مسلمانن جي تعليمي زوال جا اسباب:
دراصل مسلمانن جي تعليمي زوال جو سبب حڪومت برطانيه جو ظلمانه
تسلط هو، جنهن ’صد ساله‘ راڄ ۾ هندستان جو ’رت ۽
ست‘ نپوڙي ڇڏيو هو. هندستان جي بدبختي ۽ محڪوميت
جي تاريخ ايسٽ انڊيا ڪمپني (East
India company) جي اقتدار کان شروع ٿي آهي، جا ظاهر ۾ تاجرانه مقصد
سان آئي. زرڪشي ۽ نفعي خوري کان سواءِ ٻيو ڪوبه
سندن مقصد ڪونه هو. بقول جسٽس سيد محمود، ”ڪمپني
جي مالڪن جو خيال هو ته تجارت ۽ ٻين ذريعن سان
هندستان جي زياده ۾ زياده ملڪيت هٿ ڪجي؛ ڪمپني اهل
ِ هند کي تعليم ڏيڻ جي خلاف هئي“ (تاريخ التعليم
ص2، از جسٽس محمود). ٻيو ته آمريڪا ۾ تعليم ڏيئي
ان جو نتيجو ڏسي چڪا هئا، اهو خطرو هت به دامنگير
هو. کين اهو فڪر ۽ خوف هو ته ڪٿي ’سوني جهرڪي‘
هندستان به هٿ مان نه نڪري ! تنهنڪري تعليم جي
بجاءِ، ان وقت جا ٻيا ديسي تعليمي ذريعا به ختم
ڪرڻ شروع ڪيائون. بقول ايڪنس سمنڊي (Eckons
Somondy)
ته ’جڏهن ڪا قوم غلام بنائبي آهي، تڏهن سڀ کان اول
فاتح قوم پنهنجي مفتوح قوم جي تعليم کي تباهه ڪرڻ
ضرور سمجهندي آهي، ڇو ته ” علم ۽ غلامي “ ڪڏهن به
گڏ هلي نٿا سگهن‘، ( تعليم هند ص ص 8-7). فاتح قوم
کي پنهنجي تهذيب ۽ دۇر
گذشته جو علم ٿيندو، اها قوم اٿي کڙي ٿئي ٿي، ۽
غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي ٿي ڇڏي. انگريزن به اهو ئي
ڪم ڪيو هندستان جي هندن ۽ مسلمانن جي تهذيب، تمدن،
تاريخ ۽ مذهب کي ختم ڪيائون. نيون نيون تحريڪون
پيدا ڪري، هندن ۽ مسلمانن کي مذهبي پاڳل بنائي،
پاڻ ۾ويڙهايائون.خلافت ۽ ڪانگريس کي ختم ڪرڻ لاءِ
آريه سماج تحريڪ، مسلمانن جي خلاف ۽ قادياني مذهب،
هندن ۽ آرين جي خلاف ڪم ڪيو. آريه تحريڪ هلائڻ
لاءِ سوامي شرڌانند کي ۽ قادياني مذهب هلائڻ لاءِ
مرزا غلام احمد قادياني کي آزاد ڇڏيو ويو. سياسي
ليڊرن کي هڪٻئي ۾ ويڙهائڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيائون، جنهن
جا نتيجا اڄ تائين هلندا اچن ٿا.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان اڳ نظام تعليم:
1- انگريزن کان اڳ هندستان جو تعليمي انتظام ڇا هو، ان
لاءِ خود انگريزن جو اعتراف ٻڌو: ’هي ظاهر آهي ته
جڏهن انگريزن هندستان تي قبضو ڪيو، تڏهن قومي
تعليم جو سلسلو ڪافي طور موجود هو.، (تعليم هند ص
2)
2- مسٽر لڊلو (Mr.
Lidlo)
پنهنجي ڪتاب تاريخ برطانوي هند (British
India)
۾ لکيو آهي : ’مون کي يقين آهي ته هندستان جي هر
ڳوٺ ۾ جو پنهنجي قديم شان ۽ شوڪت جو مالڪ هو، عام
طور ٻار لکڻ پڙهڻ ڄاڻندا هئا. خاص ڪري حسابن ۾ کين
مهارت حاصل هئي، ليڪن اسان بنگال وانگر جيئن ديسي
سسٽم (home
system)
فنا ڪيو آهي، تيئن مدرسا به فنا ٿي ويا آهن.‘ (
تعليم هند ص 2)
3- پروفيسر ماڪس ميلر (Prof.
Max malr) سرڪاري ڪاغذات جي بناءَ تي لکي ٿو: ’ انگريزن کان اڳ بنگال ۾
اسي هزار مدرسا هئا، يعني جي ٻي معنيٰ ته آبادي جي
هر چاليهن ماڻهن لاءِ هڪ جدا مدرسو هو.‘ (تعليم
هند ص 3)
4- ريونٽ وارڊ (Revenat
Warad)
1851ع ۾ بيان ڪيو آهي ته ’انڊيا ڊسٽرڪٽ
اسڪولن
سان ڀريل آهي، اتي هر ايڪٽيهن ٻارن لاءِ هڪ سڪول
آهي.‘ (تعليم هند ص 3)
5-
ڪپتان الگزينڊر هيملٽن (Alexander Hamilton)
جو حضرت اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ هندستان آيو
هو، تنهن پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي تعليمي نظام
متعلق لکندي هڪ شهر ٺٽي لاءِ لکيو آهي:
’شهر ٺٽي (سنڌ) ۾ چار سؤ ڪاليج (مدارس عاليه) مختلف علوم ۽ فنون
جا هئا.‘
انهن حوالن مان واضح ٿو ٿئي ته انگريزن کان اڳ هندستان
علم ۽ فن جو مرڪز هو ۽ رڳو سنڌ ۽ ان جي به هڪ شهر
ٺٽي ۾ چار سؤ ڪاليج علم و فن جا هئا! پر هندستان
کي جاهل بنائڻ لاءِ انگريزن ڇا ڪيو؟ ان لاءِ
هندستان جي تباهيءَ جي تاريخ ڏسجي.
6- ڊيو آف ڊيون شائر (Duke
of Davinshire) صفائي ۽ سچائي سان بيان ٿو ڪري: ’هي غير دانشمند عمل ٿيندو جو
هندستاني زيور علم سان آراسته ٿين ۽ جديد تهذيب،
جديد علم و ادب ۽ جديد ترقي کان انهن کي سيراب ڪجي
۽ پوءِ انهن کي اهو به چيو وڃي ته ملڪي معاملات ۾
حصي وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته اول يورپين حڪمرانن کان
ڇوٽڪارو حاصل ڪريو!‘ (تعليم هند، ص 8)
خطرو ۽ خوف
جهالت جي چڪيءَ ۾ پيسجندي عوام ڪجهه پاسو بدلايو، ۽ ڪمپني بهادر
به خطرو محسوس ڪيو. لارڊ منٽو (Lord minto)
وائسراءِ هند سنه 1811ع ۾ هڪ طول طويل يادداشت لکي
ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس (Court
of directors)
کي موڪلي، جنهن ۾ لکيو ته ’ تعليم زوالپذير آهي.
هندن ۽ مسلمانن کي مذهبي ۽ ڌرمي تعليم نه هجڻ ڪري
دروغگوئي، خون ۽ جعلسازي جا ڪيس وڌي رهيا آهن،
تنهنڪري تعليم وڌائجي، ۽ ڪجهه ڪاليج قائم ڪجن ۽
بجيٽ ۾ تعليم تي زياده خرچ ڪرڻ جي گنجائش پيدا
ڪجي.‘ ان سفارشنامي، پهچڻ سان هڪ تعليمي ڪميٽي
مقرر ٿي، جنهن ۾ مختلف عالمن شاهديون ڏنيون. انهن
ڇا ڇا چيو؟ ٻڌو!
سرٿامسن ٽرٽن (Sir Thompson Tirton)
جي راءِ:
هائوس آف ڪامنس (House of Commons.)
۾ سرٿامس ٽرٽن تقرير ڪندي چيو ’اوهان هندستانين کي
ڪهڙو فائدو ڏيندا؟ اوهان انهن جي ملڪ کي خراب ڪيو
آهي ۽ انسانن کي برباد ڪيو آهي. بيشڪ پنهنجي ذاتي
حفاظت لاءِ اوهان انهن ماڻهن کي ڌوکي، دغا ۽ جهالت
۾ مبتلا ڪيو آهي!، (تعليم هند ص5)
قانون:
آخرڪار 1813ع ۾ ڪمپٽيءَ جي سفارش تي پارليامينٽ ۾ هڪ قانون پاس
ٿيو؛ جنهن ۾ پهريون ڀيرو هندستانين کي تعليم ڏيڻ
جو مسئلو پاس ٿيو؛ ۽ هندستان جهڙي ملڪ لاءِ، جنهن
جو هرهڪ صوبو يورپ جي بيلجم، هالنڊ، هنگاري ۽
پورچوگال جيڏو آهي، تنهن ساري هندستان لاءِ فقط
ساليانه تعليمي خرچ هڪ لک روپيا منظور ٿيو. ستم
ظريفي ملاحظه فرمايو جو اها رقم 1813ع کان 1823ع
تائين پورا ڏهه سال عملي طور استعمال نه ڪئي ويئي،
جنهن تي 1823ع ۾ آنريبل ايم الفنسٽن
(Hon M. Elphiniston)
۽ آنريبل ايف. وارڊن (Hon
F. Warden) ٻنهي ڄڻن گڏجي، هڪ يادداشت گورنمينٽ کي موڪلي، جنهن جي نتيجي
۾ اها ڏهن سالن جي منظور ٿيل رقم استعمال ڪئي
ويئي.
ذريعهء تعليم:
انگريز هڪ لک ساليانه خرچ منظور ڪري حاتم طائيءَ جي سخاوت کي
شهه ڏني هئي، مگر ان وقت تعليمي ذريعو فارسي ۽
سنسڪرت زبانون هيون. ان وقت اها تحريڪ شروع ٿي ته
انگريزي زبان کي ذريعه تعليم (meduim
of instruction) بنائجي. 1829ع ۾ اليگزينڊرڊف چاهيو ته هڪ اهڙو اسڪول قائم
ڪجي، جنهن ۾ ذريعه تعليم انگريزي زبان هجي، مگر
حڪومت اجازت نه ڏني. ان کان پوءِ 1835ع ۾ دوباره
ڪوشش ٿي.
لارڊ ميڪالي جي مڪاري
جديد تعليمي تحريڪ جو سنگ بنياد:
1835ع ۾ لارڊ ميڪالي (Lord Mecallay)
جي زير صدارت هڪ تعليمي مجلس ويٺي جنهن کي هي
مسئلو ڪرڻو هو ته آيا هندستانين کي تعليم انگريزي
زبان ۾ ڏجي يا فارسي ۽ سنسڪرت ۾ ڏجي؟ مجلس ۾ خوب
بحث هليو، راءِ شماريءَ ۾ مخالف ۽ موافق سڀ
برابر سرابر رهيا، ۽ فيصلو ڪونه ٿيو، پر لارڊ
ميڪالي پنهنجو ڪاسٽنگ ووٽ (Casting
vote)
انگريزيءَ جي حق ۾ استعمال ڪيو، ۽ هندستان جي
بدبختي ۽ غلاميءَ تي هيءُ نوٽ لکيو:
’اسان کي هڪ اهڙي جماعت بنائڻ گهرجي، جا اسان ۾ ۽ اسان
جي ڪروڙها افراد رعيت ۾ ترجماني جا فرائض بجا آڻي،
۽ اها جماعت اهڙي هئڻ گهرجي، جا خون ۽ رنگ جي لحاظ
کان ڀلي هندستاني هجي، پر مذاق ۽ راءِ، مزاج ۽
سمجهه جي اعتبار کان ” انگريزي“ هجي.‘ (تاريخ
التعليم: از ميجر باسو، ص ص 87 ۽ 77)
اهي آهن اغراض ۽ مقاصد جديد تعليم جي سنگ بنياد جا، جن
تي تعليمي تعمير ٿي آهي، ۽ اها عمارت اڄڪلهه عرض
پيما آهي، ۽ اهو ساڳيو نظام اڄ به موجود آهي.
عيسائيت جي تبليغ:
ان دۇر
۾ عيسائي پادري مبلغ ساري هندستان کي عيسائي بنائڻ
جا خواب لهي رهيا هئا، سي استادن جي حيثيت سان
هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخل ٿيا. مسلمانن کي ڏٽهڻ
۽ جديد تعليم کان نفرت جو پهريون وڏو سبب اهو
پيدا ٿيو. جڏهن ته هندو هڪ نسلي سوسائيٽي آهي،
تنهنڪري انهن ڌرم ڪرم جي سوال کي ڇڏي پوريءَ طرح
تعاون ڪيو. پادري صاحبان ان تي به خوش ٿيا. سندن
خوشيءَ جو اندازو ان تعليمي ڪميٽيءَ جي رپورٽ مان
لڳائي ٿو سگهجي، جا 1831ع ۾ هشت ساله رپورٽ جي
نالي شايع ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته
’هندو ڪاليجن ڏي توجهه ۽ تعاون ڪرڻ اسان جو مکيه
فرض آهي. ان مان اميد افزا نتيجا نڪتا آهن،
انگريزي زبان جي واقفيت سان گڏ اخلاقي ترقيءَ جا
آثار به نمايان ٿيا آهن. وڏن خاندانن جي نوجوانن ۾
هندو مذهب جي بندشن کان آزاد ٿيڻ لاءِ بيقراري
پيدا ٿي چڪي آهي، هو پنهنجي مذهبي رسمن کان
بيزاريءَ جو اعلان ظاهر ظهور ڪري رهيا آهن. غالباً
ٻئي نسل ۾، ڪلڪتي جي هندن جي خيالات ۽ محسوسات ۾
وڏي ”مادي تبديلي“ ايندي.‘ (تاريخ التعليم: از سيد
محمود، ص 35)
ان طرح سر فريڊرڪ هيليڊي 1835ع ۾ شاهدي طور ٻڌايو: ’مان
سمجهان ٿو ته هندو ڪاليجن ۾ انجيل جي تعليم ايتري
گهڻي آهي، جو انگلنڊ جي ڪنهن پبلڪ اسڪول ۾ ڪانه
هوندي!، (’روشن مستقبل‘،طفيل احمد، ص 136)
الغرض ان دۇر
۾ انگريزي تعليمگاهه ، تبليغي ادارا بنجي چڪا هئا،
تنهنڪري مسلمان تعليمي مفاد کي پنهنجي مذهبي ۽
قومي مفاد تي ترجيح نه ڏيئي سگهيا.
صوبائي زبانون:
1831ع ۾ مرڪزي گورنمينٽ صوبائي حڪومتن کي حڪم موڪليو ته
هو سرڪاري طور پنهنجي پنهنجي صوبي جي زبانن کي
اهميت ڏين، ۽ فارسي زبان کي خارج ڪن. فارسي زبان
انگريزن ۽ آخري حڪومت (مغليه) جي معاهدي موجب
دفتري زبان هئي. عهد شڪني ڪري، سڀني صوبن جي
صوبائي زبانن کي اهميت ڏيڻ ڪري ساري هندستان کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون.
ملازمت لاءِ لياقت:
وري 10- آڪٽومبر 1844ع ۾ لارڊ هارڊنج هڪ ريزيوليشن
ڪڍيو، جنهن موجب سرڪاري ملازمت لاءِ انگريزيدان کي
ترجيح ڏني وئي. هي حڪم عين ان وقت ڏنو ويو، جڏهن
هندستان جا مسلمان مفلوڪ الحال ۽ معاشي تنگيءَ جو
شڪار ٿي چڪا هئا. لاچار مسلمان ملازمت ۽ پيٽ گذر
لاءِ انگريزي تعليم وٺڻ لاءِ آماده ٿيا، پر جڏهن
اسڪولن ۾ عيسائيت جي تبليغ ڏٺائون، تڏهن ڪلڪتي جي
مسلمانن دانهون ڪيون، ۽ لکيو ته ” سرڪار جا لکها
روپيا عيسائيت جي تبليغ لاءِ خرچ ٿي رهيا آهن.‘
جنهن تي پارليامينٽ حڪومت هند جي طرفداري ڪندي
غيرجانبداري جو اعلان ڪيو. اهواعلان برائي نام هو.
سر چارليس ٽريويلين، آءِ سي. ايس جو بيان:
28- جون 1853ع سر چارلس (Sir
Charles) هائوس آف ڪامنس ۾ هڪ بيان پڙهيو، جنهن ۾ ٻڌايائين ته ’ 1853ع
جي ٺهراءُ موجب سرڪاري ادارن ۾ انگرزي ڪتبخانا
قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ انجيل به رکيل آهن.
ڪاليجي ڪتابن ۾ انجيل جا حوالا به آهن، ۽ ڪيترا
مضمون عيسائيت متعلق آهن، جنهن مان نتيجو اهو نڪتو
آهي، جو تعليم يافته هندو ڪاليجي شاگردن عيسائي
مذهب قبول ڪيو آهي، تن جو تعداد عيسائي ڪاليجن
جيترو آهي.‘
(تاريخ تعليم از سيد محمود، ص ص 22- 27)
مدارس جو احتجاج:
عيسائيت جي تبليغ جي خلاف دير سان هندن به اکيون پٽيون ، مدراس
جي هندن سخت احتجاج بلند ڪيو. 1852ع ۾ هڪ
عرضداشت ...... صاحب مدارس کي موڪلي وئي، جنهن ۾
هندن ۽ مسلمانن گڏجي حصو ورتو.
1857ع آزاديءَ جي جنگ:
انهن حالتن هيٺ ’1857ع ۾ هندستان جي آزاديءَ جي پهرين جنگ‘ لاءِ
هندو ۽ مسلمانن گڏجي ڪوشش ڪئي، جنهن کي انگريزن
بغاوت ۽ بلوو تصور ڪيو، ۽ تاريخن ۾ به بغاوت ڪري
لکيائون.
آزاديءَ جي پهرين جنگ جي ناڪاميءَ جا اسباب ڪهڙا هئا، اهو هڪ
نئون تفصيل طلب بحث آهي، جو ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ پيش
ڪيو ويندو، بالاخر حڪومت برطانيه ۽ عيسائي مبلغن
اهو رايو پيدا ڪيو ته ان بغاوت جا باني ’مسلمان‘
آهن، هندو رڳو هنگامي حالتن ۾ شريڪ ٿيا آهن. چنانچ
هيرنگٽن ٽامس لکيو آهي ته ’ مون بيان ڪيو آهي ته
بغاوت غدر (1857ع) جا باني هندو نه آهن، اها
”مسلمانن جي سازش“ هئي. مسلمانن خليفي اول (ترڪي)
جي وقت کان اڄ تائين مغرور، غيرروادار، ۽ ظالم
رهندا آيا آهن. سندن مقصد ” اسلامي حڪومت جو قيام“
آهي، کين عيسائين لاءِ نفرت آهي. هو ڪنهن به غير
مسلم حڪومت لاءِ ”وفادار رعايا ٿي نٿا سگهن، ۽ ”
قرآني احڪام“ جي موجودگيءَ ۾ اهو ناممڪن آهي.‘
(حڪومت خود اختياري، صص 55، 57)
رد عمل:
1857ع جي رد عمل ۾ ڇا ٿيو؟ پسمانده، مسلمان قوم جي باقي
رهيل قوت کي به ختم ڪيو ويو، سندن بچيل ملڪيتون
ضبط ڪيون ويون، سوين بيگناهه مشهور عالم(قريباً ست
سؤ) ڦاسي تي چڙهيا، ۽ مولانا فضل الحق خير آبادي
کي انڊ مان ٻيٽن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن وڃي ان
ٻيٽ کي آباد ڪيو، ان لاءِ سر آڪلنڊ صاحب گورنر
صوبه متحده (U.P)
فرمايو آهي: ”غدر ناڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اسان
مسلمانن کان سخت انتقام ورتو، ۽ ٻنهي قومن،
انگريزن ۽ مسلمانن جي مصالحت جي اميد هميشہ لاءِ
ختم ٿي.‘ (روشن مستقبل طفيل احمد، ص 153). ان
انتقامي جذبي جي ماتحت مسلمانن کي هر شعبي مان
خارج ڪيو ويو.
مسلمانن جواعتراف:
هندستاني مسلمانن جي رد عملي، سياسي، انتظامي ۽ اخلاقي لياقتن
جو اعتراف خود انگريزن کي به هو. هينري هرنگٽن
ٽامس لکي ٿو: ’تعليمي ذوق ۽ ذهني صلاحيت جي اعتبار
کان مسلمان هندن کان گهڻو وڌيڪ فائق آهن، نسبتاً
هندو انهن جي اڳيان ’طفل مڪتب‘ آهن. منجهن ڪارگذار
جي اهليت زياده آهي، تنهنڪري سرڪاري ملازمت تي ئي
موزون آهن. انهن کي سرڪاري ڪمن ۽ ملڪي معاملن کان
گهڻي واقفيت آهي، ۽ انهن جي راءِ کي گهڻي وقعت
حاصل آهي.‘ ( تعليم هند ص 59)
ٿامس آرنولڊ جي تعلمي رپورٽ:
ٿامس آرنولڊ 57-56ع ۾ صوبه پنجاب جي تعليمي رپورٽ مرتب ڪئي
هئي، ان ۾ مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ جو اعتراف
هنن لفظن ۾ ڪيو اٿس: ’معلمي نقطه نظر سان ميدان
مسلمانن جي هٿ ۾ آهي ۽ اسڪولن ۾ مسلمان شاگرد
گهڻائيءَ ۾ آهن.‘ (تعليم هند.)
انتقام جو نتيجو:
انگريزن مسلمانن کي تعليمي ۽ اقتصادي طور اهڙو تباهه
ڪيو، جو مسلمان هميشہ لاءِ ختم ٿي ويا. ڊاڪٽر هنٽر
پنهنجي ڪتاب” مسلمانان هند“ ۾ لکيو ته ’1879ع ۾
ڪلڪتي ۾ مشڪل سان ڪو سرڪاري دفتر اهڙو هوندو، جي
اوهان کي مسلمان ملازم ملندا، ۽ اهي هوندا چپراسي،
پٽيوالا، يا ٽپالي. انهن کان سواءِ ٻي ڪنهن به
ملازمت ملڻ جي اميد مسلمانن کي ڪانه هئي.‘ (روشن
مستقبل ص 150)
ملازمت کان جواب:
انگريزن ملازمت لاءِ انگريزي تعليم کي لازمي بنايو.
مسلمانن نهايت تڪليف سان انگريزيءَ ڏانهن رجوع
ڪيو. ڏٺائون ته هاڻي رزق جو دروازو به بند ٿي چڪو
آهي، مگر انگريزي پڙهڻ کان پوءِ به کين ملازمت کان
جواب مليو. سروليم هنٽر ڪلڪتي جي هڪ فارسي اخبار
مورخه 14- جولائي 1869ع جي حوالي سان لکيو آهي ته
’ سندر بن جي ڪمشنر، گورنمينٽ گزيٽ ۾ اعلان ڪيو هو
ته جي ملازمتون خالي ٿين انهن تي ”هندن“ کان سواءِ
ٻي ڪنهن به ماڻهوءِ کي مقرر نه ڪيو وڃي.‘ (
مسلمانان هند: وليم هنٽر)
ان خبر جي ترديد گورنمينٽ هند ڪانه ڪئي.
ان کان پوءِ سر وليم هنٽر لکي ٿو ته ’مسلمان هاڻي ايترو
هيٺ ڪري چڪا آهن، جو باوجود ملازمت جي هجڻ جي به
کين ملازمت ڪانه ٿي ملي. سرڪاري اعلانن موجب خاص
احتياط سان مسلمانن لاءِ ملازمت جا دروازا بند ڪيا
ويا آهن، انهن جي بيڪسي ڏانهن ڪوبه توجهه ڪونه ٿو
ڪيو وڃي، ۽ اعليٰ حڪام انهن جي وجود کي تسليم ڪرڻ
پنهنجي شان جي گهٽتائي ٿا سمجهن.‘ (مسلمانان هند،
سر وليم هنٽر، ص 158؛ روشن مستقبل ص 159)
مظلومانه درخواست:
اها قوم جنهن هڪ هزار سال هندستان تي بادشاهي ڪئي، تنهن
لاءِ عرصئه حيات تنگ ڪيو ويو. سروليم هنٽر اوڙيسا
جي هڪ درخواست جو مضمون نقل ڪيو آهي، جا هنن
مظلومانه انداز ۾ گورنر صاحب کي موڪلي، ان جو
خلاصو هي آهي:
’بحيثيت وفادار رعايا بحضور ملڪه معظمه‘
’عرض ته اسان کي به سرڪاري ملازمت حاصل ڪرڻ جو حق آهي.
دراصل حقيقت هي آهي ته اوڙيسا جا مسلمان ايتريقدر
پيسجي چڪا آهن جو هاڻي انهن جي اڀرڻ ۽ اسرڻ جي ڪا
اميد باقي نه رهي آهي. نسل جي اعتبار کان شريف
آهيون، پيشي جي اعتبار سان غريب آهيون، ۽ اوهان جي
سرپرستيءَ کان محروم آهيون. اسان جي حالت اُن
مڇيءَ وانگر آهي، جا پاڻيءَ کان ڪڍي ٻاهر اڇلائي
ڇڏجي! هينئر اسان جي اها بدحالت آهي جا حضور ۾ پيش
ڪري رهيا آهيون ....... اسان کي اميد آهي ته
بلالحاظ رنگ و ملت سڀني قومن سان هڪجهڙو برتاءُ
ڪيو ويندو. سرڪاري ملازمتن مان خارج ٿيڻ کان پوءِ
اسان جي مفلسي ۽ مايوسي ان درجي تي پهتي آهي، جو
اسان کي ويهه روپيا به ماهوار ڏنا وڃن ته اسان
دنيا جي سڀ کان دور دراز مقامات تائين سفر ڪرڻ
لاءِ تيار آهيون، حتاڪ هماليه جي برف بار چوٽين تي
چڙهڻ لاءِ تيار آهيون ۽ سائبريا جي ويران ۽ سنسان
بيابان ۾ ’ڀٽڪڻ‘ لاءِ تيار آهيون.‘
(مسلمانان هند از ڊاڪٽر هنٽر، ص ص 175- 176؛ روشن مستقبل، ص ص
150- 160)
ٻه رايا:
حقيقت هيءَ آهي ته بقول آنربيل امبڪاچرن موزمدار
’گورنمينٽ هند، پنهنجي عملدرن جي ابتدائي زماني ۾
مسلمانن جي مقابلي ۾ هندن کي گهڻو نوازيو ۽
وڌايو.‘
ان طرح مسٽر چارلس گرانٽ ڊئريڪٽر ڪمپني لکي ٿو ته ’
هندو ايترو دل جا ڪمزور آهن، جو انهن ۾ سياسي
آزادي حاصل ڪرڻ جيتري قابليت پيدا ٿيڻ جي ڪابه
اميد نه آهي. ان جي خلاف حڪومت کي اهو خوف هوندو
هو ته اسان حڪومت به مسلمانن کان کسي آهي.‘
حڪومت کسڻ جي طاقت به مسلمانن ۾ ئي آهي، تنهنڪري
مسلمانن کي هر شعبئه حيات ۾ ختم ڪيو ويو. هڪ طرف
مسلمانن جي اقتصادي ۽ معاشي زندگي قريب قريب ختم
ڪئي وئي، ٻئي طرف انهن کي تعليم ۽ تربيت کان محروم
رکيو ويو، تان جو جڏهن انگريزن کي خوف ٿيو ته
مبادا اسان جي ڪم توجهيءَ ڪري وري مسلمان بغاوت
لاءِ آماده ٿين، تنهنڪري پنهنجي نسلي مڪاري کي
مدنظر رکي مسلمانن جي مٿي تي هٿ گهمايائون ۽ 13-
جون 1873ع ۾ وائسراءِ هند هڪ طول طويل ٺهراءُ
بحال ڪيو، جنهن ۾ خاص طور بيان ڪيائون ته ’ مسلمان
گورنمينٽ جي نصاب جي خلاف نه آهن، پر هو ’نظام
تعليم‘ جي خلاف آهن ۽ ’ ذريعه تعليم‘ سان اختلاف
رکن ٿا.‘ ( تاريخ تعليم، سيد محمود، ص 151)
’موجوده طرز تعليم جو خاڪو هندن جي ضرورتن آهر بنايو
ويو آهي، ۽ مسلمانن کي يڪسر نظرانداز ڪيو ويو آهي.
اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مسلمانن جي گهٽتائي ڪو حيرت
انگيز امر نه آهي، بلڪ مٿين حالتن ۾انهن مسلمانن
جو زندهه رهڻ هجڻ وڌيڪ حيرت انگيز آهي!‘ (تاريخ
تعليم: سيد محمود ص 155)
سر جيمس جي راءِ:
سر جيمس جو مسلمان باغين جي تحقيقات لاءِ مقرر ٿيو هو،
۽ جنهن جي تحقيقات جي نتيجي ۾ هزارها مسلمان ڪاري
پاڻيءَ جي سزا وٺي چڪا هئا، اهو به هن طرح ٿو
فرمائي: ’اسان ائين نٿا چئي سگهون ته مسلمانن جي
بي اطميناني بي بنياد آهي.‘
’سالن جا سال لاڳيتو مسلمانن کي نظرانداز ڪيو ويو اهي،
انهن جي وجود ۽ اطاعت کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويو
آهي، انهن جي طرف غفلت ڪئي ويئي، ايتري قدر جو
مسلمانن جا اوقاف جن، جي آمدني مان اسلامي ڪاليج
هلندا هئا، سي به رد ڪري ڇڏيا ويا ۽ اهي رقمون ٻين
ڪمن ۾ استعمال ڪيون ويون اميد آهي ته موجوده غفلت
کان پوءِ عاقلانه ۽ فياضانه حڪمت عملي کان ڪم ورتو
ويندو!‘
(ڪلڪته ريويو، آڪٽوبر. 1870ع ص 195؛ ’روشن مستقبل‘ ص 166)
ايترين شاهدين کان پوءِ به هيءَ حقيقت تحقيق طلب رهي ٿي
ڇا ته مسلمانن جي تعليمي زوال جا اسباب ڪهڙا هئا ۽
ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، ۽ سر سيد جو نظام ڪيترو مفيد
رهيو ۽ سندس مخالفن جو نقطهء نظر ڪيترو صحيح هو؟
مٿئين تاريخي پس منظر جي روشنيءَ ۾ چڱيءَ طرح ملاحظه
ڪري سگهجي ٿو ته شبليءَ ۽ اڪبر الهه آباديءَ ۽
بلبل جا خدشا ڪيتري قدر معقول هئا. انگريزن جي
سياسي استبداد نه پنهنجي تعليمي نظام سان برصغير
هند جي ڪروڙن ماڻهن جي نه فقط زاويه نگاهه کي
بدلائي ڇڏيو، پر انهن جي تهذيب ۽ تمدن تي ملمعو
چاڙهي کين پنهنجي اصل ۽ زندگي بخش مذهبي ۽ تهذيبي
قدرن ۽ سرچشمن کان همشہ لاءِ جدا ڪري ڇڏيو. نتيجي
طور هڪ اهڙي غلام قوم جنم ورتو، جنهن جو دماغ به
مائوف ته دل به مائوف! سندس فڪر و نظر جون سڀ
صلاحيتون ئي مفلوج ٿي ويون. اڳتي هلي، ’پرديسي
سامراج’ کي قائم ۽ دائم رکڻ جي سلسلي ۾ خود هندن ۽
مسلمانن حصو ورتو. ان قسم جي تاريخي ٽريجڊي، اقوام
عالم جي تاريخ ۾ ڪٿي به نظر نه ايندي. ان جا دوررس
نتيجا، جي اڳتي هلي نڪتا، اڄ به موجود آهن. تقسيم
کان پوءِ به اڃا تائين اهو ويڇو موجود آهي، جنهن
جو انگريزن ٻج ڇٽيو هو. ان قسس جي نتيجن کي ان دۇر جي دوررس نگاهن اڳي ئي تاڙي ورتو هو، جن ۾ ’بلبل‘ به هڪ هو.
انگريزن جي دۇر
۾ مشنريز جي تبليغي ڪم سرانجام ڏنا، اهي تاريخ ۾
موجود آهن. مرحوم ’بلبل‘ ان مسئلي کان به غافل نه
رهيو. هڪ طرف طنز ۽ مزاح سان نقالن ۽ ٽوڊين تي
ڪرڙي نظر رکندو آيو ته ٻئي طرف مسيحي پادرين سان
به مقابلو ڪندو رهيو. ان سلسلي ۾ پاڻ پادرين سان
دوبدو مناظرا به ڪيائين، ته ’آفتاب‘ ۾ ڪيئي مضمون
به لکيائين. افسوس اهو آهي ته ’بلبل‘ جي ناقدن ۽
سونح نگارن سندس ان پهلوءَ تي ڪابه نظر نه ڪئي
آهي. ان سلسلي ۾ فقط هڪ – اڌ مثال ڏيڻ ڪافي ٿو
سمجهان .
اها سڀني کي خبر آهي ته ’آفتاب‘ اخبار (سکر) جي اجراءِ
جو مقصد هو سياسي بصيرت پيدا ڪرڻ، ۽ مسلمانن ۾
مذهبي شعور جاڳائڻ. ان سلسلي ۾ مرحوم ’بلبل‘ جا
پادرين ۽ انهن جي ڇاڙتن سان معرڪا ٿيندا هئا.
مولائي شيدائي راوي آهي ته ان دۇر
۾ عيسائي مشنري، پوليس جي پهري هيٺ شهر جي چوسولن
تي بيهي کلم کلايو عيسائيت جي تبليغ ڪندي، اسلام ۽
بانيءَ اسلام تي حملا ڪندا هئا. مرحوم ’بلبل‘، ’
آفتاب‘ جي مزاحيه ڪالم ۾ مسلسل لکڻ شروع ڪيو. سندس
قلم تلوار وانگر پادرين جي ’دلين ۽ شهبن‘ کي ڪاٽڻ
شروع ڪيو. سندس مزاحيه رنگ جو اقتباس ڏجي ٿو:
’ڪلهه مارڪيٽ جي چوسول تي سفيد جُبي پاتل شيطان ابن شيطان کي
وعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو.
افسوس، مون وٽ دمشق جي خمدار ترار ڪانه هئي جو هن
جي سسي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسيءَ وانگي ڌڙ کان ڌار
ڪري، ”ايوبي سنت“ کي تازو ڪريان ها !‘
’بلبل‘ جو اشارو سلطان صلاح الدين ايوبيءَ ڏانهن آهي،
جنهن صلبيي جنگين ۾ يورپ جي مسيحي قومن جي اجتماعي
يلغارن کي پاش پاش ڪري فلسطين تي دوباره قبضو ڪيو
هو.
مولائي شيدائي لکي ٿو:
”عيسائي پادرين لاءِ ’آفتاب‘ ويل ٻاري ڏنو. اڃا ٻه هفتا اخبار
کي شايع ٿيندي مس گذريا ته مسلمان وعظ ڪندڙ،
پادرين کي کليو کلايو گاريون ڏيڻ لڳا. ڪن مسلمانن
کي فوجدار هرداسمل فوجداريءَ تي گهرائيءَ دٻائڻ
لڳو. ’بلبل سنڌ‘ کي خبر پيئي، ته ڪالم ۾ فوجدار جي
اهڙي لاک لاٿائين جو ٻاهر نڪرندو هو ته پوليس وارو
ساڻ کڻندو هو.‘ (روزانه ’مهراڻ‘ 62ع)
ان متعلق مرحوم بلبل مزاحيه ڪالم ۾ هن طرح لکيو :
’مسلمانو! ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو. توهان کي خبر هجي ته تعليم
پرائڻ سان اوهان جا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بڻجي ويندا.
هڪڙو واڻيو گهورڙئو، گڏهه تي ڪوهرن جو ڪُنو رکي،
ڪوهر وڪڻندو هو. پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جو
پڙهي فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت جا کيس پِتا
ٽوپڻداس کان ورثي ۾ ملي هئي، سا پٽيءَ مٽجي نه
سگهي. سياڻن سچ چيو آهي:
”گڏهه گهوڙو نه ٿئي، جي سونَ وجهينس سنج،
توڙي پاٽيون وجهينس پنج، ته به ڊوڙيو وڃي گند تي.“
(روزانه ’مهراڻ‘، ساليانه نمبر 62ع)
مرحوم بلبل جي تلخ ڪلامي اگرچ آهي ناگوار، پر ان دۇر
۾ جڏهن مسيحي پادري اسلام ۽ بانيءَ اسلام تي حملا
ڪندا هئا ۽ ڪي آفيسر تائيد ڪندا هئا، تڏهن ان قسم
جي تحرير ئي جوابي طور لکي سگهجي ٿي، جنهن جي
نتيجي ۾سکر مان پادري ائين گم ٿي ويا. جيئن گڏهن
جي مٿي تان سڱ!
مرحوم بلبل پنهنجي فن جو تعارف هن طرح ڪيو آهي:
پنهنجا عيب سڀڪو ڏسي ٿو سگهي،
ڏسي نه ته هي اعمالنامو پڙهي،
اسان جو چوڻ وس، ٻڌڻ ڪم سندن،
ٻڌي ڀي عمل پاڻ ڪن، يا نه ڪن.
پڙهي روز هي تازيانو رکو،
نه هڪدم ڏسي، زير زانو رکو.
هي کل مسخريءَ ۾ نه آڻيو شمار،
مگر هي ڏسي، ٿيو گهڻو شرمسار.
چوڻ جو چوڻ، کِل ّ جي کل ّ آهه،
ذهن ۽ ذڪا لئه وڏي ذِل ّ آهه.
رڳي کل ڄاڻي سو آ ڪم فهم،
پسي حال ٿئي غور واري کي غم.
جي ڄاڻو ته جنسي اٿوَ جام جم،
ڏئي ٿو سوڳ ڪائي سڪندر جو ڪم.
ڪڍيم ساري دنيا جو نقشو شفاف،
ته اخلاق فاسد جوفوٽو گراف.
گدا کان وٺي تا به شاهه و امير،
سڀئي هڪ نه هڪ باب ۾ هِن اسير.
اگرچه سڏائن سعادت مآب.
ته ڀي ڪنهن نه ڪنهن باب جو ٿَن عتاب.
ڪڍو ڪوڙ دل مان ته ڄاڻو صحيح،
پڙهي ٿيو پشيمان صالح صريح.
ظرافت ۾ آندم نصيحت تمام،
جو پنهنجا ٻين کان ڏٺم عيب عام.
سڄي خلق جو آ ڦري ويوخيال،
هي پنهنجو انهن ساڻ آندم مثال.
اگر آهه لائق ته عبرت وٺي،
ڏسي عيب پنهنجا نصيحت وٺي.
سنواريون سڌاريون، هي عادات خام،
سنڀاليون اسان پاڻ پنهنجو مدام.
اسان پنهنجو ايمان ٻوڙي ڇڏيو،
دنيا جي پُٺيءَ دين لوڙهي ڇڏيو.
آخر ۾ دعا گهرندي ’بلبل‘ چوي ٿو:
وسيلا، اسان جي اچي واهه ڪر،
تون گهمراهه کي برسرِ راهه ڪر.
سڀن مؤمنن کي تون رک، اي رحيم،
هدايت، سعادت مٿي مستقيم.
مرحوم ’بلبل‘ ’سنديدان‘ ۽ سنڌيءَ کي مظلوم ڪري پيش ڪيو
آهي. ائين، جئن مجيد لاهوريءَ جو رمضاني ۽ مولوي
گلشير خان!
سنڌيدان، ساده دل ۽ شريف الطبع، مشرقي اخلاق ۽ اطوار جو
مجسمو. ان جي مقابلة، انگريزيدان، ڪمار ۽ عيار،
نقال ۽ نخريباز.ويتر جو وقت جو حڪومت مٿس ملازمت
جون نعمتون گهوري وڌيون، سو مڙس وڃي آسمان رسيو.
جديد تهذيب جي نقاليءَ ۾ رڱجي، نقلي صاحبلوڪ ٿي
پيو. عياش ۽ اوباش به پهرئين درجي جو. انجي مقابلي
۾ سنڌيدان، مسڪين ۽ مفلس، بيروزگار ۽ قلاش رهجي
ويو. ڪن عقل جي انڌن ۽ مت جي موڙهن، ان ترقي
معڪوس کي ترقي سمجهي، کڳيون هڻڻ شروع ڪيون ۽ چوڻ
شروع ڪيو ته دين ۽ دنيا جي ڀلائيءَ جو راز آهي
مغربي تهذيب ۽ انگريزن جو نظام تعليم! ’بلبل‘ اهڙن
جي خوب خبر ورتي آهي، ۽ ظاهر ۾ ’سنڌيدان‘ تي طنزيه
انداز ۾ جُلهون ڪيون اٿس. ظاهر ۾ سنڌيدانن تي لعنت
ملامت آهي، پر باطن ۾ سنڌيدانن جي شرافت ۽ ساده
دليءَ جي تعريف ڪيل آهي. افسوس اهو آهي ته ڪن
مؤلفن ’بلبل‘ جا هي شعر ڪونه پڙهيا آهن:
پڙهيا سي ته ڇا سڀ اجايا اکر،
لچائي، ٺڳي، ٺاٺ، ڪوڙ ۽ مڪر.
نه عربي ادب نا فقہ نا اصول،
نه ٿي معرفت يا حقيقت حصول.
سنڌيدان:
سنڌيدان جو مرقعو هن طرح بلبل پيش ڪيو آهي:
سنڌيدان جاهل، سيه رو ۽ سخت، نحس، نااهل، ناخرد، خفته بخت.
سنڌيدان اِڊئٽ، سنڌيدان فول، رڳا جانور جهنگلي ۽ جُهول .
سنڌيدان جي ڪهڙي آ دسترس، سنڌيدان جو مان ’گو ڊيم‘، بس!
سنڌيدان بيدانش و بيعقل، انهن ساڻ صحبت نه گهرجي اصل.
سنڌيدان ڪمبخت ڪم روزگار، نه لائق اضافي نه قابل شمار.
سنڌيدان جو ورڪ ويري خراب! ويچاري کي آفيس ۾ ڀي نه آب.
سنڌيدان کي ڪين ملندو گريڊ، سنڌي ڊَل ّ ۽ و ِيڪ، بيڪار بئڊ.
سنڌيدان جو لسٽ ۾ لاسٽ پي، سنڌيدان کي هڻ بندوقون ڀري.
جو سنڌيءَ جي سروس ۽ سنڌي ڊريس، ڪرائيس ڊسمس، هلائي ٿي ڪيس
سنڌيدان اهڙا ته آهن ذليل، سزا تي انهن جي نه آهي اپيل.
سنڌيدان ڪمظرف، ڪِچرو حقير، پري ڀڄ انهن کان جئين تيز تير.
اڳيئي سنڌيدان صدقي جو ساهه، پڙهيو جي نه انگلش ته ويتر تباه.
سنڌيدان محروم سرڪار کان، انهن جي خوروپوش اسرار کان.
سنڌيدان کان گهر خدا جي پناهه، انهن سان ملڻ قاعدي جو گناهه.
سنڌيءَ جو وٺي ڪونه صاحب سلام، سنڌيءَ جو سماعت نه عرض و ڪلام.
اڪبر جو ڪردار’جمن‘ ۽ مجيد لاهوريءَ جو ڪردار’رمضاني‘، بلبل جي
سُنڌيدان‘ جي مقابلي ۾ هيچ آهن.
انگريزدان:
سنڌيدان جي مقابلي ۾ انگريزيدانن جي مدح بصورت قدح هن طرح
’بلبل‘ بيان ڪئي آهي:
جي ڀانئين ته مولا ٿئي مهربان، ته سک علم تون انگريزي زبان.
انهيءَ علم ٻاجهون هجي جاهلي، شقاوت نحوست ته ٻي ڪاهلي.
جي سنڌي ۽ عربي پڙهيئي پارسي، ته سڏبين وڏو سست ۽ آرسي.
ٽڪر لاءِ محتاج، بيروزگار، هجين حاڪمن وٽ وڏو بيوقار.
پٽيوال ڀي ڪين توکي پڇن، ڪلارڪ ته جاهل ۽ احمق سڏن.
رهن رنج تنهنجا قريب ۽ عزيز، ته لائق ٿئين ڪين، اي بيتميز.
جي عزت جهان جي رکو، ٽِنڊ ٽشَ پڙهو انگلش! انگلش! انگلش!
اهو علم دوست جو آهي دليل، زياده ته ميٽو پڙهي ٿي وڪيل.
اهو علم توکي ڪري عهديدار، ڪلڪٽر ۽ ڊپٽي ۽ مختيارڪار.
اهو علم بخشي فضيلت ڪمال، حڪومت، مزا عيش، اقبال ومال.
انهيءَ ۾ عقل بخت، نعمت الوف، انهيءَ علم ڌاران ڇسو بيوقوف.
بنائي اهو علم حاڪم حريف، رسائي اهو علم لنڊن شريف.
انگريزي نظام تعليم ڪلارڪ ۽ مختيارڪار پيدا ڪيا، جن رشوت تي
سندار ٻڌي، خوب جاوا ڪيا ۽ ملڪيتون ميڙيون. لارڊ
ميڪالي موجوده نظام تعليم جي تشڪيل وقت خوب چيو هو
ته’ هن نظام تعليم جو مقصد آهي ڪلارڪي قسم جا اڌ
پڙهيا ماڻهو بنائڻ، جي انگريزي سلطنت جي ڪاروبار ۾
غلام ٿي رهن ۽ فرمانبدار ملازم ٿي مرن!
جديد تهذيب:
جديد تهذيب، ۽ ان جي بيروح نقالن جو نقشو هن طرح چٽيو ويو:
لباسن نفيسن جي ٿي ٽنڊ ٽانءِ، مڪانن جي زينت سندي زيٽ زانءِ.
گلابند، ڪالر، لڪڙ هاف بوٽ، گهڙي، ڪوٽ، پتلون، چشما، چروٽ.
قميصون ڪفندار، جاڪٽ، جراب، سليپر، سپاٽا، سبائڻ ثواب.
ڏنگي سينڌ، ننڍڙا ڇَتا، مُڇَ دراز، ٽوال ۽ ڪنگي، برش، صابڻ
جوساز.
صفا سر، ته ڏاڙهي چپڙ چٽ قلم، زبان تي به گٽ مٽ رهي دمبدم.
گلي ۾ هجي نيڪٽائي سياهه ته پرش يا ٽرڪش ڪرسچن ڪلاهه.
سڄو ڏينهن سيفي، صبح شام واڪ، هجي هٿ ۾ هنٽر ته ٽم ٽم ٽڙاڪ.
رکڻ هڪڙو بل ڊاگ آهي ضرور، نه تان ٿيندو وڏ ماڻهپي ۾ قصور.
مقرر هجي چاءِ بسڪٽ جو ٽيم، ته جاين جو سينگار، پڪچر فريم.
نصارن جو کانو، نصارا لباس، ڪٻٽ ميز ڪرسي، بتي ۽ گلاس.
نئين طرز پوشاڪ جو ڊيل ڊول، پراڻي ڪيائين ته ٿيو ڊيم فول.
اخلاق ۽ مذهب:
اخلاق ۽ مذهب جي تعليم ۽ مشرقي معاشرت ۽ دينداريءَ ۽
ديانتداريءَ، صبر ۽ شڪر، زهد ۽ تقوا عبادت ۽ خدمت
خلق کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. پر ٽوڊين ۽ نقالن
ان کي رجعت پسندي سڏي ڇڏي ڏنو. جديد تهذيب جي چڪر
۾ اچي، انساني اخلاق جو ٻيڙو تاري وڃي مٿي چڙهيا.
مزو اهو ته ان تي دليل دلائل به ڏيندا رهيا. ان
قسم جي ترجماني، بلبل جي بيانيءَ مان ٻڌو،
انگريزيدان ۽ مغرب زده ٽوڊي ۽ نقال ٿو فرمائي:
هي سنڌي نمونا ڪٿان تو وَدا، جو چارئي لڳو لڳ بَلا تي بَلا.
وفا، شڪر ۽ صبر ۽ راستي! جفا، قهر، ۽ زهر جان ڪا سُتي.
اهي غير جنسون نه قابل شنيد، اسان وٽ نڪي ديده دهر ديد!
مروج نه موزون موسوم آهه، مقامن ۾ رهندي اها بوم آهه.
لکيو آ نه ڪنهن انگريزي لغت، نه قاموس ۾ ڪا ثبوتي صحت.
پراڻيءَ سنڌيءَ ۾ اهولفظ سچ، اسان جي ته ٻوليءَ ۾ ڪوٺين ڪچ.
اڳي هو اهو جانور خورش عام، اسان وٽ ته هاڻي ٿيو آ حرام.
پڇون ڇا انهيءَ کي جو آهي عدم، نه جنهن ساڻ ملطب نه جنهن ساڻ
ڪم.
اسان جي انهيءَ سان ملاوت نه آهه، انهن سان ڪريون ٿا اسان گُڊ
باءِ!
دروغ:
انگريزي راڄ ۾ نقال ۽ ٽوڊي، انگريزي پڙهي، ايميءَ
چڙهيا. آيون اليڪشنون، هر ڪو مڇون صاف ڪري،
ممبريءَ لاءِ اميدوار بنيو. ’سياست‘ جي معنيٰ
ڪيائون دروغ گوئي! سياستدان معنيٰ وڏو ڪوڙو! هڪ
سياستدان پنهنجي ڪامرانيءَ جي وجوهات ۾ ’دروغ
بيفروغ‘ کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. ’بلبل‘ ان جي
ترجماني هن طرح ڪري ٿو:
آها هاها، نالي مِنٺو نامور، اسان جو ته لارڊ، اسان جو ته سَر.
اسان جو ته ديوان صاحب دروغ، لياقت فضيلت جو آهي فروغ.
هي مشهور معروف اوصاف ۾، هتان کان وٺي ڪوهه تا قاف ۾.
هي ڪونسل زماني جو ميمبر مشير، هي لوڪل ڪمشنر، هي پبلڪ سفير.
وڏي هن جي شوڪت وڏو هن جو شان، وڏي هن جي عزت، وڏو هن جو مان.
چيئرمئن سوسائٽي سنڌ جو، رڪن نيشنل ڪانگريس هِند جو.
جي ڪورٽ ۾ تان هن جي ڪرسي مٿي، سول ۾ سندس آهي سرسي مٿي.
هي آهي وڪيلن سندو رزق روز، اصيلن ۽ دزدن سندو درد دوز.
سڀئي قاعدا ڪوڊ هن جا مطيع، سندس فيصلا، سرڪلر، سڀ وسيع.
اسان جو وظيفو اسان جو عمل، اسان جو رمارڪ اسان جو رمل.
اسان جي ٽَريءَ جو ته ايڪسٽرا، اسان جو ته بل آ، اسان جو ته لا.
اسان جو ته آهي وڏو ماسٽر، اسان جو ته جنرل، بڙو ڊاڪٽر.
اسان جي تدابير جو رهنما، اسان جي تجاويز جو پيشوا.
اسان لئه مدارج، اسان جو مدار، اسان جو وطيرو اسان جو وقار.
هي آهي دروغ بيفروغ جو فروغ، جو انگريزن جي دۇر
۾ نقالن ۽ ٽوڊين لاءِ پارس ٿي آيو، ۽ جو اڄ تائين
هلندو اچي.
سنڌيدان تي ڦٺ لعنت:
سنڌيدان ۽ انگريزي دان جي تصوير پيش ڪندي بلبل فرمائي ٿو:
سکئين ڪانه ڪا صاحباڻي سِيرَ، نه گڊ مارننگ مئي ڊير ڪم هير.
پڙهي پارسي تون ته جاهل ٿئين، وڏي قاف سان ڪين قابل ٿئين.
ٿئين تون ته محروم سنڌيءَ سبب، نه توکي مليو ڪوئي سَر جو
لقب.
رهئين تون رڳو هڪ ڄٽاڻو به ڄٽ، جو حاصل ڪيو تو نه سرٽيفڪٽ.
نه تو ڪا پرائي فضيلت لسان، سکئين ڪينڪي انگريزي زبان.
وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان، ڏنا ڪينڪي تو انڌا امتحان.
روينيو، جڊيشل وڪالت وغيره ڪهاڙي سان پنهنجو وڍيئي پاڻ پير.
عمر ڀي اجائي ٿي بيسود صرف، ڪيئي ڪين حاصل ولايت جو شرف.
نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختيارڪار، ٿئين همسرن ۾ ذليل و خوار.
جي بي- اي ٿي توکان بعيد ازقياس، ته ميٽريڪيوليشن به ڪيڙئي نه
پاس!
جي هِن جج سي- ايس چئو تن کي جيءُ، مبارڪ مبارڪ سندن ماءُ،
پيءُ.
ڄڻي توکي مائٽ ته سنڀريا نه سک، مُلون ٿي تنن کي ڏنئي ڏنجهه ڏک.
نه صاحب ڪنهين جو ڪيو ته سلام، نه ديوان ڪنهن سان ٿئين همڪلام.
نه ٿئين ماستر تون تڙو تپّدار، نڪي ڍڪ منشي نه اميدوار.
ڪنهين نوڪريءَ جي نه تو ڪئي تلاش، رهئين تون بيڪار اي بيمعاش.
شيطان ۽ ٽوڊي:
ان دۇر
۾ مذهب ۽ اخلاق کان بيزاري عام ٿي. مذهبي واعظن جي
وعظ ڪو اثر نه ڪيو. قرآن ۽ حديث جي دلائل جي
سامهون پنهنجي نفس پرستيءَ لاءِ عجيب غريب تاويلات
پيدا ڪيا ويا. الله ۽ رسول جي حڪم تي شيطان جي
امر کي ترجيح ڏني وئي. شيطان کي پنهنجو پير و
مرشد، هادي ۽ رهبر تسليم ڪيو ويو. انهن جي شيطان
دوستيءَ يا شيطان نوازيءَ جو نقشو’بلبل‘ هن طرح
پيش ڪيو آهي: هڪ ٽوڊي، شيطان جي مداح ۾ چوي ٿو:
هي بزرگ اسان جو پراڻو آ يار، اسان سان سندس آهي پورو پيار.
رهيو کير ڀائي ته ٻنڌڻن جو دوست، اسان ۽ سندس آهه يڪ لحم پوست.
هجي صحبتي همصلاحو هميش، ڄڻ آهي اسان جو برادر ۽ خويش.
اسان جو ته ابليس مونس انيس، اسان جو ته جاني اسان جو جليس.
اسان جي ته چشمن جو آهي چراغ، سندس جاءِ سينو ته دل ۽ دماغ.
جئين ٿو چوي تيئن ڪريون باالضرور، نڪو عذر معذور، نا ڪو قصور.
نچائي ٽپائي، هڻي ۽ کڻي، اسان سان ڪري کيس جيڪي وڻي.
اسان جي ته آهي انڌي واري لٺ، اسان لاءِ آهي ته گنگا جي گٺ.
اسان کي سندس آهي نڪ ۾ مهار، اٿارڻ ويهارڻ سندس اختيار.
اسين ڀي سندس آهيون قائم مقام، ڀرايونس ٿا ڪنهن امر ۾ سلام.
سکياسون ته اهڙو فريبن جو فن، جو بعضي بدي ۾ وڍايونس ڪن.
ڏئي ينگ مئنن کي پنهنجو اُذن، پرئي مڙس هاڻي وتي پينشن! |