سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :6

 

نيون طرزون

سترام ڪلياڻي ’همدرد                                  ترائيل

ياد هن جي

 

ياد هن جي ڪو اسان کي نه ڏياري ته چڱو،

دل جي زخمن کي ڇُهي، ڪونه ڏُکائي ته چڱو:

منهنجي جذبن کي وري ڪونه اُڀاري ته چڱو،

ياد هن جي نه اسان کي ڪو ڏياري ته  چڱو.

گل کي بلبل به خزان ۾ نه سنڀاري ته چڱو،

بي بقا حسن جي راحت کي ڀُلائي ته چڱو:

ياد هن جي نه اسان کي ڪو ڏياري ته چڱو،

دل جي زخمن کي ڇُهي ڪونه ڏکائي ته چڱو.

 

هريڪانت                                                     ترائيل

دل جا گهاوَ

 

وقت ۽ فاصلو گڏجي به ڀري ڪين سگهيا،

گهاوَ جي دل کي رسيا، ڪير ڀري، ڪير ڀري:

گهاوَ هي ماضي ڏئي ويو يا وڇوڙي ڀريا،

وقت ۽ فاصلو گڏجي به ڀري ڪين سگهيا.

خواهش دل کي ڏنو دوکو، حسين خواب رچيا،

خواب جي پورا نه ٿيا، ڪير ڪري، ڪير ڪري:

وقت ۽ فاصلو گڏجي به ڀري ڪين سگهيا،

گهاوَ جي دل کي رسيا، ڪير ڀري، ڪير ڀري!

 

هرچند ’اجهل‘                                                  ترائيل

 

سنڌ

’سنڌ ڌرتيءَ جي ٽُڪر ۾ نه، دلين ۾ ٿي وسي،

’هند‘ ۾ رهندي، اسين ’هندي‘ نه، ’سنڌي‘ سڏجون:

 

جِت رهن’ سنڌي‘، اتي مون کي نظر ’سنڌ‘ اچي،

’سنڌ‘ ڌرتيءَ جي ٽڪر ۾ نه، دلين ۾ ٿي وسي.

 

منهن مان سنڌين جي ٿي هرهنڌ سدا ’سنڌ‘ بَکي،

’شاهه‘ جو بيت زبان تي ٿو رهي، جت به هجون:

 

’سنڌ‘ ڌرتيءَ جي ٽڪر ۾ نه، دلين ۾ ٿي وسي،

’هند‘ ۾ رهندي اسين، ’هندي‘ نه، ’سنڌي‘ سڏجون!

 

 

 

فن جو اصلي ۽ ازلي سرچشمو آهي ’محبت‘. شاعر، فيلسوف، وطن دوست، سڀيئي ان مان فيضياب ٿين ٿا.

        ڪائنات جي اونداهيءَ فضا ۾، محبت هڪڙي نُوراني انڊلٺ آهي، جنهن جا رنگ صبح جي ستاري جيان روشن آهن . هڪڙي ننڍڙي معصوم ٻارڙي جي ٻهڪندڙ چهري کي، هڪ ضعيف ٻُڍڙي جي ڏڪندڙ دل کي، ان کان ئي زندگيءَ جي حرڪت حاصل ٿئي ٿي.

        گهرن جي چوديواريءَ ۽ ميدانن جي وسعت ۾، پهاڙن جي اُوچائيءَ ۽ ماٿرين جي لاهيءَ ۾، محبت جي ئي گونج ٻڌجي ٿي.

محبت سان فضائن ۾ نغمن جو ناچ ٿئي ٿو، موسيقي محبت جي زبان آهي.

محبت اُهو جادو آهي، جنهن سان دنيا جي ادنيٰ کان ادنيٰ کان شيءِ بلند بنجيو وڃي:

مٽيءَ جون مورتيون، اُڀري، ديوتائن جو روپ ٿيون ڌارين، جنهن مان انساني ڪردار جا شهنشاهه جنم وٺن ٿا.

انسان جي دل هڪڙو گُل آهي، ۽ محبت ان جي سُرهاڻ: اندر ۾محبت جو جذبو نه هجي، ته انسان هوند حيوان بنجي وڃي.

محبت سان ئي دنيا جي جنت آباد آهي : ابديت محبت جو حسين خواب آهي. محبت عين انسانيت، ۽ فنڪار جو عظيم ۽ واحد مقصد آهي.

 

حميد سنڌي

سمنڊ ۽ مان

 

        سمنڊ ۽ مان، ٻئي اڪيلا. هن جون ڇوليون گجيءَ سان ڀريل، منهنجي من جون ڇوليون ڳڻتيءَ ۽ ويچار سان ڀريل. منهنجي لاءِ اهائي زندگي هئي، اهائي جيون – جوت هئي جو سمنڊ ۽ مان ٻئي اڪيلا هئاسون، پر هڪٻئي جهڙا، هڪٻئي جا ساٿي. ڇوليون تيزيءَ سان اچي منهنجي پيرن مان ڪتڪتائي ڪڍي موٽي ٿي ويون، ۽ منهنجي من ۾ ويچارن ٿي ڪتڪتايون ڪيون. ڪو وقت هو ته مان هن سمنڊ سان رقابت ڪندو هوس، پر هاڻي اسين ٻئي دوست آهيون، گهرا دوست، هڪِٻئي جا همراز. محبت جي ميدان ۾ هن کَٽيِ به هارايو هو، ۽ مون هارائي به کَٽيو هو. پر اها جيت منهنجي لاءِ هڪ عذاب کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪانه هئي. مون سڄي زندگي عذاب سٺا، پر اهو عذاب منهنجي زندگيءَ  تي ايڏو ته ڇائنجي ويو، جو مان ائين سمجهڻ لڳس ته مَنُ پيِڙا آهي، ۽ خود ئي اها پيڙا سهي ٿو __ جيئن سمنڊ ڪيترين پيار وارين هستين کي پاڻ وٽ پناهه ڏيئي پاڻ اهو ئي رُکو رهي ٿو، سندس من جي پيڙا ختم ٿيڻ جي ئي نه آهي.

        ويٺي ويٺي، سوچي سوچي، پاڻ کي ڪجهه عجيب احساسات ۾ ورتل ڏٺم. انهيءَ جذبي هيٺ، واري کڻي هڪ گهر ٺاهڻ شروع ڪيم. واريءَ کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان هڪ هنڌ گڏ ڪيم. آهستي آهستي ڀتيون کڄڻ لڳيون، ڪمرا ٺهيا، ورانڊو ٺهيو، مٿانئين ڇت پيئي _ _ ۽ هڪ ننڍڙو سهڻو گهر ٺهي راس ٿيو. مان دل ئي دل ۾ گدگد ٿيڻ لڳس. مون کي پنهنجي آڳنڌ ۾ بهار ڏسڻ ۾ آئي، ۽ مان وڌي وڃي آڳنڌ ۾ وڇايل کٽ تي ويٺس.

        مون کي لڳو ته منهنجي آڏو خوشين جي انبارن جي ڳنڍ کلي پيئي آهي، ۽ مان آهستي آهستي ان مان هڪ هڪ خوشي ۽ من جي مرضي ڪڍندو ويس.

        منهنجين اکين تي ڪنهن جا گورا گورا ننڍڙا هٿ هئا. انهن هٿن کي مون پنهنجين اکين سان چمندي چيو، ” زوبي!“ ۽ ڪنهن هٿ ڇڏي ڏنا. چوڌاري موسيقي ڦهلجي ويئي. هوءَ کلندي اچي منهنجي ڀرسان ويٺي!“

”زوبي، سڄو ڏينهن لڙئين به ڪانه !“

”۽ تون ڪٿي هئين ڀلا!“

”مان . . . مان تو وٽ، زوبي. انهن ڪارن ڇپرن وارين وڏين وڏين اکين ۾ ئي ته ويٺو هوس!“

”هون! مان به چوان ته اڄ منهنجون اکيون بند ئي نه پيون ٿين! هاڻي مسين مسين اکيون ٿيون ٻوٽجن. چڱو، مان ڀلا گهڙي ساعت ننڊ ڪري وٺان جميل!“

”زوبي، تنهنجا هي ڦهليل سنهري وار مون کي ائين ٿا لڳن، ڄڻ چنڊ سان گڏ رات به هيٺ ڌرتيءَ تي لهي آئي آهي، ۽ چوي ٿي ته منهنجي دامن ۾ ڦهليل خوشين کي ڏس، انهن کي ڏنل وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ رنگ کي ڏس. رنگن جي دنيا، رنگن جي ڪائنات! منهنجي زوبي، اسين جلد ئي هڪ ٿي وينداسين.“

        زوبيءَ ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو. اوچتو ٽپ ڏيئي پري وڃي بيٺي. زوبيءَ جي نگاهن ۾ تبديلي هئي. سندس چهري تي ڦهليل تاثرات ائين پئي ظاهر ڪيو ته هوءُ هن واديءَ جي رهاڪو نه آهي __ هوءَ هينئر پري نڪري ويئي آهي، تمام گهڻو پري.

        ”ڇو، زوبي، تون ناراض ته نه ٿي وئينءَ؟ مون ڊڄندي ڊڄندي کائنس پڇيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ عجيب طبيعت جي مالڪ هئي. سچ ته سندس طبيعت بلڪل نرالي هوندي هئي. خوشيءَ جي ڳالهين تي رنج ٿيندي هئي، ۽ ڏک جي ڳالهين تي ٽهڪ لڳائيندي هئي.

”نه جميل، ناراض ڇو ٿينديس... خير، مان هلان ٿي، اَمي منهنجي انتظار ۾ هوندي.“ هوءَ هميشه وانگر شاديءَ جي ڳالهه کي ائين نٽائي هلي ويئي. مان ويچاريندو رهيس. مان جڏهن انهيءَ لائق ٿيس جو زندگيءُ جي دامن ۾ ڦهليل رنگن کي نه صرف پرکي سگهان، پر انهن کي وڌيڪ ڦهلائي، منجهن زياده خوشرنگي پيدا ڪري سگهان، تڏهن مون وڏا پروگرام ٺاهيا. انهن مان هڪ  هو _ هڪڙو ننڍڙو گهر، خوشين سان ڀرپور.“

        مون جڏهن هن ٽڪريءَ تي هيءُ پلاٽ ورتو هو، تڏهن ئي احساس ٿيم ته مان خوش نصيب آهيان جو ههڙو پلاٽ هٿ لڳو اٿم. گهر جوڙائيندي جوڙائيندي مان هنن ٽڪرين تي ڦهليل ننڍڙن سهڻن گهرڙن ۽ بنگلن کي ائين سڃاڻڻ لڳس، ڄڻ منهنجيءَ آفيس واري ٽيبل تي رکيل گلدان ۾ گل، جن جا مختلف رنگ، جنهن وقت مان سوچ ۾ هوندو هوس ته منهنجي اڳيان انڊلٺ ٺاهي بيهندا هئا، جن جي آرپار مان زندگيءَ جا حسين خواب ڏسندو هوس. جيئن جيئن مان هرهڪ بنگلي وٽان لنگهندو هوس، زندگيءَ جي رنگ برنگي روپن کي پَسندو هوس.

        منهنجي ٺهندڙ گهر جي ويجهو ٻه سهڻا، وڻندڙ بنگلا هئا، جن جي وڏي خوبصورتي انهن جا رهاڪو هئا. هڪڙي بنگلي ۾ هڪ ڊاڪٽر رهندو هو. ڊاڪٽر ۽ سندس گهر واري ڏاڍا قربائتا هئا. جڏهن به مان اتي ويندو هوس، ته ڊاڪٽر، سندس بيگم ۽ سندن ٻه ڌيئون مون کي ڪافي وندرائيندا هئا. سندن دلچسپ ڳالهين ۾ ڪجهه وقت ته مان صفا گم ٿي ويندو هوس.

        ٻيو بنگلو هو زوبيءَ وارن جو. زوبي پنهنجيءَ ماءُ سان گڏ هن گهر ۾ رهندي هئي. هوءَ گرجوئيشن ڪري رهي هئي جو منهنجي ساڻس واقفيت ٿي. گهٽ قربائتي ماڻس به ڪانه هئي زوبيءَ جو پيءُ هڪ وڏو واپاري هو، ۽ اڪثر پنهنجي ڌنڌي جي واڌاري لاءِ ٻاهر گذاريندو هو. زوبيءَ جي ماءُ کلمک خاتون هئي. جڏهن به ايندي ته پهريون سوال ڪندي هئي:

        ”ابا جميل، تنهنجي جاءِ جُڙي راس به ٿيندي يا . . . جڏهن ڏس، ڪم اوتري جو اوترو! مزورن کي مزوري ته ڏيندو آهين نه ؟“

        ” ها امي! بس، ڀتيون کڄي پوريون ٿيون آهن، ڄاڻ ڇت به پيئي؛ پوءِ صرف سنهو ٿلهو ڪم باقي رهندو.“

        ڀتيون کڄيون، ڇت پيئي. مون محسوس ڪيو ته ڀتين کڄندي کڄندي، منهنجي محبت جي محل جي اوساري به ٿيندي هلي. زوبيءَ جي محبت جي پيڙهه منهنجي دل ۾ پئجي چڪي هئي. رفتي رفتي اسين ايترو ته ويجهو اچي وياسين جو هڪٻئي کان سواءِ بيچين ۽ بيقرار رهڻ لڳاسين.

        منهنجي آفيس کان موٽڻ بعد زوبي يڪدم منهنجي گهر هلي ايندي هئي. اسين ڪافي دير ويٺا ڳالهيون ڪندا هئاسين. شام ٿيندي هئي ته هوءَ هلي ويندي هئي، ۽ مان اڪيلو رهجي ويندو هوس. صبح جو هوءَ ايندي هئي، ۽ ٽڙندي، مون سان گڏ  موٽر ۾ ڪاليج هلندي هئي. مان کيس ڪاليج ڇڏيندو، آفيس هليو ويندو هوس.

        هڪ ڏينهن جيئن زوبي ويئي پئي، مون کي الاجي ڇو محسوس ٿيو ته هن کي وڃڻ نه کپي _ هن کي هن گهر جي بهار هجڻ کپي. هن ويرانيءَ ۾ بهار ايندي، ۽ ضرور ايندي... ۽ مون کيس ٻانهن کان ڇڪي ويهاري ڇڏيو.

        ”زوبي، تو ڏٺو آهي ته جڏهن تون اچين ٿي ته هن ويران ۽ اڪيلي گهر جي رخ تي بهار جا پاڇولا ڇانئجي وڃن ٿا، ۽ جيئن تون نچندي ڪُڏندي اڇين ٿي ته اهي بهار جا پاڇولا نچندا ڪڏندا هن گهر جي ٽڪر ٽڪر ۾ ڦهلجي وڃن ٿا، ۽ چوڌاري  بهاريءَ  ۽ موسيقيءَ جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو. مان چاهيان ٿو ته هن گهر جي بهار، هن گهر ۾ئي رهي. ان لاءِ مان اميءَ سان ڳالهائيندس... منهنجو خيال آهي، زوبي، ته مان . . .“

        مان پنهنجو جملو ختم ڪري نه سگهيس. ڏٺم ته هوءَ اٿي بيٺي هئي. سندس چهرو ڪنهن به قسم جي جذبات کان خالي هو.

        ”مان وڃان ٿي جميل، امي منهنجو انتظار ڪندي هوندي.“ هميشه وانگر پنهنجو مخصوص جملو دهرائي، ڳالهه کي نٽائي، هوءَ هلي ويئي. جڏهن به مان اهڙي ڪا ڳالهه ڪڍندو هوس ته سندس منهن جي رنگت بدلجي ويندي هئي، هوءَ اندروني ڪيفيت کان مجبور ٿي، خاموش هلي ويندي هئي.

        پوءِ اسين سمند جي ڪناري تي وڃڻ لڳاسين. گهران خوش خوش ۽ ٽڙندا نڪرندا هئاسين، ۽ موٽڻ ويل زوبي خاموش هوندي هئي ۽ آئون اداس. ٻنهي جا چهرا لٿل ۽ ڪوماڻيل هوندا هئا. مان پيار جون ڳالهيون ڪندي ڪندي شاديءَ جو ذڪر ڇيڙي ويهندو هوس، ۽ جواب ۾ زوبيءَ جي خاموشي پلئه پوندي هيم.

        هڪ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري سج کي پاڻيءَ ۾ غرق ٿيندو ڏسي، زوبيءَ چيو، ” الا! سمنڊ ڪيڏو نه ظالم آهي؟ سج جي ٻهنڪدڙ مکڙي کي ڪيئن نه پاڻ ۾ غرق ڪريو ٿو ڇڏي. وري صبح جو ٿُڏي کيس ٻاهر اڇلايو ڇڏي.“

        ”نه زوبي ائين نه آهي. سمنڊ جو اٿاهه سينو ته هڪ گهر آهي، جنهن ۾ سج محبت جا نغما ٻڌي ٿو. سڄي ڏينهن جي ٿڪ لاهڻ خاطر هو سمنڊ جي گود ۾ پناهه وٺي ٿو. سمنڊ سڄي رات کيس پنهنجي دامن ۾ لڪائي ٿڦڪيون ڏيئي سمهاري ٿو، ۽ صبح جو نئين دم سج ڪر موڙيندو پنهنجي سفر جا سانباها ڪري ٿو. ڪيڏو نه گَهرِو سنٻڌ آهي ٻنهي ۾!“

        ”گهٽ ۾ گهٽ مان انهيءَ  کي پيار جهڙو پاڪ نالو ڏيئي نٿي سگهان. سچ ته جيڪڏهن اهو پيار آهي ته پوءِ خودغرضي ڇا کي ٿو سڏيو وڃي؟ دراصل ڪنهن کي ڪنهن سان پيار ڪونهي. هرڪو خالي آهي، ۽ هرڪوپياسو. هرهڪ پاڻ کي ڀرڻ ٿو چاهي. سڀڪو پنهنجي پياس اُجهائڻ لاءِ سرگردان آهي. پوءِ  ڪنهن جا پيمانا محبت سان پُر ٿا ٿين، ته ڪنهن جي پيالي منجهه يادون ئي پون ٿيون. سمنڊ ۽ سج صرف رات گذّارڻ لاءِ هڪٻئي جو سهارو وٺن ٿا. صبح جو سمنڊ ڇولين سان راند رمڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، ته سج جا سونهري ڪرڻا ڪنوارين مکڙين جو مُک چمڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. ٻيئي هرجائي ته ٿيا! ڪير ڪنهن کي پيار نٿو ڪري، جميل! پيار ته دراصل پياريون يادون ئي آهن. ها نه ؟“

        مان ويچار ۾ پئجي ويس ته هوءَ چوڻ ڇا ٿي چاهي؟ مان سمجهي نه سگهيس _ ۽ نه شايد سمجهي سگهان، ڇو جو زوبيءَ سان مون کي عام پيار هو _  پيار، جيڪو عام آهي.

        مون شاديءَ جي مسئلي تي زوبيءَ جي ماءُ سان ڳالهايو هوءَ ڏاڍو خوش ٿي، ۽ چيائين، ” زوبي ئي ته منهنجي زندگي آهي، پٽ! هوءَ جيئن چوندي، تيئن ٿيندو.“

        واقعي ٿيو به ائين، جيئن زوبيءَ چيو. هن مون سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو! مون کانئس پڇڻ چاهيو. هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، ۽ مون ڏک، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان ساڻس ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو.

        هوءَ پنهنجي مقرر وقت تي روز ايندي هئي، ۽ منهنجي پرپٺ منهنجي نوڪر کان مون بابت پڇي هلي ويندي هئي.

        هڪ ڏينهن شام ڌاري جيئن مان بنگلي مان ٻاهر نڪري رهيو هوس، منهنجا قدم وزني ٿي ويا. جيڪي ڪجهه مون ڏٺو هو، ان جو ڏاڍو ڏک ٿيم.زوبي هڪ ڪاليجي نوجوان سان ٽهڪ لڳائيندي ڪيڏانهن وڃي رهي هئي.! منهنجو دماغ ڪنهن به ڳالهه سوچڻ کان قاصر هو. بيخيالو، ڀر واري بنگلي ۾ گهڙي ويس.

        سامهون ڊاڪٽر جي وڏي ڌيءَ سلميٰ ويٺي هئي : ”او.... جميل صاحب! اچو اچو. اڄ ڪيئن ڀُلجي پيا آهيو هن طرف.“

        ڪلاڪ ٻن جي گفتگو کان پوءِ مون کي الاجي ڇو محسوس ٿيڻ لڳو ته سلميٰ ڪا معمولي ڇوڪري نه آهي. هن جي ڳالهائڻ ۾ شائستگي ۽  گنڀيرتا ڀريل هئي. گنڀيرتا سندس چهري کي عجيب رنگ بخشي ڇڏيو هو. سندس چهري جي معصوميت ۽ وڻندڙ گفتگو مون کي روز شام جو ڇڪي سندس گهر آڻيندي هئي. ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ وٽن  ويٺو دل وندرائيندو هوس. سلميٰ سان اڪثر زندگيءَ جي مسئلن تي ڪافي دلچسپ بحث ٿيندو هو. پر جيئن مان ٻاهر نڪرندو هوس، سامهون زوبيءَ جو بنگلو هوندو هو.... ۽ گهڻو ڪري زوبيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪري سان گڏ ڏسندو هوس. ڪڏهن گهمڻ پيا ويندا هئا، ۽ ڪنهن وقت گهمي واپس ورندا نظر ايندا هئا. ان هوندي به، هن منهنجي غيرحاضريءَ  ۾ منهنجي گهر اچڻ ڪڏهن به نه وساريو. ڪڏهن وارو نه ڀڳائين، جيتوڻيڪ مون ساڻس ملڻ ڇڏي ڏنو هو.

        اهو الائجي ڪيئن ٿيو، خبر نه اٿم ته منهنجي شادي سلميٰ سان ڪيئن طي ٿي ويئي. شادي طي ٿيڻ کان پوءِ، سيگهه ئي هڪ ڏينهن زوبي منهن ۾ ملي وئيم.

        ”جميل صاحب، مبارڪون! ڏاڍي خوشي ٿي اوهان جي شاديءَ بابت ٻڌي.“

        ”مهرباني اوهان جي.“ مون وراڻيو.

        ” دعوت به ڏيندين يا رڳو مبارڪون وٺندين؟“

        ” ضرور، ضرور. پاڙي ۾ ٿي  رهين، آخر پاڙي وارن کي نه سڏيندس ته ڪنهن کي سڏيندس. “

        ” ائين ئي سهي، سڏيندين ته سهي نه؟“

        شاديءَ ٿي. زوبيءَ کلندڙ صورت سان شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي. هر شرارت ۾ اڳري. پر الاجي ڇو، مون محسوس ڪيو ته هوءَ ڪجهه وڃائي آئي آهي _ يا ته هوءَ خوابن جي دنيا جي رهاڪو آهي.

        ان رات زوبي ايترو ته مون مٿان ڇانيل رهي جو سلميٰ ۾به من زوبيءَ کي ڏسڻ چاهيو، ۽ هوءَ مون مان بيزار بيزار نظر اچڻ لڳي. صبح جو جيئن ئي مان ٻاهر نڪتس ته نوڪر مون کي هڪ چٺي آڻي ڏني. لکيل هو:

        ”جميل، سمنڊ کان سج جدا ٿي چڪو آهي. اڄ منهنجون همدرديون سمنڊ سان آهن. مان ان جي گود ۾سڪون جي تلاش لاءِ وڃي رهي آهيان. شايد  منهنجو گهر اهو آهي. مان پيار کي سڃاڻي ڪانه سگهي هيس. اڄ جڏهن توکي وڃائي ويٺي آهيان، تڏهن خبر پيئي اٿم ته پيار ڇا آهي.__ زوبي.“

        مان انهيءَ مهل سمنڊ ڏانهن ڀڳس. ننڍڙن پيرن جا نشان ڏسندو، واريءَ جي هڪ ڊٺل گهر وٽ اچي پهتس. اتان پير اڳتي وڌيا. اڳتي، ... اڳتي، ... ۽ مون ڇوليون ڏٺيون، رانديون ڪندڙ ڇوليون. هي ڇوليون وڌي رهيون آهن . . . وڌي رهيون آهن، . . . ۽ منهنجو ٺاهيل هيءَ واريءَ جو گهر به، الا، ميسارجي ويو!

        مون چڙ ۾ سمنڊ طرف نهاريو. هن جي ڪاوڙ وڌي ويل پئي ڏسڻ ۾ آئي . ڏٺم ته سج سمنڊ جي گود ۾ پناهه وٺي رهيو هو. مون کي ياد آيو ته مون کي به ڪنهن گود ۾ پناهه وٺڻي آهي. سلميٰ  _ جنهن جي گود انهيءَ سمنڊ مثل هئي، جيڪو سج کي حاصل ڪندي به خالي خالي، رکو رکو ۽ اڪيلو هو. سمنڊ ۽ سج _ مان، ۽ منهنجو ويران گهر.

(ريڊيو پاستان حيدرآباد جي شڪريي سان)

 

غياث جوڻيجو

 بِکاري

 

اڄ صبح کان منهنجو مزاج بگڙيل هو. ساندهه ٽن ڏينهن کان رپورٽ تيار ڪرڻ ۾ رڌل هوس، پر اها ئي جا پوري ٿيڻ جو نالوئي نه پئي وٺي. ڪم جي انگهجڻ ڪري مان به خفي ٿي پيو هوس. هن هفتي اندر ڪمپنيءَ  جي ڊئريڪٽرن جي ميٽنگ ٿيڻي هئي، جنهن ۾ اسٽور جي مستقبل بابت ويچارڻو هو. اسٽور جي مئنيجر جي حيثيت ۾مون کي دڪان جي پهرئين سال جي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻي هئي، جنهن منجهه انگ اکر ڏيڻا هئا ته سڄي سال ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون دڪان تي آيون، ڇا ڇا وڪرو ڪيو ويو، ڪيترو نفعو ٿيو، وغيره. اهڙي تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ ايترو گهڻو وقت ته نه گهرجي، پر مون کي مٿان اچي ڀريو ٽيون ڏينهن ٿيو هو.

ان لاءِ سڀ کان وڏو سبب هو دڪان تي هر وقت ٻڌل ڌماچوڪڙي. سنگت جو آهيان يارويس، سو دوستن جي به ڪمي ڪانه اٿم. يار به وري دڪان کي ڀانئين منهنجي ذاتي اوطاق، سو اهو سدائين ڪچهريءَ جو مرڪز هوندو اٿن. وقت ڏسن نه ويل، بس، ايندي ويندي چڙهي ايندا دڪان تي. آئون به ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، ڪم اهڙو خاص ڪونه. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ گراهڪ چڙهي، ان سان رمضان منهن ڏئي، آءٌ پنهنجيءَ سنگت سان پورو. دوست به واندا، پُٺ جو فڪر خيرڪو. چانهه جي چَٽي ڪڏهن مون تي، ڪڏهن هنن تي. اوڀارين لهوارين ۾ جو شروع ٿيندا ته سمي گذرڻ جي سمڪ ئي ڪانه پوندين. شايدئي ڪو مسئلو هوندو، جنهن جي يارن ڇنڊ ڇاڻ نه ڪئي هجي. وقتي ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ سڄي سنسار جا سور همراهن جي سينن ۾ سمايل آهن.

اڄ صبح کان منهنجي مشغولي ۽ سُڄيل منهن ڏسي، ڪنهن جا پير ڪين ٿي ٽڪيا؛ ان ڪري پِڙ خالي هو. مون کي پاڻ نويڪلائي گهربي هئي، سو زور مون به ڪنهن کي ڪونه ٿي ڪيو. البت ٿوري دير اڳ آيل رشيد ويٺو هو.

رشيد لاءِ چانهه جو آرڊر ڏيئي، اڃا رجسٽر ڏانهن مس منهن ورايم ته ڪير دروازي وٽ اچي بيٺو. ڪنڌ کڻي ڏانهنس نهاريم. هڪڙو هٽو ڪٽو جوان هو. ويڪرو سينو، مضبوط ڏورا، ڀريل بدن؛ هڪ هٿ ۾ لٺ، ٻئي ۾ ڪشتو. بي اختيار منهنجون نظرون پنهنجي سڪل سڙيل بت ڏانهن جهڪي ويون، جنهن جا آڱر رکي هڏا ڳڻي وٺجن. خيال آيم، متان ويچاري جون ڄنگهون بيڪار هجن، ان ڪري ٿورو نِوڙي هيٺ نهاريم. مون کي پاڻ ڏانهن ائين گهوريندو ڏسي، هن آواز ۾ بيچارگي آڻيندي صدا هنئي، ” الله جي راهه ۾ هڪ آنو .... مولا گنج ڏيندءِ.“

رمضان، شو- ڪيس ۾ رکيل ڪُٽ جي سامان کي ڪپڙي جي ڇنڊڻيءَ سان صاف ڪندي چيو، ” معافي ڏي، بابا.“

پر فقير به نوڪر ۽ مالڪ جي امتياز کي خوب ٿي سڃاتو. رمضان کي ٻڌو اڻٻڌو  ڪري ڇڏيائين، ۽ رحم طلب نگاهن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳو.

” سائين،... او سيٺ صاحب! خدا جي نالي تي  هڪ آنو... رَب کَٽئي ۾ برڪت وجهندءِ“ منهنجي چپن تي هلڪي مرڪ اچي  ويئي. الائي ڇو، جڏهن ڪير مون کي ’سيٺ صاحب‘ ڪري چوندو آهي، ته مون ۾ هڪ نامعلوم تبديلي اچي ويندي آهي. ائين لڳندو اٿم، ڄڻ مان واقعي سيٺ آهيان. هي شاهي دڪان، ان جون سڀئي شيون، هي نوڪر چاڪر سڀ منهنجا آهن، مان انهن جو مالڪ آهيان... ۽ پوءِ، تصور ئي تصور ۾ پنهنجا ڪارخانه، پنهنجا عاليشان بنگلا، پنهنجون شاندار ڪارون، ۽ پنهنجي اڳيان دولت جا انبار ڏسندو آهيان. دل ئي دل ۾ هڪ نئين زندگي بسر ڪرڻ جي چاهنا پيدا ٿيندي اٿم، جنهن ۾ خوشي هجي، راحت هجي، عيش هجي، بيفڪري هجي، ۽.. ڇا ڇا نه هجي ان ۾!

اوچتو رشيد جي آواز مون کي ڇرڪائي وڌو:

”پنندي توکي شرم نٿو اڇي؟ “

” سائين، شرم ته اچي ٿو، پر ...“

” پوءِ پنڻ ڪو فرض آهي ڇا؟ “ رشيد کيس اڌ ۾ روڪيو.

فقير پنهنجو ڪشتو ۽ لٺ دڪان جي چانئٺ وٽ رکي، ٻانهن کَنهندي چيو، ” سائين، پِنان نه ته ڇا ڪريان؟ پيٽ ڪمبخت ڪو ڇڏڻ وارو آهي.“

فقير جي انهن اکرن تي منهنجو ڌيان به هن ڏانهن ڇڪجي ويو. چيومانس، ” ڇو، ڇا ڪرين؟ جوان آهين، سگهارو جسم اٿيئي. محنت مزدوري ڪرين، ته به چڱو مليئي.“

ڀرواري برڪت پان واري شايد اسان جي گفتگو ويٺي ٻڌي. اتان ئي رڙ ڪيائين، ” اڙي سائين، ههڙا هڏن ويٺل ٿا محنت مزوري ڪن! مزوري ءَ ۾ سڄو ڏينهن ڳَهن، ته به ملين اهو رپيو سوا. هتي ته موج اٿن؛ آرام سان چڪر – ٻه ڏيئي، رپيا ٽي- چار ڪڍيو وٺن. ڇاجي محنت ، ڇاجي تڪليف! ..... ڪيئن استاد؟ “

پنهنجيءَ ڳالهه کي وزن ڏيڻ لاءِ برڪت ٽهڪ ڏيڻ لڳو. رمضان به شو- ڪيس ۾ منهن لڪائي ڏند ڪڍيا.

رشيد وري ڳالهه کي وٺيو، ” اها حقيقت آهي. پر هونئن به پنڻ هنن ماڻهن جي عادت ٿي ويئي آهي. جيسين پنيو ٽُڪر پيٽ نه پوندن، تيسين هنن جو کاڌو هضم نه ٿيندو.“

فقير پهرين هڪ نظر برڪت پان واري تي وڌي، پوءِ رشيد ڏانهن يڪٽڪ نهاريندو رهيو. نيٺ جهيڻي آواز ۾ چيائين، ” ڏاڍو رُليو آهيان نوڪريءَ لاءِ، سائين، پر ڪٿي به ڪانه ملي. سڀني وٽان جواب مليو ته جاءِ خالي ڪانهي. نيٺ مجبوري هيءُ سڀڪجهه ٿي ڪرائي، سائين.“ فقير جي چهري تي ڏک جون ريکائون ظاهر ٿيڻ لڳيون.

مون چيو، ” نوڪري نه ملي ته نه سهي، ڪنهن ڪارخاني ۾ وڃي مزوري ڪر. هيتريون مِلون وغيره کُلي پيون آهن. ٻيو به ته سارو جهان خدا جو پيو ٿو تڳي! ڪوشش سان ڇا نٿو ٿي سگهي.“

فقير گنڀير آواز ۾ چيو، ” ان لاءِ به سفارش کپي، سائين! نه ته ڪارخاني وارا ضمانت ٿا گهرن. آءٌ مسڪين ماڻهو،....“ گهڙي کن ترسي، سندس اکين ۾ٿوري چمڪ آئي. يڪدم چيائين، ” سائين اوهين ئي کڻي پاڻ وٽ نوڪر رکوم! سڄي ڏينهن جي عيوض رڳو ايترو ڏجوم جو پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهان.“

اهو ٻڌي مان هڏ ٻڏ ۾ پئجي ويس. مون کي منجهانئس اهڙي سوال جي توقع ڪانه هئي. مون ته پئي سمجهيو ته ايڏي ڦٽڪار ٻڌي هو هليو ويندو، پر هينئر ته ماڳيهن ليسوڙي جي ليئيءَ وانگر چهٽي پيو هو. ائين ٿو لڳي ته هن مان ڇوٽڪارو ملڻ مشڪل آهي. پر رمضان اها مشڪل آسان ڪري وڌي. شايد کيس پنهنجي نوڪريءَ وڃڻ جو خدشو ٿي نظر آيو. اکيون ڦوٽاري چيائينس، ” هل هل! پُٽ آيو آهي دڪان تي نوڪري ڪرڻ! سڀاڻي ڏين دڪان کي ئي پُڙي ته پوءِ؟ اهڙن رولن کي ڪير رکندو!“ انهيءَ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ رمضان سيٺ عبدلله جو مثال ڏنو، جنهن هڪ اهڙي شخص تي رحم ڪري کيس نوڪري ڏني هئي. ڏينهن ئي ٽي گذريا ته همراهه وجهه پائي ٽجوڙيءَ مان اڍائي سؤ رپيا اڏائي گم ٿي ويو. گهڻيئي ڊڪيا ڊوڙيا، پر ورين ڪي ڪين.

” ها سائين، ها! جن رُلي کائي ڏٺو، انهن کي ڪٿي ٿو ويهڻ اچي. ’هيرائي جي هير، ٽنگ ڀڳي به لهي‘ ڪونه ٻڌو اٿوَ.“ برڪت پان واري، پن تي ڪاٿو لڳائيندي، جهومندي چيو.

ايتريءَ لعنت ملامت جو به ظاهراً هن تي ڪو اثر نه ٿيو. ڪنڌ جهڪايو، خاموش بيٺو رهيو. سندس ان نموني بيهڻ انهيءَ ڳالهه جي علامت هو ته کيس شايد مون وٽان ڪنهن اُميد افزا جواب جي اميد هئي.

رشيد وري ٻيو مسئلو ڇيڙيو:” بهتر ته ائين ٿئي ته حڪومت خود انهيءَ طرف ڌيان ڏئي. اهڙن ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جا ڪي مناسب اپاءَ  ورتا وڃن. کين زبردستيءَ ڪم سان لڳايو وڃي. بنا عذر گوٿناٿ ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.“

” سائين، اهو ته برابر، پر هنن ماڻهن جي ذهنيت ته حڪومت بدلائي ڪانه سگهندي. هي ماڻهو چڱائيءَ مان ڄاڻن ئي ڪونه. جيڪو مٿي تي هٿ رکندن، ان جو ئي هٿ ڪپيندا. هنن مان ايمانداريءَ  جي اميد رکڻ  اجائي آهي.“ رمضان فقير تي ٻيو وار ڪيو.

مون کان به رهيو نه  ٿيو: ” خير، ان لاءِ به ڪيترائي اُپاءَ وٺي سگهجن ٿا، جهڙوڪ: ضمانت وٺڻ. ٿورو گهڻو پئسو ڦاٿل ته ڪُپت کان به ڪيٻائبو ۽ ڪم ۾ به چاهه  وڌندو. ازان سواءِ اهو پئسو به ڪو ضايع ٿورو ئي ٿيو؛ ڪنهن به وقت نوڪري ڇڏڻ تي واپس وٺي سگهجي ٿو. انهيءَ ۾ ڪهڙو هرج.“

رشيد چيو : ” هرج ته برابر ڪونهي. پر تون جو هينئر هي حساب ڪتاب ويٺو تيار ڪرين، سو ائين به ممڪن آهي ته ڪمپني مورڳو هيءُ دڪان ئي  بند ڪري ڇڏڻ جو فيلصو ڪري. پوءِ تون به ٿيندين بيروزگار! اول ته مسئلو آهي نوڪري ملڻ جو، ۽ جي ملي وڃي ته پوءِ ضمانت جو چڪر!“

”اڙي سائين، پوءِ ته ڍاڪون ئي پڪو!“ رمضان کان رڙ نڪري ويئي: ” جيڪڏهن هيءُ دڪان ٿو بند ٿئي ته پوءِ آءٌ ڪيڏانهن ويندس؟ مئنيجر صاحب کي ته ڪا نه ڪا نوڪري به ملي ويندي ۽ ضمانت به ٿي پوندي؛ پر مون جهڙن جو حال ته سچ پچ ... هن فقير جهڙو آهي!“

ڏٺوسون، ته فقير هو ئي ڪونه.

 *------*-------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com