باب ستون
سنڌ ۾ تصوف
سنڌ ۾، عام ماڻهوءَ جو تصوف جي سلسلي ۾ طرز عمل،
اعليٰ شاعري ۽ مذهبي عالمن کان مختلف هو. تصوف،
پنهنجي تاريخي تسلسل ۾ جيڪي تبديليون سَٺيون تن کي
اسان اڳ ۾ ظاهر ڪري آيا آهيون. سنڌ ۾ تصوف جي
سلسلي کي تفصيل سان بيان ڪرڻ ممڪن ڪونهي. جڏهن
تصوف عملي طريقي جي شڪل ورتي ته ان ۾ ڪيترن قسمن
جا درويش ۽ فقير شامل ٿي ويا. تاريخ طاهريءَ ۾
لکيل آهي ته شيخ المشائخ، شيخ پير پٺي
(Shaikh Patha)
جي مزارن کان سواءِ ڏهه ٻارهن مزارون (ٺٽي ۾)ٻيون
به آهن، جتي درويش پنهنجو ناچ ڪندا آهن. اهي
جذباتي ماڻهو اهڙي ته مقدس وجد ۾ بيخبر ٿي ويندا
آهن، جو پاڻ کي مڪليءَ جي پهاڙين جي پٿرن سان وڃي
ٽڪرائيندا آهن، پر پنهنجي ڄاڻو استادن ۽ ويڄن جي
مهربانيءَ سان کين ڪوبه ڇيهو ڪونه رسندو آهي. اها
رسم جيتوڻيڪ اسلامي اصولن جي سخت خلاف آهي، پر
پيڙهيءَ به پيڙهيءَ هلندي اچي ٿي. هتان جي عالمن ۽
گورنرن هن رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏاڍا حيلا هلايا
مگر ان کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿيا.(1)
هتي هر دلعزيز تصوف اهڙو بگڙي چڪو آهي، جو ان کي
ملان ناپسنديدگيءَ جي نظر سان ڏسن ٿا.
سنڌ ۾، هن تحريڪ جي ترقيءَ متعلق ڪوبه معتبر احوال
ڪونه ٿو ملي. تحفة الڪرام جيڪو، غير سائنسي قسم جو
هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو اڻلڀ معلومات جو خزانو آهي
۽ اهو ان ماڻهوءَ جي تصنيف آهي، جنهن ايليٽ جي
چواڻي پيرن فقيرن جي ڪانين ڪرامتن کي تمام سادگيءَ
سان پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ انهن جو تعداد
ايترو گهڻو آهي، جو هن ملائيت جي ماريل سرزمين
جوڪوبه ڳوٺ اهڙو ڪونهي، جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن بزرگ
جي مزار نه هجي ۽ جن جي ڪرامتن کي هن وڏي ڀروسي ۽
يقين سان قلمبند نه ڪيو هجي.(1)
پر اهڙي قسم جي معلومات ڪنهن ڪم جي ڪانهي، نه وري
اڄ جي سنڌي ڪتابن ۾ هن موضوع تي ڪو ان کان بهتر
ڪتاب آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سارو مواد تحفة الڪرام
يا ٻئي اهڙي معيار جي ڪتابن تان ورتل آهي، سنڌ جي
صوفين مان ڪي مشهور صوفي ڪجهه قدر علم جا صاحب
آهن، باقي ٻين لاءِ رڳو ڳالهيون آهن، جن تي ائين
ئي اعتبار ڪرڻو پوندو. بهرحال هتي ڪيترائي ڏاهپ جا
صاحب ۽ مهذب ماڻهو هئا، جيڪي صوفي فلسفي جي اعليٰ
اصولن کان ڀلي ڀت واقف هئا، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نٿو
ڪري سگهجي، پر اسان کي سندن باري ۾ ڪابه معلومات
ڪانه ٿي ملي. انهن آڳاٽن صاحبن مان سڀ کان وڌيڪ
ڄاتل سڃاتل سيد عثمان شاه مروندي هو، جيڪو لال
شهباز جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ سندس مقبرو سيوهڻ ۾
آهي. هيءُ به ڪيترن ڪتابن جو مصنف چيو وڃي ٿو ۽
برٽن مطابق اهي ڪتاب پوءِ جي دور ۾ نوجوانن جي
هدايت واسطي ڪم ايندا هئا. ڄيٺمل پرسرام، پنهنجي
ڪتاب
(Sindh and its Sufis)
’يعني سنڌي ۽ ان جا صوفي‘ ۾ هن جو ۽ سندس ڪن ساٿين
جو ذڪر ڪيو آهي؛ پر حقيقتون تمام غير واضح آهن.
هي قلندر هو ۽ تقدس جي پنهنجي زندگيءَ ۾، ۽ وفات
کان پوءِ به وڏو نالو ڪيائين. سندس عرس جي موقعي
تي مزار تي ماڻهن جا ميڙاڪا عجيب نظارو پيش ڪندا
هئا ۽ اڃا تائين ڪن ٿا. مذهب ۽ وهم وسوسا پاڻ ۾
ملي هڪ ٿي ويا آهن۽ هندو مسلمان گڏجي هن جو يادگار
ڏينهن ملهائيندا آهن. ڄيٺمل پرسرام چوي ٿو، ”سيوهڻ
۾، جتي لال شهباز (جنهن کي قلندر لال مروندي به
سڏيو ويندو آهي) رهيو ۽ وفات ڪئي. عرس جي موقعي تي
ان جي مقبري جي چوڌاري هزارين هندو مسلمان اچي
رهندا آهن، جيڪي پاڻ ۾ ڏاڍو رلي ملي ويندا آهن ۽
اهڙا صوفياڻا راڳ ڳائيندا آهن، جن جي ٻڌڻ سان دل
ميڻ ٿي ويندي آهي. انهن مقدس ڏينهن ملهائڻ سان
ڪيتريون ئي غلط ڳالهيون شامل ٿي ويون آهن، پر ائين
هميشه ئي ٿيو آهي.“
سنڌ جا سڀئي صوفي شاعر جن جي متعلق هاڻي گهڻو
احوال اچي چڪو آهي، انهن مان ڪوبه شاه عبداللطيف
کان مٿانهون ڪونهي، انهن مان سڀ کڻي نه پر گهڻا،
کانئس پوءِ جي پيداوار آهن. سترهينءَ صديءَ دوران،
جڏهن لال شهباز جي جوڀن جا ڏينهن هئا ۽ وري ارڙهين
صدي جنهن ۾ شاه عبداللطيف رهيو، ان وچ واري دور
متعلق تمام ٿوري معلومات مستند تاريخي حقيقت جي
صورت ۾ محفوظ ٿيل چئي سگهجي ٿي. سچل سرمست (جيڪو
مستيءَ ۾ هجي) انهن سڀني ۾ بهترين شاعر آهي ۽
سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته سندس جنم 1739ع ۽ 1757ع جي
وچ ڌاران ٿيو ۽ اهو چيو وڃي ٿو ته سچل سرمست جڏهن
اڃا ننڍو ڇوڪرو هو ته شاه عبداللطيف سان مليو هو.
سنڌ جي تصوف متعلق ڄاڻ لاءِ اسان برٽن جا ٿورائتا
آهيون. تصوف متعلق برٽن ٻڌائي ٿو ته ”تصوف، مقامي
حڪومت دوران اهڙوئي هڪ خطرناڪ سياسي هٿيار سمجهيو
ويندو هو، جهڙيون ٻيون ڪيتريون ڳجهيون برادريون
تاريخ ۾ قلمبند ٿيل آهن … ايتري قدر جو انهيءَ دور
۾ امن پسند سنڌين ۾ به ڪو نالي وارو (يا مرشد) بنا
ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي مريد کي پنهنجي دشمن کي قتل
ڪرڻ لاءِ حڪم ڏئي سگهيو ٿي. مقامي حڪمران انهن
حرڪتن جي همت افزائي ڪندا رهندا هئا، ڪجهه ته وهم
جي ڪري ۽ ڪجهه وري ان ڪري جو کين هر ڪنهن پير جي
قيمت چڱي طرح معلوم هئي
(History of Sindh PP: 203-4)
هڪ پير وڏي اختيار واري حيثيت رکندو هو. سنڌ جا
صوفي فقير مکيه طور ٻن قسم جي سلسلن سان لاڳاپيل
هئا. هڪڙا جلالي ۽ ٻيا جمالي درويش هوندا هئا. اهي
پهرين ابتدائي مرحلن کان گذرندا هئا، جن ۾ هواڳوڻن
مسلمان درويشن جي پوئواري ڪندا هئا، جن جي متعلق
گهڻي ڳجهي ڄاڻ برائون جي مشهور تصنيف
'The Dervishes'
مان چونڊي پيش ڪري سگهجي ٿي. لکي ٿو جُلالي فقير
هڪ قسم جي ملنگن جهڙي اوني ٽوپي پائيندا هئا جنهن
کي ’تاج‘ چئبو آهي. کين ڪاريءَ اُنَ جو اڇن ڌاڳن
سان سبيل ڪوٽ پاتل هوندو هو جيڪو ٻانهن بنا، ڪفن
جهڙو هوندو هو، ان کي ڪفني چوندا آهن. ان کانسواءِ
هڪ اُن جو ڪمبل به هوندو هئن. جنهن کي وري ’گودڙي‘
چوندا آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو حقيقت ۾ پينو فقير
هوندا هئا ۽ سندن ڌنڌي جي مال ۾ وٽن هڪ عدد تسبيح،
هڪ آبنوسي يا ٽالهيءَ جي لٺ يا ’عصا‘، هڪ بيراڳڻ
يا ڪانٽي جي شڪل جو لڪڻ جيڪو گيان ڌيان ڪرڻ مهل
نرڙ کي سهاري ڏيڻ يا آرام وقت ٽيڪ ڏيڻ ۾ ڪم ايندو
هو. ’ڌاڳا‘ يا هڪ ڪمر پٽو جيڪي ڪاري وٽيل اُن مان
ٺهيل هوندا آهن، ’ڳانا‘، جيڪي پڻ ڪاريءَ ان ۽
گلابي ڌاڳن جي ڪنارين سان هوندا آهن، سي هارَن
وانگر پاتا ويندا هئا، هڪڙي گبري يا ٿيلهي به
هوندي هئن جنهن ۾ کاڌو ۽ ٻيون واهپي جون شيون
رکيون وينديون آهن ۽ هڪ تُنبي هوندي هئن، جيڪا
خيرات وٺڻ ۽ پنڻ جي ٿانوَ طور ڪم ايندي آهي.‘
سنڌ جا جمالي فقير چئن حصن ۾ ورهايل آهن: قادري،
نقشبندي، سهروردي ۽ چشتي. برٽن انهن سلسلن مان ڪن
جي شغلن ۽ حضورين جو ذڪر ڪيو آهي. انهن جي مذهبي
مشقن جي متعلق هن گهڻي نادر معلومات ڏني آهي. (ڏسو
هسٽري آف سنڌ، صفحا: (213 ۽ 222) سندن قاعدا ٻين
اسلام جي عارفاڻين مشقن کان تفصيل ۾ ڪي گهڻا مختلف
ڪونه آهن ۽ خاص ڪري ان لاءِ به دلچسپ آهن، جو اهي
انساني نفسيات تي ڪجهه روشني وجهن ٿا. اهو ڏسڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي ته انهن تمام گهڻين مشقن منجهان
نتيجي طور مذهبي ڀلايون ڪيئن ٿيون پيدا ٿين. سنڌ
جي ڪجهه صوفي پيرن جا به ذري گهٽ ساڳيائي خيال
آهن. پير مراد جنهن جي هڪ چواڻي ڏاڍي مشهور آهي
ته، ”اهو بهتر آهي ته هڪ مئل دل کي دائمي زندگي
ڏجي، بنسبت انهيءَ جي جو هزارن مئلن کي زندگي
ڏجي.“ اهو ڄڻ ته انهيءَ ڳالهه ۾ يقين رکندو هجي ته
مذهب ڪم کان وڌيڪ معتبر هٿيار آهي، اهو عقيدي جو
اهڙو جز آهي، جيڪو اسلام ۽ عيسائيت ۾ هڪ جهڙو آهي.
مذهبي فقيرن جي طبقي سان تقدس لاڳو ڪرڻ وارو خيال
ڪنهن حد تائين شاه عبداللطيف جي هڪ سُر مان به ملي
ويندو، جنهن جو نالو رامڪلي آهي ۽ مون ان کي ’هولي
مين‘ جي عنوان سان ترجمو ڪيو آهي. ظاهري طور ته
اهو سر هندو جوڳين، ويراڳين، آديسين ۽ ٻين مذهبي
فقيرن جو حوالو رکي ٿو، پر ان جي گهڻي ڪشادي معنيٰ
آهي، جيئن ڪيترن بيتن مان ظاهر آهي ته اهي اسلام
جي عقيدي جو حوالو رکن ٿا. اها شاه عبداللطيف جي
هڪ خاص گهڻ رخيءَ خوبي آهي، جو هڪ طرح سان هن گهڻن
مذهبي فقيرن کي هڪ هنڌ آڻي بيهاريو آهي. پر هنجو
فقيراڻو مذهب ظاهر ظهور بيتن ۾ به ظاهر آهي، جن ۾
هن غلط عملن ۽ سخت تڪليف واري نفس ڪشيءَ جي نقصانن
جو حوالو ڏنو آهي.
"But of the Lord alone, true worship is.
There's none of pir or prophet. They do Sin
Who worship pirs and worse than these are they
Who worship idols, those poor, luckless folk,
From path misled who grasped unturthfulness.
Self worship not, thou faithful, pure of heart.
They who do this, believe not; let disgrrace
Their faces blacken."
نڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين
جاٽا ڪن نه جوڳ جي، جوڳ نه جهارين
آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جيون.
*
هر هر ڪن هرنام، ڌون ڏهاڙي ڌوتيا
جن نه ريجهايو رام، ناٿ نه نمي تن سين.
*
هر هر ڪن اُميس، ڌون ڏهاڙي ڌوتيا
جن نه ماري ميس، ناٿ نه نمي تن سين.
*
جهڙا ڪڙڄ ڪڪرا، تهرا جائن ڦل
تن سامين جي سڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گل
اندر ملهه املَ، ٻاهر ڪوجها ڪاپڙيا.
بهرحال اهو سمجهڻ غلط ٿيندو ته عام ماڻهو قلندرن ۽
هٿ ٺوڪين صوفي فقيرن لاءِ نيڪيءَ جا اهڙائي معيار
رکندا هوندا، جيڪي پري پري تائين رلندا رهندا هئا
۽ ڳوٺاڻن کي سندن وهمن وسوسن سبب ڦريندا وتندا
هئا. هن سموري نظام لاءِ برنس ۽ برٽن طرفان ڪيل
تنقيدون بلڪل جائز آهن ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪا حقيقت
ڪانهي. نه ئي اهو انصاف ٿيندو، جو انهن ٺڳن جي
معيار موجب ويهي سنڌ ۾ تصوف کي پرکجي. اهو به صحيح
ناهي ته بگڙيل شڪل ۾ موجود تصوف جو ملهه ڪٿجي. ان
کي سندس ڪاميابين مان پرکڻ گهرجي ۽ نه اڻڄاڻ ماڻهن
طرفان ڏنل ان جي اصولن جي سمجهاڻين مان.
مئڪڊونالڊ جهڙن مصنفن جو خيال آهي ته فقيري سلسلن
جا اهي عمل پوءِ کڻي منجهن ڪيڏي به گمراهي پيدا ٿي
وئي هجي ۽ ان سان هو بنهه ڪري پيا هجن. پر اصل ۾
انهن جو مضبوط بنياد رسول ﷺ جن جي حديثن ۾ ڏنل
حڪمن تي رکيل آهي، کين قرآن ۾ هنن فقيري سلسلن جي
خيالن جون ڪيتريون ئي علامتون ۽ اشارا مليا آهن:
هو چوي ٿو ته، ”قرآن ۾ هڪ آيت آهي، جنهن محمد ﷺ
انهيءَ خيال کي قرآن ۾ آيل خدا جي انساني شڪل ۾
اچڻ وارن ٻين خيالن کان مختلف نموني پيش ڪيو آهي.
اڳتي هلي اسلام ان اصول کي پاڻ ۾ شامل ڪيو، ان کي
ترقي ڏني، ۽ سچائيءَ ۾ حياتيءَ جي جذبن جي اهڙن
رازن کي محسوس ڪيو،جيڪي انهيءَ سان اڻسڌيءَ طور
شامل هئا. مئڪڊونالڊ قرآن مان آيتن جا حوالا ڏئي
ٿو:
'Men act out of desire for the Face of Allah'
"They desire the Face of Allah"
They act for the sake of the Face of Allah."
’ماڻهو ’خدا جو منهن‘ ڏسڻ جي خواهش سان عمل ڪن ٿا.‘
خدا جو منهن ڏسڻ واسطي هو عمل ڪن ٿا،
’اهي خدا جي منهن ڏسڻ جي خواهش ڪن ٿا.
And Every thing goes to destruction- is going to
distraction except His Face.'(1)
هر چيز تباه ٿي وڃي ٿي- تباهيءَ ڏانهن وڃي پئي-
سواءِ ’هن جي مُنهن‘ جي.
اهڙي قسم جي آيتن مان ميڪوڊنالڊ اهو نتيجو ٿو ڪڍي
ته ’انهن آيتن ۾ الله جي جوهر کان علاوه به ڪا
شيءِ رکيل آهي.‘ درحقيقت ان ۾ هڪ اهڙو عارفاڻو
شعور آهي، جيڪو فطري الهام ذريعي خدا سان سڌي تعلق
واري خيال کان الڳ ڪونهي.
تصوف جي عملي ترقيءَ ۾ هڪ ٻيو به اثر شامل آهي،
جيڪو آهي الله کي ياد ڪرڻ يا ’ذڪر‘ ڪرڻ. اهو هڪ
مذهبي مشق جو ذريعو آهي، جيڪو درويشي جي سلسلن
انتهائي حد تائين جاري رکيو.
ان جي وڌيڪ شديد صورتن ۾ اهو ذڪر جو عمل پاڻمرادو
هڪ قسم جي هپناٽزم ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو هڪ مقدس
مدهوشي يا بيخودي جي حالت پيدا ڪندو آهي، جيڪا
فقيري سلسلن جي قاعدن ۾ نمايان حالت هوندي آهي.
اها جذباتي اڀار جي واضح شڪل هئي، جنهن عام ماڻهو
لاءِ وڏي ڪشش پيدا ڪئي ۽ کيس مڃايو ته فقيرن ۾ اهو
بزرگيءَ جي نشاني ۽ قدرتي الهام آهي. آخر ۾ بزرگن
جو هڪ گروه هو، جيڪو ’خدا جو دوست‘ (ولي الله)
سڏبو هو. ’انهن کي ڪو خوف ڪونهي ۽ نه ڪو ڏک‘ انهن
مان مکيه الخضر
(Al-Khadir) آهي، جنهن دائمي زندگيءَ جو پاڻي پيتو هو. سنڌ ۾ هن درويش
خواجه خضر جي نالي سان وڏي طاقت حاصل ڪئي ۽ هاڻي
هڪ عام وهم بڻجي ويو آهي. ۽ ان کي پاڻيءَ جي ديوتا
جي حيثيت سان سڃاتو ويندو آهي ۽ سولائي سان اهو
تصور ڦيرائي کيس سنڌو درياه جو ديوتا ڪري ورتو ويو
آهي. بلوچي شاعريءَ ۾ خواجه کي سنڌوءَ سان
هڪجهڙائي آهي ۽ ساوا ڪپڙا پهريل هڪ پوڙهي جي روپ ۾
اچي ٿو: ’مزارين پنهنجي ٻيڙي پتڻ تان ڇوڙي ۽ خواجه
جي لهرن تي ان کي ترڻ لاءِ ڇڏيو. بنا کنڀن جي تيرن
جي، چوڌاري چئن کنڀن وارا تير سڀ گڏيا ويا: خواجه
پاڻ اها جنگ ياد ڪندو.“(1)
سو اهڙي ريت بلوچي راڳ اڳتي هلي ٿو. سنڌ جا
جيڪي درياه، پنٿي آهن، سي درياهه جي ديوتا يا
پاڻيءَ جي ديوتا جي تقدس ۾ وڏو يقين رکن ٿا ۽ اهو
عقيدو هندن ۽ مسلمانن کي هڪ جهڙو متاثر ڪري ٿو.
خواجه خضر کي، زندهه پير واري حيثيت حاصل آهي،
جنهن آب حيات پيتو آهي ۽ آخري ڏينهن تائين زندهه
رهندو، جڏهن مٽيءَ ۾ مٽي ٿيڻ کان پوءِ وري ٻين
ماڻهن سان گڏ اٿاريو ويندو. برٽن، سنڌو درياهه جي
شان ۾ هڪ ڀڄن جو به حوال ڏنو آهي، جنهن ۾ درياه کي
خواجه خضر ڪري مخاطب ڪيو ويو آهي.
(History of Sindh. P:327)
آخر ۾، اهو اسلامي عقيدو به موجود آهي ته بزرگ مئا
ڪونه آهن؛ ستا پيا آهن ۽ پنهنجن مقبرن ۾ موجود
آهن. سندن مقبرا، سندن گهر بڻجي ويا آهن، جتان هو
نڪري سفر ڪندا رهندا آهن. دعا انهن تائين پهچي ٿي
۽ هو فائدا به ڏين ٿا. اهوئي پختو بنياد آهي، جنهن
تي سنڌ ۾ مُئل پير بزرگن ۽ مرشدن جي مقبرن سان غير
معمولي عقيدت ٻڌل آهي.
اهڙي قسم جي عقيدت پير ۽ مريد واري رشتي ۾ شخصي
مذهب جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. ويچاري مريد کي
پنهنجي روحاني رهبر جي فرمانبرداري ضرور ڪرڻي آهي.
هن قسم جي رويي مان ڪيترن ئي قسمن جا درويشن جا
سلسلا اڀري آيا اهن، جن کي قائم ڪندڙ صوفين جي
نالن پٺيان سڏيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت موجوده
عملي نمونو ۽ روايتن جي تسلسل کي پاڻ ۾ ملائي، هڪ
مڪمل مضبوط نظام جوڙيو ويو آهي، جنهن جون پاڙون
ڏور ماضيءَ ۾ آهن.
تيرهين صدي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾، اسلامي دنيا جي
مرڪز مان ڪيترائي عالم ۽ مذهبي خيال جا ماڻهو هجرت
ڪري اچي سڪونت پذير ٿيا. لال شهباز جيڪو پنهنجن
گهڻن ساٿين سان آيو، جن مان گهڻن هندستان جي ٻين
علائقن ۾ پنهنجا نالا ڪڍرايا. اهو به اهڙوئي هڪ
ماڻهو هو، ٻيو اهڙو ماڻهو ابوالفضل جو وڏو ڏاڏو
هو. سنڌ ۾ سيد جو هيڏو سارو غلبو پڻ بنا شڪ جي
تقريباً انهيءَ دور کان شروع ٿيو هوندو. هيءُ اهو
دور هو، جنهن ۾ اسلام وري ٻيهر سرحدي نقطهءِ نگاهه
سان پکڙجي رهيو هو. مسلمان عالمن جي محنت هڪ قسم
جو پائدار مذهب جوڙي تيار ڪيو. جنهن ۾ قران ۽
حديثن جي سختيءَ کي، وچ ايشيا جي ايراني مسلمانن
جي اثر جي ڪري نرم ۽ وسيع ڪيو ويو هو. اها به
اهميت جي لائق ڳالهه آهي ته سنڌ ۾، جيئن هاڻي آهي،
پراڻي دور ۾ به سنڌ جي شاهوڪار حاڪمن ۾ مذهبي
ڪٽرپڻي جي عدم موجودگي هئي، جو اسين اهو به ڄاڻون
ٿا ته هتي ڪرمتي اصولن جا به چڱا اثر هئا. اسان کي
اها به خبر آهي ته يارهينءَ صديءَ کان پوءِ ايندڙ
مقامي سنڌي حاڪم، جن ٻاهران آيل مسلمان حاڪمن کان
پوءِ حڪومت حاصل ڪئي هئي، جڏهن اسلام ڏانهن مائل
ٿيڻ شروع ٿيا ته هن مسلڪ کان متاثر ٿيا هئا.
سيدن مان گهڻا شيعا عقيدي جا هئا. اهو به امڪان
آهي ته سنڌ هنن ٻاهران آيلن لاءِ ڪجهه وقت لاءِ
سازگار ملڪ ثابت ٿيو هجي. مان نٿو سمجهان ته سنڌ ۾
صوفي مت جي ڪا مستقل ترقي ٿي هوندي. ايئن ٿيو
هوندو جو ڪڏهن ڪنهن غيرمعمولي ماڻهو فارسيءَ جي
ادبي ورثي ۾ مهارت سبب پنهنجن ماڻهن مان اڀري علم
۽ تقدس ۾ مشهوري ماڻي هجي.
شاه عبداللطيف جهڙي ماڻهوءَ جو تمام مهذب ۽ آدرشي
مذهب، عام ماڻهن جي وڏي تعداد جوبه ساڳيو مذهب
هوندو، اها ڳالهه سچ نٿي ٿي سگهي. صوفياڻي شاعريءَ
جي ڳجهي ۽ مخفي معنيٰ اڻپڙهيل عوام جي سمجهه ۾
ڪانه اچي سگهندي آهي. اهڙي قسم جي فڪري سطح تي
پهچي نه سگهڻ جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته اهي بيت
سريلي تخليق طور ماڻهن کي ڪونه وڻندا هوندا يا اهي
عام ماڻهن جي دلين جي عقيدن کي روشن ڪونه ڪندا
هوندا.
شاه عبداللطيف جي سوچ ۽ هڪ سيلاني جي سوچ جي وچ ۾
تمام وڏي هڪ خليج حائل آهي، جيڪو بنا ٿڪجڻ جي الله
الله ڪندو رهي ٿو. جيستائين بنهه سگهه نه رهيس ۽
جڏهن هن جو گهنڊ گُڙندو رهي ٿو. تڏهن سندس ذهن
ڪنهن وجد ۾ وائڙو هوندو آهي، پر نالي ۾ ته عام
ماڻهو ٻنهي کي صوفي چوندو. پوءِ اسين افلاطون ۽ هڪ
ڳوٺاڻي ڪرتب ڏيکارڻ واري ماڻهوءَ مان ساڳي زبان
ڳالهائڻ جي اميد ڪري سگهون ٿا. تصوف جو صحيح پيغام
ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين وٽ هوندو آهي نه انهن وٽ جيڪي عام
پيشيور ڪرتب ڏيکارڻ وارا هوندا آهن. سنڌ ۾ تصوف،
ڪن ايامن کان وٺي چند ڏاهن ماڻهن ذريعي منتقل
ٿيندو آيو آهي. هي اهي ئي انسان آهن، جن ان جي
آدرش جي جذبي کي زنده رکيو آهي. ان جي فلسفي لاءِ
سُريلي ورجاءُ جي ضرورت ڪانه آهي. ان فڪر جي توصيف
رولو فقيرن جي خدمتن تي مدار ڪانه ٿي رکي، جيڪي
ڪلهي ۾ ڪفني پايو ۽ ڪشڪول هٿ ۾ کنيو گهمندا ۽
پنندا وتندا آهن.
Live on, O sweet One, Live
"An evil word of thee
Brought each to other near
Mine eyes and heast ombine
To speak of Thee and Thine."
May mine ears nerver hear,
جانب شال جئين، تنهنجو ڪنين مدو مَ سڻان
اکين ۽ هِئين، ٻنهي تان تنهنجي.
حصو ٽيون
شاعري
اي محبوب! مان ۽ تون هن سان گڏجي ڪنهن رٿا سان
هن ڏکوئيندڙ ڪائنات کي پنهنجي گرفت ۾ آڻيون
۽ ان کي ننڍڙن ننڍڙن ذرن ۾ پکيڙي ڇڏيون.
۽ وري پنهنجي دل مطابق ان جي نئين سر اڏاوت ڪريون.
رباعياتِ عمر خيام
خدا ۽ ان جي بندي جي وچ ۾ نه ڪو پردو،
نه ڌرتي نه آسمان نه تخت آهي نه پائدان،
پردا فقط خودي ۽ فريبَ هوندا آهن
اهي دور ڪر ته خدا جو وصال ماڻين.
ابوسعيد ابوالخير
مترجم جو مهاڳ
اوهان جي آڏو، ’شاهه عبداللطيف جي رسالي جي منتخب‘
جو ترجمو رکندي ڪي سمجهاڻيون ڏيڻ جو موقعو گهرندس.
هڪ مترجم کي هميشه وڏيءَ مشڪل سان منهن ڏيڻو پوندو
آهي. ڇا هن کي اصل لفظ ڏيڻ گهرجن يا اصل جو روپ
پيش ڪرڻ گهرجي؟ هن کي فوٽو گرافر ٿيڻ گهرجي يا
فنڪار؟ ان مشڪل جو ڪو حل ڪونهي. آخرڪار مترجم کي
مصلحت کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هوندو آهي،
ڇاڪاڻ ته هڪ زبان جي عظيم شاهڪار کي ٻيءَ زبان ۾
بنا ڪجهه وڃائڻ جي هوبهو اٿلائڻ تمام گهٽ ممڪن
هوندو آهي.
ارڙهينءَ صديءَ جي هن سنڌي شاعر جي ڏکين بيتن مان
سارو وقت مون ان جي روح کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ان سان گڏ مون بي انتها ڪوشش ڪئي آهي ته جيتري قدر
حالتون اجازت ڏين، ترجمي جا اصلي لفظ به اصل نسخي
جي بلڪل ويجهو هجن. منهنجو ترجمو اصل مطابق آهي پر
وزن جي ضرورت جي ڪري ڪجهه ڊيگهه ناگزير ٿي وئي
آهي. پر انگريزيءَ ۾ ان قسم جي رعايتن جي گهرج گهٽ
رهي آهي. اصل ڪتاب ۾ جيڪي استعاره ۽ تشبيهون آهن،
سي قائم رکيا ويا آهن. پوءِ ڀلي ته اهي انگريزي
پڙهندڙن کي اوپرا ۽ عجيب ڇو نه لڳن. تمام ٿورين
جاين تي ڪن استعارن يا لفظن جي ترتيب کي مٽايو
اٿم.
سچي ۽ صحيح ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ته اصل سنڌي
نسخي جي اختصار ۽ لفظن جي ٿورائيءَ کي جيئن جو
تيئن آڻڻ مون لاءِ ناممڪن هو. شاعر ٻوليءَ جي
نهايت ترقي يافته بناوت کي شاعراڻي، صوفياڻي ۽
مذهبي اظهار واسطي استعمال ڪيو آهي. کيس چڱيءَ ريت
خبر هئي ته سندس ٻڌندڙ، سندس اشارا ۽ ڪنايه سمجهن
ٿا. ترجمو ڪرڻ وارو پرڏيهي ٻولي ڳالهائيندڙ هئڻ
ڪري مجبور ٿيو پوي. محض ترجمي ڪرڻ سان ڳالهه
سمجهائڻ ڏکي آهي. هن کي اهي معنيٰ جون سڀ نزاڪتون
سمجهائڻ گهرجن، جن کي سنڌي ماڻهو ايئن ئي ڄاڻن ٿا.
ٻي اهم ڳالهه هي آهي ته اصل جي روح هٿ ڪرڻ واسطي
ضروري ٿي پيو ته گهڻي تعداد ۾ وزن بحر استعمال
ڪجن، انهن مان گهڻا ته انگريزيءَ جي روايتي نموني
واري بنياد تي بيٺل آهن، حقيقت ۾ بهترين ننڍڙن
سريلن بيتن لاءِ انگريزي اظهار جو ساراهه جوڳو
ذريعو ثابت ٿيو آهي. هيءُ ترجمو هن شاعريءَ جي عام
ڳنڀيرتا واري پهلوءَ کي ظاهر ڪري بيهاريندو.
اها اتفاقي ڳالهه هوندي، جو ڪٿي ڪا جلدبازيءَ واري
ڳالهه اچي وڃي، ڪن هنڌن تي مون انگريزي شاعريءَ ۾
تجربا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي گهڻو ڪري جديد
شاعريءَ جي طريقي ۾ آهن. جنهن ۾ وزن بحر جي
پابندين کان وڏي آزادي مليل آهي. اهڙيءَ ريت، ڪنگ
اينڊ دي منسٽريل (سورٺ راءِ ڏياچ) ۾، ليلا ۽
چنيسر، عمر مارئي جي بيتن ۾ غير روايتي مثال
ملندا، اها ڪوشش ملندي ته انگريزي زبان ۾ نئين
نموني سريلن آوازن جا امڪان ڳولجن.
منتخب جي گهڻن بيتن کي پيش ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏي ڏکيائي
اها هئي ته اهي بيت ننڍي وڏي ڊيگهه وارا آهن.
انگريزي شاعريءَ جي يڪسان ڊيگهه واري خاصيت وانگي
ان ۾ ايئن ڪونه هو، جو هڪ بيت جو مطلب ٻئي بيت سان
گڏ تسلسل کي قائم ڪري سگهجي. بيت عام طور تي
پنهنجو پاڻ ۾ ئي مڪمل هئا. هڪ بيت کان ٻئي بيت ۾
خيال يڪدم بدلجي ٿو وڃي. بيتن جي ننڍ وڏائيءَ کي
ترجمي ڪرڻ وارو ٺيڪ ڪري ڪونه ٿو سگهي، پوءِ ڀلي ته
خيال جي ڪري ئي اها ضرورت ڇو نه هجي. شخصي طور تي
آءٌ هن خيال جو آهيان ته بيتن جي وڏ ننڍائي واري
ترتيب کي قائم رهڻ ڏنو وڃي؛ ڇاڪاڻ ته اها بي
ساختگيءَ جي علامت آهي ۽ اصل جي وڏي ۾ وڏي خوبي
آهي. ڪوبه مترجم پنهنجي ڪم کي تيستائين مڪمل ڪونه
سمجهندو جيستائين هو پنهنجي پڙهندڙن کي ، اصل کي
پاڻ هٿ ڪرڻ لاءِ، آماده نه ڪندو. تنهن ڪري آءٌ
بلڪل پُراميد آهيان، ته هيءَ تصنيف ڪيتريون خاميون
هوندي به اصل سنڌي ڪتاب پڙهڻ ڏانهن مائل ڪندي.
عالمن ۽ مترنم ٻوليءَ جي عاشقن کي يقين ٿو ڏياريان
ته هُو هن ۾ اها شيءِ لهي سگهندا، جيڪا دائمي خوشي
ثابت ٿيندي.
بمبئي
ايڇ- ٽي- سورلي
31 مارچ 1938ع
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو
نئين ترتيب سان
انگريزي ترجمو
حياتي، گهڻ- رنگي قبي جيان
اڇي رنگ واري امرتا کي داغدار ڪري ٿي.
(شيلي)
]ڏسو بوڪ ٻيو[
تون پنهنجو سهڻو منهن ڇو ٿو لڪائين؟ آخر ڇو
اهو گهرڻ- هٿ ايترو محروم ڪري ٿو
تنهنجي روح کي جياريندڙ روشنيءَ کان، اکين کي.
*
ان سهائي کان سواءِ، ڪهڙي سهائي منهنجي اندر ۾ آهه
تون منهنجي زندگي آهين، منهنجي راهه، منهنجي
سهائي، تو ۾
مان جيئان ٿو، هلان ٿو ۽ ڏسان ٿو تنهنجن ڪرڻن سان.
(فرانسِسز ڪارليس)
عشق منهنجي آجيان ڪئي، منهنجو روح پوئتي موٽي ويو
جيڪو ڌوڙ هاڻو ۽ ڏوهي هو.
پر تيز نظر عشق، پهرئين لنگهه وٽ
مون کي سُست ۽ غافل ٿيندي ڏٺو،
مون ڏانهن سري آيو، پيار مان پڇيائين
ته مون ۾ ڪجهه گهٽتائي هئي ڇا!
(جارج هربرٽ)
هن جاءِ به اها دائمي حياتي اچي
عاشقن ۽ شهيدن جي ميڙاڪن ۾ هليو وڃ.
ڀلي عارفن جا موت ان لاءِ انتظار ڪن ۽ ڏاها روح جي
هجن
شهيد- عشق بڻجي تنهنجي هن حياتيءَ جو مشاهدو ڪن.
(رچرڊ ڪريشا)
هيٺ دنيا وارن لاءِ منهنجي دل مئي چڱي
فاني خوشين ۽ فنا ٿيندڙ لاڏ پيار لاءِ
عياشيءَ وارين نعمتن لاءِ، جن اسان کي موهي رکيو
اي منهنجون اکيون انڌيون ٿي پؤ، منهنجا ڪن ٻوڙا ٿي
پؤ!
(اسحاق واٽس)
مون پڇيو ”تنهنجي سُونهن ڪنهنجي ملڪيت آهي؟“
هن وراڻيو، ”منهنجي، جو مان ئي ته اڪيلو موجود
آهيان
عاشق، معشوق، عشق، هڪ مان ئي ته آهيان
سونهن، آئينو ۽ اهي اکيون جن ۾ بصيرت آهي.“
(ابو سعيد ابن ابوالخير)
سر ايمن ڪلياڻ
پهريون داستان
اَول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديمُ،
والي، واحد، وحدهُ، رازق، ربُ، رحيم،
سو ساراه سچو ڌڻي، چئَي حمدُ حڪيمُ،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙُون جوڙ جهان جون.
I. God THE ALL POWERFUL
In the Beginning Allah is,
Who Knoweth All, Who sits aloft,
The Lord of all the World that be.
He is the Mighty, old of Days,
Of His Own Power Established.
وَحَدهُ، لاشريڪ لَہُ، جان ٿو چوين ايئن،
تان مڃ محمّد ڪارڻي، نرتون منجهان نِينهَن،
پوءِ تون وڃيو ڪيئَن، نائين ڪنڌ ٻين کي؟
He is the Lord, One, Only One,
Sustainer and Compassionate.
Sing ye the praise of Him Who Heals,
The True One, sing ye praise of Him.
He is the One, Who Hath No Peer.
Confess ye this. In heart of heart
Acknowledge ye The Praised One, who
The Causer of the Causes is.
Why go ye then and bow yourselves
In front of others, why go ye?
وحدهُ، لاشريڪ لہُ، جڏهِ چيو جن،
تن مڃيو محمّد ڪارڻي هيجون ساڻ هنِيَن،
تڏهِ منجهان تن، اَوتڙ ڪونه اوليو.
Men were who said: 'He is the One,
Without a Peer', in heart of heart
Acknowledging the Praised One, who
The Causer of the Causes is.
Such men did from the righteous path
Set not an erring foot astray.
وَحدهُ جي وڍيا، ڪيا اِلاّالله اڌ،
سي ڌڙ پسي سڌ، ڪنهن اَڀاڳي نه ٿئي.
Men are whom God the One hath cut,
Whose bodies He hath cut in twain.
Who, having seen the severed parts,
Doth not for self, unfortunate,
Desire like theirs the severance?
وحدهُ، لاشريڪ لہُ اِي هيڪڙائي حق،
ٻيائيءَ کي ٻِکُ، جن وِڌو سي وِرسيا.
God who is One no rival hath.
Herein of Him the Oneness is,
And righteousness of Truth. But who
Embraced false Two-ness lost indeed
The savour and the salf of life.
اگهي اگهائي، رنج پرين کي رسيو،
چکيم چڱائي، سورِن جي سوريءَ تان.
My weakness plaeseth. In God's ears
The cries of my love-torment ring.
I tasted from the gallows tree
The goodness that my sorrows bring.
سُورِيءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون!
وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
The gallows calls me. Oh, my friends,
Will any friend now come with me?
They who have found the name of love
Must go of love's necessity.
سوُريءَ سڏ ڪري، اصل عاشقن کي،
جي اٿئي سڌ سڪڻ ۾، ته کَڻُ مَ پير پري،
سسي ڌار ڌري، ڀڇج پوءِ پريتڻو.
The scaffold of its very self
Doth summon lovers. Do ye seek
To know what love is? Fare not forth.
Put heads aside as little worth.
And, asking then what love is, speak.
سُوري سينگاري، اصل عاشقن کي،
لُڏيا ڪين، لطيف چوي، ٿيا نيزي نظاري،
ڪوٺيو ڪناري، آڻيو چاڙهي اُن کي.
The noose ('tis in the web of things)
Adorneth lovers. Sayid sings:
'They saw love's spear and trembled not.
Upon the block they took their stand.
Love called and they dissembled not.
Love set them there. 'Twas love's command.'
ڪاتي تکي مَ ٿئي، مر مُنيائي هوءِ،
مان وِرَمن توءِ، مون پرين جا هٿڙا.
When love takes knife in butcher hand,
Sharp be it not. But rather may
Its edge be blunt. For then on thee
Beloved's hands will longer stay.
جي تون سڪڻ سکيو ته ڪاتي پئي مَ ڪنجهه،
سپيريان جي سور جو ماڻهن ڏجي نه مَنجههُ،
اندر اِيُ اهنج، سانڍج سکائون ڪري.
Of love thou knowest why and how?
The knife falls. Let no grumble start.
Tell nought to others of the smart
Beloved caused thee. Make thy vow
And keep the pain within thy heart.
اڳيان اَڏين وٽ، پوين سر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مَڇُڻ پوين گهٽ،
مٿا مهاين جا پئا نه ڏسين پٽِ،
ڪلالڪي هَٽِ، ڪُسڻَ جو ڪوپُ وهي.
In front are lovers on the block.
With heads prepared, they stand behind.
Cut off thy head. So failing not
Thou mayest true acceptance find.
No severed heads then on the ground
Will bring thy failure to thy mind.
Within the wineshop slaughter rolls
In waves of flooding unconfined.
جي اٿئي سڌ سُرڪ جي ته وئن ڪلالڪي هٽ،
لاهي رک لطيف چئي مٿو ماٽيءَ وٽ،
سر ڏيئي ۾ سَٽ، پيج ڪي پياليون.
If sipping hath thy fancxy led
The wineshop is the place for thee.
Beside the wine-jar lay thy head
And, yielding it in bargain fee,
Quaff many cups of wine instead.
ناڻي ناه ڪڪوه، ڪي ملهه مهانگو منڌُ،
سنباهج سيّد چوي ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌُ،
هي تنهين جو هنڌ، ماٽن پاس مرن جي.
Set not love's store against the wine
Nor count wine dear at such appraise.
Prepare that head for cutting, thine.
The wineshop is the place for them
Who by the wine-jars end their days.
عاشق زهر پياڪ، وِه ڏسي وِهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،
لڳين لؤُن، لطيف چوي، فنا ڪيا فراق،
توڙي ڇڪنن چاڪَ، ته به آه نه سلن عام کي.
'Tis poison that all lovers sup.
But lovers see it and rejoice.
The bitter and the deadly cup
Is theirs by use, by wonted choice.
'Love's arrow pierced them', says Latif.
The seas of separation roll
And drown each single, separate, soul.
سڌڙيا شراب جون ڪوه پچارون ڪن؟
جه ڪات ڪلالن ڪڍيا ته موٽيو پوءِ وڃن،
پِڪون سي پِيَن، سر جن جا سٽ ۾.
Why for such drink do yearners ask
If back they flee to save their lives
Whene'er the vintners draw their knives?
But they whose heads are given for wine
May sip the wine within the cask.
سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جن جا ديڳ ۾،
سي مَرُ ڪِنِ پچار، حاضر جن جي هٿ ۾.
Yes; let them think of wine indeed
Whose severed bodies lie apart,
Whose flesh within the cauldron burns,
Who let their hands, with deadly turns,
Wreak havoc on their living heart.
اصل عاشقن جو سر نه سانڍڻ ڪَمُ،
سَوَ سِسئان اڳرو سندو دوسان دَمُ،
هي هڏو ۽ چم، پِڪ پريان جي نه پڙي.
Who dull existence would conserve?
For no such aim the lover strives.
One breath from the Beloved's lips
Is better than a thousand lives.
And can this skin and bone of mine
Compare with the Beloved's wine?
اُٿياري اُٿي ويا منجهان مون آزار،
حبيب ئي هڻي ويا پِيڙا جي پچار،
طبيبن تنواَر، هڏ نه وڻي هاڻ مون.
III. LOVE IS ENOUGH
The friends who planted in my heart
The questings of my pain,
My friends have gone and from my mind
Have sorrow's fardel ta'en:
Nor pleaseth the voice of the Healer now;
Tis an empty sound and vain.
پريان سندي پار جي مڙيئي مِٺائي،
ڪانهي ڪَڙائي، چکين جي چيت ڪري.
ڄاڻي ٻجهي جن، تو سين سورن سُڃ ڪئي،
تون ڪئن سنديون تن، پِر سين پچارون ڪرِين.
O taste thou wisely, sweetness all,
Of bitterness ne'er a trace,
Beside thy friends thou shalt surely find.
But the griefs that have settled on thee
And made thee their dwelling-place,
To stranger folk wilt thou call to mind?
پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٽ حبيب جو،
نيزي هيٺان نينهن جي پاسي پاڻُ نه ڪن،
عاشق اجل سامهان اُچي ڳاٽ اچن،
ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تن مُشاهدو.
The folk will ask, and a smile extend,
'Tell us, where is hand of thy Friend?'
But lovers from neath the spear of love
Take not themselves away.
The lover meets death, head held above,
And when there cometh the hour to slay,
'Tis for death, thus slain, that the martyrs
pray.
سر يمن ڪلياڻ
پهريون داستان
ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪر سُور سين،
تاڻين مٿي توڙَ، اوري ڪن نه آسرو.
IV. THE PHYSIC
All wretched folk neath aching wound who bend
Are grateful for the pain that dwells within.
They wind the clew of torment to its end
And cut not short the thread of life they spin.
ويڄ مَ ٻُڪي ڏي، اَلا چڱي مَ ٿيان،
سڄڻ مان اچي، ڪَرَلاهُو ٿي ڪڏهين!
O thou Physician, give me not the dose
That maketh well. For I shall then be strong.
To ask of me how now my illness goes
Then never friend may haply chance along.
ڪٺيس ڪُويڄن، تن طبيب نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻا ڏيِلُ ڏُکوئيو.
False healers have my feebleness unmanned.
The true physician did not come to me.
But quacks employed their cauterizing brand
And brought more aches and pains then formerly.
ٻيو داستان
هَيءِ هَيءِ وهي هوءِ، من ۾ محبوبن جي،
جيرا جوش جلائيا، بُڪين به مُڪي بوءِ،
اچي پسو روءِ، جي ويساه نه وِسهو.
V. THE FIRE OF LOVE
In agony loved ones are turning.
There streameth the cry of 'Woe'
There is torment of fire and the burning
Consumes their vitals and, lo!
From their reins cometh savour of burning.
Come look at this hap with discerning
If, trusting in faith, ye go.
ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻرين پچان مَرُ پيئي،
جيرا، جگر، بڪيون، سيخن ۾ ٽيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.
Do I shrink if my body be toasted
On embers of babul and thorn?
On the spit let my vitals be roasted.
I am gone from the hands of the Healer.
To my friends I must hie me forlorn.
پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،
آڻيو وجهن اڳ ۾، جيءُ پنهنجو جي،
جيري جنهين جي، لڳا نيزا نينهن جا.
Ask the moths what know they of burning
That have offered their lives to the blaze.
A thrust from the lance of yearning
Hath pierced their vitals turning
And put an end to their days.
پتنگ چائين پاڻ کي پسي مچ مَ موٽُ،
سهائي سپيرين جي گهڙ ته ٿئين گهوٽ،
اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين.
VI. THE FLAMES
If fancy make a moth of thee
The flames thou seest, faltering not.
Beloved's rare effulgence see
And enter in, as bridegroom ought.
Still art thou as the unbaked clay.
Thou knowest not the oven is hot.
پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،
پسي لَهَسَ نه لِچئا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳِچين ڳَچَ، ويچارن وڃائيا.
Near the devouring fire they came,
These moths determined. Scorching blast
Did not their steady courage tame.
All on the flames their bodies massed
In one wild weltering holocaust.
مچ منجهين آه، ٻهر ٻاڦ نه نڪري،
چور نه لڳي چاه، کامندن خبر پوي.
Within the heart red embers glow,
But never outward vapours rise.
Heap up the fire and fan desire
That being burnt may make thee wise.
کاڻا تن کٽيو، اُجهاڻن اُونداهِ،
جن اندر ٻري باهِ، سُڌ سڀڪا اُن کي.
They surely in the trail have won
Who died by death within the flame.
But they whose hands put out the brands
Have gotten darkness for their name
Within whose heart love's fires glow,
They've learnt all men can ever know.
ٽيون داستان
عاشقن الله، ويروتار نه وسري،
آه ڪريندي ساهُ، ڪڏهن ويندن نڪري.
VII. LOVE'S PAIN
By lovrs ne'er is God forgot.
In sighing dies their breath away.
They take no rest and sink o'erwhelmed
If one sharp word Beloved say.
عاشقن اِئين نه هُونِ، جين تون سڄين اڱرين،
وڃي در دوستن جي رت ڏهاڙي رُونِ،
ٻيءَ پر ڪنهين نه پُون، ماڪر محبوبن سين.
For lovers are not like to thee.
Unmaimed limbs thee lusty keep.
They stand before Beloved's door
And daily tears of anguish weep.
Nor any other way is right
To find acceptance in Love's singht.
اڃان تو منجهاءَ، ڪک ڇُتي رت نڪري،
منهن ۾ محبوبن جا، ڪيئن جهليندين گهاءَ
سو تون ڪڄاڙئا، سڪڻ جون سڌون ڪرين.
Even now a mere straw pricks thee
And a trickle of blood doth start
But the wounds that thy loved ones cause thee,
How wilt thou bear their smart??
And why seekest thou to discover
This love that tears the heart?
سڪڻ اِي نه سَڌ، جئن لِڪيو لِيا پائِيين،
پئي پريان جي نه ٿئين مٿي اڱڻ اڌ،
اِيءَ پڻ ڪُوڙي سڌ، جئن کِليو کايو سمهين.
It doth not make thee loverwise
To hide behind the screen and peep.
Thy body in Beloved's yard
Thou hast not mortified nor marred.
It is but empty vain emprise
To laugh and eat and sleep.
جان جان سي نه لِتاءِ، جي لِياڪا لوڪن جا،
تان تان ٿئي نه ماءُ، پورو پسڻ پرين جو.
O mother! If thou hast not shut
The peeping crannies where folk peer,
Thou wilt not the Beloved see
In perfect beauty full and clear.
عاشق! معشوقن جي وٺي ويهه ڳَري،
جِمَ ورچي ڇڏئين سندي دوست دَري،
ڏيندءِ ٻُڪي ٻاجهه جي پوندءِ ٺَپ ٺري،
اسان تان نه سَرِي، توکي سَري سپرين.
O Lovers! Sit by loved one's path,
Nor weary from Friend's lattice go.
The loved one mercy's medicine gives
And from thy hot wounds takes the glow.
Without thee, Love, life hath no spell.
But Thou, without us, livest well.
عاشق! معشوقن جو وٺي وهج رَندُ،
پياريندءِ پاڻهين ميخاني جو منڌُ،
متان ڪڍين ڪنڌ، اوڏو ٿي اُن کي.
چوٿون داستان
جان جان ناه ضرور، تان تان طبيب ناهه ڪو
جه سو سريو سور، ته ڪر ويڄُ وَرِ پيو.
VIII. THE HEALING
When there's no need no healer calls.
Had love's sore pain been in thy side,
Then surely had the healers come
And healing hand to thee applied.
جيڪي ڏنائون، سو سِرُ ڏيئي سهه تون،
مَ چؤ ڇِنائون، ايءُ پڻ ڳنڍيو سڄڻين.
Whate'er the healer gave to thee
Be brave and suffer. Say not this:
'They severed friend from friend apart.'
Say rather 'Friends they joined in bliss.'
نمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏک،
صبر ۾ سڀ سک، جي سنواريا تون سمجهين.
Be patient, bow thy head and see.
Lo! Anger is a mighty woe.
In patience there abideth joy.
O honest Sir, this surely know.
کم، کمندن کٽيو، هارايو هوڏِن،
چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو.
Be patient. Patient folks prevail.
The stiffnecked are in sorry plight.
The palate of all hasty men
Hath never savoured patience right.
هوءِ چوني، تون مَ چؤ واتون ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.
He eats the bread of punishment
Whose early anger breaketh forth.
The man of malice holds his robe
And finds within it nought of worth.
سُر سامونڊي
پهريون داستان
پڳهه پاسي گهار، آيلِ، سامونڊي جي،
وجهي جيءُ جنجار جِمَ وڃنئي اوهري.
IX. THE SAILING (I)
O Mother, stay where the boatmen stay;
Where their hawser is, remain,
That they may not leave thee and slip away
Plunging thy life in pain.
پڳهه پاسي پچ، آيلِ، سامونڊين جي،
من ۾ ٻاري مچ، مَڇَڻُ وڃنئي اوهري.
O Mother, hard by their hawsers stay;
Filling thy mind with woe,
Lest the boatmen cheat thee and slip away
Having kindled thy heart to a glow.
ننگر جان نه بڻن، وئُن وَهلي نڪري،
مڇڻ ڏيهه وڃن، ناريون پوري ناکئا.
While still their anchor unweighed they leave,
Take speed ion the chance and go,
Lest the sailors pass from the land to cleave
The channels where waters flow.
سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
رُئان رهن نه سپرين آيل، ڪريان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چِيئن، ويو وڻجارو اوهري.
O happy youth and happy tide
When my friends cast out on the trail!
I wept and wept but they would not bide.
Ah misery: What can avail?
My tortured soul the trader hanged
When he left me and hoisted sail.
ويا اوهري اوءِ، مون کي ڇَڏي ماڳهيِن،
جُڳن جا جُڳ ٿيا، تئان نه موٽيو ڪوءِ،
گوندر ماريندوءِ، ويچاريءَ وِئن جو.
Ah, lack a day! When they went away,
To leave me alone, alone:
Age followed age in unending stage
But there came back never an one,
For them who went will the heart be rent
Of a stricken woman o'erthrown.
اُونهي ۾ اوهري جڏهن جي ويا،
سانداري سمونڊ جي نهوڙي نيا،
وڃي تت پيا، جت نهايت ناهه ڪا.
When the sailors sailed out over the deep
The surge of the ocean's trend
Did bear them off, and they went away
Whither journeying hath no end.
سامونڊي ساري، ماءُ منهنجو جِندڙو،
بندر وڻجاري، وڃي لايا ڏينهڙا.
O mother of mine! In my paltry life
This sailor memory stays,
And the trader seeking the distant port
Made the days succeed the days.
سامونڊيڪو سنگ، آهي گوندر گاڏئون،
اَنگن چاڙهي اَنگ، ويو وڻجارو اوهري.
The sailor bond that binds my heart
Is surely with grief entwined
The trader hath rent my soul in twain
That he leave me a lone behind.
ڳريو جهليو روءِ، مٿي مهري هٿڙا،
کُہ سودو سندوءِ، جو تون ڍوليا سِکيو.
Love pierced my soul and he fell to tears
When he set his hands on the prow.
This commerce that thou hast learned, O Friend,
Have thou no truck with it now.
اُلوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجهه کي،
رههُ اڄوڪي راتڙي لالن مون لائي،
وڃ مَ ڦوڙائي، ايڏي، سفر سپرين.
Love letteth me not the rope untie,
But graspeth the very spar,
This night, O friend, for me remain;
Go not, Beloved, to part us twain
In thy seeking to fare so far.
جيڪس نِٻَرُ نينهن سندوم، جئن مون بيٺي هُن
ٿيلهيو،
سعيو سامونڊين سين اَڳهين تان نه ڪيوم،
وجهڻ منجهه هُئوم، پاڻُ وَراڪي رَسِ سين.
Surely my melting soul is nought,
For while I stood on the strand,
Love came himself, the cable sought
And pushed the boat from the land.
Of sailors I knew no useful lore,
Else then had my body's strength,
While the boat was standing there by the shore,
Been twined in the cable length.
تن جنهين جي تانگهه، سي سڄڻ سفر هليا،
لئج لاتِ، لطيف چئي، ڪڏهن ايندمِ ڪانگ،
ڪنهن سَٽاڻي سانگ، پرين پرڏيهي ڪيا.
For friends who set on their journey forth
My body doth live in pain:
O tell me in happy notes, O Crow,
When will they hither again?
'Twas some powerful cause that banished my
friends
In an exile over the main.
سرن سڙيا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سَهسين سُکائون ڪيون.
O come, Belov'd the tips of the sedge
Have been seared by the wind from the north.
For thee, O master of mine, my mouth
Thousands of vows sent forth.
جيڪر اَچي هاڻ ته ڪريان روح رُچنديون،
آيل، ڍولي ساڻ، هوند ڳَرِ لڳي ڳالهيون ڪريان.
If thou would'st come to me now, my Love,
Full joy to my soul I'd impart.
If, Mother, mayhap my lover should come,
I'd cling to him, cleave to him, here in my home
And speak out the words of my heart.
آيلِ، ڍولي ساڻ اَچي ته جهيڙيان،
لايهءِ ڏينهن گهڻان، مون کي چَيءِ ٿورڙا.
If, Mother, my loved one should come to me now,
In quarrelling joy would be sped.
Thou didst promise, my love, but few days to be
gone;
How long are the days that have fled?
وَئُن وڃي واٺ، هينئڙا ماڳ پرين جو،
چميو چم چانٺ، هوءَ جا سندي سڄڻين.
O heart within me, out sally and see
The abode that the Loved One doth know:
And there on his threshold stoop thee down
And kisses on kisses bestow.
آءٌ جن آسري، مٿي تڙ گذاريان،
مون کي وساري، شال مَ وڃن اوهري.
هي سڄڻ سيئي جي مون ڪوڏِ نهاريا،
اِيندم جان پيهي، ته سڀ لاهيندم ڏُکڙا.
Me let them not forgetful desert,
Those friends for whom I did stay:
(And my eager eyes did scan the skies)
When they will come to me, enter my home to me,
My griefs they'll all banish away.
ٻيو داستان
اَڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
هلڻ هارا سپرين رُئان تان نه رهن،
آءٌ جهليندي ڪيترو، آيل، سامونڊين،
پَڳہ ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾.
IX. THE SAILING (II)
In sooth today the traders talk
Of going away: and my friends
Have set their hearts on departing too.
I weep but it makes no amends,
They will not linger. O Mother of mine,
How long can I hold them back,
Those sailors who set their ships on the deep
When they made the cable slack?
لاهيان جي نه چِتان، اَلا اُنِ مَ وسران،
مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جن سين.
From my heart there are those whom I may not
loose,
Nor may I forgotten be.
For their life to my own lifestrings is bound.
And lo! The crew when the north wind blew,
Did set their canvas free:
They weighed their anchor and took their course
Where the tide ran favouably;
And longing there stays in my heart always
For the men who plough the sea.
لڳي اُتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ننگر کڻي ناکُئا ٿيا سڻاوا سِير،
هينئڙي نت اُڪير، کاري کيڙائن جي.
The north wind's season is come and yet
My heart hath no rest from pain.
The sailors, I trow, twist lanyards now
And are oiling their boats again.
سڙهه سڃاڻئو چوءِ، ماءُ سامونڊي آئيا،
مانَ منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾!
O Mother, I said (for I knew the sails)
The sailors are back from the world.
Oh! On this ship may my loved one come.
وائٽيون ٿيون ورڪن، اَڃا سڙهه نه پڌرا،
سيئي ٿيون مرڪن، جنهين سندا آئيا.
The bunting flutters! The sails are furled!
Those women, I vow, are smiling now
Whose friends have reached their home.
پُران مانَ پُڄان، بندر مُون ڏور ٿيا،
نه مون هڙ، نه هنج ڪي، جو آءٌ چئي چڙهان،
ايهين ڪج پاتڻي، جنهن پر پرينءَ مِڙان،
ڪارون ٿي ڪريان، تو در اُڀي ناکئا.
IX. THE SAILING (III)
Though I move my limbs yet I may not reach
The ports that are far for me.
I have no purse, not a money lot,
To make my truck with, and pay my scot,
And climb where I wish to be.
هڙ ۾ ڪين هئوِن، هُنئَئين هنِ نه چاڙهيا،
سارو ڏينهن سمونڊ تي لهي سِڄُ ويونِ،
جڏهن سائينءَ سبب ڪيون، تڏهن ستڙ ٿيا سيّد چوي.
O Thou who ferriest folks across,
Make me my loved one meet,
O captain, I stand at thy cabin door
To pour my prayers at thy feet.
مون اُڀي تڙ جهل، پرين پڳہ چوڙيا،
ڪا مون ۾ گهٽ، نه ته سڄڻ سٻاجها گهڻو.
They had no scot to pay their lot,
The sailors without their fee
Would grant no passage : and all the day
Till sunset came, the ship made way
A cross the water, Face,
And when it served the vessel's need
(So sings the sayid) the lord decreed
An excellent landing place.
مون اُڀي تڙ جهل، پرين پڳہ ڇوڙيا،
ڪا مُون ۾ اَلّ، نه ته سڄڻ سٻاجها گهڻو.
I was standing myself by the very wharf
When my friends let the hawser go.
Within my heart must some weakness be:
Or else my friends to come back to me
Some wondrous kindness show.
|