سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :13

مُنو تولارام گدواڻي

نوٽڻ

(هڪ سنڌي گهريلو راند)

 

        بنيادي يڪوجود ۽ يڪسان عناصرن جي باوجود سنڌيت جا ڪي اهڙا گڻ آهن، جي کيس ٻين تهذيبن کان علحدو ڪري ٿا بيهارين. سنڌيت جو وسيع ميدان آهي. ڪي سرويچ کپن، جي هن عميق ۾ غوطا لڳائي اُهي سڀ سُپون ڪڍي اچن. ’مهراڻ‘ جي معنيٰ  ئي سمنڊ  آهي. سنڌيت کي ٺيڪ سمجهڻ لاءِ نه فقط ان جا مکيه عناصر، پر ان جي تفصيلن ۾ وڃڻ ضروري آهي.

        ملاکڙي جي مفصل بيان ڪرڻ وقت ( ”مهراڻ“، جلد9، نمبر 3-4 ص 642) مون سنڌ جي گهريلو خواهه ٻاهريلو (outdoor) راندين جو به ذڪر ڪيو هو. تهذيب جا ٻن طرحن جا عناصر آهن: هڪڙا نج (indigenous) ۽ ٻيا پنهنجايل (domiciled). خاص ڪري سنڌيت ۾ ته انهيءَ پنهنجائيءَ ڪرڻ جي قوت اهڙي ته زور واري آهي، جو ٿوري ئي وقت کان پوءِ اهو پتو لڳائڻ مشڪل ٿيو پوي ته هيءَ ڪا نج آهي. هتي انهيءَ گهريلو راند جو بيان  آهي جا نج سنڌي آهي، يعني هنجو ڄم ۽ نيپاج سنڌ ۾ ئي ٿيو آهي.

پي َ پسايو پانهنجو،نظارو ناگاه،

لٿو ڪٽ قلوُب تان، ٿي  و ِروُهڻ واه

اُميدون ارواح، پيَ پسندي پُنيون.  (شاهه)

        انهن مان هڪڙي آهي ” نَوَٽِڻيِ “ ، يعني اها راند، جنهن ۾ فقط نَو(9)  ٽِڻَ ٺهي ٿا سگهن ليڪن اها حقيقت نه آهي. باقي ايترو آهي جو هر ڍهڪ کيڏندڙ کي نو ساريون هونديون آهن، يعني هن کي نوٽڻ، ٽاڻا يا وجهه ملن ٿا راند رمڻ جا، سڌارڻ جا ۽ آخرين طرح جيتڻ جا، تنهن تان شايد اهو نالو پڙپيو اٿس. ’ٽڻ‘ مخفف آهي ’ٽاڻي‘  جو، جنهن جو اصلي مطلب آهي وقت. ڪهڙي نه سهڻي نموني ويهي سنڌيت پنهنجي مطلب لاءِ لفظ  گهڙي ڪڍيو آهي. هاڻي ٽِڻُ انهيءَ کي  چئجي، جنهن ۾ ٽي ساريون هڪ ئي قطار ۾ وڃي بيهن. سنڌي راندين جي اها خاص خوبي آهي ته اهي ٿورَ  خرچائو آهن، اگرچ انهن ۾ حظ، ورزش، ڏيک، لقاءُ ۽ آنند اوتروئي آهي، جيترو ٻين ملڪن جي راندين ۾ آهي. اهي ساريون ڪي پلاسٽڪ جون يا ڪاٺ جون، سهڻيون گهڙيل قيمتي ڪونه هونديون آهن، بلڪ جيڪا به شيءِ هٿَ وسيڪي ٿيندي، سائي سارين جو ڪم ڏيندي _مثلاً: ڀتر جا ٽڪرا، ڪوئلي جا ٽڪرا، ڪتل يا گدامڙيءَ جو کَکڙيون، تڏي جا ڪک وغيره، ٻير جا ڌڌڙا گهڻو ڪري ڪتب نه لائبا، جو گول هئڻ سبب اهي هر هر پيا گهرڪي ويندا. جو ٻيوڪجهه نه ملندو ته ماچيس جي تيلين جا ٽُڪر يا ڪنهن به پاٺي يا ڪاغذ جا ٽڪرا راند ۾ لڳائي ڏبا. مٿي به ’ساريون‘ لفظ مجبوراً ڪم آندل آهي، نه ته حقي ڪري جن شين جون اهي بڻايون وينديون آهن، سڌو انهن جو ئي نالو چئبو آهي _ يعني سامهين کي چونداسين ته ”هل کَکڙي!“ يا هل”تيلي!“ ڪيتري نه لفظن جي به ڪفايت آهي جو هوند ٻين اهڙين ’سارين وارين راندين‘_ مثلاً:  ليوڊو، بليئرڊ، وغيره _ ۾ صفا ڪري ڳالهائڻ لاءِ لاچار چوڻو پوندو آهي، ”هل ڳاڙهي ساري“، وغيره؛   ڇو ته ’ساري‘ هڪ عام لفظ آهي، جنهن کي خاص ڪرڻ لاءِ ڪا صفت لازمي ڏيڻي پوندي آهي.

        ڀلا تختو ڪهڙو ٿيندو آهي، جنهن تي اهي سايون هلائبيون آهن. اهو شطرنج جي تختي (Chess- board) يا ليوڊي وانگر ڪو قيمتي يا ٺاٺ وارو ڪونه هوندو آهي. اهو ته هوندو آهي اسان جِي ڀونءِ ڀلاري! ڌرتي ته چوڌاري پکڙي پيئي آهي، سو ساريون به ائين هر جا حاضر. تنهنڪري، جڏهين ۽ جتي به شوق  جاڳي يا وقت ملي يا ضرورت  ٿئي ته اتي ئي ان راند کي شروع ڪري ٿو سگهجي، رڳو ٻه ڄڻا سي هجن. پر  جي ٻن کان وڌيڪ هوندا، ته به اهي حظ وٺي سگهن ٿا، جن ۾ ڄڻ ٻه پارٽيون ٿي وينديون، گڏي، صلاح سان ساري چوريندا يا هلائيندا. ليِڪن جو نمونو (design) به ڪو اهنجو ڪونهي، جو ڇپيل  يا هڪ قت ڪڍيل  ضروري هجي. ٻئي صفحي تي اهو نمونو ڏنو ويو آهي. ٽي ٿيندا آهن چورسا، جي هڪٻئي ۾ اندر سمايل inscribed)) هوندا آهن، يعني هڪڙو ٻئي کان ته ٻيو ٽئين کان وڏو هوندو آهي. صفا اندرئين چورسي جو پاسي ٻن کان چئن اِنچن جو ٿيندو، ۽ ٻن چورسن جي وچ ۾ ان پاسي جيترو مفاصلو ضرور رکبو. انهي ٽنهي چورسن کي وري چئني  طرفن وچان ليڪ ڪڍي گڏي ڇڏبو آهي، يعني مٿي ڏنل وصف موجب جملي ان راند ۾ سورهن ٽڻ جا هنڌ ٿيا.

        سو اهي ليڪا زمين تي مٽيءَ ۾ ته آڱر سان ئي، ۽ پڪيءَ زمين يا فرش تي ڪنهن چاڪ يا ڪوئلي سان ئي ڪڍي،  جهٽ پٽ، ڪا پندرهن منٽ فرصت ملي ته به جوان جنبي ويندس. صاحب اندر ڪنهن ٻئي صاحب جي گڏجڻ وڃي ته ويچارو سندس نائڪ بيهي ٻاهر. اندر هُو ته وڃي لڳا گپن شپن ۾، جنهن ۾ اها ڪا به سمڪ ڪانه رکندا ته سندس نائڪ ٻاهر ڪيئن ويهي واساما وٺندو هوندو. سو اهڙن وقتن تي اسان جي سنڌي نوٽڻ لاجواب راند  آهي. ڀلا راند جو گهڻو مقصد ته اهو به آهي ته من وندرائجي، من رڌل رکجي. چورسو ته هڪ ڌڪ سان ڪڍي وڃبو، سو لِيڪن ڪڍڻ ۾ ويرم لڳي ئي ڪانه ۽ نڪا ڪا تڪليف آهي ستن ڌڪن سان نوٽڻ جو تختو تيار. منٽن جون صفايون. پر جي ڀلا چاهجي ته متان ڪو ٻيو وري اچي نه ڏسي، ته ميٽائڻ ۾ به ڪا هلاکي ڪانه .

        ساري رکبي آهي اُن هنڌ جتي ٻه ليڪون اچي گڏجن: يعني اٺ آهن ٽِواٽا، چار آهن چؤسول، ۽ ٻارهن آهن گويا گونيءَ ڪنڊا رستا. اهڙيءَ ريت سارين رکڻ جا چويهه هنڌ آهن، جي خاڪي ۾ نشان ڪيل آهن. مٿي جو چيل آهي ته سورهن ٽڻ جملي ٺهي سگهن ٿا.

 

نوٽڻ جو خاڪو

 

سي چوويهن سارين سان ممڪن آهن، پر ساريون جملي فقط ارڙهن هونديون آهن: نَو هڪڙي ڀيچيءَ جون نَوَ ٻئي جون. ساري رکڻ پهرين ڪير شروع ڪري، تنهن لاءِ ڪا اکر – ڀوري (Toss) ڪانه ڪئي ويندي آهي. سنڌيت جو ڀائيچارو ورتل ڪري اسلام مان آهي، پر سنڌ جي اڃا به انهن ڳوٺن ۾، جتي هاڻوڪي راڄنيتي جا ڪا ٽِمڻي وڃي نه پهتي آهي، اتي عربستان کان به وڌيڪ  اوهان جون اهي سڪون لهنديون.  هو ڄاڻن ٿا ته ٻئي جي ڀلي ۾ سندن ڀلو بلاشبهه سمايل آهي. ڪڏهين نه ٻڌوسون ته ان تان رڳڙو ٿيو ته پهرين ساري ڪير رکڻ شروع ڪري. اڳتي هلي، ته نهايت ۾ نهايت، جنهن هيڪر رکي هوندي ته ٻيهر ٻئي کي  رکڻ جو حق ملندو. اها ريِتي (tradition)  ٿي ويئي آهي.

        پوءِ جئن راندين ۾ عام ٿيندو آهي ته پهرين هڪڙو هلي بيهي ته ٻئي جو ’وارو‘ ايندو آهي، تيئن هن ۾ هڪڙي ’کَکڙي‘ رکي ته اُن بعد ٻيو ’ڪوئلو‘  رکندو. ٽڻ ٺاهيائين ته کيپ کٽيائين، يعني سُرهي ٿيس. اُن جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو ان ٽڻ ٺاهيندڙ کي حق ملندو آهي ته پنهنجي سامهئين جي ڪابه ساري ’ماري‘ سگهي ٿو، يعني ان کي راند  مان هٽائي،  پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو، جيئن ليوڊي يا چؤپڙ ۾ ڪبو آهي. ساري ڳولي ضرور اها ماربي، جا ڌڻيءَ لاءِ زياده ۾ زياده ڪارائتي هوندي، جنهن ۾ اڳلي جي راند کي ڪاپاري ڌڪ لڳي. ساريون جو چوويهن جي بدران ارڙهن آهن، تنهنڪري انهن  مان ٽڻ به فقط گهڻي ۾ گهڻا ڏهه ممڪن هوندا آهن. ائين ٽڻ جي وسيلي جيت ٿي ٿئي، سو هرڪو ائين چاهيندو آهي ته مان ستت ئي ڪو ٽڻ ٺاهي وجهان، ته هوڏانهن وري اڳلو هن کي ٽڻ ٺاهڻ ئي نه ڏيندو: ساري اهڙي هنڌ تي رکندو ايندو، جيئن هن جو ٽڻ ’ڊهندو‘ وڃي، ۽ ساڳئي وقت اهڙو هنڌ چونڊيندو، جتي ٻئي ڪم سَرن، يعني هن جو ٽڻ ڊهي ۽ سندس ٽڻ ڪنهن طريقي جُڙي. بچاءَ سان گڏ اڳرائي به هلندي اچي.

        هيءَ راندر عقلي آهي. هن ۾ ڪابه تقدير ڪانهي، جيئن سڀني ’ڍاري جي راندين‘ ۾ هوندو آهي، يا پتي جي راند ۾، يا خود بليئرڊ ۾، جنهن ۾ به اهو نصيب جي وس آهي ته ’ ڳوٽَ‘ ڪيئن ٿي ڦيراٽيون پائي، ڪيئن ٿي گسڪي يا ڪٿي وڃي ٿي ٿيڙ کائي. جيڪي جهونجهار هوندا آهن جو زور ڪري اڳلي کي ٽڻ جي ڀيتي ڏيئي، پنهنجي ٽڻ جا مُهڳ بنائي ڇڏيندا، جنهن جي ڪنهن سادي ماڻهوءَ  کي خبر ئي ڪانه پوندي. اهو اڃا هڪ کَکڙي هن جي مس کڻي مٿي ٿيندو ته هن جا ٽڻ جاري ٿي ويندا، ۽ هن کي ڪا وارکائي ڪانه ڏيندو جو هو پنهنجو ٽڻ ’ڦُٽي‘ وري ٻئي جي تياري ڪري يا ساڳيو ڀري. ڪڏهين ته هن جون واهون ئي بند ڪري ڇڏبيون آهن ته هو ٽڻ ڦٽي ئي نه سگهي. جيڪو هڪڙو ٽڻ ٺاهيائين سو ٺاهيائين، پوءِ  ڀلي وتي سڪندو يا ٻئي جي ٽڻ پٺيان ڊ ِيڪندو.

        مزو تڏهين ٿيندو آهي، جڏهين ’ٻِٽِڻِ‘ ٺهي ويندي آهي _ يعني ساري ٽڻ ڦُٽڻ لاءِ ٻاهر ڪڍ، ته به ٽڻ  پيو ٺهي. ان کي چئبو آهي ته ”ٻيگهه متي“. ان طرح ٽڻ ڦٽڻ  ۾ وارو اجايوئي ڪونه ويو. شطرنج راند ۾به ڪاريگر اهو آهي، جو پنهنجو هر ڪو قدم مطلب کان خالي  نه کڻي ۽ فضول نه وڃائي. هي  ’داءَ جون رانديون‘ آهن: ڪنهن جو داءُ کُٽو ته هن جي هارائڻ جو امڪان وڌيو. اهي  ٻِٽڻيون فقط ٻن طرحن سان ممڪن آهن:  هڪڙو ته پنج ساريون رکيل هجن ٻن چورسن جي هڪ طرف، لاڳيتن پاسن  ۾، جنهن ۾ وچ واري ساري هيٺ مٿي اچڻ سان پيئي ٽڻ ٺاهيندي. ٻيو ته ڪنهن به چورسي جو ڪهڙو به هڪڙو پاسو، ۽ وچين ڳنڍيندڙ ڪهڙيءَ به ليڪ تي، پر اهڙي نموني، جيئن پنجين ساري ٻنهي ٽڻن ۾ اچي وڃي سگهي. ڪنهن جي ٻِٽڻ ٿي ته هن جي ٻيگهي متي. ’ٻيگهي‘ شبد  جيتوڻيڪ ٻئي ڌاتوءَ مان آهي، مگر ٺهيو ان طريقي  آهي. سنڌيءَ ٻوليءَ  ۾ اهو تنهنڪري اصطلاح ٺهي ويو آهي. ڪنهن حيدرآباد جي رهاڪوءَ  جي ميرپورخاص ۾ جيڪڏهين نوڪري هوندي ۽ سندس هيڊ آفيس هوندي حيدرآباد، ته جڏهين جڏهين آفيس جي سرڪاري ڪم سان ميرپورخاص مان حيدرآباد  ته آفيس جي ڪم سان گڏ پنهنجي گهر جو واءُ سواءُ به لهندو ايندو. ڀاڙو ڀتو تنهن کان سواءِ، سرڪاري. اهڙي وقت چوندا ته ’ادا، هن جي ته ٻٽڻ متي!‘ وغيره. پر ائين جي هر هر پيو صاحب حيدرآباد سرڪاري ڪم سان موڪليندس ته ڪي حسد وچان چوندا، ’ٻيگهي اچي متي اٿس!‘ سو ”ٽڻ“ معنيٰ ٻن سارين سان راند، هن راند ۾، ٻن ڀَرين جو داءُ. ٻيگهي، فقط ٻن ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙو. ٻيگهي مچڻ يا لڳڻ معنيٰ  ٻن پاسن کان فائدو وٺڻ يا ٿيڻ، هر طرح فائدو ٿيڻ، مڪو مچڻ. ’ٻٽڻ متي اٿس‘ معنيٰ ٻنهي طرفن کان فائدو ٿيو اٿس. ‘ٽڻ ڊاهڻ‘ معنيٰ رٿ ڦيرائڻ يا خيال لاهڻ۔ ’ٽڻ ڀڃڻ يا گسائڻ‘ معنيٰ وجهه وڃائڻ.

        ڪي ته اهڙا قابل هوندا آهن جو ’ ٽِٽڻ‘ ٺاهي وٺندا آهن، جنهن ۾ گهڻي کيڏ گهرجي،  ۽ اڪثر اها تڏهين ممڪن آهي، جڏهين اڳلو ڪو صفا چٽ هجي. اها مشڪل آهي، تنهنڪري ورلي ڪا ملي ويندي آهي. پر جي هيڪر ٺهي ويئي ۽ رستو صاف اٿس يا ٻئي اُن ۾ ڪو وگهن نه وڌو يا وجهي نه سگهيو، ته راند آئي رهي..... بس، هڻ  کڻ، ٻن ٽپن ۾ راند پري. ٽِٽڻ وارو وڌيڪ هشيار يا نصيب وارو سمجهيو ويندو آهي ٻٽڻ واري کان. تنهنڪري سنڌيءَ  ۾ وري هن تان جو اصطلاح ٺهيو آهي، تنهن کي وڌيڪ معنيٰ  آهي. ڳالهه ساڳي، پر قدر جو تفاوت. سو هيئن جو سمجهو ته ڪنهن حيدرآباد جي رهاڪوءَ  جي نوڪري ميرپورخاص ۾، هيڊ آفيس حيدرآباد  ۾ ته ساهر! جيمس آباد ۾. هاڻي جي هو حيدرآباد  وڃي ته سندس  ذاتي  سک سهنج، ۽ جي گشت  ۾ جيمس آباد وڃي ته به هن جي ساري آهي. چئبو ته ’هن جي سائينءَ ٽِٽڻ ٻَڌي‘. پهرين عقل هلائي، تڪليف وٺي، ٻٽڻ يا ٽٽڻ سا ٻَڌي، پوءِ ڪنڌ کي وهاڻو ... مزي ۽ الغرضائيءَ سان ڀلي پيو هلي. اَڳلو پيو ڪياڙي کنهي، ڇو ته هن کي بگڙيل بازي بنائڻي آهي. پهرينءَ چوڪ، غفلت يا گينواريءَ جو ڪِيتو  پوءِ ڏيندو. تنهنڪريءَ آرام جي به ڪٿي ڀاوَنا هوندي آهي ته اتي اهي اصطلاح ڪم ايندا آهن. چونداسين، ’هن جي، سائين، ٻٽڻ ٻَڌي پيئي آهي سو هن کي ڪهڙي پرواهه يا چنتا!،

        هر ڪنهن سڀيتا جي عناصرن جا ڌاڳا، ائين، تاڃيءَ- پيٽي پاڻ ۾ ڳُتيا پيا آهن. تهذيب آهي هڪ اُڄيل ڪپڙو يا سڀني عناصرن جو هڪ ڪيميائي  مرڪب. نوٽڻ  جي نج سنڌي راند هئڻ ڪري ان مان جي اصطلاح جُڙيا آهن، سي به نج سنڌي ئي ٿيندا. چئبو  ته راند جو تاثير ٽمڻي  (percolate) وڃي ٻوليءَ تي پيو. وري ٻولي زندگيءَ تي هڪ گهرو اثر ٿي ڪري. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ٻولين ۾ ’تڪڙ‘ لاءِ لفظ ئي ڪونهي، حالانڪ انگريزيءَ ۾ آهي. تنهن جو مطلب ته ’ سنڌ ڪِي جلدي‘ حدون ٽپيو ٿي وڃي!

رمون ناهه نسنگ، رمون اُر اُر سين لاءِ،

ڦُلان ڀري ٽارڙي، ڀورا ڀڳي نه جاءِ.

        خود ’ٽڻ‘ به گهڻيءَ سهڻيءَ معنيٰ سان، يعني ’ٽاڻي‘ کان بهتر سان ڪم ايندو آهي. جيڪڏهن حيدرآباد مان گهران تار آيس ته ’هڪدم اچ‘ ۽ هي منجهيو ويٺو هجي ته هاڻي موڪل کائي آيو آهيان وري ڪيئن موڪل ملندم، ته ائين ئي جي صاحب گهرائي، حيدرآباد هيڊ آفيس ۾ آفيس جي ڪم سان  رواني ٿيڻ جي آگيا ڏئي ٿو ته چئبو ’اهو هن جي لاءِ ٽِڻ بڻجي آيو.‘ پر جي وچ تي ٻيو ڪو وڃي صاحب کي منٿ ڪري پاڻ کي رواني ڪرائڻ جو حڪم ڪڍائي آيو ته چئبو  ته ’هن جو ٽڻ ئي ڊهي پيو.‘ يا حيدرآباد وڃڻ بعد به هن جو مطلب پورو نه ٿيو چونداسين، ’ٽن گُسي ويو.‘

        آئنسٽان ته ڪري هاڻي ٻڌايو ته وقت، مڪان ۽ طاقت ٽيئي گڏيل آهن ۽ هڪ ڳالهه آهن. ليڪن اسان جي سنڌيءَ ۾ ’ٽڻ‘ لفظ اڳئي ٻنهي خيالن، وقت خواهه مڪان، لاءِ ڪتب ايندڙ آهي. جي ڪنهن کي چئون ته ’ڀائي، ٽِڻ تي نه  آئين‘، تنهنجو مطلب ته تون اُن خاص گهربل وقت تي نه آئين يا تون ان خاص مقرر ڪيل ڀيڻيءَ تي نه آئين. اهومتن موجب ڏسبو ته ’ٽڻِ‘ ظرف زمان آهي يا ظرف مڪان. ڪي ته گهڻو ڪري ’ٽڻ تي تيار- هوشيار.‘

        هن راند جي ٻي خاص خوبي اها آهي جو گهڻو وقت جٽاءُ ڪونه ڪري، يعني هيءَ ٿي افساني ۾ هڪ ننڍي ڪهاڻي. ٺاهي کيڏي  ته ڏهه منٽ لڳندا. ائين  سارين ماريندي  جيڪڏهين  ڪنهن به ڌر جون باقي وڃي  ٻه ساريون بچن ته راند خلاص ٿي، ڇو ته ٽن سارين کان گهٽ سارين سان ته ڪو ٽڻ نه ٺهندو. جيئن هر هڪ راند ۾ شروعاتي قدم ته سمجهي پُرجهي رَٽي ڇڏبا آهن، تيئن هن ۾ به پهريون ساريون ته اُمالڪ رکي وڃبيون آهن، پر پوءِ هٿ جهلي هلائڻو پوندو آهي. سوچ ٿي ڪرڻي پوي. ڀلا، هار کائڻ ڪير چاهيندو؟

        هيءَ راندر آهي مشهور مرداني، ۽ ڳوٺن ۾ عام جام کيڏڻ ۾ ايندي آهي، خاص ڪري سانوڻيءَ ۾.  شاهه صاحب به راندين جون ڳاليهون سارنگ سر ۾ جام ڪيون آهن. زالون کيڏي سگهن ٿيون، پر اهو رواج ڪونهي. هنن کي انهيءَ  ورونهن لاءِ لاشڪ وقت ڪونهي. هن جو بنياد ڪيئن ۽ ڪڏهن پيو، تنهن لاءِ تاريخ  خاموش آهي. ٻوليءَ  مان به ڪا پروڙ نٿي پوي. ڪا تمام ڪُهني ٿي لڳي، جيتوڻيڪ  هن جو نالو ڪنهن به تاريخ ۾ نٿو ملي. آهي ته برابر شطرنج جهڙي، پر ڪيئن چئون ته هيءَ شطرنج تان نقل ڪئي ويئي يا خود شطرنج هن  تان نقل ٿي. و ِڪاس جي قاعدن  پٽاندر ته نوٽڻ اوائلي ٿي ڏسجي، جو ان ۾ سادگي ۽ معصوميت اڃا زياده ڀريل آهي. شطرنج جي راند جا ” مهرا “ موهن جي دڙي مان به مليا آهن، يعني نوٽڻ ان زماني  کان به آڳاٽي چئبي.

        هيءَ راند عالمگير آهي، ڪارڻ ته امير کيڏي، فقير کيڏي، هاري کيڏي، ارباب کيڏي؛ هِت کيڏيو، هُت کيڏيو؛ اڄ کيڏيو، سڀان کيڏيو؛ _ هن جا هر هنڌ ۽ هر وقت ٽاڻا آهن. اڃا به هن راند جي هڪ اختصار طرح ٻي راند آهي، جنهن کي ’ٽِٽڻ‘ يا اتر سنڌ ۾ ڪي ’درياءُ‘ چوندا آهن.

 

غ . م. ’ گرامي‘

سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري

(’بلبل‘ جي مزاحيه فن جو تنقيدي مطالعو)

فن جو تعارف:

        دنيا جي مهذب ۽ متمد ّن، علمي ۽ معياري زبانن ۾ خوش ڪلاميءَ ۽ خوش ذوقيءَ، خوشي بيانيءَ ۽ خوش طبعيءَ لاءِ مختلف النوع عملي ۽ اصطلاحي لفظ ۽ اسلوب موجود آهن. فصاحت جي نمڪينيءَ کان وٺي بلاغت ۽ معانيءَ جي رنگينيءَ تائين، هزارها لفظ موجود آهن. باالخصوص مشرقي ادب ۾ مزاح آهي، طنز آهي، ظرافت آهي، هَجو آهي، تفنّن آهي، لطائف ۽ ظرائف آهن، نڪته آفريني ۽ بذله سنجي آهي. اهي سڀ مختلف النوع، اساليب دراصل ڪلام نه پر حسن ِ ڪلام جا درجات آهن.

        سلسله ڪلام ۽ مرقع سخن، آرائشِ بيان ۽ سحرلسان، گويا طلسمات جو هڪ گنجان عالم آهي، جنهن ۾ ترصيع الفاظ کان وٺي تزئينِ بيان ۽ رفعتِ معاني تائين، شوڪت ِ بيان ۽ جمالِ نطق و گويائي موجود ۽ محفوظ آهن.

        قادرالڪلام ۽ سخن سنج، انشاپرداز ۽ اهلِ قلم عالمن انهن سڀني جي لغوي ۽ اصطلاحي، صوري معنوي فرق ۽ امتياز، تفاوت ۽ اختلاف جي حدبندي ڪئي آهي. متقدمين جي ڪلام ۾ انهن جي وصف ۽ درجه بنديءَ متعلق ڪوبه ابهام نظر نٿو اچي.

        اسان جي مشرقي زبانن، عربي ۽ فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ مزاح، تفنّن، هجو ۽ طنز، ظرافت ۽ بذله سنجيءَ جو استعمال نهايت مبهم، غير فصيح  ۽ غلط نموني ۾ ٿيندو رهيو آهي، ايتري قدر جو اصطلاحي اعتبار کان انهن جي تعريف ۽ توصيف ۾ فرق ۽ امتياز قائم ڪرڻ دشوار ترين مسئلو بنجي ويو آهي.

        ان جا ٻه سبب چئي سگهجن ٿا: هڪ ته اهل قلم قصداً ۽ ارادةً مفردات ۽ مرڪبات جي صحيح مقام ۽ معاني کان غير واقف ٿين ٿا، تنهنڪري مترادفات جي دامن ۾ پناهه وٺندي ويرم نٿا ڪن. ائين ڪندي ’واؤعطف‘ جي استعمال سان پڙهندڙن کي به منجهائي ٿا ڇڏين، جيئن  ’طنز و مزاح‘ ’مذاق و هجو‘ لکندا ويندا. ٻيو ته اهلم قلم بزرگن جي علمي بساط حقيقت ۾ ايتري ته محدود ٿئي ٿي، جو هو ’طنز ۽ مزاحيه‘ مضمون لکندي، طنز ۽ مزاحيه اصناف جي اصطلاحات جو اطلاق درست نٿا ڪري سگهن. اهوئي سبب آهي جو اسان جي موجود ادبي سرمايي ۾ ’مزاح ۽ طنز‘ متعلق نه ته ڪو صحيح مصطلحات جو علم آهي ۽ نه انهن جي صحيح استعمال جا ڪي گهڻا مثال ئي ملي سگهن ٿا.

        مصطلحات جي ناقص معلومات ۽ غلط استعمال جي ڪري، نڪو ان فن تي مطالع جو ڪو معيار قائم رهي سگهيو آهي، ۽ نڪو ان فن جي ڪنهن تنقيدي مطالع لاءِ ڪا معياري ۽ افادي تاليف ئي پيدا ٿي سگهي آهي.

        اسان جي ادب جي مشهور مذاحيه  فنڪارن جي فن، طنز ۽ مزاح متعل بحث  ڪرڻ کان اڳ تمام ضروري آهي ته اول اول، ان فن جي اصطلاحات ۽ ڪلمات جي لغوي ۽ معنوي مطلب ۽ استعمال کان واقفيت  پيدا ڪئي وڃي. انهن جي لطيف ۽ نازڪ فرق ۽ امتياز کي ڄاتو وڃي ۽ ڏسجي ته انهن لفظن جي لغوي ۽ معنوي فرق ۽ امتياز جي مختلف النوع صورتن تي ڪهڙا ڪهڙا معنوي حجابات چڙهيل آهن.

        مثال طور، جديد ادب ۾ انگريزيدان نقاد Humour گهڻو ڪري ’مزاح‘ جو لفظ ڪري استعمال ڪن ٿا، ۽ ان کي صحيح لغوي ۽ معنوي حيثيت  سان هوند تفنّن چوڻ وڌيڪ مناسب ٿو نظر اچي، ۽ ٻيو ته اهو هڪ لفظ بذله سنجيءَ جي مختلف النوع لفظن جو سرچسمو پڻ آهي. ان طرح ائين به چئي سگهجي ٿو ته اهو لفظ هڪ جنس آهي، باقي لطائف نگاريءَ جون سڀ صنفون ۽ انواع ان جو شاخون آهن.

        انگريزي لغت ڏي رجوع ڪبو ته معلوم ٿيندو ته مزاح (Humour) کل ڀوڳ، مسخري  ۽ مذاق کي به چئي  سگهجي ٿو. ان طرح ان ملڪهء ذهني کي به چئي  سگهجي ٿو جو ڪوائف مزاحيه جو ادراڪ ڪري سگهي، ۽ جو ان جي بيان ڪندي خود به ڪيفيت نشاط ۽ ذوق مزاح حاصل ٿو ڪري، پر شرط اهو آهي ته بيان خنده آور هجي، محض وعظ ۽ خشڪ بياني نه هجي.

        وائلڊ (Wilde) جي لغت، چيمبرز (Chambers) جي لغت ۽ شپلي (Shipley) جي لغت ۽ ماخذ الفاظ  ڏانهن اگر رجوع ڪيو ويندو ته معلوم ٿيندو ته مزاح چئجي! ان جواب کي جنهن کي هوند موزون جواب سڏي سگهجي، جنهن جي ٻڌڻ سان ٻڌندڙ خاموش ۽ لاجواب ٿي وڃي ۽ سندس اُڇلايل معترضانه سوال، موٽي کيس ئي منهن ۾ لڳي.

        Irony يا تعريض پڻ ان تجاهل عارفانه کي چئجي ٿو، جنهن ۾ لفظ جي ظاهري معنيٰ هڪ هجي، پر ڳالهائيندڙ جي مدعا ۽ منشا ان معاني جي عين مخالف هجي، بلڪ ضد ۾ هجي. جيئن چئجي، ’فلاڻو ته ڪو بادشاهه آهي،‘ ان استعمال ڪرڻ سان قائل جو مطلب آهي ته بادشاهه نه پر ’احمق‘ آهي.

        يونان جو مشهور فلسفي سقراط پنهنجو ڪلام هميشہ ڪلام تجاهل عارفانه جي نوع ۾ ڪندو هو، جنهن مان ظاهري طور ته جهالت پئي بکندي هئي، پر حقيقت طور معارف ۽ حقائق کي سميٽي ڇڏيندو هو. علمي طور ان فن کي ’ تعريض سقراطي‘ سڏجي ٿو، ان طرح تمثيلي تعريض  به آهي. ان تمثيل ۾ اهڙو فقرو ٿئي ٿو جنهن جي اهميت ٻڌڻ شرط نه، پر دير سان واضح ٿئي ٿي. اها اهڙي تمثيل آهي، جا ڳالهائڻ وقت نه متعلقه ڪردار کي معلوم ٿي رهي ۽ نه ٻين ڪردارين کي ڪجهه پتو ٿو پوي. اها تمثيل  گهڻو ڪري ڊرامائي تمثيل آهي الغرض، تمثيلي تعريض  جا ٻيا به ڪيئي نمونا ٿين ٿا، جي بديع ۽ معابيءَ جي ڪتابن ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

        لغت جو بيان آهي ته يونانين وٽ قديم تمثيلن ۾ معمولي ڪردار، پنهنجي فني شعبده بازيءَ ۽ عياريءَ سان وڏن وڏن ديوهيڪل ۽ خطرناڪ ڪردارن کي شڪست ڏيندو هو. ان کي Eironi چون ٿا. Irony مان نڪتل آهي.

        طنز يا Satire انگريزيءَ ۾ اهڙي منظوم تصنيف کي چئجي ٿو جا انفرادي ۽ معاشرتي نقائص کي هدف انتقاد بنائڻ وقت تضحيڪ ۽ تمسخر، مزاح ۽ تعريض، بذله سنجيءَ ۽ نقطه طرازيءَ کان ڪم وٺي.

        والٽيئر جي طنّازي ۽ طنزنگاري به ان سلسلي ۾ شمار ڪرڻ گهرجي. ڊرائڊن ۽  پوپ جو طنزيه انداز تنقيد پڻ مشهور فن آهي.

        ايتري تمهيدي تعارف کان پوءِ به  لازمي طور اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته تعريض، طنز، هجو ۽ مزاح، اسان وٽ معروف منظوم صنف سهي، پر انهن ۾ڪو واضح ۽ بيّن فرق به آهي يا نه؟ ڇالاءِ ته آخرڪار ’هجو‘  ۾ به ته شاعر سماج جي معائب کي ئي هدف انتقاد بنائي ٿو ۽ معاشي براين کي به نٿو ڇڏي. ان ئي سلسلي ۾ شاعر تضحيڪ، تمسخر، تعريض، ۽ مزاح وغيره چيزن کي استعمال ڪري ٿو. ايترو ضرور چئبو ته مشرقي هجويات ۾ فحاشيءَ جو رنگ زياده نمايان نظر اچي ٿو. ليڪن سوزني، خاقاني، ابوالعلاعه، گنجوي، انوري، قا آني، يغمائي جندتي جي هجويات ۾ تعريض ۽ تضحيڪ جا ڪي خوبصورت مثال پڻ لڀن ٿا.

        فارسيءَ کي ڇڏي، اگر اردو ادب جو مطالع ڪيو ويندو ته پوءِ معلوم ٿيندو ته سودا، مير، انشاءَ ۽ مصحفيءَ  وٽ به ’هجو‘ ملي ٿي، پر ايترو ضرور چئبو ته انهن جي هجويات جو بيشتر حصو انفرادي نقطه چينيءَ تائين محدود آهي. البته اڪبر الهه آباديءَ جي فن متعلق اردو دان ان راءِ جا آهن ته سندس فن ۾ هجو، تعريض، مزاح، تضحيڪ، تمسخر، طعنه ۽ طنز جا تمام عناصر ملن ٿا. حالانڪ اردو نقادن  جي اها راءِ مبالغي کان خالي نه سمجهڻ گهرجي. اڪبر وٽ مزاح ۽ طنز جي ادبي لطافت  ۽ فني جزالت جو گهڻو تڻو فقدان آهي. البته ’هجو‘، تمسخر ۽ تضحيڪ جو فن وٽس نمايان آهي. ذاتي اشارا به ملن ٿا ۽ تلخ ۽ شخصي،  ذاتي ۽ نفسي دل آزاري به موجود آهي. اڪبر جو فن هڪ اهڙي نشتر آهي، جنهن کي هر هنڌ، هر نموني ۾ استعمال ڪري، تعميمي فن پيدا ڪري، تخصيصي افاديت کي ختم ڪيو ويو آهي. ان جي مقابلي ۾ ’بلبل‘ مرحوم جي فن ۾ اعتدال ۽ توسط، احتياط ۽ شيريني آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس فن ۾ نه ذاتي هجويات آهي ۽ نه ڪو شخصي تمسخرات جو وجود ئي ملي سگهي ٿو.

        بلبل جي فن ۾ به هڪ نشتر آهي، پر ان جو آپريشن تعميري ۽ افادي آهي، ۽ هڪ معالج واري نشتر وارو ڪم ڪري ٿي. ’بلبل‘ جي نشترزني به ڪٿي ڪٿي هجو صريح جي تيغ بي امان وارو رنگ ڏيکاري ٿي. پر ان ۾ فني شيريني آهي، محض ڪنهن حجام واري نشتر جو زخم نه آهي. مرحوم  بلبل جو فن ڪڏهن ڪڏهن هجو جو هنٽر به بنجيو وڃي، جنهن سان هو هدف انتقاد جي کل کي اڊوڙي ٿو رکي. تمام غور سان مطالع ڪرڻ کان پوءِ، ڪوبه منصف مزاج نقاد  ائين چئي نٿو سگهي ته بلبل جي فن ۾ انگريزي طنز، تعريض، بذله سنجي، تفنّن، ظرافت ۽ هجو مليح جا سارا علمي ۽ فني عناصر ملي نٿا سگهن. کيس ’اڪبر‘ سڏي. هجونگار سمجهڻ اها غلطي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا سڀئي ناقد ۽ بلبل تي لکندڙ مؤلف ۽ مقاله نگار مبتلا نظر اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ مرحوم بلبل جي فن کي محض’هجو‘  تائين محدود سمجهڻ، هڪ غيرفني ۽ غير علمي فيصلو آهي، حالانڪ بلبل جو فن اڪبر جي هجو ۽ تمسخر کان بڪل جدا گانه حيثيت ٿو رکي.

        سندس فن شيرين به آهي ۽ اثرنگيز به آهي، جاذب به آهي ۽ ڪشش انگيز به . اها ٻي ڳالهه آهي ته اڪبر جي ترجماني هزارن ڪتابن ۽ مقالن جي ذريعي ڪئي وئي آهي، ۽ ان جي مقابلي ۾ بلبل مرحوم جي فن تي فقط چند مقالا لکيا ويا آهن، جي ايترا ته تشنه ۽ ناقص آهن جن کي مقالو به چئي نٿو سگهجي. ان طرح هڪ اڌ تاليف به موجود آهي، جا نهايت  مختصر آهي، جنهن ۾ سندس سوانح کي زياده بيان ڪيو ويو آهي، پر فني تجزيو نه فقط گهٽ ملندو، پر نهايت لغو ۽ گمراه ڪُن مواد تي  مشتمل آهي. ان جي شڪايت ڪنهن سان ڪجي؟ افسوس اهو آهي ته انهن مقاله نويسن  ۽ سوانح نگارن بلبل مرحوم کي اٿڻ سان اڪبر ثاني سمجهي، اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪري. جند ڇڏائي آهي. انهن بلبل جي پوري فن جو مطا لعو نڪو غائرانه نظر سان ڪيو آهي نه ڪو ناقدانه نگاهه سان، حالانڪه اڪبر جي ايتري تشهير کي اضافي سمجهي، بلبل جي نثر ۽ نظم جو لفظ لفظ پڙهڻ گهرجي ها، ۽ پوءِ ڪجهه لکڻ گهرجي ها!

        مون تي معاف ڪيو وڃي اگر عرض ڪريان ته انهن بزرگن نه ’هجو‘ ۽ طنز ۾ فرق ڄاتو آهي ۽ نه ڪو مزاح ۽ ظرافت جي فني حدود کان ئي آشنائيءَ جو ڪو سهڻو ثبوت پيش ڪيو آهي. ڪن سوانح نگارن ته بلبل مرحوم جي پوري فن جي ئي ڪايا پلٽ  ڪري ڇڏي آهي.

        انهن پنهنجي دلي جذبات ۽ پنهنجي پسنديده معتقدات کي بلبل جي ’فن‘ تي هڪ عملي خول بنائي چاڙهي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندن اها ملمعسازي، بلبل  جي ’فن‘ کي نڪو تابنده ڪري سگهي آهي، ۽ نڪو علمي دنيا ۾ متعارف ڪري سگهي آهي. ’بلبل‘ جي اثبات  ۾ نفي آهي، ۽ امر ۾ نهي آهي. جتي هو جديد تهذيب ۽ انگريزي تعليم کي حاصل ڪرڻ لاءِ اثبات ۾ ڳالهائي ٿو، اتي دراصل سندس مطمح  نظر نفي آهي. جتي سنڌيءَ جي درماندگيءَ ۽ سادگيءَ کي هدف ملامت ٿو بنائي، اتي دراصل سندس مطمح نگاهه اثبات آهي. هو سنڌي اهي ۽ سنڌيءَ جي سادگي، ساده دلي، پرهيزگاريءَ ۽ مشرقي ۽ مذهبي اطوار ۽ اخلاق کي ظاهري ٽيپ ٽاپ، هيٽ ٽوپ  ۽ پائونڊر ۽ لونڊر جي چمڪ ڌمڪ تي ترجيح ٿو ڏئي. مگر مؤلفين، بلبل جي نه اثبات کي سمجهيو آهي نه امر کي، نه نفيءَ کي نه نهيءَ کي. انهن :

خرد ڪا نام جنون رک ليا، جنون ڪا خرد جو چاهئي آپ ڪا حسن ڪرشمه ساز ڪري تي پورو پورو عمل ڪيو آهي، ۽ بلبل جي فن کي اصليت ۽ جزالت تان هٽائي، مسخ ڪري پيش ڪيو آهي.

        ان ئي سلسلي ۾ ظرافت کي به ڪافي طور تختهء مشق بنايو وڃي ٿو. ظرافت (Wit) ڪلام جي لطافت جي معراج ڪمال کي چيو ويو آهي. يعني نطق و بيان ۽ حسن اظهار جي آخرين ۽ ڪامل ترين حد، ظرافت  تي پهچي ٿي. ظرافت جي لغوي معنيٰ آهي؛ دانائي. چنانچه ظريف اهو آهي جو دانشمند ۽ معمله فهم، زيرڪ ۽ ذي هوش هجي.

        شپلي جي تحقيق موجب، انگريزي لفظ Wit اصل سنسڪرت ۾ ’ود‘ آهي. ان موجب آريائي زبان ۾ ’ ت ۽ د‘  جو تبادلو عام چيز آهي. ’ود‘ جو مطلب آهي علم و دانش. ’وديا‘ ان تان ورتل آهي، ۽ ’ويد‘ جي معنيٰ آهي ’خزينهء حقائق.‘  ۽ ’چتر ويدي‘ مشهور ڪتاب، علم و دانش جي نسبت ۽ مواد ڪري پنهنجي علم معرفت تي فخر ڪري رهيو آهي.

        هي به عجيب اتفاق آهي ته ’ظرف، ظريف ۽ ظرافت‘ ٽيئي سامي  الاصل لفظ آهن. تاهم عبراني ۽ آريائي زبانن جي لفظي ۽ لغوي معاني ۾ به يڪسانيت جي ڪانه ڪا صورت  موجود ۽ مضمر ضرور آهي.  Wit، ود،وديا ۽ ويد آريائي نزاد آهن، ۽ انهن جو زباني، مڪاني ۽لساني بُعد به هڪ مسلم حقيقت آهي. ان جي باوجود انهن لساني گروهن ۾ ته ’ظرافت‘ جو بنيادي شرط آهي؛ ’دانش ۽ عقل؛‘  ۽ ان کي ئي ’بذله سنجي‘ پڻ سڏيو ويو آهي. ان طرح دانشمند  ۽ صاحب عقل کي بذله سنج به ان صورت ۾ ئي چيو ويو آهي. الغرض  ظرافت آهي دانشمندي ۽ زيرڪيءَ تي حاوي، نقطه طرازيءَ جو بنياد، متوازن ڪلام جو خوش رنگ اسلوب ۽ اجمال ۽ اختصار جي جامع ۽ معنوي هيئت.

        اصطلاحي حيثيت سان ’ظرافت‘ ان ملڪهء ذهني کي پڻ چيو ويو آهي، جنهن کي استعمال ڪري، هڪ دانشمند ۽ ظريف انسان اهڙين مختلف النوع حالتن ۾ مشابهت جا اصول تلاش ٿو ڪري، جي ظاهر ۾ هڪٻئي جي مخالف نظر اچن ٿا. ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته مشابهه ۽ مخالف علمي ڪيفيتن ۾ اختلاف جي سببن کي تلاش ڪري ڳولي لهڻ به ظرافت ۾ داخل آهي.

        ظرافت جي اها لغوي تعريف ته ’ اهو ڪلام جنهن ۾ نقطه طرازي ۽ دانشمندي هجي‘ ۽ اختلاف ۽ مشابهت جي جستجو ۽ ڳولا تي حاوي هجي،‘ ذرا سمجهه ۾ گهٽ ايندي. ان سان گڏ اهو به سمجهي ڇڏجڻ گهرجي ته اصل ۾ ’ظريف‘ جو ڪم خنده آور ڳالهه ڪرڻ نه آهي. ان جو سبب هي آهي، ته جتي ڪو مخفي نقطو ٿئي ٿو، ۽  ان جو بنيادي عقل ۽ شعور تي ٿئي ٿو، اتي تبسم زيرلب ’خنده‘ جي جاءِ وٺي ٿو. ان سان گڏ اها به وضاحت ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ظريف طنز و تعريض، تضحيڪ ۽ تمسخر جا اهي باريڪ  ۽ لطيف پهلو پڻ سامهون آڻي ٿو، جن جي بنياد تي ان جي ظريفانه شعبده گري، نهايت تيز ۽ تند نشتر وانگر هلڪي هلڪي چڀن بنجي وڃي ٿو. ايتريقدر  جو معاشرتي ناسور مان گند ته وهي ٿو هلي، پر مريض  کي خبر ڪانه ٿي رهي. البته  ڏسندڙ  کيس ٻڌائي سگهن ٿا ته سندس زخم تي ڪهڙي نشتر لڳي، ۽ سندس زخم  جي هاڻي حالت ڪهڙي آهي. اها عيارانه نشترزني، اها شاطرانه تضحيڪ، اها صناعانه طنز، اهو خنده آور تمسخر، اها مزاحيه بذله سنجي ئي ظرافت جو روح آهي. ان کان سواءِ ظرافت جي ٻي هرڪا تعريف، محض ’ڦوڳ‘ آهي. ظريف جو ڪمال اهو آهي ته  هو تمام مختصر  ڳالهه ڪري وڃي ٿو. ان اختصار ۾ معانيءَ  جو درياءُ  لڪل رهي ٿو. ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ کي تبسم زيرلبيءَ تي مجبور ڪري ٿو. پر پاڻ خود ان ڳالهه جي وچ مان ائين غائب ٿي وڃي ٿو، ڄڻ ته سندس مقصد ۾ ان قسم  جي ڇيڙ ڇاڙ جو ڪو دخل ئي ڪونه هو! برجستگي، بيساختگي، پيوستگي، زيرڪي، دانشمندي، نقطه سنجي ۽ نقطه طرازي ’ظرافت‘ جي ڄاڻ سڃاڻ لاءِ منطقي ذريعا سمجهڻ گهرجن.

        شاعريءَ جي فن موجب جيئن غزل جي پخته ۽ استادنه مطلع جون ٻئي سٽون، باهم يڪلخت ٿي ڪري استعجاب جو اثر پيدا ڪن ٿيون، بلڪل ان وانگر  ظريف جا فقرا، پاڻ ۾ مربوط ۽ متحد، پخته ۽ پيوسته ٿي ڪري، ماڻهوءَ  جي سلسله خيال ۽ ذوق انتقاد کي اهڙي مهميز ٿا ڏين جو ان جو منطقي ۽ فڪري نتيجو هڪ صحتمند تنقيد بنجي وڃي ٿو.

اهو به ياد رهي ته ظرافت، مزاح کان دور ٿي رهي، پر تعريض ۽ طنز جو ڪم هر حال ۾ ڪندي رهي ٿي. اصل ائين کڻي چئجي ته ظرافت ۾ ئي طنز ۽ تعريض جا جوهر کُلن ٿا. پر ان سان گڏ اهو به ذهن نشين  ڪرڻ گهرجي ته طنّاز جو ظريف هئڻ ضروري نه آهي، البته ظريف جو طنز نگار هئڻ ۽ تعريض گفتار  هئڻ لازمي امر آهي. جيئن فصاحت، بلاغت لاءِ لازم آهي پر بلاغت، فصاحت لاءِ لازم نه آهي، بلڪل ان طرح طنز ۽ ظرافت جو تعلق آهي.

بلبل جو فن:

فن جي مذڪور بالا تعريف کي اڳيان رکي، ڪو ناقد ۽ پارکو، مرحوم بلبل جي پوري ڪلام کي مطالع ڪري. سندس نثر کي ڏسي ۽ مزاحيه انداز ۾ لکيل تحريرن کي جاچي. معلوم ٿيندو ته مرحوم بلبل کي تفنّن  جي ٽهڪن ۽ مزاح جي خنده آور برجسته فقرن سان ڪو دلي اُنس ڪين هو. البته طنز ۽ تعريض کي ظريفانه انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ماهر هو. سندس ڪمال ۽ مهارت ان مان صاف ظاهر آهي ته سندس فن ۾ طنز ۽ تعريض، ظرافت، لباس ۾ ملبوس آهن،  هڪ چابڪدست هنرمند جي هٿ لڳڻ سان سندس فني رنگ زياده ديده زيب ۽ پرڪشش پيو لڳي.

        ڪنهن فرد يا پوري معاشري کي اهڙي نموني ۾ هدف انتقاد بنائڻ، جنهن سان ذوق سليم کي ڪابه ناگواري نه محسوس ٿئي ۽ بذله سنجيءَ جي اصولن جي پابندي به قائم رهي، هزارن مان ڪو هڪ اڌ ظريف  ۽ دنشمند ئي اهڙي فن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. باقي هرڪو ان فن کي نڀائي نٿو سگهي. هتي ذاتي تعصب ۽ عناد ڪارفرما نٿا رهن. بلڪ هن فن ۾ عقل ۽ شعور جا فيصلا صادر ٿين ٿا. شخصيات سان ڪو واسطو نٿو رکيو وڃي، پر اهي ڪوائف شخصي ۽ واقعات ذاتي ئي بيان ڪيا وڃن ٿا، جن جو ذڪر مفاد عامه لاءِ لازمي ٿي پوي ٿو.

تنهنڪري چيو ويو آهي ته ظريف ۽ طناز، فرد جا عيب ڀلي بيان ڪري يا معاشري جي غلطين ۽ مرضن تي ڀلي نشترزني ڪري، پر هاحال ۾ کيس دانشمنديءَ ۽ بصيرت کان ڪم وٺڻو پوي ٿو.

اهڙو فنڪار پنهنجي فن سان تبسم زيرلبي به پيدا ڪري ٿو، پر ان سان گڏ، پڙهندڙ کي سلسله در سلسله افڪار و خيالات جي عجيب غريب دنيا ۾ پهچائي  ٿو ڇڏي، تان جو معائب ۽ نقائص جي انهن سڀني لفظن تي پهچي ٿو وڃي، جي ’هدف انتقاد‘ ڏاڍي اهتمام سان مخفي ڪري ڇڏيا هئا.

مرحوم ’بلبل‘ جو فن زندگيءَ جي تاريڪ ۽ سطحي، بي معنيٰ ۽ نقل ڪيل گوشن کي پنهنجي علم تعريضيءَ سان منور ٿو ڪري. جتي جتي عيوب ۽ نقائص ڳجها ٿا رهن، اتي سندس بذله سنج نگاهه پهچي ٿي وڃي، ۽ تعلق رکندڙ ماڻهو سندس اشاري ۽ ڪنايي کي سمجهي لذت ٿا حاصل ڪن. اهو عمل، اصل ۾ آهي ته بيباڪ ۽ دردناڪ، پر اهڙي مصلحانه شان سان ڪيو ٿو وڃي، جو ’پريت‘ رهجي ٿي وڃي، ڪابه تلخي نٿي پيدا ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com