سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :20

 

 

”آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!“

(شاهه)

 

آغا سيد ڪرم علي شاهه، مرحوم.

 

سنڌ جي هڪ تاريخي خاندان جو علم دوست فرد، آغا سيد ڪرمعلي شاهه، 18- مئي 1963ع جي شام جو ڇهين بجي، پنهنجي آبائي ڳوٺ ٽنڊي آغا (حيدرآباد) ۾ وفات ڪري ويو. اِنا لله و اِنا اليہ الراجعون.

        شاهه صاحب جا وڏا اصل اصفهان (ايران) جا ويٺل هئا، جتان مير سيد عبدالهادي شاهه 1150 هجريءَ ۾ مدراس (هندستان) ۾ وارد ٿيو ۽ مدراس جي راجا کيس پنهنجو شاهي حڪيم مقرر ڪيو. ان  بعد سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي کيس پنهنجيءَ درٻار ۾ گهرايو، جو سندس اهليه جي علاج ۾ هتي جا حڪيم ناڪام ٿيا هئا. شاهه صاحب جي دوا سان مرض مطلق ويندو رهيو، ۽ ميان صاحب کيس سنڌ ۾ رهڻ تي رضامند ڪيو. سيد عبدالهاديءَ سنڌ ۾ ئي وفات ڪئي. سندس  قبر خدا آباد ۾، ميان نوُر محمد جي ڀر ۾ آهي. سيد عبدالهاديءَ جو وڏو فرزند، مير سيد آغا ابراهيم شاهه به ميان صاحب جو نامور درٻاري، برک شاهي حڪيم، ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جو ماهر هو. ڪلهوڙن پاران، ۽ پوءِ ميرن پاران، خراسان ۽ ڪابل ۾ ڪيترائي سال سفير ٿي رهيو ۽ پڻ سنڌ ۾ مختلف حصن جو گورنر ٿي رهيو. سيد آغا ابراهيم شاهه کي ست فرزند هئا، جي سڀ صوبه دار هئا. انهن مان سيد آغا اسماعيل شاهه، جنهن جي نالي سان حيدرآباد ۾ ٽنڊو آغا مشهور آهي، سو پڻ ميرن جو حڪيم ۽ وزير هو. ٻيو نمبر فرزند، سيد تقي شاهه، پڻ ميرن جي حڪومت ۾ صوبه دار هو. آغا ابراهيم شاهه جو فرزند، آغا ڪاظم شاهه، شڪارپور جو گورنر هو، جتي افغانن ۽ ٽالپرن جي ويڙهه ۾ شهيد ٿي ويو. مرحوم آغا ڪرمعلي شاهه انهيءَ  آغا ڪاظم شاهه جي پيڙهيءَ مان  هو.

آغا ڪرمعلي شاهه، پهرين آگسٽ 1899ع تي، ٽنڊي آغا اسماعيل شاهه ۾ ڄائو. سندس والد بزرگوار، آغا لطف علي شاهه، پنهنجي وقت جو مشهور عالم فاضل، متقي ۽ پرييزگار شخص هو، ۽ حيدرآباد ۾ بئچ ماجسٽريٽ هو. آغا ڪرمعلي شاهه کي ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد کان ملي، جنهن بعد ڦليليءَ واري پرائمري اسڪول مان چار درجا سنڌي پاس ڪري، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ داخل ٿيو. اتي رهندو به هو بورڊنگ هائوس ۾. ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد، صحت جي بيناد تي، تعليم اڌوري ڇڏي حيدرآباد آيو. ڪجهه وقت آبائي زمينداريءَ جو ڪم سنڀالڻ لڳو، پر دل ڪا نه لڳيس. سو، جلد ئي پوليس ۾ جمعدار جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. پنهنجيءَ خداداد ذهانت سان ترقي ڪندو، صوبيدار بنيو. حيدرآباد ۾ پڙ_فقير جي ٿاڻي تي رهيو. مقامي ماڻهو هجڻ ڪري، شهر جي ننڍي وڏي کي سڃاڻندو هو؛ چور چڪار سندس نظر ۾ هئا. سندس ايامڪاريءَ ۾ ڪوبه ناخوشگوار واقعو ڪونه ٿيو. ان کان پوءِ، ترقي ڪري، ڪراچيءَ جو فوجدار ٿيو. ان وچ ۾ کيس ڪيترائي انعام مليا، جي سندس پوين وٽ اڃا محفوظ آهن. ڪراچيءَ مان بدلي ٿي، شاهه صاحب جيڪب آباد ۾ هوم انسپيڪٽر ٿي رهيو، جتي پنهنجي تدبر سان ڪوبه دنگو فساد نه ٿيڻ ڏنائين. ان کان پوءِ، حر تحريڪ واري زماني ۾، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس جي حيثيت سان نوابشاهه ضلعي ۾ رهيو. مرحوم شاهه صاحب  ان وقت جي فرنگي سامراجيت جا لنڱ ڪانڊاريندڙ، اکين ڏٺا واقعا جيڪي بيان ڪندو هو، سي ڪنهن به طرح قلمبند نه ٿيا آهن.  افسوس جو اهي تاريخي حالات هاڻي هميشه لاءِ گم ٿي ويا. سرڪاري طرح کيس 108 سرٽيفڪيٽ، 2 چانديءَ جا ٻلا ۽ هڪڙو سونو ٻلو، هڪڙي واچ ۽ هڪڙو 38_بور جو، سوني ڳن سان پستول انعام مليو.

7- آگسٽ 1947ع تي شاهه صاحب نوڪريءَ تان رٽائر ڪيو. انهيءَ دوران کيس سپرنٽينڊنٽ آف پوليس جي عهدي جي آڇ ڪئي  ويئي، پر هن ان وقت جي سياستدانن طرفان پوليس کي آله ڪار بنائڻ واري عام رويي جي مدنظر، بيماريءَ جي بهاني سان، اها آڇ قبول نه ڪئي.  پينشن تي لهڻ بعد هن پنهنجو زمينداري ڪم سنڀاليو، ۽ پنهنجي آبائي ڳوٺ (ٽنڊو آغا) جي سڌاري ۾ چاهه وٺڻ  لڳو. ڳوٺ ۾ ’انجمن اتحاد المسلمين‘ قائم ٿي، جنهن جو پاڻ صدر هو. کيس سوشل ورڪ ۾ ڪافي دلچسپي هئي. هلت چلت توڙي پوشاڪ ۽ طبيعت ۾ تمام سادگي ۽ نهٺائي هئس. شاديءَ غميءَ ۾ سڀ ڪنهن هنڌ حاضر رهندو هو.

پوين ڏينهن ۾ مٺي پيشاب جي مرض سببان بت ۾ گهڻو ڳري ويو هو؛ نه ته جوانيءَ ۾، ۽ هونئن به، ڊريس سان ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو يورپي آفيسر هجي. سول اسپتال ۾ سندس گردي جي ڪامياب آپريشن ٿي، پر ڪمزوريءَ جي حالت ۾ دل جي دوري سببان گذاري ويو. مرحوم هڪ بيوهه ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيون آهن. (غلام حسين جعفري، ٽنڊو آغا)

 *---------*-------*

 

مرحوم مرزا امام بخش، ”احقر“

 

سنڌ جي هڪ يادگار شخصيت، مرزا امام بخش مرحوم، 28- سيپٽمبر 1963ع تي، صبح جي ساڍي چئين وڳي، ٻائيتاليهن ورهين جي ڄمار ۾، حيدرآباد شهر جي قديم علائقي ٽنڊي آغا ۾ وفات ڪئي. اِنالله و انا اِليہ راجعون. هو سنڌي ادب ۽ زبان جو هڪ خاموش خدمتگار. محنتي، ۽ گهڻين خوبين وارو انسان هو. سنڌيءَ جو مشهور ۽ معزز اديب، مرحوم مرزا  گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي، سندس سڳو ڀاءُ هو. هو پنهنجي والد جو چوٿون نمبر فرزند هو، ۽ پاڻ ۾ ڪل پنج ڀائر هئا. انهن مان چار اڳي ئي گذاري ويا هئا، ۽ آخر ۾ پاڻ وفات ڪيائين.

ننڍي هوندي پنهنجي مامي، مرزا قربان علي بيگ، کان عربي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين، جيڪو وڏو عالم شخص هو. سنڌيءَ جي شروعاتي تعليم پوري ڪري، انگريزي پڙهڻ لاءِ حيدرآباد جي نولراءِ  هيرانند اڪميڊميءَ (هاڻي گورنمنيٽ هاءِ اسڪول) ۾ داخل ٿيو. پر پنجن درجن پڙهڻ کان پوءِ اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائين. سندس والد، مرزا دوست محمد بيگ، وفات ڪري چڪو هو، تنهنڪري سندس سنڀال وڏي ڀاءُ، مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائيءَ جي سپرد هئي. هو اهڙو ته ذهين ۽ سلڇڻو هوندو هو جو پڙهڻ ڇڏي ڏيڻ جي ڳالهه تي گهروارن مان ڪنهن به  کيس تنبيهه ڪرڻ جي ضرورت ڪا نه سمجهي. کين هن نينگر جي صلاحيتن جي خبر هئي. هو اڪثر ڪري گهر ۾ رهندو هو، ۽ هر وقت مختلف ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون پيو پڙهندو هو.

انهن ڏينهن ۾ سندس ٻي عجيب غريب دلچسپي مشيني ڪم ۾ هوندي هئي، جيڪو آخرڪار سندس صلاحيتن جو مکيه مرڪز بنجي ويو. ريل گاڏيءَ جون انجڻيون ۽ ڪپهه جي ڪارخانن جون انجڻيون سندن  توجهه  جو مرڪز هونديون هيون. کيس انهن ۾ ايتري ته دلچسپي هوندي هئي جو ڪڏهن ڪڏهن بنا اطلاع جي گهران هليو ويندو هو، ۽ مختلف ريل گاڏي جي انجڻين ۾ پيو ڪم ڪندو هو؛ وري اوچتوئي اوچتو اچي گهران نڪرندو هو. ڪپهه جي انجڻين جي ڄاڻ وري پاڙي جي ٻن ڪارخانن ۾ حاصل ڪيائين. علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو منجهس عجيب غريب ملڪو هو. ڪارخانن ۾ مالڪ کان وٺي مزدور تائين، سڀ کيس سڃاڻندا ۽ عزت ڏيندا هئا. ان جو سبب سندس خوشگفتاري ۽ خوشخلقي هئي. ڪارخاني ۾ ويو ته اُتي جو وڏو مستري کيس ڏسي خوش ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته هو جيترو  وقت اتي  هوندو هو، انجڻ جي سنڀال پاڻ ڪندو هو. هوڏانهن، گهر ۾ پڙهندي پڙهندي، انگريزي زبان تي ايڏو عبور حاصل ڪيائين جو بيساخته گفتگو ڪندو هو، ۽ گريجويٽ ۽ ڊبل گريجويٽ به ساڻس ڳالهائيندي لهرائيندا هئا. انهيءَ شوق ذوق جي نتيجي ۾، خودبخود هند سرڪار پاران کيس هڪ وظيفو مليو، ۽ پاڻ اليڪٽريڪل ۽ ميڪنيڪل انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، سن 1942ع ۾، انگلينڊ روانو ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ ٻي وڏي جنگ اوج تي هئي. جرمن هوائي جهاز رات ڏينهن لنڊن شهر مٿان بمن جو مينهن وسائيندا رهندا هئا. لنڊن ڏانهن وڃڻ ۽ اتي وڃي رهڻ، ڄڻ موت جي منهن ۾ وڃڻ هو. ايتريقدر، جو هتان  ڪو خط پٽ لکبو هو ته پهريائين اُهو خط بمبئيءَ پهچندو هو، جتان ان خط کي هوائي لهرن وسيلي لنڊن اماڻيو ويندو هو__ ۽ مرحوم مرزا صاحب کي ان خط جو فوٽو وڃي ملندو هو. اهڙيءَ نازڪ ۽ خطرناڪ صورتحال ۾ به، جڏهن سنڌ مان فقط کيس چونڊي وظيفو ڏنو ويو، ته پاڻ هڪدم ولايت روانو ٿي ويو.

ننڍي هوندي ئي، منجهس هڪڙي ٻي خوبي به پيدا ٿي. پاڻ اثنا عشري فرقي سان تعلق رکندڙ هو، تنهنڪري شهادت جي مجلسن ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندي، هو خود به تقريرون ڪرڻ لڳو. هو نهايت  فصيح بليغ سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندو هو. اهو شوق رڳو ايستائين محدود  ڪونه هوس، بلڪ هو سماجي ۽ سياسي تحريڪن ۾ به زور شور سان بهرو وٺندو هو. پهرين ڪانگريس  ۾ شريڪ هو، ۽ ڪانگريس جي جلسن ۾ کيس خاص طرح تقرير لاءِ طلب ڪيو ويندو هو. پوءِ ڪن اختلافن سبب مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو تمام تيز ڪارڪن هو. ايتيرقدر جو لنڊن ۾ به ملڪ جي آزاديءَ ابت ڪيترن ئي موقعن تي انگريزي سامراج خلاف زوردار پرچار ڪيائين، جنهنڪري سي.آءِ.ڊي. اڪثر هت سندس باري ۾ پريشان هوندي هئي.

انگلينڊ ۾ هو ٻه سال کن رهيو، ۽ جيتوڻيڪ جنگ جي ڪري سڄو يورپ باهه ۾  ٻري هيو هو، پر ان هوندي به پاڻ يورپ جي هرڪا مشهور شيءِ ۽ هرڪو مشهور شهر ڏٺائين. تعليمي عرصي ۾ کيس انگلينڊ جي مختلف ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻو پيو، جتي کيس پنهنجيءَ ذهانت ۽ محنت سببان گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. استادن جي ليڪچرن ٻڌڻ وقت هو پنهنجن سڀني ساٿين کان اڳرو رهندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن خوب بحث مباحثو  به ڪندو هو. انهيءَ عرصي ۾ پاڻ اُتي جي مشهور شخصيتن، جهڙوڪ: جارج برنارڊشا، ايڇ.جي. ويلز ۽ ٻين ڪيترن ئي مفڪرن، اديبن ۽ سياستدانن سان به ڪچهريون ڪيائين، ۽ پڻ اهڙن موقعن تي هو اڪثر انهن جو ڌيان هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ڏانهن ڇڪائي، هندستاني  نقطه نظر جي وضاحت ڪندو هو.

ولايت ۾ تعليم ختم ڪري، 1944ع ۾ هو  واپس وطن آيو. جلدئي ، 1945ع ۾، ريلوي کاتي ۾ سندس مقرري ٿي، جيئن ته هو ريلوي کاتي ۾ هڪ معزز عهديدار هو، تنهنڪري سموري هندستان جي سياحت جو سٺو موقعو مليس، ۽ اجمير کان وٺي حيدرآباد دکن تائين، ۽ ڪلڪتي کان وٺي دهليءَ تائين، سڄي ملڪ جو چڱو سير ڪيائين.

پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هو ڪراچيءَ آيو، ۽ آبادڪاري کاتي ۾ عهديدار بنيو، جتان ڪجهه عرصو ڪم ڪرڻ بعد، ڪن اختلافن سبب، استعفا ڏنائين. ان کانپءِ، يعني 1949ع کان 1963ع تائين، ڪا به سرڪاري نوڪري ڪا نه ڪيائين_ حالانڪه ان وچ ۾ ڪيترن عهدن لاءِ آڇون به ٿيس. اهو سمورو عرصو يا ته گهر ۾ گذاريائين، يا پنهنجن ٻن مهربان دوستن، ڄام انور علي خان ۽ نواب حاجي نور احمد خان لغاريءَ جي صحبت ۾.

مرحوم مرزا امام بخش پنهنجي ذاتي  زندگيءَ ۾ به هڪ خاص وضع جو مالڪ هو. هر ڪنهن تڪلف کان کپري هو؛ ناس ۽ چانهه واپرائڻ کان سواءِ ٻي ڪا به عادت ڪا نه هيس. هر روز صبح جو اٿڻ سان ڪسرت ڪندو هو، جيڪا عادت آخري وقت تائين قائم رهيس. موسيقيءَ جو خاص ذوق رکندڙ هو، ۽ ان جي فن مان گهڻو واقف هو. صبح جو باقاعدي راڳ جو  رياض ڪندو هو، ۽ آخري وقت تائين اهو هر روز جرو معمول هوس.  سادو کائيندو هو، ۽ سادو اوڍيندو هو. پئسو پاڻ وٽ ڪڏهن نه رکندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪو پئسو ايندو هو ته هڪدم خرچ ڪري ڇڏيندو هو. هميشه شهر ڏانهن وڃي دوستن کي ملڻ لاءِ صبح جو وقت مرر ڪندو هو، ۽ جيڪڏهن به شام جي وقت گهران ڪو نه نڪرندو هو؛ سفر جي حالت ۾ به اهوئي دستور هوس. رات جو ماني کائڻ بعد ڪلاڪ_ ٻه ڳوٺ جو پسار ڪري، هڪ_ٻي وڳي تائين مختلف اخبارون ۽ ڪتاب پڙهڻ سندس عادت هئي. کلمُک ۽ رلڻو ملڻو هو، ۽ پاڙي ۾ نه رڳو بزرگن سان ڪچهريون ڪندو هو، بلڪه نوجوانن سان به ڪيترو  وقت بحث مباحثا ڪري، سندن همت افزائي ڪندو هو، ۽کين علم پرائڻ جي هدايت ڪندو هو.

انگلينڊ کان موٽي اچڻ بعد، پنهنجي خاندان مان شادي ڪيائين، جنهن مان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ ٿيس. پهرين سندس نياڻيءَ رحلت ڪئي، ۽ جلد ئي سندس گهرواري به گذاري ويئي؛ باقي سندس فرزند آهي، جيڪو اڃا اسڪولي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.

سن 1950ع ڌاري کيس خيال ٿيو ته سنڌي زبان ۾ به سائنس تي ڪتاب لکجن. پهرين مئٽرڪ امتحان لاءِ سوالن_ جوابن ۾ علم ڪيميا ۽ طبعيات تي هڪ مختصر ڪتاب  لکيائين، جيڪو ڇپيو. ان کان پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ طرفان علم ڪيميا ۽ علم طبيعات جي موضوع تي ٻه ضخيم ڪتاب تصنيف ڪيائين. پوئين وقت ۾ هڪڙو ڪتاب جنرل سائنس تي ۽ ٻيوڪتاب ٽيڪنيڪل ڊڪشنري (سنڌيءَ ۾) پئي مرتب ڪيائين ته اجل جو سڏ ٿيس. ان کان سواءِ مذهبي، سماجي، سياسي ۽ سائنسي  موضوعن تي به ڪيترا  مضمون لکيل ۽ ڇپيل اٿس. هر روز ڊائري ضرور لکندو هو، جنهنڪري ڪيتريون ئي ڊائريون به موجود آهن؛ اهي سڀ انگريزيءَ ۾ لکيل آهن. سندس دوستن جو حلقو تمام وسيع هو، ۽ پاڪستان توڙي هندستان جي سڀني شهرن ۾ سندس ڪونه ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو ضرور موجود هوندو هو. بنيادي جمهوريتن جي وجود ۾ اچڻ بعد، پاڻ ڦليليءَ جي تَڪ مان بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. هو راقم الحروف جو مامو هو، ۽ ادب ۽ تعليم جو ذوق سندس ٻٽيهن سالن جي پرروش ۽ شخصيت جو نتيجو آهي.

ماما جي هڪڙي عجيب عادت هيءَ هئي جو هو سواءِ ڪنهن اطلاع جي سفر تي روانو ٿي ويندو هو؛ اوچتو ٻڌبو هو ته پاڻ ڪنهن طرف وڃي رهيو آهي، يا ڪٿان واپس اچي  ويو آهي. اها عادت سموري عمر قائم رهيس، ۽ سندس حياتيءَ جو وڏو عرصو گهر کان  ٻاهر، سفر ۾ گذريو. عجب آهي ته موت جو سفر به اوچتو اختيار ڪيائين_ پر گهر ۾. کيس پيٽ جي معمولي تڪليف اڪثر رهندي هئي، پر علاج سان چڱيءَ طرح آرام ڪري سگهندو هو. پڇاڙيءَ رات سويل  ئي آرامي ٿيو، ۽ پرهه جي وقت ڪنهن ٻارڙي جي روئڻ تي سجاڳ ٿيو. ان وقت پاڻي طلب ڪيائين، ۽ پاڻي  پي  پلنگ تي ليٽيو ته ابدي آرام ۾ هليو ويو. رب پاڪ کيس آئمه معصومين جي سايي ۾ خوش رکي! (مرزا مراد علي ’اختر ‘)

*---------*--------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com