سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :18

غ . م . گرامي

تبصرا

لاٽ (شعرن جو مجموعو). مصنف شمشيرالحيدري؛ صفحا 80، ڪرائون سائيز؛ پنو، ڇپائي، ڪور ۽ گيٽ اپ معياري؛ قيمت 75 پئسا؛ ڇپائيندڙ ’اداره ادب ِ نو‘، الهندو ڪَچو حيدرآباد سنڌ .

سنڌي ادب جي پختي، مَشّاق ۽ بلند حوصله اديب، شمشيرالحيدريءَ جي بلندپايه شاعرانه شاهڪار ” لاٽ“ جو شايع ٿيڻ، سنڌي ادب ۾ متنوع، رنگين، جاذب ۽ زندگي بخش مثال آهي.

        شمشير الحيدريءَ جو مجموعه ڪلام اگرچ ضخيم نه آهي، پر معنوي اعتبار سان ثقه به آهي ۽ معياري به. هي مختصر ڪلام، قديم و جديد ادبي رجحانات ۽ هيئت ۽ اسلوب جي جديد اقدار ۽ معيار تي مشتمل، صحتمند شاعرانه تجربو آهي.

        حيدريءَ پنهنجي فڪري ۽ شعري مشاهدات ۽ ڪيفيات کي تلخ ۽ ترش لب لهجي ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇا لاءِ ته زندگيءَ  جا حقائق ۽ عوامل، قدر ۽ معيار، جيئن پوءِ تيئن تلخ ٿيندا وڃن. زندگيءَ جا سماجي عوامل، ماد ّي ۽ مذهبي، فڪري ۽ سائنسي اثرات کان متاثر ٿي، اڄ اهڙي مرحلي تي پهتا آهن، جتي انساني شعور ۽ تنقيدي زاويه نگاهه کي رجعت پسندانه ۽ مقلدانه علم و فڪر کان مايوس ٿيڻو پوي ٿو. انساني فڪر و عمل اڄ جدت پسندانه اجتهاد ۽ تجربات کي زندگيءَ جي نون قدرن آهر، صحتمند اصولن تي پرکي رهيو آهي.

        ادب ۽  شعر موجوده دۇر ۾ نه فقط هيئت جي اعتبار سان، پر مواد ۽ انداز بيان جي لحاظ سان به وڏو انقلاب آيو آهي. اهو انقلاب قابل قدر به آهي، ۽ زندگي بخش به شعور انساني جو اهو انقلاب آور معيار بتدريج ارتقا ڪندو آيو آهي. انساني فڪر جي ترقي پذير قدرن، فڪري اثرن، علمي لاڙن ۽ ادبي نتيجن ئي انسان جي نطق و بيان ۽ شعر و سخن کي نوان نوان اسلوب عطا ڪيا آهن. هن مجموعي ۾ ’روايت‘ جي بيروح ۽ بيرنگ، بيڪيف ۽ غير افادي هيئت ۽ اسلوب، مواد ۽ موضاعت کي جنهن فنڪارانه مهارت سان زنده جاودان، حقيقت افروز ۽ بصيرت افزا ڪيو ويو آهي، ان کي تنقيدي نقطه ء نظر سان ڏسڻ کان پوءِ آءٌ  ان راءِ تي پهتو آهيان ته حيدريءَ جي تخليقي قوّت، فڪري مطالعو ۽ نقطه آفرين افتاد طبع پنهنجي معاصر احباب ۾ منفرد آهي _ مجازاً ۽ معناً. سچ پچ ، هيءُ مختصر ۽ جامع ڪلام هن دۇر جي شعوري رجحانات ۽ ارتقا پذير شعري قدرن سان گهڻي ڀاڱي هم آهنگ ٿي چڪو آهي. يقين آهي ته هي شاعر، بتدريج، تجربه و مشق ۽ رياضت ِ فڪري کان پوءِ، شايد ان جديد فن جو استاد ڪامل ٿي پوي!

        اسان جي علاقائي ادب ( اردو، سنڌي، پشتو، وغيره) ۾ ٻه – چار تجربا اهڙا مس ملي سگهن ٿا، جن کي تجرباتي حيثيت کان چڱو مقام حاصل ٿي سگهيو آهي. چند اردوءَ جي شاعرن هيئت، فن، موضوع ۽ مواد جي پراڻين روايتن ۾ ڪي جدت آميز ۽ ترقي پذير تبديليون واقعي آنديون آهن، پر انهن جي ابهام، اغلاق، انتشار ۽ نومشقيءَ کي ڏسي اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي ته آيا ان کي شاعري ڪوٺجي يا نه: آيا نظم معرى، آزاد شاعري، بلينڪ ورس جي ڪنهن دفعي ۾ آڻي سگهون ٿا يا نه ؟

        منهنجي راءِ اڃا اها آهي ته اسان وٽ ’ آزاد نظم‘ اڃا مشقي ۽ تجرباتي دۇر ۾ آهي. آزاد نظم ۾ قافيي ۽ رديف ، بحر جي مقرر ارڪانن جي نه هوندي به نغمي ۽ ترنم کي آءٌ نظرانداز ڪرڻ کي چڱو نٿو سمجهان؛ ڇا لاءِ ته ’مسموعات‘ لاءِ نغمي ۽ ترنم جي اثر پذيريءَ  کان انڪار ڪري نٿوسگهجي. محض خشڪ ۽ نثري لفظن سان نڪو تاثر پيدا ٿئي ٿو، ۽ نڪو جمالياتي ذوق ئي نشو و نما حاصل ڪري سگهي ٿو. منهنجي راءِ اها به آهي ته شعر کي نغمي سان ئي لازم ملزوم سمجهڻ گهرجي. نغمي کان سواءِ ’شعر‘ جي ڪابه تعريف، منهنجي خيال ۾،  صحيح تعريف چئي نٿي سگهجي. بهرحال، شاعريءَ لاءِ ترنم ريزي ۽ نغمه سنيءَ کي  ’ صوتي اساليب‘ ۾ وڏي اهميت ڏيڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي جو نغمي ۽ خوش ادائگيءَ کان محروم شاعرن جي شاعري بيرس ۽ بيروح ٿئي ٿي. انساني جذبات  ۽ وجدانيات لاءِ ’صوتي اثرات‘  ۽ نغمه ريز ترڪيبون زياده تر افادي ۽ اثر انگيز ثابت ٿين ٿا.  مون کي معاف ڪيو وڃي، اگر اهو عرض ڪريان ته اسان وٽ نون شاعرن ۾ تمام ٿورا فنڪار نظر اچن ٿا، جي اِن بنيادي اصول کي سمجهي سگهن ٿا. حتاڪ اردوءَ  جي ترقي پسند شاعرن مان ته گهڻي ۾ گهڻا’نام نهاد‘ ئي آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ٻه- چار شاعر ملندا، جن جي ڪلام ۾ صحتمند مواد سان گڏ حسن ِ اسلوب به موجود آهي، باقي منتشر خيالات  ۽ نثري تجربا سمجهڻ گهرجن.

        مون کي ائين چوندي مسرت ٿي ٿئي ته اِن نقطه نظر سان ’حيدري‘ فن جي رعايتن کي به مدنظر رکندو آيو آهي. سندس فن ۽ اسلوب ۾، جامعيت سان گڏ، نغمه و ترنم جي آميزش به آهي، جنهن سندس ڪلام کي پنهنجي معاصر ۾ منفرد حيثيت ڏني آهي.

        ممڪن آهي ته ڪي نظرياتي چيزون ڪن خاص ماڻهن کي پسند نه اچن، ۽ ’ شاعرانه مستثنيات‘  کان اڻواقف ماڻهو گرفت ڪرڻ شروع ڪن: تن کي اهوئي عرض آهي ته هو فن ۽ فڪر جي مراعات جي وسيع دنيا کي مطالع ڪري ڏسن.

        حيدري صاحب غزل جي روايتي هيئت ۾ به جا تازگي ۽ زندگي پيدا ڪئي آهي، اها قابل قدر آهي. سندس زندهه جذبات ۽ نوان تجربات نهايت تحسين جوڳا آهن.

سندس ڪلام کي تنقيدي  نگاهه سان ڏسو. ”لاٽ“ نظم هڪ فڪري مهيز آهي، ۽ ترقيءَ ڏانهن فڪري تحريڪ، جنهن ۾ ’فنڪار‘ کي پنهنجي فني خيالات ۽ ماحول ۾ مستغرق ڏيکاريو ويو آهي، جو بيدرد ۽ بيقدر زماني جي ’تحسين ۽ اعتراف‘ کان قطع نظر ڪري، چوي ٿو:

حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي،

اڄوڪي دۇر جو دانا ڪري پيو محنت:

زمانو طي ڪري آيو خيال جي بستي،

نرالي نُور کي روڪي نٿي سگهي طاقت!

”مسرت جي منزل“ ۾ محبت آميز دعوت فڪر آهي:

_ ته اي همسفر ساٿيو، مهربانو،

مسر ّت جي منزل جا راهي جوانو!

پڪاري پئي وقت جي عام نوبت:

نرالن نظارن جي تخليق جا ڪارناما،

اوهان جي جهان ساز نظرن ۾ مستور آهين؛

خوشيءَ جا خزانا، مسر ّت جا هر لمحه تازا ترانا،

اوهان جي سخن ساز، شيرين زبانن جو دستور آهي؛

اوهان جي سدا صاف فڪر و عمل ۾،

حياتيءَ جي فنڪارين جا هزارين ئي شهڪار معيار موجود آهن!

”همسفرو“ بلند آهنگ، مرعوب ڪن تشبيهات ۽ تنبيهات جو عظيم اعلان آهي.

”مشورا“ ۾ فنڪار پنهنجي فن ۽ دقت نظريءَ  متعلق ٻڌائي ٿو:

_ ۽ صدين کان مان پنهنجي فڪر و عمل سان،

حياتيءَ جي هڏ کي،

تحر ّڪ جو رت روح ڏيندو رهان ٿو:

مصو ّر جي دست ِ هنر جو ڪرشمو،

اهو منهنجو خون ِ  جگر ئي ته آهي!

        ’ لطيف‘ جي مدح و ثنا ۾، قصيده خوانيءَ ۽ مداحيءَ جي فرسوده روايت کي ترڪ ڪري، حيدريءَ نهايت نئين چيز ڪئي آهي، ۽ فني ۽ تاريخي تجزيي جي روشنيءَ ۾،’لطيف‘ کي سوچيندي ڏيکاريو اٿس.

”لطيفي لات“، پنهنجي شعري حيثيت ۾، مصوريءَ سان هم آٰهنگي پيدا ڪري چڪي آهي :

_ شاعرن جوشهنشاه مصروف هو،

پنهنجي نغمن ۾ ڀريائين پئي اثر،

۽ سڄي تاريخ ڄڻ بيهي رهي!

هن عظيم تاثراتي فن کي شاعر ۽ مصوّر ئي سمجهي سگهي ٿو.

ان کان پوءِ زندگيءَ ۾ ’ شاعر‘ جي رول جو نقش هن ريت چِٽيو ويو آهي:

_ وقت جو شاعر مگر مصروف هو،

جنهن جي دل ۾ روشنيءَ جو راڄ هو، سوراج هو!

وقت جو شاعر اڃا ڳائي پيو،

زندگيءَ جي ساز تي،

پنهنجي ’ لطيفي لات ‘ کي !

 

”پيدائش“ ۾ فنڪار ۽ شاعر جي تخليق کي جنهن غزلياتي آهنگ ۽ فڪري رنگ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، اهو ڪيف آور آهي:

اڄ وري تاريخ جا دفتر کُليا،

اڄ وري انسان جا جوهر کليا؛

اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،

اڄ وري  انصاف تي ڏمريو اسير؛

اڄ وري زنجير سان پرچاءُ ٿيو،

اڄ وري زندان جو ٺهراءُ ٿيو؛

اڄ وري اظهار تي پهرو لڳو،

اڄ وري منصور ڦاهيءَ تي چڙهيو؛

اڄ وري لُٽجي ويوفطرت جو باغ،

اج وري ڦاٽي پيو هستيءَ جو داغ:

اڄ وري ڪي دلبريون حاصل ٿيون،

اڄ وري ڪي آيتون نازل ٿيون :

اڄ وري تخليق کي شاعر مليو،

اڄ وري دنيا کي پيغمبر مليو.

هن دۇر ۾ شاعريءَ ۽ شعور جي مادّي گرفت کي جنهن طنزيه انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، اهو هڪ ادبي شاهڪار آهي.

        ”ڪاڪ محل“ هن فڪري ۽ شعوري مونجهارن تي طنز آهي. اڳتي وڌندڙن لاءِ چوي ٿو:

مال موهي نه سگهيو، ڪاڪ کان جهلجي نه سگهيا،

ڇال ڇورين جا لنگهي، ڪاپڙي وڌندئي رهيا.

”سڏ“، ”جيون راڳ“، ”نادان“ ۽ ”مانجهي“ ، سليس ۽ دلنشين گيت آهن، پر آهن  فڪر انگيز ۽ شعوري مهميز.

غزلن جا چند نقل ڪري، غزلگو شاعرن کي عرض ٿو ڪريان ته ڇا، هن طرح به غزل لکبا آهن؟

_ رهبر ئي خود رهزن آهي،

هر دم هلجئين هوش سنڀاري.

 

_ تون ئي ته منهنجي منزل ناهين،

اکيون ڳولن ٿيون توکي ئي !

 

فڪر۽ نغما ماٺ مري ويا،

ڪم ۽ چم وڪجن پيا ٻيئي.

 

_ پاپن جي پاڇن ۾ پلجن،

اهڙا پڻ آهن ڪي پيار.

 

جنت جون ويرانيون توبهه،

هت هر ڪنهن جو دوزخ ڌار.

هجر و وصال جي روايتي مُردي ۾ اجهو هن طرح ٿو روح پيدا ڪري:

اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد،

ورهين جي وڇوڙي جا سڀ سور لهن شايد.

 

خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،

مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد.

 

ابليس کي چئي ڇڏيو، سجدي جي تياري ڪر،

دنيا تي انا الحق جا اسرار کلن شايد.

 

سوريءَ تي سڏڻ وارا، هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ،

مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد.

’ڀلجي ويا‘ _ ڪير؟

راهبر ڀلجي ويا، اهل نظر ڀلجي ويا،

شوق ِ منزل ۾ سڀئي، ڪار ِ سفر ڀلجي پيا.

غير مردف غزل جو نمونو ملاحظه فرمايو:

ڪٿان ٿي وري آئي منهنجي نظر،

اڃا مسڪرائي ٿي راه ِ گذر!

سلاست جو شاهڪار:

فقط اشاري ڇڏيو ته وه وا،

مئا جياري ڇڏيو ته وه وا!

 

اسين اوهان جي اکين ۾ آهيون،

وري نهاري ڇڏيو ته وه وا!

 

گهر ٿو ’شمشير‘ حق جئڻ جو،

انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وه وا!

 

جديد فڪر جو جديد ترين اسلوب ۽ جديد ترين موضوع جنهن فنڪارانه عظمت سان نباهيو ويو آهي، ان جا چند مثال ٻڌو!

 

لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا،

بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا.

 

بنايون پيا روشنيءَ جا مدينا،

ڪٿي آهه موسيٰ، ڪٿي طورسينا.

 

ورائن پيا وقت کي هوش وارا،

گذاري وٺو مستين جا مهينا.

حيدريءَ جا مَقطعات وجد انگيز به آهن، ۽ ذوق ِ جماليات جا بهترين شاهڪار:

_ شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،

لڳي وئي زماني جي توکي نظر.

 

_ جن گهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،

سي به اڄ ’شمشير‘ جي خاطر خبر ڀلجي ويا.

 

_ ’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’ شمشير‘ ڪٿي آهي؟

محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد.

 

_ تنهنجا اي ’شمشير‘ هي نغما،

ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار!

 

_ ڪٿي آهي ’شمشير‘، جو چنگ چوري،

زمانو ته ڀلجي ويو ” چارڻ“ جون ڳالهيون.

 

بهرحال، آءٌ ’حيدريءَ‘ جي هن فڪر انگيز ڪلام کي سنڌي ادب جي روشن ۽ تابناڪ دۇر جي ترجماني سمجهان ٿو، ۽ نوجوانن کي استدعا ٿو ڪريان ته هو پنهنجي شاعريءَ ۽ اسلوب جي واڳ زندهه ۽ روشن حقيقتن ڏانهن ورائين.

شاهه چيو آهي:

وکر سو وهاءِ، جو پَئي پراڻو نه ٿئي،

ويچيندي و ِلات ۾، ذرو ٿئي نه ضاع .

 

ڪاش، اسان جا شاعر ۽ سخن سنج احباب اهو وکر وهائين، جو پراڻو نه ٿئي.

(هيٺيان تبصرا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان پيش ڪجن ٿا. آخري تبصرو جناب ’سرشار‘ عقيليءَ جو، ۽ باقي ايڊيٽر سماهي  ”مهراڻ“ جا لکيل آهن.)

واقعاتي بيت:

        هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ لوڪ ادب جو نائون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ سموهيندڙ سنڌيءَ جو مشهور اديب ۽ لوڪ ادب اسڪيم جو ڊئريڪٽر، جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آهي. ڪتاب پنهنجي مواد ۽ پيشڪش جي لحاظ سان جاذب ۽ دلڪش آهي. واقعاتي بيتن جي صنف پنهنجي نالي مان ئي ظاهر آهي _ يعني اهي طويل بيت، جن ۾ ڪي واقعا بيان ڪيا ويا هجن. سنڌي ادب ۾ هن قسم جي کوج ۽ جاچ جو سهرو ڊاڪٽر بلوچ جي سر تي آهي، جنهن سنڌ جي گمنام ۽ گوشي نشين سگهڙن سان ڪچهريون ڪري، انهن جي سينن ۾ سانڍيل شاعريءَ کي سهيڙي ۽ سنواري، منظر عام تي آندو آهي.

        هن قسم جي شاعريءَ کي عوامي شاعري چيو ويو آهي، ۽ اهڙي شاعر کي سگهڙ سڏجي ٿو. سنڌ جو سگهڙ سنڌيءَ جي ادب ۽ فن، شاعريءَ  ۽ زندگيءَ جو ترجمان آهي. سگهڙ جي تربيت صاف ۽ سٿري، سادي ۽ بيتڪلف  ماحول ۾ ٿئي ٿي، تنهنڪري سندس زبان ۽ انداز بيان، تجربو ۽ مشاهدو، سڀ حقيقي نظر ايندا. سندس شخصيت تي، سندس زبان تي، سندس رهڻيءَ ڪرڻيءَ تي، ڪي به خارجي اثرات ڪين پيا آهن، تنهنڪري سندس سوچ ويچار، فن ۽ نظريي ۾ سنڌي ادب جون سليس ۽ شسته صنفون ئي جنم وٺن ٿيون. سنڌي سگهڙ اڳيان ماحول  اهوئي ٿو رهي، جو واديءَ سنڌ جي پيداوار آهي. سندس اڳيان ميلا ۽ ملاکڙا رهن ٿا، ميل ۽ گويون ٿين ٿيون. هو هنبوڇيون ۽ جهمريون ڏسي ٿو، نڙن ۽ بيتن تي راڳ ٻڌي ٿو، گهَڙن ۽ يڪتارن، ڍولڪن ۽ کڙتالن تي سُريلن کان سُر ٻڌي ۽ سکي ٿو. ان طرح سندس ذوق جماليات جي تشڪيل ٿئي ٿي، منجهس لطافت ۽ حسن پسنديءَ جا جذبا جنم وٺن ٿا. ڪچهرين ۽ معرڪن ۾ سندس مشاهدو ۽ شعور تربيت وٺي ٿو. ان سلسلي ۾ سخي مردن جون سخاوتون، راڄ جي چڱن مڙسن جون پنهنجي راڄ ڀاڳ سان ڀلايون ۽ برتاءَ، شادين ۽ شادمانن تي خوشيون ۽ بهاريون، ننگيِ ۽ ننگپال جوڌن جي بهادري، دشمنن سان وڙهندي دلير ۽ بهادر مڙسن جون شهادتون، پيرن فقيرن جون ڪانيون ڪرامتون، سندس دل ۽ دماغ تي پنهنجا نقش ڇڏين ٿيون. ان طرح سندس حِس ۽ شعور ، ترقي ڪندي، سماج جي ڀرپور سماجي ردوبدل تائين پهچن ٿا. مثلاً؛ ڪو ڌاڙو لڳو، ڪٿي ناحق ڪوس ٿيو، ڪو دنگو ۽  فساد ٿيو، ٻن ڌرين جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿي، يا ڪو زلزلو آيو، ٻوڏ ٿي، ڪو بند ڀڳو ۽ ڳوٺ ٻڏو، ڏڪار پيو يا مڪڙن ماريو، بهرحال، اهڙن مسئلن کان سنڌي سگهڙ متاثر ٿئي ٿو، ۽ هو پنهنجا تاثرات طويل بيتن جي صورت ۾ پلٽائي، پنهنجيءَ دل جو بار هلڪو ٿو ڪري. ”واقعاتي بيت“ ڪتاب ۾ گذريل اڍائي سؤ سالن جي واقعن مان مٿئين قسم جا ستر واقعا گڏ ڪيا ويا آهن. هي اهي واقعا آهن، جي سنڌي عوام جي سينن ۾ سانڍيل آهن، جن ۾ وادي عه سنڌ جي علمي ۽ فڪري، سماجي ۽ تهذيبي زندگيءَ جو وڏو سرمايو محفوظ آهي ۽ گويا هڪ قسم جي تاريخ منڊيل آهي. ان قسم جي عربي شعر متعلق حضرت عمر رضه جو قول آهي ته عربي شعر جي حفاظت ڪريو ڇاڪاڻ ته اهو عربن جو ديوان ۽ دفتر آهي. بلڪل ان وانگر، سنڌ جي سادي زندگيءَ، ساده خيالات ۽ روزمرهه جي حالات ۽ واقعات جو ديوان ۽ دفتر اِها شاعري آهي.

” واقعاتي بيت“ ڪتاب ۾ مواد 1716ع کان شروع ٿئي ٿو، ۽ 1962ع تائين پهچي ٿو: ان وچ ۾ گويا شاهه عنايت جهوڪ شريف واري جي شهادت کان وٺي موجوده دۇر تائين سگهڙن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.

فن جي حيثيت سان، سنڌي ادب ۾ اول اولا ماموين وارا واقعاتي بيت چيا ويا؛ اهي سمن جي دۇر جا آهن. ان کان پوءِ دودي- چنيسر جي ڳالهه واريون ڳاهون سومرن جي دۇر ۾ پيدا ٿيون. ان طرح واقعاتي بيت اڄ تائين هليا آيا آهن. اندازي موجب، تيرهين صدي عيسويءَ کان وٺي اڄ تائين ان جون ڪڙيون ملن ٿيون.

”واقعاتي بيت“ ڪتاب 500 صفحن کان مٿي آهي. منجهس مختلف سگهڙن جا بيت آهن. مکيه ماڻهن جون شهادتون، وارداتون، معرڪا، بهادرانه ڪارگذاريون ٻوڏون، ڏڪار ۽ تنگيون، انگريز جون مستيون، بيراج، مختلف ڌاڙا، ماڪڙ جا حملا، برساتون، مشهور مسجدن جون مرمتون، ڌرين جا جهيڙا ۽ جنگيون، وڏن ماڻهن جا ڪاڄ ۽ شاديون، اليڪشنون: مطلب  ته اهڙا ستر واقعات آيل آهن.

ڪتاب جي ڇپائي ديده زيب ۽ ڪشش واري آهي. ڪاغذ اُچو، جلد پڪو، مٿس رنگين ڪوَر، قيمت صرف ڇهه رپيا پنجاهه پئسا. سنڌي ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال تان، ۽ سنڌ جي مشهور ڪتبفروشن کان ملي سگهندو.

اهڙن ڪتابن جو مطالعو زبان، شاعريءَ، اندازبيان ۽ اسلوب جي لحاظ سان ضروري آهي. ”واقعاتي بيت“ ڪتاب ۾ وندر ۽ رهاڻ سان گڏ تاريخي ۽ تهذيبي سرمايو پڻ موجود آهي. ان لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ۽ مؤلف، ڊاڪٽر بلوچ، کيرون لهڻيون.

چنڊ جا تمنائي (افسانا) . مصنف آغا سليم خالد؛ ڪرائون سائيز، صفحا 194؛ ڪاغذ، ڇپائي، ڪور ۽ گيٽ اپ معياري؛ قيمت سوا ٻه رپيا؛ ڇپائيندڙ ’اداره آواز ادب‘، الهداد چنڊ جو ڳوٺ، حيدرآباد سنڌ .

هي ديده زيب ۽ دلڪش ڪتاب ، آغا سليم جي نَوَن (9) افسانن تي مشتمل افسانوي شاهڪار آهي. سنڌي ادب ۾ فن ۽ هئيت جي لحاظ سان اصليت تي مبني تمام ٿورا ڪتاب لکيا ويا آهن. آغا سليم جا افسانا افسانه نگاريءَ جي فن جي حيثيت سان، توڙي زبان ۽ اسلوب  جي حيثيت سان، سهڻو معيار ۽ مثال قائم ڪري چڪا آهن. افسانه نگار جي قوت مشاهده عميق ۽ رفيق آهي. سندس مطالعي جي حِس سماج جي اخلاقي ۽ سماجي، تهذيبي ۽ مذهبي، رسمي ۽ نمائشي قدرن تائين پهتل آهي. کيس هڪ باشعور فنڪار جي حيثيت سان سماجي زندگيءَ جو ڀرپور مشاهدو حاصل آهي. سندس افسانن ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي تاثر موجود آهي، جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته افسانه نگار جي اڳيان فن ۽ ان جي افاديت ۽ اهميت  جو احساس آهي؛ هو فن براءِ فن جو قائل نه، پر فن براءِ حيات جو قائل نظر اچي ٿو. ان کان سواءِ سندس قوت خيال ۾ اصليت ، رنگيني، تنوّع ۽ همه گيري سمايل آهي. سندس زبان شسته ۽ پخته، رنگين شيرين آهي، ۽ انداز بيان دلڪش ۽ دلنشين، مربوط ۽ مسلسل آهي. فنڪار، جديد فن جي سڀني فني لوازمات کي نباهڻ جي سهڻي ڪوشش ڪئي آهي. سندس افسانن ۾ ذوق ِ جماليات جي موجودگي ۽ سندس منظر نگاريءَ ۾ مواد جي رنگيني به ڏسي داد  ڏيڻو ٿو پوي. آغا سليم فن جي جديد ۽ قديم فني لوازمات ۽ تجرباتي روايات کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ ۾ جنهن فني چابڪدستيءَ جو مثال پيدا ڪيو آهي، اهو تحسين جي لائق آهي. بهرحال، هر لحاظ سان هن ڪتاب کي افسانوي ادب ۾ سهڻو اضافو چئي سگهجي ٿو.

”نيٺ بهار آيو“ ۾ افسانه نگار ٻن ڀائرن جي طبقاتي ۽ جذباتي، جنسي ۽ نفسي ڪشمڪش کي پيش ڪيو آهي. هڪ سماج ۾ سکيو ستابو آهي، ٻيو سلهه جو مريض. ٻنهي جون تقاضائون ۽ تمنائون فطري ۽ طبعي آهن. مريض پنهنجي جسماني ۽ دماغي ڪمزورين کي هڪ ڪَڇي مزدورڻ جي دامن ۾لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان کان پوءِ سندس ڀاڳ هڪ تعليم يافته نينگريءَ لاءِ کلي ٿو، ۽ وچ ۾ سندس ڀاءُ جهٽ هڻي ان سان شادي ڪري وٺي ٿو. ان شڪست جي تلافي ڪندي، مريض ڀاءُ وري وڃي ان مزدور عورت جو پاند جهلي ٿو؛ ان کي ” نيٺ بهار آيو“ قرار ڏنو ويو آهي. افساني جو مرڪز شادي آهي، ۽ ان ۾ زياده تر جنسي ڇڪتاڻ آهي. سکيو ستابو ڀاءُ وڏ گهراڻيءَ ۽ تعليم يافته ڇوڪريءَ تي قابض ٿي وڃي ٿو، ۽ مريض ڀاءُ ڪولهڻ تائين پهچي ٿو. ان ۾ سماج ڇا ڪري؟ هڪ مريض لاءِ ڇا ڇا مهيا ٿي سگهي ٿو؟ طبي طور ڪولهڻ ۽ تعليم يافته ۾ڪو فرق نه آهي. هڪ مريض جو ’ميرانجهڙي د ُٻي‘ تي پهچڻ به غنيمت سمجهڻ گهرجي. ’نسيم‘ کي ’آب زم زم‘ نه پر ’ آب حيات‘ سڏڻ گهرجي ها. هونئن ته نڪو ڪولهڻ کي ’ميرانجهڙو دُٻو‘ سڏي سگهجي ٿو، ۽ نڪو نسيم کي ’آب زمزم‘ ان طرح، هر چاهنا کي قابل قبول نٿو سڏي سگهجي، ۽ زندگي ۽ ان جا مقصد رڳو شاديءَ ۽ جنسي تسڪين تائين محدود گهرجن. هڪ مريض جي چاهنا ۽ مقصد، ڇا؟

”خوابن جا سوداگر“ هن ڪتاب جو ٻيو افسانو آهي. هن افساني ۾ نوجوان جي سماجي ناتجربيڪاريءَ ۽ زندگي جي اهم مسئلن کان سندس اڻڄاڻيءَ جي نفسياتي تحليل ڪئي ويئي آهي. زندگيءَ جا مقصد بتدريج جدوجهد سان حاصل ٿين ٿا؛ پر ڪي جوان خوش فهمين ۾ مبتلا ٿي رڻ جهاڳيندا آهن ، پوءِ رُڃ ۾ وڃي دم پٽيندا آهن. آغا اهڙن ساده دل مصلحن جي جذباتي عمل تي چوٽ ڪئي آهي.

ٽيون افسانو آهي ”سڄڻ نت سوجهرو“. هن ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي پنهنجيءَ آنا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ هڪ بدصورت، وڏيءَ عمر واري پروفيسر سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ڏيکاري، ٻڌايو ويو آهي ته حسن به اضافي چيز آهي؛ ’اَنا‘ جي نشو و نما ۽ تسڪين لاءِ ئي سڀ سماجي قدر پيدا ڪيا ويا آهن؛ اَنا جي تسڪين اگر ڪنهن غلط ۽ بيمقصد لاڳاپي سان ٿئي، ته پوءِ اها به ڪاميابي آهي. اهو نتيجو افسانه نگار پنهنجيءَ ذاتي راءِ تي ڏنو آهي. اهو سمجهڻ گهرجي ته ’اَنا‘ ڇا آهي؟ ان جو مقصد تڪميل ڪهڙو؟ فقط پنهنجيءَ شڪست جي تلافيءَ لاءِ حسن ۽ عمر جي معيارن کي اضافي سڏڻ لاءِ ڪهڙو جواز ٿي سگهي ٿو؟ بهرحال، هڪ فلسفيانه ۽ نفسياتي مسئلي تي چڱي ڇنڊ ڇاڻ ڪيل آهي.

چوٿون افسانو ” ڊڄڻي“ آهي. ان ۾ ’ڊڄڻي‘ سهڻي ۽ مارئي نٿي بنجي، پر پنهنجيءَ پسند ۽ اَنا کي مائٽن جي رسمن ۽ روايتن تي قربان ڪري به پنهنجيءَ اَنا کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پلاٽ پراڻو آهي، تاهم افسانه نگار منجهس جدت پيدا ڪئي آهي.

        پنجون افسانو، ” ماريم پنهنجي پرينءَ کي“، هڪ فڪر انگيز مسئلو آهي. هن ۾ هڪ وڏ گهراڻي عورت آهي، جا زمين حاصل ڪرڻ گهري ٿي. ان لاءِ پنهنجو سڀڪجهه گنوائي ٿي، ۽ شرافت تي گفتگو به ڪري ٿي ۽ ڪن مسئلن تي راءِ زني به ڪري گذري ٿي. ڪاميابيءَ کان پوءِ کيس نفسياتي ۽ اخلاقي طور شڪست جو احساس ٿئي ٿو. هي افسانو اخلاقي خيال کان ڪامياب آهي، ۽ ڀرپور طنز چئي سگهجي ٿو. اَنا جي حفاظت ۽ عصمت جي نگهباني سڀني مادي ڪاميابين کان اهم ۽ اعليٰ آهن.

        ڇهون افسانو، ” جُڳن جا جُڳ ٿيا،“ تصوراتي ۽ خيالي آهي. منظرنگاريءَ ۽ نقشگريءَ جي حيثيت سان معياري ۽ سرور آفرين آهي. ’سج جي اُڀرڻ تائين‘ افسانو ڪمال تي پهچي ٿو. ’ڪينجهر‘ کي آڻڻ ۽ مومل جي ملڪ ۾ وٺي اچڻ، نهايت خيال آفرين چيزون آهن. ’مڪليءَ‘ ۽ ’ڪينجهر‘ جي مناسبت سان اگر ’گندري‘ ۽ ’نُوري‘ آڻجي ها ته شايد وڌيڪ پختگي پيدا ٿئي ها. افساني جي آخر ۾ ”جڳن جا جڳ ٿيا، هُتان نه موٽيو ڪو“ _ اِها اجائي واڌ آهي. افسانو مٿي ختم چڪو آهي.

        ” ٽهڪ“ ۽ ” خوني“ خالص نفسياتي افسانا آهن، جن ۾ جنسي بيراهه رويءَ جي ڪري پيدا ٿيل انفعالي ڪيفيتون انتقام  وٺن ٿيون، اول ٽهڪ جي صورت ۾، ۽ پوءِ خون جي حيثيت ۾ محبت کي تڪميل تائين نه پهچائڻ جي صورت ۾.

        ”چنڊ جا تمنائي“  ۾ آغا انسان جي تقاضائن کي ٻار جي تمثيل ۾ آندو آهي، جو آرسيءَ  ۾ چنڊ ڏسي راضي رهيو. بيشڪ، ڪي تقاضائون ٻاراڻيون به ٿين ٿيون.

        هيءُ مجموعو، 186 صفحن تي مشتمل، ” اداره آواز ادب“، حيدرآباد کان ملندو.

رحيما لطيف. مصنف شمس الدين ’بلبل‘ مرحوم؛ ڊبل ڪرائون سائيز، صفحا.... قيمت 2 رپيا؛ ڪاغذ ۽ ڇپائي معياري؛ ڇپائيندڙ رئيس ضياءُ الدين ايس. ’ بلبل‘

        سنڌ جي مشهور مزاح نگار ۽ طناز، مرحوم شمس الدين ’بلبل‘ جي مزاحيه  ۽ طنزيه خيالات جو فني شاهڪار آهي. مرحوم ’بلبل‘ 1587ع ۾ ڄائو، ۽ ان جي پوري تهذيبي حالات ۽ خيالات ۾ پرورش حاصل ڪيائين. سندس دۇر ۾ هڪ طرف 1857ع جي جنگ آزادي کان پوءِ مسلمانن  تي سختيون شروع ٿيون، ۽ ٻئي طرف ملازمتن ۽ معاش جي ذريعن ۾ مسلمانن کي نظرانداز ڪيو ويو. ان دۇر ۾ هڪ اهڙو حلقو پيدا ٿيو، جن انگريزي تهذيب جي نقالي اکيون ٻوٽي شروع ڪئي . ظاهري وضع قطع ۾ ديسي ماڻهو هوبهو صاحبلوڪ بنجي پيا. مغربي تعليم ۽ تهذيب  کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي مذهبي ۽ مشرقي اطوار ۽ اخلاق کان دور ٿي ويا. ان دۇر ۾ ’بلبل‘ پنهنجيءَ ظرافت آميز ۽ مزاحيه شاعريءَ  سان انهن ديسي صاحبلوڪن جا خوب ڇوڏا لاٿا.  سندس طنزيه اسلوب نهايت تعميري ۽ افادي رهيو. پاڻ ڪنهن به شخصيت تي انفرادي طور جرح ۽ طنز نه ڪيائين؛ سندس طنز ۽ مزاح جو رنگ اجتماعي هو. سندس فن ۾ ’زهر خند‘ سان گڏ ’تبسم زيرلب‘ ملي ٿو. ’بلبل‘ کلندي کلندي نشترون هڻي ڪڍي ٿو، فاسد مواد وهائي ڇڏي ٿو. سندس فن جي تقليد اڄ تائين ڪوبه نه ڪري سگهيو آهي. هيءَ مثنوي سعديءَ جي رنگ ۾ آهي، پر سندس مواد، اسلوب بيان مقصد ۽ نتيجن ۾ وڏو فرق آهي. ’بلبل‘  امر کي نهي ۽ نفيءَ کي اثبات جي رنگ ۾ رنڱيو آهي. سندس ان فن کي فني حيثيت سان وڏو مقام حاصل آهي. ’بلبل‘ جي ظريفانه نقطهء سنجيءَ  ۽ بذله گوئيءَ ۾ تعمير ۽ افاديت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. سندن ڪلام واديءَ سنڌ جي مسلمانن کي نئينءَ تهذيب جي زهر کان بروقت خبردار ڪيو، ۽ پنهنجي مذهبي روايات ڏانهن رجوع ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هي نسخو اڄ 67 سالن کان پوءِ سندس فرزند، جناب رئيس ضياءُ الدين صاحب ’ضيا‘ شايع ڪيو آهي. قيمت ٻه رپيا آهي، ۽ رئيس ضياءُ الدين ايس. بلبل دادوءَ کان ملي سگهندو.

ڪلام جو نمونو

موجوده دور:

رحيما، حليما، قديما، قدير! ڪري عرض ٿو هي نماڻو حقير!

نڪا ڪا پڄي ٿي سندءِ بندگي،  سندءِ پار کان آهه شرمندگي.

نه خالص عبادت، نه روزا نماز،  خور و خواب غفلت، هوا حرص و آز.

هي دنيا جا ڌنڌا، جُٿي پروري،  انهيءَ ۾ اسان جي بنڊي وئي ڳري.

حلال ۽ حرامن جو ڪهڙو پڇڻ،  ڀرڻ پيٽ جي آهه جهوري جهڄڻ.

ڏسون ويٺا ماني سگهي شل اچي، پَڪي آ، الائي ٿي هاڻي پَچي.

خدا مَن ڪري، ڪو هجي ٻوڙ جوڙ، هڻون زَنب اهڙا، ڪڍون خوب ٽوڙ.

سڄي رات ننڊ، کونگهرن جو ٺڪاءُ، نڪا دين جي سڌ، نه دنيا سماءُ

جڏهن سج سوا پهر ڪافي اچي،  اڃا نند تڏهين اسان جي مچي.

لڳا جن کي پادر، ويا سي پڙهڻ،  سويرو سِڪولن جي چاڙهي چڙهڻ.

 

مغربي تهذيب:

لباسن نفيسن جي ٿي ٽنڊ ٽانءِ، مڪانن جي زينت سندي زيٽ زانءِ

گلابند، ڪالر، لڪڙ، هاف بوٽ، گهَڙي، ڪوٽ، پتلون، چشما، چروٽ.

قميصون ڪفن دار،جاڪٽ، جوراب، سليپر، سپاٽا، سبائڻ ثواب.

ڏنگي سينڌ، ننڍڙا ڇتا، مڇ دراز، ٽوال ۽ ڪنگي، برش، صابڻ جو ساز.

صفا سر ته ڏاڙهي چپڙ چٽ قلم،  زبان تي به گٽ مٽ رهي دمبدم.

اوقات:

اچي هاڻ ٿي عمر تنهنجي تمام، مَٽائي نه تو طرز ِ رسم ِڪلام.

سکئين ڪانه ڪا صاحباڻي سِيَر، نه’گُڊ مارننگ، ماءِ ڊير، ڪم هِيَر‘

پڙهئين پارسي تون ته جاهل ٿئين، وڏي قاف سان ڪين قابل ٿئين.

عمر ڀي اجائي ٿي بيسود صرف، ڪيئه ڪين حاصل ولايت جو شرف.

سخاوت:

سخاوت ڪري ڪونه دانا قبول، سخاوت ڪري سو، جو آ بوالفضول.

سخاوت ڪري ٿي سون کي سُڃو، سخي آ سدائين  بکيو ۽ اُڃو.

سخاوت ڪري مفلسيءَ ۾ ملول، سخاوت ڪرائي ٿي دعوا دخول.

بخل:

هجي بخت جنهن کي، ٿئي سو بخيل، بخيلي ڪري سو، هجي جو عقيل.

بخيلي خزاني سندي خيرخواهه، بخيلي گدا کي بنائي ٿي شاهه .

خدا کي نه پرواهه خيرات جي،  نه حاجت زڪوات ۽ نه صدقات جي.

تواضع:

تواضع ڪرڻ نيچ عادت خسيس، تواضع آهي ڪن جي سادا سليس.

تواضع ڪري بنيو آ بيشعور، انهيءَ چاپلوسيءَ جو ڪهڙو ضرور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com