سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :10

هڪ ٻيڙو ڪڇ کان بمبئيءَ وڃي رهيو هو ته واءَ جي ڦيري سبب اُن کي سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ اچي اَجهو وٺڻو پيو، جتي اهو ڪنهن ”و ِڪِرَ“ سان وڃي ٽڪريو ۽ پوءِ پسگردائيءَ جي ماڻهن وڃي اُهو ڦُريو. ههڙن حادثن ، ڪرنل پاٽنجر جي خيال موجب ظاهر ٿي ڪيو ته سنڌونديءَ جي جاچ پڙتال هڪدم هئڻ گهرجي. تنهنڪري جڏهن آڪٽوبر 1853ع ۾ ليفٽيننٽ الينگزينڊر برنس حيدرآباد درٻار ڏانهن ٿي اُسهيو ته کيس ميرن سنڌوءَ جي جاچ پڙتال جو  ذڪر ڇيڙڻ لاءِ خاص تاڪيد ڪيو ويو ۽ ساڳئي وقت بمبئي سرڪار سنڌوُدرياءَ جي پڙتال ڪاڻ هڪ جاچ پارٽي پڻ چاڙهي موڪلي، جنهن سان گڏ هڪ ڊاڪٽر پڻ روانو ڪيو ويو، جنهن لاءِ ميرن وات وڌو هو. جاچ پارٽيءَ ۾ ڊاڪٽر هيڊل، هندستان ۾ انگريزي بحري فوج جا عملدار ليفٽيننٽ ووُڊ ۽ ليفٽيننٽ  ڪارليس، ۽ ڪجهه ٻيا عملدار اچي ٿي ويا. هنن کي هدايت ملي ته جيئن ئي هو سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ وڪرُ بندر تي پهچن ته ٽنڊال عمر ڪڇ واري جي پڇا ڪن، جو هو کين سندن ڪم ۾ چڱي چوکي واهر ڪري سگهندو. ميرڻ پڻ سنڌوءَ جي جاچ پڙتال جي جهٽ موڪل ڏني ۽ پنهنجا ماڻهو، انگريزي جاچ پارٽيءَ کي گڏجڻ ۽ گهربل مدد ڏيڻ ڪاڻ چاڙهي موڪليا. هن موقعي جو سونو وجهه  هٿان نه وڃائيندي، محمد رحيم شيرازيءَ، بمبئيءَ جي ايرانيءَ واپاريءَ، ٻين کان گوءِ کڻڻ ۽ نفعو وڌائڻ لاءِ سنڌوءَ تي ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙو، جاچ پارٽيءَ جي عملدارن جي نگهبانيءَ هيٺ، سنڌ ڏي ڏياري موڪليو. مالڪ جي چوڻ تي ۽ بمبئي سرڪار جي موڪل  سان انهيءَ ٻاڦ – ٻيڙي جي نگهباني ليفٽيننٽ ووُڊ پاڻ تي هموار ڪئي ۽ ڇنڇر تاريخ 31 آڪٽومبر تي نديءَ ۾ گهڙڻ مهل اُن تي انگريزي جهڊو بلند ڪيو. هيءُ ٻاڦ-  ٻيڙو، جو ڏهن  گهوڙن جي پشتيءَ وارو هو، اهڙي قسم جو پهريون ٻيڙو هو جو سنڌو نديءَ تي آمدرفت ڪاڻ ڪم ٿي آندو ويو ۽ انهيءَ لحاظ کان اُن کي  سڏيو پڻ ”سنڌوءَ“ جي نالي سان ئي ويو. مارچ 1836ع توڻي ليفٽيننٽ ووُڊ، سمنڊ کان حيدرآباد توڻي ڇهه  دفعا سنڌوءَ جو سفر ڪري چڪو هو  ۽ گذريل ڇهن هفتن  ۾ ليفٽيننٽ ڪارليس سنڌوءَ جي ڇوڙ کي بخوبيءَ نظر مان ڪڍيو هو. مارچ ۾ ڪارليس ته بمبئيءَ موٽي آيو، باقي ووُڊ صاحب آبڪلانيءَ ويل نديءَ   پاسي وارين ايراضين  ۽ ڦٽندڙ شاخن جي رونق جاچڻ لاءِ اڃا به رهي پيو. انهيءَ جاچ ۽ تپاس لاءِ خاص اوزار گهربل هئا. جن لاءِ  هن گهُر ڪئي، ۽ اُهي کيس بمبئيءَ  مان روانا ڪيا ويا. سَرَوَ جي آخر ۾ ووُڊ صاحب سنڌوءَ جي ڇوڙ تي آبڪلانيءَ جا اثر جاچڻ ڪاڻ سرڪي هيٺ آيو. دوآبي جي آبهوا ۾ گهڻو وقت رهڻ لائق ناهي، جنهنڪري ووُڊ جهڙي جانٺي مڙس تي پڻ ان جو اُلٽو اثر آخر غالب پيو. سال جي چِٽُ موسم ۾ پاڻي بيٺل سارين جي فصلن وچ ۾ رهندي سندس صحت سَٽَ نه جهلي ۽ سوريءَ جي هلا کي ءَ کيس بمبئيءَ موٽڻ لاءِ مجبور ڪيو. تنهن هوندي به انگريزي جاچ پارٽيءَ، ميرن جي موڪليل ماڻهن جي مدد  سان _جنهن مدد لاءِ پاٽنجر ميرن جا لِکت ۾ ٿورا مڃيا _ چڱو ملڪي ۽ سياسي سڌ سماءُ هٿ ڪيو. ڊاڪٽر هيڊل، ليفٽيننٽ ووُڊ ۽ ليفٽيننٽ ڪارليس پنهنجا الڳ احوال ۽ آزمودا بمبئي سرڪار اڳيان رکيا، جن مان سرڪار کي هٿيڪي خبر پلئه پيئي. خاص طور ليفٽينٽ ڪارليس جيڪو نديءَ جي ڇوڙ جونقشو ڪڍي موڪليو، سو سنڌ ڏي1839ع ۾ موڪليل انگريزي فوج لاءِ ڪافي ڪارائي تو ثابت ٿيو. پر اڃا پڻ سنڌوءَ تي واپار جو سڄو سمورو خاڪو ٺهي نه سگهيو. ائين برابر آهي ته انگريز سرڪار سڀ خبرون هٿ ڪرڻ ڪاڻ وسؤنڪين گهٽايو هو ۽ 1831ع لاڪر، جڏهن الينگزينڊر برنس، سنڌو نديءَ ۽ سندس شاخن جي واپار جي آمدرفت ڪاڻ ڪارگر هئڻ جي جاچ لاءِ نديءَ رستي لاهور روانو  ڪيو ويو هو. انگريز سرڪار سنڌونديءَ بنسبت هر قسم جي احوال هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪڏهن به ڍ ِلي  ڪانه ڪئي هئي؛  تنهن هوندي به سڀ خبرچار ميسر ٿي نه سگهي هئي. ۽ جيئن ته ڪيتري خبر لڪچوريءَ  حاصل ڪيل هئي، تنهنڪري اها تصديق ڀري نٿي ليکجي سگهي . انهيءَ سبب 1836ع ۾ هڪ واپاري سفارت موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽  هيل اها سفارت نه فقط سنڌ ۽ پنجاب توڻي محدود رکي ويئي، پر اُن کي ڪابل توڻي وڃڻو هو، جيئن ضروري واپاري توڙي ملڪي اعتبار  جوڳي خبرچار هٿ لڳي سگهي. هن سفارت ۾ ليفٽيننٽ برنس، ليفٽيننٽ ووُڊ، ۽ ڊاڪٽر لارڊ ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو موڪليا ويا ۽ اها سفارت نومبر 1836ع ۾ بمبئي مان پنهنجي ڪم تي اُسهي. سنڌوءَ جي وڌيڪ جاچ لهڻ ڪارڻ هن موقعي جو عين فائدو وٺڻ خاطر سرچارلس مالڪوم، انگريزي بحري فوج جي سپريڊنٽ، جي صلاح تي بمبئي سرڪار ٻه خاص ٻيڙا سفارت جي سهنج لاءِ ڏياري موڪليا، جن مان  هڪ چڱو ڪارگر ۽ ٻيو اوتروئي ناڪام ثابت ٿيو. سفارت گهربل جاچ ڪري، پنهنجي رپورٽ سرڪار ڏي ڏياري موڪلي. ان ريت انگريز سرڪار جو سنڌونديءَ ۽ ان جي لاڳيتو ملڪن بنسبت فئل File مڪمل بڻيو. ان طرح سنڌونديءَ جي پوري ۽ پختي جاچ پڙتال ڪئي ويئي. ۽ نومبر 1836ع واري وڌايل عهدنامي جي قلمن مطابق سُکانين جي سهوليت ۽ خير خاطر سمنڊ کان نديءَ ۾ گهڙڻ وارن هنڌن تي ” بويا “ وڌا ويا ۽ حجامري ۽ ڪيدا واري ڇوڙ جي مُنهن وَٽ بتي – منارا کڙا ڪيا ويا.

        واپار جي خيال کان ته سڀڪجهه ٺيڪ هو، پر سياسي سطح ته حالتون ڪجهه اورهيون ” سنڌوندي دنيا ڀر جي واپارين لاءِ کُلي ڪرڻ “  واري عهدنامي تي صحيح ڌرڻ کان جلد پوءِ مير مراد علي خان، حيدرآباد جي حاڪمن جي چوياريءَ جي چوٿين ۽ آخرين مير، وفات ڪئي. مير صاحب جي موڪلائڻ سان ميرن جي گهر ۾ گهڻو ڪاهي پيو. هيل توڻي حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپور جا حاڪم ڪٺا ٿيو پئي هليا. ٻاهرين نيتي ۽ ڌارين کي منهن ڏيڻ ۾ هو پاڻ  ۾ ٻِٽ هئا. افغانن کان شڪارپور ۽ اُن جي پسگردائيءَ واريون ايراضيون کسڻ ويل يا 1832ع عهدنامو قبولڻ مهل به مڙيئي مير پاڻ ۾ پهيا هئا. ۽ پوءِ ئي پڪ ڏنائون ۽ يڪو قدم کنيائون. پر اها مِٺ محبت مير مراد عليءَ جي راهه رباني وٺڻ سان پنهنجو پاڻ موڪلائي ويئي. 1838ع ۾ ئي خيرپور جي مکيه مير، (ڪرنل هينري پاٽنجر ڏي) هڪ خاص وڪيل ڀُڄ چاڙهي موڪليو. هو ساڻ ججهيون سوکڙيون پاکڙيون نئي ويو، انهيءَ مراد سان ته انگريز خيرپور وارن ميرن سان الڳ ۽ نجو عهدنامو ڪن. سنڌونديءَ تي واپاري سلسلي وارو عهدنامو ڪَٺو ڪيل هو. مگر هاڻ حالتون بدلجي چڪيون هيون، جنهنڪري ئي الڳ عهدنامي لاءِ وات وڌو هيو. خيرپور وارن جدا عهدنامي لاءِ گهرُ مول ريت انهيءَ ڪارڻ ڪئي هئي جو هن کان اڳ حيدرآباد ، خيرپور ۾ ميرپور وارن جي هر حالت ۾ صلاح مصلحت ٿيندي هئي، جنهن بعد ئي هر ڪو قدم کنيو ويندو هو؛ پر مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ، سندس پٽن توڙي ڀائٽين جيڪا روش اختيار ڪئي هئي. سا مرڳي مير صاحب کي پَٽيءَ پسند ڪين پوي ها. رڳو اها ڳالهه به ڪانه هئي. خود جيڪي مير، مير مراد عليءِ جي قضيي بعد حيدرآباد جي مسند تي ويٺا، سي پاڻ ۾ ڪين ٿي ٺهيا. پهرين چوياريءَ جي پوئين مير جي وفات ڪرڻ تي، سندن پٽن ٻي چوياري ٺاهي_ ميرنور محمد، ۽ نصير خان (مير مراد علي خان جا فرزند)، مير صوبدار خان (مير فتح علي خان، پهرين چوياريءَ جي پهرين مير جو پٽ) ۽ مير محمد ( مير غلام علي خان، پهرين چوياري جي ٻئي مير جو پٽ). منجهن متڀيد ٿيندا، تنهن جا مير مراد علي خان کي به پڙوُڻ پئجي چڪا هئا. مير مراد علي خان جي مرضي هئي ته کائنس پوءِ( سندس ٻيو پٽ مير نصير خان) راڄ جو حق ماڻي ۽ انهيءَ خاطر انگريزن کي دخل وجهڻ لاءِ منٿ ڪئي، ڇو ته هنن ڪن ڏيهي رياستن ۾ اهڙي قسم جو اڳ ۾ دخل ڏنو هو؛ پر ڪرنل پاٽنجر کيس کُتو ۽ ناڪار ڀريو جواب ڏنو هو. هونءَ ته مير نصير خان کي راڄ هلائڻ ۾ بهرو وٺڻ جو وجهه بنهه ڪين ملڻو هو، ڇو ته پهرين چوياري جي ختم ٿيڻ تي سندن پهرين پٽن کي ئي راڄ هلائڻ جو حق هو. پر حرفت هلارائي مير نصير خان پڻ نئين چوياريءَ ۾ آندو ويو، جنهنڪري مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان جو  مير نور محمد ۽ نصير خان سان ڄڻ جنم جو وير پئجي ويو. تنهن کان سواءِ مير مراد علي خان، پنهنجن ڀائٽين کي اُسرڻ بنهه ڪين ڏنو هو، خاص طور مير صوبدار خان کي، جنهنڪري هو اندر ۾ سور سانڍيو ويٺا هئا. ته وجهه ملندي هٿن جون صفايون ڏيکاربيون. مٿان وري مير نور محمد خان نئين چوياريءَ جو مکيه مير ٿي ويٺو، جنهن جو کيس ڪوبه حق ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هو پهرين چوياريءَ جي پوئين مير جو پٽ هو ۽ مير صوبدار خان ۽ محمد خان پهرين ٻن وڏن ڀائرن جا اولاد هئا. سچو حق مير صوبدار خان جو هو، پر ميرنور محمد خان ، مير ميرمحمد کي ڪنهن ريت پرچائي پنهنجي پاسي ڪري ويو هو، جنهنڪري مير صوبدار اڪيلو رهجي ويو ۽ گهڻو ڪجهه ڪري نٿي سگهيو. هونءَ به  مير ميرمحمد خان، مير مراد علي جي پٽن جي اهڙو خلاف ڪين هو، جهڙو مير صوبدار خان، شايد انهيءَ ڪارڻ جو مير نور محمد، مير نصير خان ۽ مير مير محمد خان ٽيئي شيعا فرقي جا هئا. مير صوبدار خان کي مير نور محمد خان ۽ ٻيا مير اصل سرچائي ڪين سگهيا. هو سُني مسلمان هو ۽ سؤٽن خلاف کيس دائمه ساڙ هئا. ميرن جو گهروگهوٽو چٽو ظاهر ٿي بيٺو جڏهن هنن گُهر ڪئي ته انگريزن سان عهدنامي ۾ سڀني ميرن جا نالا ڏنا وڃن. انهيءَ ڳالهه تي چڱي لکپڙهه هلي ۽ آخر کين ناراض نه ڪرڻ خاطر چئني ميرن _ مير نور محمد، مير نصير خان، مير صوبدار خان، ۽ ميرمير محمد _ جا نالا عهدنامي ۾ جدا درج ڪيا ويا. مير صوبدار خان جو سؤٽن مان سڙيو ويٺو هو، تنهن ملڪ جي ورهاست جي گُهر ڪئي. اها حقيقت حيدرآباد ۾ انگريزي ڏيهي گماشتي جي خط مان ظاهر ٿي ٿئي۔ منشي ڄيٺا نند 8- آگسٽ 1834ع تي ڪرنل پاٽنجر ڏي خط  لکندي ڄاڻايو ته ”مير صوبدار خان ملڪ جي چوٿين حصي ملڻ لاءِ  مير نور محمد خان کي چيو آهي.“ پر مير نور محمد خان قصو ٽاري ڇڏڻ لاءِ پئي نوان نوان طريقا ڏسيا. پهرين سندس چوڻ هو ته نديءَ  جي پَرينءَ  ڀر وارو ملڪ کيس ۽ ميرنور محمد خان کي ملي ۽ اورينءَ ڀر وارو ملڪ مير صوبدار خان ۽ مير مير محمد خان کڻي. پوءِ وري چوڻ لڳو ته سارو ملڪ ٻارهن ٽڪرن ۾ ورهائجي ۽ پوءِ هر هڪ مير کي ٽي ٽڪر ڏجن . ميرنور محمدخان  جي دلي مراد اها هئي ته هينئر به حڪومت ائين هلي جئن مير مراد علي خان جي ڏينهن ۾ ٿي هلي، يعني ته  سارو ملڪ ڪٺو رهي ۽ راڄ چارئي ڄڻا گڏجي  هلائين جن جو سرڪردو پاڻ ٿي رهي. پر حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو جو پنهنجي پنهنجي فوج کي پگهار ڏيڻ جي بهاني مڙني ميرن پنهنجا پوئلڳ آڻي حيدرآباد ۾ گڏ ڪيا. سنڌ جي ميرن جي اها ڇڪتاڻ هلندي آئي ۽ ڪرنل پاٽنجر پڻ اهو تماشو پاڻ ڏسي ويو، جڏهن هو 1836ع توڙي 1838ع ۾ حيدرآباد درٻار ۾ آيو هيءُ گهروُ گهوٽالو ويو وڌندو، ڇاڪاڻ جو مير صوبدار خان کي سؤٽن ۾ سخت باهه هئي. قصو ايتريقدر ته وڌي ويو جو جيڪي ٽي مير چَوَنَ تنهن جي مير صوبدار خان ضرور مخالفت ڪري ۽ ٻروچن کي سندن خلاف برغلائي ۽ ڀڙڪائي. ٻروچن کي شروع کان ئي انگريزن ۾ سخت شڪ شبها هئا، جنهنڪري جڏهن ڪرنل پاٽنجر ميرن ۽ رنجيتسنگهه جي وچ  ۾ رڳڙي نبيرڻ لاءِ پنهنجي رٿ پيش ڪئي، جنهن ۾ حيدرآباد ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ جو پهه پڻ پيل هو، ته ان جي مير صوبدار خان هڪدم مخالفت ڪئي ۽ ٻروچن کي پنهنجن سؤٽن خلاف اهڙو وٺي ڀڙڪايائين جو جڏهن ڪرنل پاٽنجر ڀُڄ واپس پهتو ته خبر آيس ته ميرن جي فوج  ۾ ڪنهن ويل به بغاوت ڀڙڪو کائي اُٿي. ميرن جي هيءَ پاڻ ۾ ناسازي سندن تباهيءَ لاءِ تلهي بڻجي ٿي سگهي، ڇو ته ان جي هڪ ڌاري طاقت کي سُڌ  پئجي چڪي هئي، جا کين پاڻ ۾ اٽڪائي ۽ لڙائي، سندن ملڪ سولائيءَ  سان پڻ ڳڙڪائي ٿي سگهي. سنڌي پهاڪو ته ” ميرن کي ڪٿان لڳي، گهر مان لڳي“، اجهو جُڙي رهيو هو. مير صوبدار خان اهو ڌمچڪر ڪاهي وڌو  هو جو مير نور محمد خان کي پنهنجي طاقت قائم رکڻ ڪاڻ فقط هڪ ئي رستو ٿي سُجهيو ۽ اِهو هو انگريزن سان ناتو وڌيڪ پختو ڪرڻ. انگريزن سان ناتو حيدرآباد ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ سان ئي پختو ٿِي ٿي سگهيو جڏهن فرنگي سندس ڀر ۾ هوندو ته ڪنهن جي ڇا مجال جو مير نور محمد خان خلاف آڱر کڻي سگهي!

        ٽالپر گهراڻي جا سرڪردا هڪ طرف پاڻ ۾ وڙهيا پيا هئا. ته ٻئي طرف کان دشمن پئي سندن در کڙڪايو. سک مهاراجا، جنهن ڪڏهوڪو افغان سلطنت جا هندستاني حصا گهڻي ڀاڱي پنهنجي حدن اندر آڻي ڇڏيا هئا، سو ڳچ عرصي لاڪر سنڌ ۾ اکيون وجهيو ويٺو هو. هوُ سنڌو نديءَ تي انگريزن جي نظرداريءَ هيٺ واپاري سلسلو شروع ڪرڻ جي به انهيءَ ڪارڻ خلاف هو ته انهيءَ حالت ۾ انگريزن جو سنڌ ۾ زور وڌندو، جنهن ڪارڻ سندس سنڌ تي ڪاهي وڃڻ مشڪل ٿي پوندو. جڏهن 1831ع ۾ لارڊ وليم بينٽڪ ۽ مهاراجا رنجيتسنگهه روپار شهر ۾ گڏيا ته سک مهاراجا انگريزي سرڪار جي سرڪردي سان سنڌ بنسبت پنهنجي سِٽَ  جو ذڪر ڪڍيو، ۽ کيس ذهن نشين ڪرائن جي ڪوشش ڪيائين ته ” نه سنڌ وارن جي لشڪر ۾ ڪو خاص دم هو، نڪي ڪي وري سنڌ جا حاڪم انگريزن جي فائدي ۾ ئي هئا، جنهن ڪارڻ ئي ته هنن الينگزينڊر برنس کي سنڌونديءَ رستي لاهور وڃڻ کان هيترو وقت روڪي ڇڏيو.“ هن بحرستان بيان ڪرڻ جو فقط هڪڙو ئي پريوجن هو ته انگريزي سرڪردوسک مهاراجا  جي سنڌ خلاف  سِٽيل رٿ جي پٺڀرائي  ڪري ڇاڪاڻ ته هن پنهنجن انگريز دوستن، جن کيس هيل توڻي پنهنجي حڪومت بنا هٽڪ وڌائڻ ڏني هئي، سان ڪنهن به حالت ۾ ڦٽائڻ نٿي چاهيو. پر گورنر جنرل سندس ڳالهه تي ڪو خاص ڌيان ڪونه ڏنو، ۽ وجهه وٺي ڳالهه ڦيرائي ويو. تنهن هوندي به مهاراجا رنجيتسنگهه جو سنڌ تي هرک هاري ويٺو هو، سو ائين ماٺ ڪري ويهڻ وارو مڙس ڪين هو. 1833ع ۾ شاهه شجاع کان اڳ وک کڻي وڃي شڪارپور والاري، پر انهيءَ خاطر هو انگريز بهادر جي موڪل هٿ ڪرڻ لاءِ خاص منتظر هو. انهيءَ مراد سان سندس وڪيل دهليءَ ۾ انگريزي ايلچيخاني  جي سرڪردي سان ڳالهه چوري، جنهن جو کيس هيٺيون جواب مليو: شڪارپور تي، جو هڪ دوست جي حد ۾ آهي، چڙهائي ڪري وڃڻ ڇاڪاڻ ته شاهه شجاع اوڏانهن وڌي رهيو هو، انتر راشتري اُصولن، جن مطابق ئي حڪومتن جا هڪٻئي سان ناتا ڳنڍيل رهن ٿا، سان بنهه ڪين ٿو ٺهڪي“ مهاراجا رنجيتسنگهه  انگريز بهادر جي هيءَ روش اَصل ڪين سمجهي سگهيو. هو انگريزن جو دوست هو، ۽ هيل توڻي انگريزن کي سنڌ ۾ پنهنجي سر ڪو خاص چاهه ڪونه هو، نه ته هوند گورنر جنرل، مسٽر فريزر جي شاهه شجاع جي مدد سان بکر هٿ ڪرڻ جي رٿ ٿوڪاري ڪين ڇڏي ها_،  پوءِ ڇو  انگريزن سندس سنڌ بنسبت سٽاءَ تي پاڻي ڦيرڻ ٿي چاهيو! پر انگريزي نيتي ته چٽي ظاهر هئي. سنڌ مان سندن ٻٽو مطلب ٿي سڌ ٿيو _ واپاري ۽ سياسي.  هنن واپاري آمدرفت دوران اُتر طرف سياسي سرگرمين کان پاڻ کي واقف  رکڻ ٿي چاهيو. شڪارپور، خوراسان جي ڪشادي حڪومت جو ٻاهريون ڦاٽڪ هو، اُهو انگريز ڪيئن سک مهاراجا کي ڦٻائڻ ڏيندا! اهڙيءَ حالت  ۾ انگريزن  لاءِ سياسي خبرن لهڻ جي سهوليت ممڪن نه هئي، ڇاڪاڻ  ته رنجيتسنگهه  حاسد ۽ بدگمان حاڪم هو؛ پر شڪارپور جي ٻروچ ميرن جي هٿ هيٺ هجڻ ۾ کين هرڪا سهوليت آسانيءَ سان ميسر ٿي ٿي سگهي: تنهن هوندي به رنجيتسنگهه  دل ڪانه لاٿي؛ هن ايمان ڪين ڇڏيو. ميرن جي فوجي ڪمزوريءَ بنسبت سندس رايو جلد ٺيڪ ظاهر ٿيو، ڇو ته 1833ع ۾ جڏهن شاهه شجاع تخت وري هٿ ڪرڻ خاطر سنبري نڪتو هو ته سندس سپاهين سنڌي فوج ۾ ٽاڪوڙو وجهي کين ڀڄائي ڇڏيو هو. هن شڪست مهاراجا رنجيتسنگهه جي اندر ۾ شڪاپور هٿ ڪرڻ جو نئون نينهن ( اُمنگ) جا ڳايو ۽ هن يڪبارگي وري انگريزن  کان هاڻ ڦريل حالتن  ۾ پنهنجي پهه بنسبت رايو پڇڻ جو يتن ڪيو. گجرسنگهه مَجَٺَيِا، سک ايلچي، انهيءِ مراد سان 1834ع ۾ ڪلڪتي به چڙهي ويو ۽ سال ڏيڍ اُتي رهڻ بعد به سکڻو موٽي آيو. تنهن وچ ۾ رنجيتسنگهه پنهنجو پاسو وڌيڪ پختو ڪري ورتو هو. هاڻ کيس سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ جو وزندار سبب هو. هُن سک مهاراجا _ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي اولاد، جو سنڌ تي راڄ جو حق ٿي ڇڪيو. ميان سرفراز خان کان ئي ميرن سنڌ جي حڪومت کسي، پنهنجي قبضي هيٺ آندي هئي. ميان سرفراز جي نسل جو سردار هن ويل راجنپور جي سنڌوُ پار پرئينءَ ڀرَ افغانن وٽان مليل جاگير تي رهيو پيو هو ۽ سک مهاراجا وٽان پڻ کيس سالياني خرچي پيئي ملندي هئي. سو سک مهاراجا، ڪلهوڙي سردار جي حق ڇڪڻ جي بهاني سنڌ تي ڪاهي اچڻ ٿي چاهيو. تنهن کان سواءِ سک مهاراجا  کي سنڌ جي ميرن خلاف، ٻي به هڪ سخت دانهن هئي. هن مزاري شاهينگن کي نه فقط ڪجهه ڪين ٿي چيو، پر مورڳو کين هُشي، ٿي ڏني ته ڀل سکن جي حدن ۾ ڦرمار ڪندا اچو. مزاري لوڪ، هڪ سرحدي قوم هئا، جي سکن ۽ سنڌ سرحد جي لاڳيتو ايراضيءَ  جا رهاڪو هئا. هو سک ايراضين تي هلان ڪري، ماڻهن کي ڦري لُٽي، ميرن جي ملڪ  ۾ وڃي مٿو لڪائيندا هئا. واٽ ويندي سک مهاراجا مزارين کي سيکت ڏيندي، سنڌ جي حدن ۾ پيهي،  ميرن جي ”نيڻن جو ماڻڪ“  شڪارپور جو شهر سولائيءِ سان هٿ ڪري ٿي سگهيو. انهيءِ نيت سان شهزادي نونهالسنگهه کي هن مٺڻ ڪوٽ موڪليو، جنهن اُتان ميرن کي دڙڪو ڏياري موڪليو ته يا ته مهاراجا کي ساليانو ڏ َن، جو هوُ اڳي افغان حاڪم کي ڀريندا هئا، جڏهن سنڌ افغانن جي سلطنت  جو حصو هئي،  جنهن جو هن ويل هرتا ڪرتا سک مهاراجا ئي ساماڻو هو، يا ته سک لشڪر شڪارپور تي پنهنجو قبضو ڪندو. ميرن، مهاراجا جي دڙڪي جو ڪوبه اُتر نه ڏنو، جنهنڪري سک لشڪر مزاري ملڪ تي ڪاهي آيو ۽ سندن مکيه شهر روجهن تي قبضو پاتو. جلد ميرن سکن سان ٺاهه ڪيو ۽ انجام ڏنائون ته اڳتي ”مزارين جي ڪارگذارين ڪاڻ اسين جوابدار رهنداسين.“ پر ميرن کي هن ٺاهه قائم رکڻ جو خير ڪوخيال هو ؛ هنن کي اهو ٽِڻ  ڪيئن به ٽپائڻو هو، سو پنهنجو ڪم سِڌ  ڪري ويا. سال 1835ع واري خط ۾ لکيو ته ” خيرپور جي ميرن پنهنجو لشڪر سرحد تان چاڙهي موڪليو آهي ڇاڪاڻ جو ديوان سالولسنگهه جي هٿ هيٺ مزارين ۽ ٻين شاهينگن خلاف موڪليل لشڪر، جو سنڌ جي سرحد ويجهو لنگهي رهيو هو، اُن تي نگاهه رکن.“ ٻيهر سماچار سُڻائيندي انگريزي ايلچيءَ گورنر جنرل کي 10 – سپٽمبر 1835ع تي لکيو ته ” مير صاحب سخت مونجهاري ۾ پئجي ويا آهن جو ٻُڌو اٿن ته هيءُ جو مهاراجا رنجيتسنگهه  پنهنجي حڪومت جي ڏاکڻي ڀاڱي ڏي وڌندو ٿو اچي، سو انهيءَ مراد سان ته اُتان شڪارپور تي چڙهائي ڪندس.“ وري 11- نومبر 1835ع تي گورنر جنرل کي احوال ڏيندي، ڪرنل پاٽنجر لکيو، ته ” حيدرآباد جي سماچاري – خاطو لکيو آهي ته نونهالسنگهه جو ملتان پهچڻ جو ٻُڌي مير منجهي  پيا آهن ته ڪهڙو قدم کڻجي ان جو اڃا فيصلو ڪين ڪري سگهيا آهن“ سک لشڪر جي هر هر سنڌ سرحد طرف وڌڻ ميرن کي البت ڊيڄاري ڇڏيو. کين انگريزن سان دوستي پڪي ڪري، دشمن کي ٽارڻ کان سواءِ، ٻيو ڪو حيلو ڪين ٿي سجهيو.

        ميرن حيدرآباد ۾ راهايل انگريزي گماشتي، منشي ڄيٺانند کي، ڪرنل پاٽنجر ڏي، ڀُڄ چاڙهي موڪليو. هنن هڪ رٿ پيش ڪئي جنهن ۾ انگريزن ۽ ميرن کي پاڻ ۾ گڏجي بهرو وٺڻو هو. جڏهن ميرن، رنجيتسنگهه کان بچاءُ حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزن سان ناتو گهرو ڪرڻ ٿي چاهيو، ته سڀاويڪ سوال ٿي اُٿيو ته انگريزن کي ڪهڙي بهاني پنهنجي پاسي آڻجي؟ انهيءَ لاءِ ميرن آخر هڪ مهت ڪانکي رٿ رچي راس ڪئي، ۽ کين پڪ هئي ته اها انگريزن کي ضرور پسند ايندي ۽ هو سندن پاسو کڻڻ لاءِ خواهان ٿيندا. منشي ڄيٺانند ميرن جو تيار ڪيل مسودو ساڻ ڪري، تاريخ پهرين آڪٽوبر 1835ع تي ڀُڄ پهتو، ۽ ميرن پاران اهو انگريزي ايلچيءَ اڳيان پيش ڪيائين. اِن مسودي ۾ ميرن ڄاڻايو هو ته جيڪڏهن انگريز، ميرن کي ساٿ ڏيندا ته گڏيل لشڪر آسانيءَ سان ديراجات جو پرڳڻو، جو مهاراجا رنجيتسنگهه  جي حدن ۾ ( سنڌو نديءَ  جي ساڄي ڪپ تي اَٽڪ کان ڏکڻ طرف) اچي ٿي ويو_  بلوچستان ۽ لسٻيلو جنهن ۾ سون مياڻي جو منڍو اچي ٿي ويو، هٿ ڪري سگهندو، جنهن جا ٻه هڪجيڏا حصا ڪري هڪ حصو انگريزن  کي ڏنو ويندو. انگريزن جي ميرن کي ساٿ ڏيڻ جي حالت ۾ مير صاحب انگريزن کي پنهنجي ملڪ ۾ حيدرآباد، يا ٻئي ڪنهن به هنڌ جو انگريز پاڻ پسند ڪن، ايلچيخانو وجهڻ جي موڪل ڏيندا. انگريزن کي وڌيڪ ريهڻ ريبڻ خاطر کين پڪ ڏياري ويئي ته کانئن خاص گهڻي فوجي مدد ڪانه ورتي ويندي. هونئن ته ميرن جي رٿ ڪهڙي به وڻندڙ هجي ها ته به انگريز ڪين قبول ڪن ها، ڇاڪاڻ ته اُن حالت ۾ کين انهن حڪومتن جي سامهون ٿيڻو پوي ها، جن سان سندن دوستاڻا ناتا هئا؛ پر هيءُ جو ميرن سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ جي آڇ ڏني هئي، تنهن مڙيوئي انگريزن کي گهڻو هرکايو. انگريز ته 1832ع کان خاص طور خواهان هئا ته کين سنڌ ۾ ايلچيخانو وجهڻ جي موڪل ملي، پر ميرن هيل توڻي هميشہ  پئي ناڪار ڪئي هئي. هاڻ جو پنهنجو پاڻ اها سهوليت آڇي هئائون ته انگريزن لاءِ صفا ناڪار  ڪرڻ پڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ڇو ته ناڪار جي حالت ۾ سنڌوءَ جي جاچ پڙتال، جنهن لاءِ سرگرم تياريون چالو هيون، اُن ۾ رخني پوڻ جو انديشو هو. تنهنڪري ڪرنل پاٽنجر، پنهنجي نائب، ليفٽيننٽ الينگزينڊر برنس کي حيدرآباد چاڙهي موڪليو ته ميرن جي منهن سامهون ڪنهن ريت خاطر خواهه قصي جو نبيرو ڪري اچ. ليفٽيننٽ برنس، آڪٽور 1835ع ۾ سنڌ درٻار ڏي اُسهيو. هن موقعي تي کيس ڪرنل پاٽنجر وٽان هيٺيون هدايتون مليون:

(1) مير صاحبن کي ذهن نشين ڪرائڻ ته انگريز انهن حڪومتن خلاف سندن ساٿ  نٿي ڏئي سگهيا جن سان سندن ( انگريزن جا) اڳي ئي دوستاڻا عهدناما هئا. (2) ميرن جي من مان سندن حڪومت ۾ انگريزن جي اک جو خام خيال مٽائڻ. (3)  ميرن کي محسوس ڪرائڻ ته سندن ( انگريزن جا) مهاراجا رنجيتسنگهه سان ڪيل عهدناما کين ( ميرن کي) ڏيکارڻ بلڪل  اڻواجب هئا، پر سندن  شڪ مٽائڻ  لاءِ ته اُنهن ۾ اهڙو ڪوبه قلم؟ ڪين هو جنهن مان ظاهر ٿي سگهي ته ڪو انگريز، سک مهاراجا جي سنڌ خلاف قدم کڻڻ  ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئا، سندن (ميرن جو) مانُ رکي، کين ٿيل عهدنامن جون ڇپيل ڪاپيون ڏيکارڻ جو پر ٻنڌ ٿي سگهندو.

        حيدرآباد جي ميرن، ليفٽيننٽ برنس جو سهڻو سواگت  ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن  اندر هن ميرن جون رٿون سوگهيءَ ريت سيل ڪري پنهنجي نموني پاٽنجر صاحب ڏي روانيون ڪيون. ميرن جي مکيه رٿ هئي ته سنڌ ۾ ڀَل انگريزي ايلچيخانو پوي، پر ان کلئي شرط تي ته  انگريزَ سنڌ تي ڌارين ڪاهه کي ڪيئن به روڪيندا، پوءِ ڪاهه ڪندڙ سک سردار هجي، افغان حاڪم هجي، يا ڪو ٽياڪڙ .1834ع وارو عهدنامو صحيح ڪري موڪلڻ مهل انگريزي گورنر جنرل، ڪرنل پاٽنجر کي سنڌ  ۾ انگريزي ايلچيخاني کولڻ لاءِ ڪوشش جي موڪل ڏني هئي، پر هيل توڻي هن انهيءَ موڪل تي ڪو خاص عملي قدم ڪين کنيو هو. مير نور محمد خان_  حيدرآباد جي مکيه مير _ جو انگريزي ايلچيخاني کولڻ جي رخصت ڏيڻ مان سندس خانگي پريوجن _ مطلب ٿي سڌِ ٿيو. هيءُ جو سندس سؤٽ _ مير صوبدار خان مير محمد خان _ مٿس زور آڻي رهيا هئا ته ملڪ جي ورهاست ڪر، جنهن لاءِ هو هرگز تيار نه هو، ڇو ته ان حالت ۾ سندس زور گهڻو گهٽجي وڃڻو هو، تن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ انگريزي ايلچيخانو کولڻ ڪافي هو، ڇو ته سندس سؤٽن کي خبر هئي ته مير نور محمد خان  جا انگريزن سان گهاٽا ناتا هئا، جنهنڪري انگريزي ايلچيءَ جي سنڌ ۾ حاضريءَ  جي حالت  ۾ سندس سؤٽن لاءِ ڪجهه به ڪڇڻ محال  هو. ڪرنل پاٽنجر  پنهنجي سر ميرن جي مسودي ڏي مائل خاص انهيءَ ڪارڻ ٿيو جو ايلچيخاني  جي رٿ ميرن وٽان ئي آئي هئي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ  جو ويچار ڪرنل پاٽنجر کي ڳچ عرصي کان هو، پر ويجهڙائي وارن واقعن کيس انهيءَ  قدم لاءِ وڌيڪ منتظر ڪيو هو. انهيءَ  ڪري هن هڪدم وري نئين سر گورنر جنرل کي سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني  کولڻ جي خاص ضرورت کان واقف ڪيو، خاص طور تازو بدليل سياسي حالتن ڪارڻ ليفٽيننٽ برنس جي ميرن وٽان موڪليل مسودي تي پنهنجو رايو ڏيندي ڪرنل پاٽنجر لکيو ته ” جڏهن جڏهن مون کي اهڙو وجهه پئي مليو آهي ته مون هر دفعي  سنڌ ۾ يوپين ايلچي  رکڻ مان فائدي کي پئي دهرايو آهي، سو به ايتريقدر  جو هن دفعي  انهيءَ بنسبت  وڌيڪ ڪجهه چوڻ فضول ٿو سمجهان. منهنجو اهو رايو وقت پوڻ سان نه رڳو بدليو ڪينهي، پر پاڻ وڌيڪ پختو ٿيو آهي، خاص ڪري گذريل ارڙهن مهينن جي ٿي گذريل ڪارنامن سبب.“ اسان لاءِ، ڪرنل پاٽنجر وڌيڪ لکندي دهرايو، هيءُ قدم سڄي سنڌوُ واديءَ ۾ اسان جي سياسي زور قائم ٿيڻ جو باعث بڻبو. سنڌوءَ جي ماٿريءَ ۾ هن ريت انگريزي زور ڦهلائڻ جي هينئر ڪهڙي خاص ضرورت هئي؟  ڇا روس جو ڊپ انگريز کي ستائي رهيو هو ڇا؟ ڪرنل پاٽنجر جي من ۾ ته اهڙو گمان ڪين وَسي رهيو هو، ڇو ته ان باري ۾ راءِ زني ڪندي ڪرنل پاٽنجر ساڳئي خط ۾ گورنر جنرل کي لکيو  ته ”مان انهن شخصن مان هڪ آهيان جي هندستان خشڪي رستي ڪنهن به يورپي قوم جي ڪامياب ڪاهه هڪ اجايو وهم ڪري ٿا ليکين.“ حقيقت ۾ منهنجي خيال موجب اهڙي  ڪوشش، جنهن جو جيڪڏهن هر هڪ قدم سوچي سارو سلسلو پورن  ريت رچي راس نه ڪيو ويو آهي، جو ڪنهن به بن بشر لاءِ ڪرڻ مشڪل آهي، خاطريءَ طور ناڪام ثابت ٿيندي، ايترو  اڳ جو اسان کي انهيءَ  ڌر جي جي مقابلي ڪرڻ  _ پنهنجي هندستاني سلطنت  جي بچاءَ  بلي _ جي ضرورت  ئي ڪانه پوندي.“  پاٽنجر کي جنهن اُڊڪي پهري سجاڳ ڪيو هو سو هو سک مهاراجا جو ڏينهون پوءِ وڌندڙ زور. هن جو ويچار هو ته سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخانو پوڻ سان سک حاڪم جو انهيءَ طرف اڳتي وڌڻ هميشہ لاءِ بند ٿي ويندو. ڪرنل پاٽنجر صاحب جو مطلب هو ته سنڌو ندي هندستان ۾ انگريزي سلطنت جي بچاءَ  لاءِ کاهيءَ  طور ڪتب ٿي اچي، جنهن جي ڪنارن تي انگريزن جا دوست ئي حاڪم هجن، پر هو اهڙا جبرا نه ٿي وڃڻ گهرجن، جو ڪنهن مهل مورڳو مٿن نه اُپڙي اچن. هن باري ۾ پاٽنجر لکيو : ” مون سنڌ ملڪ ۽ سنڌوءَ تي بيٺل حڪومتن برخلاف  قدم کڻڻ جي هميشہ مخالفت ئي پئي ڪئي آهي. منهنجو هميشہ اهوئي ويچار پئي رهيو آهي ته انهن حڪومتن سان اسان کي  پنهنجا ناتا وڌيڪ گهرا ڪرڻ جي ڪوشش وٺڻ گهرجي جئن ان طرف_ اتر اولهه ڏي _ اسان جو زور وڌي؛ ۽ هينئر انهيءَ  لاءِ هڪ عمدو ٽِڻ ٺهي آيو آهي، جنهن جو اسين بيفڪر فائدو وٺي سگهون ٿا.“ سک حڪومت بنسبت خيال پيش ڪندي  ڪرنل پاٽنجر لکيو: منهنجي سمجهه موجب سک مهاراجا  جو ڏکڻ طرف حڪومت وڌائڻ جي خيال کان وڌڻ  سخت اعتراض جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ئي سندس حڪومت ايڏي  ڪشادي بڻجي چڪي آهي جو پنهنجي همت  ۽ قابليت هوندي به هو ڪاميابيءَ سان سنڀالي نٿو سگهي  ۽ اهو گهٽ ممڪن آهي ته سندس گادي نشين ڪو کانئس وڌيڪ  قابل ثابت ٿيندو، جو هن نئين تازو _ هٿ ڪيل  حڪومت تي ضابطو رکي سگهي. تنهن کان سواءِ سمجهو کڻي ته سک مهاراجا سنڌ تي ڪاهه ڪري اهو ملڪ هٿ ڪري ۽ بچائي به ٿو وڃي، ته به هن ڪاهه سبب سنڌ ۽ پاسي وارين حڪومتن ۾ اهو غلغلو ۽ هنگامو شروع ٿي ويندو جنهن کي ٺاپرائڻ ۾کيس  ڳچ عرصو لڳي ويندو ۽ انهيءَ عرصي ۾، جنهن جو مدو ڄاڻائڻ مشڪل آهي، مجبورن پنهنجي سلطنت، ۽ انهن حڪومتن، جي اَسان جي سايي هيٺ آهن، جن جي بچاءَ ۽ عزت خاطر اسان کي لاچار ادم ڪرڻو پوندو ۽ اُپاءُ وٺڻا پوندا.“ انهيءَ ڪري ميراڻي آڇ انگريز ٿوُڪاري ناڪاري نه ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته ان مان سندن لاءِ خاصو سياسي فيض ظاهر پئي بکيو، جيتوڻيڪ ان جا شرط اهڙا سوادي نه هئا. ميرن  سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني کولڻ جي موٽ ۾ فقط ايترو ٿي گهُريو ته انگريز سنڌ تي ٻاهرينءَ ڪاهه کي روڪڻ جو انجام ڏين، خاص طور سکن جي سنڌ تي ڪاهه جي حالت_ جو بچاءُ انگريزن کي هن ويل توڻي ميرن سان ڪيل عهدنامن موجب ڏيڻو ئي هو!! ڪرنل پاٽنجر هن باري ۾ هيٺينءَ طور لکيو: جيتوڻيڪ قاعدگي جي لحاظ اِئين ڪين چئبو ته 1832ع واري عهدنامي جي پهرين قلم موجب انهيءَ جي اسان تي ڪابه ذميواري  ڪانهي ته انهيءَ اَڻ _ انديشڪ حالت ۾ جي رنجيتسنگهه يا سندس پويان سنڌ تي چڙهائي ڪري اچن ته اسين ڪو ان ۾ دخل ڏيون، پر نيتي ۽ ويساهه جي تقاضا آهي ته اسين وچ ۾ پئي جهڳڙي جو ڪنهن نموني نبيرو ضرور ڪريون.“ پاٽنجر جي خيال موجب مهاراجا  رنجيتسنگهه کي سولائيءَ سان ماٺ ڪرائي  سگهبي، ڇاڪاڻ ته سنڌو نديءَ تي واپاري سلسلي چالو رکڻ جي جوابداري ، ڪيل عهدنامن موجب انگريزن مٿان ئي هئي. سکن جي سنڌ خلاف چڙهائيءَ انهيءَ سخت رخنو ٿي وڌو. سک مهاراجا جي سنڌ خلاف سخت دانهن اهائي هئي ته مزاري ٻروچ سنڌ جي ميرن جي چرچ تي ئي سندس ملڪ ۾ ڦرمار ڪري سنڌ ۾ وڃي ٿي لڪا. جيڪڏهن  مهاراجا رنجيتسنگهه  سان عهدنامي ۾ انگريزن جي امانت جو قلم داخل هو ته پوءِ ڪرنل پاٽنجر کي پڪ هئي ته سندس چوڻ تي سنڌ جا مير باز اچڻائي هئا. پاٽنجر جي خيال موجب ميرن جي آڇ ڪنهن به طرح موٽائڻي نه هئي، ڇو ته ميرن اهائي پنهنجي دل وٽان آڇ موڪلي هئي ۽ ان جي ٿوڪاري ڇڏڻ ۾ اهي دوستاڻا ناتا جن  لاءِ اسين ايڏو آتا هئاسين ۽ جن جي جوڙڻ ۾ هيترن سالن لاءِ هيڏي جاکوڙ ڪڍي ويئي هئي، انهن جو دروازو هڪ ڌڪ سان هميشہ لاءِ بند ٿي وڃڻ جي خاطري هئي. تنهن کان سواءِ ميرن جي آڇ انگريزن جو هڪ اَهم منورٿ به سولو سِڌِ ٿي ڪيو. انهيءَ بنسبت ڪرنل پاٽنجر لکيو : ” مون کي ائين ٿو نظر اچي ته اسان جي دخل ڏيڻ ۾ نه رڳو ڪنهن به ڌر سان بي انصافي ڪانه ٿي ٿئي، پر پاڻ سندن حاضر رشتا قائم رهڻ جي ان نموني خاطري ٿيندي ۽ اسان جي هندستان ۾ صدر نشين يا پرم _ راڄ عهدي سبب اسان کي امين بنجڻ جو جوڳائتو حق ٿو نصيب ٿئي، هڪ  ڌر جي ئي چوڻ تي، جنهن دواران نه رڳو وڙهيل ڌرين  کي فائدو رسي ٿو، پر اسان جي پريوجن سِڌ ٿيڻ لاءِ پڻ اهو چڱو ڪارگر ثابت ٿيندو، ته ان حالت ۾ ميرن جي آڇ جيڪڏهن کڻي وڌيڪ اُگري به هجي ها، ان کان جا هنن هاڻ ڪئي آهي، ته به اها اسان کي منهنجي خيال موجب، ضرور ”اَنگيڪار ڪرڻ گهرجي.“ هن ريت مير صاحبن پنهنجي خوشيءَ رضامنديءَ انگريز زيردستي حاصل ڪرڻ لاءِ گماشتي ليفٽيننٽ برنس دواران گورنر جنرل جي  بحاليءَ لاءِ رٿ پيش ڪئي، ۽ ڪهڙو سبب هو جو انگريز اهو وجهه ڇڏي ڏين! مير صاحب پنهنجي فرمان روائي پنهنجي هٿن سان انگريزن کي سونپي رهيا هئا. حق تي ڪن انگريز مورخن ميرن بنسبت اُگرا ۽ اَڻوڻندڙ قياس جوڳا رايا پيش ڪيا هئا!! ڇو ته هو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا هئا. هنن کُل کُلايو زيردستي قبولي هئي. هنن پنهنجي اوڻائي انگريزن اڳيان اُگهاڙي ڪري رکي، جنهن جو فائدو وٺڻ ۾ فرنگين دير ئي نه ڪانه وڌي.

 

        ميرن جي آڇ جو مخفي مراسلو ڪرنل پاٽنجر ڏي موڪلڻ کان ٿوروئي پوءِ ليفٽيننٽ برنس مير ۽ انگريزن جو ناتو گهاٽو ۽ گهرو ڪرڻ بعد 22- ڊسمبر 1835ع تي ڀُڄ موٽي آيو. هيل انگريزن  کي ميرن  سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ تي ڪل ٻه هزار چار سؤ ٽيهه رپيا ڏهه آنا خرچ آيو. پر هن دفعي ميرن جي آڇ  جي ڳالهين ۾ ڳچ وقت لڳي ويو ۽ ان جي اُڪلاءَ ۾ چڱي اينگهه پئجي ويئي، ڇو ته  انهيءَ آڇ  پٽاندر ميرن جو انگريزن سان عهدنامو آخر طور اپريل 1838ع کان اڳ صحيح ٿي نه سگهيو، شايد انهيءَ سبب ته انگريزن جي خيال موجب ميرن جي ملڪ تي سک ڪاهه جو اهڙو تڪڙو امڪان ڪين هو. کين پڪ هئي ته سک مهاراجا سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ کان اڳ سندن  رخ جي ضرور چڪاس لهندو، تنهنڪري عهدنامي کي اينگهائڻ ڪري وقت پوڻ سان هُو (انگريز) پنهنجو فائدو وڌائڻ  ۽ ميرن کي موٽ ۾ ڪجهه نه باسڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. ڇو ته انگريزن جي خيال موجب، ميرن جي سياسي حالت اهڙي سقيم بنجي چڪي هئي جو هوُ انهيءَ  سکڻي اشاري تي به راضي ٿي ٿي سگهيا ته سندن سنڌ جي راڄ– گدي ماڻڻ ۾ رخنو ڪين پوندو!!  ڇو ته ميرن جي آڇ جي موٽ جواب ۾ ڪرنل پاٽنجر انگريزي گورنر جنرل ڄي راءِ وٺڻ بعد ميرن کي مارچ 1836ع ۾ لکيو ته ” انگريز انهيءَ ڳالهه جا خواهان  آهن ته سنڌ ۾ انگريزي ايلچي سنڌو نديءَ تي واپاري سلسلي ۾ اوٽ هيٺ اچي رهي ۽ نه سڌيءَ طرح ايلچي رتبي طور، ۽ هوُ سندن ڪم ( راڄ هلائڻ)  ۾ ڪابه دست اندازي ڪين ڪندو؛ پر ساڳئي وقت  گورنر جنرل صاحب انهيءَ خيال جو به آهي  ته جنهن صورت ۾ اگريزن جا سک ۽ افغان حاڪمن سان اڳيئي دوستاڻا ناتا ۽ عهدناما آهن،  تنهنڪري ميرن سان نئين عهدنامي ۾ ائين ڄاڻائڻ  ته انگريز سنڌ تي سکن يا افغانن جي ڪاهه جي حالت ۾ملڪ جو بچاءُ ڪندا، اڻواجب ٿيندو.“ هيءَ ته عجيب منطق هئي؟ ڪنهن دوست کي ٻئي جي ڪاهه کان بچاءُ ڏيڻ،  پوءِ هو به ڀل نه کڻي سندن دوست هجي، ڪهڙي قاعدي اصول يا عقل موجب اهڙو اقتدار ڪرڻ اڻواجب ليکجي ٿو سگهي! حقيقت ته اها هئي ته انگريز سنڌوُ واديءَ ۾ سکن  سان سلوڪت ڪنهن به ريت نه ڦٽائيندي به پنهنجو زور وڌائڻ ٿي چاهيو ! کين خاطري هئي ته جيائين سک حاڪم کي خبر پيئي ته سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخانو پئجي چڪو هو ته هُو پنهنجو پاڻ سنڌ تي ڪاهه  جو خيال هميشہ  لاءِ لاهي ڇڏيندو ۽ ميرن جي مراد پنهنجو پاڻ سِڌِ ٿي ويندي. انهيءَ حالت ۾ انگريزن کي عهدنامي جي قلمن ۾ ٻَڌڻ  ته هو ڪاهه جي حالت ۾ ميرن جي حمايت ڪندا، جي ڪابه خاص ضرروت ڪانه هئي. مير نور محمد خان شايد سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني پوڻ جي انهيءَ پرڀاوَ کان واقف هجي ته اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جو پنهنجو پاڻ ڌارين جي ڪاهه کان  بچاءُ ٿي ويندو، پر حيدرآباد جا ٻيا مير اصل ڪين سمجهي سگهيا ته عهدنامي ۾ سنڌ جي بچاءُ لاءِ پرٻنڌ جو ذڪر ڪرڻ ۾ انگريزن کي ڪهڙو اعتراض ٿي ٿي سگهيو؟ انهيءَ ڪارڻ ئي ته مير نور محمد خان سنڌ ۾ انگريزن جي ڏيهي گماشتي کي تاڪيد ڪري موڪليو ته ” مالڪن کي منٿ ڪري ڪيئن به مڃائج ته عهد نامي ۾ سنڌ تي سک افغان يا ٻي ڪهڙي به قوم جي ڪاهه جي حالت ۾ انگريز پنهنجو دخل ڏيندا“ جو ذڪر ضرور اچي، ۽ انهيءَ آترويلا لاءِ ميرصاحب  پنهنجو سچو سبب پڻ ڄاڻايو _ ” هنگامي سؤٽن کي سانت ڪرائڻ ڪاڻ نه ته ٻيءَ حالت ۾ سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ جي موڪل هُو هرگز ڪين ڏيندا.“ نور محمد خان  کي پڻ پاڙيسري حڪومتن مان هاڻ خاص خطرو ڪين ٿي لڳو. ”رنجيتسنگهه گذريل 25 سالن کان سنڌ تي ڪاهه جا سانباهه پئي ڪيا هئا، مگر حقيقت ۾ ڪري ڪجهه به نه سگهيو هو. ٿوم هجيس ڪجهه ڪرڻ جي! ساڳيءَ ريت افعانن جي به اهڙيائي گتي هئي. پر سؤٽن کي ته ڪيئن به ٺاهڻو ۽ راضي ڪرڻو ئي هو “ _   نور محمد خان لکيو. مير صاحب پڻ هاڻ انگريزن سان نئون عهدنامو ڪرڻ لاءِ منتظر ڪين هئا، جو سک مهاراجا کي باز آندو هئائون ته هن کان پوءِ مزارين جي آزار جي بند ڪرڻ جي، ذميواري مٿن هئي. پر جوابداري سنڀاليائون مور ڪين، ڇو ته آگسٽ 1836ع ۾ سک مهاراجا موسوم جي مبدل هوندي به سنڌ طرف وک کڻي آيو خاص طور انهيءَ ڪارڻ ته متان هيل به سندس سِٽ ڪامياب ٿيڻ ۾ سنگت پوي ۽ شاهه شجاع ميرن جو نرتو قبولي، کانئس اڳ اچي سنڌ  ۾ سهڙي. هيل به مزارين جو مکيه اڏو_ روجهن_  سک حاڪم اچي والاريو. پر رنجيتسنگهه اڃا دل من پئي  هنيو ته سندس قدم انگريزن کي ناراض ته نه ڪندو. ڪجهه وقت اڳ پنهنجي فرنگي دوستن جي راءِ لهڻ خاطر هن سنڌو نديءَ رستي فوجي سامان گهرائڻ جي موڪل لاءِ  انگريزن کي وات وڌو، پر اُن جو ته کيس کتو ناڪاري جواب مليو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سهوليت سنڌ سان 1836ع  واري انگريزي عهدنامي جي قلم ٻئي_ جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌونديءَ  دواران فوجي سامان ڪڏهن نه نيو ويندو_ جو اُلنگهن ٿي ٿيو. تنهن کان سواءِ انگريزي گورنر جنرل، سکن جي سنڌ ڏي وڌڻ ڪري انگريزي سلطنت کي ڇيهو رسڻ جو انديشو، جنهن ڏانهن ڪرنل پاٽنجر پنهنجي 25 ڊسمبر 1835ع واري خط ۾ ڌيان ڇڪايو هو، خيال ۾ آڻيندي، سک مهاراجا کي سنڌ طرف نه وڌڻ  جي هدايت پڻ موڪلي هئي، ڇو ته اهڙيءَ حالت ۾ سنڌونديءَ تي چالو ڪيل واپاري سلسلو، جنهن لاءِ انگريزن پر جيستوڻي مهاراجا رنجيتسنگهه اڃا ڪو قدم کڻي ئي کڻي تنهن وچ  ۾ هيڏي مٿا کوهه ڪئي هئي، ان ۾رخنو پوڻ جو امڪان هو، ڇاڪاڻ ته لشڪر جي چرپر سبب واپار لاءِ گهربل شانتي ميسر ٿي نه سگهندي. تنهن کان سواءِ، سک سردار کي سنڌ تي چڙهائيءَ  جي حالت ۾ انگريزن وٽان ڪجهه به مدد يا ساٿ جو ڪوبه امڪان ڪونه هو. ڇو ته سنڌ جا حاڪم به انگريزن جا دوست هئا، جهڙو پاڻ هو. مورڳو اهڙيءَ حالت ۾ انگريز شايد ميرن طرف وهن، انهيءَ جو پڻ چڱو انديشو هو. پر سک سردار تي انهن ڳالهين جو ڪوبه اثر نه پيو. هن انهيءَ جنگي سلسلي جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو ٿي ڏٺو. هن انهيءَ خيال کان انگريزن کي عرض ڪيو ته هو کيس هڪڙو انگريزي ڊاڪٽر موڪلي ڏينِ“ جو ساڻس گڏ وڃي، جئن فرنگي طبيب کي سک _ تنبوءَ ۾ حاضر ڏسي، مير صاحب سمجهن ته انگريزن جو ساٿ سک مهاراجا سان ئي هو ۽ هو ئي سندس سنڌ طرف وڌڻ لاءِ تلهِي هئا! سک سردار  شاهه شجاع کي به ڏٽا ڏئي ته ” مان توکي پنهنجي  تخت واپس هٿ ڪرڻ ۾ چڱي چوکي مدد ڪندس، ماٺ ڪرائي انگريزي پرڏيهي نيتي، حالتن آنوسار بدلجي، نئين رنگ ۾ ٺهي راس ٿي چڪي هئي. ڪرنل پاٽنجر، ميرن جي آڇ گورنر جنرل ڏي موڪليندي جيڪو پنهنجو خط اُن سان لاڳو ڪيو هو تنهن مان هندستان ۾ انگريز سرڪار جو سرڪردو هڪدم سهي ڪري ويو ته سکن جي سازش ۾ ميرن پاران انگريزن کي ضرور ئي دخل ڏيڻو پوندو نه ته بمبئي  سرڪار سخت ٻوهي ۾ پئجي ويندي. گورنر جنرل جي سيڪريٽريءَ ، پاٽنجر  کي خط جو جواب ڏيندي ڄڻ سندس پاٽنجر جا ئي خيال دهرائي رهيو هو جڏهن لکيائينس ته ” گورنر جنرل پڻ اهو ئي رايو ٿو رکي ته  راڄنيتي نقطء نظر کان اهو بلڪل ئي لازم آهي ته اسين سنڌونديءَ  جي ماٿريءَ ۾ سک طاقت کي وڌيڪ وڌڻ کان ڪيئن به ڪري روڪيون.“ پر سک مهاراجا سنڌ تي ڪاهي وڃڻ جو سندرو انهيءَ تي ٻَڌو هو ته سنڌ جي ميرن وري به مزارين کي سک حڪومت جي ماڻهن آزارڻ لاءِ هُشي ڏني هُئي. تنهن لاءِ لازم هو ته مزارين جي شرارت پهرين بند ٿئي، جنهن بعد ئي انگريز هن جهيڙي ۾ ميرن پاران دخل ڏيئي سگهندا. تنهنڪري ميرن کي انگريزن وٽان اطلاع آيو ته هُو مزارين جو آزار هڪدم بند ڪرائينِ، جيئن سک حاڪم کي سندن خلاف قدم کڻڻ جو ڪوبه سبب نه رهي. ساڳئي وقت گورنر جنرل، سک حڪومت ۾ رهايل انگريزي ايلچي، ڪئپٽن واڊي (Capt –Wadi) کي حڪم موڪليا ته هُو سک مهارجا کي ميرن خلاف قدم کڻڻ کان باز آڻائي ۽ جي ضرورت سمجهي ته پاڻ لاهور چڙهي وڃي ۽ ڳالهه پنهنجي سر نرنئه ڪري اچي. ڪئپٽن واڊي کي مليل هدايت مان ظاهر ٿو ٿئي دڙڪي کان سواءِ کيس ٻيا مڙيئي حيلا هلائي، سک مهارجا کي لاهور ۾ رهڻ ۽ سندس لشڪر کي اڳتي نه وڌڻ لاءِ مجبور ڪري. اڃا به هڪ ٻيو هٿيار هلائڻ لاءِ ڪئپٽن واڊي کي گورنر جنرل وٽان تاڪيد آيو هو _ جيڪڏهن مڙني ورتل ڪوششن وٺندي  به سک مهاراجا  پنهنجي حملي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ قدم کڻي جڏهن کيس پڪيءَ ريت پتو پئجي چڪو هو ته انگريزن جو رخ ڪهڙو هو ته هو سک درٻار سان ناتا ٽوڙي واپس هليو اچي، پر اُن کان اڳ سک مهارجا کي اطلاع ضرور ڏئي ته سنڌ جي ميرن، انگريزن جو سايو قبوليو هو ۽ انگريز سرڪار سنڌ جي ميرن سان سندس جهڳڙو بيريائيءَ سان نبيرڻ لاءِ تيار هُئي. تنهن هوندي به جي سک مهاراجا پنهنجي اِٽ ۽ هوڏَ  تي قائم رهي ته ڪو قدم کڻي، ته ڪرنل پاٽنجر کي اختياري ملي ته هو بمبئيءَ  مان انگريزي لشڪر گهرائي سکن جو سنڌ ۾ گهڙي اچڻ روڪي. هاڻ انگريز ميرن کي هرڪا مدد ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا هئا ڇو ته انهيءَ ۾ انگريزن جي هندستاني سلطنت جو ڀلو به سمايل هو.حاحاحححح

        ٻئي طرف گورنر جنرل، ڪرنل پاٽنجر کي حڪم موڪليا ته هُو مير نور محمد خان جي خواهش مطابق ڀَل سنڌ درٻار ڏي راهي ٿئي، ۽ مُنهن سامهون نيئن عهدنامي جا شرط پڻ فيصل ڪري، جن موجب ئي انگريز، سندن (ميرن ) پاران سکن کي منهن ڏيندا ۽ سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخانو پوندو. هن دفعي انگريزي ايلچيءَ جي سنڌ درٻار ڏي وڃڻ ۾ خاص مراد رکيل هئي. مير نور محمد خان کي سندن سؤٽن،  خاص طور مير صوبدار خان، اچي سوڙهو گهٽيو هو، ۽ هُو خاص طور منتظر هو ته ڪرنل پاٽنجر جلد بجلد سنڌ ۾ انگريزي ايلچي ٿي اچي. انهيءَ ڪارڻ ئي هن کيس هڪ تڪڙو رقعو موڪليو هو ته ” تون جلد اَچ“، جنهن ۾ هُن اهو پڻ لکيو هو ته ” مهرباني فرمائي هو ( ڪرنل پاٽنجر) ڪنهن سان به اِها ڳالهه نه ڪري ته هُو (پاٽنجر)  ڪو ميرن جي مرضيءَ ۽ نوتي تي ئي سنڌ درٻار ۾ آيو، ڇو ته انهيءَ حالت ۾ ٻيا مير ساڻس ( نورمحمد سان) وڌيڪ چپ پوندا. “ گورنر جنرل صاحب جي ڪرنل پاٽنجر کي سنڌ درٻار ڏي ترت موڪلڻ تي ٻئي به ڪنهن ڪارڻ دل سرڪي هئي. هن جو مَن وڌي چڪو هو. هن جي مرضي هُئي ته ميرن کي مورڳو سچ پچ انگريزن جو زيردست بڻائجي! ليفٽيننٽ  برنس سان ڳالهيون ڪندي هنن پنهنجو پاڻ سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ جي موڪل ڏني. اهو ته مير پاڻ ئي ڪرڻ لاءِ تيار هئا. کانئن ڪجهه وڌيڪ ڇڏائڻ جي گورنر جنرل کي خواهش جاڳي. سندس خيال هو ته ميرن کي محسوس ڪرائجي ته سندن سياسي حالت اهڙي قياس جوڳي بڻجي چڪي هئي جو کين پنهنجي پوري بچاءَ لاءِ خاص ضروري هو ته هُو پنهنجين حدن ۾ انگريزي فوجي سپاهين جا ڪجهه دستا رهائڻ جو يَتن ڪن، جن جي خرچ پکي عوض هُو انگريزن کي ساليانو مقرر ڏن ڏ ِين. اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جو بچاءُ پختو به ٿيندو ۽ تنهن هوندي به جي سک يا ٻيون ڪي فوجون چڙهائي ڪري آيون به کڻي ته اهڙيءَ  حالت ۾، انگريز پنهنجو دخل آسانيءَ  سان ڏيئي  سگهندا. سو هاڻ سنڌ سان لارڊ ويليسليءَ جو شروع ڪيل ” مددي  دستور عهدنامي“  جو سرشتو ٿي لاڳو ڪيو ويو! پر فوجي لشڪر جي رٿ تي ايڏو زور نه ڏيڻو هو جو ميرن کي جوش ڏياري، مورڳو سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ ۾ وگهن ڪاهي وجهي. ايلچيخانو ته ڪيئن به ڪري کولڻو هو، ان جو مهتوڪڏهن به ڪين نظرانداز ڪرڻو هو. انهن هدايتن سان سهي سنڀري، ڪرنل پاٽنجر نومبر 1836ع ۾ سنڌ درٻار ڏي اُسهيو، ۽ 12- تاريخ اچي حيدرآباد سهڙيو. رستي ۾ سندس واه جي خاطر داري ڪئي ويئي. جيئن پاڻ خود گورنر جنرل کي لکيائين: ” مهماننوازي ۽ مانُ مرتبي جي خيال کان مون کي سڀڪجهه مليو، ان ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي ويئي. وڪر بندر، گهوڙاٻاري _ تي کيس ميرن پاران معزز ماڻهو لاهڻ آيا _ مير نور محمد پاران محمد عابد، ٺٽي جو نواب ۽ مير جو ڪاردار، ۽ مير محمد خان پاران حيدر خان لغاري، جاتي ۽ مغلڀين جو گورنر ميراڻين جهمپٽين رستي پاٽنجر صاحب ۽ سندس ساٿين کي ٺٽي آندو ويو، جتي سندن ”خوش آمديد“ ڪرڻ خاطر ٻيا عملدار ۽ آدم سهڙيل هئا. شروع کان پاٽنجر ۽ سندس  ساٿين جي کاڌي وغيره جو سامان پيرن جي جهمپٽين ۾رکيل مال مان پڻ موڪليو ويو، پر پاٽنجر جي زور ڀرڻ تي ٺاهه ڪيو ويو ته هن کان پوءِ فقط ٽيهن ماڻهن جو کاڌو ميرن جي مقررڪيل مهماننوازي وٽان اچي. ٺٽي ۾ انگريزي ايلچيءَ جي سواگت خاطر مير نور محمد خان پاران سندس دل گهرُيو دوست ۽ مالي صلاحڪار مرزا بڪر جارجيا وارو آيل هو؛ مير محمد خان پاران محمد يوسف خذمتگار؛ ۽ مير نصير خان پاران احمد خان نظاماڻي موڪليل هئا. انهن مڙني کي انگريزي وفد جو مهماندار مقرر ڪيو ويو هو. جستوڻي ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد پهچي ئي پهچي، تنهن وچ ۾ مير پنهنجا ڪيترا ٻيا ماڻهو سندس خوش خير عافيت لاءِ ميون ۽ مٺاين  سان موڪليندا رهيا. هيءُ قرب ڀريو ورتاءُ وڃي چوٽ رسيو، جڏهن مير نورمحمد خان پنهنجي سڳي ماروٽ، احمد خان ٽالپر کي پيشڪو ڪري موڪليو ته ” تون وڃي انگريزي ايلچيءَ کي راڄڌانيءَ ۾ نئي، سندن مقرر جاءِ تي کين ٿانئيڪو ڪري، ويهاري اچ. “ ڪرنل پاٽنجر کي پوءِ پتو پيو ته سنڌ جا مير، ٻئي ڪنهن راڄ درٻار جي موڪليل عيوضيءَ  جو ڪڏهن به ايڏو مانُ ڪين ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com