باب چوٿون
شاعر جي نظر
(الف) شاعراڻي ٻولي ۽ مشاهدو
هن کان اڳ ڪنهن باب ۾ اسان لفظ ’شاعري‘ جي مفهوم
جو تجزيو ڪيو هو، انهيءَ تجزيي سٺي شاعريءَ جون ٽي
مکيه خاصيتون ظاهر ڪيون: پهرين ته اها شعور کي
ذهني طرح مطمئن ڪندڙ هجي. ٻي اها ته ان ۾ جمالياتي
تسڪين پيدا ڪرڻ جي سگهه هجي ۽ ٽين اها ته ان ۾
موسيقيت يا ترنم جو ڪمال هجي. ٻين لفظن ۾ ان کي
هيئن چئجي ته شاعر وٽ هڪ ڏاهپ وارو پيغام پهچائڻ
لاءِ هجي؛ ۽ ان پيغام جي اظهار سان خوشي پيدا ڪرڻ
جي صلاحيت هجي. تڏهن هڪ شاعر جي اک عام شين ۾ اهڙو
ڇا ٿي ڏسي جو هو انهن کي نفيس ڪيميائي عمل سان
شاعراڻي تخليق جو روپ ڏئي ٿي ڇڏي؟ نقادن انهيءَ
سوال جا ڪيترائي جواب ڏنا آهن، جيڪي گهڻو ڪري
اڌورا ۽ اڻپورا آهن. هڪ جديد شاعر چوي ٿو:
"Go' poet, make a song about a fool
Who sought for beauty, and who found her deep
Below the ripples of a lilied pool
Where shadows sleep:
Who saw her dancing in a night- lit sea
Clothed in the stars and jeweled by the moon
And caught her dreaming in a willow tree
At sun charmed noon."(1)
ترجمو:
شاعر وڃ، ۽ ان پاڳل جي لاءِ گيت لک
جنهن سونهن کي ڳوليو هيٺ گهرائيءَ ۾،
ڪنول گل واري سَرَ ۾ لهرن هيٺان
جتي پاڇولا آرامي هوندا آهن،
جنهن ڏٺو، ان کي رات جي تجلن کان روشن رقص ڪندي
سمونڊ جي ڇولين تي
جنهن کي ستارن جا ڪپڙا ۽ چنڊ جا جواهر پاتل هئا،
ان کي جهلي ورتائين مَحوِ خواب، بيد مشڪ جي وڻ ۾
اهو سج جو جادو ڪيل، منجهند جو ٽاڻو هو
هنن لفظن چٽن ۽ سهڻن عڪسن جي تسلسل کي برجس
(Bridges)
جي ٽيسٽامينٽ آف بيوٽي
(Testament of beauty)
جي منطق سان ڀيٽ ڪري ڏسو:
"yet since
The sublimation of self where to the Saints
aspire
Is a self-holocaust, their sheer, asceticism
Is justified in them: the more because the bent
And native color of mind that leadeth them aloof
Or driveth, is that very delicacy of sense
Whereby a pinprick of a mementary whiff
Or hairbreadth motion freeth the content of
force
That can distract them wholly from their high
pursuit."(1)
ترجمو:
اڃا به
انسان جو عروج، جنهن لاءِ سنت آرزو ڪن ٿا
سو آهي پاڻ وڃائڻ، پنهنجو پاڻ تياڳڻ
سوئي کين سونهي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهو موڙ
۽ من جو پنهنجو رنگ نيئي وڃي ٿو هنن کي ڏور،
يا هاڪاري وڃي ٿو، اهائي ته آهي احساس جي نزاڪت
جو سُئي جو چُڀڪو يا کن پل جو جهوٽو
يا اڻ لکو ڪو لوڏو، ڇني سگهي ٿو انهيءَ سگهه کي
ڦيرائي سگهي ٿو سندس عارفاڻي اڏام.
اهي ٻئي ٽڪرا هڪ ٻئي کان مختلف آهن. پهريون ٽڪر
عقل کان وڌيڪ جذبات سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته
پويون ٽڪرو، جذبن کان وڌيڪ عقل سان مخاطب آهي. اهو
تضاد شاعراڻي ڪشش جا ٻه رخ ڏيکاري ٿو. اها ڪنهن به
شيءِ ۾ سچ ۽ سونهن ٻنهي جي ڳولا آهي. هاڻي جيڪڏهن
رسالي جي شآعراڻي ڏات کي جاچي ڏسڻو آهي ته هنن
ساڳين اصولن موجب ان کي جاچينداسين. اهو ڪهڙو ڪچو
مواد هو، جنهن کي شاهه عبداللطيف، ترتيب ڏئي سچ ۽
سونهن جي ڳولا ڪئي؟ هو مسلسل، جذبن ۽ عقل ٻنهي کي
مخاطب آهي، پر ٻين شاعرن جيان ڪڏهن هڪ تي ته ڪڏهن
ٻئي تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو. اسان هن معاملي ۾ ڪنهن
خاص نتيجي تي تڏهن پهچنداسون، جڏهن اسان سندن
پهرين تمثيلن متعلق ويچارينداسون، جن کي هو
استعمال ڪرڻ جو شائق آهي، ٻيو ته ٻهراڙيءَ جي رسم
۽ رواج جو گهرو مطالعو ڪرڻو پوندو، جنهن جو بحث
سندس شاعريءَ جو بنياد آهي ۽ ٽيون اهي لوڪ داستان
آهن، جن کي کڻي هن پنهنجا ڪي ڏاڍا متاثر ڪندڙ سُر
چيا آهن.
رسالي ۾ جيڪي تمثيلون ڏنيون ويون آهن، سي گهڻي
ڀاڱي، صوفي فڪر جي خزاني مان ورتل آهن. شاه
عبداللطيف ڪو شعوري ۽ مستقل فلاسافر ڪونه هو. اسان
سندس شاعريءَ مان، جلال الدين رومي ۽ جاميءَ يا
سيد احمد هاتف اصفحاني جي تمثيلي خزاني جي اميد
ڪونه ٿا رکون. سيد احمد هاتف اصفحاني جي هن ترجيح
بند ٽڪري جي تمثيل نگاري ڏسو:
"O Hatif, the meaning of the Gnostics, whom they
Sometime call drunk and sometimes sober
When they speak of the Wine, the Cup, the
Minstrel, the Cupbearer, the Magician the
Temple, the Beauty and the Girdle
Is those hidden secrets which they sometimes
Declare in cryptic utterance."(1)
ترجمو:
اي هاتف صوفيءَ جي معنيٰ ڇا آهي، جن کي هو
ڪڏهن رند ته ڪڏهن زاهد ٿا ڪوٺين
جڏهن هو شراب پياله،
مطرب، ساقي، جادوگر،
دير و حرم، سونهن، ۽ ڪمربند،
جي ڳالهه ٿا ڪن،
انهن ۾ ڪهڙو اسرار آهي، جنهن کي هو ڪڏهن
ڪنهن ڳجهي ڳالهه ۾ ظاهر ٿا ڪن.
پر هن (شاهه جي) جي شاعري تصوف جي علامتن جو تمام
جامع ۽ وسيع تصور پيش ڪري ٿي، هتي سندس هڪ بيت ۾
پتنگ ۽ مچ، ۽ کوري ۽ مٽيءَ جو تصور پيش ڪيو ويو
آهي:
"If fancy make a moth of thee
The flames thou seest, faltering not
Beloved's rare effulgence see
And enter in as bridegroom ought:
Still art thou as the unbacked clay
Thou knowest not the oven is hot."
پتنگ چائين پاڻ کي پسي مچ مَ موٽ!
سهائي سپرينِ جي، گهڙ ته ٿئين گهوٽ!
اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين!
ٻيو به هڪ بيت ڏجي ٿو، جنهن ۾ شراب ۽ ميخاني جو
ڄاتل سڃاتل تصور ڏنو ويو آهي. عمر خيام جا چاهيندڙ
ان کان واقف هوندا:
جي اٿئي سڌ سُرڪ جي ته ونءُ ڪلاڙڪي هَٽِ،
لاهي رک لطيف چئي، مٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئي ۾ سٽِ، پيچ ڪي پياليون.
"If sipping hath thy fancy led
The wineshop is the place for thee
Beside the winejar lay thy bead
And yielding it in bargain fee
Quaff many cups of wine instead."
هيٺ ڏنل شعر ۾ ڪوڙي ۽ سچي شراب ۾ ڀيٽ ڪيل آهي،
جيڪو سچو ۽ ڪوڙو عشق آهي (عشق مجازي ۽ عشق حقيقي)،
سو هن مان سوچي ۽ سمجهي سگهجي ٿو:
"Who dull existence would conserve?
On breath from the Beloved's lips
For no such aim the lover strives."
Is better than thousand lives:
And can this skin and bone of mine
Compare with the Beloved's wine?"
اصل عاشقن جو سِرُ نه سانڍڻ ڪم
سو سِسِئان اڳرو، سندو دوسان دم،
هي هڏو ۽ چم، پڪ پريان جي نه پڙي.
اُٺ، هوڏي ۽ هٺيلو، جيڪو انسان جي چري دل جي علامت
آهي؛ ڏسون ته شاه عبداللطيف ان خيال کي ڪيئن ٿو
استعمال ڪري:
"The camel, mother, for my needs
I brought and tied beside the tree,
When he on wealth of buds might feast
He's neaking, on the salt bush feeds
The mean and miserable beast
Undoing all my work for me."
ترجمو:
آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مانَ مکڙيون چري،
ڪڌاتورو ڪرهو لڪيو لاڻي کاءِ،
ان مَئي سندي ماءِ، مون کي ڳالهين ڳاريو.
صوفي شاعريءَ ۾ هڪ ٻي تمثيل عام طور هوندي آهي، سا
آهي ويڄ يا طبيب جي. رسالي ۾ ان کي اڪثر تمام
اثرائتي نموني ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. ان تمثيل کي
خاص قسم جي علامت نگاريءَ سان ڳنڍيو ويندو آهي. سر
ڪلياڻ جو هيٺيون بيت ملاحظه ڪندا.
The friends who planted in my heart
The questing of my pain,
My friends have gone and from my mind
Have sorrow's fardel ta' en,
Nor pleaseth the voice of the Healer now
"Tis an empty sound and vain."
اٿياري اٿي ويا، منجهان مون آزار
حبيب ئي هڻي ويا پبڙا جي پچار،
طبيبن تنوار، هڏ نه وڻي هاڻ مون.
سر يمن ڪلياڻ ۾ شاعر چوي ٿو:
"When there's no need no healer calls
Had love's sore pain been in thy side.
Then surely had the healers come
And healing hand to thee applied."
جان جان ناهِ ضرور، تان تان طبيب ناه ڪو،
جهُ سو سريو سُورُ، ته ڪَر ويڄُ ور پيو
ساڳي سر ۾ هيءُ بيت ڏسو، جنهن ۾ طبيب سان هيئن
مخاطب آهي:
"O Thou Physician, give me not the dose,
That maketh well,
For I shall then be strong
To ask of me how now mine illness goes
Then never Friend may haply chance along."
ويچ مَ ٻُڪي ڏي، الا چڱي مَ ٿيان،
سڄڻ مانَ اچي، ڪرلاهو ٿي ڪڏهن.
دوست يا محبوب جي علامتي اظهار جا به ڪيترائي
نمونا آهن. گهڻو ڪري محبوب سان وصل ۾ مشڪلات تي
زور ڏنو ويندو آهي. يا وري محبوب جي فراق سبب پيدا
ٿيندڙ ڏک کي بيان ڪيو ويندو آهي، شاعر هنن بيتن ۾
ايئن ڪري ٿو:
"O lover, sit by loved one's path
Nor weary from friends lattice go
The loved one merey's medicinie gives
And from thy hot wounds takes the glow."
عاشق معشوقن جي وٺي ويهه ڳري،
جم ورچي ڇڏئين سندي دوست دري،
ڏيندا ٻڪي ٻاجهه جي ويندءِ ٺپ ٺري،
اسان تان نه سري، تو ڪيئن سري سپرين.
"O lover sit by loved one's path
And when from out the wineshop's store
They offer wine, keep steady head
And go not near the vintner's door."
عاشق معشوقن جو وٺي ويهج رند،
پياريندءِ پاڻهين ميخاني جو منڌ،
ڪيم ڪڍج ڪنڌ، اوڏو ٿي ان جي.
يا وري ڏسو:
"I did not meat my love altghough,
And hundred suns to setting sped
O let me yield my life when I
Have seen him, hence my journey made."
آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، سهسين سج ويا،
ملڻ وير هئا، ديکي شال دم ڏيان.
"I have not met my love but thou
Art sinking to thy rest, O Sun
The messages I give thee take
And tell to my beloved one.
To ke'ch go, say: 'Twas not for me
To meet my love; death supervened
I'll die, be nothing utterly
In separation from my love."
آئون نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج
آئون جي ڏيئين سنيها، نيئي پريان کي ڏج،
وڃي ڪيچ چئج، ته ”ويچاري واٽ مئي.“
رسالي ۾ جيڪا عام تمثيل آهي، سا پرين جي پار ڏي
ويندڙ ’پنڌ‘ يا ’واٽ‘ سان جدوجهد ڪرڻ آهي، جنهن ۾
مسافريءَ جا خوف ۽ خطرا آهن ۽ پنهنجي مقصد سان
چهٽيو رهڻ به آهي. اهو عڪس وري وري ڪيترين ئي
شڪلين ۾ آڏو اچي ٿو ۽ اها سڀني وڇڙيل محبوبن جي
عشقيه داستانن جي مکيه علامت نگاري آهي. انهن مان
ڪي علامتون، بي ساختگي ۽ سادگيءَ جي ڪري بي انتها
خوبصورت آهن. انهيءَ خيال جي اظهار لاءِ رستي تي
واريءَ ۽، پيچرن تان ڌوڙ جو اڏامڻ، لڪن تان گذرڻ
جا خطرا، جبلن جا اڏا ترڇا پٿر پار ڪري پوءِ
پرينءَ سان ملڻ ۽ پنڌ پوري ٿيڻ جو تصور آهي.
"O Mountain, first to my Friend
Shall I heap up your name with scron
How my feet were crushed by the stones
How my soles to ribbons were torn
Not a thought for me, not a jot
Of rue in your heart was borne."
ڏونگر! ڏوراپو، پهرين چونديس پرينءَ کي،
”پهڻ پير پٿون ڪيا تريون ڇنيون تو،
رحم نه پيئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو“
واڪو ڪنديس وو، مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.
"Tis the Mountain that brings me woe,"
This my cry to heaven will soar
O Mountain, torture me not
I have suffered much before
No joy do I call to much
I remember of grief full store."
ڏونگر مون نه ڏکوءِ، آئون اڳ ڏکوئي آهيان،
سارين ڪون سکوءِ، سور گهڻيئي سنڀران.
ٻئي هنڌ نراسائي جي حالت ۾ عورت پنهنجي محبوب جي
فراق ۾ هيئن شڪايت ڪري ٿي:
"My body burns. With roasting fire
I am consumed but make my quest
Parched am I with Beloved's thirst
Yet drinking find in drink no rest
Nay! Did I drain the ocean wide
Twould grant in not one sip a zest."
کامان پچان پڄران لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تؤنس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪريان، توءِ سُر ڪيائي نه ٿئي.
ڪاپائتيءَ جي سهڻن بيتن ۾ به تصوف جي ڳوڙهي معنيٰ
رکيل آهي، ان ۾ خدا تعاليٰ صراف آهي، جيڪو ڪتيل سٽ
کي توري ٿو ۽ سچائي سان ڪتيندڙن کي سندس گڻن موجب
ملهه ڏئي ٿو:
"Spin, tremble and spin
Lest good luck you spurn
Those who spin, mother, meet
And forgether each turn."
مڇڻ ڀاڳ ڀر ڏئين، ڪت ڪبندي آءٌ
جڏهن تڏهن ماءُ، ڀرِن ڀيرم واريون
"With conceit in their hearts
If fine yarn they spun
Not an ounce would the merchants
Accept of the run."
چائت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دڪو داخل نه ڪيو.
"With love in their hearts
Of they spun but poor stuff
The merchants would Take it
Un- weighed as enough."
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.
رسالي ۾ استعمال ٿيل تمثيلن ۽ علامتن جا اهي مثال
ڏسي، اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا ته فڪر جي گهرائي
۽ سچائي کي ڪيئن خوبصورت ۽ مترنم زبان سان ملايو
ويو آهي. اهي ماڻهو جيڪي تصوف جي فلسفي جي اظهار
کان واقف آهن، تن کي شاه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾
صوفي فلسفي جي روح کي سڃاڻن ۾ تڪليف ڪانه ٿيندي ۽
اهو به محسوس ٿيندو ته هن مکيه خيالن جو بيان ڪهڙي
سادي نوع ۾ ڪيو آهي ۽ جنهن مان سندس اها ڏات ثابت
ٿئي ٿي، جنهن سان هن اهڙا ته عڪس استعمال ڪيا آهن،
جيڪي ٻهراڙيءَ جي نج ثقافت سان ٺهڪي بيهن ٿا، جن
جي هن کي پوري ڄاڻ هئي. رسالي ۾ ڪيترائي بيت اهڙا
ملندا، جيڪي عورت صوفي رابعه جي وجداني لفظن جي
ياد ڏياريندا ”اي خدا، جيڪڏهن مان تنهنجي عبادت
دوزخ جي خوف جي ڪري ٿي ڪريان ته مون کي دوزخ داخل
ڪري ساڙي ڇڏي پر جيڪڏهن اها بهشت جي اميد ۾ آهي ته
منهنجي اتي داخل ٿيڻ کي روڪي ڇڏ؛ پر جيڪڏهن اها
فقط تنهنجي ئي واسطي آهي ته پوءِ مون کي پنهنجي
ديدار کان محروم نه ڪر“ اسين ان ڳالهه کي اتي ٿا
ڇڏيون.
هن تصنيف جو جيڪو تاريخي حصو آهي، ان ۾ سترهين ۽
ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي صورتحال جي
تصوير چٽي وئي آهي، هيءَ ڌرتي هتان جي هارين،
ڌنارن، اوٺارن، ميهارن، ڳنوارن، ريڍارن ۽ ٻڪرارن
جي ڌرتي هئي، جنهن ۾ سيدن جا مقبرا، ڌوڙ ۽ گرمي،
سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جو ساليانو چاڙه ۽ لاهه هو،
جيڪو آبپاشيءَ جي بنهه ناقص نظام جي ڪري ضابطي هيٺ
ڪونه رهندو هو. شاه عبداللطيف اهڙي قسم جي ملڪ ۾
رهندڙ عام ماڻهن لاءِ شاعري ڪئي. تنهن ڪري سندس
شاعريءَ جو پس منظر سادي سودي اڻ سڌريل ٻهراڙي
وارو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ فطري منظرن جي بيان جي
کوٽ آهي، ۽ ماڻهن جي طور طريقي جو مطالعو ڪري پيش
نه ڪيو ويو آهي. ان ڪري رسالو، انهن شين جي مفصل
منظر نگاريءَ جو خزانو ڪونهي، جيڪي انهن ماڻهن وٽ
مشهور ۽ معروف هيون، جن لاءِ هيءُ ڪلام چيو ويو هو
مثال طور، اسان کي ان ۾ اوڊيسي جهڙي تفصيلي بياني
قوت ڪانه ملندي، جيڪا ڪيترن ايامن گذري وڃڻ
کانپوءِ به، اسان کي ان لائق بنائي ٿي، جو اسان
پاڻ تصور ڪري سگهون ته هومر واري يونان جا گهر ۽
گهرن جي سجاوٽ ڪيئن هئي. گهوڙن تي ڪهڙا سنج رکيا
ويندا هئا، لابارا ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪيا ويندا هئا ۽
لڻيل فصل ڪيئن ڪٺا ڪيا ويندا هئا، ٻيڙيون ڪهڙيون
ڪيئن هاڪاريون وينديون هيون يا انهن راندين جون
ڪهڙيون خوبيون هيون ۽ جن سان عام ماڻهوءَ جو چاه
هوندو هو. شاه عبداللطيف ٻين مشرقي شاعرن وانگي
اهڙين شين سان واسطو ڪونه ٿي رکيو. ان ڪري عام
هاري ماڻهن جي سماجي حالتن متعلق سندس حوالا
اتفاقي آهن، جيڪي نفسياتي مسئلي جي ڳولا واري مکيه
مقصد جي بيان ۾ اچي ويا آهن. پر جيئن ته اهو مسئلو
ٻهراڙي جي عام ماڻهن منجهه به موجود آهي، تنهن ڪري
هو عام شين ڏانهن اشاري ڪرڻ کان لنوائي ڪونه ٿي
سگهيو. عالمن کي گهرجي ته هن قسم جي سرسري راءِ
مان شاعريءَ جي انساني پهلوءَ جي اڻسڌي ڄاڻ حاصل
ڪن. حيرت جي ڳالهه آهي جو رسالي ۾ سنڌ جي علائقن
بابت ڄاڻ بلڪل ڪانهي. ڪن جاين جو ذڪر ضرور آهي.
جبلن جا نالا ورتا ويا آهن ۽ سنڌ جي نظارن بابت
سرسري ذڪر ڪيل آهي. پر انفرادي طور تي ڪنهن جڳهه،
جبل يا ڪنهن منظر جو خصوصي ذڪر نه ڪيو ويو آهي. نه
ملڪي ماڻهن متعلق ۽ نه وري سندس پنهنجي دور جي
ڪنهن اهم سياسي واقعي بابت ڪجهه چيل آهي. جڏهن به
ڪنهن جبل جو نالو لکيو ويو آهي ته ان کي پار ڪرڻ ۾
ايندڙ ڏکن ڏاکڙن جي حوالي سان ايئن ڪيو ويو آهي،
نه ڪي ماڻهن جي ان جي جاءِ وقوع، خاصيتن وغيره سان
دلچسپيءَ جي ڪري ايئن ڪيو ويو آهي. جاين جا ڏنل
نالا، اهڙا نالا آهن، جيڪي ڪن خاص علائقن ڏانهن
رهبري ڪندڙ ٿي سگهن ٿا. ان ڪري سنڌ ۽ ان جي ٻهراڙي
واري ثقافت متعلق عام واقفيت ٻئي ڪنهن طريقي نه پر
رسالي ۾ موجود ان جي اندروني شاهدين جي مطالعي سان
ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
انهن مشڪلاتن هوندي به اسان، رسالي جي مطالعي مان
ان وقت جي ماڻهن جي گذاريل زندگيءَ متعلق ڪي چٽيون
تصويرون ڏسي سگهون ٿا. سنڌو درياه جي طاقت ۽ سگهه
جا حوالا ٻوڏن جي ذڪر ۾ اچن ٿا. ان کانسواءِ
پاڻيءَ جي وهڪري جي زور سبب پاڻمرادو ٺهي ويندڙ
واهڙ، خشڪ ڇڏيل ٻيٽ، ٻوڏ جي پاڻيءَ جو پکڙجي وڃڻ ۽
ڍنڍن ڍورن ۾ رهندڙ واڳن جي خطري جا حوالا به ملن
ٿا. انهيءَ کانسواءِ پتڻ آهن، جتي ٻيڙيون بيهن
ٿيون، مضبوط ۽ کاڌل ڪنارا آهن، پڳهن سان ٻيڙين جو
ٻڌجڻ آهي ۽ رسا آهن، جيڪي ٻيڙين ۾ گهڻو ڪم اچن ٿا.
خيال کي تحرڪ ۾ آڻڻ مهل اٺ به اوترو ئي اهم آهي
جيترو درياهه. اسان کي سندس گندين عادتن جو پتو
پوي ٿو، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته اٺ جون مهارون
ڪهڙي جاءِ تي ٻڌڻ گهرجن، سندس کاڌي جا ٻوٽا ڪهڙا
آهن، اهو به پتو پوي ٿو ته جڏهن ان کي چَرڻ لاءِ
ڇڏيو ويندو آهي ته ڇڙواڳي کان روڪڻ لاءِ کي نِيرَ
به هنيا ويندا آهن، هڪ ٻيو به عنوان آهي، جنهن جو
شاعر گهڻو ذڪر ڪري ٿو سرو آهي وسندڙ مينهن جي
سرهائي جو منظر، جنهن سان گاهن جي گلزاري ٿئي ٿي،
جنهن کي چرڻ لاءِ ڳنئوئن ۽ مينُهن جا ڌڻ وسيع
ميدانن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرن ٿا، ساون پٽن تي
وڇڙيل سڄڻ وري ملن ٿا، ان ۾ آسمان سان ڳالهيون
ڪندڙ بادلن جا عڪس آهن ۽ گهنگهور گهٽا ۾ کنوڻ جو
کجڪو ۽ مينهن ڪڻن وسڻ جو مڌر آواز آهي. اتر جي ٿڌي
۽ خشڪ هوا جي اوڪ آهي، جيڪا گاه جي پيهن ۾ واڪو
ڪندي اچي ٿي، ۽ سائي گاه کي لهسائي ڇڏي ٿي. سر
مومل راڻي ۾ ڪي خوبصورت سٽون آهن، جن ۾ سنڌ جي
بخمل جهڙي اونداهي آسمان ۾ تارن جي ڪن ميڙاڪن جو
ذڪر ٿيل آهي. گرم وارياسي رڻ پٽ جي ڀٽن ۽ ساڙيندڙ
سج جو اهميت سان ذڪر، سسئي جي ٻروچ محبوب لاءِ سٺل
ڏکن ۽ ڏاکڙن جي حوالي سان چيل بيتن ۾ ڪيو ويو آهي.
پکين جو ڪو ٿورو ذڪر آهي، جڏهن ته سموري دنيا ۾
سنڌ جهڙا پکين جي معاملي ۾ شاهوڪار ملڪ تمام ٿورا
آهن. پوسل وارن علائقن ۾ ڪونج ٿيندي آهي. ڪانوَ
جيڪو سنڌ ۾ سُٺيون خبرون آڻيندڙ ۽ نيندڙ سٺو قاصد
آهي، ڳجهون جيڪي رڻ پٽ ۾ ڪنهن ڍونڍ لاءِ پيون
واجهائينديون آهن، ٻاٻيهو جيڪو رڻ پٽ جو چنڊول پکي
آهي، اهي ٿورا پکي آهن، جن ڏانهن ڌيان ويو آهي.
باقي هن ۾ مڪاني منظرن ۽ حوالن جا خزانا آهن. هاري
زمين کيڙڻ لاءِ پنهنجا هر ساهين ٿا. نار فصلن لاءِ
پاڻي مٿي ڪڍن ٿا. ماٽيءَ ۾ ڏڌ ولوڙجي ٿو، ڪنڀارن
جا ٿانوَآويءَ ۾ پچن ٿا. چرخا ڪکاون گهرن ۾ رکيل
آهن، لڏندڙ هندورا دولتمندن جي گهرن جي سونهن
وڌائين ٿا. پلنگن مٿان وڇاڻا وڇائجن ٿا. عورتون
پنهنجي سينڌ سنوارين ٿيون ۽ اکين ۾ ڪجل پائين
ٿيون. سندن سونهن ۽ سينگار لاءِ هار ۽ ڪنگڻ آهن.
ڳوٺاڻن جي ڳالهين ۽ ڪچهرين جو چرچو آهي. ڪاپائتيون
سٽ ڪتڻ لاءِ آتڻ ۾ اچن ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان ڪچهريون
ڪن ٿيون. چڙن جا آواز پري کان اچن ٿا. ٿر جا
ماروئڙا پيهين ۽ پَکن ۾ زندگي ٿا گهارين، جنجي
چوڌاري لوڙها ڏنل آهن، ۽ دولتمند ماڻهن وٽ ماڙيون
آهن. جيڪي ايتريون گهڻيون ڪونه ڏسبيون. بخيل ماڻهو
مينهن جي گهڻائي جي سبب ڪري گهڻو حيران ۽ پريشان
آهي. هو چاهي ٿو ته ڏڪار پوي ته جيئن هو پنهنجو
مال پنجوڻي اگهه ۾ وڪڻي. ڪو وڻجارو پنهنجو تجارتي
مال لڏائي ڪنهن ڏور ڏيساور ڏانهن واپار ڪرڻ لاءِ
ٻيڙا هاڪاري وڃي ٿو، جڏهن ٻيڙو واپس ملڪ موٽي اچي
ٿو ته سندس وني پري کان ٻيڙي جي لڏندڙ جهنڊين ۽
رسين مان سڃاڻي وٺي ٿي ته ان ۾ سندس ور آهي. دوستن
جا ميڙا آهن، جتي راڳ ٿئي ٿو ۽ ماڻهو خوش ٿي ڪپڙا
پائي اهڙين محفلن جي وچ ۾ اچي وهن ٿا. هتي شاديون
ٿين ٿيون ۽ ماڻهو سٺي ۾ سٺا ڪپڙا پائي انهن ۾ اچن
ٿا. هت سيدُ وڏي شان ۽ شوڪت سان ڪنهن عاليشان
گهوڙي تي سوار آهي، جنهن جا رڪيب چمڙي جا ٺهيل
آهن، ماڻهو سندس اڳيان ليلائيندا. پارتون ڪندا ۽
مدد طلب ڪندا نظر اچن ٿا. غريب عورت جي چولي ۾ سؤ
چتيون لڳل آهن ۽ سندس سوڙ يا گبرو چيهاڙيون ٿيل
آهن. هڪ غريب ڇوڪري زوريءَ کڻي قيد ڪئي وڃي ٿي ۽
هوءَ پنهنجا مينڍا ڌوئڻ ۽ سرهو تيل هڻڻ کان انڪار
ڪري ٿي. ٿر جون عورتون پنهنجا ڪپڙا لاک ۾ رنڱين
ٿيون. هنرمندن جي هنرمندي اهڙي ڪانه رهي آهي جهڙي
اڳ هئي:
"The lapidaries now are gone
Who diamond pierced and ruby red
But they who followed after them
Have not the skill to work in lead
Where crafts men wrought of yore, the smiths
Beat worthless pewter now instead."
ويا سي وينجهار، هيرا لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار،
ڪٽين ڪٽ لوهار، هاڻي انهيءَ ڀيڻئين.
صوفي بزرگ جي مزار تي ٻيڙي جي سلامتيءَ سان واپس
موٽي اچڻ لاءِ باس باسي وڃي ٿي. ملڪ ۾ گهمندڙ فقير
۽ متقي ماٺ ميٺ ۾ گهمندا ٿا تن ۽ انهن پنهنجو پاڻ
کي سخت ويراڳ ڏئي ڇڏيو آهي. چارڻ پنهنجي چنگ کي
جهوڙا ۽ جهائين ٻڌي سينگاريو آهي ۽ راڳ ڳائي ٿو.
ور کان وڇڙيل زال آهي، جيڪا سياري جي پاري واري
سڄي رات، در جي چائنٺ جهليو اوسيئڙي ۾ اڀي بيٺي
آهي ته مَنَ سندس مڙس پرهه ڦٽي مهل وٽس اچي. اهڙي
قسم جا چٽا عڪس آهن، جن سان رسالو ڏاڍو شاهوڪار
آهي. جيڪو به ماڻهو سنڌ جي (سماجي حالتن) کان واقف
هوندو، سو ڪڏهن به ان ڳالهه سان اختلاف ڪونه ڪندو
ته هي رسالو هارين، ڌڻن ۽ ڌنارن جي سادي سودي
ڳوٺاڻي ثقافت جي ڪيتري قدر صحيح تصوير چٽي ٿو.
جيڪي اڃان تائين زراعت سان لاڳاپيل ٻهراڙيءَ جو
مخصوص سگهارو پهلو آهي.
(ب) لوڪ داستان
رسالي ۾ صوفي فلسفي جي گهرائي ۽ سچائي هوندي به
اهو گمان گذري ٿو ته شاه عبداللطيف جي شاعري ايڏي
مقبوليت حاصل نه ڪري سگهي ها، جيڪڏهن ان مان وڏي
حصي کي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مروج مشهور لوڪ داستانن
جي پسمنظر ۾ نه لکيو وڃي ها. رسالي جو عقيدو سمورو
اسلامي آهي. خدا جا گهٽ ۾ گهٽ چوٽيهه صفاتي نالا،
خدا جي نوانوي نالن مان چونڊيا ويا آهن. پر اُهي
هندن وٽ رسالي جي غير مقبوليت جو سبب بڻجي سگهن
ٿا. جيئن اسان اڳ ۾ ئي ڏٺو ته سنڌ ۾ هر طبقي جو
ماڻهو رسالي سان محبت ڪري ٿو. ان لاءِ مکيه سبب
اهو آهي ته انهن لوڪ داستانن کي دل موهڻ واري
انداز ۾ ورجايو ويو آهي، جيڪي جيڪر انگلينڊ ۾ ٻارن
جي ’پرين جي آکاڻين‘ وارن ڪتابن ۾ هجن. رسالي جي
’منتخب‘ ۾ اڌ ڊزن کن اهڙيون ڳالهيون آهن، جن مان
پنج عاشقن جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڇهين هڪ چارڻ ۽
بادشاه جي آهي. اهڙي قسم جي ڪهاڻين کي شاه
عبداللطيف تي لکيل مواد ۽ جديد ادب جي ڪتابن ۾ وري
وري ورجايو ويو آهي. اهڙن ڪتابن جو ته ڪو شمار ئي
ڪونهي، جن ۾ انهن سنڌي عاشقن جو وري وري ذڪر نه
ڪيو ويو هجي. بهرصورت، انهيءَ ڏس ۾ ڄيٺ مل پرسرام
سڀني کان بهتر ڪم ڪيو آهي، جنهن وڏي احساس سان
سهڻي ۽ سيبتي سنڌيءَ ۾ انهن ڪهاڻين کي من موهيندڙ
انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ اهو به ڏيکاريو آهي ته هندو
نقطهءِ نظر کان هن صوفي فلاسافي جي اصل معنيٰ ۽
مطلب کي ڪيئن سمجهيو آهي. بهرحال ڄيٺمل پرسرام جي
اها سمجهاڻي هندو ويدانيت جي فڪر جي رنگ ۾ رنڱيل
آهي ۽ اهو علم الاهي، جو ڪائناتي قسم آهي ۽ خود
رسالي جي اسلامي تصوف کان مختلف آهي. ڄيٺمل پرسرام
جي محنت جي خصوصيت سندس دلچسپ تصنيف ’سنڌ ائنڊ
اِٽس صوفيز‘ ۾ظاهر ٿي آهي، جيڪا سمجهاڻيءَ سان
ڏيکاري ٿي ته شاعريءَ ۾ ڪهڙي فلسفياڻي ڪشش آهي، جو
پڙهيل ۽ مهذب سوچ رکندڙ ۽ هندو، مذهب جي اصولن تحت
پلجي وڏا ٿيل هندو به اوڏاهين ڇڪجي وڃن ٿا.
’منتخب‘ ۾ جيڪي پنج عشقيه داستان ڏنل آهن، سي
ڏاڍين دکدائڪ ڪهاڻين سان لاڳاپيل آهن، جيئن سسئي
پنهون ۽ سهڻي ميهار ۽ ٻيون ڪهاڻيون ڪجهه گهٽ
ڏکوئيندڙ آهن، جيئن ته ليلان چنيسر، مومل راڻو ۽
عمر مارئي، هر هڪ ڪهاڻي پنهنجي جاءِ تي دلچسپ آهي،
پر هر هڪ مشرق جي روايت مطابق ڪرامتن جي ذڪر سان
پري پئي آهي. سسئي ۽ پنهون جي ڪهاڻي اهڙي آهي،
جيڪا وڏي دلچسپيءَ جو مرڪز آهي، هن حقيقت جي ثابتي
اها آهي ته منتخب ۾ هن عنوان تي گهٽ ۾ گهٽ ست سُر
آهن.اهي سُر آهن: سسئي آبري، معذوري، ڪوهياري،
حسيني، ديسي، رپ ۽ ڏهر. جيڪڏهن انهن سُرن کي
گڏائجي ته رسالي جو چڱو وڏو حصو بڻجي پوي ٿو. هنن
سرن جي شاعري گهڻو ڪري هڪ ساريڪي ناهي، شاعريءَ جي
موتيءَ داڻن کي خلاف عقل ڳالهين، ۽ گهٽ اهميت واري
خودڪلامي سان ملايو ويو آهي. ’حسيني‘ جيڪو ڊگهي ۾
ڊگهو سُر آهي، اهوگهٽ درجي جو آهي. پر سر رپ ۽ سر
ڏهر ۾ ڪي ڏاڍا خوبصورت ۽ اتساهه ڀريل بيت آهن.
شاه عبداللطيف جي جيڪا ڏاهپ ۽ ڏات آهي نج ۽ سريلي
آهي ۽ اهڙي اتساهه کي گهڻي وقت تائين اعليٰ درجي
تي برقرار رکڻ ڪجهه مشڪل هوندو آهي، ان ڪري سندس
بهترين ڪلام ڪنهن هڪ مڪمل سُر ۾ نه پر مختلف سُرن
جي مختلف بيتن ۾ ملندو، جتي هڪ خالص شاعراڻي خيال
جو تمام سگهارو، پر عام ٻوليءَ ۾ اظهار ڪيو ويو
آهي. ڪوبه يورپي هنن عشقيه داستانن جي اصل ڪهاڻين
جي حقيقت ڄاڻڻ کانسواءِ، جيئن اهي ڏنل آهن، تيئن
سمجهي ڪونه سگهندو. ان جو مکيه سبب اهو آهي ته
شاعر انهن کي ٻڌائڻ ۾ بلڪل دلچسپي ڪونه ٿو
رکي.هيءَ ڪهاڻيءَ جي مکيه ڪردار جي احساسن ۾ جذب
آهي ۽ انهن جي دلين جي ڪيفيتن کي ڳولي لهڻ ۾ ڄڻ
ٻڏل آهي. ان ڪري جو هو سمجهي ٿو ته هنن داستانن ۾
ٿيندڙ واقعا سڀني کي معلوم آهن ۽ اهي حقيقت ۾ سڀني
سنڌين کي معلوم به آهن؛ صرف انهن واقعن جي تاثر
ڏانهن شاعر ڌيان ڏنو آهي. اهي ماڻهو جيڪي انهن
داستانن کان اڻڄاڻ هوندا، اهي شاعر جي ٻولن مان
واقعن جي تسلسل کي سمجهي ڪونه سگهندا. جيڪڏهن
شاعريءَ جي بيهڪ جو تجربو ڪبو ته هڪ دلچسپ حقيقت
ظاهر ٿي پوندي، سا اها آهي ته شاعر جو واسطو صرف
ڪهاڻيءَ جي ’عروج‘ سان ۽ ان جي مکيه موڙ سان آهي.
ڪهاڻيءَ جو اهو خاص نڪتو آهي، جيڪو ان ڪهاڻيءَ کي
ڊرامائي اثر ڏيندو آهي. اهڙيءَ ريت سسئي پنهونءَ
جي داستان ۾ دلچسپيءَ جو مکيه نُڪتو سسئيءَ جو اهو
احساس آهي ته هوءَ پنهونءَ کي وڃائي چڪي آهي، جيڪو
ڳجهه ڳوهه ۾ اٺن جي قطار سان هليوويوآهي ۽ سسئيءَ
کي عشق جي تڪميل جي تقاضا پوري ڪرڻي آهي ۽ کيس وڏو
پنڌ ڪري پنهونءَ کي ڳولڻو پوندو. سهڻي ۽ ميهار جي
ڪهاڻيءَ ۾ شاعر هڪ دکدائڪ گهڙيءَ جي چونڊ ڪري ٿو.
جڏهن سهڻي درياه جي دهشت سبب پنهنجي محبوب کان
وڇڙي وئي آهي ۽ درياهه جي هن پار مينهن جي ڳچين ۾
ٻڌل چڙن جي چونگارن ٻڌڻ سان هوءَ پنهنجي حياتي
خطري ۾ وجهي اهڙي ڪچي گهڙي تي ٻئي پار تري وڃڻ ٿي
چاهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ ڀُري پوندو.عمر مارئي واريءَ
ڪهاڻيءَ ۾، رسالي جي شاعري، مارئي جي ذهني پيڙا
سان واسطو رکي ٿي، جيڪا هڪ ماڙيءَ ۾ قيد آهي ۽
پنهنجي مارن کان دور آهي، جنهن کي بچائڻ واسطي ڪو
وانگي ڪونه وريو آهي.ليلا چنيسر واري ڪهاڻي ۾
ليلان جي اڻڄاڻائيءَ ۽ پڇتاءُ ڏيکاريل آهي، جڏهن
کيس پتو پوي ٿو ته چنيسر جو چاه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل
سندس ڪوشش سان مرڳوئي هوءَ چنيسر کي وڃائي چڪي
آهي. مومل ۽ راڻي واري داستان ۾ شاعراڻي دلچسپي ان
نڪتي ۾ لڪل آهي،جتي مومل کي اوچتو اها خبر پوي ٿي
ته هوءَ هڪ وڏي غلطي ڪري، پنهنجو محبوب هميشه لاءِ
وڃائي ويٺي آهي. درحقيقت هنن بيتن ۾ ڳوڙهي ڊرامائي
دلچسپي آهي، جيڪا هر ڪهاڻيءَ ۾ جدوجهد جي عروج سان
لاڳاپيل آهي، اهي ڪهاڻيون ڊرامي لاءِ سٺو موضوع ٿي
سگهن ٿيون، پر هڪ ناول نگار جي فن لاءِ انهن ۾
مواد ڪونهي.
سڀ ڪهاڻيون هندو اصل رکن ٿيون. ڳالهه صاف ظاهر آهي
ته انهن جو تعلق اسلام کان اڳ واري دور جي سنڌ سان
آهي. سسئي ۽ پنهون جي ڪهاڻي بنيادي طور تي ڪڇ مان
آيل لڳي ٿي ۽ اهو ملڪ سنڌ سان مڪمل طرح ڳنڍيل آهي،
ڪڇ جي زبان کي به درحقيقت سنڌي ٻوليءَ جو لهجو يا
اُپڀاشا سمجهيو ويندو آهي. اتان جي اڪثر آبادي
هندوآهي. هڪ دلچسپ ڪتاب ’ڪڇ آر رينڊم اسڪيچز آف
ويسٽرن انڊيا،‘
(Cutch or Random Sketches of western India)
جنهن کي 1839ع ۾ مسز پوسٽنس تصنيف ڪيو هو، ان ۾
هوءَ لکي ٿي ته ’سوسي ۽ پنون‘
(Soose and Punoon)
ڪڇ ۽ سنڌ ۾ ڀٽن جي بيان ڪيل ڏاڍي مقبول ڪهاڻي
آهي.“(1)
ڪڇ واري ڪهاڻيءَ ۾ ماڳ مڪان ڪڇ جا ئي آهن ۽
سنڌ ۾ هيءَ داستان ڏاڍو منجهيل آهي ۽ ماڳن مڪانن
جانالا به گڏجي سڏجي ويا آهن. اها ڪهاڻي ڪڇ ۽ لاڙ
جي وچ ۾ گهمي ٿي ۽ ان کان پوءِ ڪيچ مڪران ڏانهن
هلي وڃي ٿي. اسان اڳ ۾ ئي ڏسي آيا آهيون ته داستان
کي هڪ نه ٻيءَ صورت ۾ بلوچي شاعريءَ ۾ به آندو ويو
آهي ۽ اتي جاين جڳهن جا نالا به اهي ساڳيا آهن،
جيڪي ڄڻ ته بلوچن جي سرزمين جا آهن. ڪهاڻي پڪ تمام
پراڻي هوندي جو ان صدين گذرڻ کان پوءِ ڪيترائي
مقامي رنگ اختيار ڪيا آهن. سهڻي ۽ ميهار جي ڪهاڻي
پنجاب جي آهي، جنهن سنڌ ۾ پنهنجي جاءِ بنائي ورتي
آهي. اها ڪهاڻي سنڌ ۾ پنجاب کان لڏي آيل هندو نسل
جي ماڻهن ذريعي آئي هوندي، جيڪي هتان جي آبادي ۾
اهم عنصر جي حيثيت رکن ٿا. اها ڳالهه 1931ع جي
بامبي پريزيڊنسي بابت هندستان جي آدمشماريءَ واري
ڪتاب ۾ واضح آهي. مومل راڻي واري عشقيه ڪهاڻي سنڌ
جي لاڙ واري ڀاڱي جي آهي، جنهن جو تعلق ’سوڍن‘ سان
آهي، جيڪي ٿر علائقي جي عمر ڪوٽ جي پسگردائي جا
رهاڪو آهن. هيءَ ڪهاڻي ظاهر ظهور ان دور سان واسطو
رکي ٿي، جڏهن سنڌ اڃان مسلمان ڪانه ٿي هئي. عمر ۽
مارئي جي داستان جو تعلق به ساڳي علائقي سان آهي ۽
ان دور سان لاڳاپيل آهي، جڏهن سومرا هن ملڪ جي
اقتدار جا ڌڻي هئا. يعني هيءُ عرب جي فوجي گورنرن
جي وڃڻ کان پوءِ جو زمانو آهي. هن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه
ڪانهي، جيڪا ان کي اسلام سان لاڳاپڻ جو اهڃاڻ ڏي.
ليلان ۽ چنيسر جي داستان سان لاڳاپيل علائقو واضح
ڪونهي. پر ڪي شهادتون هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪن
ٿيون ته اهو داستان به لاڙ جو آهي ۽ عمر مارئيءَ
واري داستان واري ساڳئي زماني سان تعلق رکي ٿو.
’چنيسر‘ نالو سنڌي آهي ۽ اهڙي نالي وارو سومرو
بادشاه به ٿي گذريو آهي، جنهن 1228ع ڌاران هيٺينءَ
سنڌ تي 18 سال حڪومت ڪئي هئي. هي اهو دور آهي،
جنهن ۾ ڪن خاص بادشاهن جي مذهب متعلق پڪ سان ڪجهه
معلوم ڪونهي ڪو. آئين اڪبريءَ ۾ لکيل آهي ته
راجپوت نسل جي 36 سومرن بادشاهن سنڌ تي 500 ورهيه
حڪومت ڪئي. تاريخ طاهري وارو لکي ٿو ته هجري سن
700هه کان 843هه تائين سنڌ تي سومرن جي هندو قبيلي
حڪومت ڪئي. ايليٽ سمجهي ٿو ته ”هن يقين ڪرڻ لاءِ
ڪيترائي سبب آهن ته يارهين صدي عيسويءَ ۾ سومرن
تي ڪرمتين جي بي دينيءَ جو رنگ هو.“ خير اهو کڻي
ڪيئن به هجي، پر رسالي مطابق جيڪا ڪهاڻي آهي، سا
اهو ڪانه ٿي ٻڌائي ته اهي ڪي مسلمان هئا. اسين هن
سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته، هيءَ ڪهاڻي ان دور سان
تعلق رکي ٿي، جڏهن ملڪ جو اهو ڀاڱو اڃان مسلمان
ڪونه ٿيو هو. سندن ۽ راءِ ڏياچ وارو داستان، جنهن
کي رسالي ۾ ’سر سورٺ‘ جي نالي سان سڏيو ويو آهي،
تنهنجو تعلق ڪڇ يا ڪاٺياواڙ سان آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ
ٻارهين صدي عيسوي سان واسطو ٿي سگهيس ٿو. رسالي جي
ڪهاڻيءَ جي مطابق بادشاهه کي ’سلطان‘ چيو ويو آهي،
پر انهيءَ جو ڪو ٻيو خاص مطلب ڪونه آهي. اها سادي
سودي نموني ۾ هر طرح هندو ڪهاڻي آهي. اها اصل سنڌ
سان واسطو نٿي رکي.
’منتخب‘ جي داستانن جي مواد کي اهي حقيقتون واضح
ڪن ٿيون. رسالي جو پيچيده ادبي ورثو هاڻي ظاهر
آهي، تخيل ۽ فڪر جو اظهار اسلامي آهي، جنهن تي
صوفي فلسفي جو رنگ چڙهيل آهي، موسيقي هندستاني
آهي. داستان هندو آهن. جن مان هڪ پنجاب جو آهي، ٻه
ڪڇ يا ڪاٺياواڙ جا ۽ باقي ڪهاڻيون لاڙ واري سنڌ
سان تعلق رکن ٿيون،جيڪي عام اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ
۾ ٿر واري سرحدي علائقي جي هندن ۾ عام مقبول هيون.
هنن ويچارن جي ڪري، اهو سمجهڻ سولو آهي ته، موجوده
دور جو هندو اهو سمجهي ٿو ته سندن ثقافت جيڪا
اسلامي ثقافت کان گهٽ ڪانهي؛ انهيءَ هن سهڻي تخليق
۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شاه عبداللطيف جي
شاعراڻي اک، گذريل نسلن جي سادن لوڪ داستانن،
ڊرامائي نفسياتي شاعريءَ جي تخليق لاءِ بهترين
مواد ڏٺو، جنهن ۾ هن صوفي تصور جي فلسفي کي ازخود
شامل ڪيو.
|