طرز ۽ نموني
سان رهندو آهي، جيئن ڌراڙ قبيلي جو سردار گذاريندو
هجي.“ پاٽنگر چوي ٿو ته اهي وانڍين ۾ رهندا آهن،
جيڪي جهوپڙين جو هڪ ميڙاڪو هونديون آهن. اهي
جهوپڙيون ڪکن ڪانن، ڪاٺ ۽ مٽي جي گاري جون ٺهيل
هونديون آهن. ڪراچي بندر کان سيوستان ويندي، سنڌو
درياهه جي اولهائين ڪناري سان ۽ درياه کان ڪجهه
دور اهڙي قسم جا ڪيترائي گهر آهن. انهن وانڍين جي
آدمشماري مشڪل سان 600 يا 700 کن ٿيندي. پر هڪ
وانڍ ڪاهوراڻي، جيڪا حيدرآباد کان 40 ميل ڏکڻ
اولهه طرف آهي، ان جي آدمشماري 4000 ماڻهن تي
مشتمل آهي(1).
ان وانڍ جي بازار مٽي جي سادين سودين جڳهن جي بڻيل
آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ننڍا هندو واپاري رهن ٿا ۽
مسلمان هاري جهنگ جي جهانجهر مان جوڙيل لانڍين ۾
رهندا آهن. انهن سڀني کي ڳوٺ جي چڱي مڙس جو بچاءُ
هوندو آهي. اهو سڄو طريقو وچئين دور جي
برطانيا جهڙو آهي. ڳوٺ کي ڌاڙيلن جي خلاف مزاحمت
واسطي پنهنجا طريقا استعمال ڪرڻا پوندا هئا، جيڪي
اوچتو ڪڏهن نه ڪڏهن اچي مٿانئن ڪڙڪندا هئا ۽
چوپايو مال ۽ رکيل اناج بنا ڪنهن قانوني گرفت جي،
کنيو هليا ويندا هئا.
(ب) آدمشماري ۽ کاڌو خوراڪ
اڪبر مغل جي دور ۾ ڪنهن سال جڏهن قيمتون گهٽ
هونديون هيون ۽ فصل سوڪهڙي سبب مارجي ڪونه ويندا
هئا، ان دور بابت وينسنيٽ پنهنجي ذاتي راءِ ڏيندي
لکي ٿو ته ”اهو واضح آهي ته، هڪ ماڻهو هڪ پيني يا
ٻه پينس تائين روزانو خرچ ڪري پنهنجو سولي نموني
گذارو ڪري پئي سگهيو“(2)
اهڙي قسم جي سچائيءَ لاءِ، سترهينءَ ۽ ارڙهين
صديءَ جي سنڌ واسطي ٻي ڪهڙي ثابتيءَ جي ضرورت آهي.
کاڌي خوراڪ جون شيون ڍيرئون ڍير هيون ۽ قيمتون
گهٽ، امڪان اهو به ٿي سگهي ٿو ته ملڪ جي آدمشماري
کاڌي خوراڪ جي پيدائش واري تناسب سان تمام گهٽ
هجي. اهو فيصلو ڪرڻ به مشڪل آهي ته سنڌ ۾ صنعتي
پيداوار ۾ ڪميءَ سان جيڪا ٺٽي جي تباهيءَ جي آئي ۽
ان کان پوءِ سوٽي ڪپڙي جي صنعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو،
سو اهي واقعا به آدمشماري جي گهٽ هجڻ جو ثبوت ته
ڪونه آهن. گهڻا مصنف اهو امڪان ظاهر ڪن ٿا ته
انگريزن جي فتح کان اڳ ۾، ٽالپرن جي ظلمن کان تنگ
اچڻ ڪري آدمشماري ان تعداد کان گهڻو گهٽجي ويئي
جيڪو هڪ صدي اڳ هو. بهرحال اهڙي اعتبار جوڳي ڪا
شاهدي به ڪانهي. ليفٽيننٽ ڊيل هوسٽيءَ 1832ع ۾
حساب لڳايو هو ته ڪل آدمشماري 850،000 آهي، جنهن
جو چوٿون حصو هندو آهن.(1)
برنس 1828ع ۾ اندازو لڳايو هو ته آدمشماري ڏهه لک
آهي،(2)
جنهن مان 25000 شڪارپور، 20،000 حيدرآباد،
18،000 ٺٽو، 15،000 خيرپور ۽ ڪراچي، سيوهڻ ۽
ميرپور 10،000. پاٽنگر جو بيان آهي ته ٺٽو ان وقت
گهٽجي تمام ننڍو شهر ٿي چڪو هو، هي وڌيڪ ٻڌائي ٿو
ته: نادر شاه جڏهن دهلي کان موٽندي هِت آيو هو ته
ان وقت چيو وڃي ٿو ته ٺٽي ۾ چاليهه هزار ڪوري هئا،
جيڪي اعليٰ سوٽي ڪپڙي
(Calico)
۽ لنگين جا ڪاريگر هئا، ٻين قسمن جا 20،000 ڪاريگر
ان کان علاوه هئا، ان کان سواءِ دوڪاندار، دلال،
گماشتا عام واپاري ڀلاوِڻا ۽ اُنَ جا واپاري وغيره
هئا، تن جو تعداد 60،000 هو. ان جي برخلاف هن شهر
جي اڄ واري ڪل آدمشماري 20،000 چئون ته به وڌاءُ
آهي ۽ اتان جيڪو هاڻي محصول اُڳڙي ٿو سو مس هڪ لک
رپين جي برابر آهي.“(1)
پاٽنگر ڪلهوڙا دور واسطي ڏنل انهن انگن اکرن سان
سهمت ڪونهي، اهو ٿورو گهٽ وڌ صحيح به آهي ڇو ته
هئملٽن (1699ع) ٻڌائي ٿو ته ٺٽي جا 80،000 ڪوري،
پليگ جي بيماريءَ وگهي موت جو شڪار ٿي چڪا هئا،
جيڪا سندس اچڻ کان ٽي سال اڳ مينهن نه پوڻ ڪري شهر
۾ پئي هئي. سن 1813ع ۾ ڪراچيءَ جي آدمشماري، جيڪا
پاٽنگر جي چوڻ مطابق بلڪل باقاعدگي سان ٿي، سا فقط
13000 هئي، جيڪا 1809ع ۾ ڪيل آدمشماري کان ڏيڍوڻي
وڌيڪ هئي. انهن مان گهڻائي هندن جي هئي، جن جو
ڌنڌو مٿن ڳرو محصول مڙهڻ کان پوءِ به تجارت ئي هو
۽ اهو هندن جو پنهنجو ئي هڪ قبيلو هو جيڪو محصول
اڳاڙيندو هو.(1)
هنن متضاد بيانن جي ڪري ڪنهن حتمي ڳالهه تي پهچڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي پر هڪ حقيقت ته يقيني آهي، جهڙوڪ
آدمشماريءَ جي ٻين شهرن ڏانهن لڏپلاڻ. جيئن
1740ع کان وٺي 1800ع تائين آدمشماريءَ جو مرڪز ٺٽي
مان تبديل ٿي شڪارپور، حيدرآباد ڪراچيءَ هليو ويو
۽ سکر ترقيءَ ڏانهن سفر ۾ ڏاڍو سست رهيو وون آرلچ
1842ع ۾ ڏٺو ته سکر جي ڪل آدمشماري 6000 ۽ روهڙي
جي 8000 هئي. سن 1847ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر سنڌ جي
آدمشماري 1،274،732 ٻڌائي ٿو، جيڪا 48000 چورس ميل
جي حساب سان في چورس ميل تي 27 ماڻهن جو بارُ هو.
موجوده نظريي جي حوالي سان، آدمشماريءَ جي گهٽتائي
۽ ايراضيءَ جو وڏو حصو ٿر جي رڻ هيٺان آهي يا سمنڊ
جي کاڙين هيٺ آهي: ’مان ائين چوندس ته هي جيڪو
اعتدال وارو تناسب آهي سو به ڄڻ وڏو انداز آهي.‘(1)
اهڙيءَ ريت حتمي ڳالهه اها ظاهر ٿيندي ته مغل ۽
ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي آدمشماري البت ڏهن لکن کان
وڌيڪ ڪانه هوندي يا جيڪا اڄ آهي ان کان چوٿون حصو
گهٽ هوندي. اهو فرق فقط ان ڪري آهي جو اڄ، انگريزن
جي فتح کان پوءِ سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو وسيع انتظام
ڪيو ويو آهي. سمجهه ۾ ڪجهه ايئن اچي ٿو ته مغل
۽ ڪلهوڙا دور ۾ آدمشماريءَ جو انگ هڪ هنڌ بيٺل
رهيو.(2)
ان جو سبب ڳولي لهڻ سولو هو ته آبپاشيءَ جو نظام
هڪ هنڌ بيهي رهيو هو. ان جو دارومدار درياه جي
چاڙه تي رهندو آيو ۽ پاڻيءَ جي ورهاست اڻڄاڻ ماڻهن
جي هٿ وس هئي، جنهن تي اڄ جي جديد آبپاشي نظام ۾
بهترين نموني منظم ۽ مروج انتظامي طريقهءِ ڪار سان
سڀني ذريعن کي استعمال ڪيو ويو آهي، اڳرائي وارين
جنگين ۽ فقط محصول اوڳاڙڻ وارو خيال ڦٽو ڪري خدمت
ڪرڻ وارن خيالن کي ئي آزمايو ويو آهي. پوک ۽ فصلن
جي نقطهءِ نگاه کان اتر ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ گهڻو فرق آهي.
سنڌ جي ڪمشنر 1847ع ۾ چيو هو ته هتي فصل هندستان
جي فصلن جهڙا ٿيندا آهن. ٻاجهري ۽ جوئر مکيه ۽
سويلا فصل هوندا آهن. ڪڻڪ ۽ جَوَ مکيه ۽ اويلا فصل
ڪري سڏبا آهن. اڳئين قسم جا فصل اتر سنڌ ۾ جام
ٿيندا آهن ۽ جيڪي پوئين قسم جا فصل هوندا آهن، سي
وري ڏکڻ سنڌ ۾ جام ٿيندا آهن. چانور، ڪنهن حد
تائين اتر طرف ٿيندا آهن پر گهڻا ڏکڻ سنڌ ۾ ٿيندا
آهن، سمنڊ جي ڀرپاسي جتي به آباديءَ لائق زمين
آهي، ڪپهه، ڪمند، تماڪ ۽ نير به ٿين ٿا مگر گهٽ.(1)
چانڊڪي ۽ لاڙ وارا سنڌ جا حصا چانور پيدا ڪندڙ
علائقا هئا ايئن جيئن اڄ آهن. سن 1847ع ڌاري اهو
سمجهيو پئي ويو ته سنڌ جا هاري، گجرات ۽ مرهٽن جي
ڏاکڻين زرخيز علائقن کان سواءِ سڄي هندستان جي
هارين کان اقتصادي طور تي خوش هئا. آڳاٽي دور سان
واسطو رکندڙ عرب مصنف، آئين اڪبري ۽ مقامي مؤرخن
جا بيان هن قسم جي اندازن جي سچائيءَ جي تصديق ڪن
ٿا. ابن حوقل چوي ٿو ته ”هتي کاڌي خوراڪ جي شين جا
ڍير لڳا پيا آهن.“ ادريسي چوي ٿو ته ”منصوره جي آس
پاس ڏاڍي آبادي ۽ شادابي آهي. مڇي بي حساب آهي.
گوشت سستو، مقامي ۽ ٻاهرئين ميوات جام آهي.“(2)
تاريخ معصوميءَ جو بيان آهي ته سبي ۽ سيوستان وارا
علائقا ڏاڍا سرسبز ۽ شاداب هئا. اتي ڪپهه جا وڻ
ايڏا وڏا ٿيندا هئا جو انهن تي چڙهي ڦٽيون چونڊيون
وينديون هيون. آئين اڪبريءَ جو بيان آهي ته شالي
چانور جام ٿيندا هئا ۽ جنس ۾ ڏاڍا ٺاهوڪا هئا.
وڌيڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته لاڙي ماڻهن جو خاص کاڌو
مڇي ۽ چانور آهي. هتي ڪيترن ئي قسمن جي ميوات ٿئي
ٿي پر انب ته بي مثال آهن. 1699ع ۾ ٺٽي جي
پسگردائي جي شادابي هئملٽن کي ساراه ڪرڻ تي مجبور
ڪيو هو. هوُ چوي ٿو، ”سن 1699ع ۾ انوءَ ۾ بادشاه
جا باغ ڏاڍيءَ سٺيءَ حالت ۾ هئا، جن ۾ ميوات ۽ گلن
جي ڪمي ڪانه هئي. خاص طور تي ڏاڙهون ته اهڙا سٺا ۽
سوادي هئا، جن جهڙا مون زندگيءَ ڀر چکيا ئي ڪونه
هئا …“
چوڌاري ملڪ سائو سکيو ۽ ستابو لڳيو پيو آهي. ڪڻڪ،
چانور دالين ۽ بُهه ڀوسي ۾ ريان کيان لڳي پئي آهي،
گهوڙا ٻهيڙا، مال متاع خوش. سنڌ کي ته اها خبر ئي
ڪانه آهي ته ڏڪار ڇا کي چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌو،
درياه ، اپريل مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ٻوڏ ڪري
هيٺانهان پٽ ۽ پوٺا پسائي ڏيندو آهي. جڏهن ٻوڏ جو
پاڻي سڪي ويندو آهي ته زمين جي مٿان لٽ جا تَهَه
ڄمي ويندا آهن. هاري ٻج ڇٽي کيڙي ڇڏيندا آهن ته
فصل ججها ٿي پوندا آهن … سنڌ ۾ هڪ ميوو سالوب نالي
ٿيندو آهي، جيڪو عام زمين ۽ باغن ۾ ٿئي ٿو، آڙوءَ
جي مقدار جيترو هوندو آهي، منجهس اندر ککڙي ڪانه
ٿئي. ان کي تمام گهڻو سڪائي ڪٽي اٽي جهڙو سنهو
ڪندا آهن ۽ اهو چانهن يا ڪافيءَ وانگي گهوٽيل
مصريءَ سان استعمال ڪندا آهن. اگر ٻوٽن
(Ligna dulcis) جا جهنگ هن ئي ملڪ ۾ ٿين ٿا. هتي اهي وڻ نه بلڪ ڄڻ ڪا اجائي
اوڀڙ هوندي اهي. ان جي پاڙ کان سواءِ ٻي هر شيءِ
بيڪار هوندي آهي، جنهن کي پٽ چڪ يا
(Radix dulcis)
چئبو آهي. مان اهو ڪڏهن به ڪونه ٻڌو آهي ته اها
ڪنهن دوا طور ڪم اچي ٿي پر اها خوشبوءِ بڻائڻ ۾
ڪتب ايندي آهي. اها وٿ سورت مان ۽ هتان ججهي انداز
۾ چين ڏانهن برآمد ڪئي وڃي ٿي ۽ سٺو ناڻو ڪمائي
ٿي.(1)
ڊيل هوسٽي هتان جي سبزين ترڪارين کي گهٽ جنس
واريون تصور ڪري ٿو. هو چوي ٿو ”هتي سنڌ ۾ ننڍڙيءَ
جنس جا چڻا، سرنهن جو ساڳ ۽ ڪدوءَ جو هڪ سم آهي،
جنهن کي توريلي چوندا آهن. ٻيا وري آهن ونگا، بس
اهي ئي مون ڏٺا، ميوات وارن وڻن ۾ مون. انب، ٻير،
توت، انجير، ڊاک، کجي، صوف ۽ ڄام ڦل جا وڻ ڏٺا.
ٺٽي ۾ صوف جام آهن، اهي مئي مهيني ۾ پچي راس ٿيندا
آهن ۽ هڪ رپئي ۾ 400 داڻا ملندا آهن.(2)
پاٽنگر البت ڀاڄين ۾ گجرن، گوگڙن، مٽرداڻن، ونگن،
لاهوري گجرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ميوات ۾ صوفن،
هنداڻن، گدرن، توتن، انجيرن، ڊاک، آڙوءَ،
ڪيلي، انب، کارڪن جو ذڪر ڪيو آهي. روهڙيءَ کي ’سنڌ
جو باغ‘ ڪري تصور ڪيو ويندو هو ۽ حقيقت به اهائي
آهي ته هتي باغن جو اڻکٽ سلسلو آهي. قيمت جي
گهٽتائي هن حقيقت جي سچائيءَ کي هٿي ڏي ٿي ته ’سنڌ
۾ سُوا ڳئونءَ جو مُلهه 12 رپيا آهي. ڀلي ۾ ڀلو اٺ
25 کان 30 رپين ۾ ملي ويندو، ڳئون ڦنڊر 6 رپيا،
ڀلي رڍ ڏيڍ رپئي ۾، ٻڪري هڪ کان چئن رپين ۾. تمام
ڀليون ڪڪڙيون هڪ رپئي ۾ ڏهه‘(1)
سنڌ جا سنگهار قبيلا گهڻو ڪري کير، مکڻ، لسي، جوئر
۽ ٻاجهريءَ جي مانيءَ تي گذر ڪندا هئا. درياهن جي
وٽ سان وسندڙ ماڻهو مڇي ۽ پاڻيءَ جي پکين تي
پيٽ پاليندا هئا. اهي حقيقتون ابن حوقل به ٻڌايون
هيون. سنڌ جي ڪن تيار ڀلن فصلن سياحن جو ڌيان
ڇڪايو آهي. اهڙي ريت وون آرلچ، جيڪو مٿئين سنڌ جي
روهڙي کان اتر وارو پاسو گهمي رهيو هو، تنهن ٻنين
۾ بيٺل جوئر جو فصل ڏٺو، جيڪو ڏاڍو ڀلو ٿيو هو ۽
سندس ڪانو 15 يا 16 فوٽ مٿي ڊگهو ۽ ڪمند جي ڪاني
جهڙو ٿلهو هو. ان جي ڳرمٺي رس جهڙي هئي. اها
ٻهراڙيءَ ۾ عام طور تي کاڌي ويندي آهي، چوپايو مال
۽ گهوڙا به ان کي خوب کائيندا آهن.(1)
اڄ ڪلهه جا سياح جيڪي سنڌ ۾ گهمي ڦري رهيا آهن، تن
اهڙي قسم جي جوئر جا بيٺل فصل ڏٺا آهن جن ۾
گهوڙيسوار به لڪي وڃي. اهو سڀ مٿين حقيقت جي
سچائيءَ لاءِ وڏو ثبوت آهي.
اهڙيءَ ريت اڄ زمين جو وڏو حصو آبادي هيٺ آهي، پر
ان جي باوجود اسان نٿا سمجهون ته سنڌ فصلن جي
پيدائش جي خيال کان، مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ بنيادي
طور تي گهڻي مختلف هوندي. ان وقت جيڪا زرعي آبادي
هئي، سا درياه جي ڪنارن سان هئي ۽ درياه جي ڦاٽن
يا واهڙن جا وهڪرا اڄ وارن وهڪرن کان وڌيڪ ويجها
هوندا هئا، پر اهي سڀ شاهديون اهو ثابت ڪن ٿيون ته
سنڌ جي سرزمين پنهنجي رهواسين کي چڱيءَ طرح پالي
سگهندي هئي، منجهس هر آسائش موجود هئي، ڏڪار جيڪو
هندستان جي ٻين بدقسمت علائقن کي تباه ۽ برباد ڪري
ڇڏيندو هو، تنهن جو سنڌ جي هاريءَ تي تمام گهٽ اثر
ٿيندو هو. هُو پيسي ڏوڪڙ جي لحاظ کان شاهوڪار ڪونه
هو، پر زندگيءَ جي ضرورت جي شين حاصل ڪرڻ ۾ کيس ڪا
تڪليف ڪانه ٿيندي هئي. اها زرعي اقتصاديات هئي،
جنهن تي عام ماڻهوءَ جو دارومدار هو. اهڙو ڪوبه
ماڻهو جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ٻهراڙيءَ جي وسيع لغت
جو مطالعو ڪيو هوندو، اها ڳالهه سمجهي سگهي ٿو ته
هنن جي سڀيتا ۾ ٻنيون کيڙڻ، اٺ، ٻڪريون، رڍون ۽
ٻئي مال جا ڌڻ ڌارڻ سبب ڪيڏا نه سهڻا رنگ ڀريل
آهن. ان مان سمجهڻ کپي ته سنڌ جي ثقافت ڪيڏي نه
شاهوڪار آهي. مغل دور واري صنعت جو ٺوس بنياد اها
ئي کيتي هئي، جيڪا مسلسل ۽ روان دوان هئي ۽ سنڌو
درياه جي پاڻي جي پکڙجڻ ڪري هر سال وڌندي ٿي رهي.
ثقافت جي هن درجي ۾ پيسي جي شاهوڪاري ڪا اهميت نه
ٿي رکي. هن متعلق مينوسيءَ جو رايو ڪيڏو نه صحيح
آهي. ”اها هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن هتي عام ماڻهوءَ
کي چار رپيا هوندا ته هو ڏاڍو سگهارو ۽ خوش نظر
ايندو ۽ ڪڏهن به نوڪري ڪرڻ ڪونه چاهيندو.(1)
هو نوڪري فقط تڏهن ڪندا جڏهن ڏسندا ته هاڻي بک
مري رهيا آهيون.“
(ج) پگهارون، قيمتون ۽ سماجي حالتون
اسان کي مغل ۽ ڪلهوڙا دور جي سنڌ ۾، پگهار يا اجرت
جي اگهه متعلق تمام ٿوري معلومات ملي ٿي. جيستائين
سنڌ جو تعلق آهي ته آئين اڪبري يا ان جون همعصر
ٻيون اهڙيون شاهديون جيڪي سترهين صديءَ جي مغل دور
سان واسطو رکن ٿيون، تن تي اعتبار نه ڪرڻ جو ڪو
سبب ڪونهي. ٻين علائقن جيان سنڌ ۾ به غريب ماڻهو
ايئن هو جيئن هندستان ۾ اڄ به آهي ۽ اهو ٽامي جي
سڪي جي لفظن ۾ ڳالهائيندو هو. محصول جا حساب ڪتاب
’دام‘ جي قيمت سان لکائيندا هئا، جيڪي هڪ رپئي ۾
40 هوندا هئا.(1)
فاروقيءَ موجب، ان دور ۾، عام مزدور جي ڏهاڙيءَ جي
اجرت 2 يا 3 دام هئي.(2)
جيڪو هڪ رپئي جو ويهون حصو هو، ڪاريگر يا هنرمند
ماڻهو جي مهيني جي اجرت ٽي رپيا يا ساڍا ٽي رپيا
هوندي هئي. گهر جي نوڪر جي پگهار 2 رپيا مهينو
هئي. هڪ هڪ ماڻهوءَ جو کاڌي پيتي جو روز جو خرچ هڪ
يا ڏيڍ دام هو. اورنگزيب جي حڪومت جي اٺين سال
بيگر جي خلاف اعلان ڪيو ويو. پر اها پڪ آهي ته
اهڙي قسم جا قانون سنڌ ۾ نافذ ڪونه ڪيا ويا، ڇاڪاڻ
ته اهو بيگر وارو ڌنڌو سنڌ ۾ گهڻي وقت کان هلندڙ
هو ۽ اورنگزيب جي عهد کان پوءِ به هلندو آيو.
حقيقت اها آهي ته وڏا وڏا واه انهي بيگر وسيلي هتي
کوٽايا ويا هئا. اتر سنڌ ۾ هڪڙو وڏو واهه آهي،
جنهن جو نالو خود ’بيگاري‘ آهي.
سترهينءَ صديءَ دوران هندستان ۾ چانديءَ ۾ اجرت جي
جيڪا بها هئي سا، ٽڪيل رهي ۽ اها اهميت جوڳي هئي.
1662ع ۾ ماسلي پٽم، ڇڏڻ وقت ميٿالڊ ڪوٺيءَ جي
نوڪرن لاءِ اٽڪل ٻه رپيا مهينو پگهار مقرر ڪئي.(1)
سن 1658ع ۾ وليم سمٿ، ڪوٺيءَ جي نوڪرن جي ساڳين
علائقن ۾ هڪ جهڙي اجرت يعني 4 يا 5 شلنگ جو
ذڪر ڪري ٿو. اڪبر به هڪ عام رواجي مزدور جي ڏهاڙي
2 يا 3 دام مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. سن 1637ع
ڊچن هڪ عام مزدور کي ڏهاڙيءَ جا 2 دام (چار پيسا)
اجرت ڏني هئي ۽ هنرمند کي 7 پيسا ڏهاڙي ادا ڪئي
هئي. ڊچ هڪ ڊکڻ کي 12 يا 13 پيسا ڏهاڙي ڏيندا هئا،
جڏهن ته ڪاريگر مزدور لاءِ اڪبر 6 يا 7 دام مقرر
ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.(2)
سن 1636ع ۾ سورت ترسي پيل هڪ قاصد کي ڏهاڙي 3 پيسا
ڏنا ويا هئا. شايد اهو گهٽ ۾ گهٽ گذاري جو الائونس
هوندو، ڇاڪاڻ ته هن ماڻهوءَ لاءِ هي لفظ استعمال
ڪيا ويا هئا: ’نٻل، ڪاهل ۽ ٺڳ‘(3)
اڪبر جي دربار ۾ هڪ گهٽ درجي واري غلام کي هڪ
درهم ڏهاڙي ڏنو ويندو هو.(4)
هندستان جي الهندي ۽ اوڀرندي ڪنارن وارن علائقن ۽
اڪبر جي دربار مان مليل ثابتيون سترهين صدي جي
اجرت جي هڪ جهڙائي، مستقل ۽ پُريقين صورتحال جو
ذڪر ڪن ٿيون.
ارڙهينءَ صديءَ جي حقيقتن کي هڪ هنڌ ڪونه سهيڙيو
ويو آهي.(5)
اسان کي واسطيدار خبرون يا اطلاع ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي رڪارڊ مان ڳولڻا پوندا. انهن مان اهو
ظاهر ڪونه ٿو ٿئي ته ڪمپني جي هيٺين ملازمن جون
پگهارون گهڻيون وڌايون ويون. سن 82-1781ع ۾ سورت
پرڳڻي ۾، 110 ماڻهو، هڪ عملدار، هڪ مهتو (منشي)
ڇهه جمعدار، سؤ سپاهي هڪ مسلچي، ۽ هڪ پڙهي واري يا
توتارو وڄائيندڙ جي ڪل اجرت 437 رپيا مهينو هئي ۽
نواساريءَ ۾ 16 ماڻهن جي هڪ ٽولي جي اجرت 93 رپيا
مهينو هئي. مذڪوره ادائگيءَ ۾، ڪاغذ، مس، بتين جو
تيل ۽ پگهارون شامل هيون.(1)
سنڌ مان ڀرتي ڪيل پيادل فوجين جي پگهار متعلق برٽن
ٻڌائي ٿو ته: ”سندن ماهوار پگهار مقامي قانون
مطابق ساڍا ٽي رپيا هئي. پر ڪن گهوڙيسوارن جي عزت
ڀري پگهار ڏهاڙي هڪ رپيو هئي. انهن فوجين کي
روزانو ڀَتو ڪونه ڏنو ويندو هو.“(2)
سن 1828ع ۾ برنس ڪجهه سنڌي فوجين سان منهن سامهون
ٿيو، جيڪي سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي محصول اوڳاڙڻ لاءِ
مقرر هئا، هُو لکي ٿو ته ”اٺ ڏهه سنڌي سپاهي جن جي
مکيه رهائشگاهه هڪ کليل ڪاٺ جو منهن ۽ مکيه کاڌو
ڏاچين جو کير آهي، سندن چؤنڪي، رڻ جي ڀرسان ’لاه‘
۾ آهي، سي هتان گذرندڙ تجارتي سامان تي محصول
اوڳاڙين ٿا ۽ اهي ئي هن جاءِ جا اڪيلا رهواسي
آهن.“(1-2)
سڄيءَ ارڙهينءَ صديءَ ۾ قيمتون ڪريل رهيون. سن
1780ع ۾ سورت جي هڪ زمين جي مزدورن جي پگهار
ورهائيندڙ آفيسر جي فهرست موجب وڏي گوشت جو سورت
وارو مڻ ٽي رپيا هو.(2)
۽ مانين جو سورت وارو مڻ، اڍائن رپين ۾ ملندو هو.
رپئي جو ملهه کاڌي خوراڪ جي نقطهءِ نگاه کان اڪبر
جي ويجهائيءَ واري دور کان وٺي ويهينءَ صديءَ
تائين 7 ۽ 1 جي تناسب سان ڪري پيو. ڏسڻ ۾ ايئن اچي
ٿو ته اهو سترهين صديءَ ۾ 80 سال ساڳيو رهيو ۽
موجوده دور کان ستوڻو وڌيڪ قدر وارو هو. تنهن کان
پوءِ ارڙهينءَ صديءَ ۾ ڪري پيو. جيڪي 3 رپيا يا 5
روپيا ماهوار پگهارون آهن، سي گهٽ وڌ وقت آسارون
هلنديون رهيون ۽ انهن ۾ پنهنجي حساب سان اڄ جي
زماني واري قوت خريد هئي ۽ اڄ واري معيار زندگيءَ
سان انهن کي ڀيٽي سگهجي ٿو. مزدور، هاري، هنرمند
سڀئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اڄ کان وڌيڪ مغل ۽
ڪلهوڙا دور ۾ تقريباً ساڳين حالتن مان گذري رهيا
هئا. حقيقت اها آهي ته حالتون بس ڄڻ ته ساڳيون
هيون، يا اهي گذر سفر وارين حالتن کان ڪجهه بهتر
هئا. هُو نه ته ڪو پيسو ٺاهي سگهيا ۽ نه وري ڪجهه
بچائي ٿي سگهيا، ان جا سبب اهي ئي سموري هندستاني
سماج وارا هئا ۽ اڃان ’سچ‘ آهن، اهي سبب جيڪي ملڪ
جي آبهوا جي حالتن کان الڳ ڪري ئي ڪونه ٿا سگهجن.
مثال طور فصل جي پيداوار جي غير يقيني، صنعتي
ترقيءَ جي اڻهوند، پيداواري ذريعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
آدم شماري ۽ معاشرتي ريتون رسمون آهن، جنهن ۾ ڪنهن
خاص وقت تي ڳاٽي ڀڳا خرچ ڪرڻا پئجي ٿا وڃن، توڙي
جو سندن کيسا خالي هوندا آهن. ڪمائڻ ۽ گذاري واسطي
خرچ ڪرڻ جي وچ ۾ جيڪو خال هو، سو گهڻو ڪري اڄ کان
وڌيڪ غيرمستحڪم ۽ غيريقيني هو. جڏهن ته اڄ ڏڪار يا
ڪن ٻين اهڙين وڏين مصيبتن خلاف سرڪار پنهنجي خزاني
مان امداد مهيا ڪري ٿي ڏئي. حقيقت ۾ هاريءَ مٿان
آمرانه طرز جي حڪومت جي ظلمن ۽ ڳرن مطالبن جو وڏو
بار هو. هندستان ۾ ويچارا هاري هميشه وياج تي پيسا
ڏيندڙ جي رحم ڪرم تي رهيا آهن، جيڪي سنڌ ۾ فصل ۾
حصي جي شرط تي اڳواٽ پيسا ڪڍي ڏيندا هئا، ۽ هاري
وياج خور جي پسند جي بها قرض جي ڪجهه ادائگي اَنَ
جي صورت ۾ ڪندا هئا. اها بها هاري ۽ ڪاريگر کي ڳري
پوندي هئي. اهو طريقو اڃان به سنڌ ۾ رائج آهي،
قانون سازيءَ ته ان کي روڪڻ ۾ ڪو ظاهري ڪم ڏيکاريو
ئي ڪونهي.
سن 1847ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر چيو آهي ته: گهڻو ڪري
خانگي سرمائيدار جي قرض ڏيڻ سبب هاري پنهنجي هارپ
وارو ڪم ڪار ڪندو رهيو آهي. هتي به هندستان جيان،
هاري وياج خورن جا قرضدار هوندا آهن ۽ جيڪو ڪجهه
هو انهن کان وٺندا آهن، انهي جي بدلي گهڻو ڪجهه
وري ڀري ڏيندا آهن“(1)
انهن کي هيئن سمجهيو وڃي ته اهي اهڙا پورهيت
آهن، جن جو پورهيو پيٽ گذر جي لائق مس آهي ۽ وياج
خور اهي طبقا آهن، جيڪي کيتي ڪرڻ لاءِ تقاوي قرض
ڏين ٿا ۽ ان جا خوب منافعا وٺن ٿا. 1837ع ۾ ڪارليس
چيو آهي ته: ”سنڌ اندر هاري طبقي جي حالت ڏاڍي
تباه آهي.“ هن ڪجهه اڳتي هلي وڌاءُ به ڪيو آهي.
جيئن چوي ٿو ته ”هڪ اهڙو وقت به هوندو آهي، جو وٽن
کاڌو خوراڪ به ڪونه هوندو آهي ۽ کين ڪپڙن خريد ڪرڻ
جي به طاقت ڪانه هوندي آهي. اُهي پنهنجي گهر ۽ زال
جون ضرورتون پوريون ڪري ڪونه ٿا سگهن، غربت ۽
افلاس جي ڪري شاديون ڪونه ٿي سگهنديون آهن.“
هندستان جي سڄي اقتصادي تاريخ هن ڳالهه کي غلط
ثابت ڪيو آهي. اهڙين حالتن اندر سڄو خاندان پورهئي
لاءِ نڪري وڃي ٿو. گهر واري ۽ ٻار گڏجي پورهيو ڪن
ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان آمدنيءَ ۾ به اضافو ڪن
ٿا، ۽ سندس تعداد ۾ به اضافو ٿيندو رهي ٿو. سنڌ ۾
ته اڄ تائين اهائي حالت آهي، جو هاري طبقي جا ٻار
علم کان محروم آهن. حقيقت اها آهي ته ٻار اٺن سالن
جي عمر کان مٿي چڙهندو ته ڪجهه پيسن تي وڃي ڍڳا
ڍور چاريندو يا اٺن جا وڳ واريندو، جڏهن ڪجهه پيسا
قربان ڪبا، تڏهن ئي ٻارن کي اسڪول موڪلي سگهبو.
مغل يا ڪلهوڙا دور ۾ ساڳيون حالتون هيون ۽ هاري،
غربت ۽ افلاس جي مصيبت ۾ گهاريندو ٿي رهيو ۽ ٻي
دنيا جهان جي کيس ڪابه خبر ڪانه هئي. رياست اڃان
انهن فلاحي تصورن تائين پهتي ئي ڪانه هئي، جو
حالتن مطابق پنهنجو فرض سمجهي جيترو ممڪن هجي هر
ڪنهن کي موقعا مهيا ڪري ڏي.
اسلامي مذهب زڪوات جي طريقي سان غربت کي گهٽ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هندو معاشري ۾ ساڳئي مقصد لاءِ
گڏيل خانداني طريقو
(Joint family System)
رائج آهي. انهن ٻنهي ادارن جي اثر انگيزيءَ جو
دارومدار، عام طور سندن مرضي تي آهي، پر انهن جي
ڪم ڪرڻ جو طريقو پورالو آهي، يعني ڪڏهن ڪيئن ته
ڪڏهن ڪيئن. سندن سمورا ڏک ڏاکڙا آمرن، جاگيردارن
جي سبب ٿيا، جيڪي ان وقت اقتدار ۾ هئا. غريب عوام
جا ڏک ڏور ڪرڻ لاءِ هندستاني مؤرخ ۽ هندستان اندر
عوامي ضمير اڃا ته متحرڪ ٿيو ئي ڪونه هو. ان نظام
جي غلطين کي هاڻوڪن اخلاقي معيارن تي پرکڻ غلط
ٿيندو ۽ اها غلطي اقتصاديات جا ماهر ڪندا رهيا
آهن. گذرسفر جو معيار اڃان ايڏو هيٺ ڪونه ڪريو هو،
جو پنهنجون هلڪيون ۽ ننڍيون خوشيون خريد ڪري نه
سگهجن. جن جو ڪارليس پڻ ذڪر ڪيو آهي. چوي ٿو ته:
”هو تماڪ جام ڇڪين ٿا ۽ ڳڙ مان نڪتل شراب پڻ پسند
ڪندا آهن ۽ جنهن کي طاقت هوندي آهي، سو خريد ڪندو
آهي. هيٺئين طبقي وارا ماڻهو ڀنگ پيئندا آهن ۽
ٻيون ڀنگ مان تيار ٿيل شيون به نشي واسطي استعمال
ڪندا آهن.“(1)
مغل انتظاميا جي دور ۾ سڪا خالص هوندا هئا ۽ انهن
۾ ڪا ملاوت ڪانه هئي.(2)
اڪبر جيڪي سڪا جاري ڪيا هئا، سي سونيون مهرون،
چانديءَ جا رپيا ۽ ٽامي جا دام هئا. اڪبر جي،
چانديءَ جي رپئي جي تور 178 گرام هئي. دام کي پيسو
يا فلوس پڻ چيو ويندو هو. اهو ڳؤرو هو، سندس وزن
5. 323 گرام هو، اڪبر جي سوني مهر 9 رپين جي برابر
هئي ۽ اورنگزيب جي سوني مهر 16 رپين جي برابر هئي.
اورنگزيب جي زماني ۾ مٽاسٽا جو مُلهه في رپيو 2
شلنگ 3 پينس هو. انهن سڪن کان سواءِ پئگوڊا ۽
محمودي سڪا به هلندا هئا. پئگوڊا سڪا ڏکڻ هندستان
(بيجاپور ۽ گولڪنڊا) ۾ هلندا هئا، جيڪي سونا هئا.
في سڪي جو مُلهه ٽن کان ساڍا ٽي رپيا هو. محمودي
سڪو گجرات پاسي هلندو هو، اهو سڪو چانديءَ جو هو ۽
سندس ملهه 5/2 رپيا هو. پئگوڊا کان سواءِ سڀ سڪا
سنڌ ۾ هلندا هئا. انهن کان سواءِ پائنٽ ٽئگ
(Poynt tag)
وانگي لاڙي
(Laris)
به هلندا هئا، جيڪي چانديءَ جا هئا. ان جا 12 پينس
هڪ پيسي جي برابر هئا، اهو سڪو ايران، اولهه ايشيا
۽ سنڌ ۾ هلندو هو. لاڙ ۾ بدقسمت وٿنگٽن کي 1614ع ۾
ڌاڙيلن، اهڙن پنجن سڪن جي سور کان آجو ڪري ڇڏيو
هو. پئگوڊا ۽ محمودي شاهي ضرب خاني ۾ ڪونه ٺپيا
ويندا هئا، جن مان هڪ شاهي ضرب خانو ٺٽي ۾ هو.
ٿيوِناٽ چوي ٿو ته: ”مغل دور جو چانديءَ وارو سڪو
ٻين سڪن کان خوبصورتيءَ ۾ اعليٰ هو.“ اوونگٽن چوي
ٿو ته ”سورت وارا سون جا سڪا ايترا ته سٺا آهن، جو
جيڪڏهن يورپ ڏانهن کڻي وڃبا ته
12%
يا
14%
مٿان منافعو ملندو.“ ان هوندي به سڪي جي مٽاسٽا
ڪرڻ ۾ ڏاڍيون مشڪلاتون پيش اينديون هيون، ڇاڪاڻ ته
ان وقت ڪيترن ئي قسمن جا چانديءَ جا رپيا هلندڙ
هئا. ڪنهن مقرر دور ۾ هلندڙ رپيو ’چالاني‘ هڪ
معيار طور قبول ڪيو ويندو هو ۽ ان کان اڳوڻا سڪا
(خزانه) مختلف قسم جي رقم ۽ لاٿ ۾ مٽاسٽا ڪيا
ويندا هئا.
سنڌ جي ٻئي دور واري انگريزي ڪوٺي جي رڪارڊ ۾ رپئي
جي مختلف ٺپن سبب منجهن ڪيترا مختلف ’قدر‘ هئا.
عام طور تي پيسي جي ڏيتي ليتي انگريز ڪمپنيءَ جا
گماشتا هندو دلالن معرفت ڪندا هئا. اهو طريقو ڏاڍو
منجهيل هو ۽ انهن متعلق جيڪي شاهديون هينئر ملن
ٿيون، تن جي آڌار تي انهن کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
ننڍي سڪي جي کوٽ جي ڪري، سنڌ ۾ پهرين انگريزي ڪوٺي
جي اهلڪارن کي ڏاڍي ڏکيائي هئي، خاص طور ان وقت
جڏهن ڳوٺن ۾ وڃي غريب ڪورين کي ٽامي جي ننڍن سڪن ۾
سندن مزدوريءَ جي ادائگي ڪندا هئا. ان ڪري ڪمپني
جا جيڪي گماشتا رپين جا سڪا کنيو پيا هلندا وتندا
هئا، تن کي هميشه ننڍي سڪي جي ڏاڍي ضرورت پيش
ايندي هئي. 1724ع جون بمبئي واريون ڊائريون، سڪن
جي مختلف قسمن تي روشني وجهن ٿيون، جيڪي ڪمپنيءَ
جي ضرب خاني ۾ چانديءَ جي نئين سڪي ٺپڻ لاءِ قبول
ڪيا ويندا هئا. بمبئي جي سڪن جي ٺپ، گوا جو
سونارو، گنسيٽ، ٽڪسال جي اعليٰ آفيسر جي نگرانيءَ
۾ ڪندو هو. چاندي جي مختلف رپين جون مختلف قيمتون
ڏيکاريون ويون آهن جهڙوڪ: پلر ڊالر
(Pillar Dollar)
ميڪسيڪو،
(Maxico)
ڊڪاٽونس،
(Duccatoons)
فرينچ ڪراؤن،
(French crown)
اولڊ سيول ڊالرس
(Old Sevil dollars)
ڪروسيڊوس،
(Crusadoee)
پيرو،
(Pero)
لاين ڊالر
(Lion Dollars)
۽ جرمن ڪراؤن
(German crown)(1) وغيره. اسان کي تجارتي لکپڙهه مان معلوم ٿئي ٿو ته ارڙهينءَ
صديءَ ۾ ڪمپنيءَ جي تجارت جي نقطهءِ نگاه کان،
ڪمپنيءَ جي رپئي جي سنڌ ۾ سخت ضرورت هئي.
پيلسيئرٽ،
(Pelseart)(2)
مغل دور جي، غريب طبقي جي ڪريل حالتن جي ڏاڍي چٽي
چترڪاري ڪئي آهي.
چوڌاري غربت ۽ افلاس جي سمت ظريفي ڏسي کيس ڏاڍو
ڌچڪو رسيو هو، چوي ٿو. ”ماڻهن جا هتي ٽي طبقا آهن.
هڪڙا نالي ۾ ته آزاد آهن، پر انهن جون حالتون عام
غلام کان به بدتر آهن. ٻيا پورهيت آهن، ٽيان
هيٺئين ڪلاس جا ملازم ۽ دوڪاندار آهن. مزدورن جا
ٻه طبقا آهن: هڪڙا اهي جن کي ٿوري گهڻي ڏهاڙي ملي
ٿي، ٻين جو پورهيو بيگر ۾ هليو ٿو وڃي. کين گوشت
جي ذائقي جي خبر ئي ڪانه آهي. سندن کاڌو روزانو هڪ
جهڙو آهي. اها آهي کچڻي جيڪا چانورن ۾ ڏريل موٺ
وجهي هلڪيءَ باه تي اوٻاري ٿورو مکڻ وجهي گرم گرم
کائيندا آهن. ڏينهن جو ڀڳڙا، ڌاڻيون يا ڦلا
کائيندا وتندا آهن، جنهن سان پٺيءَ لڳل پيٽ
ڀريندا آهن.“(1)
هيءَ تصوير سنڌ جي حالتن بابت لکتن ۾ مستقل نظر
اچي ٿي. 1605ع ۾ سالبئنڪ روهڙيءَ متعلق لکيو آهي
ته اتي ’ڏاڍا ڏکويل‘ ماڻهو رهن ٿا. سن 1645ع ڌاري
سِپلر اتر سنڌ جي هارين کي ڏاڍيءَ دکدائڪ حالت ۾
ڏٺو ۽ سن 1836ع ۾ ڪارليس اهڙي ئي غربت لاڙ ۾ پڻ
ڏٺي. سن 1847ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر جو اطلاع، جيڪو هن
آفيسرن واري ڪاروباري ۽ محتاط زبان ۾ ڏنو، ته ان
به غريب طبقي جي ساڳي حالت بيان ڪئي آهي. اهڙيءَ
ريت درياه جي اٿل جي ڪري سنڌ جي زرخيز زمين جتي
تمام ڀلا فصل ٿي پيدا ٿيا ته به غريبن جي حالت اها
هئي جو ’آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا.‘ حقيقت اها
آهي ته کيتيءَ، صنعت، يا ٻئي اتفاقي پورهئي جي
اجوري جو زمين جي پيدائش ۽ صنعتي پيداوار سان
ايترو تعلق ڪونه هوندو آهي، ان جو مطلب ۽ رسد جي
توازن تي مدار هوندو آهي يا ته پورهيت کي حڪومت
طرفان توڙي سماجي معيارن مطابق پنهنجي پورهيي جو
ڦل کائڻ جي جيتري اجازت هوندي، هو اوترو حاصل
ڪندو.
سنڌ، عام طور تي هندستان جيان مغل ۽ ڪلهوڙا دور جي
لڳاتار ٽڪراءُ ۽ دشمنيءَ وارين حالتن سبب غربت ۽
افلاس جي چڪيءَ ۾ اٽي جيان پيسجي رهي هئي. انهن
ڏکوئيندڙ حقيقتن کي قبول ڪرڻ کان پوءِ اسان پنهنجو
وقت رڳو افسوس ڪرڻ ۾ وڃائي ڇڏينداسون، ڇاڪاڻ ته ان
وقت ڪير به اهو طريقو بدلائي ڪونه سگهي ها، جيڪو
هندستاني جيوت، نيمن ۽ سماجي ريتن رسمن ۾ گهر ڪري
چڪو هو. ساڳئي وقت يورپ ۾ به غريبن جي حياتي ڏاڍن
ڏکن ۽ سورن ۾ هئي، جيئن فاروقيءَ ان متعلق چٽي ريت
اشارو ڏنو آهي. مغل ۽ ڪلهوڙا ٻئي هڪ جهڙا ۽ هڪ ئي
دور جي مخلوق هئا. اهو دور به موجوده وقت کان وڌيڪ
بي حس ۽ سخت هو. عام ماڻهو فقط زنده رهڻ واري
جدوجهد ۾ پورو هو. اڄ وانگر ڪونه هو. جڏهن ته امن
امان ۽ قانون جي احترام، حياتيءَ جي تحفظ ۽ جدوجهد
سان ئي دولت پيدا ٿئي ٿي ۽ دولت مان رياست جي طاقت
اڀري ٿي، جيڪا مظلوم انسانن جي مصيبتن دور ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري ٿي.
|