سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :8

ڊي بالزاڪ                  

سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

نگهبان

 

        فرانس جي انهيءَ رنگين دؤر ۾، جڏهن اتي شنهشاهه حڪومت ڪندا هئا. ۽ امير امرائن جو دٻدٻو هو، ڪيتريون ئي اهڙيون برائيون هيون، جن جو ذڪر ڪرڻ فرانس جي لاءِ فخر جي ڳالهه ڪانه آهي. تنهن هوندي به ان زماني ۾ هڪڙي اهڙي رسم رائج هوندي هئي، جنهن کي اُن وقت جي چند بهترين شين مان شمار ڪري سگهجي ٿو. سمورا امير ۽ شهزادا پنهنجي ڪنهن هڪڙي دوست جو انتخاب ڪندا هئا؛  ۽ پوءِ اهي دوست هر خوشيءَ  ۽ هر غم ۽ مصيبت جي موقعي تي هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا هئا. جنگ جو ميدان هجي يا محل، ڪنهن به هڪ جي مخالف سامهون ٻئي جو مقابلو ڪرڻ هڪ لازمي ڳالهه هئي. انهن جي ڪابه ڳالهه هڪٻئي کان ڳجهي نه هوندي هئي، ۽ ڪنهن به هڪ جو راز ٻنهي جو راز هوندو هو. انهن جو اهو رشتو شايد انهيءَ رشتي کان به وڌيڪ مضبوط هو، جو ٻن سڳن ڀائرن ۾ ٿيندو آهي.

        سو، انهي زماني جي ڳالهه آهي ته ٻه نوجوان اميرزادا، مولاءِ ۽ لاماري ، انهيءَ رشتي ۾ ڳنڍجي ويا. هي ٻئي ڄڻا جنگ جي ميدان ۾ گڏ وڙهندا هئا. ٻنهي جي گهري دوستي ٿي ويئي هئي، تنهن ڪري انهيءَ دوستيءَ کي هميشه قائم رکڻ لاءِ  فيصلو ڪيائون ته انهيءَ  رسم مان فائدو ورتو وڃي. ٻنهي جو قد بت بنهه هڪجهڙو هو، پر ٻنهي جي مهانڊن ۾ تمام گهڻو فرق هو. پنهنجي خانداني روايت جي خلاف، جتي ٻيا سڀ خوبصورت مڃيا ويندا هئا، مولاءِ ۾ خوبصورتيءَ  جو شايد ئي ڪو جزو موجود هو.  ها، البت هن جي اکين ۾ رحم جي  جهلڪ هئي. ان جي برعڪس، لاماري بابت مشهور هو ته شايد ئي  ڪا اهڙي عورت هجي، جنهن جي دل ۾ لاماري  کي ڏسي محبت جو جذبو پيدا نه ٿيو هجي. ڊگهي نڪ، سنهڙن چپن ۽ وڏين اکين سان هو پنهنجي خاندان جو حسين ترين نوجوان هو. سندس موڪرن ڪلهن تي پيل ڪارا وار ڪنهن عورت جي وارن کان گهٽ نه هئا. مطلب ته هو اهڙو هو جو هر ڪا عورت هن کي پنهنجو بنائڻ لاءِ تيار ٿي سگِهي ٿي. پر اڃا هو ڪنوارو ئي هو.

        جنگ تان واپس موٽي اچڻ کان ڪجهه عرصو پوءِ، مولاءِ جي ماءُ، جا سندس شاديءَ لاءِ ڏاڍي بيچين هئي. پنهنجي خاندان جي هڪ خوبصورت دوشيزه ’ميڊ موازل ڊي – ايني‘ کي پنهنجي نُنهن ڪرڻ لاءِ پسند ڪيو. مولاءِ کي اهڙيءَ خوبصورت عورت کي شريڪ – حيات بنائڻ ۾ڪوبه اعتراض نه هو، انهيءَ  ڪري جلد ئي مولاءِ جي ’ميڊ موازل ڊي – ايني‘ سان شادي ٿي ويئي. ڊي – ايني هر لحاظ کان هڪ سٺي زال هئي، جنهن ۾ صورت سان گڏ سيرت به هئي؛  ڇو ته هن ڪڏهن به ڪنهن سان پنهنجي مڙس جي بدصورتيءَ جي شڪايت نه ڪئي.

        شاديءَ کي اڃا ٿوروئي  وقت  گذريو هو، ته شهنشاهه جو انتقال ٿي ويو. انهيءَ اوچتي موت تي مولاءِ کي مجبوراً، چند ضروري حڪمن هيٺ، دارالحڪومت وڃڻو پيو. انهيءَ موقعي تي هن لاءِ پنهنجيءَ حسين زال کي اڪيلو ڇڏڻ هڪ مشڪل مسئلو ٿي پيو. نه صرف انهيءَ لاءِ  ته جدائي اڻسهائيندڙ  هئي، پر هونئن  به اهڙي حسين، اهڙيءَ نازڪ ۽ اهڙيءَ خوشمزاج زال لاءِ اڪيلائيءَ ۾ ڪئين خطرا هئا. اهڙن رنگين مزاج نوجوان اميرزادن جي اڻاٺ ڪانه هئي،  جي حسين عورتن جي پٺيان شڪارين وانگر وجهه پيا ڳوليندا هئا. اُهي لومڙ وانگر مڪار ۽ چالاڪ، ۽ بگهڙ جهڙا خونخوار هئا، بلڪ انهن ۾ ڪيترا اهڙا خوبصورت نوجوان به هئا، جن جي باري ۾ سوچيندي هو پريشان ٿي ويو. پر يڪدم هن جي ذهن ۾ هڪڙو  خيال آيو، جنهن ڪي کيس ڪافي اطمينان ٿيو. وڃڻ واري صبح جو هن پنهنجي جاني دوست لاماري کي سڏايو. صبح جو سويل جڏهن ٻئي دوست مولاءِ واري خاص ڪمري ۾ مليا، ته لاماري چيو:

        ” مون کي خبر هئي ته تون وڃڻ وارو آهين، ۽ مان خودئي توسان ملڻ ٿي آيس ته تنهنجو نياپو مليم. مان سمجهي ويس ته مون کي به توسان گڏ هلڻو پوندو، انهيءَ ڪري مان اهو بندوبست ڪري رهيو آهيان.“

        مولاءِ چيو: ” نه، مون کي تو ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ضروري ڪم آهي. توکي خبر آهي ته هتي ڪيترا نه رولو ۽ لوفر آهن. ڇا، منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجيءَ زال وٽ رهي سگهندين، جيئن تون ان جي هر طرح حفاظت ڪري سگهين ۽ ان کي هر خطري کان بچائي سگهين؟ “

        لاماري وراڻيو: ” مون کي انهيءَ ۾ ڪو اعتراض ڪونهي، پر مان انهن ماڻهن کان ڊڄان ٿو،  جي انهيءَ مان ناجائز فائدو وٺي اسان ٻنهي کي ريشم جي ڌاڳن وانگر جدا ڪرڻ چاهيندا.“

        مولاءِ چيو: نه منهنجا دوست، اسان کي پنهنجي دوستيءَ تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. مون کي يقين آهي ته مان هڪ نيڪ ۽ باوفا زال جو مڙس آهيان،  انهيءَ ڪري ڪنهن جي سازش مون تي اثر ڪري نٿي سگهي.“ ايترو چئي، هن پنهنجو منهن ٻئي طرف ڦيرائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ ته لاماري سندس ڳوڙهن کي ڏسي نه سگهي.

        پر لاماري انهن کي ڏسي ورتو، ۽ مولاءِ جي ڪلهن تي هٿ رکندي چيائين: ” منهنجا پيارا ڀاءُ، مان پنهنجي فرض ۽ عزت جو قسم کڻي ٿو چوان ته منهنجي هوندي تنهنجيءَ پرهيزگار زال تي جيڪڏهن ڪو آڱر کڻڻ جي به جرات ڪندو ته منهنجي خنجر جي تکي نوڪ ان جي دل ۾ داخل ٿي ويندي؛ ۽ جيڪڏهن مان زنده رهيس ته واپس موٽي اچڻ تي تون پنهنجي زال کي ڪنهن جي ڇهڻ کان به محفوظ ۽ روشنيءَ وانگر پاڪ ڏسندين.“

        انهيءَ کان پوءِ مولاءِ صرف ايترو چيو: ” لاماري، اهو مون تي تنهنجو سڀ کان وڏو احسان ٿيندو.“ پوءِ  هو ٻاهر گهوڙي تي سوار ٿي درالسلطنت ڏانهن روانو ٿي ويو.

        لاماري، ڊي- اينيءَ جي جاڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، ۽ جڏهن هوءَ هنڌ مان اٿي ٻاهر لاماري سان ملي ته هن کيس سندس مڙس جي وڃڻ بابت ٻڌايو ۽ پاڻ کي سندس حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو. اهي ڳالهيون هن اهڙي دلڪش انداز ۾ ڪيون جو پاڪ ۽ پرهيزگار عورت کي به کيس  پاڻ سان گڏ رهائڻ ۾ اعتراض نٿي ٿي سگهيو. پر ڊي-ايني کي هن جي ضرورت نه هئي. پنهنجي مڙس جي انهيءَ شڪ کان سندس خودداريءَ کي سخت صدمو رسيو. هن جو خيال هو ته هوءَ پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري سگهي ٿي، ۽ مولاءِ جي انهيءَ بي اعتباريءَ کي هن پنهنجي وڏي بيعزتي ۽ بيحرمتي محسوس ڪئي _  ۽ هن جي ذهن انهيءَ بي حرمتيءَ جي بدلي وٺڻ جو تصور به پيدا ڪري ڇڏيو. پر ويچارو لاماري، ڊي – اينيءَ جي دلي جذبات جو اندازو لڳائي نه سگهيو ۽ نه وري  انهيءَ  خاموشيءَ جو مطلب سمجهي سگهيو. بهرحال، ڊي- اينيءَ  مشڪندي هن جي آجيان ڪئي، ۽ سندس رهڻ به منظور ڪيو.

        ڊي- اينيءَ انهيءَ پنهنجي سرپرست ۽ مهمان سان نهايت ئي مهربانيءَ ۽ خنده پيشانيءَ سان پيش ايندي هئي.  ان جي هر شيءِ جو خيال رکندي هئي. اڪثر ساڻس گڏ رهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، ۽ هميشه ان کي اهڙين محبت ڀرين نظرن سان ڏسندي هئي جو هو ڪنهن به طرح پنهنجيءَ باوفا دوستيءَ کان باغي ٿي بيهي. ڊي – اينيءَ جي انهيءَ ناپاڪ ارادي لاءِ  هر شيءِ مڪمل هئي. ڇو ته دنيا جي ڪابه شيءِ عورت کي انهيءَ ارادي کان نٿي ڦيرائي سگهي. لاماري لاءِ هر قدم تي هڪ خطرناڪ ڄار تيار هو.

        اڪثر ڪري هوءَ آڌي آڌي رات تائين، ڊپ جي بهاني، هن کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيندي هئي. بند ڪمري ۾، هٿ سيڪندي، هوءَ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ جهونگارڻ لڳندي هئي. ۽ پوءِ پنهنجيون وڏيون اکيون مٿي کڻي، لاماري جي خوبصورت اکين ۾ اکيون وجهندي، ڪَرَ موڙيندي هئي.

        ڪڏهن هوءَ صبح جو سوير لاماريءَ سان گڏجي باغ ۾ چهل قدمي ڪندي هئي. هن جي ڪلهن جو سهارو وٺي، هوءَ پنهنجن خوبصورت هٿن سان انهن کي زور ڏيندي، آهون ڀريندي هئي. وري پنهنجي سئنڊل جا ڪها_  جي هوءَ هميشه کولي ايندي هئي_ ٻَڌائيندي هئي، ۽ ان وقت هوءَ پنهنجين سهڻين پنين تان فراڪ کي ٿورو مٿي ڪري ڇڏيندي هئي. سڀ کان وڌيڪ، هن وٽ مٺن ٻولن جو خطرناڪ هٿيار به موجود هو، جنهن کي هوءَ  نهايت ئي سليق سان استعمال ڪندي هئي. هن جي ننڍي کان ننڍيءَ ڳالهه جو به خيال رکندي هئي. سندس ڪمري ۾ اچي ڏسندي هئي.  ته بسترو چڱيءَ  طرح وڇايل آهي، ڪمرو صاف آهي، وغيره. هن کان پڇندي به هئي ته کيس ڪا تڪليف ته ڪانه ٿي ٿئي. صبح جو نيرن تي کيس ڪهڙي خاص شيءَ وڻندي آهي _ ماکي، ملائي، مهي، وغيره؛ ۽ کاڌي جا وقت غير موزون ته نه آهن؟ هوءَ چوندي هئي، ” منهنجو ڪوبه خيال نه ڪر، جهڙو وقت توکي وڻندو، مان به انهيءَ وقت تي کائينديس.“ انهيءَ سڄيءَ سنڀال کان سواءِ، ڪڏهن هوءَ سندس ڪمري ۾ داخل ٿيندي شوخيءَ سان چوندي هئي،” او، آرام ڪري رهيا آهيو! مان ان ۾ رخنو وجهڻ نٿي چاهيان، اوهين جيڪڏهن اڪيلائي پسند ٿا ڪريو ته مان هلي ٿي وڃان.“ پر لاماري کيس ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ان وقت سندس جسم تي اهڙو لباس پهريل هوندو هو، جنهن جو ذڪر ئي نٿو ڪري سگهجي. نرم ۽ چمڪندڙ لباس ۾ سندس حسين جسم جون جهلڪون ڪنهن به زاهد ۽ خشڪ مزاج  ماڻهوءَ  کي موهڻ لاءِ ڪافي هيون. پر ائين  ٿي معلوم ٿيو ته لاماري انهن سڀني ڳالهين کان بي نياز ۽ بيپرواهه، ڄڻ انڌو ۽ ٻوڙو هو. هو ڊي- اينيءَ کي سندس مڙني چالُن  کي آزمائڻ جو پورو پورو  وجهه ڏيندو هو؛  ۽ پوءِ نهايت ئي معصوماڻي انداز ۾ هو مولاءِ جو ذڪر شروع ڪندو هو، ان جي محبت ۽ وفاداريءَ جي تعريف ڪرڻ لڳندو هو.

        هڪڙي ڏينهن جڏهن موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي، لاماري محسوس ڪيو ته ڊي –ايني تمام جذباتي ٿيندي پيئي وڃي. تڏهن هن وري کيس مولاءِ جي يادگيري ڏياري، ان جي شرافت ۽ عظمت جو اعتراف ڪيو، ۽ کيس ٻڌايو ته سندس مڙس هن کي ڪيتري نه محبت  ڪندو آهي، ۽ کيس مٿس ڪيڏو نه ڀروسو آهي.

        اهو ٻڌي ڊي- اينيءَ  چيو:  ” جيڪڏهن هن کي مون تي ايترو اعتماد آهي ته پوءِ توکي هتي ڇو ڇڏي ويو آهي؟ “

        لاماري چيو : ” ڇا  انهيءَ  ۾ چڱائي  نه هئي؟  ڇا، اهو ضروري نه هو ته تنهنجيءَ حفاظت واسطي ڪنهن کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو توکي هتان جي فسادي ۽ بدڪردار ماڻهن کان بچائي؟ “

        ”اوه، ته گويا تون منهنجو محافظ ۽ سرپرست آهين!“

        ”جي ها، ۽ مون کي انهيءَ تي فخر آهي.“ لاماري چيو.

        ”تڏهن هن غلط چونڊ ڪئي“ اهو چوندي، هوءَ لاماري کي گهوري ڏسڻ لڳي _  اهڙين نگاهن سان، جو لاماري کي  بيحد شرم  ٿيڻ لڳو، ۽ هو ڊي- اينيءَ کي اڪيلو ڇڏي اٿي هليو ويو.

ڊي_اينيءَ بي انتها سوچ ۾ پئجي ويئي. کيس سمجهه ۾ نه آيو ته سندس سڀ حرفتون ناڪام ڇو ٿيون ٿين. ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ، هوءَ انهيءَ نتيجي تي پهتي ته لاماري پڪ سان ڪنهن ٻيءَ جي محبت جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهي، انهيءَ ڪري ئي کيس منهن نٿو ڏئي. پر اُها ڪير ٿي سگهي ٿي؟ شايد’ ليموئل‘، يا وري’مئڊم ڊي- نيورس‘، يا ڳائِڻي’ڊي- ايسٽر زادرڊي‘_ انهن مان ڪابه هڪ ٿي سگهي ٿي، ڇو ته انهن ئي سان گڏ لاماري اڪثر نظر ايندو هو. پر هوءَ خودئي انهن مڙني کان وڌيڪ سهڻي، وڌيڪ شوخ هئي. هوءَ يقيناً  لامايءَ جي دل کسي سگهي ٿي. هن، ان ڪري، پنهنجين ڪوششن کي اڃا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.

ان کان پوءِ هن نوان منصوبا سٽيا. هاڻي هوءَ ڪجهه غمگين ۽ اُداس  نظر اچڻ لڳي. پر ان سان گڏوگڏ هوءَ لاماري جو هر طرح خيال رکندي هئي. هن سان رليل مليل رهندي هئي، ۽ ساڻس نهايت ئي نرميءَ سان ڳالهائيندي هئي.

هڪڙي ڏينهن شام جو هوءَ لاماري سان ڳالهيون ڪري رهي هئي _ اُداس، ۽ جذباتي. سندس اکين ۾ نااميدي، ڏک ۽ معصوميت جي جهلڪ هئي. تڏهن لاماري پڇيو :” آخر ڇا ڳالهه آهي؟ توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“

هن آهستگيءَ سان، نرم ۽ مترجم لهجي ۾ لاماري کي ٻڌايو ته مولاءِ سان هن جي شادي سندس خواهش جي خلاف ٿي هئي. ۽ هاڻي سندس زندگيءَ جون نزاڪتون ختم ٿي چڪيون آهن؛ محبت واري خوشي سندس جذبات کي سمجهڻ کان قاصر آهي؛ سندس زندگي ڳوڙهن سان ڀرپور آهي، ۽ هوءَ هاڻي غم ۽ گوندر جي اٿاهه سمنڊ ۾ ٻڏندي پيئي وڃي.... هاڻي لاماري، صرف لاماري ئي ڊي اينيءَ کي انهيءَ ڏک جي سمنڊ  مان ڪڍي سگهي ٿو! محبت جي هڪڙي گهڙي سندس جهوليءَ ۾ ڪائنات جون سموريون خوشيون ڀري سگهي ٿي.... ۽ جيڪڏهن لاماري کيس محبت جي خوشيءَ جون اهي گهڙيون بخشيندو ته هوءُ عمر ڀر پنهنجي محبوب جي پوڄا ڪندي رهندي، بلڪ پنهنجي جان ان مٿان قربان ڪري ڇڏيندي:” ڪنهن بدقسمت عورت کي، جنهن جي زندگي درد ۽ غم سان ڀرپور هجي، خوشيءَ جون اهي گهڙيون عنايت ڪرڻ هرگز گناهه ڪونهي. ..  ۽  وري مولاءِ کي ڪنهن به قسم جو شڪ ڪونه پوندو... پر جيڪڏهن انهن سڀني ڳالهين هوندي به تو انڪار ڪري ڇڏيو ته منهنجن جذبن جو گلو گهُٽجي ويندو، آءٌ خود پنهنجو گلو گهٽي ڇڏينديس!“

اهي سڀ ڳالهيون هن نهايت ئي پر سوز انداز ۾ بيان ڪيون. انهن ۾ ڪٿي آهون هيون ته ڪٿي شوڪارا. ڪڏهن هن پنهنجن نظرن کي هيٺ جهڪائي ٿي ڇڏيو، ته ڪڏهن اکيون مٿي کڻي، لاماري ڏانهن ٿي ڏٺو.

هن جي اها تقرير سچ پچ ايتري ته اثر واري هئي جو لاماري ان کان متاثر ٿي ويو. ۽ سندس نازڪ هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي چوڻ لڳو :” آه، مئڊم، تون ڪيتري نه ڏکويل آهين!... پر مان ايتروئي بدنصيب آهيان _“

”ڇو؟ “ ڊي – اينيءَ حيرت مان پڇيو.

” ڪاش، مان توکي خوشيون  ۽ مسرتون ڏيئي سگهان ها!... پر، خاتون، مان مجبور آهيان، انتهائي مجبور!“

” ڪيئن؟“

” مان ڪهڙيءَ طرح توکي پنهنجي حالت ٻڌايان. منهنجين اکين ڏانهن ڏس، منهنجيون پنبڻيون ڏس، ۽ منهنجا وار ڏس... توکي ڇا ٿو نظر اچي؟ “

”ڇا؟“

”اُف، مان توکي ڪيئن ٻڌايان؟ تون مون کان نفرت ڪرڻ لڳندينءَ، ڇو ته ڪابه عورت مون سان محبت ڪري نٿي سگهي! جيڪڏهن ڪا عورت پيار ڪري سگهي ٿي ته مرد به ڪري سگهي ٿو __ پر.... ٻئي  مايوس ۽ نااميد ٿي ويندا. “

” ڇا مطلب!“ ڊي اينيءَ عجب مان پڇيو.

” ها، مئڊم، “ لاماري چيو، ” هيءُ هڪڙو راز آهي. پر تون ضرور سمجهي ويئي آهين... “ ميڊ موازل ڊي – اينيءَ  جون اکيون چرخ ٿي ويون، وات ڦاٽي ويس. هن حقارت آميز نظرن سان لاماري طرف ڏٺو. ويچارو لاماري پاڻ کي پشيمانيءَ جي حالت ۾ ڏسي، اتان اٿيو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.

ان جي وڃڻ کان پوءِ ڊي – اينيءَ سوچيو، ’افسوس، ويچارو! هن کان نفرت ڪرڻ اجائي آهي. هن جي حالت اڳ ۾ ئي ڪيتري نه رحم لائق آهي. هن کي ته همدرديءَ جي ضرورت آهي.،

هڪڙي ڏينهن شام جو جڏهن شهزادي ڪئٿرائين وٽ دعوت هئي، ته ڊي ايني لاماري سان گڏ هئي، بلڪ ڪيترا دفعا هنن گڏجي رقص به ڪيو. انهيءَ تي ماڻهو پاڻ ۾ چميگويون ڪرڻ لڳا، ۽ هر طرف کان ميڊموزل ڊي – اينيءَ تي اڱريون کڄڻ لڳيون. شهزاديءَ ڪئٿرائين، جا ڊي – اينيءَ  جي گهري ساهيڙي هئي، اهي ڳالهيون ٻڌي هن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ چيو : ” ڊي اينيءَ، اها ڳالهه ڪيڏي نه شرمناڪ آهي جو تون لاماري جي هٿ وس ٿي ويئي آهين! هن جي حسن کان متاثر ٿي، تو پنهنجي مڙس کي به وساري ڇڏيو آهي، جو غير موجود آهي. تون هاڻي شادي شده آهين، ڪجهه خيال ڪر. سوچ ته سهي، ويچاريءَ سيموئل کي لاماري سان ڪيتري نه محبت آهي : تون هن جي دل ڀڃڻ  ڇو ٿي چاهين! ڏس ، وجهه ملندي ئي هوءَ لاماري سان رقص پيئي ڪري!“ شهزاديءَ لاماري ۽ سيموئل ڏانهن اشارو ڪيو، جي رقص ۾ مصروف هئا. پر انهيءَ ڳالهه تان ڊي اينيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ان وقت شهزاديءَ جو مڙس به موجود هو. اها ڊي- اينيءَ جي تمام وڏي بيعزتي هئي. جو شهزادي کيس طنعا ڏئي. اهو سراسر بهتان هو، بلڪل بهتان! ڊي – اينيءَ انهيءَ سنگين الزام کي برداشت ڪري نه سگهي. هن هڪدم جواب ڏنو: ” شهزادي، تون هي ڇا چئي رهي آهين! مان لاماري کان متاثر ٿي ويئي آهيان؟ هو...... هو ته مردئي ڪونه آهي!.... ها، شهزادي، هو ته مردئي ڪونه آهي“

انهيءَ ڳالهه تي شهزادي ۽ سندس مڙس ڏاڍي زور سان وٺي کلڻ لڳا. پر ڊي- اينيءَ جي لهجي ۽ ان جي پشيمان چهري ان ڳالهه جي شاهدي ڏني. پوءِ، اها ڳالهه ڀڙڪندڙ شعلي وانگر چوطرف پکڙجي ويئي. ۽ ويچارو لاماري سڀني جي نظرن جو نشانو بنجي ويو. ان وقت هن جي حالت رحم جوڳي هئي. سندس دشمن مٿس کلي ۽ ٽوڪون ڪري رهيا هئا، دوست عجيب نظرن سان گهوري رهيا هئا،  ۽ سيموئل  روئي رهي هئي. ڊي- اينيءَ پنهنجي انهيءَ  حرڪت تي بيحد پشيمان هئي.  ۽ سوچي رهي هئي ته هن پنهنجيءَ  بيوقوفيءَ سبب ويچاري لاماريءَ جي عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏي. جنگ جي ميدان جو هيرو، لاماري، سڀني جي نظرن ۾ حقير ٿي ويو. پر هُو خاموش، چپ چاپ بيٺو رهيو. سندس منهن تي اُداسيءَ  ۽ نا اميديءَ جي  جهلڪ هئي.

گهر واپس موٽندي، رستي ۾، ڊي- اينيءَ آزي نيزاريءَ سان معافي گهريس، تڏهن لاماري چيو : ” منهنجي دل جا زخم ته ڀرجي ويندا، پر افسوس، مان تنهنجي درد جي ڪابه دوا ڪري نٿو سگهان. تنهنجين اداس اکين جو تصور منهنجي لاءِ ڪيترو نه روح کي رنجائيندڙ آهي!“

انهيءَ تي ڊي- اينيءَ جون خوبصورت اکيون اڃا به وڌيڪ اداس ٿي ويون، ۽ انهن ۾ ڳوڙها تري آيا.

آخر هڪڙي ڏينهن مولاءِ جي اچڻ جو اطلاع مليو، ته لاماري هن کي شهر جي دروازي تاتين وٺڻ ويو. جڏهن ٻئي ڄڻا مليا ته پهريون پهريون سوال مولاءِ ڊي- اينيءَ بابت پڇيو.  ۽ جڏهن  لاماري ٻڌايس ته هن پنهنجي قول کي قائم رکيو آهي، ۽ سندس زال اهڙي ئي آهي جهڙي هو ڇڏي ويو هو، تڏهن مولاءِ کيس ڪئين ڀيرا ڀاڪر پائي، سندس بيحد ٿورا مڃيا.

ٻئي  ڏينهن لاماري، اٽليءَ جي جنگين ۾ شريڪ ٿيڻ جو ارادو ڏيکاري، مولاءِ کان اجازت گهري. جڏهن  مولاءِ جي بيحد ضد تي به هو نه مُڙيو، تڏهن  مولاءِ کيس ڇڏڻ لاءِ ڪافي پنڌ تائين ساڻس گڏجي ويو. واپس موٽي اچي هن پنهنجيءَ زال سان ذڪر  ڪيو ته الاجي ڇو لاماري هتان هليو ويو. انهيءَ تي ڊي – اينيءَ چيو ” مون کي خبر آهي ته هو هاڻي هتي رهي نٿي سگهيو،  ڇو ته  ان جو راز ظاهر ٿي چڪو آهي.“

”ڪهڙو راز؟“ مولاءِ حيرت مان پڇيو، ”ان جو ڪوبه راز مون کان ڳجهو نه آهي.“

”تڏهن توکي اها خبر هوندي ته هو نه مرد هو نه عورت!“

”نه مرد نه عورت! ته پوءِ ڇا هو؟ “ مولاءِ پڇيو.

”جو نه مرد هوندو آهي نه عورت، سو ڇا هوندو آهي؟“

”هيءَ ڪهڙي بيهودائي آهي! سڀ بڪواس آهي! بلڪل ڪوڙ، بهتان! ڀلا مون کان وڌيڪ لاماري کان ڪير واقف هوندو؟ ان جهڙو خانداني ۽ حسين مرد ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مان قسم کڻي سگهان ٿو ته هن ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي.! پر اهي افواهه اٿاريا ڪنهن؟“

يڪايڪ، ڊي-اينيءَ جي اکين تان پردو کڄي ويو.  هوءَ حيرت ۾ غرق  ٿي ويئي. کيس هينئر احساس ٿيو ته لاماري ڪيڏو نه عظيم انسان هو:  ڪيڏو نه مضبوط ۽ پختي ڪردار وارو شخص هو، جنهن پنهنجي دوست خاطر ايڏيءَ وڏيءَ بدناميءَ کي قبول ڪيو!

ڪجهه مهينن کان پوءِ اٽليءَ جو هڪڙي فوجي شفاخاني مان لاماري جي موت جي اطلاع سان گڏ، ان جو خط به آيو، جو شايد هن موت جي بستري تان لکيو هو. ان  ۾ هن مولاءِ کي لکيو هو: ”جيئن ته اڄ  ڏينهن تائين  منهنجي ڪابه ڳالهه توکان لڪل نه هئي، انهيءَ ڪري مرڻ کان اڳ آءٌ انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪري رهيو آهيان ته مون کي ڊي – اينيءَ سان محبت آهي:  پر مون نٿي چاهيو ته اتي رهندي منهنجو ڪو جذباتي ۽ غلط قدم پنهنجي پياري دوست ۽ ان جي زال جي زندگيءَ کي ناخوشگوار ۽ بيمزي بنائي ڇڏي، انهيءَ ڪري مون جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ وڌيڪ  بهتر سمجهيو.“  هن پنهنجي خط کي مولاءِ ۽ ڊي- اينيءَ لاءِ مسرت بخش زندگيءَ جي دعا سان ختم ڪيو هو.


ناٽڪ

سجاد حيدر

سنڌيڪار: ممتازمرزا

سورج مکي

(ريڊيائي ناٽڪ)

 

ڪاٺ جي اسٽيج تي ڪنهن جي قدمن جو آواز اچي ٿو. ڪنهن وڏي ۽ ڳري پردي لڻ جوآواز، ۽ ان جي ڦِرڻيءَ جو آواز. خالي هال ۽ ظهير جو آواز گونجي ٿو.

 

ظهير: معزز حاضرين، خدا حافظ. اڄ ماسٽر ظهير اوهان کان اجازت وٺڻ آيو آهي. اڄ هو هٿ ٻڌي، اوهان جي آڏو پنهنجن گناهن جي معافي گهرڻ آيو آهي. هن اوهان کي تمام گهڻا فريب ڏنا آهن. هو پنهنجي گُنهجن واري چهري تي رنگ ۽ روغن جو تهه چاڙهي، ڪوڙيءَ جوانيءَ جو روپ پيدا ڪندو رهيو آهي؛  ۽ اوهين انهيءَ ڪاٺ جي پُتلي کي داد جي نظرن سان ڏسندا رهيا آهيو. هو پنهنجي سنهڙي جسم تي زرهه چاڙهي، سهراب پهلوان جو سانگ ڪندو رهيو آهي، ۽ اوهين هن جي بهادريءَ جي ڪمن تي نهايت خوش ٿيندا رهيا آهيو. هو پنهنجي پيٽ کي زور سان ٻڌي ۽ پنهنجيءَ گنج کي نقلي ۽ گهنڊيدار وارن جي ٽوپيءَ هيٺان لڪائي، نوجوان نينگرين سان پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي، ۽ اوهان کي واهان جي جوانيءَ جو زمانو ياد ڏياريندو رهيو آهي. اڄ ٻهروپيو، پنهنجو ڪوڙو چهرو لاهي، اوهان جي آڏو ظاهر ٿي بيٺو آهي. _ فقط انهيءَ لاءِ ته اوهين فريب جو اصل روپ دل کولي ڏسي سگهو. اوهين اعتبار ڪو نه ڪندا ته ڪڏهن انهيءَ ماسٽر ظهير جو نالو ” صادق“ هوندو هو. سچ کي سوريءَ  تي چاڙهڻ واري جو نالو، ’صادق‘! (کلي ٿو) صادق، ۽ ايڏو ڪوڙ!( زور سان کلڻ لڳي ٿو، ۽ هن جو آواز چؤطرف گونججي گم ٿي وڃي ٿو.)

        (صادق: ’ڌيمي آواز ۾‘ صادق ڪوڙو ڪونهي! ڪوڙو ته اُهو آهي، جنهن اهو نالو بدلايو، ۽ پوءِ نوان نوان ويس اوڍيا. صادق ته سچ جو هٿ وٺي، زندگيءَ جي ڀرپور ميلي کي ڏسڻ لاءِ گهران نڪتو هو. پر خبر ناهي، ڪڏهن انهيءَ ٻهروپئي هن جو هٿ سچ کان ڇڏائي، هن کي پنهنجي انڌاريءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي اڇلايو. صادق پنهنجي سچي ۽ سادي ماحول کان جدا ٿي ويو. هاڻي هن کي ڪوڙَ ڍڪي ڇڏيو آهي، ۽ هو ائين پيو ڦٿڪي، جيئن ڪو ڌڻيءَ سان محبت رکندڙ روح، مست ٿي، جسم جي پڃري مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي)

        ظهير: چڱو، ميان، چڱو. هاڻي ته ڳالهه ئي ختم ٿي وئي. هاڻي ڇاجو جهيڙو. هاڻي ته فقط هڪڙو وڃي رهيو آهي، ٻيو ته پنهنجو نشان ئي وڃائي ويٺو آهي (سوچيندي) پر هتي ڪير آهي؟ ظهير، يا صادق؟.... صادق، يا ظهير؟

جاني: ( سنهٿري:، چيچاٽي آواز ۾) وه وا، وه وا! جواب ناهي تنهنجو، ماسٽر ظهير! ڇا ڳالهه آهي، اڄ ته خدا جي نالي تي خود پنهنجا لکيل ڊائيلاگ پيو ٻولين؟

ظهير : اڙي، جاني مسخرا، تون وري ڪٿي لڪو ويٺو هئين؟ مون ته ائين پاڻ سان پئي ڳالهيون ڪيون!

جاني: پيارا ظهير، اهڙيون ڳالهيون اڌ چريا ڪندا آهن. پر توسان ڪنهن ٻئي به ته پئي ڳالهايو؟

ظهير: ها، هڪڙو ٻيو هو ته سهي،... پر هاڻي خبر ناهي ڪيڏانهن هليو ويو. اڄ هن جو ۽ منهنجو مقابلو آهي! يا هو سچ جو ساٿي ٿيندو، يا هي فنڪار رهندو.

جاني: ڌڻي خير ڪري، اڄ تون منشي ’ دلگير‘ وانگر فلسفي جون ڳالهيون پيو ڪرين!

ظهير: جاني، اڄ مون کي ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ هن سفري ٿئيٽر جي گاڏيءَ مان هڪڙو گاڏو ڪٽجي وڃي ڪٿي ڪريو آهي، ۽ آءٌ ان ۾ بلڪل اڪيلو آهيان. منهنجي چوگرد رنگبرنگي لباس ٽنگيل آهن_ درٻارين جون شاهي خلعتون، محل جي ٻانهين جا ريشمي ڪپڙا، درويشن جا جُبّا ۽ عالمن جا چوغا، ۽ مسخرن جون نوڪدار ٽوپيون.. پر، جاني، اهي درباري ، ٻانهيون، درويش، عالم ۽ مسخرا، پنهنجا اهي لباس لاهي، ڪيڏانهن گم ٿي ويا آهن؟

جاني: خدا جا بندا، ڪٿي ڪا دماغ جي ڪَل ته ڪانه ٿِڙي ويئي اٿئي! هنن پردن کي  ڇو پيو ائين ڏسين؟

ظهير: ڏسان ٿو، جاني، ته هنن پردن سدائين مون کي پنهنجي پٺيان پناهه ڏني آهي ۽ منهنجي اوگهڙ ڍڪي آهي، پر.... اڄ آءٌ سڄي مجمعي آڏو اگهاڙو ٿي پيو آهيان.

جاني: مجمعو! ڪٿي آهي مجمعو؟ مجمعو ته آڊينس (Audience) کي  چوندا آهن. ڏيکار، ڪٿي آهي آڊينس؟ عجيب کوپري آهي تنهنجي به!  خالي اسٽيج تي بيهي ، خالي ڪرسين کي آڊينس پيو چوين!

ظهير: ڏس، جاني، انهن بيجان ڪرسين ڪيئن نه هڪ درد مند دوست وانگر پنهنجيون ٻانهون کولي ڇڏيون آهن، ڄڻ ته اسان سان ڀاڪر پائي ملڻ ٿيو چاهين. پر، اهي ئي ڪرسيون جڏهن انسانن سان ڀرجي وينديون آهن، تڏهن انهن جي هنج ۾ ويٺل ماڻهو ڪهڙيءَ نه بيدرديءَ سان اسٽيج جي روشنيءَ ۾ انساني پُتلن کي نچندي ۽ ڳائيندي، ڪِرندي ۽ مرندي، ٻڏندي ۽ ترندي ڏسندا آهن. اهي ماڻهو، هيتري فاصلي تي ويهي، ڪڏهن به ڪنهن ننڍڙيءَ دل جو ڌڙڪو نٿا ٻڌن، ۽ نه ئي ڪنهن ڊنل نگاهه جي دانهن. اهي انساني بوتا، انسانن جو اصل روپ ڏسڻ ئي نٿا چاهين: انهن کي ته نقلي چهرن تي ڪوڙا جذبا وڻن ٿا!

( صادق: ’آهستي‘ فقط سچائيءَ جو رستو ئي نيڪيءَ جي منزل ڏانهن ويندو آهي، باقي سڀ ڌوکو آهي، فريب آهي. پنهنجي روح جو سڏ ٻڌ، ڪوڙ ۽ فريب جي اونداهين مان نڪري ٻاهر ٿيءُ. اچ، سچ جي روشني ڏس)!

ظهير: پر تون مون کي اهو ته ٻڌاءِ، اي حقيقت پسند، ته سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻ ڪهڙي آهي؟ تو ڏٺو ، جاني، ڪيئن ٿو ڄار وڇائي!

جاني: ڪير ٿو ڄار وڇائي؟ هوش جي دوا ڪر، ڀائو! ٻيو ته ڪير به ڪونهي!

ظهير: ( طنزيه ٽهڪ) دل ۾ لڪل چور! پر اهو منهنجو ۽ هن جو جهيڙو آهي، تون وچ ۾ نه پئه.

جاني: چڱو، دوست آءٌ وچ ۾ ڪونه ٿو پوان. ( فڪرمنديءَ سان ) ظهير، اڄ تون تمام گهڻو ٿڪل ٿو ڏسجين، هل ته توکي گهر ڇڏي اچان.

 ظهير: نه جاني، گهر جي رونق وسندڙن سان آهي. اُجڙيل جو گهر به اُجڙيل هوندو آهي.

جاني: ( ڳالهه ڪاٽيندي) ڀائو، آءٌ خوش هوس ته اڄ تون پنهنجيءَ دل مان پيو ڳالهائين.پر وري تنهنجي زبان منشي دلگيرجا لکيل ڊائيلاگ ڳالهائڻ لڳي. خدا جو قسم، اهو ڊائيلاگ راڪي ٿئيٽر جي مشهور ڊرامي ”دل ديواني عرف پرينءَ کان پري“ جو آهي!

ظهير: منهنجا دوست، آءٌ وڃائجي ويو آهيان، آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڳوليندو ٿو وتان. ڪيترائي ڀيرا جڏهن منهنجيءَ زبان مان ڪي گفتا نڪري منهنجن ڪنن سان ٽڪرائيندا آهن، ته آءٌ حيران ٿي پڇندو آهيان ته اهو ڪنهن ڳالهايو. پنهنجو پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسندو آهيان ته سڃاڻي ڪونه سگهندو آهيان ته اهو آرسيءَ ۾ ڪير آهي، جنهن کي آءٌ سڃاڻان ئي نٿو. ٻين جون ايتريون ته ڳالهيون منهنجي زبان تي رهيون آهن، جو مون کي پنهنجي ڳالهه چوڻ ئي نٿي اچي! پنهنجي چهري کي ايترو ته ٻين جي چهرن ۾ بدلائيندو رهيو آهيان جو هاڻي پنهنجي شڪل ئي نٿي سڃاپڻ ۾ اچي! هاڻي ٻڌاءِ ته پنهنجو باقي ڇا وڃي رهيو آهي؟

(صادق:’آهستي‘ چريا، اصل ۽ نقل کي سڃاڻ. سچ ۽ ڪوڙ جي پرک رک. پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌ، ۽ من جي ڳالهه چئه.)

ظهير(مضطرب ٿي) اهو ڪم منهنجو ناهي، اهو ڪم منهنجو ناهي!

جاني: ڇا ڳالهه آهي، ظهير، ڪهڙو ڪم تنهنجو ناهي؟ ڪنهن سان پيو وڙهين؟

ظهير: توکي ٻڌايو ته اٿم ته اندر جو چور آهي..  آءٌ لڪايان پيو ۽ هو ظاهر پيو ڪري.

جاني: اڄ تون ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين، ظهير! تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟

ظهير: ها، جاني، آءٌ ته ٺيڪ آهيان، پر اڄ ڦٽ ڦاٽي پيو آهي... مون کي خبر هئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اهو ضرور ڦاٽندو.

جاني: ڀائو، آخر، ٿيو ڇا آهي؟

ظهير: جاني، تون چوندو آهين نه ته اُداس مسخرو انهيءَ حلوائيءَ وانگر آهي، جيڪو پنهنجي مٺائي خود پنهنجن هٿن سان سميٽيندو آهي. مسخري جو ڪم کِل مسخريءَ سان آهي. تون ڇو منهنجي دل جو داستان ٻڌي پنهنجو سودو ٿو سميٽين؟

جاني: ظهير، آءٌ پنهنجو سودو سامان هن دڪان تي سجائڻ ڪونه آيو آهيان. مون کي تنهنجي آڏو روئندي به شرم ڪونه ٿو اچي. آءٌ پنهنجا ڏک سور، چوريءَ جي مال وانگر، هنن تماشبينن جي نظرن کان لڪائيندو پيو هلان. توکي هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه ٻڌايان، شايد توکي  ياد به هجي. گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن، مون ” جادونگري“ ناٽڪ ۾ چيني مسخري ”شوتو“ جو پارٽ پئي ڪيو.... جڏهن آءٌ شاهي باغ واري منظر ۾ شهزاديءَ جو لاش ڏسي پوين پيرن ڀڳو هوس، تڏهن آءٌ وِنگ وٽ سچ پچ بيهوش ٿي ڪري پيوهوس.پٿردل ماڻهن مون کي ڏسي ڏاڍيون تاڙيون وڄايو هيون. انهن بيدردن کي ڪهڙي خبر ته انهيءَ ڏينهن صبح جو مون کي اطلاع پهتو هو ته منهنجي ننڍپڻ جي ساٿي ۽ منهنجي مڱيندي، سڪينا، نانگ جي چڪ لڳڻ ڪري مري ويئي آهي. شهزاديءَ جي روپ ۾، شيرين مون کي هوبهو سڪينا پئي ڏسڻ ۾ آئي.... ۽ وري شهزاديءَ کي به ته نانگ ڏنگي ماريو هو! .... ڪيئن، ياد اٿئي” جادونگريءَ“ جي ڪهاڻي؟

ظهير: ها، ياد اٿم. ۽ مون کي شيرين به ياد آهي. شيرين ته سچ پچ شهزادي هئي. ڪو هن کي ڏسڻ جي طاقت ڪونه رکندو هو. شايد هوءَ ڪنهن ملڪ جي شهزادي ئي هئي. هوءَ ٻڌائيندي هئي. ته جڏهن پاڻ ننڍڙي هئي ته ٺڳن جو هڪ گروهه کيس پهاڙن جي پٺيان ڪنهن وسنديءَ مان کڻي آيو هو. پوءِ هن کي رحيم بابا خريد ڪري، پاليو ۽ نپايو. هن جي اڳيان ڳالهائيندي، ڪنهن کي ساڻس اکين ملائڻ جي همت ئي ڪانه ٿيندي هئي.

جاني: سيٺ خود چوندو هو ته اها ڇوڪري ظهير تي تمام گهڻي ڇانيل هئي.

ظهير: ها، هو ٺيڪ چوندو هو. شيرين منهنجي دل ۽ دماغ تي ڇانيل هئي. هُن جي آڏو محبت جا ڊائيلاگ ڳالهائيندي منهنجي دل منهنجين اکين مان جهاتيون پائڻ لڳندي هئي، ۽ منهنجي زبان هن جي قدمن تي پيار ۽ محبت جي تازن گلن جي ورکا ڪندي هئي.

جاني: (ستائيندي) اُن ڊرامي جو ٽيون منظر ياد اٿئي؟... جڏهن قيد خاني ۾ سوداگرزادو پنهنجي دوست سان ڳالهائي ٿو!

ظهير: جاني، ڇا تون به هال ۾ ويٺل ماڻهن وانگر اسٽيج- ائڪٽر کي انسان نٿو سمجهين؟ پيارا دوست، اُهو سوداگرزادي جو پنهنجي وڇريل دوست سان ڊائيلاگ ڪونه هو، پر پنهنجي همراز جانيءَ سان دل جي ڳالهه هئي. مون شهزاديءَ ’نازپرور‘ جي دل کي قيد ڪرڻ واري حسن جي تعريف ڪانه پئي ڪئي، پر مون توکي پنهنجي محبت جو داستان پئي ٻڌايو. تون کلندين ته هيترن تماشبينن جي آڏو، اهو ڪهڙو چريو هوندو، جيڪو پيار جي ڳالهه ڪندو. پر، جاني، جڏهن انسان بيوس ۽ لاچار ٿي پوندو آهي، تڏهن ان کي پنهنجي  محبوب کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه ڪانه وڻندي آهي. آءٌ توکي سچ ٿو ٻڌايان ته جڏهن آءٌ ۽ شيرين آمهون سامهون ٿي ڳالهائيندا هئاسين، تڏهن مون کي هال توڙي اسٽيج ٻئي خالي ڏسڻ ۾ ايندا هئا... بس، آءٌ هوندو هوس، ۽ هوءَ هوندي هئي.

جاني: ها، مون کي ياد آهي. انهيءَ ناٽڪ جي آخري منظر ۾ ڪيڏيون نه تاڙيون وڳيون هيون، جڏهن تون سوريءَ تي ٻڌل هئين ۽ شيرين کي ٻَڌي تنهنجي آڏو آندو ويو هو.....  ” دلين جا دشمنو، مون کي باهه کان ڪهڙو ٿا ڊيڄاريو!“

(گهڻن ماڻهن جا جوشيلا آواز. ڊائيلاگ شروع ٿيڻ سان گوڙ گهٽجي ٿو.)

ظهير: دلين جا دشمنو، مون کي باهه کان ڪهڙو ٿا ڊيڄاريو! اِها ته منهنجي لاءِ نمرود واري باهه آهي، جيڪا ابراهيم(عليه) جي جسم سان لڳي گلزار ٿي ويئي هئي. محبت کي باهه جي گرمي ڪانه ٿي ساڙي سگهي. محبت ته باهه ۾ سڙي ڪُندن ٿي ويندي آهي. ناز، تون ڇو اداس آهين؟ ڏس، آءٌ ڪيترو نه خوش آهيان. ورهين کان پوءِ دل جي تمنا پيئي پوري ٿئيم. اڄ آءٌ پنهنجو پاڻ کي توتان قربان پيو ڪريان. منهنجي محبت جو هي تحفو قبول ڪر.

شيرين:( تمام وڏي آواز۾) ظالمو، سنگدلو منهنجي ’مراد‘ کي نه ماريو! .... آءٌ نامراد ٿي مري وينديس! اوهين جيڪڏهن اسان کي هڪٻئي کان جدا ڪرڻ ٿا گهرو ته مون کي کڻي باهه ۾ اڇلايو.آءٌ ڦٿڪي ڦٿڪي مرڻ کان باهه ۾  سڙي کامي وڃڻ وڌيڪ پسند ڪريان ٿي، پر منهنجي مراد کي نه ماريو.... منهنجي مراد کي نه ساڙيو...... (روئي ٿي.)

ظهير: ناز، نه روءُ.... اڄ ته اسان جي محبت امر پيئي ٿئي! اڄ روئڻ جو موقعو ته ڪونهي. جڏهن آءٌ اڪيلو جُڳن جي محبت پنهنجين اکين ۾لڪائي توکي پريان ڏسندو هوس، تڏهن دل جي دنيا ڪيڏي نه ويران هوندي هئي....پوءِ، هڪ ڏينهن منهنجي ويران ۽ اُجڙيل دنيا ۾ هڪ جوت جلي، منهنجي محبت جي درياءَ تي سوين سهڻا گل ٽڙي پيا...  منهنجن قدمن کي هڪ منزل ملي ويئي. مون ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪنهن وٽ پهچڻ جي اميد پيدا ٿي. اڄ آءٌ ڪٿي پهچي ويو آهيان. اڄ ته تو پنهنجن قدمن مان منهنجي پيار جا گل ميڙي، پنهنجي مٿي جي وارن ۾ لڳيا آهن!... نه روءُ، ناز!

شيرين: پر، مراد، هيءَ جبل جيڏي حياتي اڪيلي ڪيئن گذرندي؟ مون کي پاڻ سان وٺي هل، مراد! ساٿي ته ساٿيءَ سان گڏ هلندو آهي، پوءِ تون اڪيلو ڇو پيو وڃين... ڇا. اهوئي تنهنجو پيار آهي؟

ظهير: ناز، جيڪڏهن منهنجو پيار سچو آهي ته پاڻ وري به ملنداسين. سڀڪجهه هتي ختم ڪونه ٿي ويندو. منهنجي دل ته ازل کان وٺي توسان گڏ آهي. (شيرين جي تڪڙي هلڻ جو آواز) ناز، ترس! تون ڪِري پوندينءَ... هي ظالم توکي مون تائين ڪونه اچڻ ڏيندا.

شيرين: ( جذبات سان ڀريل آواز ۾) خبردار، منهنجي ويجهو نه اچو! آءٌ پنهنجي مراد وٽ پهچڻ لاءِ بکايل شينهڻ وانگر آهيان.... پري ٿيو! ... (سهڪي ٿي) مراد، آءٌ اچي ويئي آهيان! مون کي سهارو ڏي.

ظهير: خدايا، منهنجيءَ ناز جو محافظ ٿيءُ..... اچ، مون سان گڏجي بيهه....

شيرين: ٻاريو باهه! هاڻي اسان کي ساڙي خاڪ ڪريو. اسين گڏجي سڙڻ لاءِ تيار آهيون .. ڇو؟ ماٺ ۾ ڇو آهيو؟.. اوهان ته اسان کي جدا جدا مارڻ ٿي گهريو، هاڻي اسان کي گڏ نٿا مرڻ ڏيو... موت جا مسافر اوهان کان موت ٿا گهرن... ڇا، اڄ موت گهرڻ سان به ڪونه ملندو؟

ظهير: ناز، اهڙو موت ڪنهن کي ٿو نصيب ٿئي. ماڻهن کي اهڙو عجيب موت نصيب ٿيندو آهي، جو هڪٻئي کان جدا ٿي ويندا آهن، ۽ اسين موت جي منزل تي گڏجي هڪ ٿي ويا آهيون!

شيرين: منهنجو ظالم پيءُ منهنجي دل کي ساڙڻ کان ذرو به ڪونه  هٻڪيو. پر هاڻي منهنجي جسم کي  باهه ۾ اُڇلائڻ لاءِ هن جي دل کي صدمو رسيو آهي. خدايا، هن جي دل ۾ رحم پيدا ڪر! مراد، آءٌ ائين ئي سڄي عمر توسان گڏ بيٺي گذاري ڇڏينديس.... هاڻي، مراد، تو تائين باهه ڪانه پهچندي.... اڄ مون پيار جي اسم اعظم سان باهه کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي!

(هال ۾ تاڙين وڄڻ جو آواز، ڪيتري وقت تائين)

ظهير: جاني، ماڻهو منشي ’دلگير‘ جي لکيل لفظن تي يا منهنجي ادائيگيءَ تي خوش ڪونه ٿا ٿين، هو ته پنهنجي اندر ۾ لڪل تصويرن  کي جهُڪي جهُڪي ڏسندا آهن. هر جيئري جاڳندي ماڻهوءَ جي دل تي جذبات جا نامڪمل ۽ گهرا نقش چٽيل هوندا آهن. اسين ته فقط انهن نقشن تان وقت جي ڌوڙ لاهيندا آهيون. اسين خود ته پنهنجن نقشن کي اسٽيج جي مورتين سان ڀيٽيندي چريا ٿي پوندا آهيون. جاني، اسين ته يادگيرين جا آئينا ڏيکاريندا آهيون. چريا، يادگيريون ٿورو ئي ڪندا آهيون!

جاني( سوچيندي ۽ چيڙائيندي) ’چريا يادگيريون ٿوروئي ڪندا آهن.... چريا يادگيريون ٿوروئي ڪندا آهن، ... هون، دوست، اِهو ڪهڙي ڊرامي جو ڊائيلاگ آهي؟

ظهير: بس ڪر! انهن ڳالهين ته شيرين کي مون کان بدظن ڪيو هو! اسين گهڻو ڪري آمهون سامهون ٿي ڳالهائيندا هئاسين. هن کي منهنجا ۽ مون کي هن جا ڊائيلاگ ياد هوندا هئا. ڊرامن جا جملا ۽ ڪردار منهنجي روح ۾ رچي ويا آهن، جاني، اُهي ٻاهر نڪرڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن. ڪيترا ڀيرا آءٌ دل جي ڳالهه چوندي چوندي ڪا اهڙي حرڪت ڪندو هوس جو هوءَ ڳالهائيندي ڳالهائيندي مون ڏانهن گهوري نهاريندي هئي، پر آءٌ پنهنجي خيالن ۾ اهڙو غرق هوندو هوس جو هن جي حيران اکين کي نه ڏسي سگهندو هوس.... نيٺ هڪڙي ڏينهن اها چوري جهلجي پيئي _

شيرين: ڇا چيئه؟ وري ته چئجين!

ظهير: ڇو، منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪونه اٿئي؟ مون چيو پئي ته تنهنجو خيال منهنجيءَ آسائتيءَ دل ۾ بهار جي ٿڌڙيءَ هير وانگر ايندو آهي،  ۽ پوءِ مون کي پنهنجن خوبصورت پَرن تي اُڏائي، اُتي کڻي ويندو آهي، جتي توکان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه هوندو آهي ....

شيرين:(ڳالهه ڪپي) ... ” ۽ جتي تون ڪنهن ڏند ڪٿا جي ديويءَ وانگر سوني تخت تي ويٺل هوندي آهين، ۽ آءٌ انهيءَ تخت تي ڀرسان قربان ڪيل گلن وانگر ڪومايو پيو هوندو آهيان!“ . . . ڊراما ” گل ٽڙيا، دل رنو“ جي ٻئي منظر ۾ رياض ۽ رفيع جو ڊائيلاگ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com