سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڀٽ جو شاهه

باب: --

صفحو :7

 

(ب) سنڌ جي صنعت ۽ تجارت

پوسٽنس، انگريزن جي فتح واري عرصي دوران، سنڌ جي تجارت سان لاڳاپيل ڪيترين شين جو ذڪر ڪيو آهي. ان وقت تجارت ۾ نئين سري سان جان اچي ويئي هئي. تنهن وقت ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، تجارتي نقطهءِ نظر کان اهم شهر هئا ۽ سکر ترقيءَ جي رستي تي هلڻ جون تياريون ڪري رهيو هو. بهرحال پوسٽنس جو ڏنل وچور خاص طور تي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي خيال کان بلڪل صحيح ۽ ڪافي آهي، پر شرط اهو آهي ته سوٽي ڪپڙي جي منڊيءَ جي اهميت جي گهٽتائيءَ کي نظر ۾ رکيو وڃي، جنهن جو ذڪر اڳين صفحن ۾ اچي چڪو آهي. سنڌ پوري هڪ صديءَ کان يُورپ جي مارڪيٽ کي سوٽي ڪپڙو مهيا ڪرڻ بند ڪري چڪي هئي. جڏهن ٺٽو تباهيءَ جو شڪار ٿيو ته ٺٽي جون ڇريل ڇيٽون ۽ رنگين سوٽي ڪپڙا به الائي ڪيڏانهن ويا. سوٽي ڪپڙو پوءِ به ’اڄندو رهيو پر فقط ٿوري انداز ۾‘ مقامي منڊيءَ جي ضرورت ۽ کپت لاءِ- ۽ بس. هاڻي حقيقت ڪجهه ابتڙ ٿي ويئي هئي جو سنڌ انگلستان جون ڇيٽون ۽ ڇريل ڪپڙو درآمد ٿي ڪيو.(1)

انگلستان ۾ تيار ٿيل ڪپڙو، بخمل، اوني ڪپڙو، کنڊ، مصالا ۽ ڌاتو گهڻو ڪري بمبئيءَ مان سنڌ ۾ درآمد ڪيا ويندا هئا. ڪپهه، کاڌي، ريشمي ڪپڙو مارواڙ ۽ گجرات کان، ريشمي ڪپڙو ۽ ٻيو ريشمي سامان بهاولپور ۽ ملتان کان، رنگ دوائون، خشڪ ميوو ۽ گهوڙا اتر اولهه وارن ملڪن کان سنڌ ۾ درآمد ڪيا ويندا هئا. سنڌ مان جيڪو مال ٻاهر ڏيساور ويندو هو، سو هو چانور، گيههُ، آفيم، نير، سڪل مڇي ۽ چمڙو جيڪوسنڌ جو پنهنجو هوندو هو. خراسان سان هڪ خاص قسم جو واپار هلندڙ هو، جنهن ۾ پئسي جي هٿي شڪارپور جا هندو ڏيندا هئا. سنڌ، نير، جوڙيءَ جو ڪپڙو، سوٽي ڪپڙو،ريشم مان تيار ٿيل ڪپڙو ۽ ٻيو سامان، لوڻ ۽ شورو، خراسان ڏانهن برآمد ڪندي هئي ۽ ان مال جي بدلي خراسان مان مال کڻندي هئي. اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ جي اندروني ڏيتي ليتي به ٿيندي هئي. اتر سنڌ مان اناج (چانورن کان سواءِ) گيهه، ڪپهه، نير ايندا هئا ۽ ان جي بدران چانور، سڪل مڇي، تيار چمڙو ۽ هٿيار، ڏکڻ سنڌ، اتر سنڌ ڏانهن موڪليندي هئي. سنڌ جي تجارت جي اها حالت ٽالپر دور جي پنجاه سالن ۾ ٿي. ان وقت اهو تصور اڀريو ته سنڌ ڏانهن ٻاهرين اچ وڃ هڪدم بند ڪئي وڃي. سنڌ جو مارواڙ، گجرات، جيسلمير، بهاولپور ۽ پنجاب سان واپار ايڏو اهم ڪونه هو. مغل دور ۽ ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ شڪارپور جي خراسان سان اهم واپار کان سواءِ باقي سنڌ جو تجارتي مال ساڳيو هو. حيدرآباد ۾ تيار ٿيندڙ هٿيار ڄڻ تجارتي مال جي شمار ۾ ئي ڪونه هئا.

مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي اهم صنعت، ڪپڙي سازي، شورو، نير، چمڙو ۽ مڇي هئي. ان کانسواءِ مورلينڊ سنڌ جي واپار بابت جيڪو بيان ڪيو آهي سو به سچ آهي(1). اٽي پيهڻ جي صنعت سنڌ ۾ بلڪل ناپيد هئي. هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو اٽو پنهنجي جنڊ تي ٿي پيٺو، جيئن هر ڪو سياح سنڌ ۾ اڄڪلهه ڏسي رهيو آهي. تيلي ٻج پيڙهي تيل ڪڍڻ جي ڳوٺاڻي صنعت هئي، جيڪا چوڌاري هنڌين ماڳين پکڙيل هئي ۽ گهاڻن ۾ اُٺ يا ڏاند پيا ڦرندا هئا، سرنهن ۽ ڄانڀو اڄ جيان پيا پيڙيندا هئا. ڪنڀارڪو جو هنر به تمام پراڻو آهي ۽ اڃان تائين اهو ائين آهي جيئن مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ هوندو هو. ڪاشيءَ جي سرن جي صنعت وڏي ڪاريگري لهڻي ٿي، ان جي پيداوار مسجدن ۽ مزارن جي زينت بڻبي هئي. جڳهيون غير اهم آهن ڇو ته گهڻا گهر ۽ رهائشگاهون ڪچيون ٺهيل آهن، جن ۾ پڃر پٽيون، گاه ڪچرو ۽ وڻن جون ٽاريون استعمال ٿيل آهن. ٺٽي جهڙن تمام وڏن شهرن ۽ بزرگن جي مزارن ۾ پڪين سرن جو استعمال ڪيو ويو آهي. آبهوا ايڏي خشڪ آهي جو ڪچي ٺهيل جڳهه به نسلن تائين هلي ٿي ۽ غريب طبقي وارا ماڻهو منهن ۽ جهوپڙين ۾ اڄ جيان رهندا ڪندا هئا، جن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سڙو تمام سهانگو هوندو هو. سنڌ ۾ تعميراتي پٿر جي کوٽ آهي، تنهن ڪري ان ۾ پٿر جي ڪاريگري ڏسڻ اجائي آهي. سُٽ ڪتڻ ۽ اڻڻ کان سواءِ، چمڙي جي رنڱائي، شوري، نير جي پيداوار ۽ مڇيءَ کي سڪائڻ وارن ڌنڌن کان سواءِ سنڌ جي صنعتي اهميت خاص ڪانهي. اهي صنعتون، بهرحال غير معمولي طور تي اهم آهن ۽ خاص توجهه جي تقاضا ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن شين انگريز واپارين ۽ سياحن جو هن ملڪ ڏانهن ڌيان ڇڪايو.

1. سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙي جي صنعت

سنڌ جي سوٽي ڪپڙي جي صنعت متعلق حوالن سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو رڪارڊ ڀريو پيو آهي، جن مان ڪيترن کي اسان اڳ ۾ ئي بيان ڪري چڪا آهيون. جوزف سالبئنڪ جنهن 1609ع ۾ ايران ۽ ترڪيءَ جي سياحت ڪئي، سو لکي ٿو ته: ”روهڙي، هارين ۽ ڏکويلن جو شهر آهي.(1) هو واپار ڪرڻ ۾ پڻ رڌل آهن. سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻئي تجارتي مال جو واپار ڪن ٿا. هو سڀني سان ڏاڍو مانائتو هلن ٿا.“ هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ”درياه جي ٻئي طرف ٻيڙيون بيٺل آهن جن تي پنجاه يا سٺ ٽن بار لڏيل آهي جيڪي هندستان جي مختلف شهرن ڏانهن وينديون.“ سکر، (جنهن کي هو غلطءَ وچان بکر سمجهي ٿو) بابت هي ٻڌائي ٿو ته ”هن ۾ گهڻي آبادي ڪورين ۽ رنگريزن جي آهي جيڪي آس پاس واري علائقي جي خدمت ڪن ٿا“(2) مورلئنڊ(3) لکي ٿو ته: ”سوٽي ڪپڙي جي پيداوار چئن طرفن کان ٻاهر نيڪال ٿيندي هئي. سنڌو درياه واري ميداني علائقي جي پيداوار سنڌو درياه جي لاهري بندر رستي، ڪامبني جي کاري جي آس پاس وارن علائقن ۽ ڏکڻ واري علائقي جي ديبل (Dabul) وٽان، ڪارومنڊل وارو سامونڊي علائقو ۽ بنگال، لاهور، ملتان، سکر، ٺٽي ۽ ٻين ڪيترن شهرن ۾ ڪورين جي وڏي آبادي هئي، جيڪي سنڌو درياه جي ڪناري سان يا ان جي ڦاٽن جي پاسن سان آباد هئا. ان پيداوار جو گهڻو حصو سمنڊ رستي عرب ملڪن ڏانهن وڃي ٿو ۽ ڪجهه موجوده دور ۾ پورچوگيز کڻن ٿا. ٺٽو ۽ نصرپور سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙي جي صنعت ۾ وڏيءَ اهميت جي لائق شهر هئا. ٺٽو، خاص طور تي سترهينءَ صديءَ ۾ سوٽي ڪپڙي جي اعليٰ معياري صنعت ۾ سڀ کان اڳتي هو. مينوسي چوي ٿو: ”ٺٽو، سفيد سوٽي ڪپڙي جي صنعت ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، جوڙي ۽ ڇيٽ جي ڪپڙي ۾ به لاجواب آهي، جنهن جا ٻه قسم آهن.(1) منجهس چمڙو به جام آهي جيڪو عربستان ۽ ايران برآمد ڪيو وڃي ٿو.“ وٿنگٽن(2) ته اهو چوي ٿو: ”ٺٽو سنڌ جي حوالي سان، سڄي هندستان جي اندر ٻين سڀني شهرن ۾ واپار جي نقطهءِ نظر کان وڏي ۾ وڏو شهر آهي.“ مکيه بندر لاهري هن کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. رستو صاف ۽ جيت جڻيا تمام گهٽ آهن … اتي ٻيون به تجارتي شيون آهن جهڙوڪ: وائل، ململ، بافتو، نير ۽ جوڙي، پر اها بيانه جهڙي سٺي نه آهي.“ ٿيوِناٽ لکيو آهي ته ”هيءَ گهڻيءَ آمد و رفت وارو ملڪ آهي.(3) خاص طور تي ٺٽي جو شهر، جتان هندستان جا واپاري هتان جون ٺهيل عجيب غريب شيون خريد ڪن ٿا، جيڪي هتان جا ماڻهو بهترين قابليت سان تيار ڪن ٿا. هتان جا رهواسي فن ۾ وڏيءَ ڏاهپ جا مالڪ آهن. سنڌو درياه ٺٽي پاسي گهڻائي ٻيٽ بڻائي ڇڏيا آهن، ۽ اهي ٻيٽ ڏاڍا لاڀائتا ۽ خوشگوار هئڻ ڪري ٺٽو هندستان جو وڏو ۽ ڪشادو شهر بنجي ويو آهي.اها ٻي ڳالهه آهي ته اتي گرميءَ جي انتها آهي.“ هئملٽن اڃان به وڌيڪ تفصيل  سان بيان ڪري ٿو ۽ هن ملڪ جي پيداوار به ڳڻي ٿو: شورو، نوشادر يا اڇڙو (امونيم سالٽ يا Sal ammoniac) ڪنگڻ کار يا سهاڳو، هڱ (Assafoetida)، نادر زهر (Goat Beroar)، لاج ورد (Lapis lazuli)، نيروڳ، نيرو قيمتي پٿر (Lapis tutiae)، گگر (Opoponax) ۽ ڪچو پَٽُ، اهي سموريون شيون هن علائقي جي پيداوار هيون“. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو: ”جڏهن پٽ مان ڪپڙو تيار ڪن ٿا ته ان کي جموار سڏيو وڃي ٿو، وري جيڪڏهن ان ۾ ٿوري سوٽي ڌاڳي جي ملاوت ڪن ٿا ته ان ڪپڙي کي ڪتاني يا ڪناويز چيو وڃي ٿو. پٽ ۽ ڪرماني اُنَ ملائي به ڪپڙو تيار ڪيو ٿو وڃي. ڇريل سوٽي ڪپڙو، جنهن ۾ پٽ ٿو ملايو وڃي ۽ وَڙَ ۾ ڪي کهرا ڏورا ۽ ڪي لسا ۽ نرم، صاف ۽ گهاٽا هوندا آهن. سندن جوڙيل ڪپڙو جنهن کي هو ’جوڙي‘ سڏين ٿا، سو به ڏاڍو نرم ۽ عمدو ٿئي ٿو ۽ چوڙ يا جَهلَ ۾ به جيڪي مون استعمال ڪيا آهن انهن سڀني سوٽي ڪپڙن کان وڌيڪ هلي ٿو. اهي ڇيٽون به ڏاڍيون سهڻيون بنائن ٿا، جيڪي بها ۾ ڏاڍيون سهانگيون ملن ٿيون ۽ بسترن جون چادرون به واه جون سهڻيون ٿا جوڙين.“ هئملٽن اهو به ٻڌائي ٿو ته سندس اچڻ (1696ع) کان ٽي سال اڳ برسات نه پوڻ ڪري ماڻهن ۾ پليگ پئي، جنهن ۾ 80،000 ماڻهو رڳو ٺٽي (۽ پسگردائي) ۾ مري ويا، جيڪي سوٽي ۽ پَٽَ جي ڪپڙي جا ڪوري هئا.(1) ۽ شهر جو اڌ کان مٿي حصو خالي ٿي چڪو هو ۽ ماڻهو ڪيڏانهن هليا ويا هئا.

ٺٽي جو شهر، انگريزي واپاري ڪوٺي واري ٻئي دور (75-1758ع) ۾ به وڏيءَ اهميت لائق هو. پر اهو اڳ ۾ ئي تباه ٿيڻ شروع ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته واپار، شڪارپور حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مٿي اڀري اچڻ ڪري ڪجهه رستا بدلائي چڪو هو. ٻي ڳالهه اها به ٿي جو شاه بندر، واريءَ پوڻ ڪري لٽجي چڪو هو. ان کان سواءِ ٺٽي يا سنڌ جي تجارتي مال جي طلب به گهٽجي ويئي هئي. ان جو هڪڙو سبب وري اهو به هو ته ان قسم جي مال جي صنعت برطانيا ۾ قائم ٿي چڪي هئي، جنهن نه فقط پنهنجي ملڪي تجارتيءَ منڊيءَ تي قبضو ڪري ورتو هو پر پنهنجي تيار مال کي ڏيساور به موڪليو ويندو هو. اصل سبب اهي هئا، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن حڪمرانن جون حڪومتون ٺٽي جي عظيم شهر جي زوال لاءِ ذميوار ڪونه هيون، جيئن پوسٽنس ۽ برٽن اڻڄاڻائي ۾ سمجهيو آهي. ٺٽي جي تباهي ايترو ته مڪمل هئي جو يورپي سياح جيڪي 1842ع ۾ آيا سي پنهنجي ذاتي راين ۾ لکن ٿا ته: ”گهٽيون وڪڙن واريون سوڙهيون ۽ گنديون آهن. گهر جيڪي مٽيءَ، ڪاٺ ۽ پڪين سرن جا ٺهيل ڄڻ چورس منارا ٿا معلوم ٿين، جن مٿان تراکڙيون ڇتيون آهن ۽ گرمين جي رُت ۾ کليءَ هوا ۾ انهن ڇتين تي گهر جا مالڪ سمهندا آهن. ڇيڻا، جيڪي باه ٻارڻ جي ڪم اچن ٿا، سي ڀتين تي کوڙ ٿپيا پيا آهن. شهر ۾ ٿوريون ڪي مسجدون آهن جيڪي پٿر جون ٺهيل آهن ۽ مٿن اڇي پوچي به ٿيل آهي، پر اهي به شهر جي ٻين جاين وانگر ميريون ۽ ڊٺل ٿيون محسوس ٿين. اڳي هتي جيڪو تجارت کي عروج حاصل هو سو هاڻي ڪونهي ڪو. هر طرف غربت، افلاس ۽ گندگيءَ جو واسو آهي“ ان وقت تائين ڪراچي هڪ اهم بندرگاه بنجي چڪي هئي. حيدرآباد جي آدمشماري 35،000 هئي ۽ شڪارپور ۾ پنهنجي نوعيت جا بئنڪن جا ادارا موجود هئا، جيڪي سنڌ افغانستان، بلوچستان ۽ وچ ايشيا جي تجارت کي مالي امداد فراهم ڪندا هئا پر سنڌ جو سوٽي ڪپڙو ولايت وارن جي دلچسپيءَ جو باعث ڪونه رهيو هو.

2. شورو

سترهين ۽ ارڙهين صدي جي ڏيساوري واپار ۾ شوري جي اڄ کان وڌيڪ اهم حيثيت هئي. جيئن اسان اڳ ۾ ڏسي چڪا آهيون ته ٻئي دور واري انگريزي ڪوٺيءَ جي قائم ڪرڻ جو وڏو مقصد شوري جي باقاعده خريداري هئي. ملڪ جي سالياني پيداواري صلاحيت 10،000 مڻ ڪچو شورو هو. شورو هڪ اهڙو تجارتي مال هو جنهن تي مغل انتظاميا جي نظر هئي. انگريزي ڪمپنيءَ بهرحال ڪوشش ڪئي هئي ته شوري جي تجارت تي سندس هڪ هٽي قائم هجي ۽ اهو انگلينڊ ويندو رهي. اها آخرڪار ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي. هن ڪمپنيءَ جي اها به ڪوشش رهي ته پنهنجي مخالفن کي ختم ڪرڻ لاءِ هندستاني حڪمرانن کان ڪي پروانا حاصل ڪري. غلام شاه ڪلهوڙي ان کي اهڙا ڪيترائي پروانا ڏنا هئا پر، هو ايراني نار جي مقامي ماڻهن جي وچ ۾ اچي شوري جي تجارت ڪرڻ وارين ڪوششن کي روڪيندو ڪونه هو ۽ کين اجازت ڏئي ڇڏيندو هو. ان رويي خلاف ڪوٺيءَ جي واپارين احتجاج ڪيو. پر سترهين صدي جي ڪمپنيءَ جي تجارتي مال ۾ شوري کي گهٽ پر نير کي وڌيڪ اهميت ڏني ويئي هئي. هيءُ اهڙي قسم جو تجارتي مال هو جنهن کي ڪمپنيءَ جي واپارين وڌيڪ ترقي ڏيارڻ پئي چاهي. سورهين صديءَ ۾ شوري جي تجارتي اهميت فوجي ضرورت جي ڪري هئي ڇو ته اهو بارود ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. مورلئنڊ چوي ٿو: ”هيءَ شيءِ انساني ۽ حيواني فضلي مان بنجي ٿي ۽ جن حالتن تحت اها شيءِ ٺهي ٿي تن کي اسان اڄ گنديون ۽ غليظ چئون ٿا، پر سترهين صديءَ ۾ اهڙيون حالتون عام هيون ۽ ان کان پوءِ به گهڻو وقت رهيون. ان تجارتي مال کي هٿ ڪرڻ لاءِ به غليظ طريقا استعمال ڪيا ويندا هئا ۽ هندستان ۾ اڄ تائين به استعمال ڪيا وڃن ٿا. اها پيداوار گندين جاين تان کنئي ۽ ڌوئي صاف ڪئي وڃي ٿي.“(1)

سن 1620ع تائين هندستان شوري جي پيداوار لاءِ اهم ذريعو هو. ڇاڪاڻ جو ان وقت انگلينڊ ۾ شوري جي مقدار جي ڏاڍي گهٽتائي هئي. شفاعت احمد خان پنهنجي ذاتي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”سترهينءَ صديءَ ۾ شوري جي اهميت هڪ وڏي حقيقت هئي. ان وقت بارود جو بڻجڻ گهوڙن جي ڪڙه واريءَ مٽيءَ هٿ ڪرڻ تي مدار رکندو هو. گهرو لڙائي، انگلينڊ ۾ بارود جي طلب وڌائي جنهن شوري جي طلب کي ڏاڍو وڌايو. ان شيءِ جي اهم ضرورت ۽ قلت ٻنهي گڏجي، ان جي درآمد کي قومي ضرورت جو درجو ڏنو ۽ ڪمپني اڪيلي سر بادشاه کي هيءُ مال مهيا ڪرڻ لڳي.“ (ايسٽ انڊيا ٽريڊ ان سيونٽينٿ سينچري ص: 13)

هن صورتحال ۾ هيءَ دلچسپ چيز هئي ته اورنگزيب سن 1646ع ۾ جڏهن گجرات جو گورنر جنرل هو ته هن شوري جي برآمد تي پابندي هڻي ڇڏي هئي ۽ اهو خيال ظاهر ڪيو ته اهو شورو مسلمانن خلاف ڪتب آندو ويندو.(1) پر جڏهن اورنگزيب جي، ڪنهن ٻئي پاسي انتظامي نقطهءِ نگاه سان، بدلي ٿي ويئي ته ان حڪمت عمليءَ ۾ به ڦيرو آيو. جڏهن هو ملتان جو گورنر ٿيو ته هن اها ساڳي پاليسي اختيار ڪونه ڪئي، جڏهن ته ٺٽو ان جي حڪمرانيءَ هيٺ ۽ لاهري بندر به سندس حڪومت ۾ هو ، جتان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي شورو برآمد ڪيو ويندو هو. هن تجارت اڃان پوري قوت ئي اختيار ڪونه ڪئي هئي ته 1650ع ڌاري بهار شوري جي پيداوار ۾ اهميت حاصل ڪري ويو. 1650ع تائين شورو، سوٽي ڪپڙي، رنگ ۽ نير جهڙين مهانگين شين جيتري اهميت حاصل ڪري ڪونه سگهيو ۽ اوني ڳٺڙين ۾ ردي مال جيان بس ائين اڇلايو ويندو هو، پر سن 1650ع کان پوءِ وڏو قيمتي تجارتي وکر بنجي ويو.

سنڌ ۾ قائم ٿيل انگريزن جي واپاري ڪوٺي سنڌ ۾ ملندڙ سڀ شورو هٿ ڪرڻ لاءِ پريشان ۽ سرگردان رهندي هئي. خير، سنڌ مان ايترو گهڻو مهيا ڪونه ٿيندو هو جيترو بهار ۽ بنگال مان ملندو هو. اسان اڳي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته سنڌ ۾ ٽامي ملڻ جي ڏکيائي هئي، جنهن جي ٺهيل ديڳين ۾ شوري کي صاف ڪيو ويندو هو. سنڌ ۾ وري اهڙا ڪاريگر به ڪونه هئا جيڪي ضرورت مطابق ٽامي کي اهڙو بنائي سگهن. جيئن درآمد ٿيل ٽامون هوندو هو. مرمت ڪرڻ واري مشڪل ته سڄي هندستان ۾ هئي، ڇاڪاڻ جو هتان جا ٺاٺارا اهڙي ڪاريگري ته ماڳهين ڄاڻندا ئي ڪونه هئا. مورلئنڊ لکي ٿو: ”تجارتي ترقيءَ ۾ وڏي آفيسر شاهيءَ واريءَ رنڊڪ کان سواءِ ٻي وڏي رنڊڪ شوري صاف ڪرڻ واسطي مناسب ٿانون جي کوٽ هئي، جنهن هن واپار کي متاثر پئي ڪيو. مال تمام گهڻو هو ۽ ان کي صاف ڪرڻ جي به ضرورت هئي ته جيئن ان مان غيرضروري ملاوٽ ڪڍي سگهجي. هندستاني صفائي جو طريقو ٺڪرن جي ٿانون ۾ ’چڪائڻ جو هو، جيڪو صحيح ۽ مڪمل ڪونه هو. ٻئي پاسي وري ٽامي جا ٿانو سنڌ ۾ ميسر ٿي ڪونه ٿي سگهيا.‘(1) سنڌ کي طلب پوري ڪرڻ لاءِ مدد ڪرڻ جا ٻيا ذريعا به هئا، سي هئا ڪارومنڊل ڪنارو، گجرات، آگرو، اُڙيسا ۽ هوگلي. ڌنڌو وچوليءَ حد تائين پکڙيل هو ۽ اسان کي ڪمپنيءَ جي خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان کي ترقي ڏيارڻ واسطي ٽامي جي ديڳين جي تعداد کي وڌائڻ ضروري هو ۽ شوري جي گدامن کي شاهبندر ۾ وڌائڻو هو. ڪرو ٻڌائي ٿو ته انگريز ڪوٺيءَ واري ٻئي دور ۾ سنڌ جا پيداواري ذريعا تمام گهڻا گهٽجي ويا.(2) سن 1699ع ۾ هيءُ لکي ٿو ته: ”ملڪ ۾ هنڌين ماڳين شوري پيدا ڪرڻ جا وٿاڻ آهن، پر گهڻا سنڌو درياه جي ڇوڙ وارين جاين تي آهن ۽ شاهبندر ۽ اورنگا بندر جي ڀرپاسي ۾ آهن. شوري جا ٺٽي جي ڀر وارا ماڳ ته هاڻي ختم ٿي چڪا آهن، پرتي ٽيهه ميل پري ساڪري پرڳڻي (ميرپور ساڪرو) ۾ جام آهن. عزت مآب ڪمپني هاڻي شاهبندر واري آبادڪاريءَ ۾ ڪن جاين جي تعمير ڪري اتي شوري کي سڌارڻ ۽ قلم ڪرڻ واري ڪم کي شروع ڪيو آهي. جيڪو هاڻي، بنگال مان گهٽ قيمت تي بمبئيءَ ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ٿو.“ سترهينءَ صديءَ ۾ شوري کي بارود جي تياري ۾ ڪم آڻڻ لاءِ درآمد ڪيو ويندو هو پر ارڙهين صديءَ ۾ ان وٿ جو پرامن استعمال شروع ٿيو. جهڙوڪ: شيشي ٺاهڻ، رنگ سازيءَ ۽ ڪپڙي جي صنعت ۾ به ڪم اچڻ لڳو. خيال اهو ڪيو وڃي ٿو ته ڪمپنيءَ کي شوري جي واپار مان ارڙهينءَ صديءَ ۾ تمام گهڻو منافعو ٿيو. ان جو سبب اهو هو ته ڪمپنيءَ شوري جي تجارت ۾ هڪ هٽي قائم ڪري ورتي هئي. ڇاڪاڻ ته انگلينڊ ۾ ڪپڙي جي صنعت کي ان جي سخت ضرورت هئي. ان کان سواءِ جديد شيشي سازيءَ ۾ واڌارو اچي ويو هو. جنهن ۾ به شوري جي استعمال کي ضروري ٿي سمجهيو ويو ۽ ٺڪر جي ڪاريگري جيڪا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي هئي. تن هن کي به شورو درڪار هو.

3. نير

انگريزي واپاري ڪوٺيءَ جي پهرئين دور ۾ نير جو تمام گهڻو ذڪر اچي ٿو، پر ان جي ٻئي دور ۾ سندس اهميت گهٽجي ويئي هئي(1).پهرئين دور جي ڪوٺيءَ وارن پنهنجو پيسو ۽ وقت سيڙائي نير جا پيداواري ذريعا ڳولي هٿ ڪيا هئا. انهن مان ڪي ته انهن ايراضين ۾ ترسي پيا جتي نير پيدا ٿيندو هو. انهيءَ مقصد لاءِ ته جيئن پيداوار ۾ اضافو ٿي سگهي پر انهن سڀني ڪوششن هوندي به سنڌ کي نير جي پيداوار ۾ ڪا خاص اهميت ڪانه ملي(2) گهڻو ڪري نير وچ واري سنڌ ۾ تمام گهڻو ٿيندو هو، جنهن ۾ سيوهڻ، بوبڪ ۽ سن اچي وڃن ٿا. سڀني ۾ سيوهڻ کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. جنس تمام گهٽ درجي جي هوندي هئي. ڪوٺيءَ جا اهلڪار سدائين اهڙي شڪايت پيا ڪندا هئا ته ان ۾ واري يا ڪا ٻي شيءِ ملائي ٿي وڃي ته جيئن نير جو وزن وڌي. نير جي معاملي ۾ سنڌ گجرات سان مقابلو ڪري ڪونه سگهندي هئي، جتي سرگيج نير جو مرڪز هو ۽ آگري کان 50 ميل پري بيانو به نير جو مرڪز هو. بال ڪرشنا جي چوڻ مطابق هندستان جي نير انگلينڊ جي مارڪيٽ ۾ پنهنجي اهميت سن 1650ع ڌاري وڃائي. ان کان نَوَ سال پوءِ ان جو وڏو مقدار باريڊوس ۽ ويسٽ انڊيز مان آندو ويو، جو هندستان جي نير جي ضرورت ڪونه پئي. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو لاهور جو نير 18 پينس ۽ احمدآباد جو 9 پينس في پائونڊ هليو(1). ان کان پوءِ اڳين لاهور واري جنس 1660ع ۾ سورت ۾ لهي وڃي ساڍا ٻارهن پيسن في پائونڊ تي بيٺي. خوشقمستيءَ سان انگلينڊ جي رنگائيءَ ۽ رنگ سازي جي صنعت کي خاص طور تي نير جي ضرورت پئجي ويئي ۽ ان ڪري نير جو وڏو مقدار هندستان مان درآمد ڪيو ويو ۽ اها حالت صديءَ جي آخر تائين قائم رهي.(2)

4. چمڙو ۽ چمڙي جي صنعت

گهڻن همعصر مصنفن سنڌ جي اعليٰ معيار جي چمڙي جي تعريف ڪئي آهي ۽ ان کي هڪ تجارتي مال طور وڏي اهميت ڏني آهي. سنڌ اها سرزمين آهي جتي هميشه وڏي انگ ۾ مينهون ۽ ڍڳا پئي رهيا آهن ۽ سنڌ جي چوپائي مال کي ڏيساور موڪلڻ لاءِ انگريزن جي ڪوٺيءَ جي اهلڪارن جو ارڙهين صديءَ ۾ ڌيان ڇڪايو ويو هو. ڪمپنيءَ جا ان وقت جا ٻيجڪ سنڌ جي چوپائي مال جي بمبئي ڏانهن روانگيءَ جو احوال ٻڌائين ٿا. چمڙي جي معاملي ۾ سنڌ اڳي به گهڻي اڳتي هئي، هاڻي به گهڻي اڳڀري آهي ۽ هن صنعت جي ڪچي مال ۽ کلن جي مهيا ڪرڻ لاءِ هتي مال تمام جهجهو آهي. سنڌ ۾ چمڙي مان گهوڙن جا سَنج ۽ جُهلون يعني سڄي پنج سنجي ۽ اُٺن جا سنج ۽ خوبصورت جهلون ڏاڍيون مشهور هونديون هيون. تجارت گهڻو ڪري مقامي واپارين جي هٿ ۾ هوندي هئي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ان ۾ ڪا گهڻي دلچسپي ڪانه هئي. هئملٽن چمڙي مان ٺهيل گيههَ جي ٿانون (زڪن) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته ان ۾ 320 پائونڊ گيهه جا ماپي سگهندا ۽ گيههُ سڄو سال تازو پيو هوندو هو. وٿنگٽن سنڌ جي چمڙي جي ٺهيل سپرن ۽ ڍالن جو زڪر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو اهي اوچي ۽ اعليٰ معيار جون هونديون هيون.

”هنن جون ٺهيل سپرون ڊول ۾ ڏاڍيون وڏيون آهن، سندن نمونو ماکيءَ جي ماناري جهڙو آهي. ضرورت پوندي اٿن ته ان کي اٺ جي پاڻي پيارڻ ۽ گهوڙي کي داڻي يا چاري ڏيڻ جي به ڪم آڻيندا آهن.“ لنسچوٽن چوي ٿو ته: ”سنڌ جا ماڻهو چمڙو تمام سٺو ڪمائي ڄاڻن ٿا. ان ڪمايل چمڙي مٿان هر رنگ جي پٽ جو لاجواب ڀرت ڀرين ٿا، جنهن ۾ گلن ٻوٽن ۽ ساهوارن جي شڪلين ۾ ڪاريگري ڏيکارين ٿا. هندستان اندر هن قسم جي چمڙي جو وڏو قدر آهي. انهن کي غاليچن بدران هيٺ وڇايو ويندو آهي ۽ ميزپوش طور به ڪم آندو ويندو آهي.“(1) مينوسي ٻڌائي ٿو ته، ”سنڌ ۾ چمڙو تمام گهڻو آهي، جيڪو ايران ۽ عربستان ڏانهن برآمد ڪيو ويندو آهي.“ سنڌ جا چمار چم رڱڻ جي معاملي ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا هوشيار آهن ۽ اها ڪاريگري اڃان به هلندي پئي اچي. پوئين دور يعني 1842ع واري عرصي ۾ هڪ يورپي سياح هڪ ڳوٺ ۾ وڃي هڪ چمار جي چمڙي رڱڻ جي طريقي کي چڱيءَ پر جاچي ڏٺو ۽ ڏاڍو پسند ڪيائين ۽ لکي ٿو ته ”جڏهن چمڙي کي رڱي پورو ڪن ٿا ته تيل ڏيئي ڇانَو ۾ سڪڻ لاءِ ٿا رکن. سنڌ جي رڱيل چمڙو سڄي هندستان جي رڱيل چمڙي کان بهترين آهي. نزاڪت نفاست ۽ جَهلَ ۾ ڪنهن به طرح يورپ واري چمڙي کان گهٽ ناهي.“(2) سرڪار پڻ ائين چيو آهي ته پنجاب سان گڏ سنڌ به چمڙي جي صنعت جو گهر هو(2) اٺن ۽ گهوڙن جا سنج ڏاڍي خوبصورتي، نفاست ۽ نزاڪت سان بڻايا ويندا هئا جيئن لنسچوٽن بيان ڪيو آهي ۽ جديد سنڌکان واقف ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ته اٺن جي مٿان رکيل سهڻا سنج يا گهوڙن جي مٿان رکيل هي نازڪ پر مضبوط خوبصورت پنج سنجيون، جيڪي وڏي زميندار جي چڙهي هيٺان اڄ به ڏسجن ٿيون. سي به ان مشهور صنعت جي پيداوار آهن، جنهن سترهين ۽ ارڙهينءَ صديءَ ۾ سنڌ ملڪ جي وڏي خدمت ڪئي. حقيقت اها آهي ته انهن سڀني شاهدين جي روبرو، مورلئنڊ جي بيانن کي قبول ڪرڻ ناممڪن ٿيندو. انهن ڳالهين جو بنياد ان نظريي تي آهي ته چمڙي جي وڏي پئماني تي برآمد هڪڙو نئون طريقو آهي يا ٻاهرين سياحن هتي جي ماڻهن جي پيرن ۾ چمڙي جا جوتا پائڻ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي ۽ مغل دور جا گهوڙن جا سنج گهڻو ڪري نوڙين ۽ ڪپڙي تي مشتمل هئا ۽ يورپ جي ڊول تي چمڙو ڪونه واپرائيندو هئا. ولايت جا اڪثر مبصر هندستان جي انهن علائقن جو ذڪر ڪن ٿا جيڪي عام طور هندو علائقا هئا، جتي ڍڳي جهڙن جانورن کي ڌرمي نقطهءِ نگاه کان پوتر سمجهيو وڃي ٿو ۽ انهن جي چمڙي جي تجارت ڪرڻ کي بي عزتيءَ وارو ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو. چمڙي رڱڻ وارن کي نفرت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ کين هيٺئين طبقي جو ڪريل ماڻهو سمجهيو ويندو آهي ۽ چمڙي مان ٺهيل پادرن سان مارڻ وڏي بي عزتي سمجهي ويندي آهي. گرم ملڪن ۾ عام طور تي ماڻهو پيرين اگهاڙا هلندا آهن، پيرن ۾ جتي تڏهن پائيندا جڏهن دڳ خراب هوندو آهي، نه ته جتي سدائين سندن هٿن ۾ هوندي آهي. مينوسي به ٻڌائي ٿو ته بکر جي گهيري دوران ڪيئن توب کي پراڻن جوتن سان سٿي، توب ڇوڙي خليل الله خان جي تنبوءَ کي انهن سان ڀري گلڻهاب ڪري ڇڏيو هئائين. سنڌ هڪ مسلمان ملڪ آهي ۽ چمڙي جي صنعت خلاف ٽئين حصي جي هندو آدمشماريءَ جو تعصب ايڏو ڪو شديد به ناهي.(1) اسان کي سمجهڻ لاءِ سبب ئي ڪونهي ته مغل دور ۾، سنڌي عوام جو رويو ٻئي قسم جو هوندو، انهي کان بلڪل مختلف جيڪو ڪجهه ولايت جو سياح سنڌ ۾ اڄ ڏسي سگهي ٿو. برٽن جي لکڻ مطابق بلوچ جنگي سوار جنگ ڪرڻ وقت دستانا پهريندا هئا ۽ وري اهي ضروري به هئا، ڇاڪاڻ ته تلوار جي مٺئي آڱرين لاءِ ڪوبه بچاءُ ڪونه ٿي مهيا ڪيو. ڍالون مختلف ماپن جون ۽ استعمال ڪندڙ هر ڪو ماڻهو پنهنجي پسند مطابق جوڙائيندو هو. جيڪي گهڻو ڪري عام چمڙي مان جوڙيون وينديون هيون يا وري گينڊي جي چم مان.(2) درحقيقت سچائي اها آهي ته چمڙو پنهنجي ضرورت مطابق هر شيءِ ۾ ڪتب ايندو هو، جنهن مقصد لاءِ اڄ عام طور تي ڌاتو استعمال ٿئي ٿو. اها هڪ قدرتي ڳالهه به آهي، ڇو ته ڌاتو سنڌ ۾ ڪونه ٿوملي پر چمڙي جا پيداواري ذريعا جتي ڪٿي ججهي تعداد ۾ موجود هئا ۽ چمڙي کي تيار ڪرڻ جي ڪاريگري ڄڻ هڪ گهرو هنر هو ۽ هندستان جي هن ڀاڱي ۾ هنڌين ماڳين پکڙيو پيو هو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته مئنرڪ هيئن ڪڏهن ڪونه چوي ها: ”هيءُ ملڪ چوپائي مال ۾ ڏاڍو شاهوڪار آهي. خاص طور تي مينهون ته هتي ايتريون جام آهن، جو انهن جي کلن سان ڀريل ڪيترا جهاز گهڻن ئي بندرن ڏانهن ڀري موڪليا وڃن ٿا. انهي چمڙي کي سنڌ وارا رڱي ڏاڍو خوبصورت بنائين ٿا ۽ پورچوگيز سنڌ جي چمڙي جي ان خوبصورت نموني کي ’سنڌي چمڙو‘ سڏيندا آهن، جنهن جي مٿان پٽ جو رنگين ۽ سهڻو ڀرت هوندو آهي. نمونا تمام اعليٰ ۽ شاندار هوندا هئا ۽ انهن جي تڪميل ڏاڍي صفائي، سٺائي نزاڪت ۽ نفاست سان ڪئي ويندي هئي، ۽ آخر ۾ جهالر رکي ويندي هئي. چمڙي جو اهڙو مال ميزپوش ۽ استقباليه ڪمرن ۾ سونهن لاءِ ٽنگيو ويندو هو ۽ بسترن تي استعمال ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته گرميءَ جي موسم ۾ اهي ڏاڍا ٿڌا ۽ نرم هوندا هئا.“(1)

5. مڇي ۽ مڇيءَ جي پيداوار

سنڌ هميشه، مٺي پاڻيءَ جي ۽ سامونڊي سٺي قسم جي مڇيءَ ڪري ڏاڍي مشهور رهي آهي. هندن جي ويشنو طبقي کان سواءِ باقي سڀ ماڻهو مڇيءَ جو هڪ خوراڪي وٿ جي لحاظ سان ڏاڍو قدر ڪندا آهن. سنڌ ۾ ايندڙ هر سياح، منڊيءَ ۾ مڇيءَ جي ڍيرن ۽ سستي هجڻ لاءِ حولا ڇڏيا آهن. مئنرڪ ان ڪاريگريءَ کي بيان ڪيو آهي جنهن سان پلو، جنهن جو انگريزي ۾ نالو Clupeailisha آهي، سنڌو درياه ۾ ڦاسايو ويندو آهي، جنهن ۾ دِلن تي تري اهو شڪار ڪندا آهن ۽ ان صنعت کي مهاڻا اڄ تائين ائين ئي کنيو پيا اچن. هئملٽن چوي ٿو ته هن ٺٽي ۾ گلابي ڀوري رنگ وارو کڳو (Crap) کاڌو. اهڙو سوادي کڳو نه هن ڪڏهن ڏٺو نه وري اڳي کاڌو هو. انهن مان ڪجهه 20 پائونڊن جا آهن. اسان اهڙي جيئري جاڳندي مڇيءَ ٺٽي جي مڇي مارڪيٽ ۾ ڏٺي.(1) اهڙي پراڻي ابن حوقل واري زماني ۾، ’انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي ويئي هئي جيڪي درياهه جي ڪنارن سان، ڪانن جا گهر ٺاهي ويندا هئا ۽ سندن خاص خوراڪ، مڇي ۽ پاڻي جا پکي، هوندي هئي(2). آئين اڪبري وارو چوي ٿو ته ”سنڌ جي لاڙ واري حصي جي مکيه خوراڪ مڇي ۽ چانور آهي. مڇيءَ کي سيڪي ۽ سڪائي ٻين شهرن ڏانهن ۽ ڏيساور موڪليو ويندو آهي ۽ گهڻو ناڻو ڪمايو ويندو آهي.مڇيءَ مان تيل ڪڍيو ويندو آهي جيڪو ٻيڙي سازيءَ ۾ ڪم ايندو آهي. هڪ مڇي جو قسم ’پلو‘ به آهي جيڪو هيٺان سمنڊ کان مٿي تري سنڌوءَ ۾ ايندو آهي. هن جي خوشبو ۽ سواد جو ڪو جواب ئي ڪونهي.“(3)

سامونڊي مڇي پڪڙڻ جي صنعت جو دُنُ ڪراچي ۽ سمنڊ جي ڪنارن واريون ٻيون جايون آهن پر ان سان گڏ مٺي پاڻي جي مڇي ڦاسائڻ جي صنعت به لاڀائتي آهي.(4) سڪيءَ مڇيءَ کي ڏيساور موڪلڻ لاءِ به تجارت ٿيندي هئي ۽ ٻي به اهڙي قسم جي هڪ صنعت جو ذڪر اچي ٿو، جيڪو برطانيا جي قبضي کان اڳ ۾ هو، اهو هو، نيم شفاف شيشي جهڙي جيلي جو واپار. اهو شيشي جهڙو نرم مادو مٺي پاڻيءَ جي مڇي منجهان هواءِ واري ڦوٽي مان هٿ ڪيو ويندو هو ۽ ڏور اوڀر وارن ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو. اهڙيون شيون جن سان انگريزن يا ٻين ولايتي ماڻهن جي دلچسپي ڪانه هوندي هئي تن جي سامونڊي تجارت سنڌ جي مسلمانن، ايرانين، عربن، زنجبار ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي ميمڻن جي هٿ ۾ هئي، جيڪي ملڪ ۾ جوڙيل ٻيڙن تي جهازراني ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن جا ابا ڏاڏا هئا، جيڪي اڄ اولهه هندستان جي سامونڊي ڪنارن سان واپار ڪن ٿا. اهي ڌائو (Dhow) يا پاڌائو (Padaos) قسم جون ملڪي ٻيڙيون هونديون آهن، جن جا وڏا وڏا سڙهه هوندا آهن. اهي سنڌ کان وٺي ملبار تائين اولهه هندستان جي ڪنهن به بندر تي اچي بيهنديون آهن ته ڏاڍو خوبصورت نظارو لڳندو آهي. هيٺينءَ سنڌ جي سمنڊ، جي ويجهڙائي وارو علائقو گجرات، ڪانار ۽ ملبار جي علائقن جيان هو، جنهنجي ڌرتيءَ ڄاوا سامونڊي سفر جا ڏاڍا شوقين هئا. انگريزي ڪوٺيءَ واري ٻئي دور ۾ بنا ڪنهن شڪ جي هو سامونڊي قزاق بنجي ويا هئا. مختلف قسمن جي مڇي جيڪا کڻڻ جي لائق هوندي هئي، تنهن جي به ڏيتي ليتي هنن ماڻهن جي هٿ ۾ هئي. هاڻي به ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن جي ٻين جڳهين تي ان ئي ريت مڇي جي صنعت وڌي ويجهي رهي آهي جنهن طريقي سان مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ وڌي ويجهي ۽ انساني خوراڪ جي وٿ طور ڏيساور موڪلي ويندي هئي.

ان ڪري ڏسبو ته سنڌ متعلق جديد تصور ته، اها رڻ پٽ آهي سو بلڪل ائين غلط آهي جيئن اهو چوڻ ته سترهين ۽ ارڙهين صديءَ واري سنڌ فقط زرعي سنڌ هئي، جنهن جي شادابيءَ، خوشحالي ۽ جياپي جو سڄو دارومدار سنڌو درياه جو زرخيز پاڻي هو. حقيقت اها آهي ته سنڌ ’اڌ ڊزن صنعتن کي جياپو فراهم ٿي ڪيو، جن جي اهميت کي هندستان جون عام تاريخون بيان ڪونه ٿيون ڪن. هتان جي عوام جي وڏي حصي جي زندگيءَ جو دارومدار اٺ هو. ان کان سواءِ اڪيچار مينهن جا ڌڻ هوندا هئا جن جي ڪري، مقامي طور تي گيهه مکڻ جو تکو تڪڙو واپار هلندو هو، جن جو ذڪر وٿنگٽن، مينوسيءَ ۽ هئملٽن دل کولي ڪيو آهي. اوٺو مال، مِلس فراهم ڪندو هو جيڪا ڪمبل ۽ فراسين ٺاهڻ جي ڪم ايندي هئي ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ اٺ پالڻ وڏو سودمند ۽ هڪ منظم ڌنڌو هوندو هو. اهو اسان ’ڪِرو‘ جي لفظن ۾ ٻڌون ٿا جيڪو چوي ٿو: ”اٺ، سنڌ جي هر حصي ۾ پاليا وڃن ٿا ۽ گهڻا سمنڊ جي ڪناري لوڻياٺي پوسل ڀرسان پاليا ٿا وڃن، جتي وتم (Furze) جو ٻوٽو ۽ ٻيو سنهو جهنگ به جام ٿئي جيڪو هنن لاءِ قوت بخش کاڌو آهي. هر هفتي هنن لاءِ مالڪ پاڻي آڻيندا آهن جيڪي ٻه ٽي ڏينهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي انهيءَ مقصد لاءِ پيا هلندا آهن.

سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي واپار ڪرڻ جو انداز ۽ ان جي ترقي

اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته هندستان سان واپار ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ منافعو، هندستاني صنعتڪارن ۽ واپارين جي مفاد ۾ ڪونه هو. جيڪڏهن اسان اهڙي قسم جا نتيجا ڪڍنداسون ته ڄڻ ته مغل ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن جي عقل جي توهين ڪنداسون. وقت جي حڪومت پنهنجي ملڪ جي بهتر مفادن کان پوريءَ ريت واقف هئي ۽ ايترو ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏني هوندائون جيتري مان کين فائدو رسندو هوندو. اهو سندن حڪمت عمليءَ جو حصو ڪونه هوندو ته پنهنجي عوام کي ڦرائي فقير ڪري ڇڏجي ۽ ست ڌارين واپارين تي وڏا وڙ ڪري کين دولتمند ڪجي. اهي ڌاريا واپاري جيئن چاهيندا هئا تيئن ڪري ڪونه سگهندا هئا، جيئن پنهنجي ٻن دورن وارين انگريزي ڪوٺين تاريخي طور ثابت ڪيو. هڪ دورانديش غيرجانبدار هندستاني مؤرخ همعصر ثابتين مان حوالا کڻي حالتن جو حقيقت پسنداڻو تجزيو ڪيو آهي ته سترهين ۽ ارڙهين صديءَ دوران هندستان جون صنعتون ٽن مکيه قوتن جي ڪري زنده رهيون. دهلي جو فرمانروا، ان جا امير، نواب ۽ برآمد ڪرڻ وارا واپاري. هن قسم جي ڳالهين تي بحث ۽ وڌاءُ ڪرڻ هن ڪتاب جو مقصد ڪونهي ڪو. مغل دور تي گهري نظر رکندڙ هڪ هوشيار شاگرد ان حقيقت کان بخوبي واقف هوندو ته، دهلي دربار ۽ جاگيرون رکندڙ اميرن نوابن جي دولت، جن ان ملڪ تي حڪمراني ٿي ڪئي، سا هندستان جي واپاري ڏيتي ليتي ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري رهي هئي. سرڪار جي چوڻ مطابق: ”اسان جي صنعت کي پکيڙڻ جو هڪ مکيه سبب ولايتي واپار هو، خاص طور تي عام استعمال وارو مال ۽ بهترين فن جي اعليٰ نموني جو آسائشي سامان انهن واپارين مشهور ڪيو. اهو وڏي مقدار ۾ جهازن ذريعي برآمد ڪيو ويو.“(1)

سنڌ ۾ قائم ڪيل انگريزي واپاري ڪوٺيون ٻين هنڌن تي قائم ڪيل ڪوٺين کان تنظيم ۽ طريقهءِ ڪار ۾ الڳ ڪونه رهيون. جيڪو طريقهءِ ڪار سورت ۾ هو، جيڪو سنڌ جي انگريزي ڪوٺيءَ جو هيڊ ڪوارٽر هو تنهن کي رالنسن اصل اختيارين جي زباني هن ريت بيان ڪري ٿو: ”ٺٽي ۽ لاهري بندر ۾ جيڪي حالتون رهيون سي ڏاڍيون پراڻيون هيون.(2) اسان کي ٺٽي ۾ غير معقول جڳهه جي هجڻ جون شڪايتون ملنديون هيون، ۽ شاه بندر ۾ تندرستي لاءِ هاڃيڪار وايو منڊل هو، شاهبندر ۽ لاهري بندر ۾ سهولتون ڪونه هيون، جتي گهميل آبهوا گدامن ۾ رکيل اوني ڪپڙن جي ستياناس ڪري ٿي ڇڏي. ڪمپنيءَ جي نوڪري ۾ رکيل ماڻهو، واپاري، ڪمپنيءَ جا اهلڪار ۽ منشي هئا. پنجن سالن جي نوڪريءَ کان پوءِ هڪ منشي ترقي ڪري، ڪمپنيءَ جو اهلڪار بنجي ٿي ويو. ٽن سالن جي نوڪريءَ کانپوءِ کيس ترقي ڏئي ننڍو، واپاري ٿي مقرر ڪيو ويو ۽ ٽن سالن جي وڌيڪ نوڪريءَ کانپوءِ ان کي واپاري بنايو ٿي ويو. ائين لڳي ٿو ته جيڪي سنڌ جي واپاريءَ ڪوٺي تي ماڻهو مقرر ڪيا ويا هئا سي تمام گهٽ تجربي وارا ماڻهو هئا. سنڌ واري ڪوٺيءَ جو ريزيڊنٽ به ڪمپنيءَ جو ڪو ايڏو تجربيڪار ماڻهو ڪونه هو ته به معاملي فهمي جي ڏکين مسئلن کي لڳاتار پيو منهن ڏيندو هو. سنڌ جي ڪاروباري ڪوٺي تي هڪ ڊاڪٽر رهندو هو، جيتوڻيڪ گهڻا ڊاڪٽر اتي گهاري ڪونه سگهيا ۽ هڪ ٻه ته نوڪريءَ دوران سنڌ ۾ مري ويا. پر اتي گرجا ۾ ڪو پادري وغيره ڪونه هو سو سنڌ جي ڪوٺيءَ تي تبصري ڪرڻ لاءِ ٽيري يا اوونگٽن جهڙا تکا تبصره نگار به ڪونه هئا جيڪ روز مره جي ڪاروبار تي نمايان ڳالهيون لکي يادگيريون ڇڏي وڃن. ڪوٺيءَ جو ريزيڊنٽ هڪ پُروقار شخصيت جو مالڪ ضرور هوندو هو ۽ هميشه ان شان کي نباهيندو هو. ان جو غلام شاه ڪلهوڙي جي دور ۾ سندس دربار ۾ ڪنهن عزت ڀرئي طريقي کانسواءِ وڃڻ کان انڪار، جي ڪري هڪ غلط فهمي پيدا ٿي پئي هئي. هن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته سنڌ جا حڪمران ريزيڊنٽ کي گهڻو مان ڏيندا هئا ۽ جيڪڏهن هو وٽن ويندو به هو ته به کيس عزت ۽ احترام سان کيڪاريو ويندو هو. سنڌ ۾ رهندڙ ريزيڊنٽ ڪيتري سنڌي زبان ڳالهائي سگهندو هو، اها خبر ڪانهي ڪا، پر اهو يقين آهي ته ڪمپنيءَ جا گهڻا ملازم فارسي ۽ سنڌي ڳالهائي سگهندا هئا. امڪان آهي ته رابرٽ بورشيئر سنڌي زبان ڄاڻندو هو ۽ رابرٽ سمپشن ته پڪ سان سنڌي زبان ڄاڻندو هو. اهو به وسارڻ نه گهرجي ته ٻن واپاري ڪوٺين جي وچ واري دور ۾، اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته انگريز واپاري سنڌ ۾ واپار ڪرڻ ۾ مشغول ضرور هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو هو پنهنجي خانگي حيثيت ۾ ڪندا هئا. خوشحالي واري دور ۾ ۽ پوئين اسٽوئرٽ جي عرصي دوران ۽ ان کان پوءِ به سنڌ جي ڪپڙي لاءِ يورپ جو مطالبو وڌي ويو هو ۽ ڏيتي ليتي تمام ججهي انداز ۾ ڪئي ويئي هئي(1). قياس اهو ٿو اڀري ته اهو واپار احمدآباد جي ڪوٺيءَ طرفان ٿي ڪيو ويو. هنن کي گهمندڙ ڦرندڙ انگريزي گماشتن ۽ ديسي دلالن معرفت تجارتي مال خريد ٿي ڪيو ۽ ديسي جهازن تي لڏيو ٿي ويو.

پهرين ڪوٺيءَ جي عرصي دوران ڪوٺيءَ جي اهلڪارن جي پگهار تمام گهٽ ۽ سال ۾ 50 پائونڊ هوندي هئي، پر انهن کي پنهنجي خانگي واپار ڪرڻ جي آزادي هئي. ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته سترهين صديءَ ۾ سپلر ۽ اسڪريونير پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏانو کي پنهنجي خانگي ڌنڌي ۾ صرف ڪيو هوندو. ارڙهينءَ صديءَ ۾ پگهارن ۾ ڪجهه واڌ آندي ويئي هئي ۽ بيون کي ريزيڊنٽ جي حيثيت طور 200 پائونڊ ساليانو ملندا هئا. پر ان هوندي به خانگي ڌنڌي ڪرڻ جي روڪ ٽوڪ ڪانه ڪئي ويئي هئي. اهو پراڻي رڪارڊ ۾ ظاهر آهي ته رابرٽ سمپشن ٻئي دور واري ڪوٺيءَ جي قيام کان ڏهه سال اڳ، سنڌ جي تجارتي صورتحال کان شخصي طور تي واقف هو. اهو ان ڪري هو جو هُو سنڌ ۾ سالن کان خانگي واپار ڪرڻ ۾ مشغول هو. ٿورين پگهارن کي وري ٻئي نموني سان ٽيڪ ڏني ويندي هئي، جيئن اوونگٽن لکيو آهي.(2) ”اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته واڻين جي لاءِ ڏياري سال ۾ هڪ وڏو ڏينهن آهي، جنهن کي ائين ملهائيندا آهن، جيئن اسان وٽ نئين سال جو جشن ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ هو پريزيڊنٽ، ڪائونسل، وزير، سرجن، ڪوٺيءَ جي اهلڪارن ۽ منشين کي تحفا ڏيندا آهن، پوءِ کڻي اهي جواهر هجن. چانديءَ سون جا ٿانو، اطلس ۽ پٽ جي ڪپڙي جا ٿان، هر ڪنهن کي پنهنجي عزت ۽ رتبي آهر ڏنا ويندا آهن ۽ ان کان سواءِ هر ماڻهوءَ جي حيثيت مطابق پگهارن کان سواءِ کاڌو خوراڪ، رهائش، ڪپڙا پڻ مهيا ڪيا ويندا آهن، جيڪي ملازمت لاءِ انهن کي ڪافي هوندا آهن ۽ اهڙيون زندگيءَ جي ضرورت جون شيون جيڪڏهن وٺجن ته چڱو سارو خرچ اچي وڃي. ان سان سندن حياتي سهولتن ۽ خوشين سان ڀرجي وڃي ٿي.“ ان کان سواءِ خانگي واپار ۾ به وڏو فائدو هوندو هو، جيئن اوونگٽن ٻڌائي ٿو ته:(1) ”چين کان وٺي سورت تائين واپار ڪرڻ جي آزادي آهي جنهن ۾ 100% منافعو هوندو آهي، ڪڏهن ته وري 50% منافعو هوندو آهي، اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن هتان چاندي کڻي ويندا آهن ۽ واپسيءَ ۾ سون وٺندا آهن. انهن مان ڪي ماڻهو اعتماد جوڳا هوند اآهن پر وٽن پئسو گهٽ هوندو آهي ته ڪنهن واڻئي کان، چين کڻي وڃڻ لاءِ اوڌر تي وٺندا آهن ۽ 25% منافعو ان کي باسيندا آهن ۽ جهاز جي سلامتيءَ سان موٽي اچڻ تي قرض منافعي سميت کين واپس ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن سفر دوران واقعي ۾ ڪٿي نقصان ٿئي ٿو ته منافعو معاف ڪيو ويندو آهي.

اهڙيءَ ريت هن مان ظاهر اهو ٿئي ٿو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني جڏهن اڃان خالص تجارتي ادارو هو ته ان جي اهلڪارن جي ڌنڌي کي خانگي واپار سان هٿي ڏني ويندي هئي ۽ سندن اهو خانگي ڌنڌو دولتمند هندستاني واپارين سان باهمي امداد واري اصول تي هلندڙ هو، جيڪي عام طور تي منافعي ۾ ڀائيوار هوندا هئا. اها پڻ هڪ حقيقت هئي ته هندستان جا واپاري، هر سال ڏياري واري وڏي ڏڻ تي ڪمپنيءَ جي ملازمن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا هئا. هن مان سمجهڻ ۾ اهو اچي ٿو ته اها باهمي امداد وڏي منافعي واري هئي نه ته ٻيءَ صورت ۾ اهو غيرمعقول سمجهڻ ۾ اچي ها ته، واڻين بنا ڪنهن منافعي جي خيال جي پنهنجي دولت ائين ئي ڪڍي ڏني هجي. سنڌ ۾ به ڪيترا هندو هوندا هئا جن تي ڪمپنيءَ جا ملازم اعتماد ڪندا هئا ۽ انهن جا نالا اتفاق سان ڪمپنيءَ جي رڪارڊ ۾ موجود آهن، جيئن مثال طور ڀنڀامل، جنهن کي مغل سلطنت جي اعليٰ عملدارن پنهنجيءَ دولت جو وڏو حصو ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو. نول داس به هو، جنهن جو مثال به اعتماد جوڳن واپارين ۾ ڏنو وڃي ٿو ۽ ايترو دولتمند هو جو سنڌ، ملتان ۽ لاهور جي وچ ۾ هلندڙ واپار کي پئسي جي وڏي امداد ڏيندو رهندو هو. ٿي سگهي ٿو ته هن جو تعلق انهن واپارين سان هجي جيڪي ’ملتاني‘ سڏيا وڃن ٿا ۽ جن پوري بئنڪنگ جي ڌنڌي ۾ نالو ڪڍيو ۽ جن جا نالا مقامي بئنڪنگ ۽ واپاري مٽاسٽا ۾، ايشيا جي هڪ خطي ۾ اڃان تائين مشهور آهن.

عام طور تي ڪمپنيءَ وٽ ڌنڌي ڪرڻ جو طريقو اهو هوندو هو ته هوءَ هندن مان دلال يا گماشتا پاڻ وٽ رکندي هئي، اهي مال پيدا ڪندڙن سان سڌو وڃي ڳالهائيندا هئا، کين ڪمپنيءَ جي نالي اڳواٽ پئسا ڪڍي ڏيندا هئا ۽ ڪمپنيءَ جي اهلڪارن جي نگرانيءَ ۾ مال حوالي ڪندا هئا، ڪمپنيءَ جا اهلڪار مکيه پيداواري مرڪزن سيوهڻ، درٻيلو، ڪنڊيارو، گمبٽ، نصرپور، بکر ۽ روهڙي ڏانهن پيا دورا ڪندا هئا ۽ سال جو وڏو حصو انهن ٻاهرين جڳهين تي گهاريندا هئا. انگلينڊ مان سون ۽ چاندي سنڌ ۾ آڻيندا هئا ۽ هن ڏيتي ليتيءَ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا. رڪارڊ ۾ اهڙا ڪيترا مثال موجود آهن. اهڙيءَ ريت جيڪو تجارتي مال خريد ڪيوويندو هو، سو مختلف قسمن جو هوندو هو ۽ سوٽي ڪپڙو ان مال ۾ اهم تجارتي اسم هو. رابن سن(1) ايسٽ انڊيا ڪمپني جي برآمدي تجارتي مال ۾ سنکيو (Cincabs) شنگرف (Vermilion) ٽامون، سِپَ (Mother of pearls) ڪميءَ جا هڏا، پارو (Quicksilver) سورن جاڻ (Safflower)، نير، ادرڪ، کنڊ، مصري، دال چيني (Cassia lignum) آگر aloes، کاڄا (Anacardium) ڪافور (Bergamium)، سڻيءَ يا السي جو تيل Churrun ja oil، سابو داڻا، ڪولن جاڻ (Galingale)- پپري، ڪنگڻ کار (Tineal) ڪچلو (Nux vomica) اک (Cake Lack) چانهه، عاج، ٽاٽ (Gunnies) ڪمايل چمڙو (Curry) چپڙي لاک (shellack) ۽ سوٽي ڪپڙو. ڪمپنيءَ جا گدام تجارتي مال جا اڃان وڌيڪ قسم ڏيکارين ٿا جهڙوڪ نيري رنگ جو هرک، دمشق، ساٽن، ايراني سنهڙو ريشمي ڪپڙو، مخمل، کيس، ڇيٽون، شالون ۽ سونهري رنگ تي گاج جو ڪپڙو وغيره. اهي سڀ شيون سنڌ ڪونه ٿي پيدا ڪيون پر سنڌ درآمد ڪيون وينديون هيون ۽ ڪمپنيءَ جي ٻيجڪن مطابق ڪنهن خاص وقت تي ائين ٿيندو هو.

واپار جو طريقهءِ ڪار سرڪار چڱي ريت بيان ڪيو آهي(1). انهن واپارين وچ اوڀر وارو طريقو اختيار ڪيو هو. ماڻهن کي انفرادي طور اڳواٽ تقاوي قرض ’دادان‘ ڏيندا هئا، پوءِ انهن جي ڪارخانن تي وڃي پيا گماشتن جي فوج سان سار لهندا هئا ته جيئن وقت سر مال جي ادائگي ٿي وڃي. پنهنجي هندستاني دلالن جي معرفت وڏن منڊين مان تجارتي مال جي خريداري به ڪندا هئا پر يورپي اهلڪارن جي نظرداري هيٺ اهو سڀ ڪجهه رهندو هو. انهن منڊين ۾ مال وڪرو ڪندڙ ڌريون ڪي وڏيون سرمائيدار صنعتڪار ڪونه هيون پر اهي بذات خود مال پيدا ڪندڙ ماڻهو هئا. انهن مان ڪي وري ٽياڪڙ ماڻهو به هئا جيڪي گهمي ڦري ڳوٺن مان مال خريد ڪندا هئا ۽ پوءِ منڊي ۾ وڪري لاءِ کڻي ايندا هئا … برآمد ٿيندڙ مال جو وڏو حصو جنهن تي ڪمپني ’دادان‘ ڏيندي هئي، ان تي نظرداري رکڻ لاءِ ڪمپنيءَ جا گماشتا ڪاريگرن جي ڪارخانن تي وڃي اهو ڏسندا هئا ته ڪم هلي رهيو آهي يا نه، يا جيڪو ’دادان‘ ڏنو ويو آهي تنهن کي صحيح معنيٰ ۾ استعمال ۾ آندو به وڃي ٿو يا نه. صوبيدارن يا فوجدارن کي به عام طور رشوت ڏني ويندي هئي ته اهي به ڪاريگر مٿان دٻاءُ رکن، جيئن هو ڪم ايمانداريءَ سان ڪري سگهن.

جيستائين هندستاني صنعت جي تجارتي مال جي مغربي دنيا ۾ طلب رهي تيستائين ڪمپنيءَ منافعو به ڏاڍو ڪمايو. هندستان جي سوٽي ڪپڙي جي تجارت ڪمپنيءَ جي همت افزائي کان پوءِ به انگريز ڪورين جي چئلينج کان سواءِ نه رهي سگهي، خاص ڪري ان وقت جڏهن سن 1672ع ڌاري، انگريز ڪمپنيءَ انهن کي هندستان ۾ آڻي هندستاني ڪپڙي جي صنعت جي طريقي ۾ تبديلي آڻڻ گهري ان ڪري سندن ڌنڌي تي اثر پيو هو. ڪمپنيءَ جي هن عمل ڪري، برسٽل اسپيٽل فيلڊس، گرين، ڪنٽربري، ناروچ، بيٿنال ۽ صنعت جي ٻين مرڪزن طرفان احتجاج ٿيا. هندستان جون به ڪي شيون اهڙيون هيون جيڪي انگريزن جي صنعت سان مقابلو ڪري ٿي سگهيون، جهڙوڪ: ڪچو ۽ تيار پٽ ۽ ٻيو پٽ سان مليل سنهڙو ڇريل ڪپڙو، بيٿنال ۽ گرين جي گرجا گهرن جي رکوالن (97-1695ع) ان وقت هائوس آف ڪامنس کي درخواستون ڏنيون. هنن جو الزام اهو هو ته اسان جي ڳوٺن جا غريب ماڻهو تعداد ۾ گهڻو وڌي ويا آهن. اهي جيڪي اڳ ۾ پٽ جي ڪپڙي ۾ ڪورڪو ڌنڌو ڪندا هئا يا اوني ڪپڙو اڻيندا هئا سي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي بادشاه سلامت جي نوڪرين ۾ گهڙي پيا آهن. ڪورڪا يا ٻيا ڌنڌا جيڪي ان جي ترقيءَ تي مدار رکن ٿا سڀ جا سڀ ختم ٿي ويا آهن، جن جي ڪري اڳي اسان جا غريب ماڻهو زندگيءَ جي ضرورت جي هر شيءِ خريد ڪري پيا حياتي گذاريندا هئا ڇاڪاڻ جو هاڻي ته بنگال مان پٽ ۽ پَٽ- ڳاڏڙ سنهڙو ڇريل ڪپڙو (Calico) هندستان ۽ ايران مان اچي ٿو. ان وقت هڪ ليکڪ اهو به لکيو آهي ته: ”اسان اڳ ۾ ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ هاڻي به اسان انهن هندستانين ۽ چينين کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساه ڏياري رهيا آهيون، اهي تعداد ۾ گهڻا ۽ محنتي انسان آهن. اهي باه ٻارڻ ۽ ڪپڙي پهرڻ کان سواءِ ۽ کاڌي خوراڪ تي معمولي خرچ ڪري به زنده رهي سگهن ٿا“(1). انهيءَ وقت سنڌ جو تجارتي مال لنڊن ۾ ڏاڍي شهرت حاصل ڪري چڪو هو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وٽ انهن شين جو 1696ع جو وچور موجود آهي، جيڪو بعد ۾ گهڻو مٿي وڌي ويو هو. ڇيٽ جو مقدار 1699ع ۾ اڃان به وڌي ويو ”تجارتي مال جي فهرست جيڪو سورت ۽ بمبئي مان (اهي هندستان ۾ 1687ع تائين ڪمپنيءَ جا هيڊ ڪوارٽر رهيا هئا) مهيا ڪرڻو هوندو هو. ان ۾ هيٺون تجارتي مال شامل هو. سوٽي ڌاڳو 400250 ڳٺڙيون، رضايون 25000، ڇيٽ جي ڪپڙي جا سڀ وَڙَ 46،000 سنڌ جو هر قسم جو سامان جيترو به هٿ اچي ايترو موڪلڻو هو. بمبئي ۽ سورت، ڪمپنيءَ جي لاءِ مال مهيا ڪرڻ جا ٻه ذريعا هئا.“

تجارت جي وڌڻ سان، هڪ واپاري گروه جي مخالفت جي باوجود به سون ۽ چانديءَ جي برآمد لازمي طور وڌي وئي. سن 1697ع کان 1702ع جي سراسري برآمد 80،000 پائونڊن کان گهٽ ڪونه هئي. پر سن 99-1697ع تائين 13. 4،177859 آئونس چاندي ۽ 3. 4024 آئونس سون برآمد ٿيو هو.“(2) انگلينڊ جي ڪورين جي حالتن تي لکڻ هن ڪتاب لاءِ موزون ڪونهي ڪو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ، ڪن اهڙين مخالف قوتن سان ٺاهه ڪيو جيڪي هن سان منافعي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جون خواهشمند هيون ۽ پوءِ اها 1708ع ۾ ، هڪ وڏي سرمائي جي قوت سان، وڏي طاقت ٿي اڀري. نتيجو اهو نڪتو جو ارڙهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين ان بي مثال شاهوڪاريءَ وارو دور ڏٺو. سن 67-1658ع ۾ ايسٽ انڊيز ڏانهن 99 جهاز 31040 ٽن وزن کڻي ويا هئا، جڏهن ته 27-1718ع ۾ جهازن جو تعداد 150 کي وڃي پهتو هو ۽ 62،040 ٽن وزن تجارتي مال کنيو ويو ۽ 57-1748ع ۾ جهازن جو تعداد 180 کي پهتو ۽ 87200 ٽن وزن تجارتي مال جي آمدورفت ڪئي ويئي. هن ساري عرصي دوران سنڌ ۾ ڪمپنيءَ جي ڪوٺي ڪانه هئي. ان جي باوجود به اهو سمجهڻ ته سنڌ پنهنجو تجارتي مال برآمد ڪونه ٿي ڪيو سو غلط آهي. ڇو جو سورت، احمدآباد ۽ بمبئي جو تجارتي مال وڌنڌو رهيو ۽ سنڌو درياه رستي هلندڙ واپار جاري رهيو ۽ ڪا خاص گهٽتائي ڪانه آئي. ساڳي وقت سنڌ جو پنهنجو واپار اهو نه رهيو ۽ بنگال ۽ گجرات جي مقابلي ۾ به پاڻ جهلي ڪانه سگهي ۽ جڏهن وري انگلينڊ ۾ مقامي طور تي سوٽي ڪپڙي جي صنعت شروع ٿي ته هندستان ۾ تيار ٿيندڙ مال جي طلب ختم ٿي ويئي.(1)پر جيسائين شوري جو تعلق آهي ته هندستان جي هن حصي جي هيءَ تجارتي وٿ وڏي اهميت حاصل ڪري ويئي، ان وقت جي ولايت جي سياسي صورتحال ڌنڌ- هاڻِي هئي ۽ تبصري ڪرڻ جي لائق آهي. بال ڪرشنا چوي ٿو ته: ”انهن ڏينهن ۾ اهڙو ڪو بين الاقوامي قانون قابل قبول ڪونه هو جيڪو يورپي ۽ ايشيائي قومن کي روڪي، جڏهن يورپي قومون پاڻ ۾ وڙهي رهيون هيون ۽ اوچتو هڪ ٻئي جا جهاز قيدي بنائي ڇڏينديون هيون هيبرڊيز کان اڳتي تائين هڪ ٻئي جي ملڪ تي قبضا به ٿي ڪيا ويا. واپار هٿياربند تجارت بنجي چڪو هو ۽ فوجي جهازن ۽ فوجي ماڻهن جي نگرانيءَ ۾ ئي انهن کي تحفظ حاصل هو ... ڪمپنيءَ، مختلف سڌريل طريقن سان ان کي ايڏيءَ ته تڪميل تي پهچايو، جو سڀني ادارن جي جهازن کان پنهنجي فرض جي ادائگيءَ ۾ گوءِ کڻي ويئي، ايتري قدر جو خود برطانيا جي نيوي کي به هنن پوئتي ڇڏي ڏنو،(1) ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بمبئي آفيس رڪارڊ مطابق، اسان کي سنڌ جي ٻئي دور واري انگريزي ڪوٺيءَ جي جهازن جي تعداد جي خبر پوي ٿي، اها ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته غلام شاه ڪلهوڙو ڪڇ سان جنگ ڪرڻ وقت ڪمپنيءَ جي جهازن جي مدد وٺڻ لاءِ ڏاڍو بيتاب هو. اها ڳالهه به ڪنهن شڪ شبهي کان بالاتر آهي ته هن ڪمپنيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ اهو شاهي فرمان ٻيهر جاري ڪرايو، جنهن مطابق سڀئي تباه ٿيل جهاز، انهن ۾ لڏيل مال، بچاءَ هيٺ آيل ۽ ڏنل مال جو حق ڪمپنيءَ کي ڏنو. هن ڪمپنيءَکي، مغل طاقت کان به اڳ ۾، سامونڊي طاقت طور مڃيو. ان جي برعڪس مغلن آخري وقت تائين بلڪ ائين کڻي چئجي ته جڏهن بنهه دير ٿي چڪي هئي، ان حقيقت کي تسليم ڪيو ته، انگريز هندستان جي سامونڊي طاقت هئا. سن 1775ع ڌاري جڏهن سرفراز خان ڪمپنيءَ کي ٺٽي مان ڪوٺي بند ڪري وڃڻ جي لاءِ مجبور ڪيو، جنهن لاءِ سبب اڳ ۾ ئي واضح ڪري آيا آهيون ته ان وقت هندستان ۾ ڪمپنيءَ کي وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو هو ۽ سنڌ واري ڪوٺي ته ان جو ننڍڙو حصو هئي. هن هندستان جي ٻين حصن ۾ اهو ڪجهه ڪيو جيڪو کيس ڪرڻ ۾ سولو لڳو، ۽ ان جا نتيجا هرڪو اهڙو ماڻهو ڄاڻي ٿو جيڪو هندستان جي ارڙهين صديءَ جي آخري دور واري تاريخ کان بخوبي واقف هوندو.

سن 1770ع ڌاري هندستان جي سوٽي مال واري اعليٰ حيثيت هميشه لاءِ ختم ٿي ويئي هئي. ڇاڪاڻ جو اقتصادي حالتون ائين بدليون جو اهي ڪنهن جي به ضابطي هيٺ ڪونه رهيون. سنڌ به هندستان جي ٻين سوٽي ڪپڙي جي صنعتي علائقن جيان نقصان پرايو. انگريزي واپار ختم ٿيڻ سان اهڙيون ڪجهه حالتون پيد اٿيون جو پوين ڪلهوڙا حڪمرانن جي دور ۾ سنڌ ٻي دنيا کان ڪٽجي هڪ الڳ مسلم رياست ٿي ويئي ۽ انگريزن لاءِ اها پوري مُني صدي بند رهي. ٺٽي جي شان شوڪت وارا ڏينهن ختم ٿي ويا ۽ سنڌ سُستي ۽ ڪاهليءَ جو شڪار ٿي ويئي ۽ اها نوبت 1843ع تائين هلي. ان کان پوءِ اها دنيا جي سياست جي مکيه ڌارا سان گڏجي ويئي ۽ وري دنيا سان سندس آمدرفت شروع ٿي ويئي. سن 1775ع کان پوءِ سنڌ جي تجارت جو لاهو ان ڪري نه هو ته ڪي ڪلهوڙا يا ٽالپر حڪمران نااهل هئا يا تنگ نظر هئا. ڪلهوڙا ۽ ٽالپر ڇا پئي ڪري سگهيا، جڏهن تجارتي گهوٽالي واريون حالتون سندن ضابطي کان مٿي هيون. هيءُ نقطو ٽالپر دور جي هڪ دورانديش مبصر ڊاڪٽر جيمس برنس ڏاڍو سچائي سان بيان ڪيو آهي.(1) 1836ع ۾ اسسٽنٽ سرجن هيڊل ساڳي جذبات سان ان نقطي کي واضح ڪيو آهي، جنهن جي ڏاهپ ڀرين ٻولن کان پوءِ اسان هيءُ باب جيڪو سترهين ۽ ارڙهينءَ صديءَ جي سنڌ جي تجارت سان لاڳاپيل هڪ اهم باب آهي، بند ڪنداسون. ”جيڪڏهن هن مل جا صنعتڪار تباه ٿي چڪا آهن ته ان ۾ ميرن ٽالپرن جو ڪهڙو ڏوهه. جڏهن اسان ڏسون ٿا ته جيڪو شورو پهرين هتان سنڌ مان برآمد ٿيندو هو ۽ هتان جا ماڻهو ان مان لاڀ پرائيندا هئا، سو هاڻي ٻئي ڪنهن علائقي مان ڪڍيو پيو وڃي؟ ٺٽي ۾ لُنگين جي مشهور صنعت جا مالڪ جيڪي تمام گهڻا شاهوڪار هئا سي تباه ٿي ويا، جي ڪنهن مير جي ظالماڻي پاليسيءَ جي ڪري نه پر هندستان جي معاشرتي تبديلي جي ڪري ٿيا. اهي انهن ملڪن جي حالتن بدلجڻ جي ڪري به ٿيا جن جا حڪمران يا امير نواب ان مال جا مکيه خريدار هئا. سنڌو درياه جي تباهي جنهن ڪري آبي آمدرفت ڏاڍي مشڪل بنجي ويئي آهي اهو به انهن جو قصور هو؟… سنڌ جي ماڻهن جي به گلا ڪئي وڃي ٿي. اهو الزام هروڀرو سموري عوام تي مڙهيو ويو آهي. مقامي ماڻهن جو وڏو حصو ڏاڍو محنتي آهي، توڙي اهو زراعت ۾ هجي يا صنعت ۾. سنڌ جا واپاري ڏاڍا هوشيار ڦڙت ۽ چالاڪ آهن، حڪومت انهن جي مٿان گڻو محصول مڙهي ٿي پر کين بچاءُ به ڏي ٿي. ماڻهو ڏاڍا چئيوان، سدورا ۽ قانون جو احترام ڪندڙ آهن.“(1)


(1)پرنسل آبزرويشن آف سنڌ‘، پوسٽنس، ص: 5-264

(1) مورلئنڊ- ’فرام اڪبر ٽُ اورنگزيب‘ باب: V.

(1) ريورٽي ان کي حوالي طور استعمال ڪيو. ’مهران آف سنڌ‘، ص: 494

(2) ساڳيو

(3) مورلئنڊ- ’انڊيا ائٽ اڪبرس ڊيٿ‘

(1) مينوسي- اسٽوريا ڊو موگور، ص: 427

(2) وٿنگٽن- ارلي ٽريولس ان انڊيا، ص: 18-217

(3) ٿيوِناٽ- ص: 76-175

(1) هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ڪاٺ جو رنگ روغن به ڪيو ويندو هو (۽ اڄ تائين ڪيو وڃي ٿو) ڪٻٽ جَڙيا ويندا هئا. جانورن جي کلن مان گيهه رکڻ لاءِ وڏا ٿانو جن کي ’دُپا‘ چيو ويندو هو، جوڙيندا هئا ۽ کين هڪ پاسي کان ڳچي ۽ مُنهن هوندو هو. 5 پائونڊن کان وٺي 320 پائونڊن تائين هر ماپ جا ملي ويندا هئا. انهن ۾ سڄي سال جي لاءِ بنا لوڻ وجهڻ جي مکڻ رکي سگهبو هو ۽ خراب ڪونه ٿيندو هو.

پنڪرٽن V، ص: 9-304

(1) مورلئنڊ- ’فرام اڪبر ٽُ اورنگزيب‘، ص: 118

(1) مورلئنڊ- ’فرام اڪبر ٽُ اورنگزيب‘، ص: 122

(1) مورلئنڊ- ’فرام اڪبر ٽُ اورنگزيب‘، ص: 122

(2) op.cit ڪرو.

(1) ويسٽ انڊيز جڏهن نير مهيا ڪيو ته هندستان جي نير کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.

(2) ڪمپنيءَ جي رڪارڊ ۾ اهڙي قسم جا خط آهن.

(1) اهو پيدا بيانا ۾ ٿيندو هو ۽ برآمد لاهور مان ٿيندو هو. ڏسو مورلئنڊ ’فرام اڪبر ٽُ اورنگزيب‘ ص: 109. لاهور وارو بيانا جو مال يورپ ۾ وڏي اگهه تي ويندو هو ۽ ڪنهن جنس کي مقرر ڪرڻ لاءِ اصولي طور ڪم اهو هوندو ته ان جي سالياني برآمد جو انگ ڏٺو ويندو هو. Op.cit، ص: 110

(2) ’ڪمر شيل رليشن بٽوين انڊيا اينڊ انگلينڊ‘ (1601ع – 1757ع)

نير جيڪو بيانا ۾ پيدا ٿيندو هو سو وڌيڪ مشهور هوندو هو ۽ خشڪيءَ رستي ٻاهر ويندو هو ۽ سرگيج واريءَ جنس کان خالص هوندو هو، ٽڪين جي صورت ۾ هوندو هو جن کي ’فيٽ‘ سڏيو ويندو هو، جنهن ۾ واري جي ملاوٽ ٿيل هوندي هئي. سرگيج وارا ٽي پائونڊ بيانا واري لاهور کان ايندڙ مال جي ٻن پائونڊن جي برابر هوندا هئا. سنڌ جي ماڻهن به گجراتي واپارين جو نقل ڪيو ۽ پنهنجي نير ۾ واريءَ جي ملاوٽ شروع ڪري ڏنائون.

(1) لنسچوٽن – ’واويج ته ايسٽ انڊيا I‘ ص: 56

(2) وون آرلچ -* ’ٽريولس ان انڊيا‘ ص: 101

(2) سرڪار- ’مغل ائڊمنسٽريشن‘- ص: 81-71

(1) مسجد ۾ گهڙڻ کان اڳ جتي لاهڻ جو مثال هتي نه ٿو ڏئي سگهجي.

(2) ’هسٽري آف سنڌ‘، ص: 41-240

(1) مئنرڪ، op.cit، ص: 239

(1) هئملٽن، op.cit.

(2) ايليٽ – I، ص: 20

(3) ايليٽ- II، ص: 9-336

(4) ليفٽيننٽ ڊيل هوسٽي چوي ٿو ته: مڇين کي ذخيرو مهاڻا ڪندا آهن ۽ انهن کي ورڇ سان درياهه يا واٽر ڪورس مان پاڻي به ڏيندا آهن. اتان جي هر هڪ جاءِ سرڪاري ڪارندي لاءِ آهي جيڪو هر هڪ کان محصول اوڳاڙي ٿو. اوڳڙ جي شرح ڦاٿل مڇيءَ جو ٽيون حصو هوندي آهي. سيڪريٽ ڊپارٽمينٽ. سنڌ مشن ممايرس- ليفٽيننٽ ڊيل هوسٽي، بمبئي حڪومت جو رڪارڊ- 1832ع، ص: 39

(1) مغل ائڊمنسٽريشن – جادو ناٿ سرڪار، ص: 81-71

(2) ڏسو ’برٽش بِگننگ ان ويسٽرن انڊيا‘ رالن سن- ايڇ- ايل.

(1) ڏسو ’ٽريڊ آف ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ ايف- پي رابن سن- پئسم.

(2) اوونگٽن- ص: 2-401

(1) اوونگٽن- ص: 391

(1) رابن سن: op.cit پئسم.

(1) سرڪار: مغل ائڊمنسٽريشن، ص: 81-71

(1) شفاعت احمد خان، op.cit، ص: 154

(2) شفاعت احمد خان ٿي op.cit ص: 273

(1) ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري جيستائين سوٽي ڪپڙي جي صنعت ۾ انقلابي سڌاري لاءِ اڃان مشينري ايجاد ڪانه ٿي هئي، ته برطانيا جا سوٽي ڪپڙي جا صنعتڪار نه رڳو پنهنجي طلب پوري ڪري رهيا پر سڄي يورپ کنڊ بلڪ آمريڪا جي به ضرورت پوري پئي ڪيائون. اسان 1710ع ڌاري ڏسون ٿا ته سڄي مشرقي صنعت ولايت جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ رڌل هئي. اها سڄي تجارت برطانيا جي هٿ ۾ هئي ۽ اهڙيءَ ريت هندستاني ڪپڙي جي طلب هر سال گهٽبي رهي.

(1) بال ڪرشنا- مغل ائڊمنسٽريشن ص: 81-71

(1) ’اي وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڊ 1829ع، ص: 67-66

(1) بمبئي گورنمينٽ رڪارڊ نمبر XVII جو نئون سلسلو، ص: 425- Pt II. ممايرس آن دي رور انڊس- اسسٽنٽ سرجن هڊلي- مئي 1836ع.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com