”جڏهن مون هن کي فرمان پيش ڪيو، ڏسي سڃاڻڻ کان
پوءِ وڏي ادب ۽ احترام سان ان کي ٽي دفعا پنهنجي
مٿي تي رکيائين ۽ اهڙيءَ طرح ٽي دفعا پنهنجي اکين
تي رکيائين. پڙهڻ کان پوءِ هن محصول جي آفيسر
ڏانهن ماڻهو موڪليو ۽ منهنجي روبرو انهن کي چيائين
ته تمام ٿورو محصول وٺي، جهازن کي هڪدم اڳتي وڃڻ
لاءِ ڇڏيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي جهاز آصف خان جي خدمت
واسطي آيا آهن. انهيءَ حڪم تي هنن سامان جي هڪدم
چڪاس ڪئي ۽ ڪوٺيءَ جا اهلڪار ته ايڏا خوش ٿيا جو
منهنجا ٿورا مڃيندي ٿڪيائي ڪونه ٿي.“(2)
هي احوال جيڪو محصول جي اوڳاڙڻ جي طريقي سان
لاڳاپيل آهي سو ڏاڍو دلچسپ آهي، خاص طور تي شاهي
دربار کان آيل خط جي گورنر وٽ اهميت ۽ گورنر جو
لکت جي نموني کي ۽ شاهي مهر کي ڏسي هڪدم سڃاڻڻ.
1641ع ۾ انتظام نڪولس وٿنگٽن جي زماني کان ڪجهه
بهتر نظر اچي ٿو. ان کان پوءِ تباه ٿيل چرچ کي ڏسڻ
لاءِ مئنرڪ لاهري بندر ڏانهن هليو وڃي ٿو. اتي هن
مشن جي مهتمم اعليٰ فادر جورگي ڊي لان ئٽويڊاڊ سان
ملاقات ڪئي ۽ چرچ جي ٻيهر تعمير متعلق ڳالهايو.
بعد ۾ ٻئي ڄڻا ٺٽي موٽي آيا. مئنرڪ ٻڌائي ٿو ته ان
سفر ۾ کين ٻه ڏينهن لڳا. ٺٽي ۾ هنن چرچ جي ٻيهر
تعمير متعلق ڪم ڪار جو گورنر سان بندوبست ڪيو.
مئنرڪ جي مرضي اها هئي ته چرچ جي تعمير جو ڪم شرو
ڪرائي پوءِ هو درياه رستي اوڀارو، ٻيڙي ۾ سوار ٿي
لاهور هليو وڃي، بعد ۾ هن سياحن جو مشورو مڃيو ته
ٻيڙيءَ رستي درياه ۾ اوڀارو سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي
۽ پوءِ هن جيسلمير رستي خشڪي جو سفر اختيار ڪيو.
اوهيڙي جي اوڪن، اٺن جي رستي مسافريءَ کي مشڪل
بنائي وڌو هو، تنهن ڪري مئنرڪ کي، حالتن جي سڌرڻ
تائين ٺٽي ۾ ترسڻو پيو. هن انتظار جو مهينو ٺٽي ۾
گذاريو ۽ سارو وقت ٺٽي جي اهم ڳالهين کي نظر مان
ڪڍڻ ۾ گهاريائين.
هن جا گهڻا اندازا مذهبي تعصب جي رنگ ۾ رنگيل آهن.
هن شهر جي شاهوڪار هجڻ، کاڌي پيتي جي شين جي
فراواني ۽ اردگرد جي علائقي جي شادابيءَ ڏانهن
گهڻو ڌيان ڏنو آهي. هو چوي ٿو ته ”اتي ڪپهه جو وڏو
مقدار اچي ڪٺو ٿئي ٿو ۽ ٻه هزار اهڙا آڏاڻا آهن،
جن تي فقط تمام اوچي قسم جو ڪپڙو اُڄي ٿو ۽ ايشيا
جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن برآمد ٿئي ٿو ۽ اهو ڪپڙو
پورچوگال به برآمد ڪيو ويندو آهي.“(1)
هتي اهڙي قسم جو پَٽُ موجود هو، جنهن مان نفيس سلڪ
(Taffeta)
۽ نسهڙو ريشم
(Tafecirear)
جو بهترين ڪپڙو اڄندو هو. هو چمڙي جي برآمدي مال
تي به ڌيان ڏيئي ٿو جيڪو ٺٽي کان ٻاهر موڪليو
ويندو هو. ماهي مال جي گهڻائي ۽ چمڙي جي تجارتي
مال جي صنعت پنهنجي جوڀن تي هئي. ”پورچوگيز انهن
مان هڪ نموني کي ’سنڌ ليدر‘ ڪري سڏيندا هئا، جنهن
جي مٿئين پاسي کي رنگين پٽ سان ڀرت ڀري ڏاڍو سهڻو
ڪري سينگاريندا هئا، نمونا ڏاڍا پيارا ۽ دلڪش هئا،
مٿن پٽ جي سهڻي ڪناري هڻندا هئا ۽ ڇيڙن وٽ پٽ جون
جهالرون به رکيل هونديون هيون.“(2)
مئنرڪ چوي ٿو ته اهڙي قسم جون چمڙي مان ٺهيل شيون
ميزپوش جو ڪم ڏينديون هيون ۽ استقباليه ڪمرن ۾
سونهن خاطر ٽنگيون وينديون هيون. جيئن ته اهي گرم
موسم ۾ ٿڌيون ۽ نرم هيون، ان ڪري بسترن جي چادرن
طور به استعمال ڪيون وينديون هيون. انهن کي گهوڙن
جي جُهلن طور به استعمال ڪيو ويندو هو. شهر جا
ڪاريگر انهن منجهان ڏاڍيون خوبصورت پٿراڻيون،
وڇاڻا ۽ سوڙيون به جوڙيندا هئا، جن کي ’سنڌي
پٿراڻيون‘ سڏيو ويندو هو، جيڪي ’رضائي‘ جو هڪ قسم
هيون. مئنرڪ چوي ٿو ته شهر ۾ فرنگين جي آدمشماري
گهڻي هئي. هن شهر جي بندر تي بيٺل جهاز هر قسم جي
مال سان ڀريل هوندا هئا.
مئنرڪ طبيعت ۾ هڪ عيسائي مشنري جو ماڻهو هو، تنهن
ڪري ماڻهن جي روين ۽ اخلاق کي وڌيڪ دلچسپيءَ سان
جاچيندو هو بنسبت سندن اقتصادي سرگرمين جي هو
ماڻهن جي سٺي اخلاق ۽ سهڻي رويي جو ڪو ذڪر نٿو
ڪري. هن جي خيال موجب سڄو شهر بي انصافيءَ جي کڏ ۾
ٻڏو پيو هو. جنهن ۾ غير فطري برايون ڏينهون ڏينهن
ترقي ڪري رهيون هيون، مفعول مرد عورتن جا ڪپڙا
پايو گهٽين ۾ آزاد ڦري رهيا هئا. عورتن جي
منافقاڻي طرز عمل، جن کي عام طور تي عصمت فروش
عورتون ڪري چئجي، انهن جي خلاف نفرت ڀريا لفظ بيان
ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته اهي عورتون دنيا کي ڌڪارڻ جو
اعلان ڪندي به جنسي بداخلاقيءَ جو سڀ کان شرمناڪ
عمل کلئي عام گهٽين ۾ هن بي شرميءَ جي عمل ۾ رڌل
آهن، تن کي دنياداري ۽ دنيا کي تياڳيندڙ عورتون
سمجهيو وڃي ٿو.“(1)
3- نڪولاؤ مينوسي (1659ع)
نڪولائو مينوسي وينس شهر جو رهاڪو ۽ مهم جُو هو،
جنهن کي آروِن، ’مغل انڊيا جو رولاڪ‘ سڏي ٿو، جڏهن
سنڌ ۾ آيو ۽ بکر جي محاصري ۾ حصو ورتائين ته ڳڀرو
جوان هو. هن واقعي کان ٿورو اڳ، پنهنجي انگريز
مالڪ بيل مانٽ جي وفات کان پوءِ هن، دارا شڪوه جي
هڪ توبچيءَ طور نوڪري ڪئي(2).
پاڻ دارا ۽ اورنگزيب واريءَ گهرو لڙائي ۾ دارا
شڪوه جي فوج ۾ هو. ان وقت مينوسيءَ جي عمر وڌ ۾ وڌ
19 يا 20 سال هئي. هو جيڪا به ڳالهه ٻڌائي ٿو صاف
صاف ٻڌائي ٿو پر گهڻو ڪري افسانوي رنگ ۾ به ٻڌائي
ٿو. سن 1659ع ۾ جيڪي سنڌ ۾ هن پنهنجي اکين سان ڏٺو
آهي سو ڪو مبالغو ڪونهي يا اهڙي ڳالهه ناهي جنهن
تي اعتبار ئي نه ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ بکر جي حملي
جون يادگريون ان واقعي ٿيڻ کان گهڻيون پوءِ لکيل
ٿيون ڀانئجن. ان گهرو لڙائيءَ جون سنڌ جي سرحد
اندر جيڪي حقيقتون ظهور پذير ٿيون سي ’سرڪار‘ جي
’هسٽري آف اورنگزيب‘ ۾ چٽي ريت اجاگر ڪيل آهن.(1)
مينوسي کي رڳو بکر جي قلعي جي يادگيري آهي.
دارا پنهنجي آهستي آهستي گهٽجندڙ فوج سان سنڌ
ڏانهن اچي رهيو هو ۽ سندس ڪڍ اورنگزيب جي فوج هئي،
جيڪا ٻن حصن ۾ ورهايل هئي، هڪ حصو شيخ مصر جي هٿ
هيٺ هو ۽ سنڌو درياه جي ساڄي پاسي کان اڳتي
ڌوڪيندو ٿي ويو ۽ فوج جو ٻيو حصو صف شڪن جي زير
ڪمان هو ۽ فوج کي سنڌو درياه جو کاٻو پاسو ڏياريو
بکر وٺيو پئي آيو. شيخ مصر ٽن ڏينهن ۾ 160 ميل پنڌ
هڻي اڳ ۾ بکر پهتو، رستي ۾ جهنگل، ڪنڊن ۽ ناهموار
زمين سبب هن کي وڏين مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو.
انهن ٽن ڏينهن جي مصيبت ۾ ڪيترائي بار برداريءَ جا
جانور مري ويا. لشڪر ٿڪجي پيو. کاڌي خوراڪ جون
شيون کپي ويون.(1)
جڏهن شاهي فوج سکر پهتي ته پتو پيو ته دارا اڳئي
سنڌو درياه جي ڏکڻ طرف وڃي چڪو هو ۽ بکر جي قلعي ۾
گهڻو مال ملڪيت ۽ پنهنجي حرم جون ڪيتريون عورتون،
ڪيترو مال خزانو، سون ۽ چانديءَ جا ڳورا پڙڇ ۽
ڪجهه ووڏيون بندوقون وغيره ڇڏي ويو هو. بکر جو
قلعو دارا جي خواجه سرا بسنت جي حوالي ڪيو ويو هو،
جنهن کي مينوسي ۽ سيد عبدالرزاق ’پريم ويرا‘ به
سڏين ٿا. شهر جي محافظن ۾ بندوقچي، تير انداز، برق
انداز ۽ ڪيترائي يورپي توبچي هئا، جيڪي مينوسي جي
هيٺان ڪم ڪري رهيا هئا. هي آڪٽوبر 1659ع جو زمانو
هو ۽ سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪنڌين وارا پاسا ان سال
جي ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ هوندا هئا. شاهي فوج بکر
قلعي جو محاصرو ڪيو ۽ ان جو وڏو حصو دارا جي ڪڍ
ويو، جيڪو سيوهڻ جي مهاڏي کان پوءِ سنڌ ڇڏي گجرات
وڃي پهتو هو ۽ سندس اڌ فوج ختم ٿي چڪي هئي. دارا
کي گجرات مان واپس موٽڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ درياه
تي پهتو پر سنڌ جي سرحد تي کيس گرفتار ڪيو ويو.
کيس ڍاڍر جي جاگيردار ملڪ جيوڻ ٻروچ بولان لڪ
ڀرسان پڪڙي ورتو هو ۽ شاهي فوج جي حوالي ڪيائين.(1)
ملڪ جيوڻ دارا کي تحفظ ڏيڻ جي سگهه ساري ڪونه
سگهيو. دارا کي هڪ قيديءَ جي صورت ۾ موٽائي بکر
آندو ويو. هن قلعي جي محافظن کي قلعو خالي ڪرڻ جو
حڪم ڏيئي حيران ڪري ڇڏيو. مينوسي چٽي طرح ٻڌائي ٿو
ته هنن جان جي بازي لڳائي بکر جي قلعي جو تحفظ ڪيو
هو ۽ ڊگهي عرصي تائين دشمنن کي روڪي رکيو هئائون.
مينوسي اسان کي دارا جي ملتان کان بکر ڏانهن درياه
رستي روانگي متعلق ۽ قلعي تي گهيري بابت به ٻڌائي
ٿو ۽ چوي ٿو ته دارا جو سڄو قافلو 507 ٻيڙين تي
مشتمل هو، جنهن ۾ کاڌي خوراڪ جون شيون ۽ اهو سامان
لڏيل هو جيڪو گهيري هيٺ قلعي ۾ ڪم ايندو آهي،
جهڙوڪ 8 توبون جيڪي 60 کان 120 پائونڊ گولو اڇلي
سگهيون ٿي، ٻيو گولا بارود ۽ جنگ سان لاڳاپيل
سامان سڙو. هر هڪ ٻيڙيءَ تي 100 ٽن جيترو مال سٿيل
هو. مينوسي خشڪي واري فوج سان گڏ، درياه جي ڏکين
ڪنارن سان لڳو لڳ سفر ڪري رهيو هو، سندن قافلو
کاڌي خوراڪ جي اڻ پورائي جو شڪار هو، ڪڏهن ته
ڪيتري وقت لاءِ کين پاڻي به نصيب ڪونه ٿيندو هو.
لکي ٿو: ”اسان ڏاڍو ڏکين ۽ ڏِنگن جهنگلن وچان سفر
ڪندي بکر قلعي جي سامهون اچي پهتاسون، جيڪو سنڌ جي
پورالي درياه جي وچ ۾ هو.“(1)
اتي هن پريم ويرا کي وڏيون بندوقون ۽ بارود، قلعي
جي لاءِ ورهائيندي ڏٺو. دارا جي حڪم سان قلعي جي
اندر 2000 چونڊ ماڻهو وهاريا ويا، جيڪي پٺاڻ، سيد،
مغل، راجپوت ۽ ٻاويهه يورپي هئا، جن جو مختلف قومن
سان تعلق هو، ۽ ٻيا نوڪر چاڪر هئا. مينوسيءَ دارا
کي، ساڻس گڏجي هلڻ لاءِ گذارش ڪئي پر دارا کيس بکر
جي قلعي ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ گهڻو ڏکڻ طرف نڪري
ويو. مينوسي چوي ٿو، ”جڏهن اسان کان دارا وڃڻ لاءِ
موڪلايو ته منهنجي اکين مان ڳوڙها، نار ڪري وهڻ
لڳا ۽ سڏڪن ۾ پئجي ويس، منهنجي اها حالت ڏسي ته
آئون کانئس جدائي جي ڪري ڏاڍو، ڏکي آهيان ته هن
مون کي سڏي واپس موٽايو ۽ يورپي فوج واري حصي جو
ڪيپٽن بنايو منهنجي پگهار ٻيڻي ڪري ڏيڍ سؤ مان ٽي
سؤ ڪئي. مونکي پنهنجي ماتحت فوجين ۾ ورهائڻ لاءِ
پنهنجي آفيسرن کان 5000 رپيا وٺرائي ڏنا، ۽ مون
سان وعدو ڪيائين ته جيڪڏهن هو بادشاه ٿيو ته مون
کي دربار ۾ اهم عهدو ڏيندو ۽ منجهن ماڻهن کي بي
انتها انعامن اڪرامن سان نوازيندو، جن جي
وفاداريءَ ۾ کيس پورو يقين هو. هن مون کي سروپا
ڏني ۽ آفيسرن کي هدايت ڪيائين ته مون کي ايراني ۽
ڪابلي شراب جي ڀريل ٻيڙي ڏني وڃي،(1)
دارا، جيتريون گهڻيون ٿي سگهيون ايتريون ٻيڙيون گڏ
ڪري، پنهنجي دشمن جي پيڇي کي ناڪام بنائڻ لاءِ
درياه ۾ لهواري طرف ڏکڻ هاڪاري هليو ويو ۽ بکر جو
محاصرو ٿي ويو، نه ڪوئي بني بشر قلعي ۾ گهڙي
سگهيو ٿي نه وري ڪو ٻاهر وک وڌائي ٿي سگهيو. هي
قلعو مست سنڌو درياه جي وچ ۾ آهي. هن جو بنياد هڪ
جبل تي رکيل آهي، ان جي پٿر کي بندوقن لاءِ
استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان جي وچ تي هڪ منارو آهي،
جنهن تان درياه جي ٻنهي ڪنارن جي نظرداري ٿي سگهي
ٿي.(1)
هن قلعي ۾ گهڻي سامان، سون، چاندي، قيمتي پٿرن کان
سواءِ دارا عورتون به ڇڏي ويو هو، جن ۾ سليمان
شڪوه جي گهر واري پنهنجي پٽن سميت هئي، جيڪي دارا
جا لاڏلا پوٽا هئا. دارا، بکر جي قلعي کي ايندڙ
موقعن تي فوج گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو.
قلعي جي محاصري جي واقعي کي ڏاڍو چٽي طرح بيان ڪيو
ويو آهي. شاهي فوج پنهنجي ٻن وڏين توبن جا منهن
قلعي طرف ڪيا، جيڪي دارا پٺيان لاهور ۾ ٺهڻ لاءِ
لوه ڍالڻ واري ڪارخاني ۾ ڇڏي ويو هو، ۽ هنن توبن
فوج ۾ گهڻو ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو، ڇو جو مار ويجهو هو،
يعني اولهه طرف کان پستول جي مار جيترو فاصلو ۽
اوڀر طرف کان بندوق جي ٻن مارن جيترو پنڌ هو، قلعي
جي اندر حفاظتي فوج پوري قوت سان بندوقن سان جوابي
ڪارروائي ڪئي، جنهن ڪري دشمن جي توبخاني واري فوج
هيٺ لهي ويئي. اسان جي فوجي دستن وڌي وڃي دشمنن جي
خندقن تي اوچتو حملو ڪيو. روهڙيءَ سکر جي شهرن تي
بمباري ڪئي ويئي. چار جنگي ميدان فتح ڪيا ويا ۽
دشمن جو ڪجهه سامان هٿ آيو.(2)
هن مضبوط مدافعت جي ڪري شاهي فوج ڏاڍي پريشان ٿي
ويئي. يورپي فوجي دستن جي حوصله شڪني ڪرڻ واسطي
هنن حرفت کيڏڻ شروع ڪئي. ’تيرن ۾ خط ٻڌي اسان
ڏانهن اڇلايائون. جنهن ۾ لکيل هو ته دارا شڪوه جي
نوڪري ڇڏي قلعي کي خالي ڪري هليا وڃو. هڪ رات
اٺين وڳي جيئن آئون قلعي جي چبوتري تي ويٺو هوس ته
هڪ تير اچي منهنجي ڪلهي ۾ لڳو. مون تير کي ڇڪي
ٻاهر ڪڍيو، آئون اهو کڻي خواجه سرا وٽ، جيئن زخمي
هوس تهڙيءَ حالت ۾ پهتس. هن مون کي سروپا ۽ گلاب
جو عرق وفاداري جي مڃتا طور ڏنا.‘(1)
محاصري ڪندڙ فوج کي خليل الله خان جي لاهور مان
اچڻ ڪري نئين امداد ملي ويئي ۽ حفاظتي فوج جا
هٿيار ڦٽي ڪرائڻ لاءِ نئين سر ڪوشش ڪئي ويئي، پريم
ويرا ڄڻ ته فولاد مان جڙيل هو. ”هن مون کي گهرايو“
مينوسي لکندي ٻڌائي ٿو، ”۽ حڪم ڪيائين ته ان توب
کي سڱن ۽ پراڻن پادرن سان ڀر، جيڪا خليل الله واري
باغ جي ڀرسان هجي، پوءِ حڪم موجب توب کي چوٽي
تائين سڱن ۽ پراڻن پادرن سان ڀري ٽمٽار ڪيو ويو.“
خواجه سرا پوءِ وڏي همت سان خليل الله کي هيئن
جواب ڏنو. ”مون وٽ توسان ڳالهائڻ لاءِ تمام ٿورا
لفظ آهن، ڇاڪاڻ ته آئون توسان ان ڪري گهڻو ناراض
آهيان، جو تو پنهنجي سڄي ڄمار عورتن جي حوالي ڪئي
آهي ۽ عورتن هٿان پادر کاڌا آهن. هن سان اهو ڪجهه
گڏ آهي، جنهن جي تون لائق آهين ۽ مان توکي تنهنجي
حيثيت ۽ خوبيءَ مطابق تحفو ڏيان ٿو.“(2)
اهو خط لکي خليل الله خان ڏانهن موڪليو ويو. جڏهن
اهو خط کيس ڏنو پئي ويو ته هن اسان کي توب ڇوڙڻ جو
حڪم ڪيو اسان خليل الله خان جو تنبو پراڻن پادرن
سان ڀري ڇڏيو. هن جي بي عزتي، وڏي دشمنيءَ کي هٿي
ڏني ۽ قلعي تي ڪناري وارن طرفن کان زبردست بمباري
ڪئي ويئي، ۽ گولا سڄي قلعي اندر ڪرڻ لڳا. انهن مان
ٽي گولا ان ڪاٺي کي لڳا جنهن ۾ اسان جي جهنڊي جي
بئرق لڳل هئي. قلعي جي حفاظتي فوج بهرحال خليل
الله خان جي آڻ ڪونه مڃي ۽ تنهن ڪري هو دلشڪستو ٿي
لاهور موٽي ويو. هن جي وڃڻ کان 40 ڏينهن پوءِ اسان
فوج کي اولهائين ڪناري کان اُڀرندي ڪناري ڏانهن
ٽپندي ڏٺو، جڏهن اسان انهن مٿان توبن رستي بمباري
ڪرڻ شروع ڪئي ته ٻيڙيءَ تي هڪ گهوڙي سوار سفيد
جهنڊو کڻي ظاهر ٿيو، خواجه سرا انهيءَ کي وٺي اچڻ
لاءِ چيو. جڏهن هو آيو ته خبر پئي ته وٽس پيغام
هو، جنهن ۾ چيل هو ته دارا اورنگزيب جي فوج وٽ
قيدي ٿي چڪو آهي. کيس جواب ۾ چيو ويو ته جيستائين
دارا جو قلعي ڇڏڻ جو حڪم نه پهچندو، تيستائين قلعو
ڪڏهن به خالي ڪونه ٿيندو. دارا پنهنجي حفاظتي فوج
کي بک ۽ تباهي کان بچائڻ واسطي ايئن ڪيو ۽ جڏهن
دارا جو خط پهتو ته ان ۾ لکيل هو: ”اهو ڪمبخت آهي،
جنهن لاءِ اوهان وڙهندا رهيا. مان هاڻي اوهان کي
گذارش ٿو ڪريان ۽ زور ڀريان ته هيءَ جاءِ هنن جي
حوالي ڪريو“(1)
ڪهڙو نه دلسوز منظر هو. جڏهن خواجه سرا پريم ويرا،
خط ڏٺو ۽ اکر سڃاتائين ته اچي اوڇنگارون ڏيئي زارو
زار روئڻ لڳو. هن دشمن فوج جي ڪمانڊر، بهادر خان
ڏانهن خط لکيو ته اسان پنهنجي سامان سڙي سميت هتان
ٻاهر نڪرڻ ٿا چاهيون، جيڪڏهن توکي منظور آهي ته
ٺيڪ آهي، جيڪڏهن نه، ته اسان خزانو ۽ توبون
درياه ۾ اڇلائي پوءِ آخري دم تائين ڇتيءَ ويڙهه جو
آغاز ڪنداسون“ بهادر خان اسان کي پڪ ڏياري ته اسان
پنهنجي مڏي ملڪيت ساڻ کڻي وڃي سگهون ٿا. پر قلعي
سان لاڳاپيل ڪابه شيءِ، خزانو ۽ ڪوبه شهزادو اسان
سان گڏ نه هوندو. اختتام سامهون هو. ٽن ڏينهن
کانپوءِ اسان قلعي مان ٻاهر نڪتاسون، جتي اسان
گهڻو ڪجهه سَٺو هو. قلعي خالي ڪرڻ کان ٻه ڏينهن اڳ
۾ مون ٻه گابا 600 رپين ۾ خريد ڪيا. هڪ رپئي ۾ اڌ
آنو مکڻ جو ورتم. ان ۾ ڪو وڌاءَ ڪونهي ته جي مون
ڪڪڙ جو هڪ چوزو 13 رپين ۾ خريد ڪيو(1)
قلعي بهادر محافظن سان سٺي هلت ڪانه هلي ويئي.
بهادر پريم ويرا کي ٿورو ئي پوءِ لاهور ۾ قتل ڪيو
ويو. هن کي خليل الله خان مان ڪنهن سٺيءَ هلت جي
توقع به ڪانه هوندي، بکر ۾ جنهن جي تنبوءَ تي هن
پراڻن پادرن جو مينهن وسايو هو، شاهجهان جي تخت
ماڻڻ واسطي اورنگزيب، دارا شڪوه جو ڏاڍو خراب حشر
ڪيو. تاريخ جا ڪتاب دارا جي قتل کي انصاف خاطر قتل
جو نالو ڏيندا آهن، مينوسي اسان کي سنڌ جي سماجي
حالتن بابت ڪجهه ڪونه ٿو ٻڌائي. ڇاڪاڻ جو هو مڪمل
طرح جنگ ۾ رڌل هو، پر هن جي اها ڪهاڻي اهو چٽي ريت
ٻڌائي ٿو ته مغلن سنڌوءَ جي ڪنارن تي ڪيئن ويڙهه
ڪئي.
4- اليگزينڊر هئملٽن (1699ع)(1)
ڪئپٽن اليگزينڊر هئملٽن اسڪاٽلينڊ جو واپاري، مهم
جُو، ۽ سياح هو. هڪ سامونڊي ڪئپٽن جنهن، سندس چوڻ
مطابق، 1688ع کان 1723ع تائين، سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي
سياحت ۽ تجارت ڪئي. ڪيپ آف گُڊُ هوپ کان وٺي جپان
جي ٻيٽ تائين، هر واپاري ۽ سامونڊي ملڪ جي ڌرتي
ڏٺي ۽ هر ٻيٽ جي ياترا ڪئي.
هڪ سامونڊي ماڻهوءَ هوندي به ان وقت جي لحاظ سان
هو ڏاڍو تعليم يافته هو. هن جي تصنيف ’نيو
اڪائونٽس آف ايسٽ انڊيز‘ جيڪا 1727ع ۾ ايڊنبرگ ۾
ڇپي ۽ جنهنجو انتساب هن ڊيوڪ آف هئملٽن ڏانهن ڪيو
هو، ڏاڍي سُٺي نموني لکيل آهي، جنهن ۾ ڏاڍي
خوبصورتيءَ سان هڪ هوشيار مبصر طور هن جيڪي بهترين
نظارا پنهنجي سير ۽ سفر ۾ ڏٺا آهن، سي ويهي چٽيا
آهن. هو جهاز تي سامان کڻي 1699ع ۾ لاهري بندر تي
آيو، تنهن کانپوءِ هو ٺٽي ۾ آيو ۽ اتي ڪجهه وقت
ترسيو. هيءُ ئي اڪيلو يورپي سياح آهي، جنهن جي
تصنيف حقيقي معنيٰ ۾ شاه عبداللطيف جي همعصر آهي.
جڏهن ڪئپٽن هئملٽن لاهري بندر پهتو ته شاه
عبداللطيف ان وقت 8 يا 9 سالن جي عمر جو ڇوڪرو هو
۽ ڪلهوڙا ان وقت اتر سنڌ ۾ پنهنجي طاقت کي ڄمائي
رهيا هئا. هئملٽن جا هيٺينءَ سنڌ متعلق احوال فقط
بندر جي آس پاس ۽ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ سان
واسطو رکن ٿا ۽ ٻڌائي ٿو ته سنڌ اندر سياحت اهڙي
ذميواري ڪانه هئي، جنهن کي سولو ڪري سمجهجي. تحفظ
۽ بچاءَ جو احساس تمام ٿورو هو. ڳوٺ مڪمل طور تي
ڌاڙيل قوت جي گهيري ۾ هئا، جيڪي هڪدم واپاري سامان
کڻي ويندڙ قافلن تي حملو ڪري ڏيندا هئا. اهو هاڻي
هڪ فيشن ٿي پيو آهي ته مغل شهنشاهيت جي ويهي گلا
به ڪجي، جيڪا مسافرن جي تحفظ جي نقطهءِ نگاه کان
بيڪار ۽ نااهل ثابت ٿي هئي. پر اهو وسارڻ نه گهرجي
ته انگلينڊ، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ ان ساڳي دور ۾ سير
۽ سياحت وڏي مهم جي برابر هئي. سياح کي سفر ڪرڻ
واسطي پاڻ کي هٿياربند ڪرڻو پوندو هو ته جيئن
ڌاڙيلن جي حملي جي خلاف مزاحمت ڪري سگهي. حقيقت ۾
ڌاڙيل انگلينڊ اندر، ان دور تائين وڌندو ويجهندو
رهيو، جڏهن ڦيٿن واريون ڪوچن سان سينگاريل گاڏيون
رستن تي هلڻ لڳيون ۽ رستا به ايترا بهتر بنايا
ويا، جن تي ڦيٿن واريون گاڏيون آرام سان هلي سگهن
۽ ماڻهن باقاعده ڌنڌي جي لحاظ کان يا گهمڻ جي خاطر
سفر ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ پنهنجن ڳوٺن کان، جتي هو
هميشه رهندا هئا، گهڻو پري سفر ۾ گذاريندا هئا.(1)
سترهين صديءَ جو آخري دور، يقيناً اهڙو وقت هو
جو انگلينڊ ۾ ڪوبه ماڻهو خشڪيءَ رستي ڊگهو سفر ڪرڻ
ئي ڪونه چاهيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪندو هو، ته ڪنهن
مصيبت جي توقع ضرور رکندو هو. پهرين شيءِ اها ڪندو
هو جو هو پاڻ کي هڪ ٻن وڏن پستولن سان هٿياربند
ڪندو هو، جن سان هو پنهنجي مال مڏيءَ جو ڌاڙيلن
کان تحفظ ڪري سگهي.
هئملٽن لاهري بندر کي سمنڊ کان 18 ميل پري ڏٺو،
جيڪو سنڌو نديءَ جي هڪ ڦاٽ تي هو ۽ منجهس 200 ٽن
وزني جهازن جي بيهاڻ جي جڳهه هئي. جڳهه بذات خود
هن کي متاثر ڪونه ڪيو. ’هيءُ 100 گهرن تي مشتمل هڪ
ڳوٺ آهي، جيڪي ردي سدي ڪاٺ ۽ مٽيءَ جا جڙيل آهن
پر هن ڳوٺ کي هڪ وڏو پٿر جو قلعو آهي، حفاظت جي
خيال کان ان جي مٿان وڏيون توبون رکيل آهن، جيڪي
اتي ايندڙ تجارتي سامان کي بلوچن ۽ مڪرانين جي
ڌاڙن کان بچائڻ لاءِ لڳايون ويون آهن. اهي بلوچ ۽
مڪراني اولهه طرف آهن ۽ ڄام اوڀر طرف سنڌ جي سرحدن
تي آهن، جنهن تي سندن هٿ پڄندو آهي، ان کي لٽي ڦري
ڇڏيندا آهن. ڄامن جي رويي جا اشارا ڪنايا اهو
ٻڌائين ٿا ته سندن هلت چلت ۾، وٿنگٽن واري دور،
يعني 80 سالن دوران ڪوبه ڦيرو اچي ڪونه سگهيو هو ۽
مغل سلطنت جو پهريون دور سنڌ ۾ امن امان واري
معاملي ۾ اڳئين دور کان ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ بهتر
ڪونه هو. هئملٽن ڏٺو ته اتان جي ڌاڙيلن جون
پناهگاهون، درياهي ڇوڙ جي ڌٻڻ وارن علائقن ۾ هيون
۽ سنڌو درياه جون موجون سندن پيڇو ڪندڙن لاءِ
ڏکيائي پيدا ڪري وجهنديون هيون. اٺن جي قافلن کي
بچائڻ واسطي انهن سان سو کان وٺي ٻن سون تائين
گهوڙي سوار محافظ ساڻ هوندا هئا ۽ ڄڻ اها هڪ روايت
بنجي ويئي هئي. اهڙي قسم جا محافظ 1699ع تائين به
مشڪوڪ ڪردار جا مالڪ هئا، جيئن وٿنگٽن حفاظت سان
وڃڻ لاءِ 1613ع ۾ ڏٺا هئا. هئملٽن لکي ٿو ته ”اڪثر
ڪري اهي محافظ قافلن کي پاڻ ڦرائيندا آهن ۽ بهانو
اهو ڏيندا آهن ته ڌاڙيلن جو تعداد تمام گهڻو ۽
محافظ تمام ٿورا آهن ۽ بعد ۾ انهن ڌاڙيلن کان
پنهنجا حصا وٺندا آهن.“
سن 1699ع ۾ هئملٽن هڪ قافلي جو ڦرجڻ جي واقعي جو
بيان ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته چئن پنجن هزارن ڌاڙيلن
حملو ڪيو، جنهن ۾ 200 گهوڙيسوار ۽ 500 ماڻهو
واپارين جا ۽ ٻيا جت وغيره به پورا پئجي نه سگهيا.
سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته هڪ طرف کان تجارتي قافلا،
ٻئي طرف کان ڌاڙيلن جا ٽولا تمام وڏا هوندا هئا.
ٺٽي کي صوبي جي هر شيءِ جي مرڪز طور بيان ڪيو وڃي
ٿو ۽ جيڪو وڏو ۽ دولتمند شهر به هو. سندس ڊيگهه ٽي
ميل ۽ ويڪر ڏيڍ ميل آهي، جيڪو لاهري بندري کان 40
ميل پري آهي. اولهه پاسي کان وڏو قلعو اٿس، جنهن ۾
5000 گهوڙيسوار رهي سگهن ٿا. منجهس فوجين جي رهڻ
لاءِ آرام واريون جايون ۽ گهوڙن جا طنبيلا آهن ۽
نواب جي رهڻ لاءِ هڪ شاندار محلات آهي(1).
ٺٽي کان لاهري بندر ويندڙ سڀ تجارتي شيون بار
ڍوئيندڙ جانورن رستي وڃن ٿيون. تجارتي مال جي
ڍوئيءَ ۾ گاڏين جو استعمال ڪونهي. هن ملڪ جي ڌرتي
جو مٿاڇرو ٻُوڙن ۽ ٻُوٽن جي اوڀڙ سان سٿيو پيو آهي
۽ اوسي پاسي پاڻيءَ جون کڏون آهن، ان ڪري هموار
رستي جو هجڻ ۽ ڦيٿائين آمدرفت ڏاڍي مشڪل آهي.
فرينچ سياح ٿيوناٽ (1667ع) جنهن سنڌ مورڳو ڏٺي ئي
ڪانه هئي، پر ان جي بيان کي واضح، ٺيڪ ۽ اعتبار
جوڳو سمجهيو ويو آهي. سو چوي ٿو ته ’سڄي هندستان
اندر جيڪي وڌ ۾ وڌ بهترين پالڪيون جڙنديون هيون،
سي فقط ٺٽي ۾ ئي ٺهنديون هيون. اتي جي ٺهيل ٻه
ڦيٿي گاڏين جهڙي صفائي سٺائي ته ڪٿي به ڪانهي،
جيڪي عام طور سفر ۾ ڪم اچن ٿيون.‘(2).
هي بار ڍوئڻ وارين گاڏين جي به ڳالهه ڪري ٿو
جن جا ڦيٿا ٺوس ۽ ڪاٺيءَ جا بڻيل هئا، جن جي ڦيٿي
جي ڍيڍيءَ ۾ ڏنڊا لڳل ڪونه هوندا آهن ۽ انهن ۾ اٺ
يا ڏهه ڍڳا ڇڪڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.
جيڪڏهن ڪو واپاري پنهنجو مال ان گاڏيءَ رستي
ڪيڏانهن روانو ڪندو ته چار پنج فوجي پهري لاءِ
ضرور وٺندو يا پنهنجا چار پنج همراه نگرانيءَ لاءِ
موڪليندو، جيڪي ان گاڏي جو پاسو ڏيو پيا هلندا.
ٿيوناٽ چوي ٿو ته عام طور تي هڪ قافلي ۾ اهڙيون ٻه
سو کان وڌيڪ گاڏيون هونديون آهن. شاهدين جو تضاد
ڏاڍو دلچسپ آهي. هئملٽن جيئن ته اکين ڏٺو شاهد آه.
ان ڪري وڌيڪ اعتبار جوڳو آهي. اهي گاڏيون جن جو
ذڪر ٿيوناٽ ڪيو آهي، اهي سنڌ ۾ عام استعمال ٿيندڙ
بيل گاڏيون جن جو ذڪر ٿيوناٽ ڪيو آهي، اهي سنڌ ۾
عام استعمال بيل گاڏيون آهن، جن جا ڦيٿا نهري ڪاٺ
جا ٺهيل هوندا آهن ۽ بڇان جي حد تائين وڏا هوندا
آهن، اهي چيڪاٽ ڪنديون هلنديون اهن، ڇڪيندڙ ڏاندن
جو استعمال اڃان به ڪن وارياسن ڀاڱن ۾ آهي. خير،
اهو به امڪان آهي ته ٿيوِناٽ اتر گجرات جي حالتن
کي ٺٽي ۾ ديول (لاهري بندر) ڏانهن منسوب ڪيو هجي،
جيڪي اڄ تائين قطارن جي صورت ۾ اٺن جي بدران، بار
برداري جو ڪم ڏين ٿيون.
هئملٽن، ملبار مان سامان کڻي لاهري بندر پهتو هو،
جنهن جي ماليت، سندس چوڻ مطابق، ڏهه هزار پائونڊن
جيتري هئي. بندر ۽ گاديءَ واري شهر جي وچ ۾ عدم
تحفظ جو اهو حال هو جو، ڪوبه هندستان سان تعلق
رکندڙ واپاري تيستائين مال خريد نه ڪندو هو
جيستائين اهو ٺٽي آندو نه ويو هجي، جيتوڻيڪ اهي ئي
قيمتون ڏيڻ لاءِ تيار هئا جيڪي هئملٽن پنهنجي وات
سان چئي رهيو هو. تنهن ڪري هئملٽن پاڻ قافلي سان
گڏ ٺٽي ڏانهن مال آڻڻ لاءِ ويو. قافلو، جنهن سان
هن سفر ڪيو، سو وڏو هو، جنهن ۾ 1500 جانور استعمال
ٿيل هئا ۽ ايترائي عورتون ۽ مرد هئا. قافلي سان گڏ
200 گهوڙيسوار نگهباني لاءِ مقرر هئا. ايتري وڏي
تعداد ۾ خانگي پهريدارن جي موجودگيءَ ۾ به تحفظ جو
يقين ڪونه هو، قافلي جي 16 ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ
نوڪرن خبر آندي ته بلوچ ۽ مڪراني ججهي انداز ۾
ٻاهر نڪري آيا آهن. جڏهن هئملٽن کي ڌاڙيلن جو گهڻو
خطرو محسوس ٿيو ته هن سامونڊي جوانن مان ٻه
هٿياربند گهرائي ورتا. ”مون کي ٻه سامونڊي
هٿياربند جوان هئا جيڪي نشاني جا ڏاڍا ملوڪ هئا.
جن جهڙا مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺا. مان هنن کي سمنڊ ۾
ڏٺو ته جها زموڙڻ مهل اڏندڙ ويجهن پکين کي هو،
ڪيرائي وجهندا هئا ۽ مون کين هڪ ڪارتوس سان هڪ پکي
ڪيرائيندي ڏٺو هو. مون هڪ کي فائر ڪرڻ جو حڪم ڪيو،
جيڪو هن هڪدم مڃيو، جيڪو ويجهي ڌاڙيل کي مٿي وارو
لڳو. ٻيو وري به اڳتي آيو ان جي به ساڳي حالت ٿي.
هي خطرناڪ قدم ڏاڍو ڪامياب ويو ۽ قافلو خير خوبيءَ
سان اڌ پنڌ تي ٺهيل سراءِ تائين پهچي ويو، جنهن جي
چوطرف حفاظت واسطي ڪوٽ ڏنل هو، جنهن کي دنگهام ٿي
سڏيو ويو. انگريزيءَ ۾ اهڙي قسم جي ڏنل ڪوٽن کي
’دنگهام‘ ڪري سڏڻ مناسب آهي.“ اهو لفظ ڄڻ ڌڱاڻ يا
ڊنگاڻ (جو ڳوٺ) جو بگاڙ هو پر اڄ اهو سڃاپڻ ۾ ڪونه
ٿو اچي.
ڪئپٽن هئملٽن انهن جاين جي گنديءَ فضا ۽ ماحول
ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جتي اهي آرام ڪرڻ جون جايون
جوڙيون ٿي ويون. درحقيقت اهي پراڻيون ٽڪڻ جون
جايون ۽ آڳاٽيون وسنديون هيون، جتان انهن ڏينهن ۾
شورو عام جام ملندو هو ۽ ڀاڻ وارين زمينن کي ٺيڪ
ڪري انهن ۾ جيڪي معدنيات هيون سي کنيون ويون هيون.
هيءُ ماڳ ٺٽي کان ايندي يا اوڏانهن ويندي ڊاٻي ڪرڻ
جي جاءِ هئي ۽ ساڳيءَ طرح سترهين صديءَ ۾ سياحن جي
ترسڻ جي واسطي به جاءِ هئي. هيءَ سراءِ ٺٽي ۽
لاهري بندر جي وچ تي ان مقصد سان تعمير ڪئي ويئي
هئي ته جيئن قافلي وارن کي رات جو ڪنهن رهزن جي
حملي کان بچاءُ ملي سگهي. ”جتي ماڻهو ۽ جانور گڏجي
سڏجي سمهن ٿا ۽ اهو ايڏو خراب ٿو محسوس ٿئي، ان
لاءِ اهو انگريزي نالو بلڪل سونهين ٿو. ان جي ڀر ۾
ويهارو کن ننڍڙا گهر ٺهيل آهن. اتان جا رهاڪو ڪڪڙ،
رڍون ۽ ٻڪريون پاليندا آهن ۽ مسافرن کي مُلهه تي
ڏيندا آهن. رڳو اهي ئي گهر ٺٽي ۽ لاهري بندر جي وچ
تي ڏسي سگهجن ٿا.“ مينوسي اهڙين سرائن جي جڳهن کان
مغل سلطنت جي پرامن علائقن ۾ فرق هيئن ظاهر ٿو
ڪري: ”انهن جڳهن جي چوطرف ڪوٽ ڏنل آهن ۽ برج ٺاهيل
آهن ۽ مضبوط ڦاٽڪ هنيل آهن. انهن مان گهڻا پٿر جا
ٺهيل آهن ۽ ڪي ڪچين سرن مان جوڙيل آهن. ان ۾ رهندڙ
آفيسر جو اهو فرض هوندو آهي ته سج لهڻ شرط اهي
ڦاٽڪ بند ڪرائي ٿو ڇڏي. پوءِ وڏي آواز سان سڏي
چوندو آهي ته هر ڪو ماڻهو پنهنجي سامان جو خيال
رکي. ان کان پوءِ پنهنجن گهوڙن جي اڳين ۽ پٺين
ڄنگهن ۾ نيئر هڻائيندو آهي. سڀ ڪم ڪرڻ کان پوءِ
ڪتن جي نظرداري رکڻ ڪونه ٿو وساري، ڇاڪاڻ ته
هندستان جا ڪتا ڏاڍا هوشيار ۽ وڏا چور به هوندا
آهن. صبح جو ڇهين وڳين، ڦاٽڪن کلڻ کان اڳ پهريدار
مسافرن کي پنهنجي پنهنجي سامان جاچي ڏسڻ لاءِ ٽي
دفعا وڏي آواز سان چتاءُ ڏيئي ٿو. انهن چتائن ڏيڻ
کان پوءِ ڪنهن کي جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن شيءِ جي
چورائجي وڃڻ جو شڪ آهي ته، ڦاٽڪ تيستائين ڪونه
کلندا جيستائين اها شيءِ نه ٿي لڀي. اهي سرايون
فقط مسافرن جي واسطي هونديون آهن ۽ فوجي اندر ڪونه
وڃي سگهندا آهن. انهن سراين اندر 800 يا 1000
ماڻهن، گهوڙن اٺن ۽ گاڏين ۽ سامان جي رکڻ جيتري
گنجائش هوندي آهي ۽ ڪي ته ان کان به وڏيون هونديون
آهن.(1)
دنگهام واري سراءِ به اهڙي قسم جي هئي ۽ واپاري
قافلن هلڻ واري مکيه رستي تي واقع هئي. هئملٽن
البت ڪنهن چوڪيدار بابت ڪونه ٿو ٻڌائي ۽ نه ئي
اهڙي ڪنهن بندوبست جو ذڪر ٿو ڪري جيڪو هڪ سياح کي
ڪنهن ٻئي سياح جي چوري ڪرڻ کان روڪي سگهي.
ٺٽي ۾ هئملٽن پنهنجي پرتڪلف رهائش کان ڏاڍو متاثر
ٿيو. اهو وسيع ۽ ڪشادو گهر 15 ڪمرن تي مشتمل هو،
جنهن ۾ بهترين طريقي سان گدام به ٺهيل هئا. ان جا
گهٽيءَ ۾ کلندڙ ڏاڪڻ جا ڏاڪا، سنگ سماڪ جا ٺهيل ۽
ڏه فوٽ ڊگها ۽ رنگ جا پيلا هئا ۽ شيشي وانگي چمڪي
رهيا هئا. انهن جو تعداد ڏهه هو ۽ مٿي هڪ چورس
تائين ٿي ويا جنهن جي لام 15 فوٽ ۽ موڪر 10 فوٽ
هئي. ان وقت ٺٽي جو گورنر شهر کان ڇهه ميل پري 8،
10 هزارن جي فوج جي ڪمان ڪرڻ لاءِ خيما کوڙي ويٺو
هو. اها ڪمان قافلن کي ڦريندڙ ڌاڙيلن کي سزا ڏيڻ
لاءِ ترتيب ڏني ويئي هئي. هن هئملٽن جي ڏاڍي خاطر
تواضع ڪئي ۽ کيس هڪ ڏاند، 5 رڍون، اوتريون ٻڪريون،
20 ڪڪڙيون 50 ڪبوتر، مٺايون ۽ ميوات سوکڙي طور
موڪليا ۽ هن سان ڪافي گڏجي پيئڻ جي خواهش جو اظهار
ڪيو ۽ ان لاءِ کيس گهرائڻ واسطي گهوڙا موڪلڻ جو
ارادو ظاهر ڪيو.
هئملٽن اها دعوت قبول ڪئي ۽ گورنر کي سوکڙي ڏيڻ
لاءِ هڪ آئينو، جنهن جي قيمت 5 پائونڊ هئي، هڪ
بندوق ٻه ڍڪ سميت پستول، هڪ تلوار مياڻ، ۽ هڪ خنجر
سونو پاڻي چڙهيل، تماڪ واسطي شيشي جو چاقو ۽ ان جي
رکڻ لاءِ چٽيل آڏِي پاڻ سان کنيائين. گورنر ڏاڍو
نرم مزاج جو هو، جنهن هئملٽن کي پنهنجي سامان تي
محصول ۽ ٻين سرڪاري واجبات کان ڇوٽ ڏني ۽ کيس عدم
ادائگي جي صورت ۾ قرضيءَ کي قاضيءَ ڏانهن رجوع ڪرڻ
بدران قيد ۾ رکڻ جو حق به ڏنو. هن اهو به چيو ته
جيڪڏهن خريدار پيسا نه ڏيئي ته انهن جون زالون،
ٻار ۽ سندس ويجها مائٽ وڪڻي سگهڻ جو کيس حق آهي،
ته جيئن قرض جي ادائگي ٿي سگهي. هئملٽن ٻڌايو هن
رعايت ادائگيءَ جي وقت کيس واه جو ڪم ڏنو.
هئملٽن سنڌو نديءَ ۾ هلندڙ ٻيڙين کان ڏاڍو متاثر
هو. ”انهن جي ٻيڙين کي ڪشتي چيو وڃي ٿو.“ جيڪي
مختلف ماپن جون ٿين ٿيون. سنڌ جي وڏي ٻيڙيءَ ۾ 200
ٽن بار لڏيو وڃي ٿو. سندن ترا تراکڙا آهن. هر پاسي
کان هڪ ٻئي سان گڏ هُريون ٺهيل آهن، جيڪي تري کان
ٻه فوٽ مٿي بنايون ويون آهن. هر هڪ هريءَ ۾ رڌڻو ۽
رفع حاجت جي جاءِ آهي، جتان اهو سڌو پاڻيءَ ۾ وڃي
ڪري ٿو (اها اڃان تائين سنڌ درياه جي ٻيڙين جي خاص
خوبي آهي). ”اهي هريون ۽ انهن ۾ سامان وغيره لاءِ
ٺهيل جدا جايون مسافرن کي مسواڙ تي ڏنيون وينديون
آهن، اهي ڄڻ ته جدا جدا ڪمرا آهن، اهي انهن
واپارين کي ڏنا ويندا آهن، جن جو مال ڪرائي تي
کنيو ويندو آهي. تنهن ڪري هر ڪنهن هريءَ کي پنهنجو
ڪلف ڏنل هوندو آهي ۽ ڪمرو سندس قبضي ۾ هوندو آهي،
ڇو ته سندن تجارتي مال ڪنهن نه ڪنهن منڊيءَ ۾ کپي
وڃڻ لاءِ تيار هوندو آهي. حقيقت اها آهي ته مان
پنهنجي سڄي سياحت واري زندگيءَ ۾ هن طريقي وارو
سهنجو پاڻيءَ جو سفر ڪڏهن ڪيو ئي ڪونه آهي.“
هئملٽن جو، هن شهر جي واپار، زرخيز زمينن، کاڌي
خوراڪ جي سستائيءَ ۽ ٻين زندگي جي ضرورت جي شين جي
ڍيرن متعلق بيان هن ڪتاب ۾ ڪنهن ٻيءَ مناسب جاءِ
تي ڏينداسون. هي پورچوگيزن جي ڪليسا جو ذڪر ڪري
ٿو. جيڪا پوءِ ويران ٿي چڪي هئي، بنا ڪنهن شڪ جي
هيءَ اها جڳهه هئي جنهن لاءِ پادري مئنرڪ، اٽڪل اڌ
صدي اڳ اسان کي بيتاب نظر اچي ٿو. ”پورچوگيزن جي
اڳ ۾، شهر جي اُڀرندي ڏس تي هڪ ڪليسا هوندي هئي.
جڳهه اڃان به صحيح سالم آهي. سنتن جون تصويرون،
گرجا جي لباس خاني ۾ موجود آهن ۽ ڪي مقدس لباس آهن
جيڪي وڪري لاءِ رکيا ويا هئا، پر مان اهڙين شين جو
واپاري ڪونه هوس.“
اهڙيءَ ريت هن تصوير ۾ جيڪا چترڪاري ڪئي ويئي آهي،
سا سترهين صديءَ جي پوئين دور جي مغل سلطنت جي
چڱيءَ پر عڪاسي ڪري ٿي. اسان سنڌ جي ٻهراڙيءَ کي
بدامنيءَ جو شڪار ڏسون ٿا. گورنر جي محصول جي
اوڳاڙيءَ ۽ انتظامي انصاف ۾ آمراڻي طاقت جو
مظاهرو، ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندڙ بحري واپار، انهن
ڏينهن ۾ پرلطف شهري زندگيءَ جي خوبصورتيءَ جا منظر
هئا. ٺٽو تن ڏينهن سنڌ جي سڀني شهرن ۾ وڌ ۾ وڌ
دولتمند شهر هو ۽ سندس پسگردائي وارو علائقو زرعي
نقطهءِ نظر کان عروج تي هو. هئملٽن کي اتر ۽ وچولي
واريءَ سنڌ جو ڪجهه به پتو ڪونه هو، پر هي اهو
ثابت ڪري ٿو ته حڪومت جي مرڪز وٽ مغل انتظاميا
پنهنجي لياقت ۾ گهٽتائي ڪونه ٿي ڏيکاري. حڪومت کي
انسانن جي وچ ۾ برابر انصاف ڪرڻ جي ڳڻتيءَ جي ڪابه
ضرورت ڪانه هئي، نه وري کيس غريبن جو ڪو فڪر ئي
هو. اهڙي قسم جو ضمير پوئين دور جي حڪومتن جي لاءِ
مخصوص آهي، جڏهن ڪجهه تعليم عام ٿي، عام شاهوڪاري
ڪجهه وڌي ۽ حياتيءَ کي سهولتون، آسائشون ۽ شان ۽
شوڪت مهيا ڪرڻ لاءِ موقعا پڻ مليا.
سترهين ۽ ارڙهينءَ صديءَ ۾ سنڌ اندر تجارتي حالتون
(الف) تجارتي سهولتون
مغل سلطنت هڪ آمراڻي حڪومت هئي، جنهن سهولتون فقط
شاهي دربار کي مهيا ڪري رکيون هيون ۽ فوج انهن فتح
ڪيل وسيع علائقن جي انتظام واسطي رکيل هئي، جن تي
مقامي حڪمران، جيڪي اندروني معاملن ۾ بلڪل آزاد
هئا، حڪومت ڪري رهيا هئا. مغل سلطنت جي دربار ملڪي
پيداواري ذريعن تي وڏو بار هئي. سلطنت اندر شامل
علائقا اڪثر جنگين ۾ پيا اجاڙ ٿيندا هئا ۽ فوج جي
مطالبن جي ڪري پيا ظلم جو شڪار ٿيندا هئا. امن
امان غير معقول نموني نافذ ڪيو ويندو هو. ان
صورتحال تحت واپار ۽ صنعت ڪڏهن به چڱيءَ ريت ترقي
ڪري ڪونه ٿي سگهيا. رابطو نه هجڻ جي برابر هو، ڳوٺ
عليحده ٿي ويا هئا. سرمائي جي سيڙپ تمام گهٽ هئي.
ننڍڙا هنرمند ماڻهو جيڪي انفرادي ۽ آزادانه طور
پنهنجي گذرسفر لاءِ ڪجهه ڪندا هئا، سي ئي پيداوار
جو مکيه ذريعو هئا. ڳاٽي ڀڳو محصولي نظام، جيڪو
صنعتڪار جي هر قسم جي صنعت سان ورهاست، وڪري، ڌنڌي
جي محصول، روانگي مال تي سُنگ، ڏيساوري مال جي
برآمدي ۽ درآمدي محصول ۽ ريزڪي مال جي وڪري تي
محصول، واپار جي هر شعبي کي پيڙهي رهيو هو. وڏا
شهر، جن کي اسان سياحن جي لکتن ۾ محفوظ ڏسون ٿا،
تن کي دولت ۽ تجارت جي مال جا مرڪز به ڏسون ٿا،
جتان مال ڪيڏانهن به کڻي وڃڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جي سهولت
هئي. اهڙين لکتن ۾ احمدآباد، لاهور، آگري، دهلي،
ٺٽي ۽ سورت جو شان ظاهر آهي، پر اهو ڳوٺن سان لاڳو
ڪونهي، جتي عوام جو تمام وڏو حصو رهي ٿو، جنهن جي
گذر سفر جا ذريعا محدود ۽ معمولي آهن. البت برنيئر
جي احوال ۾ مبالغو آهي: ”زمين جو وڏو حصو پورهيت
موجود نه هجڻ ڪري غيرآباد پيو آهي. انهن مان گهڻا
تڻا گورنر جي ظلمن جو شڪار ٿي مري وڃن ٿا. جڏهن
غريب ماڻهو وڏن ظالم نوابن جا مطالبا پورا ڪري
ڪونه ٿا سگهن، سي نه رڳو گذر معاش جي ذريعن کان
محروم ڪيا ٿا وڃن پر کانئن ٻار ٻچا به زوريءَ کسيا
ٿا وڃن، جيڪي بعد ۾ سندن ٻانها بنجي ٿا وڃن.“(1)
برنيئر صاف طور تي ڪنهن هڪ ظلم کان متاثر ٿي سڀني
لاءِ ايئن سمجهيو آهي ۽ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو
اٿائين ۽ اها عقلمندي ڪانه ڪئي اٿس. حقيقي تصوير
مسٽر فرنڊلي شيراس چٽي آهي، جڏهن هو لکي ٿو:
”زراعت هن ملڪ جي اهم صنعت رهي آهي، جنهن کي گهرو
هنر وڏي هٿي فراهم ڪئي هئي، جيڪا ملڪ جي ڪنهن حصن
۾ ته وڏي عروج تي پهتل هئي، جيئن ڍاڪا جي ململ ۽
احمدآباد جو زربفت … انگريزن کان اڳ واري هندستان
۾ آمدرفت گنگا ۽ سنڌو نديءَ کان سواءِ بلڪل بيڪار
هئي. فقط هڪ رستو هوندو هو، جيڪو آگري کان لاهري
ويندو هو، يا اولهه وارن حصن ڏانهن سامونڊي ڪنارن
تائين هليو ويندو هو. انهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه
آمدرفت جو رستو ڪونه هو، تنهن ڪري هندستان جي لاءِ
هڪ تجارتي ملڪ ٿيڻ ممڪن ئي ڪونه هو. جيڪڏهن آمدرفت
سولي ۽ سهنجي هجي ها ته گهرو هنرن جي پيداوار جون
وڏيون منڊيون پيدا ٿي پون ها. تنهن ڪري پيداوار
اڻانگن علائقن ۾ ڦاٿل رهي.“
جڏهن انگريزن ۽ ٻين ولايتي واپارين جو دور آيو ته
منڊيون تعمير ٿيڻ لڳيون، تجارتي رستن کي سڌاريو
ويو. ولايت جي واپارين جي ڪوشش سان سموري هندستان
۾ گهرو هنر جي صنعت ۾ هلچل پيدا ٿي، جنهن جي نتيجي
۾ ملڪ ۾ گهڻي دولت آئي. ڪپهه جي صنعت پهرين وٿ
هئي، جنهن کي ان مان وڏو لاڀ مليو. هندستان جي
مصنفن هن متعلق ڏاڍيءَ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو
آهي ۽ سموري عمل جو ڏاڍو اونداهو رخ پيش ڪيو اٿن.
اهو فقط اونداهو رخ نه بلڪه حقيقت جي برعڪس به هو،
جيئن انصاف پسند ۽ صحيح سوچ رکندڙ مصنفن جهڙوڪ
’سرڪار‘ صاف صاف لکيو آهي. ولايتي واپارين تجارت
ڪئي ۽ پيسو پنهنجي لاءِ ڪمايو. واقعي هنن ايئن ئي
ڪيو پر اهو سمجهڻ عقلمندي ناهي ته سندن واپار جو
مطلب هندستان مان پيسو ٻاهر ڪڍي وڃڻ هو. سندن مکيه
منافعو هندستان جي سوٽي ڪپڙي کي کڻي يورپ ۾ وڪڻڻ
منجهان هو، پر اهو سڄو مال سندن ئي منافعي واسطي
ته تيار ڪونه ڪيو ويندو هو. جيئن ته ان زماني ۾
هندستان جو سوٽي ڪپڙو اولهه يورپ وارن ملڪن لاءِ
نئين شيءِ هو، هنن ولايتي واپارين اهو مال کڻي وڃي
پنهنجي ملڪ جي منڊين ۾ کپايو ۽ خوب ناڻو ڪمايائون،
پر ڏٺو وڃي ته هنن هندستان جي ڪورين کي به تمام
مناسب معاوضو ٿي ڏنو. ان کان سواءِ ولايتي واپارين
جو پاڻ ۾ سامونڊي واپار ۽ ڀاڙي ڪرائي ڪمائڻ ۾
مقابلو هو ۽ هو ڀاڙو ڪرايو گهٽ ڪري واپارين جو
سامان کڻندا هئا. جيڪڏهن اهي جهاز نه هجن ها ته
اهو سامان ان بهتر طريقي سان کڄي گهُربل هنڌن تي
ڪونه پهچي سگهي ها. ان تجارتي مال جو ڪاروبار سون
۽ چانديءَ ۾ ادا ٿيندو هو ۽ هندستاني ماڻهن ان سون
۽ چانديءَ کي وڏي مقدار ۾ جذب ڪرڻ شروع ڪيو ۽
مقامي هنرمندن، ڪاريگرن ۽ سيٺين کي مزدوري ۽ قيمت
طور ڏيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت ايئن چوڻ ڪا عقلمنديءَ جي
ڳالهه نه آهي ته ڪو انگريزن ۽ ڊچن (پورچوگيز هڪ
مقابلي واري طاقت طور ختم ٿي چڪا هئا) جو ولايتي
واپار هندستان مان پيسو کسڪائي وڃڻ هو يا هو اتان
جي عوام جي بدحاليءَ لاءِ زميوار هئا، جيئن
هندستان جا اقتصادي مصنف بغير ڪن ثابتين جي ايئن
يقين ڪري لکي ويندا آهن، پر وڏي حقيقت اها آهي ته
هندستان کي جي آڏاڻن جو ڪپڙو ارڙهين صديءَ تائين
اولهه يورپ جي منڊيءَ ۾ پنهنجي جوڳي جاءِ ولاريندو
رهيو. ان کان پوءِ ماحول ۾ بنيادي تبديلي آئي.
سوٽي ڪپڙي جي يورپي صنعتي انقلاب رونما ٿيڻ کان اڳ
۾ ٿيو. اتان جا آڏاڻا، ڪارخانا ۽ پيداوار ۾
عقلمنديءَ، هنر ۽ ڪاريگريءَ جو استعمال، ان جي
مختلف رنگن، وَڙن، خوبين ۽ گڻن ۽ ترقي ۽ عروج حاصل
ڪيو، جن جي متعلق هندستان جي هنرمندن ڪاريگرن ۽
صنعتڪارن 1760ع کان وٺي سوچيو ئي ڪونه هو ۽ ان جي
اها حيثيت 1600ع کان 1760ع تائين برقرار رهي، مان
سمجهان ٿو ته فاروقي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي سچو آهي
ته مورلئنڊ جي لکتن مغلن جي حڪومت دوران اڪبر کان
وٺي اورنگزيب تائين هندستان جي عوام جي سماجي
حالتن جي ڏاڍي دکدائڪ تصوير چٽي آهي(1).
ڇاڪاڻ ته هن جو خيال آهي ته هندستاني عوام حڪومت
جي آمراڻي رويي جي ڪري افلاس جو پيڙيل، ڏاڍ جو
اجاڙيل ۽ جبر کان هيسيل هو ۽ وٽس ڪجهه ڪونه بچيو
هو، سواءِ سکڻن هٿن جي. مورلئنڊ هن حقيقت کي گهٽ
سمجهيو آهي ته هندستان هميشه هڪ غريب ملڪ رهيو آهي
۽ اتان جو ويچارو عام ماڻهو يورپين جي ڀيٽ ۾ ٿورين
آسائشن ۽ سادين شين تي هريل رهيو آهي. هتان جي عام
ماڻهن جي اڪثريت اعليٰ معيار جي زندگي ڪڏهن ڪانه
گذاري آهي، درحقيقت هندستان ۾ هڪ جدا قسم جو
انفرادي تصور رکندڙ طبقو آهي. (انهن خيالن جو حلقو
اڃان به آهي، جنهنجو سرواڻ ڪو گهٽ اثر وارو ماڻهو
نه پر خود مسٽر گانڌي آهي) جيڪو سمجهي ٿو ته
هندستان جي سڀيتا جي قوت ان ۾ آهي ته اها غلط قسم
جون عياشيون ۽ آسائشون ڇڏي ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي.(1)
هندو هميشه ڪفايت شعار ۽ گهٽ خرچائو رهيو آهي.
اوونگٽن هن نقطي تي چڱو لکيو آهي ۽ چوي ٿو ته:
”اعليٰ معيار ۽ اوچي رهڻي ڪهڻي واڻئي کي ڄڻ سونهي
ئي ڪونه ٿي. اهو، اسان جي سورت وارن دلالن لاءِ به
چوڻ ٺيڪ ٿيندو، جيڪي به پڻ واڻيا اهن، تمام وڏا
شاهوڪار آهن. ڪي چون ٿا ته انهن وٽ 15 لک رپيا
آهن. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهن وٽ 30 لک آهن.
پر ان هوندي به تجارتي مال لاءِ اسان جي دلالي
ڪندا آهن. سچ به اهو آهي ته سندن هندو شاعر ٽئگور
جي شاعري به کين، شاندار، خوبصورت، معياري زبان ۾
سادگيءَ جو سبق ڏيئي ٿي. اهو ناممڪن آهي جو ونسينٽ
سمٿ مطابق آئين اڪبري ۾ ٻڌايل منجهيل ۽ حيرت ۾
وجهندڙ حساب مان ڪو اندازو لڳائي سگهجي. مان سنڌ
متعلق ڏنل انگن اکرن کي آئين اڪبري ۾ پڙهيو آهي(1)
پر منجهن سچائي جو ڪو حصو به ڏسي ڪونه سگهيو
آهيان. اهو، سنڌ جي ان دور جي معاشي ۽ معاشرتي
زندگيءَ متعلق ڪابه رهبري ڪونه ٿو ڪري، اهي چريائي
جي حد تائين منجهيل ۽ کُٽل آهن ۽ مؤرخ اهو چاهيندو
ته اهي واضح ۽ تفصيلي هجن. جيئن ونسينٽ سمٿ چيو
آهي: ’هر موضوع کي صرف حڪمران ۽ درٻار جي حوالي
سان ويچاريو ويو آهي.‘ اڪبر دور جي معاشي ۽
معاشرتي حالتن کي کانئس اڳوڻن بادشاهن جي دور
وارين معاشي ۽ معاشرتي حالتن سان ڀيٽ ڪري ڏٺو ئي
ڪونه ويو آهي ۽ جيڪڏهن ڏٺو ويو آهي ته تمام مختصر
طور تي“ … تڏهن اهو ثابت ٿيندو ته سنڌ، جنهن کي
سنڌونديءَ جي روپ ۾ هڪ آبي تجارتي رستو هو، ۽ سندس
سڌو تعلق، هندستان جي تاريخ جي ٻن مشهور ۽ ترقي
پذير شهرن ملتان ۽ لاهور سان هو، سندس ڏينهون
ڏينهن ترقي ڪندڙ سوٽي ڪپڙي جي صنعت پنهنجي عروج تي
هئي. ٺٽي جهڙي وسيع تجارتي منڊي ۽ ان جي ڀر ۾ هر
وقت مشغول لاهري بندر هو(1)
ان ڪري جلد ئي يورپ واسطي واپاري نقطهءِ نگاه
کان هڪ منافع بخش مرڪز طور سڃاتو ويو.
هاڻي اچو ته سنڌ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ واريون
تجارتي حالتون جاچي ڏسون: سنڌو درياه، لاهور(2)
۽ ٺٽي(3)
جي وچ ۾ رابطي جو مکيه ذريعو هو ۽ سوٽي ڪپڙي جي
صنعت وارا مکيه شهر بکر، گمبٽ، روهڙي، سن، درٻيلو،
ڪنڊيارو، سيوهڻ ۽ نصرپور هن درياه جي ڪناري سان
هئا يا ڪناري جي ويجهو آباد هئا. سنڌ ۾ آبي آمدرفت
جو انتظام بي انتها شاندار هو، جنهن جي تعريف جا
ڍڪ 1699ع ۾ هئملٽن به ڀريا آهن. ان درياهي رستي
کان سواءِ ٺٽي ۽ احمدآباد(4)
جي وچ ۾ خشڪي جو رستو به هو، جيڪو 1613ع ۾ وٿنگٽن
ڏيئي ويو هو، جيڪو ٺٽي کان پالي ۽ بعد ۾ جيسلمير
پهچندو هو. هڪ تجارتي رستو بکر کان افغانستان ۽
ايران ويندو هو. جنهن تان سامان سان ڀريل اٺن جا
قافلا موسم جي لحاظ سان پيا ايندا ۽ ويندا هئا.
اهي سنڌ جي سخت گرميءَ ۽ درياهي ٻوڏکي نظر ۾ رکندا
هئا ۽ ايران ۽ بلوچستان جي سخت سردين کي به خيال ۾
رکيو ويندو هو. اهي سَون اٺن تي مشتمل هوندا هئا،
جن سان گڏ پهريدارن ۽ واپارين جي فوج هوندي هئي.
سنڌ ۾ پڻ آمدرفت باربردار جانورن جي معرفت ٿيندي
هئي، جيڪي گهڻي ڀاڱي اٺ هوندا هئا ۽ زمين جي
مٿاڇري جي لحاظ کان اهي بلڪل موزون هئا. ڦيٿائي
آمدرفت کان اڻ واقف هئا. ان ۾ شڪ آهي ته تجارتي
مرڪزن کان سواءِ ڪي بيل گاڏيون به استعمال ٿينديون
هجن.(1)
منڊيءَ جو مشرقي طريقو بزرگن جي مزارن تي ميلا
ملاکڙا هئا. سنڌ گزيٽيئر انهن جاين، تاريخن ۽ سالن
جي وڏو وچُور ڏيئي ٿو، جتي اهڙي قسم جا ميلا هر
سال ساڳئي ڏينهن تي لڳندا هئا. ان نقطهءِ نگاه کان
سنڌ اڃان به پراڻي وچولي دور جي تجارتي منڊي جي
طريقهءِ ڪار سان وابسته هئي، جيئن انگلينڊ خود به
تجارتي شهرن جي وجود ۾ اچڻ ۽ تجارتي جماعتن ٺاهڻ
جي وقت تائين هو.
سنڌو نديءَ تي لڳ لاهري بندر، سنڌ جو اهم بندر هو،
جتي 200 ٽن کان 300 ٽن وزني جهاز بيهي سگهندا هئا،
جيڪي ان دور ۾ وڏي ۾ وڏا جهاز هئا ۽ ان سان گڏ
تجارتي بندوبست اعليٰ ۽ اوچو هو، جنهن کي ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ جي واپارين 1636ع ڌاري ڏاڍو ساراهيو
آهي. سترهين صديءَ جي وچ ڌاري لاهري بندر پنهنجي
اهميت وڃائڻ شروع ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته اهو درياه جي
لَٽَ پوڻ ڪري لٽجي ويو هو. اورنگزيب جڏهن(1)
52-1648ع ۾ ملتان جو گورنر هو ته کيس هن تبديليءَ
متعلق خيال ڏياريو ويو. ان جي ڪوشش سان لاهري بندر
جي ڀرسان اورنگا بندر نالي هڪ ٻيو بندر تعمير ڪيو
ويو هو. اهو هڪ مڪمل بندر ٿيڻ واري درجي تي پهچي
ڪونه سگهيو ۽ شاهه بندر جي هڪ ذيلي بندر طور هن
پنهنجا ڏينهن پورا ڪيا، جيڪو ارڙهينءَ صديءَ ۾ هڪ
مصروف ۽ معروف بندر بنجي ويو هو. اورنگا بندر،
لاهري بندر، وسطا (وسطي) بندر، ۽ شاه بندر کان
ايراني نار طرف سامونڊي تجارت وڏي ترقي ڪئي. جنهن
۾ هڪ طرف هن جا تجارتي تعلقات بصري، گومبرون (بندر
عباس) مسقط، ڪونگو ۽ بحرين سان هئا ته ٻئي پاسي
گجرات جي ڪامبي ۽ سورت سان به هئا. اها تجارت
مسلمانن جي هٿ ۾ هئي. انگريزن ۽ ڊچن ان تجارت کي
پنهنجي هٿن ۾ رکڻ جي وڏي جاکوڙ ڪئي. هن ڪم ۾ هو
چڱا ڪامياب ويا. پر اهو سڀ ڪجهه ٿيو ان ڪري جو
سندن جهاز بهتر نموني جوڙيل هئا، جهازن ۾ رکيل
خلاصي اعتماد جوڳا هئا ۽ وٽن ڪاٺياواڙ ۽ ايراني
نار جي سامونڊي قزاقن جي حملن کان بچڻ لاءِ بهترين
هٿياربند تحفظ هو ۽ جيڪي ڌاڙيلن جي اوچتي حملي جي
صورت ۾ به سوڀارا ٿيندا هئا. اهي جهاز ڏاڍا
ڏورانهان گوا ۽ ملبار تائين نڪري ويندا هئا. ان
وقت سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وارو علائقو وڏو تجارتي
آمدرفت وارو ماڳ هو ۽ ايئن سڃو ڪونه هو جيئن اڄ
آهي.
ٺٽي شهر ۽ بندر جي وچ وارو فاصلو مصيبتن سان ڀريل
هوندو هو. ڇاڪاڻ ته اهي وچ وارا چاليهه ميل هڪ
ويران علائقو هو (جيئن هئملٽن بيان ڪيو آهي) ۽
قافلا ڌاڙيلن جي حملن جو شڪار ٿيندا هئا. جيڪي
ڪڏهن بلوچ ڪري ڪڏهن هيٺين سنڌ جي ڄام جا ماڻهو
(گهڻو ڪري سما قبيلي جا سنڌي ماڻهو يا مهاڻا،
منڌرا يا جت هوندا هئا، جيڪي سنڌو نديءَ جي ڇوڙ
واري علائقي جا رهاڪو) هئا جڏهن جهاز هن بندر جي
گهاٽ تي نظر ايندو هو ته ان کي اڪلائڻ جو هڪ دلچسپ
مثال تاريخ طاهريءَ ۾ محفوظ آهي، جيڪو تن ڏينهن
رواج ۾ هو ”جڏهن جهاز، لاهري بندر ۽ سمنڊ جي وچ
واري ڦاٽ ۾ داخل ٿيندو هو ته ان جي اچڻ جو اطلاع
بندوق جو ٺڪاءُ ڪري ڏنو ويندو هو، جنهن جي موٽ ۾
سگنل ڏيندا هئا، اهو چوڪيءَ واري جاءِ ڏانهن
اشاراتي اطلاع هو ته جيئن بندر تي رهندڙ ماڻهن کي
خبردار ڪيو وڃي ته ڌاريون جهاز نظر آيو آهي.“
اهڙيءَ طرح اُهي وري ٺٽي جي واپارين ڏانهن اهڙي
قسم جو اطلاع موڪلي ڇڏيندا هئا، جيڪي ٻيڙن ۾ سوار
ٿي پهريدارن واري چوڪيءَ ڏانهن هليا ويندا هئا.
سندن پهچڻ کان اڳ جيڪي خبر رکڻ تي مقرر هوندا هئا
سي پتو لڳائيندا هئا ته هو ڪهڙي قسم جو ۽ ڇا جي
مال سان لڏيل جهاز آهي. هر جهاز ۽ هر واپاري اهڙي
نوعيت جي سوالن مان گذرندو هو. جيڪي ان تجارت سان
لاڳاپيل هوندا هئا سي غورابن يا ٻيڙين ۾ سوار ٿي
ڦاٽ جي منهن تائين ايندا هئا. جيڪڏهن جهاز لاهري
بندر ڏانهن اچڻو هوندو ته اهو مٿي هاڪاريندو اچي
اتي لنگر انداز ٿيندو. جيڪڏهن اهو ڪنهن ٻئي بندر
سان واسطو رکندو هوندو ته اهو اتان کان مٿي وڃي
ڪونه سگهندو هو پر لاهري بندر سان لاڳاپيل مال
لاهي ٻيڙين حوالي ڪيو ويندو هو.
لاهري بندر ۽ ٺٽي جي وچ وارو پنڌ مستقل طور تي ٻئي
نقطهءِ نظر کان به هڪ مصيبت بڻيل هو. ٽيورنيئر هڪ
انگريز ڪئپٽن جي متعلق هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو
آهي، جيڪو بندر ۽ ٺٽي وچ تي سفر ڪري رهيو هو.
”بادشاه اهو قبول ڪيو آهي ته جهاز جا انگريز ڪئپٽن
جڏهن جهاز مان لهي ڪناري تي ايندا ته سندن تلاشي
ڪانه ورتي ويندي. پر هڪ ڏينهن انگريز ڪئپٽن ٺٽي
ڏانهن ويو جيڪو هندستان جي تمام وڏن شهرن مان هڪ
آهي، سنڌو نديءَ جي ڇوڙ واري جڳهه جي ڀرسان ۽ سنڌو
نديءَ جي ڪناري تي آهي. جڏهن شهر ۾ گهمي رهيو هو
ته محصول جي عملدارن کيس گرفتار ڪيو ۽ هو پاڻ کي
بچائي ڪونه سگهيو، جڏهن سندس تلاشي ورتي ويئي ته
هو ٻڙڪ نه ڪڇيو. تلاشي دوران وٽانئس ڪجهه سون
نڪتو. هن ٿورو اڳ ۾ جهاز کان شهر ڏانهن ايندي
ويندي ڪجهه سون اڳئي هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇڏيو هو.
هن کان معمولي محصول وٺي کيس آزاد ڪيو ويو“(1).
ان مان ظاهر اهو ٿئي ٿو ته محصول آفيسرن، ڪئپٽن
لاءِ اهو سمجهيو هوندو ته هو سون کي عادتاً مٽاسٽا
۾ استعمال ڪندو هوندو. جنهن کي ايئن ڪرڻ جو حق
ڪونه هو. عام طور تي رواج اهو هو ته سوني سڪي جي
مالڪ کان سون وٺي برابريءَ ۾ مقامي سڪا ڏنا ويندا
هئا. سون جي سڪي ۾ اها ڏيتي ليتي آڻيندڙ جي خلاف
هئي. ڪئپٽن ظاهر ظهور تلاشيءَ واري قانون کان آجو
هو ۽ ان متعلق اهو خيال مشڪل سان پئي ڪيو ويو ته
ڪو ان وٽ سون جو سڪو هوندو، جنهن کي هو ٺٽي ۾
خانگي تجارت لاءِ استعمال ڪري ٿي سگهيو. هن ۽ ٻين
اهڙين همعصر لکتن مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾
خشڪي ۽ آبي تجارتي نظام بهترين بنيادن تي بيٺل هو.(2)
واپار ڌنڌو سٺي نموني سان قائم ڪيل هو ۽ مٿانئس
حڪومت جي نظرداري تمام عمدي هئي. واپاري ماڻهن کي
جيڪي مشڪلاتون درپيش هيون سي اهي ئي عام قسم جون
هيون، جيڪي ان دور جي هندستان ۾ هيون: جهڙوڪ،
پريشانيون، محصول جون بي ڍنگايون، دير، سامونڊي ۽
خشڪي ڌاڙيلن جون مصيبتون ۽ خشڪي جي رستن جي عدم
موجودگي وغيره. تجارتي مال سان عام طور تي،
گماشتي، دلال ۽ ڀلاوڻي جو واسطو هوندو هو، جيڪي
گهڻو ڪري هندو هوندا هئا ۽ هنن وٽ چڱي دولت ڪٺي
ٿيندي هئي. جنهن جي هو نمائش ڪونه ڪندا هئا، متان
ڪو لالچي حريص قسم جو سرڪاري اهلڪار سندس دولت کي
ضبط ڪرڻ جون اٽڪلون سٽڪلون نه ڪري يا ڪو غير واجبي
ڏنڊ ڏوهه نه مڙهي. اهوئي هڪڙو سبب هو جو واڻيا
اعليٰ معيار واري رهڻي ڪهڻيءَ کان لنوائيندا هئا،
جن جي متعلق اوونگٽن جو خيال آهي ته ”منجهن اوچي
رهڻي ڪهڻيءَ جو احساس هو ئي ڪونه.“
|