سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :4

نياز همايوني

 

آءُ، اي مومل! ته بدلايون هميراڻو سماج

 

حالتن سان ڪين ٿوٺهڪي اڌوراڻو سماج،

جنهن جو نالو آهه بي معنيٰ، اميراڻو سماج،

نئين جياپي ۾ کپي نئون ساهه سيباڻو سماج،

جنهن کي سڀڪو چئي سگهي سک سانت جو راڻو سماج:

ڪين ٿوگهرجي اسان کي هي انڌو ڪاڻو سماج،

آءُ، اي مومل! ته بدلايون هميراڻو سماج.

 

ٿي رهي فطرت سندءِ جنهن ۾ نِرهه تعليم کان،

ٿو رهي درجوسندءِ جنهن ۾ ڪِريل تعظيم کان،

پست آهن حوصله تنهنجا جتي تنظيم کان،

خالي آهن مسئلا تنهنجا جتي تفهيم کان:

ظلم جي تو سان ٿو کيڏي راند ڏيراڻوسماج،

آءُ، اي مومل! ته بدلايون هميراڻو سماج.

 

جنهن ۾ تنهنجي حالتن جو فيصلو تقدير تي،

جنهن ۾ توکي حق ڏنل ناهي سندءِ تدبير تي،

جنهن ۾ تنهنجي هستي آهي منحصر تحقير تي،

جنهن ۾ تنهنجي زندگي جي ٻيڙي آهي سير تي:

ڄڻ ته آهي ڪنهن انڌي چاڪيءَ جو گهاڻو سماج،

آءُ، اي مومل! ته بدلايون هميراڻو سماج.

 

انقلاب آيا ڪئي، بدلي نه پر فطرت سندءِ،

حال ماضيءَ ۾رهي ساڳي ڏکي حالت سندءِ

زندگيءَ ۾ ڪانه اُسري ڪائي ڀي حسرت سندءِ،

هي سماج آهي ته رهندي ڪين اڃا وقعت سندءِ:

توکي سمجهي ٿو پيو چوريءَ جو ناڻو سماج،

آءُ، اي مومل! ته بدلايون هميراڻو سماج.

 

زندگي اهڙي به ڇا، جنهن ۾ نه ڪا هلچل هجي،

موت جي جنهن جي مٿان دشمن جيان بَل بَل هجي،

نيڻ ٿين ان کان الا، غم کان دل بيڪل هجي،

آس بڻجي لاش، اُڌامن مٿس گهل گهل هجي:

ڪيستائين پيو ڪندو هي ڪِيس ڏاڏاڻو سماج،

آءُ، اي مومل! ته بدلايون هميراڻو سماج.

 

نياز علي شاهه ’محسن‘

 

چوٽَ

 

منهنجا جذبات حَسين چوٽ تي تڙپي اُٿندا،

ڪو چوي ٿو ته لکان، ۽ مان لکي ٿو ويهان:

هِي به تسليم ته فنڪار چون ٿا مون کي،

تجربو آهه، بِلادير چئي ٿو ويهان.

 

چند بي ربط سِٽون، چند پريشان افڪار،

فڪر تي زور ڏئيِ وقت وڃايان ويٺو:

ٿي سگهي ٿو ته ڪري حَظ ّ ڪو حاصل ان مان،

ڪنهن جي ارشاد جي تعميل ۾ ڳايان ويٺو.

 

منهنجا جذبات حسين چوٽ تي تڙپي اُٿندا،

 پوءِ جو ڪجهه به لکان، سو به ٻُڌي ڪو ويهي:

غير ممڪن جو اُنهيءَ کان نه ٿئي متاثر،

پوءِ ديسي ئي هجي يا ڪو هجي پرديسي.

 

ڪو هجي، چوٽ  مٿان چوٽ ڪري ’محسن‘ تي،

منهنجا جذبات حسين چوٽ تي تڙپي اُٿندا:

منهنجا اشعار، حياتيءَ جو ترانو بنجي،

مرده دلين کي بهر نوع جياري وجهندا:

منهنجا جذبات حسين چوٽ تي تڙپي اُٿندا،

ڪو هجي، چوٽ مٿان چوٽ ڪري ’محسن‘ تي.

 

ايم.ڪمل

هاءِ اسان جو خواب

 

ڏينهن رات زندگيءَ جي ٿا گهاڻي ۾ پيڙهجون،

رڳ رڳ ٿي چٿرجي، ٿئي هڏ هڏ ٿو چُور چُور:

کڙ تيل پوءِ به ڪهڙو ٿو نڪري انهيءَ مان، ڏس،

ساڳئي ستم ۾ ٿا لُڇون، راحت کان دور دور.

مَکڙيون ٽِڙيون نه آس جون، گذري تمام عمر،

دل جي چمن ڏٺيون نه ادائون  بهار جون:

ملڻو نه هو، ۽ ڪين مليو دل کي ڪجهه قرار،

ڳالهيون ئي بس ٻڌيوسين، اي يارو، قرار جون.

ڏيندو به ڪهڙو سيڪ دلاسن جو آفتاب،

ڪِرندو زمين تي ناهي هوائي ڪڪر جو آب:

جي چال هيءَ مَٽي نه زماني جي گردشن،

هرگز’ ڪمل‘ نه ٿيندو حقيقت اسان جو خواب.

 

عبدالله ’خواب‘

واديء مهراڻ جا ميڪدا

ذڪر اڄ اهلِ وفا جو هن ڀريءَ محفل ۾ آهه،

نامراديءَ ۾ مرادن جو نظارو دل ۾ آهه،

هڪ جهان آباد جن جو منهنجي آب و گِل ۾ آهه،

ڪاروان انسانيت هن دۇر جو منزل ۾ آهه:

قوم جي ڪشتيءَ کي ڪامل ناکُئا ملندا رهن،

” واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

ميڪدي مان دل جي چشما شوق جا ڦُٽندا رهن،

فيض جا هٿ پِرت جي پياسن اڳيان وڌندا رهن،

دل جي پيماني کي نظرن جا نشا چڙهندا رهن،

جي سڪايل سُرڪ جا، سرشار سي ٿيندا رهن:

مَي مجازي ۾ حقيقت جا نشا کلندا رهن،

” واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

دۇر جت نغمات جي مَي جو سدا هلندو رهيو،

سوز جو ڍڪ دل جي پيماني کي جت رسندو رهيو،

سرخرد جو جت مغني جا قدم چمندو رهيو،

پيار جو نغمو جنون جي ساز تي وڄندو رهيو:

ارمغانِ انجمن اهڙا سدا جيئندا رهن،

” واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

پيٽ ۾ جنهن جي لڪل آهن ڪتبخانه قديم،

 جنهن تمدن ۾ ڪئين پيدا ٿيا فائق،فهيم،

جن جي عظمت اوج جي تاريخ هڪ آهي ضخيم،

جن جي يادن جا دلين تي نقش ٿا اُسرن عظيم:

ڪارناما تن جا ٻچڙا قوم جا پڙهندا رهن،

”واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

ڪنهن ڀِٽُن جي ريت مان تعمير ڪئي جاي حيات،

پيش ڪئي ڪنهن قلبِ ملت جي سدائين واردات،

ڪنهن ڏني صبح وطن کي شامِ ظلمت کان نجات،

ڪنهن جي رودادن ڪئي تعمير ادبي ڪائنات:

ڪارناما تن جا ڀل تاريخدان لکندا رهن،

”واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

ميڪدي جي هيءَ نئين ترتيب عبرت خيز آهه،

وقت جي اڄ رند کي ماحول جي مهميز آهه،

وقت جي مُلاّ عداوت جي مهم ڪِي تيز آهه،

ڇا ٿيو، جي وقت جو صوفي کڻي شب خيز آهه:

دهريت جا ٿا وطن ۾ جيوڙا وڌندا رهن،

”واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

امن جي ديويءِ  جو پهري ويس ٿا رهزن اچن،

شب عروسيءَ کي ملي ٿي ڪنوار ويڙهيل در ڪفن،

ڪيئن ٿئي برباد ٿو معصوم جذبن جو چمن،

شرم کان ڪنڌ ٿي جهڪائي  ڪيئن نه اڄ ارضِ وطن،

وهڪري ۾ وقت جي جت بيگنهه لُڙهندا رهن،

”واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

اي ابا اڄ ۽ سڀاڻي جا، اڃا اڳتي وڌو،

وقت جي گهرجن مطابق ملڪ کي پيغام ڏيو،

نا اميديءَ ۾ اُميدن جو ڏيئو روشن ڪريو،

جن به حق تلفي ڪئي، تن غاصبن کان حق وٺو:

ظلم استبداد جا ٽوڻا سڀئي ٽُٽندا رهن،

”واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

زندگيءَ جي ’خواب‘ کي بيدار ڪر تعبير سان،

زندگيءَ جا مرحلا سڀ طيّ ٿين تدبير سان،

ڀل وطن جي خاڪ کي ڀيٽي ڏسو اڪسير سان،

قوتون پنهنجون رکو قائم عمل تسخير سان:

آب و گِل زرخيز آهي، حوصلا وڌندا رهن،

”واديء مهراڻ جا شل ميڪدا وسندا رهن!“

 

شمشير الحيدري

تخليق

 

ڪئين ڪروڙين سال ڌرتيءَ جو وجود،

ڪئين هزارين سال آدم جو جنم:

دمبدم، تخليق جي ميدان ۾،

پيا پُڄائن شرط هستي ۽ عدم.

 

ڪيترو نئون، ۽ وري ڪيڏو قديم،

زندگيءَ جي راهه جو هرهڪ قدم:

هر گهڙيَ  گويا ازل کان ٿي شروع،

هر گهڙي گويا ابد تي ٿي ختم!

 

سونهن ۽ سُرهاڻ جي تقدير ۾،

مُکڙين جي مُرڪ لُٽبي ئي رهي:

سج ُّ ڪِرڻا ئي اُپائيندو رهيو،

چند جي چانڊاڻ ساڳي ئي رهي _

(ريڊيو پاستان حيدرآباد جي شڪريي سان)

 

آزاد نظم

 

امداد حسيني

آخري فيصلو

اسين پنهنجي پيارين زمينن جي معصوم معصوم سينن تي ڏاڍن  جا ناپاڪ ناپاڪ، بيڊول، بيرحم، منحوس، کهرا قدم ڪيئن سهون؟ جن تباهيون مچايون،

۽ گهر گهر جي سک چين، آرام، راحت محبت کي برباديون بخشيون،

شاهران جي شاداب جوڀن کي ويرانين جا ستم بخشيا،

منزلن جي جواني لُٽي!

ڏينهن ڏٺي جو ئي معصوم دلين تي ڌاڙا هنيا،

الفتن کي لٽيو!

۽ اسان جي ئي سامهون، اسانجين سدا سبز ٻنين کي باهيون ڏنيون،

جن جا شعلا اڃا تائين ڪن ٿا پيا عرش سان ڳالهيون!

اسين پنهنجي پيارين، مقدس زمينن جي معصوم معصوم سينن تي ڏاڍن جا ناپاڪ ناپاڪ، بيڊول

        بي رحم منحوس، کهرا قدم ڪيئن سهون!

جن سوَن جانبازي جون اڻملهه  ۽ روشن،

 سچي سون جهڙيون  جوانيون ۽ جانيون ائين بيدليءَ سان لتاڙيون، ۽ بيلوث بيلوث سهڻين، سٻاجهين سٻاجهين وفائن ۽ دلبر، سڳورين سڳورين سچاين جي محبوب محبوب مُنهڙن تي ڪارنهن مَلي:

جن ڪنول جهڙي  نرمل ۽ شفاف اکڙين کي لڙڪن جي آتش  ڏني،

ڌڙڪندڙ  نرم دلين کي زهريلي  زخمن  سان جهوري  وڌو!

۽ سدا مرڪندڙ سرخ سنهڙن چپن کان کسي گيت مٺڙا، پيارا، قيامت  جون آهون ڏنيون!

۽ گلابن کان ڳاڙهن ڳلن کي ڏئي زرديون، زندگيءَ جي حسين، چنڊ  جهڙين جبينن کي قاتل سياهيءَ جي داغن سان چچري ڇڏيو!

اسين پنهنجي پيارن، مقدس زمينن جي معصوم معصوم سينن تي ڏاڍن جا ناپاڪ ناپاڪ، بيڊول، بيرحم، منحوس،کهرا قدم ڪيئن سهون!

جن جي معمولي  لغزش اسان کي نهوڙي نيو: هٿ ڇڏائي ويا، ٻانهون وڇڙي  ويون، نيڻ ڇلڪي پيا، قرب ڪُسجي ويا، نعمتون موڪلائي ويون،

رحمتون منهن کي موڙي ويون راحتون ٿي ويون اجنبي،

روشنيءَ منهن کي ويڙهي رنو،

ظلمتون رقص فرما ٿيون!

اهڙي ماحول ۾، ڪيستائين جيئون؟

ڪنهن جي خاطر جيون؟

انهيءَ کان ته اي دوستو، ساٿيو، همرهو! اڄ اچو ڪو ڪريون فيصلو___ ها، اچو، ها اچو، آخري فيصلو! همدمو، دلبرو، جانبازو،

ته پنهنجين پيارين، مقدس زمينن جي معصوم معصوم سينن تان ڏاڍن جا ناپاڪ ناپاڪ، بيڊول، بيرحم، منحوس، چالاڪ چالاڪ، کهرا قدم جيڪي آهن سدا نت نين سازشن ۾ رُڌل، تن کي سهڻي ، سچاري، سٻاجهي،سڀاڳي، سدوري،سونهاري، سڳوري وطن مان هڪالي ڪڍون: جيستائين جئيون، مرد ٿي هوشوءَ وانگي جيئون ديس خاطر جيئون!“

  

غزل

مراد علي ’ڪاظم‘، مرحوم

 

دل بتِ ناڪام جي بي فيض جوڀن تي ڪِري،

برقِ ناميدي تمنائن جي خرمن تي ڪِري.

واءِ منهنجي ساده بختي، جو نگاهه انتخاب

هڪ بتِ ڪافر ادا، چالاڪ و پُرفن تي ڪِري.

ٿي به جي ورکا گلن جي، ٿي سڄي صياد تي،

جي ڪِري بجلي ته بلبل جي نشيمن تي ڪِري.

عشقِ بت کان عقل منهنجي کي ملي جنهندم شڪست،

چوٽ کائي ڪاميابي منهنجي قدمن تي ڪِري.

عارض گلگون تي مرواريد ٿِي چمڪيو عَرَق،

ماڪ جِي يا بوندَ وقتِ  صبح سوسن تي ڪِري.

بلبلِ محروم جِي شايد قفس ۾ٿي وفات،

ٿي رُئي بادِ صبا هر شاخِ گلشن تي ڪِري.

ڪجهه  حجابِ ڪمسنيِ، ڪجهه فخرِ حسنِ بي پناهه،

ڪُنج رُوبند آهه تنهن لئه رُوي روشن تي ڪِري.

آفرين ، ’ڪاظم‘ وفا جي امتحان لئه، بعد مرگ،

خاڪ اُڏايائون سندءِ، ته به هُن جي دامن تي ڪِري!

 

 

امداد حسيني

 

هي مينهن منهنجي اکين سان پڄي ته ڏيکاري،

سندءِ پلاند تي ڪنهن ڏينهن وَسي  ته ڏيکاري!

 

هي آسمان سرِ ديوانه ٿي ته ڏيکاري،

درِ حضور تي سجدو ڏئيِ  ته ڏيکاري!

 

گلاب جو به کلڻِ آهه پنهنجي جاءِ تي خوب،

کِلي ٿو منهنجو سڄڻ جيئن ،کِلي ته ڏيکاري!

 

اهو اسان تي ئي ڇڏيو ته ڪيئن ٿا پرچايون،

بطورِ شوق اوهان مان رُسي ته ڏيکاري!

 

صبا گلن جي ڳلن تائين ئي رَسي ٿِي سگهي،

اسين جتي ٿا رسون، اُت رَسي ته ڏيکاري!

 

ذري ذري وڃي ٻاهر اُگهن ٿا لڙڪن کي،

ڪو حالِ درد مسلسل ٻُڌي  ته ڏيکاري!

 

دلِ غريب کي واعظ ٿو روز روز ڀڃيَ،

اچي ڪنهن رند جو ساغر ڀڃي ته ڏيکاري!

 

چمن ۾ ڪير ٿو صيّاد جي نظر کان بچي،

نسيم ِ صبح گلن کي چُمي ته ڏيکاري!

 

اسان جون ڳالهيون آهن بهار جون ڳالهيون،

ويهي رهيو جو اسان وٽ، اٿي ته ڏيکاري!

 

سڏائي صاحبِ فن جيڪو پاڻ کي، ’امداد‘

اچي، ۽ ههڙو غزل هيئن لکي ته ڏيکاري!

 

عبدالله ’خواب‘

 

اربابِ محبت جو اگر دم نه هجي ها،

دنيا ۾ ڪڏهن سلسلہ غم نه هجي ها.

 

الامِ جهان، خوفِ اجل ، فڪرِ قيامت،

هڪ تنهنجو ڪرم ٿئي ها ته ٻيو غم نه هجي ها.

 

هر شب هو شبِ قدر، صبح عيد سڄي عمر،

”ڇاڇا نه هجي ها، جي فقط غم نه هجي ها.“

 

هي دل جو پکي ڦاسي ڪڏهن ڪونه سگهي ها،

جي زلفِ گره گير ۾ ڪو خم نه هجي ها.

 

ڇَلڪي نه پوي اشڪ متان داغِ جگر تي،

ڇا لطف هو، اکڙين جي اندر نم نه هجي ها.

 

هي حسن ۽ هي عشق ٻئي لازم و ملزوم،

جنت نه هجي ها ته جهنم نه هجي ها.

 

اسرار ڪڏهن عشق جا ظاهر نه ٿين ها،

جي عشق ڪڏهن حسن جو محرم نه هجي ها.

 

اي ’خواب‘، ڪڏهن گل نه ٽڙي ها ڪو چمن ۾،

غنچن کي لڳل سحر جي شبنم نه هجي ها.

 

عبد القيوم ’صائب‘

 

ڪٿي آهه نُوري ڪٿي ڄام آهي؟

زماني جي پوري روش خام آهي.

 

محبت ۽ ميلي جا نغما پراڻا،

اڃا سوز ساڳيو ۽ سو دام آهي.

 

اندر مان ته اُڌما اٿن ٿا، و ليڪن،

خدا ڄاڻي  ان جو ڇا انجام آهي.

 

ڪريون ڪرت ڪهڙي، اسان جي ته وس ۾

نه شيشو ، نه ساقي، نه ڪو جام آهي.

 

ڪنارا تلائن جا، ٽَڪرين جا دامن،

ڍڪيءَ ويل نظرن ۾ ٻي شام آهي.

 

ٿڌيري هوا ۽ بتيلي جي چر پر،

ڪيو يادِ ماضي بي آرام آهي.

 

کليا وار ڀنڀا، ڪهاڻيون شروع ٿيون،

چُريو ساز الفت سر شام آهي.

 

کڻي آک نهاريون ته ڏوهي ٿيون ٿا،

ڪڇڻ ۽ پڇڻ کان، لڇڻ عام آهي.

 

بچايو ڇا ماريو، اوهان جي ئي مرضي،

هي ٻانهو اوهان جي پيو سام آهي.

 

شڪايت حڪايت جو نازڪ نمونو،

رسيو سهڻي  سائينءَ جو پيغام آهي.

 

حقيقت کي جيڪو  چپن تي ٿو آڻي،

سو اک ۾ رهي ٿو ۽ بدنام آهي.

 

کڻي ڪهڙو آيو ڪلام آهين،’ صائب‘،

ٻَڌو ڄڻڪ حاجيءَ ڪو احرام آهي.

 

احمد شاهه’استاد‘ بخاري

 

سائل ٿو جهلي جهول، تَڪي تنهنجي ئي در ڏي،

ڏاتارَ، قلم ۾ ۽ زبان ۾ ڪو اثر ڏي!

سوچي  ته رڳو ذات بشر لاءِ ڀلائي،

نوڙي ته فقط تنهنجي اڳيان، اهڙوئي سر ڏي.

مظلوم اڳيان ميڻ جي دل مون کي عطا ڪر،

ظالم جي اڳيان مون کي همالي جو جگر ڏي.

ڏي  فقر ۽ فاقن کان اڳي خُوي حسيني،

حيدر جي سخا ڏين ته ڀلي مال ۽ زر ڏي.

ڪُلفت جا جهانن  جا جهان جنهن سان جلايان،

اهڙو ڪو محبت جو سندم دل ۾ شرر ڏي.

تصور ڏسڻ ساڻ مصو ّر کي سڃاڻان،

خلاّقِ دو عالم، تون اُها خاص نظر ڏي.

طي ڪرڻو حياتي جو سفر آهه اڙانگو،

’استاد‘ کي ايمان ۽ همت جو ثمر ڏي.

 

محبوب سروري

 

رهبر جي رهي ويس ۾ملبوس ٿو رهزن،

انصاف جي پردي ۾ سوين ڏوهه ٿا پلجن.

 

پُرخار زمين سرخ ڪئي جسم جي زخمن،

گويا ڪه نظر آيو ٿي هر گام تي گلشن.

 

ٿئي ڇو نه ڀلا عشق بشر ساڻ بشر جو،

بندي سان خدا جو به ٿئي عشق ٿو ممڪن!

 

ڪنهن وقت نه ڪن تنهنجي گريبان ڏي سڌو هٿ،

اي دوست، چريا ڀلجي به وس پنهنجي نه ڇڏجن.

 

تون ايترو محدود نه ٿي، بام تي بيٺل!

عشّاق اڄوڪا ٿا وڃيو چنڊ تي پهچن.

 

ٿوري تي قناعت ڪري، مخمور رهڻ سان،

ساقيءَ جي بخيليءَ جو ڪيو منهن مٿي مستن.

 

ڪجهه سمع خراشي به ٿي در محفلِ ياران،

محظوظ گهڻن کي ڪيو’ محبوب‘ جي نغمن.

 

رشيد ’ارشد‘

 

دنيا ڪارڻ ديوانه،  اهلِ هوس توڙي دانا.

جشنِ طرب جي خوشين ۾، ڀُليا غم جا افسانا.

 

توکي مڃان، ساقي، جي ڀرين، عشق جي مي سان پيمانا.

نفس جي بتخاني اڳيان هيچ آهن سڀ بتخانا.

 

پنهنجي هار مڃيندا خود، دنيا جا سڀ فرزانا.

رشڪِ اِرم ٿيندا هڪ ڏينهن، صحرا، جهنگل، ويرانا.

 

ڪير اٿم ٻيلي، ڄاتم،  يارو اوهان جا شڪرانا.

فصلِ بهارانً آڻيندا، ’ارشد‘ جهڙا ديوانا.

 

بشير ’مورياڻي‘

 

موسمن وٽ، نه چنڊ تارن وٽ،

تنهنجو غم آهي سو گوارن وٽ.

بي سهارن جو ڪو سهارو ناهه،

ڪو سهارو نه آ سهارن وٽ.

جيڪي وچَ سِير مان بچي نڪتا،

ٿي ويا غرق سي ڪنارن وٽ.

تن جي ويجهو وڃي ڏٺو مون آهه،

روشني ناهي ماهپارن وٽ.

ڪٿ به مليو نه آهه صدق و خلوص،

پنهنجي يارن ۽ رازدارن وٽ.

تنهنجي سڪ جي عجب سڳنڌَ سوا،

ڪجهه نه آ تنهنجي اشڪبارن وٽ.

نه سڪون جي طلب ’بشير‘ آهي،

بيقراري آ بيقرارن وٽ.

 

واسديو ’نرمل‘

دل تي پٿر رکي ڏٺو آهي،

مون به غم ۾ کلي ڏٺو آهي.

مان به ڄاڻان ٿو ته من جي پيڙا، دوست! چار ڏينهن مون به جِي ڏٺو آهي.

درد ٻئي جو ڏسي نه ٿئي همدرد، اهڙو همدرد ڀي ڏٺو آهي.

هاڻ پرواني جان جلڻ گهرجي،  شمع وانگر جلي ڏٺو آهي.

ڇڏ خدارا شراب ۽ لذت،  هاءِ اسان ٿورو پِي ڏٺو آهي.

دک ڀريل هن جهان ۾، ’نرمل‘ جو ڏٺو سود دُکي ڏٺو آهي.

 

سيروُ ’سياهه‘

 

چشمِ نم مان ڪو لڙڪ ٽپڪي اُٿيو،

جام مان ڄڻ شراب ڇلڪي اُٿيو.

 

تو نهاريو بهار جيان مون ڏي،

منهنجو اُجڙيل چمن به ٻهڪي اُٿيو.

 

تنهنجي نيڻن ۾ اهڙي مَي کي ڏٺم،

ڏسندي ، منهنجو قدم ئي بهڪي اُٿيو.

 

راهه ۾ ياد جي ڪٿي آئين،

هر قدم تي چراغ چمڪي  اُٿيو.

 

ذڪر محفل ۾ ايئن ته ٿيو تنهنجو،

ڄڻ انڌيري  ۾ شعلو ڀڙڪي اُٿيو.

 

رات جون ظلمتون  گذاريندي،

آسمان ۾ وهائو  مُرڪي اُٿيو.

 

حافظ محمد ’احسن‘

 

(ذوقافيه)

خدا جي نام اي دلدار، مون سان وصل هيڪر ڪر،

رُسڻ جي ريت ڇڏ هاڻي، سگهو اي ناز پرور وَر.

 

غمِ فرقت ۾ ٿيو اڄ حال منهنجو قابل رحم آهه،

ڪرين شفقت، ڏسين، هيءُ حال منهنجو اي ستمگر گر.

 

لبن تي جان آئي اڄ، پسائج پاڪ پيشاني،

اڃا ڇو دُور گهارين ٿو، لنگهي اچ يار اندر در.

 

سدائين چشم تر آهيان، شمار آهي نه لڙڪن جو،

انهيءَ باعث هميشه ٿو رهي منهنجو هي بستر ترَ.

 

اچي اي رشڪِ ليليٰ، عاشق مجنون کي مل تون،

جنون ۾ مثل مجنون جي وسايم تو لئه دلبر بَر.

 

سوا ديدار جي آرام ناهي ڪو، چوي دل ٿي،

اُڏامي اڄ وڃان اُن ڏي، ٿين پيدا جي ڪنهن پَرِ پَر.

 

لنگهيو جو سيمبر دلدار اڄ بازار مان آهي،

انهيءَ جي عڪس کان آهي پئي ٿي ساري بازر زر.

 

فراقِ يار ۾ ٺاهي ويس ’احسن‘ غزل جهٽ پٽ،

اکين جي آب باري کان ٿيو سارو هي دفتر تر.

 

’حليم‘ ڪوٽائي

 

خودي جو جام کپي، جامِ بيخودي نه  کپي،

خوديءَ کا دور هجي، اهڙي زندگي نه کپي.

خودي اُها کپي، جنهن ۾ خدا به ياد رهي،

رهي نه جنهن ۾ خدا ياد، سا خودي نه کپي.

سا شاعري کپي، جنهن ۾ هجي عمل جو پيام،

اسان کي ’زلف ۽ ابروءَ‘ جي شاعري نه کپي.

نگاهه، جا حق و باطل ۾ امتياز رکي،

اُها نگاهه کپي، ڪا نگاهه ٻي نه کپي.

جَبين جُهڪي ته خدا جي اڳيان جهُڪي، ورنه

بتن جي پاڻ کي بيڪار بندگي نه کپي.

سُکن ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڏکن ۾دور ٿيڻ،

اي دوست، مون کي اها تنهنجي دوستي نه کپي.

هجي جو خدمتِ خلقِ خدا کان دور، ’حليم‘

اُنهيءَ رذيل جي ملت کي رهبري نه کپي.

 

’آثم‘ ناٿن شاهي

 

نازنين جوناز ڇا چئجي! ناز ڀي دلنواز، ڇا چئجي!

هڪ اشاري ۾ دل ئي لُٽجي،  تنهنجي رمزن جو راز، ڇا چئجي!

 

عشق جي ئي نصيب ۾ آخر،  سوز ڇا ۽ گداز، ڇا چئجي!

سِرُ لکي ڏي ته يار راضي آهه،  واه، بنده نواز ڇا چئجي!

 

حُسن جي دلفريب شوخين کان، عشق ۽ بي نياز، ڇا چئجي!

عشق آڏو جُهڪي ويو آخر، حُسن فتنه طراز، ڇا چئجي!

 

زندگيءَ جي طويل منزل ۾،  هي نشيب و فراز، ڇا چئجي!

ڇيڙ ’آثم‘ نه دل جي تارن کي،  درد وارو هي ساز ڇا چئجي!

  

منير سولنگي

 

پاڻ کي آ شڪار ڪرڻو پيو، حسن کي نامدار ڪرڻو پيو.

عشق کي ڪامگار ڪرڻو پيو، هي سمو سازگار ڪرڻو پيو.

هڪ نئون انقلاب آيو   آهه، عزم کي پائدار ڪرڻو پيو.

ڀل رسن شباب تي مکڙيون،  گلستان ۾ بهار ڪرڻو  پيو.

عاشقن جي عجيب حالت تي،  پيرهن تار تار ڪرڻو پيو.

دلربا بيوفا   ٿيو،  ليڪن  ڀروسو بار بار ڪرڻو   پيو.

بخت پنهنجو’منير‘ ڏسڻو آهه، يار جو انتظار ڪرڻو پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com