ظهير: شيرين، تون ڀليل آهين. اِهي تڏهن به شيرين ۽ ظهير جون
ڳالهيون هيون، ۽ اڄ به تنهنجي ۽ منهنجي گفتگو آهي.
سچ پڇين، شيرين، ته مون کي توسان هتي ويهي
ڳالهائيندي ۽ اسٽيج تي بيهي ڳالهائڻ ۾ ذرو به فرق
نٿو محسوس ٿئي....
شرين: (ڳالهه ڪپي) پر، ظهير، منهنجي خيال ۾ ڊرامي جي ڊائيلاگن ۽
پنهنجيءَ دل جي ڳالهين ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
آءٌ ته تنهنجي واتان تنهنجائي احساس ٻڌڻ ٿي گهران،
منشي دلگير جي قلم مان نڪتل مڪالما نه. مون کي ته
ڪن طاقتور حالتن اسٽيج تي آڻي اُڇلايو آهي، پر مون
کي اسٽيج جي هرشيءِ کان نفرت آهي. نقلي جذبا، ٺهيل
ٺڪل جملا، ڪوڙا ڪردار ... مون کي ڪوڙ زهر ٿي لڳندو
آهي.... مون کي توکان به نفرت آهي! تون نقل ڪندي
ڪندي پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويٺو آهين. تو وٽ پنهنجي
زبان ڪانهي، تنهنجي سيني ۾ پنهنجي دل ڪانهي...
تون انسان نه آهين، هڪ ڪوڙو ۽ نقلي چهرو آهين،
بدليل ويس آهين، ٻهروپ آهين!
ظهير: شيرين، مون کي غلط نه سمجهه. آءٌ ته پاڻ سان گڏ اسٽيج کڻي
ٿو هلان، ڇو جو آءٌ پنهنجو پاڻ کي اسٽيج جي ڪوڙن
ڪردارن ۾ گم ڪري، ڏسڻ وارن کي نقل جي بدران اصل ٿو
ڏيکاريان. انهن ڪردارن جون ڳالهيون منهنجيءَ دل
مان نڪرن ٿيون. انهن جي بيجان جسمن ۾ منهنجي جسم
جي گرمي ۽ زندگي هوندي آهي. آءٌ ڪردار ۾ نئون روح
ڦوڪيندو آهيان. مون پنهنجي سموري هستيءَ جو سچ فن
کي بخشي ڇڏيو آهي. شيرين، آءٌ نقل نه آهيان، ڪوڙ
نه آهيان! ... شرين، شيرين!... اوه، ويئي هلي....
منهنجي زندگيءَ مان روشني هلي ويئي!
جاني: ظهير، تون تمام وڏو آرٽسٽ آهين. تو فن لاءِ پنهنجي
زندگيءَ وقف ڪري ڇڏي آهي.
(صادق: ’آهستي‘ انهيءَ ڪري ئي ته هن جي زندگي فقط نقل وڃي رهي
آهي! فن زندگيءَ جو نقل آهي؛ اصل زندگي آهي. هن
بيوقوف، اصل ڏيئي، نقل جو سودو ڪيو آهي.... ڪيڏو
نه نقصان وارو واپار ڪيو اٿس!)
ظهير: (ڪاوڙ ۾) تون منهنجي فن جي بلندين کي نٿو ڄاڻين. اهو
نقصان وارو واپار ڪونهي.
جاني: (چڙي) بندا خدا جا، مون ڪڏهن چيو ته اهو نقصان وارو واپار
آهي! سائين، ڏيو منهن! مون ته چيو هو ته تون تمام
وڏو فنڪار آهين، ۽ تون ٿو فرمائين ته آءٌ تنهنجي
فن جي بلندين کي نٿو ڄاڻان! جواب ناهي تنهنجو به،
ظهير صاحب!
ظهير: نه ادا، معاف ڪجئين، اهو مون توکي ڪونه چيو هو.
جاني: مون کي ڪونه چيو هئئي ته ٻيو هتي ڀلا ڪير آهي، جنهن سان
سائينجن گفتگو ۾ مصروف آهن؟
ظهير: توکي خبر ناهي، جاني، مون سان گڏ منهنجو دشمن به آهي. هو
منهنجي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، مون کي ڏيکاري پيو.
هو منهنجيءَ شخصيت مان، منهنجيءَ زبان مان، اثر ۽
روح مان، سچائيءَ کي ڪوريندو، ٽڪر ٽڪر ڪندو،
اُڇلائيندو پيو وڃي... ۽ اهڙيءَ طرح، هڪ ڏينهن آءٌ
هڪ بيحس بوتو رهجي ويندس!
(صادق: ’ آهستي‘ اُهو ڏينهن اچي ويو آهي.. توکي خبر آهي ته اُهو
ڏينهن اچي ويو آهي!
ظهير: (مضطرب ٿي) نه، اُهو ڏينهن اڃان ڪونه آيو آهي... اُهو
ڏينهن ڪڏهن به ڪونه ايندو!
جاني: ظهير، تون ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟ توکي ڪجهه ٿي ته ڪونه
ويو آهي؟
ظهير: جاني، آءٌ سچ پچ چريو ٿي پوندس... هن کي چئه ته هتان هليو
وڃي! آخر منهنجو هن سان ڪهڙو واسطو؟
(صادق: ’ آهستي‘ ها، سچ ۽ ڪوڙ جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو ٿي سگهي ٿو!)
ظهير: چڱو، چڱو!... سچ ۽ ڪوڙ! .... ڪهڙي خبر، ڪهڙو سچ آهي، ۽
ڪهڙو ڪوڙ؟ ( ڪنهن جو زهر ۾ ٻڏل ٽهڪ) ... جاني يار،
اڄ تون به مون تان کلين پيو!
جاني: نه، ظهير، آءٌ ته ڪونه کليس.
ظهير: ته پوءِ اُهوئي، منهنجو دشمن هوندو. ائين ٿو کلي، ڄڻ ته
مون تي ڦٽڪار پيو ڪري. جاني، هڪڙي ڀيري ته مون تي
سڄو شهر کيلو هو. خدا جي خدائي، هڪ ئي وقت گڏجي
مون تي کلي هئي. جڏهن ڪو اڪيلو رهجي ويندو آهي ته
ان تي سڀيئي کلندا آهن. انهيءَ رات ته مون تي
هوائون به کليون هيون.
جاني: ڪهڙي رات، ظهير؟
ظهير: ڪا ايتري پراڻي ڳالهه به ڪانهي. پر اڄ به جڏهن آءٌ انهيءَ
رات جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو آهيان ته مون کي ائين ٿو
محسوس ٿئي، ڄڻ ته اهي سموريون ڳالهيون منهنجي
گذريل جنم جون آهن_
بهار جي هڪ خوشبوءَ ڀري رات هئي : آسمان جا سمورا تارا، ٽوليون
ڪري، دنيا جي رونقن کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا
هئا، ۽ وسنديءَ جا سمورا ماڻهو درياءَ جي پل تي
گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. ماڻهن جي اچ وڃ،
گوڙ گهمسان، کل ڀوڳ جي آوازن هڪ هنگامو پيدا ڪري
ڇڏيو هو. چوڌاريءَ زندگيءَ جو ميڙو لڳي ويو هو.
آءٌ، ماڻهن جي انهيءَ بي پناهه وهڪري ۾، هڪڙيءَ
بتيءَ جي هيٺان ڪنهن جي واٽ نهاري رهيو هوس.
جاني: ڪنهن جي پئي واٽ نهاريئه ؟ آءٌ ان کي سڃاڻان؟
ظهير: ها، تون اُن کي سڃاڻين ٿو. مون ’سمين‘ جو انتظار پئي ڪيو.
( طبلي جو تيز لَي ۽ گهنگهرن جو آواز اُڀري ويجهو اچي ٿو.)
توکي ياد آهي، جاني، ته ” ملڪ صبا “ ناٽڪ ۾ سمين هڪ ديوداسيءَ
جو پارٽ ڪندي هئي. هيڪل واري منظر ۾ جڏهن هوءَ
نچندي نچندي راهب جي تخت جي ويجهو ايندي هئي، ته
مون کي تخت تي ويٺي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ته
منهنجي دل جي دري کُلي ويئي آهي، ۽ سمين سڌي اچي
منهنجي دل ۾ ويهندي هئي. ڊرامي ۾ ته ائين لکيل
هوندو هو ته هوءَ ناچ ڪري پوءِ واپس هلي وڃي...
پر، خدا شاهد آهي، ٽن مهينن ۾ مون هڪڙي شو ۾ به هن
کي واپس ويندي ڪونه ڏٺو! هوءَ مون ڏانهن وڌندي
هئي، ويجهو ايندي هئي، بيهي سلام ڪندي هئي،... ۽
آءٌ اکيون کڻي بند ڪندو هوس... هوءَ منهنجين اکين
جي ڳڙکين مان منهنجيءَ دل ۾ پهچي ويندي هئي، ۽ آءٌ
اکيون بند ڪري ، هُن کي پنهنجيءَ دل ۾ قيد ڪري
ڇڏيندو هوس.
جاني: پر مون کي اهو ٻڌاءِ ته انهيءَ رات ڇا ٿيو، جڏهن تو
درياءَ جي پل وٽ هُن جو انتظار پئي ڪيو؟
ظهير: انهيءَ رات ڳائڻن جون ٽوليون، ڳچين ۾ گلن جا هار وجهي، دل
تي ڌڪ هڻندڙ گيت ڳائينديون، اچي اُتان لنگهيون...
ڏکن کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڪوڙي کِل کِلندڙ مست
لنگهيا؛ دلين کي تباهه ڪندڙ، ڊيلن وانگر هلندڙ
ڪنواريون لنگهيون، ... پر سمين ڪانه آئي! آءٌ،
ڌرتيءَ جي لُڙڪن ڀريل درياءَ وٽ بيهي، هڪ هڪ چهري
کي غور سان ڏسندو رهيس. پر پنهنجي ساٿ کان وڇڙيل
مون اجنبيءَ ڏانهن، انسانن جي ايڏي ڪٽڪ مان ڪنهن
هڪ به اک کڻي ڪونه نهاريو... اوچتو، منهنجي اندر
جي آواز مون کي نُنهن کان چوٽيءَ تائين ڏڪائي
ڇڏي:” _ هاڻي سمين ڪڏهن به ڪانه ايندي، تون اجايو
هن جي واٽ پيو نهارين!“ ... آءٌ انهيءَ ڀريل ۽
وسيل دنيا ۾ ڪيڏو نه اڪيلو هوس! ماڻهو منهنجي
اردگرد بيهي مون تان پئي کليا. هيڏيءَ ساريءَ
دنيا مان ڪنهن هڪ به انسان مون کي محبت ڪرڻ جي
لائق ڪونه سمجهيو.
جاني: ڇا، واقعي انهيءَ رات سمين اتي ڪانه آئي؟
ظهير: خبر ناهي، منهنجين اکين مون کي پنهنجين خيالن جو
پاڇو ڏيکاريو هو، يا سچ پچ اها جيئري جاڳندي سمين
هئي. ... جڏهن آءٌ پل تان لٿس پئي، تڏهن مون کي
ائين محسوس ٿيو ته هوءَ هڪ خوبصورت نوجوان سان هٿ
۾ هٿ ڏيئي، مرڪندي پئي ويئي! جوانيءَ پنهنجو ساٿي
ڳولي ورتو هو. پر، خبر ناهي، اها سمين هئي يا ڪا
ٻي... منهنجيون اکيون ته ڳوڙهن ۾ ٻڏل هيون.
(طبلي جو تيز تال _ ۽ وري گهنگهرو اُڀرن ٿا، ۽ پوءِ
گهٽجي وڃن ٿا.)
(صادق: ’آهستي‘ اسٽيج جون محبتون؟ ... ڪاغذ جا گل !
ظهير: (ڪاوڙجي) ها، ها، ڪاغذ جا گل! ڪاغذ جا گل! ....
مون ويهن ورهين تائين انهن ڪاغذ جي گلن جا هار
پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتا آهن. پر اڄ مون اهو ڪوڙو
سينگار لاهي ڦٽو ڪيو آهي. جاني، اڄ ته اها ڳالهه
ئي ختم ٿي ويئي آهي.
جاني: ادا، هي تون ڇا پيو چئين؟ _ ’اڄ اها ڳالهه ئي
ختم ٿي ويئي آهي!‘
ظهير: ها، جاني، اڄ آءٌ آخرڪار هارائي ويٺس؛ کٽي وري به
هو ويو.
جاني: ڪير کٽي ويو آهي توکان، ظهير؟
ظهير: اهو، جيڪو پاڻ کي سچ جو علمبردار ٿو چوي! سدائين
زمانو هڪ ته ڪونه رهندو. اِها منهنجي ڀل هئي جو
مون پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون هيون، ۽ سوچيو هوم
ته اڃا شام ڪانه ٿي آهي. پر شام جي وقت ته شام ٿي
ويندي آهي، چاهي ڪو ڏسي يا نه ڏسي.
جاني: تون ڪهڙيءَ شام جي ڳالهه پيو ڪرين؟
Good Evening
واري؟
ظهير: ( هلڪيءَ کل کان پوءِ) زندگيءَ جي شام، جنهن جي
لالاڻ اڄ منهنجي چهري تي اُڀري آئي آهي. مون وانگر
احساس جو انڌو ٻيو ڪير هوندو، جنهن کي هڪ نوجوان
ڇوڪريءَ پاڻ ڏانهن سڏي کيس زندگيءَ جي شام ڏيکاري
آهي.
جاني: توکي اڄ ڇا ٿيو آهي، ظهير؟
ظهير: توکي ته خبر آهي ته منهنجو گرينِ روم ۽ شگفته جو
گرينِ روم بلڪل گڏ آهن. اڄ مون پنهنجو ميڪ اپ پئي
لاٿو ته ڀرواري ڪمري مان سيٺ ۽ شگفته جون ڳالهيون
ٻڌڻ ۾ آيم __
شگفته : اچو سيٺ صاحب.
سيٺ: (ايندي) شگفته، توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ تون اسٽيج تي
ڪاٺ جي پتلي وانگر بيهيو رهين. نڪو تو ۾ ائڪشن
آهي، نه ئي ائڪٽنگ. ظهير توکي پنهنجي پٺيان
گهليندو وتي. خانه بدوش ڇوڪريءَ جو ڪردار ته نهايت
ئي جاندار آهي، پر تو ۾ ته ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ
ته روح ئي ڪونهي.
شگفته: معاف ڪجو، سيٺ صاحب، جڏهن ڪنهن جي آڏو هڪ لاش
بيٺو هجي، تڏهن ٻڌايو ته سامهون واري انسان ۾
ڪيتري جان رهندي؟
سيٺ: ظهير ته توتي ائين ڇانيل آهي، جو تون هن جي آڏو
ڏسجڻ ۾ به ڪانه ٿي اچين.
شگفته: هن کي ته آءٌ ڏسجڻ ۾ اچان ٿي، انهيءَ ڪري ته هو
پنهنجن جذبن کي چڱيءَ طرح محسوس ڪري ٿو. پر منهنجي
سامهون ڪير آهي؟ _ شطرنج جو هڪ سَٽيل ڪُٽيل مُهرو،
هڪڙو پوڙهو اداڪار، جنهن جي ميڪ اپ مان ٻُڍاپڻ
ائين پيو جهاتيون پائي، جيئن برسات جي ڏينهن ۾
ڪنهن پُراڻيءَ حويليءَ جي درزن مان پاڻي ٽمندو
آهي! هاڻي جوانيءَ جي طوفان اڳيان بيهڻ جي هن ۾
طاقت ناهي. انهيءَ ڪري، آءٌ پنهنجو پاڻ کي روڪي
وٺندي آهيان.
سيٺ: روڪي وٺندي آهين، يا پنهنجو پاڻ کي هن جي اختيار ۾
ڏيئي ڇڏيندي آهين!
شگفته : سيٺ صاحب منهنجو پاڻ تي ڪوبه وس نٿو هلي. جيڪي
اُڌما منهنجي اندر مان اُڀرن ٿا، سي ڪيئن ٻاهر
اچن؟ ڪاغذ جي گلن مان سچيءَ خوشبوءَ جي لذت حاصل
ڪرڻ ڪنهن وڏي اداڪار جو ڪم آهي، مون کان اهو ڪونه
ٿيندو. آءٌ انهيءَ پوڙهي کي شهزور شهزادو ڪيئن
سمجهان؟ انهيءَ ڪاٺ جي پُتلي کي جنگي جوان ڪيئن
سمجهان؟ مون کي ته هن جي نقلي گهڊيدار وارن جي
پٺيان هن جي گنج صاف نظر ايندي آهي. سيٺ صاحب،
جوانيءَ جو جوانيءَ سان ساٿ ٿيندو آهي، آءٌ ٻڍاپڻ
سان ڪيئن محبت جو سانگ رچايان!
ظهير: شايد ”صادق“ سچ ٿو چئي: آءٌ سدائين پنهنجو پاڻ کي
فريب ڏيندو رهيو آهيان.
جاني: صادق؟ ڪهڙو؟ ڪو تنهنجو دوست آهي ڇا؟
ظهير: ها، منهنجو جگري دوست_ منهنجو جاني دشمن _ منهنجو
ننڍپڻ جو ساٿي ... اُهو ۽ آءٌ گڏ پلياسين ۽ وڏا
ٿياسين. پر ٿئيٽر جي دروازي تي اچي، هو مون کان
جدا ٿي ويو. اسان جو هڪٻئن ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جاني: اوهان جو ڇا تان جهيڙو ٿيو هو؟
ظهير: اهو ته ازل جو جهيڙو آهي _ سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ. سچ
جا به ته ڪيترائي روپ هوندا آهن، جاني!
جاني: ها ڊرامن ۾ سچ کي ڪيترين ئي صورتن ۾ ڏٺو اٿئون.
ظهير: آءٌ ڊرامي جي ڳالهه نٿو ڪريان، جاني آءٌ زندگيءَ
جي ڳالهه ٿو ڪريان.
جاني: ظهير، تون به زندگيءَ کي ڊرامي کان جدا ڪري ٿو
ڏسين؟
ظهير: جاني، تو سچ چيو آهي. آءٌ سڄي عمر ڊرامي ۾ ئي
جيئرو رهيو آهيان. پر اها به عجيب زندگي آهي،
جاني. هن سخت ۽ پٿريلي ڌرتيءَ تي مون جهڙي اڪيلي
انسان جي فتح هئي. مون ان کي آسان بنائڻ جي ڪوشش
ڪئي، ۽ بادشاهن جي درٻارن ، پرين جي باغن ۽
جوانيءَ جي چمڪندڙ سونهري خوابن ۾ حياتي گذاريندو
رهيس... پر مون ڪڏهن به سچ جو ساٿ ڪونه ڇڏيو...
صادق ڪوڙو آهي!
(صادق : ’ آهستي‘ سچ ۾ ملاوت ڪانه ٿيندي آهي تون ملاوت
کي سچ پيو سمجهين!)
ظهير: نه اُها ملاوت ڪانه هئي، ڪوڙو ڪونه هو، مون ته
فقط سچ کي هڪ روپ ڏنو آهي. منهنجيون نظرون سچ کي
سڃاڻن ٿيون ... پو مون سدائين سونهن، کي سچ جو روپ
سمجهيو آهي. اُها سونهن، جيڪا ڪڏهن مُرڪي، ڏکن جي
گهاون تي پَها رکندي آهي، ڪڏهن گَهرِين ڪارين اکين
۾ چمڪي، اندر ۾ هڪ لاٽ ٻاري ڇڏيندي آهي، ۽ ڪڏهن
مٺڙي آواز سان دلين کي ميڻ ڪري ڇڏيندي آهي. مون
محبت جي رهنمائيءَ لاءِ سونهن جي ڳولا ڪئي... آءٌ
سونهن کي سچ ٿو سمجهان!
(صادق: ’نرميءَ سان ‘ سونهن به ته سچ جو هڪ رنگ آهي!)
ظهير: (ڌيان ڏيڻ کان سواءِ) حسن ئي چمڪندڙ سچ آهي. دلين جي
سونهن، انسانن جي سونهن، دلين مان گلن جي خوشبوءَ
وانگر اُٿندڙ پيار جي سونهن!... اها سونهن پنهنجي
روشنيءَ سان انسانن جي ڏکويل دلين کي روشن ڪندي
آهي، جيڪي پنهنجي اندر جي اوندهه ۾لڪي لڪي
روئنديون آهن. آءٌ انهيءَ روشنيءَ ڏانهن ڄائي ڄم
کان ڏسندو رهيو آهيان. آءٌ سورجمکيءَ جو گل آهيان،
جيڪو ازل کان سج ڏانهن نهاريندو رهيو آهي. منهنجو
سچ، ’سونهن‘ آهي! ... صادق، .... صادق! ٻڌاءِ،
ڪُڇين ڇو نٿو؟ .... ( هلڪيءَ کل سان) هليو ويو!
جاني: واه، منهنجا دوست ! اڄ ته تو سچ پچ ڳالهه ختم ڪري ڇڏي.
(ظهير جي کل، خالي هال ۾ گونجي گم ٿي وڃي ٿي.)
}پڄاڻيءَ
جي موسيقي{
}ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان
{
انساني ذهن هڪ اهڙو ميدان آهي، جنهن ۾ ڪنهن به سيلانيءَ جي قدمن
جي نشانن جو ڪوبه پتو نٿو لڳي. هيءَ هڪ عجيب غريب
دنيا آهي، جنهن ۾ رڳو هڪڙو ئي رهواسي موجود آهي_
يعني انسان، پنهنجي انفرادي حيثيت سنا. انهيءَ
وسيع دنيا ۾ ڌنڌ ۽ انڌڪار سان ڍڪيل، اڪيچار ڪاريون
ڪنڊون آهن. ڪٿي رُڃ جي ڏيکاري ڏيندڙ، ڌُٻڻ وارا
ميدان آهن، ته ڪٿي واريءَ جون ترڪندڙ ڀٽون. هتي
سدائين ڪنهن نامعلوم سرزمين کان ايندڙ، ڳُجهن
جهرڻن سان گجگوڙ ڪندڙ ندين جو سيلاب اُڀرندو رهي
ٿو. ڪٿي ڪناري جهڙي چُپ چپات لڳي پيئي آهي، ته ڪٿي
سمنڊ وارو شور. ڪٿي گهاٽن ۽ اونداهن، گجگاهه ٻيلن
وارا، دل ڏاريندڙ ڇانورا آهن، ته ڪٿي گرم جهولن
سان تپندڙ، خشڪ بيابان وارو ڀيانڪ سناٽو. هن وسيع
دنيا جي بي انت، لامڪانن گهرائين ۾، ڪڏهن اميد جون
نرم نازڪ هوائون هلن ٿيون، ته ڪڏهن مايوسيءَ جا
سخت غبار سڄيءَ فضا کي وڌيڪ اونداهو بنايو ڇڏين.
انهيءَ فضا ۾ صدين جون دٻيل دشمنيون ۽ ورهين جون
آراميل محبتون، ڪجهه گهڙين لاءِ، ڪڏهن پنهنجون
اکيون کولين ٿيون، ۽ ڪڏهن وري ٻُوٽيو ڇڏين ....
ذهن جي انهيءَ رڻ پٽ جو رهاڪو، انسان، ڪڏهن انهن
ڏانهن اڳتي وڌي ٿو، ته ڪڏهن پوئتي هٽيو وڃي.
پروفيسر چيتن ماڙيوالا
هندستان ۾ انگريزي سلطنت تي روسي ڪاهه جو اُڊڪو–
۽ اُن ڪارڻ ميرن سان فرنگين جا نوان ناتا ( 1833-1838ع)
جيستائين الينگزينڊر برنس، سنڌوءَ جي ڪنٺي تي بيٺل ۽
پسگردائيءَ وارن ملڪن جي جاچ پڙتال ڪري وطن واپس
پهچي ئي پهچي، اُن کان اڳ ئي هندستان تي روسيِ
ڪاهه جي انديشي انگلنڊ ۾ چؤٻول پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽
ريل پوڻ سان اهو اُڊڪو ويو وڌندو. سال 1833ع جي
ختم ٿيڻ کان اڳ ئي انگلنڊ جو بادشاهه، سندس مکيه
وزير ۽ ٻيا نائب ۽ هندستان ۾ انگريزي سلطنت جو
سرڪردو، وغيره روس جي هر قدم کي ڏَرَ ڀريي نظر سان
ڏسڻ لڳا. بادشاهه جارج 4، الينگزينڊر برنس کي
پنهنجي پهرينءَ ملاقات ۾ ئي ٻڌايو ته ” توکي
جيڪي خبرون آهن، سي ڪافي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون
۽ انهيءَ ڪارڻ توکي خاص خبردار ٿيڻو پوندو ته تون
ڇاپي ۾ڇا ٿو آڻين. مون سان منهنجن وزيرن، خاص طور
لارڊ گري، تو بنسبت ڳچ ڳالهيون ڪيون آهن. تون لاٽ
صاحب ۽ مسٽر گرانٽ کي اسان جي وچ ۾ جيڪي وهيو
واپريو آهي _ اسان پاڻ ۾ جيڪي ڳالهايو ٻولهايو
آهي_ اُن جو سربستو احوال ڏج، ۽ ان کان سوا مان
جيڪي روس جي لنبي مراد نسبت سمجهان ٿو، سو پڻ کين
چٽيءَ ريت ذهن نشين ڪرائج. منهنجي نظر ۾ تنهنجون ۽
لارڊ وليم بينٽڪ جون صلاحون خاص اهميت واريون ۽
ڪارگر ٿيون لڳن.“ روس جي ڪاهه جا فقط خيالي
اُٽبٽانگ ڪين هئا، اهو اُڊڪو ڪن سچين حقيقتن تي
بيٺل هو. اسين هن مهل جڏهن اُن وقت جون ڳالهيون ٿا
جاچيون ته اسان کي ائين پيو لڳي ته الاجي ان وقت
جا انگريزي اختياريءَ وارا هيئن هيترو گهٻرائجي ۽
ڏهڪائجي ڇو ويا هئا! هينئر جڏهن اسين پڙهون ٿا ته
1832ع ۾ طهران ۾ انگريزي ايلچيءَ پنهنجي عالي
سرڪار جو انهيءَ حقيقت ڏانهن خاص ڌيان ڇڪايو ته
”روسي فوج کي پنهنجي مشرقي سرحد کان سنڌو درياء تي
بيٺل آٽڪ شهر پهچڻ ۾ ايتروئي پنڌ ڪرڻو پوندو
جيترو اُن کي واپس ماسڪو پهچڻ ۾، ۽ سکن جي
راڄڌاني لاهور، روسي راڄڌاني پيٽرسبرگ کان روسي
سرحد_ ڪئسپين سمنڊ جي اُلهندي ڪناري _ کي ويجهو
هئي؛“ ته اسان کي ائين پيو ڀاسي ته اُن وقت جا
راڄنيتگيہ حقيقتن مان اها معنيٰ ڪڍي رهيا هئا جا
منجهن هئي ڪانه، ڇو ته تنهن وقت ۾ فوج لاءِ لنبا
مفاصلا طي ڪرڻ آسان نه هو، خاص طور هيءُ روسي سرحد
کان آٽڪ شهر توڻي سڄن سارن هزارن ميلن جو مفاصلو!
پر طهران جي
دربار ۾ وڌندڙ روسي زور ۽ ڪابل ڏي روسي ايلچين جي
اچ – وڃ سخت شڪ شبها ٿي اُٿاريا ته روس جي ايشيا
بنسبت نيت انگريزي خيال کان ٺيڪ نٿي ڏٺي. روس،
ايران کي نيچو نوايو هو، ۽ انهيءَ ڀيري انگريزن،
جي ايران وارن جا دوست هئا، تن اُن جي ڪابه حمايت
ڪانه ڪئي، جيتوڻڪ انگريز، ۽ ايران جي وچ ۾ عهدنامي
۾ اهڙو اقرار ڪيل پڻ هو. تنهنڪري ايران جي ٻاهرين
نيتيءَ تي روس جو گهڻو اثر پئجي ٿي سگهيو ۽ هيءُ
جو ايران، هرات تي گهيرو ڪيو هو، سو به سمجهيو ٿي
ويو ته روس جي چوڻ تي ئي ڪيو ويو هو. ” اُن وقت جا
سياستدان ائين ئي سمجهي ويٺا هئا ته هرات جو د
َسجڻ، انگريزن جي هندستاني سلطنت لاءِ سخت هاڃيڪار
هو. اُن کان سواءِ الينگزينڊر برنس جڏهن 1836ع ۾
دوست محمد کي ٺاهڻ خاطر ڪابل ويو ته اُتي هن روس
جو ايچي وڪووچ ڏٺو، جو دوست محمد کي پنهنجي پاسي
ڪرڻ لاءِ ڪهڙا به شرط قبولڻ لاءِ تيار هو ۽ ان ڏس
۾ هوُ سر ٽوڙ ڪوشش ڪري رهيو هو. ائين برابر آهي ته
وڪووچ جڏهن روس واپس ويو ته سندس ڳالهين کي ڪوبه
وزن ڪونه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته تيستوڻي روسي نيتيءَ ۾
ڦيرو اچي ويو هو. پر ڪابل درٻار ۾ روسي ايلچيءَ جي
حاضري ۽ دوست محمد جهڙي جبري حاڪم، جنهن جي مدد
سان هندستان تي چڙهائي ڪرڻ حد آسان هئي، پنهنجي
پاسي آڻڻ لاءِ مٿاڪُٽَ ڪهڙي به اڻورچندڙ سياستدان
جو سک ڦٽائڻ لاءِ ڪافي هئا. انهيءَ ڪارڻ ايران ۽
افغانستان ۾ اهي اُلٽا اثر ڪنهن ريت ڪاٽڻ، هندستان
۾ انگريزي سرڪار جي مکيه نيتي ٿي، جنهن جو آخر
نتيجو اهو ٿيو جو پهرين افغان لڙائي لڳي. 1832 –
1838ع توڻي سنڌ سان انگريزي ناتا انهيءَ جبري
اُتر- اولهه نيتيءَ مطابق ئي وڌيڪ پختا ڪيا ويا.
لارڊ وليم بينٽڪ ئي پهريون گورنر جنرل هو جنهن هندستان
کي روسي ڪاهه کان بچاءَ خاطر قدم کڻڻا پيا. روس
هندستان ۾ افغانستان مان ئي پير رکي ٿي سگهيو،
پوءِ اڪيلي سِر يا ايران جي سنگ ۾. تنهنڪري، جيئن
بينٽڪ جي حياتي نويس لکيو آهي، ته ” هن طرف نيتيءَ
جي هڪ ئي مراد هئي ته ’سنڌو نديءَ کي هندستان ۾
انگريزي سلطنت جي کاهي بڻائجي‘ _ جيئن اڪبر اعظم
اُن کي دهليءَ جي کاهي ڪري سمجهيو هو_ سکن ۽ سنڌ
واديءَ جي والين کي انگريزي سلطنت جي بچاءَ ۾ ڀاڱي
ڀائي ڪرڻ ۽ افغانستان سان دوستي ڳنڍي اُن کي
هندستان ۽ ان جي وچ ۾ بقر ڪري بيهارڻ.“ ترت ڪاهه
جو ڪو خاص امڪان ڪين هو، تنهنڪري سنڌوءَ جي ڪنٺي
تي بيٺل ملڪن جي سرڪارن سان ڳالهه چورڻ جي ڪا خاص
اُپانڌ ڪانه هئي. هن وقت فقط ايترو ضروري هو ته وچ
ايشيا، خاص طور افغانستان، ۾ روسي زور گهٽائي،
انگريزي زور وڌائجي، سو به واپار دوران، ۽ هو زور
وقت سِر سياسي طور ڪم آڻجي، جيئن ئي اهڙي گهرج يا
ضرورت پوي. ”ليفٽيننٽ برنس جي وِيچارن خاطري ٿي
ڏياري ته گنگا نديءَ کان سنڌوندي وڌيڪ ڪارگر هئي.
لارڊ صاحب جو اهو پڻ ويچار هو ته اهڙا امڪان حاضر
هئا، جن مان ظاهر ٿي ٿيو ته ڪنهن زماني ۾ سنڌو واد
ِي ايتريقدر ئي وسيل هئي جهڙي گنگا وادي، ۽ انهيءَ
ڪارڻ اهو بهتر ڀانيو ويو ته انگريز سرڪار جو زور
هلائي اُهي اَٽڪون جن سڪندر آعظم واري ندي _ سنڌوُ
_ تي واپار کي ٻنجو ڏيئي، بنهه بند ڪري ڇڏيو هو،
هٽايون وڃن.“ انهيءَ ڪري وقت جي محاوري پٽاندر
”دنيا جي واپار خاطر سنڌوندي يڪبارگي کولي ٿي
ويئي“ انهيءَ ئي مراد سان انگريزن سنڌو واديءَ جي
سرڪارن کي نديءَ تي واپاري سلسلو نئين سر وري چالو
ڪرڻ لاءِ وري پرچايو. انهيءَ سبب انگريز سرڪار
سنڌ جي ميرن، بهاولپور جي حاڪم ۽ سک سردار
رنجيتسنگهه سان 1832ع ۾ نوان عهدناما ڪيا. هن نئين
انگريزي قدم بنسبت سنڌ جي ميرن ۽ پنجاب جي حاڪم کي
پنهنجي پنهنجي خيال کان الڳ شڪ شبها هئا. _ سک
سردار اِهو اَنومان ڪڍيو ته هن ريت انگريزن کيس
پنهنجي حڪومت ڪشادي ڪرڻ لاءِ ان ۾ سڻڀا لقما _ سنڌ
جهڙا _ لاڳو ڪرڻ کان محروم رکڻ خاطرئي هيءُ قدم
کنيو هو، ۽ ميرن وري ائين سمجهيو ته جي انگريز سنڌ
۾ هيڪر پير پاتو، پوءِ ڀل واپار جي بهاني ئي سهين،
ته آخر هو سندن سارو ملڪ ضرور ڳِيهيِ ڳڙڪائي
ويندا، جيئن ساري هندستان ۾ هر هنڌ ڪيو هئائون.
نئين انگريزي عهدنامي لاءِ ته ٻيئي خواهان ڪين
هئا، مگر حاضر حالتن کين نئون عهدنامو قبولڻ لاءِ
لاچار ڪيو هو. تنهن هوندي به مير صاحبن پنهنجي
حقن جي بچاءُ خاطر عهدنامي ۾ ڪي ضروري شرط ضرور
لاڳو ڪرايا، جي جيڪي ايندڙ سالن ۾ ٿي گذريو اُنهن
بنسبت خاص اهميت رکن ٿا. حيدرآباد سان عهدنامي جي
قلم ٽئين ۾ ڄاڻايل هو ته ” نديءَ تي فوجي سامان يا
فوجي ٻيڙا قيام ڪين آندا ويندا ۽ انگريزي واپاري
ڪنهن به حالت ۾ سنڌ ۾ بيٺڪ وجهي ڪين ويهندا.“
جيتوڻيڪ انگريزي ايلچي سال 1832ع جي شروعات ۾ ئي
عهدناما ڪري، پنهنجي مراد پوري ڪري ويو، پر سنڌوءَ
تي واپاري سلسلي چالو ٿيڻ کي ڪافي وقت لڳي ويو،
جيستوڻي واپاري ٻيڙن تي محصول مقرر ٿئي، جنهن لاءِ
عهدنامن ۾ اقرار ڪيل هو. سڄي مسافريءَ لاءِ محصول
جو يڪو مُٽو انهيءَ ڪارڻ مقرر ڪيو ويو، جئن ٻيڙين
جي آمدرفت ۾ محصول ڪارڻ وگهن نه پوي. انگريزي
ايجنٽ، جنهن جي نظرداريءَ هيٺ ئي سنڌونديءَ تي
واپاي سلسلو هلائڻو هو، تنهن جي بيٺڪ مٺڻ ڪوٽ ۾
مقرر ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ ته مٺڻ ڪوٽ نه فقط سنڌ،
بهاولپور، ۽ پنجاب جي سرحدن جي بلڪل ئي ويجهو هو،
پر اُن جي نزديڪ ئي سنڌو ۽ پنجاب جون نديون اچي ٿي
هڪٻئي سان گڏيون. سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ ڏيهي
انگريز گماشتو رهڻو هو، جنهن جو ڪم هو سمنڊ کان
سنڌوءَ ۾ ايندڙ ٻيڙين کان محصول اُڳاڙڻ. ساڳيءَ
ريت اُتر ۾ فيروزپور جي ويجهو هري ڪِيءَ ۾ ٻيو
نائب گماشتو هو، جنهن کي وري اُتر کان لاڙ ويندڙ
ٻيڙين کان محصول وصول ڪرڻو هو. 1835ع جي شروعات ۾
اُتر پرديش نواسي آغا عظيم الدين، در مهني اڍائي
سؤ رپين پگهار تي، نديءَ جي ڇوڙ وٽ ڏيهي ايجنٽ
مقرر ٿي آيو. منشي ڄيٺانند، جنهن کي 1832ع لاڪر
ڏيڍ سؤ رپيا پگهار تي حيدرآباد ۾ڏيهي انگريزي
گماشتو ڪري رکيو ويو، تنهن کي پڻ تاڪيد ڪيو ويو ته
” هو پڻ پنهنجي مقرر ڪم کان سواءِ، سنڌونديءَ تي
واپاري سلسلي چالو رکڻ ۾ واهر ڪري.“ باقي مٺڻ ڪوٽ
۾ ليفٽيننٽ مئڪيسن کي مقرر ڪيو ويو، جنهن جي هٿ
هيٺ ئي ڏيهي گماشتن کي ڪم ڪرڻو هو.
جيئن ئي سنڌو نديءَ تي واپاري سلسلي جا سڀ بندوبست ٿي
چڪا ته هندستان ۾ساري انگريزي سلطنت ۾ اها خبر
ڦهلائي(پهچائي) ويئي، خاص طور بمبئيءَ جي سرڪاري
ڇاپي ۾ اها سُڌِ انگريزي، پارسي ۽ گجراتيءَ ۾ ڏني
ويئي. واپاري پڻ هن سنڌوءَ تي واپار، سو به
انگريزن جي نظرداريءَ هيٺ، جو فائدو ترت تاڻي ويا
۽ مئي1835ع ۾ ئي بمبئيءَ جي ايراني واپاري محمد
رحيم شيرازيءَ درخواست وڌي ته مون کي سنڌوءَ رستي
واپار خاطر خط ۽ موڪل ملي ۽ ٻئي مهيني سندس گماشتو
محمد طاهر سنڌ ڏي اُسهيو، جتي حيدرآباد جي ميرن
سندس سهڻو سواگت ڪيو، ۽ کيس حيدرآباد ۾ يا ميرن جي
حڪومت ۾ ڪنهن به ٻئي هنڌ ڪوٺي وجهڻ جي رخصت ڏني.
هن کان پوءِ ٻيا واپاري پڻ آيا ۽ بمبئي ۽ سنڌ جي
وچ ۾ ويهن ٽنن کان سؤ ٽنن وارن ٻيڙن جي آمدرفت
چڱي وڌي. اهي ٻيڙا اڪثر ريت ڪراچيءَ اچڻ لڳا، پر
ڪي وري شاهبندر پڻ وڃڻ لڳا، جو ئي اُن وقت
سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ بندر هو. ان ريت 1832ع واري
عهدنامي موجب سنڌونديءَ تي واپاري سلسلي جو 1835ع
۾ ئي آرنڀ ٿيو.
جيتوڻيڪ سنڌونديءَ تي واپاري سلسلو شروع ڪيو ويو هو ته
به اُن ۾ اڃا ڪجهه ڪمي رهيل هئي، ۽ ها هئي
سنڌونديءَ جي دوآبي ۽ سنڌ جي سامونڊي ڪناري جي جاچ
پڙتال ڪرڻ. پر انهيءَ لاءِ ڪجهه عرصو ترسڻ جي
ضرورت هئي، جيئن سنڌ جي حاڪمن جا شڪ شبها سميٽجي
وڃن. ڊسمبر 1833ع ۾ بمبئي سرڪار، ڪرنل پاٽنجر ڏي
سنڌونديءَ جي جاچ پرتال لاءِ هڪ عمدو طريقو ۽ خاڪو
تيار ڪري موڪليا، پر هن جواب موڪليو ته هيءُ وقت
اِن لاءِ موزون ناهي. 1835ع ۾ پڻ سنڌونديءَ جي جاچ
پرتال ممڪن نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ، ته ميرن کي اهوئي
شڪ ستائي رهيو هو ته جيڪي به واپاري هند مان سنڌ ۾
سنڌونديءَ تي واپاري سلسلي چالو ڪرڻ بعد اچي رهيا
هئا، سي مڙيئي انگريزن جا ايجنٽ يا ڇاڙتا هئا. خاص
طور محمد رحيم شيرازيءَ بنسبت، ميرن جي بمبئيءَ
واري وڪيل سندسن من ۾ جنسي مانڌاڻو مچائي ڇڏيو هو.
حسين شاهه، ميرن جي گماشتني، حيدرآباد لکي موڪليو
ته محمد رحيم واپار جو فقط ٻاهريون ٻنو رکيو ويٺو
اَٿو، درحقيقت هُو انگريزن جو گماشتو آهي ۽ هُو
شڪارپور جي ڍل جي مقاطعي هٿ ڪرڻ ڪاڻ جا ڪوشش وٺي
رهيو آهي سا پڻ سندن ئي پاران. ميرن پڻ اها ڳالهه
کڻي ڳنڍ ٻڌي هئي. پر ڪرنل پاٽنجر ۽ سندس نائبن
سنڌونديءَ تي واپاري سلسلي ۾ ڪوبه گهڻو ۽ خاص
چاهه ڪين ڏيکاريو، نڪا ڪا دست اندازي ڪئي، جنهنڪري
مير صاحبن پاڻ محسوس ڪيو ته سندن شڪ شبها بيجاءِ
هئا. تنهنڪري 1835ع جي آخر ۾ سنڌوءَ جي جاچ پڙتال
لاءِ ٺيڪ وقت اچي سهڙيو. خاص ڪري انهيءَ وقت
سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ ڳچ ٻيڙين جا حادثا ٿيا،
جنهنڪري جاچ پڙتال جي پاڻ گهڻي گهرج محسوس ڪئي
ويئي. |