نائون داستان
بُکَ وڌائون بگرئين جوڳي ڪندا جُڃ،
طلب رکن نه طعام جي پيو پِيَن اُڃ،
لاهوتين لطيف چئي من ماري ڪيو مڃُ،
سامي جهاڳي سُڃ، وسينءَ کي ويجها ٿيا.
V. THE HOLY MEN (VII)
Their wallets with hunger they filled.
For this is the way of their feast;
And thirst is their drinking. For food
Jogis have not a care in the least.
The men of Lahut, saith Latif.
Have twisted their minds like munj-grass.
The Swamis who wandered thorught wastes
Leave the wastes and to clustered huts pass.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
ان جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
They measured the loin cloth of Love
And girdled themselves with it round.
As naked they entered this world
So naked they go from its bound.
سَٻيريءَ، سيد چئي جي ٿا پڇن اَن،
تن ڪاپڙين ڪونهي ڪن، جوڳي چائن جاڙ ٿا.
And the signs of the Swamis are clear
Where the sun's eastern rising is found.
Those Swamis who first thing at morn,
Saith the Sayid, made question for food,
Such Swamis are shameless : in vain
Can such men as Swamis be good.
ويٺو پڇين پر، ڪر ڪا هِئار هلڻ جي،
اَڄ آ ديسي مَرُ، سُڀان مرندو سڀڪو.
Thou art asking for things that are past.
Make ready, go now, now instead.
Die today, die, Adesi, today:
Tomorrow will all men be dead.
مرڻ مُسلم جن، واحد تن نه وِسري،
مٿي سڳر ڪاپڙي نانگا ننڊ نه ڪن،
نيڻ سندائي تن، اوجاڳي اُجاريا.
All men who to death are resigned
The One God can never forget,
As they go on their path, the ungirt,
No sleep for ascetics is set
And a vigil keeps brightening the eyes
Of them who with waking are met.
گندي ۽ گِراه، جن سناسين سانڍيو،
اُنهن کان اَلله، اَڃا اڳاهون ٿيو.
From Sanyasis who thought them of clothes,
And of morsels of food to be fed,
Stands Allah still farther away.
گذر گئي گذران، ڪِين قبولج ڪاپڙي،
عليءَ جو ميدان، سڳر سناسين کي.
What is past hath vanished and fled.
Ascetic, take Nothing's own self.
For Sanyasis the path's Ali's field.
ويٺا ڌوڙ ڌڻي، عليءَ جي ميدان ۾،
تَرڪ ڪيائون تڪيا پريون پنڌ سُڻي،
ڪندين ڪوهُ هَڻي، طعنا ماري تن کي.
They are seated with dust on their heads
Where the plain of Lord Ali's revealed.
When they heard that the distance was great
They left habitations and haunts.
And how wilt thou deal with the folk
Whom thou kill'st with reproaches and taunts?
بک جنهين جي بِکيا، ڌوڙِ تنهِين جو ڌُوپُ،
ڪيائون سو روپ، جئان لوڪ لڄ ٿئي.
Those who find alms in hunger are they
Who take for their incense the dust:
Having clothed themselves with a shape
That the throng sees with shame and disgust.
جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا، جان جان سو نه پسن،
تان تان سناسين، وِرهِ وهامي راتڙي.
For as long as they look, but see not
Why Jogis to Jogidom grew,
So long separation-sprung pain
Racks Sanyasis the weary night through.
نه کلن، نه کائن ڪي، نڪي ڳالهائين،
ڪنهن جنهن ۾ آهينِ، سو پَر پَروڙڻ ڏاکڙو.
Not a smile, without eating or speech,
Of such state or such trance they are part,
That its meaning is hard to divine.
دلق ڍڪائج دل کي، لائج ڪو مَ لباس،
پوري کائج پانهنجو مڙِهيان اَندر ماس،
ته ويراڳي تو واسُ، بر ۾ بُويون موڪلي.
Throw the mendicant's dress 'er thine heart.
Deck thyself out in no showy garb:
Close the innermost port of thy soul.
Eat thy flesh, O Bairagi. Its scent
Let thine incense o'er desert-land roll.
سُر ڪاپائتي
پهريون داستان
ڪتڻ جي ڪانه ڪرئين، سُتِينءَ ساهي هڏ،
سُڀا ايندءِ اوچتي عيد اُگهاڙن گڏ،
جِتِ سرتيون ڪنديون سڏ، اُتِ سڪندينءَ سينگار کي.
VI. THE SPINNER (I)
You're not keen on spinning! But sleeping and
rest
You must have for your bones? All at once Id
will come
And the folk without clothes wanting holiday
best.
You'll be wanting yourself fine clothes to
display
Where your girl friends are calling you out for
the day.
پائي ڏور اَرٽَ ۾ ڪَتِين نه ڪُوڙي،
وِهائين وڌائين ڀڻي سدا سنڀُوڙي،
مٿي جنهن مُوڙي، سا ڪيئن وِهي ويسلي؟
You don't spin. You jade, or in wheel thread
insert.
But you're always at hand for the weddings and
throngs.
Can a girl with a load on her head sit inert
Doing nothing at all? While today, I daresay,
You are dying for clothes, you spun none
yesterday.
اڄ پُڻ اُجهڻ کي مرين، نڪي ڪِتوءِ ڪالهه،
ڀوري توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترا؟
Stupid fool, will your husband his favours
bestow
Upon you, how many? You idled away
The days meant for spinning, a fool not to go
Near the wheel with the ball to be spun in your
hand!
Now you're big, will you see any thread on the
stand?
سي تو ويهي وِڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن،
اَرٽ اوڏي نه ٿئين ڀوري ڀورو سينءَ،
تَندُ پسندينءَ ڪينءَ، هاڻي تون وڏي ٿيِنءَ.
Even though you're grown big, rise, and come to
the seat.
Take a spell with the rest of the women who spin
Don't do anything else, so the merchant can
treat
With you too to-morrow when spinners he calls:
Like as gold are your hands for the spinning of
balls.
سونَ سارِيڪا هَٿڙا، ڪُہُ نه ڪتين رِڏَ،
ويهي ڪنڊ ڪاپو ڪر، تون ڳٽين ڳالهيون ڇڏ،
ته صرافاڻي سِڏ، مرڪيو هوندَ مٽائيين.
Why don't you spin then, you poor stupid fool?
Take your seat in the corner and spin. Put a
stop
To the chattering talk. When the merchant comes,
you'll
Change your goods with a smile for a price that
is fair.
Use that old broken wheel, till the red one is
there.
ساڻ ڀڳيئي ڀير، جيسين رتو راسِ ٿئي،
بُريءَ بيڪاريءَ سين هاري پاڻ مَ هيرِ،
ڪَتُ، ڪتينديون ڪير؟ نئين سين نڄاڻجي.
Fool, don't make a way of enduring bugbears
Of idleness. Spin! For God alone knows
Who will spin with the new wheel.
ڀيرئين ۽ ڀانئين اينءَ وِڏُ وڻون ڪانڌ،
ويٺي اور اَرٽ سين ڳچيءَ پايو پاندُ،
ته تنهنجو وڙواند، ڪِتو وتو نه ٿئي.
You give yourself airs
When you turn the wheel round. So your husband's
annoyed.
Wrap the cloth round your neck. At the whell sit
employed.
Lest your toil, sorry fool, at the wheel to
waste goes.
مَڇڻ ڀاڳ ڀَرُ ڏِئينِ، ڪَتَ ڪنبندي آءُ،
جڏهن تڏهن ما5، ڀِرَن ڀيرم واريون.
VI. THE SPINNER (II)
Spin, tremble and spin,
Lest good luck you spurn.
Those who spin, mother, meet
And forgather each turn.
چاوَت پائي چِت ۾ سنهو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.
With conceit in their hearts
If fine yarn they spun,
Not an ounce would the merchants
Accept of the run.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.
With love in their hearts
If they spun but poor stuff,
The merchants would take it
Unweighed a enough.
ڪو جو وَهَ ڪاپاتئين ڪتنِ ۽ ڪَنبن،
ڪارڻ سُود سواريون آتڻ منجهه اچن،
اُن جي سونهن، سيّد چئي، ٿا صراف سِڪَنِ،
اڳئان سٽ سندِن، پائي ترازيءَ توريا.
What a wonderful thought
These spinners conceive:
They tremble and spin.
For their gain they believe
It is best to come early
At morn to their seats.
' Merchants dote on their beauty'.
(Te Sayid repeats),
Their yarn was accepted
And put on the scales:
The merchants then weighed it
To add to their bales.
سُٽُ تنهين جو سڦرو، جي پر ۾ پڃائين،
آوازُ پنهنجي اَرِٽَ جو ساه نه سُڻائين،
لِڪايو، لطيف چئي، ڪَنبيو ڪَتائين،
جي ماڻڪ موٽائين، توءِ مُلههُ مهانگو اُن جو.
Their yarn is of use
Who card it in quiet,
Who breathe not a breath
Of the spinning wheel's riot.
Without show they tremble,
Latif says, and spin.
If your yarn in exchange
Wealth of rubies won't win.
Still its value will rise
To a very good price.
تنبائي تاڪيد سين جه پڃايو پاءُ،
لَسي تندُ، لطيف چئي، هلي تن هٿاءُ،
مِلمِل منجهان ماءُ، جي سکيون تن سونُ ڪيو.
VI. THE SPINNER (III)
'O smooth is the yarn that comes from the hands
That teased cotton carefully carding the
strands.
O mother, those girls who from muslin were taugh
The toil of their hands to a golden wealth
brought.'
پلئه پايو پوڻيون دردر ڀيرا ڏئي،
ڪا مون ڪَتائي، آءٌ ڪَپاتي آهيان.
But she in her dress tucks the cotton away
And wanders from doorway to doorway to say:
'This cotton who wants spun by me? For I spin.
ٽَڪُ وِنگي، وَرَ گهڻا، ڪتيان ڪُڄاڙو؟
ڪاپي مٿان ڪيترو آڻيان اُڌارو؟
جي وَر ڏِئي وارو، ته سونهان سرتِينِ وچ ۾.
The spindle is crooked. Without and within
The yarn is twisted. Can spinning be done?
How much shall I gain from the cotton I spun?
By the favour of luck midst my friends I'll be
glad.'
جا سَنهُون ڪَتڻ نه سِکي، سا مر رنڍائي روڙي،
صراف اُنهي جي سُٽَ کي پڻِ نيندا توري،
ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وَڙُ ڪندا.
In spinning fine yarn no learning she had.
Well! Let her spin coarse thread: the merchants
will take
Even that on their scales, be it thick, and poor
weight,
And grace with their bounty the girl of ill
fate.
چرکو پنهنجي چت ۾ پئي ڀيريو جن،
توڙي ڪَمِ ڪَتن، ته به ڪانڌُ اُن جو ڪوڏيو.
Other girls turned their wheels while fear in
heart stood:
Whatever their work was, their husbands found
good.
تان جي توريائون، ته عيب نکتا آ ڳڻيا،
ڪوٺي ڪاپاتيءَ کي پر ۾ پُڇيائون،
چي: اگلڙي آئون، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا.
When her cotton was weighed came the old flaws
to view.
They called up the spinner and questioned her
too,
Apart, and she said 'I'm a poor lazy drudge;
The hard bits of cotton I could not dislodge.
وييون ڪنهن وِگهي تڙِ ڀيڙا ڀڃي ماءُ،
اَتڻ مٿي اُسرِي آيس اُنهن لاءِ،
تِنئان هڪ لڪاءِ، جنهين سُورُ سرير ۾.
The spinners, O mother, have teased out their
stuff
And gone to the quay for some reason enough.
I came up to meet them, from spinning seat rose.
Not one of them all in her body pain knows.
اولاڻيان آرِٽ، ڪيڏانهن ڪتڻ واريون؟
پهيون مٿي پَت، لڙجن لاکيڙين جُون.
The wheels are dismantled. The spinners where
flown?
The clews of the worthies on floor have been
thrown.
ڪتي ڪتي ڪالهه، اَڄ نه آتڻ آئيون،
ارٽ اُکلي مالهه، پوري وييون نِجهُرا.
Yesterday all day long they spun and they spun.
Today at the seats there is present not one.
From their wheels they removed the cord of the
cuts:
And now they have gone and closed up their huts.
نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازاريون، هِينئڙو مون لوڻ لهي.
In the midst of the tress no cotton plants are:
So here are no spinners. The empty bazaar
Has ensalted my heart.' Foolish girl, in your
brain
وائي
ڪا هنئين سين لاءِ، ڀوري ڪا هنئين سين لاءِ،
تنبائي تاڪيد سين جِن پڃايو پاءُ،
لَسي تند، لطيف چئي، هلي تن هَٿاءُ،
پهيون تنهنجيون جهرڪن جهوريون ٻيون اُڏايون واءَ،
ارٽ پاسي اوجهرين، توکي سمهڻَ آيو ساءُ.
This truth ponder well and ponder again.
There were spinners who teased out the cotton
with care.
By their hands (let it be but an ounce in the
tare)
Fine yarn was produced. But your clews went
astray:
By sparrows they'er ruined: by wind blown away.
You doze by your wheel held in sleep's pleasant
sway.
ڪاپاتِيءَ ڪَتيو ٿلهو ۽ ٿورو،
اَگهائي شال، عنات چئي، هن ڏڏيءَ جو ڏورو!
جِتِ تُرندو تورو، تت ڪاڻياري ڪا مَ ٿئي.
The work of her spinning was scanty and rough.
Let the thread of the duffer be counted enough,
(In the words of Inayat), nor in need let her
fail
When her bundles of cotton are weighed in the
scale.
سسئي ۽ پنهون
ڪهاڻي
سسئي هڪ دولتمند هندو برهمڻ جي ڌيءَ هئي ۽ ڏاڍي
سهڻي هئي. جنهن کي بعد ۾ ڀنڀور جي هڪ امير ماڻهو
ڌيءُ ڪري پاليو، جيڪا بعد ۾ ڀنڀور جي حڪمران بڻي.
ڪيچ ۾ ڏڪار جي ڪري، اَن خريد ڪرڻ واسطي هڪ قافلو
موڪليو ويو. ان قافلي جي سردار، سسئي کان اَن جي
قيمت جي ادائگي جي معافي ان بهاني حاصل ڪري ورتي
ته هو ڪيچ جي حڪمران آري ڄام جي پٽ پنهونءَ کي
ڀنڀور ۾ وٺي ايندو. اهو نوجوان مرداڻي خوبصورتيءَ
۾ ڏاڍو مشهور هو ۽ سسئي ان سان ملڻ ٿي گهريو.
سردار پنهنجي قافلي کي ڀنڀور ۾ ڇڏي ڪيچ موٽي ويو،
۽ پنهونءَ کي ڀنڀور وٺي آيو. سسئي ۽ پنهونءَ جي
پاڻ ۾ ڏاڍي پريت ٿي وئي. جڏهن قافلو اُٺن تي اَنُ
لڏي ڪيچ پهتو ته انهن سان گڏ پنهون ڪونه ويو. آري
ڄام پنهنجي پٽ جي موٽي نه اچڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽
قافلي جي سردار سان، پنهونءَ کي وٺي اچڻ لاءِ سندس
ٻه ڀائر به گڏي موڪليا. قافلي موٽي اچڻ جو بهانو
اهو ڪيو ته هو ڀنڀور گهمڻ آيا آهن. هڪ رات پنهون
جا ڀائر کيس کڻي هليا ويا. سسئيءَ صبح جو اٿي ڏٺو
اڱڻ ۾ اُٺ آهن ئي ڪونه، نه وري پنهون گهر ۾ موجود
آهي. ڏک جي صدمي ۾ پيرين پيادي اُڍن جو گس وٺي پنڌ
پيِئي. ڀنڀور ۾ ڪيچ جي وچ واري برپٽ بيابان علائقي
مان، اڪيلي سر ڪشالا ڪڍندي ڏونگر ڏوريندي رهي ۽
پنهونءَ کي ڳوليندي ڳوليندي مري وئي. سسئي- پنهون
متعلق شاعري فقط انهن واقعن تائين محدود آهي: جڏهن
سسئي ڏٺو اٺ هليا ويا آهن ۽ پنهون ڀنڀور مان وڃي
چڪو آهي. اهو اشارو ته سسئيءَ پنهنجو ڪجهه وقت
ڌوٻين سان گذاريو، ڪهاڻي جو اهو نقطو ٻڌائي ٿو ته
پنهونءَ جي هن سان محبت وقت خود پنهون ساڻس ٻٽ ٿي
ڪپڙن ڌئارڻ ۾ مدد ڪرائيندو هو. ڪيچ جي ماڻهن کي
ڪيچي سڏيو ويو آهي ۽ ڪيچ بلوچستان ۾ آهي، ڪيچي
بلوچ آهن. پنهون آريءَ جو پٽ هو، جنهن لاءِ چيو
وڃي ٿو ته آرياڻي قبيلي سان تعلق رکندو هو. شاعر
آرياڻيءَ کي ’آريچا‘ جي نالي سان به سڏيو آهي.
سُر
رپ
پهريون داستان
ڪَهَڻ ته ڪچائي، سور سانڍڻ نه سٿرا،
اَڃا ته آئي، ڏيل منهنجي ڏک سين.
I
It is not right to tell one's woe
And yet it is not easy
To keep one's sorrow. Even so
Within my heart with twisting pain
Unfittingness now comes again.
جيئن سو ٿئيءَ ترو، کامي کوري وچ ۾،
مون کي ڏنو سڄڻين منجهان سڪ سرو،
ور جهيڻون اي ٻرو، مچ ٿوڙائو سڄڻين.
Somehow or other in the kiln
The vessel's nether rim is baking.
A sip of wine from love's own still
I had from friends; but better far
Low fevers then non-union are.
اُڀريم اَنگورَ، ستي سپيرن جا،
کايو کايو سورَ، لُڇيو لوچيو اُٿيان.
I slept and there within me grew
The branching of my loved one's vine.
For food pain, sorrow's pain, I knew
I writhe and struggle in my grief
Which stoppeth not to bring relief.
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئَڙو اوٺي وڳ جان،
مون پريان جو نينهن، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو.
All day my heart is out of place
As strays the herd of camels far.
I loved no love to love displace.
My head is cloudy: from mine eyes
The misty fogbanks do not rise.
ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻين نه لهي،
اَڄ به منهنجي من ۾ اُٺا پرين اَپار،
آءُ سڄڻ لهه ساز، وره ويڙهي آهيان.
Within my heart hath rained today
The plenteous showering of my love.
Beloved, come, and carefully
Look after me. For I am wrapped
In separation and entrapped.
سُتي سنڀريوم، ڪو گُن ٻاروچن جو،
ڪنڌ وِهاڻو ڀنو هريو هٿ ٿيوم،
سڄڻ ياد پيوم، جاڙَ جيان ٿي جيڏيون.
Some virtue had Baluchis yet,
Thus I remembered in my sleep.
The pillow at my head is wet,
Is damp with weeping. Grief is green:
Upon my hand the tears are seen.
نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکئين،
اُجهاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين.
Beloved, bring me to thy mind.
O girls, my life is passed in vain.
Mine eyes sleep not: they do not find
Within them idle ways! They blaze
Extinguished. Friend, thy memory stays.
ٻيو داستان
اتر اوتون ڏئي، نه مون سوڙِ نه گبرو،
سيءُ ساڙيندو سي، جنهين نِنڌر نِجُهرا.
II
The wind from the north
In its might hath gone forth.
I have neither blanket nor sheet.
Parching cold will unnerve them
Whose huts cannot serve them
Which totter when wintry winds beat.
اُتر ڏني اوت، نه مون سوڙ نه گبرو،
چارئي چنيءَ پوت، مون ريڙهيندي رات گئي.
The wind from the noth
In its might hath gone forth.
I have neigher blanket nor sheet.
And all the night through
The sheet I pulled to
In the hope that its four ends would meet.
نينهن نهانئينءَ جيئن، ڍڪيو ڪُہَ نه ڍڪئين؟
جُه ڄر ڄيري ڇڏي ته رَڇ پَڄندا ڪيئَن؟
تون پڻ ڪَرِج تيئن، جئن ڪنڀار ڪن ڪم سين.
Like the kiln potters shut,
Thy love dost thou not
Cover up? If the heat from kiln go,
Can the pots heardened be?
Keep the heat within thee
As potters preserve the fierce glow.
نهانئينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي راتو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
Learn love's test of skill,
O my love, from the kiln.
Though it burneth by night and by day,
From within its hot heart
Not a vapour doth start
The heat that's within to betray.
سُر ڏاهَرُ
پهريون داستان
ڌڻي ورائي واءُ، جو ميڙائُو سڄڻين،
ونهينءَ واٽ مٿاءُ، هينئڙي اَسر نه لهي.
III
O may the Lord cause wind to blow
That jointh friends together.
Go: that way choose, lest heart may lose
All hope of kindly weather.
ڪيچين ڪارڻ ڪالهه، نيڻ نهارا مون ڪيا،
ايندي پسان شال، اوٺي آري ڄام جا!
Mine eyes I lifted yesterday
To search for Kechis faring.
Grant I may see the camelmen
Of Ari Lord appearing.
نيڻ نهاري منهنجا روئي ٿيا رت،
پنهل هوءِ پَهتُ، پورهيت نِيَڻُ پاڻ سان.
My gazing eyes were filled with blood.
O Punhun, this beseemeth,
To take with thee thine handmaid, me.
Today with hope that teemeth
اڄ اڱڻ ڪيڻان، اَسر لڳي سوريان،
ڏونگر ڏينهن لڳان، مانُ وِرَڪن سُپرين!
I cleanse the courtyard for their sake.
So long ago they parted
As mountain's age is. May my friends
Come hither whence they started.
اللهُ جئن نلوءِ، تيئن مان وڏو آسرو،
خالق تنهنجي کاند جو پرو پاندُ نه ڪوءِ،
نالو رَبُ سندوءِ، رهيو آهم رُوحَ ۾.
O Allah, like Thy Name, as great
My hope is. Vast, unbounded
Thy patience reigns, Creator, Lord
Within my soul is founded
مِٺو جئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو،
ڪو در ناه جهوءِ، مون دَر گهڻا ديکِيا.
The Name of Thee: as sweet it be,
So lives my great hope sweetly.
No door like Thine is. I have seen
Of doors my round completely.
مَ ڪَر ڍولَ ڍِلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪميڻيءَ جو ناه ڪو بنان تو بِلو،
تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.
O loose not, Thou, the bond of her
Who humble is and lonely.
Thy Name my one sole shelter is:
Thy Name I cling to only.
ٽيون داستان
وڏي وڳر هيرئين، چڻي نه ٻين گڏ،
ڪونج ڪريندي سڏ، ويئي وهامي راتڙي.
The little crane is wont to be
Where'er of cranes the flocking throng is:
From her own kind to feed apart
Against the crane-clan's law a wrong is.
O little crane, send forth thy call.
The night hath sped: the night is speeded.
قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روه،
ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه، رزق رازق هٿ ۾.
Fate hither brought the wandering cranes:
It was their mountain land they needed.
No blame to any! Food will be
In the Provider's hand for thee.
وڳر ۾ وائي، ڪالهه تنهنجي ڪونجڙي،
سَرَ ۾ سارينئي گهڻو، ڀينر ۽ ڀائي،
پسين نه ڦاهي، جا ماريءَ سندي هٿ ۾.
O little crane, within the wisp
There was a talking yesterday.
In swamp thy brethren, sistern keep
Of thee a goodly memory.
Alas! Thou dost not see the net
That in the fowler's hand is set.
سُر ڪوهياري
پهريون داستان
غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪِئن اڻاسي اوجهريِن؟
چُپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ،
نيڻين ننڊ اُکوڙ، جَمِ ورن ۾ واڪا ڪرين.
Lax One, From Laxness Cease.
Thou Sleepest? Shame Thy Soul!
The Drivers Quickly Off
Ere Now Have Reached Their Goal.
Go, Sleep, Lest Winding Ways
In Crying Take Thy Toll.
سنجهي رهينءَ سمهي، غافل منجهه گهرن،
ليڙن جو، لطيف چئي، ڪرڳل سوءِ نه ڪن،
سي ڪينءَ محب مڙن، جي سنجهي رهن سمهي.
Neglectful, thou at eve
Didst sleep thy house within.
Thine ears indeed were deaf
To hear no camel's din.
Can they who sleep at eve
Beloved's union win?
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
Rise, sleeping one, awake.
So much thou should'st not sleep.
Thou mayst not savour the Sultan's favour
If sleep thy senses steep.
ڪي سمهه، ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
اي مانجهاندي ماڳ، جو تو ساڻيهه ڀانئيو.
Part sleep, part vigil make:
To sleep o'er much is fault.
Thou thought'st this home where thou art come.
Nay! 'tis but traveller's halt.
ستي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،
وهامي وينداءِ، گهڻا هڻندءِ هٿڙا.
Sleep will not serve thee well.
'Where is Beloved? say.
Thy time will go: wrung hands will know
The sad repentant's way.
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي وِلها ٿيا.
Fools Saw The Froth And Passed:
The Milk They Did Not Taste.
For Worldly Greed They Sank Their Creed
And Laid Their Souls Awaste.
|