مغلن جي واضح حڪمت عملي اها هئي ته هو موجود ملڪي
ادارِن مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪن. ڪوشش اها ڪندا
هئا ته جيئن مقامي جاگيردار ننڍڙن عهديدارن طور
پنهنجي ذاتي اثر رسوخ ذريعي دهلي سرڪار جي خدمت
سرانجام ڏيئي سگهن. درحقيقت اهوئي طريقو هو، جنهن
سان نااهل ۽ بدنظميءَ جو شڪار فوج رکندڙ جاگيرداري
سماج، پنهنجو پاڻ کي قائم رکڻ کانسواءِ ڏورانهن
علائقن ۾ انتظام صحيح رکي ٿي سگهيو. اهو نظام
پنهنجي وجود اندر خاص حالتن ۾ چڱو انتظامي طريقو
هو، جنهن ۾ مقامي سردار شاهي گورنر جي زيردست ۽
زير اثر هئا ۽ دهلي سلطنت جي واسطي ملڪي محصول
اوڳاڙيو ويندو هو. ملڪ ۾ امن امان ۽ ضابطو رکيو
ويندو هو ته جيئن دهلي سلطنت جو محصول وقت سر
اُڳڙي سگهي. مغل شهنشاهيت، مقامي ۽ ننڍن معاملن ۾
کين ڪنهن حد تائين آزادي ڏئي ڇڏي هئي پر مٿين ٻنهي
عنصرن يعني محصول جي وقت تي وصولي ۽ امن امان کي
خاص طور نظر ۾ رکيو ويندو هو. اها هن طريقهءِ ڪار
جي ڪمزوري هئي ، جو ننڍڙن جاگيردارن ۽ نوابن جي
قانون کان وڌيڪ محصول جي اوڳڙ تي ضابطو رکي ڪونه
سگهبو هو، جيستائين هنن محصول جي مامري ۾ وڏو ڌاڙو
نه هنيو هجي.(1)
ان ڪمزوريءَ جي نتيجي ۾ محصول بابت مقامي ۽ دهلي
سلطنت جا لڳاتار جهيڙا رهيا. سنڌ جي والار کان
پوءِ مغل تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. اهو
به خاص طور تي محصول وصول ڪندڙن جي ڏاڍاين ڪري ٿيو
هو، جو انگريز واپاري جيڪي رڳو واپار جي مقصد سان
سنڌ ۾ آيا هئا، تن کان ناجائز گهر ڪئي ويندي هئي،
جيڪا کين پريشان ڪندي هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو
رڪارڊ بنيادي طور تي مفادن جي ٽڪراءَ کي پيش ڪري
ٿو، جن جي نتيجي ۾ عام طور عوامي ڏاڍ، اقربا
پروري، ظلم ۽ ستم، مالگذاري جون غير يقيني حالتون
۽ ڳنڀير نوعيت جي انتظامي ابتري پيدا ٿيندي آهي.
ونسينٽ سمٿ، مغل انتظاميا جي هن ڪمزوريءَ تي ڏاڍو
وزنائتو لکيو آهي. هُو ٻڌائي ٿو ته ”مغل حڪومت جو
سڄو ڍانچو فوجي هو. جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا
سرڪاري اهلڪار فوجي خدمتون سرانجام نه ڏيندا هئا،
سي يا ته مذهبي عالم هئا، يا وري مقامي قانوني
انصاف سان لاڳاپيل قاضي، مفتي وغيره هئا. عام طور
تي هر هڪ منصبدار کي مقامي نقطهءِ نگاه کان
لامحدود اختيار هوندا هئا. باضابطا مقرر ڪيل گورنر
ڪنهن به قسم جي قانوني گرفت کان آزاد هوندو هو.
جيستائين هن جو پنهنجو ضمير هن کي قرآني فرمان
مطابق عمل ڪرڻ لاءِ نه چوي. هي شهنشاهه جو نمائندو
هو، اهڙيءَ ريت جيڪو ڪجهه هو چاهيندو هو، پنهنجي
علائقي اندر ڪري سگهندو هو. اهو خدشو ضرور دل ۾
رکندو هو ته متان فريادن جي ڪري سزا جي واسطي شاهي
دربار کان ڪو سڏ نه اچي وڃي“(1).
هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ”مختصر ته حڪومت ننڍن مطلق
العنان سردارن جي اڪثريت سان ڀريل هئي، جن کي ڪنهن
حد تائين ضابطي ۾ رکڻ لاءِ مٿان لامحدود اختيارن
واري طاقت موجود هئي.“ وڌيڪ چوي ٿو: ”سڄو انتظامي
سرشتو شخصي ۽ ظالماڻو هو، جنهن کي ڳرا محصول
اوڳاڙڻ لاءِ سختي ڪرڻ جو حڪم هو، تمام گهڻي تعداد
۾ فوجي موڪليا ويندا هئا، جيڪي مقامي ظالم ۽ آمر
حاڪم جي منظوريءَ سان تمام گهري نموني وحشياڻيون
سخت سزائون ڏيئي فقط اڌوگابرو انتظام قائم رکي
سگهندا هئا“. اها ڪا خوبصورت ۽ من موهيندڙ صورتحال
ڪانه هوندي. بهرحال، موجوده انتظامي معيار جي
نقطهءِ نظر کان يا ماڻهن جي سجاڳ ٿيل ضمير جي
نقطهءِ نگاه کان ان انتظاميا ۾ غلطيون جاچڻ صحيح
ڪونه ٿو لڳي، ڇاڪاڻ جو، اڄڪلهه سڀني واسطي
هڪجهڙائي جي سلوڪ جو اصول مڃيل آهي. حقيقت اها آهي
ته اڻپورين وفادارين تي مشتمل ان ڪمزور انتظامي
ڍانچي وٽ ايئن ڪرڻ کان سواءِ عملي طور ڪو ٻيو رستو
هو ئي ڪونه. ايئن ڪرڻ جو سبب دهلي درٻار جي بي
ڍنگن خرچن جو پورائو ڪرڻ لاءِ ڳرا محصول وصول ڪرڻ
کان سواءِ جنگي اڳرايون ڪرڻ پڻ هو. سنڌ کي اڪبر
هٿان دهلي سلطنت ۾ هلائڻ کان ڏيڍ سؤ سال پوءِ مغل
سلطنت جي ٻين علائقن جيان، سنڌ جي داخلي تاريخ پڻ
ان جي مخصوص خامين جي چٽائي ڪري ٿي.
ارڙهين صديءَ ۾ ڪلهوڙا اقتدار
ڪلهوڙا(1)
هڪ وڏي طاقتور خاندان جي شڪل ۾ درجي بدرجي مٿي
آيا. اهي ڪنهن به صورت حال ۾ ڪيڏانهن گم ٿي ڪونه
ويا. سندن مٿي اُڀرڻ واري حڪمت عملي ڪجهه مشڪوڪ ۽
غير يقيني هئي. هڪ شاگرد جي آڏو اها صورت تڏهن چٽي
ٿي بيهندي، جڏهن هو مغل دور جي تاريخ جو مطالعو
ڪندو. اسان ڪلهوڙن کي هڪ حڪمران خاندان جي روپ ۾
سنه 1737ع ۾ ڏسون ٿا. پر هن قبيلي جا فرد سنڌ جي
معاملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي اڳ نمايان هئا. اهڙيءَ
ريت 1778ع ۾، مير بجار خان ٽالپر جي بغاوت کان
پوءِ ڪلهوڙا ختم ڪونه ٿي ويا، جنهن ۾ ميان غلام
نبيءَ جي شڪست ۽ موت واقع ٿيو هو. هو ارڙهينءَ
صديءَ جي آخر تائين وڳوڙ پيدا ڪندا آيا. سنڌ،
قلات، افغانستان ۽ بهاولپور جي منجهيل سياست،
ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪيا ۽
ايئن اهي آخر ميان عبدالنبي کي لاهڻ ۾ ڪامياب ويا.
آنڌ مانڌ واري صورتحال کي 1803ع ڌاري سڪون مليو ۽
ان وقت تائين ٽالپر خاندان پنهنجي حڪومت کي ڄمائي
چڪو هو. ڪلهوڙا خاندان متلق ڪابه مناسب تاريخ
دستياب ڪانهي. انهن متعلق سچا پچا ۽ بهترين احوال
1799ع ڌاري هڪ انگريز ناٿن ڪرو ٻڌايا آهن، جيڪو
شخصي طور ارڙهين صدي جي آخر واري دور متعلق سنڌ جي
سياسي حالتن کان واقف هو. اهي احوال بمبئي حڪومت
وٽ محفوظ آهن. 1843ع ۾ پوسٽنس به لکيو آهي پر،
ٿورن مڃڻ کان سواءِ هن، ناٿن ڪرو جي مواد تان
هوبهو نقل ڪيو آهي، ۽ ڪرو جي بيانن جو متن پوسٽنس
جي ’آبزرويشن آن سنڌ‘ ۾ ملندو.
ڪلهوڙا خاندان جي اقتدار جو تفصيلي ذڪر هن ڪتاب جو
مقصد ڪونهي، پر ان جي نمايان خوبين کي 1690ع کان
1760ع سان لاڳاپيل سنڌ جي سماجي تاريخ جي حوالي
سان ڏسڻو پوندو. ڪلهوڙن جي اقتدار جا جيڪي مکيه
دور آهن تن کي مختصر بيان ڪرڻو پوندو. اهڙي قسم جا
پنج دور آهن.
پهريون دور اهو آهي، جنهن ۾ مغل طاقت ڪلهوڙن کي
سنڌ جي وائسراءِ يا گورنرن جي حيثيت ۾ قبول ڪيو.
اهو دور 1701ع کان شروع ٿئي ٿو.
ٻيو دور اهو آهي، جنهن ۾ نوابن جي حيثيت ۾ ڪلهوڙن
پنهنجي طاقت کي وڌائي مضبوط ڪيو. اهو دور مغل دور
جي 1736ع تائين وارو آهي، جڏهن خود مغلن ڪلهوڙن جي
نيم آزادانه حيثيت کي تسليم ڪيو.
ٽيون 1739ع ۾ نادر شاه جي حملي کان پوءِ شروع ٿئي
ٿو، جڏهن اصولي طور تي سنڌ مٿان حاڪميت مغلن کان
ايران طرف منتقل ٿئي ٿي. هن ڦيري جي ڪري ڪلهوڙا
دهليءَ بجاءِ ايران جي بادشاهه جي تابع ٿي ويا ۽
ڏن به ان کي ڏيڻ لڳا.
چوٿون دور 1747ع کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪلهوڙا
ايران جي بدران ڪابل جي پٺاڻ حڪومت جي تابع ٿي وڃن
ٿا، جيڪو احمد شاهه دراني (جديد افغانستان جو
باني) جي فوجي فتحن جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيو هو. ان
تبديليءَ جي پيش نظر ڏن ايران بدران ڪالبل ڏانهن
موڪلڻ لڳا.
پنجون آهي 1778ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ميرن جي وچ ۾
ڇڪتاڻ وارو دور. اها ڇڪتاڻ ارڙهينءَ صديءَ جي
پڄاڻيءَ تائين مسلسل هلندي رهي ۽ گهرو لڙائيءَ جي
صورت اختيار ڪري ويئي. جنهن ۾ ٽالپرن، بلوچن جي
مدد سان، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ چڱي تعداد ۾ آباد ٿي
چڪا هئا، سنڌي حڪمران خاندان جي طاقت کي تباه ڪري
سوڀ حاصل ڪئي. سن 1737ع کان وٺي اڳتي سموري عرصي
دوران ڪلهوڙا ڪڏهن به پنهنجي گهر جا مالڪ ڪونه
رهيا. ساليانو خراج ڏيڻ لاءِ کين تاڪيد ڪيو ويندو
هو، جيڪو هو ادا ڪرڻ کان هميشه پيا لنوائيندا هئا.
اهي مقامي اثر رسوخ ۽ رنڊڪن کانسواءِ پرانهين
فاصلي جي ڏکن ڏاکڙن جي ڪري ڪامياب ويا، ڇاڪاڻ ته
سنڌ ڪابل کان تمام ڏورانهين پنڌ تي هئي. ٻيو سبب
اهو به هو ته 1773ع ۾ احمد شاه ابدالي جي وفات کان
پوءِ افغان قوت پنهنجي اندروني وڳوڙ جو شڪار هئي.
جيئن روايتي مشرقي بادشاهت اهڙن موقعن تي عام طور
هوندي آهي. ڏن آهستي آهستي گهٽبو ويو. نيٺ وڃي
بقايا جي صورت رهي. اهڙيءَ ريت درجي بدرجي نيٺ
وڏين تڪليفن سان ايتري غير يقيني آزادي ملي جو،
جڏهن اوڻويهينءَ صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ انگريز
ٻاهرئين واپار مان حاصل ٿيندڙ فائدن تي هلندڙ
واپارين بدران مختلف ڪردار ۾ سنڌ ۾ ظاهر ٿيا ته،
ٽالپر مير ان وقت حقيقي طور ڪنهن ڌارئي ضابطي کان
سواءِ آزاد ٿي چڪا هئا. سنڌ ان وقت هر پهلوءَ کان
ننڍڙي آزاد مسلمان رياست جي صورت ڌاري چڪي هئي.
1843ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپيئر هن مسلمان رياست کي
فتح ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملڪيت بڻايو ۽
انگريز حڪومت سان ملائي ڇڏيو، تڏهن به سنڌ جي اها
ئي حيثيت هئي. 1701ع کان وٺي اڳتي سموري سنڌ جي
پاليسيءَ جو مقصد اهوئي رهيو هو ته مغلن، ايرانين
۽ پٺاڻن کان آزادي حاصل ڪري ۽ خراج وٺندڙ قوت کي
گهٽ ۾ گهٽ خراج ڏيئي ۽ پنهنجي سرزمين جي ائين بند
ڪري ڇڏي جو ڪنهن به قسم جي ڌارئي ماڻهوءَ کي اندر
اچڻ جي جڳهه ئي نه ملي ۽ جيڪڏهن ملي ته سخت
مشڪلاتن کان پوءِ. اهي سڀ حقيقتون ان ماحول کي
چڱيءَ پر سمجهائي سگهن ٿيون ته سترهين ۽ ارڙهين
صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي
ڪارخانن جي سنڌ اندر موجودگيءَ جي باوجود هيءُ ملڪ
يورپي ماڻهن واسطي اوڻويهين صديءَ جي شروعات تائين
بنهه اڻڄاتل خطو هو، ايتري قدر جو ان متعلق دنيا
کي عام واقفيت ڏيڻ لاءِ اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري
ڪتابن جي ڀرمار شروع ٿي ويئي. ڪلهوڙن، حڪومت هلائڻ
۾ ڪنهن خاص دانشمنديءَ جو اظهار ڪونه ڪيو. سواءِ
ان جي ته، هنن سنڌ کي انفرادي حيثيت ڏيڻ جي لاڳيتي
ڪوشش جاري رکي ۽ آبپاشي جي نظام جي اهميت کي محسوس
ڪيو. اهو اڻچٽي اصليت وارو هڪ سنڌي قبيلو هو، بهر
صورت انهن کي(1)
ڄاموٽ چئي سگهجي ٿو، يعني هي سنڌو ماٿريءَ جو غير
بلوچي اصلوڪو رهاڪو قبيلو آهي، جيڪو اتر سنڌ جي
انهن ايراضين ۾ آباد آهي، جن کي اڄ لاڙڪاڻي ۽ سکر
ضلعي جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. هيءُ پهريون سنڌي
خاندان آهي، جنهن سما گهراڻي کان پوءِ جٽادار
حڪومت ڪئي. سمن، جن ٺٽي شهر جي تعمير ڪئي، وچ
ايشيا کان ايندڙ ارغونن ۽ ترخانن جي اچڻ تائين سنڌ
تي لاڳيتو ٻه سؤ ٽيهه سال حڪومت ڪئي هئي.
ڪلهوڙن جي حڪومت کي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڏي شهرت
ملي. سندن شهرت کي وڏي هٿي ان ڪري به ملي جو کين
بزرگ يا مرشد ڪري ڏٺو ويندو هو ۽ فقيرن جي اولاد
مان هئا، اهڙي قسم جي ماڻهن جي سنڌ جي لاڙ واري
پاسي تمام گهڻي عزت هوندي آهي. ڪلهوڙا خاندان جي
حڪومت کي ٽي ڀيرا، گهرو لڙائيءَ رولي ۾ وجهي ڇڏيو
هو. پهريون 1754ع ۾، ميان نور محمد جي وفات وقت،
ٻيو ڀيرو 1775ع ۾ سرفراز ڪلهوڙي کي لاهڻ وقت. ٽيون
دفعو اهو آهي، جنهن ۾ ڪوس کان پوءِ ٽالپرن، ڪلهوڙن
کي هميشه لاءِ هيسائي ڇڏيو. هنن اندروني فتني ۽
فساد وارن دورن کان سواءِ سنڌ تي ڏن جي دير سان
ملڻ يا نه ملڻ ڪري ايران ۽ افغانستان جي حملي جو
خطرو به هر وقت رهندو هو. ان ڪري اهو هڪدم محسوس
ڪري سگهجي ٿو ته ليفٽيننٽ جيمس ان سچائي کان گهڻو
دور ناهي، جڏهن هو چانڊڪي پرڳڻي متعلق ڪي دلچسپ
خبرون ٻڌائي ٿو، چوي ٿو:
”چانڊڪو ٻي سموري سنڌ وانگي، خونخوار تڪرارن جو
ڏيک ڏئي ٿو. اتان جا مڪئي جا ساوا فصل حملي آورن
جي گهوڙن جي سُنبن هيٺان ملياميٽ ٿي ويا. ان خطي
جا ميدان سوين ماڻهن جي رت سان تر ٿي چڪا آهن. اها
رتوڇاڻ گهرو لڙائي جي ڪري يا دهليءَ جي فوج سان
مقابلن ۾ ڪيل قتلام سبب آهي. اها هڪ حقيقت آهي ۽
اسان لاءِ دلچسپي جو باعث پڻ ته، هن ملڪ اڳين دورن
۾ آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي.
پر هر گهراڻي، جيڪو به اقتدار ۾ آيو، تنهن پنهنجي
طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ تلوار کان ڪم ورتو. اسان
سنڌ ۾ اها حالت مسلسل ڏسون ٿا ته هيءُ خطو لڳاتار
جنگ جو ميدان، هڪ ٻئي کي ڳڙڪائڻ جو نظارو، ظلم ۽
رتوڇاڻ جو دُن رهيو آهي. هتي دمشق جو فولاد ميدانن
مٿان چمڪندو رهيو آهي ۽ ڪلهوڙن جي ڪرامتي ڏنڊن(1)
فقيرن جي اولاد کي بادشاهيءَ تخت تي وهاريو. ٽالپر
ميرن جي توڙيدار بندوقن، سندن ٿيل وحشياڻي قتل جي
سلسلي واري انتقام، هڪ ڌنار قبيلي کي تخت شاهي تي
وهاريو. آخرڪار انگريزن جي سنگينن هن ٿڪايل ملڪ کي
ڪجهه امن امان بخشيو“.(2)
مذهبي فقيرن جو گهراڻو جيڪو تخت شاهي ۽ دنياوي شان
شوڪت کي رسيو هجي، گهڻن مان هڪ مثال آهي، جن سان
مشرقي تاريخ ڀري پئي آهي. سما دور ۾ هڪ فقير
جنهنجو نالو ميان محمد مهدي،(3)
جيڪو صوفي، عابد ۽ زاهد هو، سو اچي سنڌ ۾ رهيو ۽
پنهنجا مريد ۽ معتقد پيدا ڪري وڌا هئائين. انهن
مان هڪ آدم شاهه ڪلهوڙو به هو، جنهن پنهنجي مرشد
وانگي 1558ع ڌاري عزت ڀريو مقام حاصل ڪري ورتو هو.
جيئن جيئن سندس شهرت وڌندي ويئي، تيئن تيئن سندس
دل جو لاڙو دنياوي شين ڏانهن ٿيندو ويو، ايتري قدر
جو هن ۽ سندس قبيلي چوڌاري زميندارن جي زمينن تي
قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ شاهي طاقت سان کلي بغاوت ڪئي.
نتيجو اهو نڪتو جو هن ملتان جي نواب جي ڪاوڙ کي
اڀريو، جنهن هن ۽ سندس معتقدن ۽ مريد باغين کي
شڪست ڏني ۽ کيس موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. نتيجو اهو
نڪتو جو کيس بزرگ مڃيو ويو ۽ سندس نالي کي وڌيڪ
قوت ۽ زور ملي ويو. سندس مقبرو سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ جي
چوٽيءَ تي آهي ۽ اڃان تائين تعظيم ۽ تڪريم جي جاءِ
آهي ۽ درياه جي ميداني علائقي ۾ تمام چٽو ۽ مٿاهون
بيٺل آهي. پوسٽنس لکيو آهي:
”آدم شاهه جا مريد تمام وڏي انگ ۾ وڌي ويا، سندس
موت، شهرت ۽ اثر کان پوءِ هن جي شجري ۾ سندس اولاد
جا ڇهه نسل ڪنهن نه ڪنهن خاص مسند تي وِهندا آيا.
سندن چوڌاري گهڻن مريدن ۽ خادمن جي گڏ ٿي وڃڻ کين
مجبور ڪيو ته جيڪي معتقد يا مريد ڏين ٿا، ان کان
وڌيڪ هٿ ڪيو وڃي. سو انهن پوئين مقصد واسطي
زبردستيءَ پنهنجي ملڪيت کي وڌائڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ
طرح سترهين صدي ۾ پاڙي جي زميندارن جي زمينن تي
قبضو ڪيائون. سندن اهڙين ڏاڍاين مغل فوج کي دخل
اندازيءَ جي دعوت ڏني.“
پوسٽنس مطابق ”جن فقيرن جي مضبوط گروهه کي شڪست
ڏني.“ فقير دين محمد کي گرفتار ڪيو ۽ سندس قبيلي
کي قلات ڏانهن ڀڄي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. البت
هنن مذهبي فقيرن جي جماعت کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌڻ
کان روڪي نه پئي سگهيو ويو ۽ نصير محمد پٽ دين
محمد قبيلي ۽ فقيريءَ جي گادي سنڀالي، جنهن محسوس
ڪيو ته اها انفرادي حيثيت وڏي بهادري لهڻي ٿي. هو
ٿوري عرصي کان پوءِ ملتان ويو، بخشش جي واسطي حيلا
هلايائين ۽ آخر ۾ شاهي دربار مان رحم ۽ عام معافي
وٺڻ ۾ ڪامياب ويو. اهو سترهين صديءَ جو انتهائي
آخري زمانو هو ۽ ان زماني جي شروعات جو وقت هو،
جنهن کي اجاگر ڪرڻ هن ڪتاب جو مقصد آهي. ميان نصير
محمد ڪلهوڙي جو پٽ ميان يار محمد ڪلهوڙو هو، جنهن
لاءِ چيو وڃي ٿو ته اصل ۾ ڪلهوڙا خاندان جو پايو
وجهندڙ هو، ميان يار محمد 1701ع ۾، دائودپوٽن کان
شڪارپور کسڻ ۾ ڪامياب ويو، جيڪي ڪرت جي لحاظ کان
ڪوري هئا، جن اتر سنڌ جي مهر قبيلن سان ويڙهاند
کانپوءِ 1616ع ۾ هن شهر جو بنياد رکيو هو، جن جي
اڄ تائين بهاولپور جي حڪومت ۾ نمائندگي آهي. ميان
يار محمد شڪارپور ۾ پنهنجي دربار قائم ڪئي ۽
اورنگزيب کان کيس سنڌو درياه ۽ ناري جي وچ تي زمين
جو پٽو ۽ ’خدا يار خان‘ جو لقب مليو. جيڪو ڪجهه
کيس مليو هو، تنهن کان هو راضي ڪين هو. هن 1711ع ۾
لاڙڪاڻي ۽ ڪنڊياري وارين ايراضين کي کسڪائي هڙپ
ڪري ڇڏيو، ۽ مٿيان سکر وارا علائقا به هن پنهنجي
قبضي هيٺ آندا. ان وقت صحيح معنيٰ ۾ اتر سنڌ جي
سياسي طاقت جو دعويدار کيس ئي چئي سگهجي ٿو. ميان
يار محمد خان 1719ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ ميان نور
محمد گاديءَ تي ويٺو، جنهن پنهنجي حڪومت ۾
دائودپوٽن جي شڪارپور واري علائقي کي ملايو.
پهرين محتاط ٿي شهنشاهه محمد شاهه جي تابعداري
ڪيائين، جنهن کيس سندس پيءُ جيان ’خدا يار خان‘ جو
لقب ۽ 1719ع ۾ سيوهڻ(1)
وارو علائقو به ڏنو. قلات جي حڪمران مير عبدالله
خان بروهيءَ ان وقت ڪلهوڙن تي هلان ڪئي، جنهن
۾ هن بري طرح شڪست کاڌي، ۽ جنگ ۾ پنهنجي جان به
وڃايائين. هن واقعي ويتر ميان نور محمد جي طاقت ۾
اضافو آندو. جڏهن ٺٽي سرڪار ۾ گورنريءَ جي جاءِ
خالي ٿي ته مغل قوت مقامي ماڻهن کي اهميت ڏيڻ واري
اصول مطابق، هن کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو. هن
طريقي مطابق، ميان نور محمد سڄيءَ سنڌ جو حاڪم
بنجي ويو. يعني اتر، ڏکڻ سنڌ ۽ اوڀر واري رڻ پٽ
کان اولهه واري جابلو ايراضيءَ جو اڪيلو حڪمران
بڻجي ويو. بهرحال هيءَ هڪ اهم ۽ عجيب نوعيت جي
ڳالهه آهي ته هيءَ حاڪميت اڻپوري ۽ اڌوري هئي،
ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تحفظ لاءِ ضروري جاءِ بکر جو قلعو
1736ع تائين ڪلهوڙن کي ڪونه مليو هو. ٽن سالن کان
پوءِ 1739ع ۾ نادر شاهه جي ڪاهه هر شيءِ کي تبديل
ڪري ڇڏيو، ان ميان نور محمد جي دل مان دهليءَ
سلطنت جو ڊپ ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن کي ميان نور محمد
مس مس قبول ڪيو هو(1).
هن وڏي بهادريءَ سان نادر شاهه جي مخالفت ڪئي ۽
بيباڪ طبيعت جي کيس وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. نادر
شاه هندوستان کان ايران ڏانهن واپس موٽندي، سنڌ تي
حملو ڪيو.
ميان نور محمد وڃي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ هٿيڪو ٿيو.
نادر شاهه کيس پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ ساليانه
ويهه لک رپيا ڏن ڏيڻ جي واعدي تي ميان نور محمد کي
معاف ڪيو ويو. ڏن جي باقاعده ادائگي جي ضمانت طور
ميان جي پٽن مرادياب خان، عطر خان ۽ غلام شاهه خان
کي پاڻ سان ايران وٺي ويو ۽ اهي ڪيترائي سال
ايراني دربار ۾ رهيا پيا هئا(2).
1747ع ۾ نادر شاه کي قتل ڪيو ويو. ميان نور محمد
جا ٽيئي پٽ جيڪي ايران جي دربار ۾ يرغمال هئا، سي
واپس وطن (سنڌ) وريا، پر تنهن هوندي به ميان نور
محمد اڃان به ڪو سبق ڪونه سکيو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن
احمد شاه دراني دهليءَ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ نادر شاه جو
جاءِ نشين بڻيو ته نور محمد وري ڏن ڏيڻ کان ٽارڻ
جي ڪوشش ڪئي هئي. احمد شاه زور زبردستي ڏن وٺڻ
لاءِ 1754ع ۾ سنڌ تي حملي ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو ۽ لشڪر
وٺي اچي سيوستان ۾ ڪئمپ هنيائين، جنهن جي ڪري ميان
نور محمد اوڀر واري ٿر جي رڻ پٽ ڏانهن نڪري ويو،
جتي ئي وفات ڪيائين. ان جي نتيجي ۾ سڄو وايو منڊل
مونجهه جو شڪار ٿي ويو ۽ نيٺ سندس ٽنهي پٽن ۾ گهرو
لڙائيءَ جنم ورتو. گهرو لڙائيءَ ۾ اندر وڃڻ غير
ضروري ٿيندو. پر ان جو اثر اهو ٿيو جو 1756ع کان
1758ع تائين سنڌ جون حالتون نهايت رحم جوڳيون ٿي
ويون. اهي سياسي لوڏا تيستائين قائم رهيا،
جيستائين 1759ع ۾ غلام شاهه هڪ فاتح جي شڪل ۾ سنڌ
جي سياست جون واڳون نه سنڀاليون. هيءُ اهو ساڳيو
وقت هو جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني ٻيو دفعو سنڌ ۾
ڪارخانو کولي رهي هئي. اهو هنن لاءِ ڪو مناسب
موقعو ثابت ڪونه ٿيو، جيئن اڳتي هلي حالتن مان
ڏسبو. سنڌ 58-1754ع واري عرصي ۾ جن عجيب ڏکيائين
مان گذري رهي هئي، هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ به اهوئي
ڪجهه ٿي رهيو هو. آخرڪار غلام شاه ڪلهوڙو ’سنڌ جو
شهزادو‘ بڻيو (جيئن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ان وقت جي
خطن ۾ کيس سڏيو ويو آهي) پر تنهن هوندي به ڪابل جي
افغان طاقت جي اطاعت مڃڻ ۽ ڏن ڏيڻ لاءِ ڏاڍو مجبور
هو. هن بدقسمت نسل جي دور ۾ نه فقط ڪلهوڙا پاڻ ۾
وڙهي رهيا هئا، پر هو پٺاڻن، قلات، ڪڇ ۽ لاڙ جي
طرف سما خاندان سان تعلق رکندڙ هڪ ننڍڙي علائقي
ڪڪرالو جي سردار سان سياسي شطرنج کيڏي رهيا هئا.
تخت تي قابض ٿيڻ کان پوءِ غلام شاه ڪلهوڙي، جيڪو
پنهنجي قبيلي وارن مان وڌيڪ اهل ۽ لائق هو، ڪنهن
حد تائين سنڌ ۾ امن امان بحال ڪيو.(1)
پر هو 1717ع ۾ گذاري ويو. سندس پٽ سرفراز ڪلهوڙو
سندس جاءِ نشين بڻيو، جيڪو تنگ نظر، بي حس، نااهل
۽ ظالم هو، جنهن اهو سڀ ڪجهه، جيڪو سندس پيءُ حاصل
ڪيو هو سو ڦٽائي ڇڏيو. اهو سرفراز خان ئي هو، جنهن
جي پورالي ۽ موجي طبيعت جي ڪري 1775ع ۾ ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ کي پنهنجون ڪوٺيون بند ڪرڻيون پيون هيون.
جنهن مير بهرام خان ٽالپر جو قتل ڪرائي وڏي بي
سمجهي ۽ ڪٺورتا جو ثبوت ڏنو، جنهن ملڪ جي هر
سمجهدار ماڻهوءَ جي ضمير کي جهنجهوڙي رکيو هو.
نتيجي ۾ اڳتي هلي ٽالپرن ڪلهوڙن کي اقتدار مان ڌڪي
ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان وقت بلوچ ملڪ ۾ هڪ وڏي فوجي
طاقت بنجي چڪا هئا. شروعاتي دور ۾ ڪلهوڙن بلوچن کي
سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ گهڻو همٿايو هو ته جيئن هو
ٻين جنگي ميدانن ۾ سوڀون حاصل ڪري سگهن.
مير بهرام خان جي قتل تي ٽالپر، جيڪي پاڻ به بلوچ
هئا ۽ سنڌ ۾ بادشاهي دربار جي اعليٰ قوت هئا سي بي
دليا ٿي پيا ۽ سرفراز خان تي ڏاڍو ناراض هئا،
آخرڪار ميان سرفراز کي بدنظمي ۽ نااهليءَ سبب تخت
تان لاٿو ويو. ميان سرفراز کان پوءِ وري سنڌ ۾
گهرو لڙائي شروع ٿي ويئي، جنهن وچ ۾ هڪ ٻئي کان
پوءِ ميان محمد خان ۽ ميان غلام نبي ڪلهوڙو تخت تي
ويٺا پر نااهليءَ سبب انهن کي به سنڌ جي تخت تان
لاٿو ويو. اسان هن ڪتاب ۾ ان گهرو لڙائي جي تفصيل
۽ ان جي نتيجي ۾ ٽالپرن جو ظاهر ٿي اچي اقتدار جي
ڪرسي تي ويهڻ جو ذڪر ڪونه ڪنداسون، پر اهو ضرور
چونداسون ته سنڌ ۾ ان وڏي سياسي ڌماچوڪڙيءَ جو
سلسلو 1778ع کان 1800ع تائين هليو ۽ آخرڪار ڪلهوڙن
جي اقتدار جي خاتمي سان گڏ هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.
ڪلهوڙن جي اقتدار جي سڄي ڳالهه پڙهڻ ۾ ڏاڍي دکدائڪ
آهي. اها سنڌ جي عام ماڻهو لاءِ ڏاڍي بدقسمتيءَ جي
ڳالهه آهي ته انهن جي پنهنجن منجهان ئي هڪ گهراڻو،
جنهن پنهنجي طاقت کي هڪ عام ماڻهوءَ جي مذهبي لاڙن
مان پيدا ڪيو، سو مغل حڪومت جو ڏاڍو ڪمزور نعم
البدل ثابت ٿيو. ٽالپر، جيڪي ڪلهوڙن کان پوءِ سندن
جانشين بڻيا، سي اهڙي قسم جي مذهبي قوت بنجي سياست
۾ داخل ڪونه ٿيا ۽ نه وري انهن کي پنهنجي قبيلي جي
بزرگيءَ تي ڪو فخر آهي، ته اهي ولي، بزرگ يا مرشد
هئا، نه وري انهن ڪلهوڙن وانگي اعليٰ نسل هجڻ جي
هام هنئي آهي، جن سنڌ جي پنهنجي رعيت کي اهو سمجهڻ
لاءِ زور ڀريو، جنهن کي ڪو بنياد ئي ڪونهي ته آدم
شاه ڪلهوڙي جو خاندان پوئتي وڃي نبي (ﷺ) جي چاچي
عباس سان ملي ٿو. ٽالپر سادا سودا ۽ اٻوجهه ماڻهو
هئا. توڙي جو هنن پنهنجي حڪومت سنڌين مٿان مڙهي ۽
ڪنهن به صورت ۾ وڪٽوريا دور واري انگريز حڪومت جي
مدبرن جو راضپو حاصل ڪري نه سگهيا. سندن دور ۾
انگريزي تسلط تائين ڪي اهڙيون وحشياڻيون ريتون
مروج هيون، جو انگريزي عوام ۾ هنن لاءِ مايوسي ۽
تعصب کان سواءِ ڪابه همدردي جاڳي نه سگهي.
چوڻ لاءِ فقط هڪ ڳالهه رهجي ٿي وڃي ته ٽالپرن هڪ
پريشان حال ڌرتيءَ کي چاليهن سالن تائين امن امان
ڏنو ۽ انتظامي سرحدن اندر سندن حڪومت نه نااهل هئي
نه وري نفرت جوڳي. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڪلهوڙن
۽ ٽالپرن جا سڀئي حڪمران سنڌ کي ڏيڍ سؤ سالن تائين
سڄي دنيا کان ڪٽي ٻاهرين دنيا جي اثر کان بچايو
ويٺا هئا. اهڙي ريت سر چارلس نيپيئر بذات خود
1843ع ۾ مغلن جي انتظامي ڍانچي کي سنڌ ۾ موجود
ڏٺو، جنهن تي اهو تهذيبي ۽ ثقافتي اثر ڪونه هو،
جيڪو هندستان جي ٻين علائقن ۾ سؤ سالن کان وٺي اچي
رهيو هو. جنهن ۾ ماڻهوءَ جا خيال يڪسر بدلجي چڪا
هئا ته حڪومت ڪهڙيءَ طرز ۽ طريقي جي هجڻ گهرجي، جو
رعيت کان پنهنجي دلي، عزت احترام ۽ فرمانبرداري
مڃائي سگهجي. ٽالپرن جي پهريائين سنڌ ۾ اچڻ کي
برٽن ڏاڍو دلچسپ نموني بيان ڪيو آهي:
”ميان مير محمد خان، ڪلهوڙا گهراڻي جي پهرئين
حڪمران پنهنجي ٻن جابلو بلوچ مريدن مير الودو ۽
مسودو سان وڏا وعدا ڪيا، ڪيئي مهربانيون ڪيون،
جاگيرون باسيون ته هو جبل ڇڏي سنڌ ۾ اچي زمين آباد
ڪن؛ اها سندس موتمار غلطي هئي.“
انهن وحشي ماڻهن جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو منظر مؤرخن
هيئن چٽيو آهي:
”جڏهن بلوچ خدا آباد کان پندرهن ميلن جي مفاصلي تي
پهتا ته بادشاه سندن استقبال ڪرڻ لاءِ پنهنجا
ڪيترائي امير ۽ وزير موڪليا، جن وٽ قيمتي ڪپڙن جا
ٿان ۽ سونن سنجن سان گهوڙا هئا. انهيءَ لاءِ ته
جيئن انهن معزز مهمانن کي سنڌ جي صدر مقام شهر ۾
عزت ۽ احترام سان وٺي اچن. جيئن اهو جلوس اڳتي
وڌيو ته ان کي فقيرن جيان ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڌراڙن
جو هڪ ٽولو مليو، جن جي ڪڍ مال جا ڌڻ هئا ۽ جن جون
زالون گڏهن تي سوار سندن پويان اچي رهيون هيون.
جڏهن وزيرن ۽ اميرن ان ٽولي کان مير الودو جو پڇيو
ته سندن تعجب جي حد نه رهي، ڇو ته اهو فقيراڻي حال
وارو ماڻهن جو ٽولو جن جي هٿن ۾ ڏاس جي ڍيري ۽
پٺيءَ سان ٻڌل ڪانبو هو، سو ئي معزز مهمانن جو جٿو
هو، جنهن کي ادب ۽ احترام سان شاهي دربار ڏانهن
وٺي وڃڻ سندن منصبي فرض ۾ شامل ڪيو ويو هو(1).
ڪلهوڙا جيڪڏهن هڪ گهڙي لاءِ اهو سوچين ها ته انهن
فقيراڻي حال وارن جابلو ڌنارن ۾ ڪڏهن اها طاقت
ايندي جو سندن نسل وارن کي پنهنجي تخت تان هٿ
ڌوئڻا پوندا ۽ فقيرن جو شاهي تخت ۽ تاج انهن ڌنارن
جي آڏو رت ۾ ليٿڙيون کائيندو، جن جي هٿن ۾ ڪڏهن
ڪَتڻ جا ڍيرا ۽ پٺيان ٻڌل ڪانبن ۾ مال جا ڦر هئا.“
|