بشير مورياڻي
هڪ رات جي ڳالهه
”شاپڙڪ شاپڙڪ“ جي آواز تي دينوءَ پنهنجيون ننڊاکريون
اکيون مٿي کڻي سامهون نهاريو. ڪو ماڻهو پاڻي
جهاڳيندو پئي آيو. هن جو رخ دينوءَ جي گهر ڏانهن
هو. دينوءَ چلم دکائي. چوڌاري سمهيل زالن ۽ ٻارن
تي نظر وڌائين. اوسيئڙن وچان سامهون نهارڻ لڳو.
”نهال آهين ڇا؟“
” هائو، چاچا.“ ايندڙَ ڪلهي تي پيل پوتڙي سان ٽنگون
اُگهندي ۽ اندر ايندي چيو.
”پاڻيءَ جون ڪي کبرون چارون؟“
”مڙئي ساڳيو حال آهي. وَسائي جي ڪچي جهوپڙي ڪِري پيئي
آهي. سامان پيا ڍوئين. مبارڪ لوڙهي اندر هڪ دڙي تي
سامان رکي ويٺو آهي. ديد گهٽ اٿس، متان سڀاڻي لڏي
وڃي.“
”پاڻيءَ ته اسان کي ماري وڌو آهي. ڪو واهه وسيلو ڪونهي،
ڪاڏي وڃجي.“
” ڀوتار چيو پئي ته سڀاڻي ڪامورا پاڻي ڏسڻ ايندا. ڪو
بلو ضرور ٿيندو.،
” نهال، اِهو ڪاٿي ٻڌءِ؟“
”ڀوتار جي اوطاق کان اُٿيو پيو اچان. ننڍي سائينءَ مراد
ٻڌايو ته سڀاڻي مشينون اينديون، پاڻي نڪرندو. چيم
ته توکي کبر ڪندو وڃان. پر چاچا، ههڙي قهر جي
گرميءَ ۾ اندر ڪيئن سمهيا پيا آهيو؟ ننڊ ڪيئن ٿي
اچيوَ ؟“
”اڙي بابا ننڊ ڪهڙي! مسين مسين ، ريهان ڪري، ٻارن اک
ٻوٽي آهي. وري اجهو ٿا مڇرن ۽ گرميءَ جي زور تي
جاڳن.“
چڱو چاچا، هاڻي هلان ٿو. رب رحم ڪندو شال.“
” پر ٻيلي نهال، ڀوتار کي چئج ته ڪو بلو جلد ڪري، نه ته
اسين مسڪين ته مري وينداسي. اسان سان ههڙو ويل
ڪڏهن نه ٿيو.“
”هائو، چاچا، دلجاءِ ڪر.“
ائين چئي، نهال ٻاهر نڪري ويو. آسپاس نظر ڊوڙايائين. حد
نَظر تائين پاڻيءَ جي ڇر لڳي پيئي هئي. ڳوٺ ۾ ڪي
ٻه- ٽي سؤ گهر ٿيندا. اتان ڪو هندو نه لڏي ويو هو.
وڻج واپار جيئن اڳي هو، تيئن پئي هليو چليو.
زميندار جون ڏهاڪو هزار ايڪڙ زمينون، ڪي مقاطعي تي
۽ ڪي سندس پنهنجي هٿ ۾، هميشه وانگر آباد هيون.
ايامن کان جيڪي جتي هئا، سي اتي هئا، ۽ ڳوٺ جي
رونق اهائي هئي، جيڪا اڳي هئي. تازو ئي براج وارن
واهه جي وڪڙن مارڻ لاءِ ان کي ٽُڪو ڏيئي، ان جو
رخ ڦيرائي ڇڏيو هو، جنهنڪري ڳوٺ پراني ۽ نيئن واهه
جي وچ ۾ ائين ڀيڪوڙجي ويو هو، جيئن ڪا من موهڻي ٻن
ناپسند عاشقن جي ڀاڪر ۾ چيچلائجي. نيئن واهه ۾
پاڻيءَ جي سطح ڳوٺ جي زمين کان گهڻو مٿي هئي، تنهن
ڪري تمام گهڻي سم نڪري آئي هئي. ٽيهارو کن جايون،
جيڪي گنب جون يا ڪَچيون ٺهيل هيون، اچي پٽ تي
پئيون هيون. ڪافي لڏ پلاڻ جاري هئي. پاڻي ڪيترن
گهرن منجهه گهڙي آيو هو، ۽ ماڻهو ٻارين ٻچين، ساز
سامان سوڌا، مٿانهين جڳهين يا دڙن تي ويٺا هئا.
آسرو هون ته زميندار ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪوشش ڪندو.
نهال ڪاريءَ ٻاٽ اوندهه ۾ اکيون ڦاڙي نهاريو. پري، ڪٿي
ڪٿي ڪا هٿ- بتي ٻري رهي هئي، نه ته گهورانڌارو لڳو
پيو هو. پاڻيءَ ۾ نانگن جو خطرو محسوس ڪندو، نهال
ڀروارن گهرن ڏانهن وڌيو، جيڪي ڪريا پيا هئا.
ساڳيو ” شاپڙڪ شاپڙڪ“ جو آواز پيدا ٿيو. مبارڪ جي گهر
جي چوڌاريءَ لوڙهو ڏنل هو. پر ڍنگرن مان هٿ- بتيءَ
جو شعاع ڏسي نهال بيهي رهيو. آواز ڪيائين. جواب
مبارڪ نه پر سندس ڏهٽيءَ ڪمالان ڏنو. چي: ” ابو
ننڊ پيو آهي . تون پاڻ ڪير؟“
”نهال“
”ادا، ڪو پاڻيءَ جو بلو ٿيو؟ تون ته وڏيري جو کاس ماڻهو
آهين.“
”رک الله تي. سڀ چڱي ٿيندي.“
اهو آخري جملو ڪمالان جي دل ۾ پيوست ٿي ويو. نهال ڪهڙو
نه معنيٰ خيز جملو ڳالهايو هو. هوبهو اهي لفظ هئا،
جيڪي اُن شام کان وٺي ڪمالان جي دل جي ٻڏندڙ
ٻيڙيءَ کي نااميديءَ جي ڪُن مان ڪچي ڪناري ڀيڙو
ڪندا پئي آيا.
نهال اڳتي وڌي ويو. هُن، وڏيري جي چوڻ تي، ماڻهن جي سڌ
سماءُ لهڻ لاءِ ۽ کين دلداري ڏيڻ لاءِ پئي رات جي
وڳڙي ۾ پاڻي جهاڳيو. اهڙي ءَ اونداهه ۾ پاڻيءَ ۾
پير وجهڻ هو باهه ۾ ٽپي پوڻ. نانگ هونئن ئي ڳوٺ ۾
گهڻا هئا، ويتر جو هي سم جو پاڻي بيهجي ويو هو ته
گويا گهر ملي ويو هون. آلهه تي ٿي گهميا. ڪيئي
ڪَکي وڌا هئائون. رڙ مچي ويئي هئي. چون پيا ته شهر
جي ڊاڪٽر وٽ نانگ جي ڏنگ جي دوا ڪانه هئي. مِلي به
مهانگي پئي. ڪير وٺي؟ ڳوٺ جي چهڙي کان پئي رت
چوسايائون.
نهال مبارڪ واري گهر جي لوڙهي جي حد کان ٻاهر نڪري،
سُڪي تي آيو سوچيائين پئي ته مبارڪ اڄ نه سڀان، هل
هلان ته لڳي پئي آهي، هيتري وهي اچي ٿي اٿس، قبر ۾
پير لڙڪايو ويٺو آهي، جيئي پيو ته ڪمالان ڪاڻ:
سندس مئي پڄاڻا ڪمالان جو ڪو والي وارث ڪونه ٿيندو
ته ويچاريءَ جو ڇا ٿيندو! هڪ دفعي چيو هئائينس ته
ڪمالان کي شينهن ڪلهي چاڙهڻ جو بندوبست ڪري، ته
مبارڪ مشڪي کڻي ماٺ ڪئي هئي. دراصل هن زندگي ڀر ڏک
ڏٺا هئا. ڌيڻس سونهن ۾ ڳوٺ جو نڪ هئي. ان جو
پراسرار موت، مبارڪ لاءِ قاتل زهر هو. پر هوءَ
ڪمالان جي صورت ۾ ان جو ترياق جو ڇڏي ويئي هئي.
ننڍڙيءَ گلڙن جهڙيءَ ٻارڙيءَ مبارڪ جي زخمن کي
ميسارڻ ۾ وڏو حصو ورتو، ۽ سندس توجهه جو مرڪز بڻجي
ويئي. هن پاڻ کيس نپايو ۽ تاتيو، مانڙيون پچائي
کارايائينس، ڪوبه ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏنائينس، تان
جو هوءَ چڙهي اچي چوٽ ٿي ۽ ناني کي ٻنيءَ ٻاري ۾
هٿ وڌائڻ لڳي.
مبارڪ کي سورهن ايڪڙ زرعي سڌارن ۾ مليا هئا. زمين چڱي
نه هئي. اڳ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب آباد ٿيندڙ نه
هئي. زميندار جي ڪڙيي مان پاڻي پيئڻو هوس؛ نٿي
ڏنائينس. آخر ايلازن منٿن کان پوءِ مبارڪ کي ان
شرط تي پاڻي ڏنائين ته هو بٽئي دستور مطابق کيس
ڏيندو لاچار هن اها ڳالهه قبول ڪئي. ڪي ٻارا
زميندار جا به ڪندو هو، ته به گذران تنگ هوس. ڪنهن
چيس ته سرڪار کي اطلاع ڪر ته زميندار زرعي سڌارن
هيٺ آيل زمين جي بٽئي ٿو وٺي، پر چيائين ته ” ڳوٺ
۾ رهڻو آهي، ائين ڪيئن ڪريان؟“
ٻئي دفعي ڪنهن چيس ته زميندار جي ڇوڪري جون نگاهون ٺيڪ
ناهن، ڪمالان کي اُٿار؛ پر ٻڍڙي کي ڪمالان جي
موجودگيءَ سببان ڪو ملڪيت جو احساس هو، هوءَ سندس
اکين جو سوجهرو هئي، ڪَن نه لاتائين. چي، ” جيڪا
ڇوريءَ جي قسمت: اڃا آهي گهڻي؟“
ڪمالان جاڳي رهي هئي. ذهني ڪشمڪش کان هن اک به نه پئي
ڇنڀي. هڪ طرف سندس نانو هو، ٻئي طرف مراد. ناني کي
ڇڏڻ هن لاءِ محال هو، پر مراد کان منهن مَٽڻ به
مشڪل هو. هن کي خبر نه هئي ته ڪهڙيءَ مقناطيسي ڪشش
هيٺ هوءَ مراد ڏانهن نه رڳو ڇڪجي ويئي هئي، بلڪ هن
جي خاطر پنهنجي گهر ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويئي هئي.
جيئن جيئن رات گذرندي پي ويئي، ڪمالان جي دل وسامندي ٿي
ويئي. ڪهڙي نه گهري اوندهه هئي!رات ۽ اوندهه جو ته
ازل کان ساٿ هو. پر ڪي اونداهيون راتيون ڪن لاءِ
اهڙيون هونديون آهن، جهڙيون قبرون؛ ڪن لاءِ وري
اهي ئي راتيون راهه جو نشان هيون.
آڌيءَ رات مهل ڪمالان کي لوڙهي جي ڍنگرن مان ٽارچ جي
روشني نظر آئي. ڌڙڪندڙ دل سان، هوءَ اٿي بيٺي.
لوڙهي جي ٻاهران مراد خاص نموني سڏ ڪيو. ڪمالان
وراڻي نه ڏنيس. ناني جي آخري ديدار ڪرڻ تي دل ٿيس،
پر دل جهلي نه سگهي، منهن ورائي ڏسي نه سگهي. مراد
انتظار وچان ٻيو سڏ ڪيس. هوءَ بت بڻي بيٺي هئي.
ڳوڙها آهستي آهستي سندس ڳلن تان ڳڙي رهيا هئا.
ٽئين سڏ ته هوءَ ڄڻ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿي. بيدليءَ
سان سندس قدم مراد ڏانهن وڌيا. هن جي دل ۾ الاجي
ڇو چورا کورا ٿيڻ لڳي. دماغ ڪنهن اندروني جذبي تحت
چيس پئي ته اڄ نه وڃ، دل چيو نه ڪيس. هوءَ مراد وٽ
وڃي پهتي.
”ننڊ کڄي ويئي هيئه ڇا؟“ مراد انتظار ڀرئي لهجي ۾ چيس.
” مون کي ته فڪر اچي لڳو. هاڻي ڀلا جلدي ڪر، اجهو
هوءَ پريان گهوڙي تيار بيٺي آهي.“
مراد احتياط ڪري ٽارچ نه ٻاري. هو ٻيئي، هٿ هٿ ۾ ڏيئي،
ڪاريءَ ٻاٽ اوندهه ۾ پاڻي جهاڳيندا هلڻ لڳا. توري
تڪي قدم ٿي کنيائون، متان آسپاس وارن گهرن مان
گمان تي ڪو جاڳي اٿي. آخر ان وڻ تائين اچي پهتا،
جتي گهوڙي ٻڌل هئي. مراد سهارو ڏيئي ڪمالان کي
گهوڙيءَ تي چاڙهيو، ۽ ٽپ ڏيئي، پاڻ ويهڻ تي هو ته
رڙ ٿي :
”مراد، ... ترس!،
ڪمالان کان هلڪي رڙ نڪري ويئي. مراد بت بڻجي بيهي رهيو.
وڻ جي پٺيان پڻس نڪري آيو. هٿ ۾ بندوق هيس. پٺيان
نهال هوس. ان کي هٿ ۾ لٺ هئي. ڪمالان کي نهال جي
حوالي ڪري ۽ ان کي گهر ڇڏي اچڻ جي هدايت ڪري، مراد
کي وٺي، زميندار گهر موٽيو.
مراد سڄي واٽ خاموش رهيو. گهر پهچي، هو رڙيون ڪرڻ لڳو:
” اسان کي وڃڻ ڏيو، اسان کي ڇڏيو.. اسان ٻنهي جي
منزل ساڳي آهي،
اسين شادي ڪنداسين!“
” اِها شادي نٿي ٿي سگهي!،
” ڇو نٿي ٿي سگهي؟ اوهين هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري ويٺا
آهيو، مون کي هڪ به ڪرڻ جو حق ناهي!“
”اها شادي نٿي ٿي سگهي!... “ پڻس رقت ڀرئي لهجي ۾ چيو:
”ڪمالان جي ماءُ... منهنجي ..... ڪمالان تنهنجي
ڀيڻ آهي!“
مراد وسامي ويو. ستارن جي روشني به وسامي ويئي. باک
ڦٽي. پاڻيءَ جو چاڙهه لهڻ لڳو هو، پر مبارڪ ۽
ڪمالان لڏڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا. انهن جو جهڳو
جهڻ ٿي چڪو هو.
جمال رند
مائٽ بچُو
اسان جي ڳوٺ جا ننڍا وڏا هن کي ’مائٽ‘ ڪري سڏيندا هئا، ڄڻ ته هن
جو نالو بچُو ڪونه هو پر ’مائٽ‘ هو. هي اڃا ننڍڙو
ئي هو ته سندس پيءُ مري ويو، پوءِ وتندو هو چاچن
جي درن تي ڌڪا کائيندو. هن جي پيءُ کي ست- اٺ ايڪڙ
زمين به هئي، پر هن کي پائي به نصيب ڪانه ٿي،
جيستائين وڃي جوان ٿيو. جوان ٿيو ته هن به اها
زمين چاچي کان ڇڪي ورتي. پراون درن تي نپنو ۽ در
در جا ڌِڪا کاڌا هئائين، تنهن ڪري ڪمچور ننڍي
هوندي کان ئي ڪونه هو. ڪم جو ڏاڍو مڙس هو. ڪڻڪ جي
ڳوڻ پٺن تي هونديس، ۽ چئبس ته ’مائٽ‘، ڪارو اُٺ
ڪيئن ٿو ڪڏي؟‘“ ته هڪ ٻانهن پٺ تي هڻي بيهي
ڪُڏندو، ڄڻ ته اڍائي مڻن جي ته پرواهه ئي ڪانه
اٿس. کانٽيءَ توڙي گُڏ جو به ڪوڏيو هو . مطلب ته
ڪم جو ڏاڍو مڙس هو. قد جو ننڍو، پر جسم ڏاڍو مضبوط
هوندو هوس. هڪڙي ڳالهه هئي جو ٿورو پرمتڙيو هوندو
هو. ڪموءَ ڳالهه ڪيس ته ڌنو چاهي ٿو ته سندس ڌيءَ
جي توسان شادي ڪرائي. پوءِ ته همراهه جا اتي ڦيرا
هجن. ڪپڙا ڌويو، اڇاٻڙا ڪريو، تيل وغيره مکيو، وتي
ڳوٺ ۾ چڪر ڏيندو. سڀ وائڙ ته مائٽ ۾ ايترو ڦيرو، ۽
سو به ايترو جلدي، آيو ڪيئن! سچ چيو اٿن ته پيار
جي جنهن کي به چُهنڊي لڳي، تنهن جا ويس ئي بدلجي_
ويا_ يا نپٽ چريو، يا وري ڇنڊيل ڦوڪيل
ڌنو هو لوڀي ماڻهو، ۽ هن کي خبر به هئي ته بچوءَ کي ست-
اَٺ ايڪڙ زمين به هئي هن چاهيو ٿي ته بچوءَ جي مٿي
تي هٿ ڦيري، اُهي ست-اٺ ايڪڙ ڇڏائي وٺان. سو، هن
بچوءَ کي ٻچو- ٻچو ڪري پنهنجي گهر آڻڻ شروع ڪيو.
ڌني جي گهر ۾ رهڻ سان، پوءِ ته همراهه جي لانگ پئي
لڳي. پنهنجي پاڇولي مان به وڏون ڪڍڻ لڳو. جڏهن
ڌني ڏٺو ته بچو هاڻي منهنجي چنبي ۾ آهي، ته چاچس
کان زمين وٺڻ لاءِ چيائيندس. نيٺ برادريءَ ۾ فيصلو
ٿيو ته بچوءَ کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي. زمين بچوءَ
جي، ۽ حوالي ڌنوءَ جي هئي. بچوءَ جي زمين مان ڌنو
چڱو مڇي مانيءَ وارو ٿي ويو هو، ۽ پنهنجا چار ڏوڪڙ
به ٺاهي ورتائين. هڪ ڏينهن ڌني جي ڇوڪريءَ مِٺل
چيس: ” بچل، ڪمدار جي پٽ به ريڊيو آندو آهي، تون
ڪو انهيءَ کان گهٽ ٿورو ئي آهين، ريڊيو وٺي آ ته
وڄايون!“ همراهه انهيءَ ڏينهن ته ڪپڙن ۾ پيو نه
ماپي. پر سوچڻ لڳو ته پئسا ڪٿان ايندا. حڪم به
ضرور پورو ڪرڻو هوس.
نيٺ ڌني کي چيائين ته ” مون کي پئسا کپن، منهنجو شوق
ريڊئي تي ٿيو آهي.“ ڌني چيس ته ” بابا، مون ۽ تو
ورهايو ڪونه، هيءَ چونڪڙي کڻي مون کي ڏي ته اَٺ سو
رپيا ٿو ڏيانءِ. ٻين کي به ڏيندين، ڇو نه گهر جي
شيءِ گهر ۾ ئي رهي.“ مائٽ کي شوق کنيو وتي، سو کڻي
هاڪار ڪيائين. همراهه پئسا وٺندي ئي ڪيو شهر جو
رخ. ٻه-چار ڏينهن ڏاڍا گهمي ڦري، ريڊئي سميت اچي
ڌني جي گهر نڪتو. همراهه جو ڄڻ ته زمين تي پير ئي
ڪونه پيو کپي دل ئي دل ۾ ڄاتائين ته مون مِٺل کي
خريد ڪري ڇڏيو. نيٺ هڪ ٻنيءَ ته وجهه وٺي، مٺل کي
چيائين : ” ڏس، مون تنهنجو حڪم پورو ڪيو هاڻي ڀلا
منهنجو مڱڻو به ٿيندو يا سدائين هڪٻئي کان پري
رهنداسين؟“ مٺل ٿورو مُرڪي، ٿورو شرمائجي، چيس:”
تون بابي سان ڳالهاءِ، مون کي ڪهڙو انڪار ٿي سگهي
ٿو.“ انهيءَ جواب ٻڌڻ تي بچو خوش ٿيو. پر بچوءَ جي
پاران ڌني کي مڱڻي جو ڪير چوي؟ هيءُ پنهنجيءَ
غريب دل ۾ مِٺل لاءِ الاجي ڇا جو ڇا سوچڻ لڳو.
ڪڏهن ڪڏهن ته سوچ ۾ اهڙو غرق ٿي ويندو هو جو ڪنهن
ماڻهوءِ وغيره جي اچڻ جي به ڪَلَ ڪانه پوندي هيس.
هڪ ڏينهن
ائين اندر لانڍيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو، ۽ سوچيندي
الاجي ڪٿي وڃي پهتو ته مٺل اچي ڌونڌاڙيس: ” بچو،
توکي ڇا ٿي ويو آهي! آئون توکي ڏاڍو ڳڻتين ۾ ٿي
ڏسان. آخر ڳالهه ڇا هي؟“ بچوءَ جون ڄڻ ته سڀ سوچون
سندس ذهن مان ائين کسڪي ڪرڻ لڳيون، جيئن ڀريل مُٺ
مان واريءَ ذرا وهي نڪري ويندا آهن، ۽ پوءِ مِٺل
سان مُرڪي ويٺو .
هڪ ڏينهن، دل ٻڌي، بچوءِ نيٺ ڌني سان مڱڻي جي ڳالهه
ڪئي. ڌنو ته هن کي اڳي ئي تاڙيو ويٺو هو، تنهن ٺهه
پهه چيس ته ” مڱڻي جو خرچ ڪٿان آڻيندين؟ ضرور ڳهه
ڳٺي تي به خرچ ايندو!“ بچوءَ دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري
ورتو: ”چاچا، ٻني وري ڪهڙي ڪم ايندي؟ مِٺل کان
ٿوري ئي ڪا مٿي ٿي سگهي ٿي!“ ڌني جي ته دل وٽان
ڳالهه ڪيائين. ها به، باقي بچيل ٻه- ٽي ايڪڙ زمين
خريد ڪري ورتائنس. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ بچو شهر
ويو، ۽ پنهنجيءَ دل وٽان ڪپڙا لٽا ۽ ڳهه ڳٺا وٺي
آڻي چاچس ڌني جي اڳيان رکيائين. مِٺل – ماءُ به
اهي ڳهه ڳٺا سوگها ڪري رکي ڇڏيا. پوءِ ته ڌنو به
ڪن مان ڪاٺي ڪڍي ويهي رهيو. بچوءَ ٻه –چار دفعا
چيس، پر اڄ نه سڀان ڪري، ويو هن کي ٽاريندو. نيٺ
هڪ ڏينهن بچو ڪيڏانهن ٻاهر ويو ته ڌني وڏيري جي پٽ
سان مِٺل جو مڱڻو ڪري ڇڏيو.
بچو موٽي اچي ڏسي ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. ڌني به گهر
مان ڪڍي ڇڏيس. بچوءَ برادريءَ ۾ ڳالهه آندي، پر
چڱي مڙس تي ڪو پويئي ڪونه. نيٺ ويچارو چپ ڪري ويهي
رهيو.
الله جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو همراهه سخت بيمار ٿي پيو.
بيماريءَ مان چُڙي چُڙي اُٿيو ته ڳالهائڻ ئي ڦِري
ويس. هن جي ڳالهاءِ ۾ ٻاتاڻ پيدا ٿي پيئي. هاڻي هو
اُهو ڌني وارو ڳوٺ ڇڏي، اسان وٽ اچي رهيو هو.
سدائين موڳاٽيل رهندو هو، ۽ ٿورو دماغي توازن به
وڃائي ويٺو هو. ايتريقدر، جو هڪ ڏينهن ڀوڳ
ڪرايائونس ته ’مائٽ‘ فلاڻي ڳوٺ ۾ نه وڃجانءِ، ڇو
ته تو ڏاڙهي رکائي آهي، ۽ جيڪو به ڏاڙهي رکائيندو،
تنهن کي ليسن وٺڻو پوندو! تو وٽ ليسن آهي ڪونه، ۽
اتي ويندين ته ٻڌجي پوندين! مون ڏٺو ته مامي کي
پيرين پيو پوي ته ’اُن ڳوٺ ۾ اوهان جا دوست آهن،
چٺي لکي ڏيو ته مون کي ٻَڌن نه! ڪچهري کِل ۾ ويڙهي
پيئي هجي، پر مائٽ جي منٿ تي منٿ پيئي پوي. نيٺ
مامي به ٻه چار ڪوڙا سچا اکر لکي ڏنس، تڏهن ان جي
به جند ڇُٽي. مطلب ته مائٽ جون عجيب عجيب ڳالهيون
آهن. هڪ ڏينهن آءٌ ڪاليج کان موڪل تي ڳوٺ ويس ته
ڪچهريءَ ۾ ڌم لڳي پيئي هجي، ۽ مائٽ به وڏو ديڳڙو
چانهه جو مچ تي رکيو ويٺو هجي. مائٽ کي، جيڪو به
ڪچهريءَ ۾ اچي، سو پيو مبارڪون ڏئي. نيٺ مون پڇيو
ته مائٽ کي ڇاجون پيا مبارڪون ڏيو، ته ڪمدار رڙ
ڪري چيو: ” سائين، مائٽ جي شادي ٿيڻي آهي!“ مون
ڏٺو ته گهڻن کي کِل پئي آئي پر چانهه جي لالچ ۾
سڀڪو چپ ٿي ويو؛ ڇو ته مائٽ چيڙاڪ به هڪ ئي هو،
تنهنڪري جيڪڏهن چڙي پوي ها ته ديڳڙو اونڌو ڪندي به
دير نه ڪري ها. مون ڏٺو ته درياءَ دليءَ ۽ ازلي
مُرڪ سان، ويٺل ماڻهن کي مائٽ چانهه پيئارڻ شروع
ڪئي سڀڪنهن کي چانهه به پيو پياري، ۽ چوي پيو: ”
چَڙا(چريا)، چانهه پي ڍءُ ڪري، منهنجي شادي ته
ضرور ٿيندي!“ مائٽ جون تمام گهڻيون ڳالهيون آهن.
هڪ ڏينهن مامي سنجيدو ٿي چيس :” مائٽ، شادي
ڪرايائين؟“ مون ڏٺو ته هن جون ننڍڙيون ننڍڙيون
اکيون، ننڍڙي ٻار جيان پاڻيءَ سان ڀرجي آيون، ۽
چيائين : ” تون منهنجو بابو آهين. تون مون کي
ستاءُ نه. منهنجي ته شادي ٿيل آهي!“ مامي وري
پڇيس: ” ڇا، مِٺل سان شادي ڪئي هيئه ڇا؟ “ مون ڏٺو
ته هاڻي هي سڄو ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ مامي کي ٻانهون
ٻڌي چيائين:” ڀوتار، هُن جو نالو نه وٺو، متان اُن
جي بدنامي ٿي پوي!، آئون وائڙو ٿي ويس. هن کي
پنهنجي پيار جو ايڏو احساس ۽ وفاداري! جنهن انسان
کي پيار ۽ محبت جو احساس هجي، جو انسان محبت جو
پوڄاري هجي ۽ ان ۾ حد درجي جي وفاداري به هجي، ان
کي ڪير چريو چئي سگهي ٿو؟ مون خيالن ئي خيالن ۾
بچوءَ کي ڀاڪر پاتو، ۽ سندس اکين تان ڳوڙها
اُگهيم. مون ڏٺو ته ڌنو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو
_ خوفناڪ، پر کوکلا ٽهڪ.
(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)
رابندر ناٿ ٽئگور
سنڌيڪار: وليرام ’ولڀ‘
موڪل
بستيءَ جي ڇوڪري جي سردار، ڦَٽَڪ چَڪَرَوَرتيءَ جي دماغ ۾ هڪ
نئين شرارت سجهي آئي. نديءَ ڪناري هڪ وڻ جو وڏو ۽
ڳؤرو ٿُڙ ڪنهن ٻيڙيءَ جي کُوهي بنائڻ لاءِ رکيو
هو: فيصلو ڪيو ويو ته سڀيئي گڏجي اُن کي نديءَ ۾
لوڙهي ڇڏين. جنهن شخص جي اها ملڪيت هئي، ضرورت وقت
ان کي ڪيتري حيراني ٿيندي ۽ غصو ايندو، اهو سوچي
اِن رٿ جي پٺڀرائي ڪئي ويئي.
جڏهين سڀيئي پوريءَ طرح ڪم ۾ جنبي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا، تڏهن ڦٽڪ
جو ننڍو ڀاءُ، ماکن، سنجيدگيءَ سان انهيءَ شاهي
ٿُڙ تي ويهي رهيو. ٻيا ڇوڪرا اها مڙسي ڏسي هيسجي
ويا. هڪ ڄڻي ڊڄندي ڊڄندي هلڪو ڌڪو به ڏنس، پر هو
چُريو به ڪونه.
ڦٽڪ رعب سان غصو ڇنڊيو: ” ڏس، مار کائيندي، نه ته اُٿ!“
ماکن، چُري پُري، پاڻ مضبوطيءَ سان ٺهي ويٺو. اهڙيءَ حالت ۾،
ساريءَ رعايا جي سامهون پنهنجي سرداريءَ کي قائم
رکڻ جو جذبو ڦٽڪ اڳيان هو. هُن پنهنجي هوڏي ڀاءُ
کي چماٽ وهائڻ چاهي، ليڪن جرات ساٿ نه ڏنس. پر
ورتاءُ اهڙو ڪيائين، ڀانئي ته جيڪڏهن چاهي ته هو
بروقت کيس ٺيڪ ڪري سگهيو ٿي، پر ڪري نٿو، هن دفعي
پاڻ پهرئين کان بهتر هڪ ٻي نئين شرارت کيس سُجهي
آئي، جنهن مان زياده لطف پيدا ٿي سگهيو ٿي. هڪدم
حڪم ڏنائين ته ماکن سميت وڻ جو ٿُر لوڙهيو وڃي!
ماکن سوچيو ته انهيءَ ۾ سندس وڏائيءَ جي نشاني
آهي. پر ان وڏائيءَ ۾ ڪنهن آفت جو انديشو هو، سو
سندس يا ٻئي ڪنهن جي دماغ ۾ نه اچي سگهيو.
سندرا ٻڌي، سڀني ڇوڪرن ڌڪو ڏيڻ شروع ڪيو. وڻ جو ٿُڙ هڪ چڪر به
نه ڦريو هو ته ايتري ۾ ماکن پنهنجي سنجيدگيءَ ۽
فلسفي سميت وڃي زمين ٿي ڦهڪو ڪيو.
شروعات ۾ اهڙو دل لڀائيندڙ حال پسي، ٻيا سڀ ڇوڪرا خوشيءَ ۾
جهومي اُٿيا، پر ڦٽڪ جو منهن لهي ويو. ماکن انهيءَ
دم اُٿي ڦٽڪ تي ٽُٽي پيو، ۽ بلڪل انڌي ماڻهوءَ
وانگي، ٻنهي هٿن سان، جتي ٿي آيس، اُتي ويو ٿي ڌڪ
وهائيندو؛ ۽ پوءِ روئندو گهر ڏانهن رمندو رهيو
راند ختم ٿي چڪي هئي.
ڦٽڪ هڪ ڪناري تي بيٺل ٻيڙيءَ جي سڙهه تي ويهي، چپ چاپ ڪمند
چوسي رهيو هو ته ايتري ۾ هڪ ٻيڙيءَ اچي گهاٽ سان
لڳي. اُن مان هڪ اجنبي، ڪرڙوڍ، جنهن جون مُڇون
ڪاريون ۽ وار سفيد هئا، لهندي ئي ڦٽڪ کان پڇڻ لڳو
: ” اَبا، چڪرورتين جي گهر جي خبر ته ڏينم.“ ڦٽڪ
ڪمند چٻيندي چيو ته ” ها، اُهو آهي.“ پر سندس
اشارو ڪهڙي طرف هو، سوسمجهڻ کان ٻاهر هو. اجنبيءَ
وري پڇيس، جواب ۾ ڦٽڪ پاڻ کي بيخبر ڄاڻائي، ڪمند
چوسڻ ۾ مشغول ٿي ويو.
ايتري ۾ نوڪر آيو ۽ چيائين، ” ڦٽڪ! گهر هل، ماتاجِي توکي سڏي
رهي آهي.“ ڦٽڪ وڃڻ کان نابري واري، ليڪن نوڪر کيس
زوريءَ گهلي کڻي هليو. ڦٽڪ غصي ۾ خوب هٿ پير هنيا،
پر سڀ اجايا ويا.
ڦٽڪ کي ڏسندي ئي ماڻس شوخ ٿي ويئي:” تو وري ماکن کي ماريو ؟“
ڦٽڪ وراڻيو: ” نه، مون ته ڪونه ماريو آهي. اهو توکي ڪنهن غلط
ٻڌايو؟ “
”وري ڪوڙ تي ٿو سندرو ٻڌين ؟“
”مون ڪونه ماريو آهي. ماکن کان پڇي نٿي ڏسين!“
ماڻس جڏهين ماکن کان پڇيو، تڏهين چيائين: ”ها، ماريو اٿس.“
هينئر ڦٽڪ کان رهيو نه ٿيو. هڪدم اُٿي، ماکن کي ڳل تي ڀر ڪري
چماٽ وهائي ڪڍيائين: ” اڃا به ٿو ڪوڙ ڳالهائين؟ “
ماءُ، ماکن جو طرف کڻندي، ڦٽڪ کي زور سان ڌونڌاڙي ٽي چماٽون
هنيون. ڦٽڪ به ماءُ کي آخر ۾ ڌِڪو ڏيئي ڪڍيو.
ماءُ رڙ ڪري چيو: ” هاڻي تون مون تي به ٿو هٿ هلائين!“
ايتري ۾ اهو اجنبي به اچي پهتو، جنهن ٻيڙيءَ مان لهڻ وقت ڦٽڪ
کان چڪروتين جي گهر جو ڏس پڇيو هو. گهر ۾ ايندي ئي
هن پڇيو :” ڪهڙي ماجرا آهي؟ “
ڦٽڪ جي ماءُ پوئتي نهاريو. حيرت ۽ خوشيءَ وچان چيائين :
”اڙي، هي ته ڀاڻم اچي ويو!“ ائين چئي، زمين تي جهڪي، پرنام
ڪيائين. سندس شاديءَ کان جلد ئي پوءِ ڀاڻس بمبئيءَ
۾ ڌنڌو کوليو هو. اُن وچ ۾ کيس ٻه پٽ، ڦٽڪ ۽ ماکن
ڄاوا، جي پڻ وڏا ٿي چڪا هئا، ۽ مڙس مري چڪو هو.
تڏهين کان هڪ دفعو به ڀاڻس نه مليو هو. اڄ گهڻن
ڏينهن پڄاڻا ڪلڪتي اچڻ تي وشمبر بابو پنهنجيءَ
ڀيڻ سان گڏجڻ آيو هو.
ڪجهه ڏينهن ته کل خوشيءَ ۾ ڪٽجي ويا. وڃڻ کان ٻه – ٽي ڏينهن اڳ
وشمبر بابوءَ ڀيڻ کان ٻنهي ڇوڪرن جي پڙهائيءَ بابت
پڇيو. ڀيڻس جواب ڏنس ته ڦٽڪ وڏو هوڏي ۽ هٺيلو ٿي
چڪو آهي، ۽ پڙهڻ سان ذرو به لڳاءُ ڪونهيس؛ ۽ ماکن
سانتيڪو، سشيل، ۽ پڙهڻ لکڻ ۾ ڀڙ ۽ تيز آهي.
اهو ٻڌي وشمبر بابوءَ چيس : ” ڦٽڪ کي ڪلڪتي ۾ پاڻ وٽ رهائي،
پنهنجن ٻارن سان گڏ پڙهائيندس.“
وڌوا ماءُ بنا هچڪ جي راضي ٿي ويئي. ڦٽڪ کان پڇائين: ”ڪيئن،
ڦٽڪ، ماما سان گڏ ڪلڪتي ويندين؟ “
ڦٽڪ ٽپ ڏيندي وراڻيو:” ها، ويندس.“
جيتوڻيڪ ڦٽڪ کي موڪلڻ ۾ ماڻس کي ڪا خوشي نٿي ٿي، پر سندس من ۾
سدا اهو کٽڪو رهندو هو ته ڪنهن ڏينهن هو شايد ماکن
کي نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏي يا سندس مٿو ڦاڙي اچي يا ڪو
ٻيو ٻارڻ ٻاري ڏئي __ هن جو ڪو ٺڪاڻو ٿو روئي آهي.
ان هوندي به، کيس ڪلڪتي وڃڻ لاءِ خواهان ڏسي هُوءَ
البت اُداس ٿي ويئي.
”ماما، ڪيڏانهن هلنداسون؟“ اهو سوال ڪندي ڪندي، ڦٽڪ وشمبر
بابوءِ کي تنگ ڪري ڇڏيو. خوشيءَ وچان کيس سڄي رات
ننڊ ڪانه ايندي هئي. هُن پنهنجي مڇي مارڻ واري
ڪُنڊي، وڏو لغڙ ۽ چمڪندڙ پٿر ماکن کي ڏيئي ڇڏيا.
مطلب ته وداع ٿيڻ وقت ماکن سان هن جيڪا بي انتها
فراخدلي ڏيکاري، سا لاجواب هئي.
ڪڪلتي ۾ ناناڻي پهچندي ئي پهرين هو پنهنجيءَ ماميءَ سان مليو.
ماميس هي ڪٽنب ۾ غير ضروري وڌارو ڏسي من ئي من ۾
خوش ٿي يا ناراض، ليڪن پنهنجن ٽن ٻارن جي وچ ۾
اوچتو هڪ چوڏهن ورهين جي اڻپڙهيل، اڄاڻ ۽ ڳوٺاڻي
نينگر جو اچڻ هڪ مصيبت سمجهيائين.
خاص ڪري چوڏهن ورهين جي نينگر جهڙي هن دنيا ۾ ٻي ڪابه مصيبت
ڪانهي. نه ان جي ڪا سونهن ئي آهي، ۽ نه ڪا ڪم ڪرڻ
جي لائقي. دل ۾ پيار به نٿو رهي، ۽ نه ان جي ڏک سک
جو ڪو چاهه. سندس منهن ۾ اڌوگابري طوطلي ٻاراڻي
ٻولي، ڳالهائڻ ۾ شامل رهي ٿي؛ ۽ جيڪڏهين صاف صاف
پڪيون ڳالهيون چوي، ته عمر چڙهيل ٻڍي وانگي سمجهڻ
۾ اينديون: مطلب ته ڳالهائڻ ٻولائڻ به بيسُرو
معلوم ٿئي ٿو. ڪپڙي لٽي جي ماپ جي ويچار بنا، سندس
اوچتو بُريءَ طرح واڌ پائڻ ٻين جي نظر ۾
اڻسهائيندڙ لڳي ٿو. سندس ٻالاپڻ جي چلولائي ۽ گلي
جو ميٺاج هميشه لاءِ ويندو رهي ٿو. ٻالپڻ ۽
جوانيءَ جا ڪيئين قصور معاف ڪري سگهجن ٿا، پر
ههڙيءَ وهيءَ ۾ ذري پرزي ڳالهه ناشانائتي معلوم
ٿئي ٿي.
هو به من ئي من ۾ اها ڳالهه محسوس ڪندو رهي ٿو ته هو دنيا ۾ ڪٿي
به ٺيڪ نٿو ٺهڪي، جنهنڪري پنهنجي حال تي هردم
پشيمان ۽ قابل ِرحم بڻيو رهي ٿو. پر انهيءَ ئي
وهيءَ ۾ سندس من ۾ پيار جي لاءِ حد کان وڌيڪ چاهه
پيدا ٿئي ٿو. ان وقت هو ڪنهن سان پريت جو ناتو رکي
ته ان جو من مانيو خريد ڪيل غلام بنجي پوي ٿو. پر
ساڻس پريت رکڻ ۾ ڪنهن کي ساهر نٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته
ان کي سڀ ’مٿي تي چاڙهڻ‘ سمجهن ٿا. انهيءَ ڪري،
سندس صورت ۽ دل جي حالت بنا مالڪ راهه ويندڙ ڪتي
جهڙي ٿئي ٿي.
انهيءَ ڪري، ماءُ جي سايي کان سواءِ، اهڙيءَ وهيءَ ۾ ٻي ڪابه
جڳهه ٻار لاءِ دوزخ کان گهٽ ڪانهي. ڌارئين گهر ۾
ڌارين سان رهڻ کيس ڪنڊن جيان ڀاسي ٿو. انهيءَ
وهيءَ ۾ اڪثر عورت ذات هڪ اوچ ۽ بي بها شيءِ پسجڻ
۾ اچي ٿي، جنهن سبب انهيءَ دوران هوڏي ٿيڻ نهايت
ڏکوئيندڙ معلوم ٿئي ٿو.
ماميءَ جي پيار کان سُڃين اکين ۾ هو هميشه کٽڪندو رهيو ٿي. اها
ڳالهه ڦٽڪ کي سڀ کان زياده ڏکي ٿي لڳي. ماميس اگر
ڪنهن ڪم لاءِ چوندي هيس ته خوشيءَ ۾ ڦوليو نه
سمائبو هو، ۽ ان خوشيءَ وچان ضرورت کان زياده ڪم
ڪري ويهندو هو. آخر ۾ ماميس، سندس اُتساهه ٽوڙي،
تنڪو هڻندي هيس، ” بس گهڻو ئي ٿيو، هاڻي رهڻ ڏي.
وڃي ڪجهه پنهنجي پڙهڻ ۾ من لڳاءِ! ذرا لک پڙهه
به!“ تڏهين پنهنجي اخلاقي ترقيءَ واسطي ماميءَ جو
وڌيڪ لحاظ رکڻ تمام نٺر ۽ بي انصافيءَ جهڙو معلوم
ٿيندو هو.
گهر اندر ايتري بيعزتي، ۽ مٿان وري ٻاهر ڪا جاءِ نصيب نه ٿيندي
هيس، جتي وڃي ٻه گهڙيون من وندرائي، پيٽ ڀري
گهمسان مچائي. چوديواريءَ اندر قيد رهڻ ڏکيو محسوس
ٿيڻ لڳس، ۽ برابر کيس پنهنجي بستيءَ جي ياد
ستائڻ لڳي.
اُهو کليل ميدان، جتي سارو ڏينهن لغڙ پيا اُڏامندا هئا. اهو
نديءَ جو ڪنارو جتي خوشيءَ جا راڳ ڇيڙيا ويندا
هئا، ۽ جڏهن من ۾ آيو، تڏهين ٽٻي ڏيئي، پاڻيءَ ۾
ترڻ جي ڇڙواڳي هئي. اُهي سڀ ساٿي ، گڏ کيڏندڙ
رانديگر، اُهو گوڙ گهمسان، اُها آزادي، ۽ سڀ کان
وڌيڪ، بي انصافي ڪرڻ واري ماءُ، ڏينهن رات بيوس من
کي پنهنجي طرف کينچڻ لڳا. اُن لڄاري ۽ بدصورت ٻار
جي اندر ۾ جانورن جي مثل هڪ قسم جو بيسمجهه پريم _
صرف گود ۾ وڃڻ جي انڌي تمنا، ۽ هڪ اڻپَسيل شيءِ
ڪاڻ پريشان، گانين جي واپس ورڻ وقت ماءُ کان وڇڙيل
گابي جيئن ٻيڪارڻ __ ڇولين مثل باربار اُڀرڻ لڳو.
اسڪول ۾ ڦٽڪ کان وڌيڪ مورک ۽ پڙهڻ کان جيءَ چورائيندڙ ٻيو ڪوبه
نينگر ڪونه هو. ماستر جي هر سوال پڇڻ تي وات پٽي
بيٺو رهندو هو. ماستر جڏهين مارڻ شروع ڪندو هو،
تڏهين بار سان سٿيل گڏهه مثل چپ چاپ سهي ويندو
هو. ڇوڪرن کي جڏهين کيڏڻ لاءِ موڪل ملندي هئي،
تڏهين هو جهنگ منهن ڪري، پري کان جڳهين جي ڇتين
طرف پيو نظر ڊوڙائيندو هو. جڏهين منجهند مهل ڪنهن
جڳهه جي ڇت تي هڪ- ٻه نينگر راند ڪندا نظر ايندا
هئس ته سندس منهن ملول ٿي ويندو هو.
هڪ دفعي، من ۾ فيصلو ڪري، همٿ ٻڌي، مامي کان پڇيائين : ”ماما،
اما وٽ واپس گهر ڪڏهين ويندس؟ “
مامي وراڻيس : ” اسڪول مان موڪل ته ملڻ ڏي.“
نومبر ۾ موڪل ملندي، اڃا ته ڪافي ڏينهن پيا هئا.
هڪ ڏينهن ڦٽڪ اسڪول ۾ ڪتاب وڃائي ويٺو. هڪ ته ڏڏ، مٿان وري ڪتاب
وڃايائين، ويچارو لاچار ٿي پيو. ماستر به روز بروز
بيرحميءَ سان مارڻ لڳو. مار سبب ويچاري سان اهڙي
حالت ٿي جو سندس ماروٽ پڻ ساڻس دوستي قبولڻ کان
پيو شرمائيندو هو. ڦٽڪ کي ڪنهن به ريت بيعزتو
ڏسي، هو ٻين کان وڌيڪ زوريءَ خوشي ظاهر ڪندو هو.
جڏهين بيعزتي برداشت نه ٿيس، تڏهين ڦٽڪ ڊنل هرڻيءَ جيان ماميءَ
سان ڪتاب گم ٿيڻ جو ذڪر ڪيو.
ماميس چپن کي غصي ۾ ڀڪوڙي چيو، ”اڍانگا! مان تولاءِ مهيني ۾
پنج – پنج دفعا ڪتاب خريد ڪري ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهيان؟
مون کي پنهنجا به ته ٻار آهن!“
ڦٽڪ چپ چاپ اتان واپس آيو. ’ آءٌ پراوا پئسا اُڏائي رهيو
آهيان!‘ _ اهو خيال ايندي ئي پنهنجيءَ ماءُ تي
گمان جاڳيس ۽ جوش به آيس. سندس ئي ڪمزوريءَ ۽
مفلسيءَ کيس مٽيءَ سان ملائي ڇڏيو .
اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ رات جو مٿي ۾ سور پيس، ۽ اندرئي اندر
سندس جيءُ گهٻرائڻ لڳو. خوُب بخار چڙهيو هوس. دل
۾ چيائين ته ’ جيڪڏهن بستري داخل ٿيس ته مامي لاءِ
بلڪل فضول آفت بڻجي پوندس.‘ ماميءَ لاءِ سندس اها
بيماري ڪيتري نه اجائي ۽ غير ضروري ، جيءَ
جلائيندڙ روپ وٺندي، ڦٽڪ ان کي چڱيءَ طرح پرکي
سگهيو ٿي. بيماريءَ جي حالت ۾ بيڪس ۽ بيسهاري
بار پنهنجيءَ جيجل کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽان به
خدمت جو انگ پائي سگهي ٿو، اهڙيءَ اميد رکڻ ۾ کيس
شرم محسوس ٿي رهيو هو.
ٻئي ڏينهن ڦٽڪ جو ڪٿي به پتو ڪونه هو. چئني طرفن کان پاڙيسرين
جا گهر ڳوليا ويا، پر نظر چڙهي نه سگهيو. ان رات
سانوڻ – بڊي جي زوردار برسات وسي رهي هئي، ان
ڪري کيس هٿ ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش آئي. آخر ۾ جڏهن پتو
پئجي نه سگهيو، تڏهين وشمبر بابو ٿاڻي ۾وڃي رپورٽ
ڪري آيو.
سارو ڏينهن گذري ويو. سج لهڻ مهل هڪ گاڏي وشمبر بابوءَ جي گهر
اڳيان اچي بيٺي. اُن وقت پڻ بارش جيئن جا تيئن
جاري هئي. رستن تي ڪافي پاڻي جمع ٿي چڪو هو.
ٻن سپاهين ڦٽڪ کي گاڏين مان لاهي، وشمبر بابوءَ جي سپرد ڪيو.
هو ننهن کان چوٽيءَ تائين پاڻيءَ سان تر هو. منهن
۽ پير مٽيءَ هاڻا ٿي ويا هئس، اکيون بخار سبب لال،
۽ بدن ڪنبي رهيو هوس. وشمبر بابو کيس گود ۾ اندر
کڻي آيو. ماميس ڏسندي ئي چئي ويٺي:” فضول پنهنجي
جان پرائي ڇوڪري لاءِ هلاڪ ڪري رهيا آهيو، کيس
موڪلي ڇو نٿا ڇڏيو ته ماءُ وٽ وڃي سُکي ٿئي.!“
ڦٽڪ، اهي اکر ٻڌندي ئي، سُڏڪندي چيو: ” مان ته اما وٽ وڃي رهيو
هوس، مون کي ته پڪڙي وٺي آيا آهن!“
ڦٽڪ کي زور سان بخار چڙهندو رهيو، ۽ رات جو ننڊ ۾ ڪيِ جو ڪِي
بڪندو رهيو. وشمبر بابو ڊاڪٽر کي وٺي آيو.
ڦٽڪ پنهنجون لال اکيون کولي، مٿي ڇت طرف نهاريندي چيو: “ ماما،
اسان کي موڪل ملي ويئي ڇا؟ هاڻي مان گهر وڃان؟“
وشمبر بابوءَ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. پيار وچان، ڦٽڪ جو بخار ۾
جلندڙ ڪمزور هٿ پنهنجيءَ گود ۾ رکي، ساري رات
ڀرسان ويٺو رهيو.
ڦٽڪ وري ڀڻڪيو : ” اما، مون کي مار نه! اما، سچ، مون ڪجهه به نه
ڪيو آهي!“ ٻئي ڏينهن، ٿورو ڏينهن چڙهڻ کان پوءِ،
ٿوريءَ دير لاءِ ڦٽڪ هوش ۾ آيو، ۽ نڄاڻ ڪنهن جي
ڏسڻ ڪاڻ آس پائي، گهر جي چئني پاسن ڏانهن اکيون
ڦاڙي گهوري رهيو هو.
انت ۾ نراس ٿي، چپ چاپ ڀت ڏانهن منهن ڪري، پاسو ورائي ليٽي پيو.
وشمبر بابو سندس من جي ڳالهه تاڻي ويو. سندس ڪَن ڀرسان منهن
آڻي، آهستي چيائين: ” پٽ ، تنهنجي ماءُ کي سڏايو
اٿم“.
اهو ڏينهن به گذري ويو. ڊاڪٽر اداس چهري سان چيو، حالت ڪافي
بگڙي چڪي آهي.“
وشمبر بابوءَ ٽم-ٽم ڪندڙ ڏيئي جي روشنيءَ ۾ بيمار جي بستري تي
ويهي، ڦٽڪ جي ماءُ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ڦٽڪ جهاز جي خلاصين وانگي انهيءَ سُر ۾ جهونگارڻ لڳو، جنهن ۾،
ڪلڪتي ايندي وقت ڪجهه فاصلو جهازَ رستي طي ڪيو
هئائين ته جهاز جا خلاصي، پاڻي ۾ رسي وجهي، ڳائي،
پاڻيءَ جي ماپ ٻڌائي رهيا هئا. ڦٽڪ به هاڻي انهن
خلاصين وانگي انهيءَ بي انتها پاڻيءَ ۾ رسي وجهي،
جهاڳيندي، ويچاري، ڪٿي به ان جو انت نٿي پاتو.
ٺيڪ انهيءَ وقت ڦٽڪ جي ماءُ واچوڙي مثل گهر جي اڱڻ ۾ آئي، ۽
وڏي واڪي روئڻ لڳي. وشمبر بابو تمام مشڪل سان کيس
روڪي سگهيو.
ماءُ، پٽ جي کٽ پَڇاڙَ کائي، پڪاري چوڻ لڳي“ اڙي پيارا ڦٽڪ!
منهنجا لال!“ ڦٽڪ جي ڪجهه وقت لاءِ چرپر بند ٿي
چڪي هئي، ۽ فقط جواب ۾ ” هون“ چئي سگهيو.
ماءُ وري پڪاريو:” منهنجا لال! پيارا پٽڙا!“
ڦٽڪ آهستي آهستي پاسو ورايو، ۽ ڪنهن ڏانهن به
نهارڻ کان سواءِ چيائين: ” اما، هاڻي مون کي موڪل
ملي ويئي، هاڻي مان گهر ٿو وڃان!“ |