سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :14

 

’بلبل‘ جي ظريفانه طنز ۽ سندس تعريضي بذله سنجي، ’اختلافات ۾ مشابهه پهلو’ ۽ ’مشابهه حالتن ۾ اختلافي پهلو،‘ ٻنهي کي روشن ٿي ڪري، تان جو پڙهندڙن جي نگاهه معاشري جي جهرندڙ ديوارن تائين پهچي ٿي وڃي. هو ٻاهران رونق وارن اوچن محلن جي دريچي مان جهاتيون پائي ڏسي ٿا سگهن ته اندر ڪاريءَ وار ڪک آهن! ’بلبل‘ معاشري  جي بيروح ۽ کوکلي ڍانچي کي پنهنجي قلمي لٺ سان نه فقط کڙڪائي ٿو ڇڏي، پر ٽڙڪاٽ ڪڍائي ٿو ڇڏي!

ڪمال اهو آهي ته ’بلبل‘ کي هڪ چغلخور بدبخت وانگر نٿو پڌرو ڪري، پر ياران شاطر ۽ حريفان بذله سنج وانگر کِلندي ۽ کِلائيندي، چٽڪيون هڻي ٿو ڪڍي.’بلبل‘ ڪٿي ڪٿي پنهنجي خودبيانيءَ ۾ ٻين جي عيبن تي ڀرپور وار به ڪري ٿو، پر اهي وار دشمنانه نه پر استادانه ۽ مشفقانه رهن ٿا.

جتي ضروت ’آپريشن‘ جي ٿئي ٿي، اتي گهاءُ به گَهَرو ڪري ٿو، پر جتي نرميءَ ۽ شفقت جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي تبسم زيرلبيءَ سان ’زهر‘ ملائيندي ويرم نٿو ڪري. پر فرق اهو آهي ته اهو ’زهر‘ به مريض لاءِ ترياق ٿيو پيو، ۽ ’علاج با المثل‘ ۽ ’علاج باالضد‘ موجب نفعي کان خالي نٿو رهي.

معاشري جي مطالع کان پوءِ، جڏهن ’بلبل‘ ڏٺو ته هت ’رڍون مڙئي ٻوٿ ڪاريون آهن چڱا چوکا ماڻهو نقاليءَ ۾ مبتلا آهن، تڏهن سندس قلم قينچيءَ وانگر وهي ٿو ۽ نقالن جا نقلي پڇ ڪتري وڃي ٿو مٿي چڙهي! ان وقت ۾ ’بلبل‘ نڪو ڏسي اعليٰ نڪو ادنيٰ، نه پير نه ملا، نه مفتي نه نمازي .

منهنجو عرض آهي ته ’بلبل‘ جي پوري ’فن‘ کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ، صاف نظر ايندو ته ظريفانه بذله سنجيءَ ۽ دنشمندانه تعريض لاءِ جنهن ذوقِ سليم، استعداد ِ ذهني، خلوص ِ نيت، وسعتِ مطالع ۽ ديانت طبعيءَ جي ضرورت آهي، اهي سڀ علمي ۽ اخلاقي جوهر، جامعيت سان، ’بلبل‘ جي فن ۾ موجود آهن.

مون کي ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ’بلبل‘ جهڙي ذهين ۽ طباع دانشمند جو مطالعو ۽ شعور پنهنجي زماني جي ڄاڻ پڇاڻ جو خزانو بنجي چڪو آهي. سندس گرفت اهڙي  سنجيده ۽ پختي آهي جو ڪوبه گرفتار، جند ڇڏائڻ لاءِ پَرُ ئي نٿو ٺوڪي سگهي! پڃري ۾ ڦٿڪندو، باقي ڀڄي نه سگهندو. اهوئي سبب آهي جو سندس ’حريف‘ کڻي مٿو ڦاڙي وجهي، پر بلبل جي مقابلي ۾ پاڻ کي حيران بي دست و پائي محسوس ڪندو.

مٿي بحث ٿي آيو آهي ته ’بلبل‘ جي ظريفانه طنزنگاري ۽ بذله سنجي، عقل ۽ مشاهدي، استدلال ۽ مطالعي سان وابسته آهي. تنهنڪري حسد ۽ عناد، ذاتيات ۽ شخصي رنجيدگيءَ کي منجهس ڪوبه دخل نه آهي. سندس زبان اهڙي سليس ۽ شسته، شيرين ۽ نمڪين، جو ماڻهو پيو پڙهي، ۽ گنگي وانگر ڳڙ جا چسڪا وٺي پيو کلي ۽ ٽڙي! سندس هدف ۽ تلخي موجود،  ۽ ان سان گڏ تلخي ڪام و دهن جي آزمايش به موجود. پر رنگ اهڙو شيرين جو پيئندڙ  کي نڪو تلخيءَ جو احساس ستائي، نڪو ڪَڙيءَ سُتيءَ جي پيئڻ وانگر، منهن ئي بڇڙو ٿئي! ’بلبل‘ جي ان معنوي رهاڻ، تضاد ۽ اختلاف جي ظريفانه وَڍَ ٽُڪَ کي ڏسي، پڙهندڙ سندس ذهني شعبده بازيءَ تي حيران رهجي ٿو وڃي ۽ داد ڏيندي ڍاپي ئي نٿو!

بلبل جي طنزيه ۽ ظرافت آميز شعرن کي پڙهجي، يا سندس نثر مرصع کي مطالع ڪجي، ڪڏهن به ماڻهوءَ جي ذوق سليم کي ڏکيو نه لڳندو. اوهان ڏسندا ته سندس قلم نشتر کان به تيز هوندو، پر بيجا خونريزي نه  ڪندو، صرف زخم کي کوليندو ۽ فاسد مواد وهائي ڇڏيندو. مريض کي ته ڇا، سندس تيماردار کي به ڪو پرو نه پوندو ته قلم جي نشترزنيءَ جا ڪمالات ڪهڙا ڪهڙا آهن.

سنئينءَ سوليءَ ڳالهه کي لطائف ۽ ظرائف جي لباس ۾ آڻڻ، طنز ۽ تعريض کي بذله سنجي بنائي ڇڏڻ، بلبل جي طنّاز هجڻ لاءِ ڪافي ثبوت چئي سگهجن ٿا.

آخر ۾ فقط ايترو عرض ڪندس ته بلبل جي فن جو مقام ان کان به بلند آهي. بلبل، سنڌ جي طنز نگارن (جي به حقيقي طنز نگار چئي سگهجن) ۽ انشاپردازن ۾ فرد واحد آهي،جنهن طنز کي هجو کان ممتاز ڪيو، ۽ سنڌي زبان ۽ ادب ۾ ظرافت جي هڪ ناقابل تتبع اسلوب جو بنياد وڌو. سندس مقابلي ۾ جن به ٻين هن سنگلاخ زمين ۾ پير پاتو، تن پنهنجا پير ته ڦيهي وڌا، پر چڱن چڱن پرين مڙسن جون پڳون لاهي وڃي مٿي چڙهيا. انهن جو فن هجو ۽ طنز جي لطيف فرق کان نابلد رهجي ويو. آخرڪار اهو منصب جليل’بلبل‘ سان ئي وابسته رهيو. اڄ سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح جو بادشاهه بلبل ئي آهي ۽ نه ڪو ٻيو!

بلبل جو سنڌي ادب ۾ مقام:

سنڌي شاعريءَ جي جديد دۇر ۾ اوليت جو شرف بقول پير حسام الدين راشدي، بلبل مرحوم کي حاصل آهي. بلبل سنڌي شاعريءَ  ۾ اهڙي نئين طرز جو موجد بلڪ خاتم آهي، جنهن جي تخليق جو شرف کيس حاصل آهي. سندس اهو تخليقي رنگ اهڙو ته منفرد ۽ مثالي آهي، جو نڪو اڄ تائين ڪنهن ان جو تتبع ڪيو آهي ۽ نڪو ڪو نباهي سگهيو آهي، جيئن مٿي عرض ڪري آيو آهيان.

        سندس ظرافت آميز ۽ طنزيه ڪلام لفظي حيثيت سان به نهايت شسته ۽ پخته آهي، ۽ قديم شاعريءَ ۽ جديد دۇر جي وچ واري ڪَڙيءَ جي حيثيت رکي ٿو. عروضي پابندين ۽ لغوي ۽ لفظي مروجه اسلوب سان گڏ، سندس ڪلام ۾ اهي سڀ علمي، ادبي، تهذيبي، عمراني ۽ معاشرتي رجحانات موجود آهن، جي مغرب جي تقليد ڪورانه جي ڪري بعض ناپخته ۽ ناتجربه ڪار ادارن ۽ شخصيتن ۾ پيدا ٿي چڪا هئا، جن جو اثر هند مان نڪري سنڌ تائين پهچي چڪو هو ۽ هتي جي تعليم، تهذيب، طرز حيات ۽ طريق معاشرت کي متاثر ۽ متعفن ڪري چڪو هو.

        بلبل مرحوم هن ملڪ جي اصلاح ۽ بيداريءَ لاءِ اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪيو، جو هندستان ۾ سر سيد احمد، شبلي، حالي ۽ اڪبر الهه آبادي آزمائي چڪا هئا.

        بلبل مرحوم پنهنجي دور جي حال جو تنقيدي جائزو ورتو آهي، ۽ تعميري نڪته چيني ڪندي، پنهنجي شاندار ماضيءَ ڏانهن توجهه ڇڪايو اٿس. پاڻ هڪ آزاد خيال ۽ محقق جي حيثيت سان معتدل ۽ درمياني راهه جو مبلغ هو.

        هڪ طرف فرسوده ۽ بيروح، بيذوق ۽ بيڪيف مشرقيت تي طنز ڪئي اٿس ته ٻئي طرف مغرب جي انڌي تقليد، تڪلف بيجا، تملق ۽ خوشامندانه رد عمل، غير مخلصانه زيبائش ۽ آرائش، ”ٻاهرزيب زبان سين، اندر هچارو“ واري منافقانه چال ڍال، ٻاهر پف ۽ پائوڊر ۽ اندر ڪارائيءَ تي خوب گرفت ڪئي اٿس. ليڊرن، پيرن ملن مولوين ۽ انگريزن پرست ديسي صاحبلوڪن جي چڱي لاک لاٿي اٿس.

        ايتري شخصي تنقيد، سخت گيري، نڪته چيني، عيب جوئي، بلڪه ائين چئجي ته بدگوئي، اهڙي ته ظريفانه ۽ مذاحيه انداز ۾ ڪئي اٿس جو ماڻهو پڙهڻ شرط کلي ڏيندو؛ ٻئي دفعي پڙهڻ کان پوءِ کلڻ سان گڏ هلڪو هلڪو طنزيه انداز، نشتر وانگر چڀندي محسوس ٿيندو ۽ جڳ بيتيءَ کي آپ بيتي قرار ڏيندو. اهوئي سبب آهي جو ناقدين ۽ اهل راءِ جي راءِ آهي ته سنڌي زبان ۾ ان فن کي نباهڻ وارو ٻيو ڪوبه شاعر پيدا نه ٿيو آهي، جو بلبل جي انداز بيان ۽ اسلوب تحرير کي نباهي سگهيو هجي، جنهن جي قلم ۽ تلخيءَ ۾ شوخيءَ سان گڏ پختگي ۽ برجستگي، شائستگي ۽ سنجيدگي به هجي،  ۽ جو عريان نگاري ۽ ابتذال کان بچي ڪري اهڙي طنز ڪري سگهيو هجي، جا دلين لاءِ جرح جو سبب نه بني هجي، پر تفنن طبع ۽ مزاح سان گڏ افادي ۽ تعميري ادب تي مشتمل به هجي.

        بلبل مرحوم جي پرورش ۽ پيدائش نهايت غريب خاندان ۾ ٿي، پر پنهنجي ذاتي صلاحيت جي ڪري وڏي  مقام تي پهتو، جنهن مان ثابت آهي ته بلبل غير معمولي دل و دماغ جو مالڪ هو ۽ پنهنجي دۇر جي عالمن ۽ فاضلن، شاعرن ۽ اديبن، صحافين ۽ سربر آورده ماڻهن ۾ کيس انفرادي حيثيت حاصل هئي.

        سندس شاعري نه ڪنهن عروضي استاد جي مرهون منت آهي ۽ نڪو ڪنهن مشاق ۽ ڪهنه مشق شاعر جي اصلاح ۽ تربيت جي منت ڪش آهي؛ بلبل کي شاعر، سندس طبع خداداد ۽ نگاهه دور رس بنايو. سندس طبع ۾ ايجاد ۽ تخليق جو سحر انگيز مَلڪو پيدا ٿي چڪو هو، جنهن کيس پنهنجي دۇر جو وڏو طناز ۽ مزاحيه نگار بنائي ڇڏيو هو.

اڪبر ۽ بلبل.

’بلبل‘ جي ڪلام جي سڀ کان نمايان ۽ مرڪزي خصوصيت آهي، ابتذال کان پري، ظرافت آميز، نشترزني ۽ طنزيه اصلاح، جنهن مان ثابت آهي ته سندس ڪلام بذله سنجيءَ ۽ پاڪيزه مذاق جو شاهڪار آهي.

        مرحوم ’بلبل‘ طبعي طرح سان به نهايت وسيع القلب، زنده دل، شوخ ۽ ظريفانه مزاج رکندڙ، کلمک ۽ خنده رو اديب ۽ شاعر هو.

        بلبل مرحوم 1877ع ۾، هند جي مشهور طنزيه اخبار ”اوڌ پنچ“ کي جڏهن مطالع ڪيو، جنهن سر سيد احمد جي تحريڪ ۽ ڪورانه تقليد ۽ مغرب پرستيءَ جون طنزيه ۽ مذاحيه انداز ۾ ڌڄيون اُڏائي ڇڏيون هيون، تڏهن  منجهس لاشعوري طور بذله سنجي پيدا ٿي، جا اڳتي هلي سندس’فن‘ جو ’مرڪزي ۽ مثالي‘ نقطو بني.

        سرسيد جي نقاليءَ ۽ ڪورانه مغرب پرستيءَ جون ڌڄيون جهڙي نموني ۾ اڪبر الهه آباديءَ اُڏايون آهن، ان جو مثال بيشڪ نه پيدا ٿي سگهيو آهي، پر سندس تنقيد محض تنقيد آهي؛ تعميري طور، عملاً ڪجهه به نظر نٿو اچي. بيشڪ ’اڪبر‘ ئي پهريون طناز ۽ نقاد آهي، جنهن مغربي تهذيب ۽ سندس ڪورانه تقليد، غلامانه ذهنيت ۽ پنهنجي تهذيبي سرمايي کان بي تعلقيءَ جي خلاف صدائي احتجاج بلند ڪئي، ۽ گمراهن ۽ مغرب پرست ماڻهن جي دل و دماغ تي چوٽون ڪيون، ۽ انهن جي ضمير کي چهنڊڙيون هنيائين ۽ سندن فاسد مواد نصيحت جي نشتر سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين، ۽ هڪ پوري گروهه جي دل آزاري ڪري، انهن کي پاڻ کان بيزار ۽ ڪناره ڪش ڪري ڇڏيائين. ان جي مقابلي ۾ بلبل مرحوم، باوجود نشتر زنيءَ جي پنهنجي ظرافت آميز رنگينيءَ ۽ شيرينيءَ سان انهن کي رسڻ ۽ بگڙجڻ جو موقعو نه ڏنو. رسڻ ۽ بگڙجڻ جي بدران کين خفت آميز کلڻ تي مجبور ڪيائين.

        سنڌ ۾ مرحوم’بلبل‘ هتي جي مرده  ۽ مقلد، بيروح ۽ بيرنگ طبقي کي ظريفانه بذله سنجيءَ سان نشترون هنيون ۽ سندس فاسد مواد کي خارج ڪيو.

        هنڌ ۽ سنڌ ۾ ’اڪبر‘ ۽ ’بلبل‘ ٻنهي چاهيو ٿي ته مسلمانن کي مغرب پرستيءَ جي غير مفيد ۽ انڌي ڄار مان ڪڍيو وڃي. پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته ’اڪبر‘ نهايت انتها پسند ۽ قدامت پرست هو، هو قديم نظام تمدن ۾ ڪنهن به ترقيءَ ۽ تبديل جو قائل نه هو. ان جي مقابلي ۾ ’بلبل‘ نڪو قدامت پرست هو ۽ نڪو رجعت پسند. هو مسلمانن لاءِ جديد علوم جي تحصيل ۽ تڪميل جو قائل هو.

        ديني نصاب سان گڏ علوم عاليه ۽ سائنس جي تحصيل لاءِ گهڻو ڪجهه لکيائين. بلبل مسلمانن جي تعليم تي هڪ مفصل ڪتاب پڻ لکيو، جنهن ۾ ثابت  ڪيائين ته مسلمانن جو تعليمي نصاب جديد ۽ قديم علوم و فنون تي مشتمل هئڻ گهرجي. اها ساڳي راءِ امام الانقلاب عبيدالله سنڌي، مولانا محمد علي شيخ الجامع مليه، ڊاڪٽر ذاڪر حسين ۽ مولانا مودودي ۽ علامه اقبال جي به رهي. پر ’بلبل‘ جو اختلاف فقط ان چيز سان هو ته مشرقي ۽ ديني اطوار ۽ اخلاق کان ڦري. فقط ظاهرداريءَ ۽ تراش خراش، بيروح ۽ بيرنگ تقليد کان نوجوانن  کي بچڻ گهرجي. ان سان گڏ ڪٺ مُلا قسم جي مذهب ۽ ان جي رسومات سان به بغاوت ڪيائين ۽ بدعتي پيرن ۽ ملن جي به خوب خبر ورتائين.

        هونئن به ’بلبل‘ مرحوم، اڪبر وانگر في نفسہ مغربي علوم ۽ فنون جو مخالف ڪين هو، پر مغربي تعليم جي سيلاب بيپناهه جي ڪري جا نفرت قديم علوم ۽ معاشرتي نظام کان پيدا ٿي رهي هئي، ان کي پسنديده نگاهن سان نٿي ڏٺائين.

        بلبل ڏٺو ٿي ته جديد تعليم يافته گروهه جا خيالات، عادتون ۽ عقيدا، اطوار ۽ اخلاق سڀ بيروح ۽ بيذوق، معمولي ۽ سطحي، پست ۽ مضررنگ ۾ رڱجي رهيا آهن؛ پنهنجي ضمير جي احترام ڪرڻ ۽ پنهنجي ماضيءَ جي سربلنديءَ کي سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ جي بدران مغربي تهذيب جي ذهني غلامي قبول ڪري چڪا آهن. غلط زندگي اڪبر ۽ بلبل جهڙن باشعور ۽ زنده دل شاعرن لاءِ نهايت صبرآزما هئي.چنانچه ٻنهي ڄڻن نهايت لطيف ۽ طنزيه، مزاحيه ۽ ظريفانه انداز ۾ جائزو وٺڻ شروع ڪيو، جيئن قوم جو مرده حس بيدار ٿئي، ۽ غلاميءَ جي ڪورانه تقليد ختم ٿئي، اجتهاد ۽ بصيرت پيدا ٿين، ۽ ملتّ پنهنجي ضمير جو احترام ڪري ۽ پنهنجي قومي ڪردار ۽ مذهبي معيار جي زنده جاويد قدرن کي نفرت سان نه ڏسي.

        اڪبر ۽ بلبل جي اسلوب ۽ طرز بيان متعلق ايترو چوڻ ڪافي آهي، ته سندن اسلوب سندن ئي تخليق ۽ ايجاد آهي، اهو اڌارو ۽ مستعار نه ورتل آهي، لهذا سندن اسلوب ۽ فڪر ٻئي هڪ سڪي  جا گويا ٻه پاسا آهن. سندن جذبات جي شدت ، خيالات جي ندرت ، ماضي پسندي ۽ دينداري، مشرقي اخلاق جي تبليغ، مغرب کان نفرت، اقبال جي مقابلي ۾ اگرچه معياري نه آهن، انهن ۾ سبڪائي ۽ سطحيت ضرور نظر اچي ٿي، پر ان جو داد دشمن به ڏيندا ته اهي سطحي ۽ فني موشگافيون ۽ تسامحات سندن مخلصانه جذبات اڳيان هيچ آهن، جي بلبل کان زياده اڪبر ۾ موجود آهن.

        اڪبر جو مزاج ۽ طبعي افتاد، سنجيدگيءَ ۽ وقار کان هٽي، مزاح ۽ ظرافت ڏانهن ان ڪري ويو، ڇا لاءِ جو اڪبر طبعي ۽ فطري طور مزاحيه طبع وارو شوخ ۽ شنگ، ظريف ۽ لطيف طبع شخص هو، پر بلبل نهايت سنجيده هو. سندس فن سندس اڪتساب ۽ مطالع مان پيدا ٿيو.

        ان حيثيت سان ٻنهي کي ”اوڌ پنچ“ جي مزاحيه ۽ طنزيه افڪار ۽ مطائبات ۾ ئي ڪشش محسوس ٿي. اهوئي سبب آهي جو هنن رنگينيءَ ۽ تغزل کي بدلائي طنزيه ۽ مذاقيه، ظريفانه ۽ مزاحيه انداز ۾ پنهنجو فن تخليق ڪيو. سندن ظريفانه انداز جي جدت ۽ ندرت اها به آهي ته هنن پنهنجي قطعات، رباعيات، فرديات، غزلبات ۽ نظمن ۾ ظريفانه رنگ پيدا ڪرڻ لاءِ انگريزي لفظ به تضمين ڪيا ۽ پنهنجي محاورات ۽ مصطلحات ۾ انهن لفظن کي ائين مڙهي ڇڏيائون جيئن منڊيءَ تي ٽڪ.

        اڪبر ۽ بلبل پراڻين تشبيهن ۽ استعارن ۾ نئون روح پيدا ڪيو آهي. انهن سان ٻيا مرڪبات ملائي، نيون ترڪيبون گهڙيون آهن، نوان لفظي صنايع ۽ بدايع بنايا آهن، نوان نوان قافيا ۽ رديف  گهڙيا آهن، پنهنجي تعميري ۽ اصلاحي تنقيد ۽ طنز لاءِ نيون نيون علامتون ايجاد ڪيون اٿن. جيئن اڪبر- مس، شيخ، سيد، اونٽ، گائي، گرجا، مندر، بت، ڪالج، ٻڌو، برهمن، لالا، جمن، ڪلو، نٿو وغيره لفظ پيدا ڪيا، تيئن بلبل مرحوم جي ’تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌن‘ کي ئي ڏسڻ گهرجي. اهي الفاظ، اسماءَ ۽ اعلام ظاهري طرح ڀلي ته ڪن نقادن جي نظرن ۾ بلڪل پست ۽ سطحي نظر اچن، ۽ شرفاعه ۽ فصلحاعه انهن جي استعمال کان ڀلي ته ڪيٻائيندا هوندا، پر اڪبر ۽ بلبل پنهنجي طبعي ظرافت، چابڪدستيءَ، طنازيءَ ۽ سحرڪاريءَ سان انهن ۾ اهڙي ته سليقه داري، رنگيني، چاشني ۽ خوش آهنگي پيدا ڪري ڇڏي هئي، جو انهن جي متروڪ هجڻ ۽ مبتذل هجڻ تي ڪنهن جي نظر ئي نٿي پيئي؛ هرڪو لفظن جي لطافت ۽ نفاست مان محظوظ ٿيو ٿي. اڄ به هرڪو پڙهڻ کان پوءِ کلي ٿو ۽ تبسم زيرلبيءَ سان ٻنهي کي داد ڏئي ٿو.

اڪبر ۽ بلبل جو ٻيو ڪمال اهو آهي ته انهن اهڙن متروڪ ۽ مبتذل لفظن مان مختلف رنگين اسلوب به پيدا ڪيا، پر انهن ۾ زندگيءَ جي مختلف تصويرن کي به چٽيائون. معاشري جون مختلف الحال تصويرون لفظي  مصوريءَ مان پيدا ڪيائون، جن کي ڏسي ائين چئي سگهجي ٿو ته هي شاعر نه هئا، پر ادب ۽ سماج جا نقاش هئا يا مؤرخ هئا يا نقاد هئا يا مصور. اوهان ٻنهي جي ظرافت آميز ڪلام ۾ هند سنڌ جو پورو معاشرتي دۇر ڏسي سگهو ٿا

سر سيد جي تحريڪ، مغربي تعليم، ڪاليج، اسڪول، خلافت، گانڌي، علي برادران، علمائي ڪرام، نمازي، روزه دار، حاجي، جج، جيل، مسجد، ليگ، هوم رول، نيٽو، نيچري وغيره؛ ان کان سواءِ متوسط طبقي جي معاشرت، مسجد  ۽ مندر جي آويزش، دين ۽ ڌرم جي باهمي ڪشمڪش، هندو ۽ مسلم جي بيانگي، انگريز جي چابڪدستي ۽ عياري، مڪاري ۽ منصوبه بندي: مطلب ته ڪو به قومي، ديني، ادبي، سياسي ۽ معاشرتي مسئلو اهڙو نٿو نظر اچي، جنهن ڏانهن اشارتاً يا ڪنايتاً ڪو شعر راجع نٿو ٿي سگهي.

پر اهو به ياد رهي ته انهن تصويرن جي زندگيءَ ۽ دلڪشيءَ ۾ جنهن چيز جو زياده دخل آهي، اها آهي ظرافت، جنهن انهن تصويرن کي غيرفاني بنائي ڇڏيو آهي

دراصل اڪبر ۽ بلبل جو فن ئي آهي ظريفانه اسلوب! جيئن اڪبر پاڻ چيو آهي ته:

اڪبر ڪا قلم صنعت لفظي مين هي ڪامل!.

اڪبر پنهنجي انشاء لطيف جو داد خواه به ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو ته سندس سحر انگيز طنزيه ڪلام سان دنيائي فڪر و نظر ۾ لطف ۽ انبساط جو بيش بها سرمايو پيدا ٿي چڪو آهي.

بلڪل ان وانگر بلبل به پنهنجي ڪمالات ۽ لساني تصرفات، ظريفانه نقاط ۽ مزاحيه نشترن  جو اعتراف ڪرائي ٿو. کلندي کلندي، بلبل مرحوم چٽڪي هڻي ٿو وٺي، ۽ کلائي داد وصول ڪري ٿو وڃي.

جيئن اردو شاعريءَ ۾ وري ’اڪبر‘ ثاني پيدا نه ٿيو آهي، تئين سنڌي شاعريءَ ۾ ڪو ’بلبل‘ رنگين نوا وري نه پيدا ٿيو آهي، جنهن جي ترنم ريزيءَ  ۽ نغمه سنجيءَ سان باغ ِ ادب ۾ ڪا زندگي ۽ تازگي پيدا ٿئي. جيئن ’اڪبر‘ جو تتبع نه ٿي سگهيو آهي، تيئن ’بلبل‘ جو تتبع به اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي.

اها به علمي ۽ ادبي حقيقت آهي ته ’اڪبر‘ ۽ ’بلبل‘ ٻنهي جي تقليد ۽ اتباع ڪندي، ڪيئي سخن ور ۽ نغمه طراز شاعر، ظرافت ۽ مزاح جي پخته ۽  معتدل راهه کان هٽي ڪري، وڃي هزليات ۽ هجويات ۾ پيا آهن. ڪي هڪ – اڌ ضرور اهڙا پيدا ٿيا آهن، جن جي ظرافت ۾ پختگي نظر اچي ٿي، پر اهي اشاذ ڪاالمعدوم آهن. انهن جو ذخيرو ايترو ته محدود آهي، جو مقابلي ۾ آڻي ئي نٿو سگهجي. حالانڪ ’اڪبر‘ نظم ۾ دفتر ڀري ڇڏيا، ۽ بلبل به نظم ۽ نثر ۾ واهڙ وهائي ڇڏيا! اخبارون، رسالا، مقالا، ڪتاب ڀري ڇڏيائين! هر هنڌ سندس شوخ ۽ ظريفانه انداز ۽ اسلوب نمايان پيو نظر ايندو. سندس قادر الڪلاميءَ ۽ طرز ادا جي پختگيءَ جو ڪمال هر تحرير مان مترشح پيو ٿئي. باقي عاقلن لاءِ، هڪ ناقدِ فن  جي حيثيت سان، بلاخوف ِ ترديد ائين چوڻ کان نٿو رهي سگهجي ته انهن جو’فن‘ مجاز ۽ نقل آهي، انهن سوقيانه انداز ۾ ’چيٻارا‘ ڪڍيا آهن، ۽ ڪٿي ڪٿي سندن کوٽو رنگ به ظاهر ٿيو پوي. پر ’اڪبر ۽ بلبل‘ هر تحرير ۾ ۽ هر هنڌ اڪبر ۽ بلبل پيا نظر ايندا. ممڪن آهي ته ’اڪبر‘ جي ڪلام مان اردو ادب ۾ ڪو اضافو نه ٿيو هجي، پر ’بلبل‘ جي ظريفانه نثر ۽ نظم تي سنڌي ادب کي فخر حاصل آهي. ’بلبل‘ نه فقط، ظرافت آميز ڪلام جو موجد آهي،پر سنڌي شعر جي تاريخ ۾ کيس ’نئين دؤر جو باني‘ به سڏيو وڃي ٿو! ان سان گڏ هڪ صحافي، هڪ با اخلاق ۽ ديانتدار قومي ليڊر، هڪ با اصول سياستدان، هڪ لطيف طبع فنڪار ۽ فن – پسند جي حيثيت سان به معروف آهي.

اڪبر جي ’ڪليات‘ جا چار جلد شايع ٿيل آهن. مرحوم بلبل جي نثر ۽ نظم جا درجن کان مٿي ناياب ۽ نادرالوجود ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن جي اشاعت ثاني هوند هٿؤن هٿ هلي وڃي، پر جي ڪو شايع ڪري.

بلبل جي فن جي زندگي ۽ پايندگيءَ جو اهو حال آهي جو اڄ تائين اهڙا پير ڪهنه سال موجود آهن، جن کي بلبل جي نثر ظريف ۽ نظم لطيف جا باب ته ڇا، پورا ڪتاب ياد آهن. اڄ به محترم محمد عثمان ڏيپلائي، تيرهن ڄار مڪرن جا مار، صدپند سود مند، قلندر جو ميلو، عشقيه خط برزبان ائين ٻڌائيندو آهي، جيئن ڪو حافظ القرآن بيٺو تراويحون پڙهائي!

بلبل جون تشبيهون، استعارا، ڪنايا، مصطلحات، بندشون، طنزيه ٽوٽڪا، انداز بيان جون شوخيون ڏسي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته ”بلبل“جو مٽ ۽ ثاني اڃا پيدا ڪونه ٿيو آهي:

جاي استاد خالي است

اڪبر ۽ بلبل جي فن ۾ فرق:

اڪبر ۽ بلبل جي فني مماثلت کان پوءِ ڪي قدر ۽ معيار اهڙا به رهجي ٿا وڃن، جن ڏانهن اسان جي نقادن جو توجهه گهٽ ويو آهي. مون اڄ تائين مرحوم بلبل کي ’سنڌ جو اڪبر‘ ۽ ’سنڌ جو حالي‘ چوندي ۽ لکندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، ۽ هميشہ منهنجي ذوق سليم کي ڌڪ لڳندو آهي. ڏسڻو هي آهي ته بلبل کي ’اڪبر‘ سڏڻ جا آخر دلائل ۽ معيار ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ متشابهه ۽ متجانس ٻه- چار پهلو آهن، پر متخالف ۽ متضاد پهلو به ته ڪيئي آهن، انهن کي نظرانداز ڪري يڪ طرفو فيصلو ڏيڻ علمي فيصلو نه چئبو.

        اڪبر جي طبع محض شاعرانه هئي. ان جي مقابلي ۾ بلبل جي طبع شاعرانه سان گڏ عالمانه هئي. اڪبر ۾ ابتذال ۽ اشتعال آهي، پر بلبل وٽ رنگيني ۽ لطافت. اڪبر محض طنزيه ۽ مزاحيه رنگ اخيتار ڪري نشترون هڻندو رهيو آهي. اڪبر جا موضوعات زياده تر منتشر ۽ يوليده آهن، پر بلبل وٽ ربط ۽ تسلسل آهي. اڪبر جو فني شعور محض طنز آهي، پر بلبل جو فني شعور ظرافت سان گڏ، تعمير فڪر ۽ ذهني تشڪيل لاءِ آهي. اڪبر جا تصورات محض شاعرانه ۽ ناقدانه آهن، جي ’في ڪل واد يهيمون‘ جي مصداق مختلف خيالات تائين منتشر آهن. پر بلبل جا اشعار، شاعرانه ۽ ناقدانه ته آهن، پر ان سان گڏ مختلف موضوعات تي حاوي ۽ جامع آهن. اڪبر جي انداز بيان ۾ سبڪائي ۽ ابتذال آهي، ۽ سندس زبان ۾ متروڪ لفظن جي ڀرمار آهي، ان جي مقابلي ۾بلبل جي انداز بيان ۾ رعب ۽ متانت، دلڪشي ۽ شوخي آهي. ان طرح مختصر  طور چئي ڏيان ته اڪبر وٽ فن برائي فن آهي، پر بلبل وٽ فن برائي حيات ۽ حيات برائي مقصد آهي. اهوئي سبب آهي جو بلبل جو فن زندگيءَ جي مختلف الحال معاملات تي جامع ۽ حاوي آهي، ۽ بلبل اهڙو ته انسان شناس ۽ علم النفس جو استاد نظر ٿو اچي، جو سيرت ۽ ان جي تشڪيل جي سڀني ڪلي ۽ جزوي مسئلن تي بيڪ وقت سندس ناقدانه نگاهون پهچن ٿيون. اڪبر جي نشترزني بعض اوقات نيش زني محسوس ٿيندي، پر بلبل وٽ نيش سان نوش شامل آهي. اڪبر جون پوريون قوتون شعر و شاعريءَ تي محدود رهجي ويون، ۽ سرسيد احمد جي تنقيص ۽ معائب ۾ ئي سندس قوتون صرف ٿيون، پر عملي طور ڪجهه به نه ڪري سگهيو. ان جي مقابلي ۾ بلبل جتي قديم ۽ جديد طرز معاشرت تي تنقيد ڪئي آهي، اتي ٻنهي لاءِ جامع ۽ مرتب نصاب تعليم ۽ نصب العين مليّ به پيش ڪيو اٿس. ان سان گڏ علم ۽ فن جي هر شعبي تي حاوي رهيو آهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي اسباب آهن، جن کي محسوس ڪندي هميشه منهنجو ذوق سليم بلبل کي اڪبر سان ڀيٽڻ کان ڪيٻائيندو رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهل ِ سنڌ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهن ۽ پنهنجن جو اڃا قدر نه سکيا آهن، تنهنڪري هت ولايت جي ڪٻر به مينا پئي سڏجي! ورنه بلبل جو فن ۽ شعور اڪبر کان گهڻو بلند آهي. بلبل جو ظريفانه ڪلام ۽ ظرافت آميز نثر ملاحظه ڪرڻ گهرجي، ان جي مقابلي ۾ اڪبر جو ظرافت آميز نثر ڪاالعدم آهي.

        بلبل جو قلم نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ هڪ انفرادي ۽ خصوصي معيار ظرافت پيدا ڪري چڪو آهي. ان جي مقابلي ۾ اڪبر فقط شاعريءَ تائين محدود آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته بلبل جي پوري فن ۽ شعور کي مطالع ڪري، ڪا مرتب ۽ جامع چيز پيدا ڪئي وڃي، اها مشڪل نه ته محال ضرور آهي؛ ڇا لاءِ ته سنڌ ۾ اڄ اهڙي پايي جا ظريف الطبع ۽ اعليٰ  درجي جا، بلند مرتبه، پخته ۽ صاحب ڪمال ماڻهو هيائي ڪين آهن، جي بلبل تي پنهنجي ظريفانه طبع ۽ انداز بيان سان ڪجهه لکي سگهن!

        اهو ائين آهي، جيئن  هڪ مرثيه گو ويهي هزليات ۽ غزليات لکي يا ” قصيده بهاريه“ لکي ڏيکاري. جئين ته مرثيه ۽ قصيدي جون زمينون جدا جدا آهن، تيئن ظرافت ۽ مزاح جو فن ۽ ان جي جمع و ترتيب جا معيار پڻ جدا جدا آهن. افسوس اهو آهي ته بلبل کان پوءِ، اهو فن سنڌ ۾ قريب قريب ختم ٿي چڪو آهي، البته دشنام طرازيءَ کي ٰ اگرڪي نافد ظرافت سڏين ته اها انهن جي مرضي آهي!

بلبل ۽ حالي:

ان طرح بلبل کي ’سنڌ جو حالي‘ سڏڻ به صحيح نه آهي. حاليءَ وٽ ماتم سرائي ۽ اشڪ سوئيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي. حالي اهل اسلام جي زوال تي قنوطيت  ۽ نااميديءَ جو مجسمو بنجي روئندو رهيو، سندس طبع ۽ مزاج ۾ شگفتگي ۽ روح پرور آسودگي ڪانه هئي. ان جي مقابلي ۾ بلبل جو هرهڪ  داستان سدا بهار، شگفته، رنگين، زندگي بخش ۽ غمٽار آهي. حالي خشڪ ۽ زاهد مرتاض آهي، پر بلبل قلندر آهي بيباڪ، ۽ رند آهي خوش نوا. حاليءَ سوانحات جا مشرقي اصول مرتب ڪيا ۽ بلبل سنڌي مشاهير متعلق قصيده گوئي ڪري ان جي تلافي ڪئي. حاليءَ  جي ماتم سرائي ۽ مرثيه گوئي کان پوءِ طبعيت ۾ قنوطيت ۽ جمود طاري ٿئي ٿو، پر بلبل جي هر هڪ لطيفي ۽ مزاح ۾ زندگي ئي زندگي پئي بکندي. ان ڪري بلبل کي هروڀرو سنڌ جو حالي به نه سڏڻ گهرجي.

        منهنجي خيال ۾، ’اڪبر‘ ۽ ’حالي‘ کان بلڪل جداگانه حيثيت سان هڪ مڪتب فڪر جو بنياد مرحوم بلبل وڌو آهي، مگر جڏهن ته اهو سنڌ جهڙي محدود خطي ۽ ان جي محدود لساني حدبنديءَ تائين هو، تنهنڪري  باقي ملڪ روشناس ٿي نه سگهيو.

        مرحوم بلبل جامعيت جي لحاظ سان هڪ شاعر، اديب، ظريف الطبع، مصلح ۽ عملي ماڻهو هو. ان جي مقابلي ۾ اڪبر ۽ حالي خاموش طبع ۽ گوشه گير هئا.

        مرحوم بلبل جي تصنيفات ۽ فن جي عميق مطالع جي نه فقط ضرورت آهي، پر ان جي فني ۽ تنقيدي تقليد ۽ تتبع جي پڻ ضرورت آهي. اگر ان کان موجوده دؤر جا شاعر عاجز رهجي وڃن، ته پوءِ ان جي مڪتب فڪر کي اشاعت ۽ تبليغ جي حيثيت سان ئي فروغ ڏيڻ گهرجي. ايتري دليلبازيءَ ۽ علمي ۽ ادبي موشگافيءَ کان پوءِ، آءٌ سمجهان ٿو ته مرحوم بلبل کي نه اڪبر ۽ حالي سڏڻ گهرجي، ۽ نه لسان العصر، ۽ لسان القوم. ڇا لاءِ ته مرحوم بلبل فقط سنڌي عوام جي مخصوص ”شگفتگيءَ ۽ بذله سنجيءَ“ کي جنهن دانشمندانه حيثيت سان پيش ڪيو آهي، ان جي پيش نظر ئي ڪن عالمن کيس ” لسان السنڌ“ سڏيو آهي، جو مناسب نظر اچي ٿو!

        بلبل جي فن ۽ فڪر کي مطالع ڪرڻ لاءِ هن صديءَ جي ابتدائي حالات ۽ واقعات کي سمجهڻ ضروري آهي. ان پرآشوب ۽ انقلاب انگيز دؤر ۾ مرحوم بلبل جي پر خلوص ۽ نافدانه صاف گوئيءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو.

        ان دؤر جي پس منظر ۾ مسلمانن جي هڪ هزار ساله پرشڪوه ۽ باجلال نظام حڪومت جي بيدردانه خاتمي کي اڳيان رکو. مغليه دؤر جي خونچڪان داستان کي دوباره نظر اڳيان آڻيو ۽ 1857ع جي جدوجهد  ۽ جهاد جي ناڪاميابيءَ جي خوني پس منظر ۾ اهل اسلام جي تهذيبي ۽ ثقافتي، ديني ۽ عمراني پسماندگيءَ ۽ زوال جي تصويرن کي ملاحظه ڪريو. هي اهو دؤر هو، جنهن ۾ برٽش سامراج پنهنجي عيارانه ۽ مڪارانه، مستبد ۽ سرمايه دارانه نظام کي ڄمائي چڪو هو. هي اهوئي دۇر هو، جنهن ۾ انگريز ڏانهن آڱر کڻڻ به جرم عظيم هو.

        1857ع جو جهاد، پنهنجي وسائل ۽ عوامل، نتائج ۽ مقاصد جي لحاظ سان وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو. 1857ع کان پوءِ، مسلمان هميشہ جي لاءِ انگريزن جي نظرالتفات کان محروم رهجي ويا، حالانڪ رڳو مسلمان نه مورد ِ الزام ٿي سگهيا ٿي ۽ نڪو مجرم ئي هئا. انگريزن انتقام وٺندي، مسلمان کي هر نقطه نظر سان پيهي ڇڏيو. انگريزن جي بي التفاتيءَ ۽ انتقامي ڪشمڪش مان موقع پرست قومن ڪافي فائدو ورتو، ۽ مسلمانن جي ڪسمپرسيءَ  ۽ زبون حاليءَ جي بهاني سان  ڪامياب سازشون ڪيون ۽ تعليمي ۽ تجارتي، معيشي ۽ معاشي حيثيت سان مسلمانن کي فنا ڪري ڇڏيو.

        اهڙي دور ۾ هڪ طرف سر سيد احمد ۽ حالي ۽ اڪبر جهڙا بيلوث ۽ باحوصله ماڻهو پيدا ٿا، جن پنهنجي پنهنجي انفرادي ۽ مخصوص حيثيت سان مسلمانن کي سجاڳ ڪيو. ٻئي طرف مرحوم بلبل 1857ع ۾ پيدا ٿيو، ان ئي ماحول ۾ تربيت حاصل ڪيائين، ان ئي ماحول جي مطالع کان پوءِ، سياسي شعور حاصل ڪيائين، ۽ هڪ اهڙي محيّرالعقول حيثيت حاصل ڪيائين، جنهن کي ڏسي اعتبار ئي نٿو اچي ته ڪو ’ميهڙ‘ جهڙي سرزمين اهڙي مردم خيز زمين ثابت ٿيندي! اهو دؤر، جنهن ۾ اڃا نه ڪو سنڌ ۾ ڪاليج هو ۽ نه مدرسو، قدامت پسندانه  طرز جا ڪي چند مڪتب مَسَ هئا، اهڙي دؤر ۾ بلبل جهڙو جامع اوصاف ماڻهو ميهڙ، ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿئي، ان کي فطرت جو وهب ۽ عطائي سمجهڻ گهرجي.

        مرحوم’بلبل‘ جي دور رس نگاهه، فهم ۽ فراست جو داد ڏيڻ گهرجي، جنهن اڄ کان گهڻو اڳ، موجوده معاملات ۽ حالات ( سياسي ۽ مليّ) جي پيشگوئي ڪئي آهي.

        مرحوم بلبل جي شعور ۽ فن کي ڏسو، کيس قدرت طرفان اهڙوئي مؤثر ذريعهء اظهار مليو، جنهن جي چاشنيءَ ۽ رنگينيءَ براه راست عوام جي دلين کي موهي ڇڏيو ۽ خواص کي جنجهوڙي وڌو. سندس زباني لطائف ۽ تنقيدي ظرائف ان دۇر ۾ هڪ ذهني انقلاب پيدا ڪيو. هو انگريز جي جابر ۽ مطلق العنان گرفت کي سمجهن کان پوءِ به، مختلف النوع تعبيرات سان، انگريزن ۽ ان جي ڇاڙتن ۽ ديسي صاحبلوڪن کي ٽوڪيندو رهيو. اجائي نقاليءَ ۽ بيروح زندگيءَ تي نشترون هڻندو آيو، سندس هر شعر ان رمز کان خالي نه هو. مقبوليت جو اهو عالم رهيو، جو ٻڌڻ کان پوءِ هر شعر ماڻهن جي زبان تي دائم رهيو ۽ قلب ۾ قائم.

بلبل جو طريق ڪار:

مرحوم بلبل جي ان اصلاحي ۽ ظرافت آميز نشترزنيءَ سنڌين جي مذاق ۽ مزاج ۾ بتدريج شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ديرپا اثر ڇڏيو آهي خود آگهي ۽ خود شناسيءَ جا عظيم جوهر پيدا ڪيا آهن. ممڪن آهي ته هن دۇر جي صاحب شعور ۽ اهل نظر ماڻهن مرحوم بلبل جي فن ۽ شعور کي ذوقي حسي نقط عه نظر سان نه مطالع ڪيو آهي، ورنه هو ڏسندا ته مرحوم ’بلبل‘ پنهنجي هموطن، ساده لوح ۽ معصوم عوام کي ۽ غافل ۽ ڪاهل خواص کي ڪيئن نه بيدار ۽ خبردار ڪرڻ لاءِ مختلف النوع نشترون هڻندو رهيو.

        ان انگريز پرست دور ۾ مرحوم بلبل جنهن دانشمنديءَ ۽ ديانتداريءَ جو حڪيمانه ۽ مصلحانو مظاهرو ڪيو آهي، ان جو داد ته اهي ئي ڏيئي سگهن ٿا، جن جهدللبقاء جي راهه ۾ ڪنهن غافل ۽ سست الوجود قوم کي بيدار ڪرڻ لاءِ ذهني ۽ فڪري جدوجهد ڪئي هوندي.

        مرحوم بلبل ۾، سندس ديني تربيت، جلال ۽ جمال تي حاوي هڪ اهڙو جامع شعور پيدا ڪيو، جنهن منجهس حق گوئي ۽ بيباڪي پيدا ڪئي. سندس  معنوي ۽ فڪري نشترزنيءَ جو داد اهي به ڏيندا رهيا، جي کيس لائق تعزير سمجهندا رهيا، ۽ خود اهي به خنده رو ٿي برداشت ڪندا رهيا، جن تي براه راست چوٽون ڪيون اٿس.

        فن جو اهو ڪمال تاثر ۽ انجذاب جو اهو معراج، ٻڌائي ٿو ته بلبل جي عزم ۽ ارادي ۾ خلوص هو. سندس شاعريءَ ۾ گهري ۽ عميق معنويت ۽ رمزيت هئي. ان جي ڪلام ۾ حسن تخيّل  ۽ پختگيءَ فن جا اهي سڀ اسباب موجود هئا، جي هڪ مرده ۽ مدهوش قوم کي جاڳائي سگهيا. ۽ اهي اهڙا لازوال آهن جو هوند اڄ به استعمال ڪري هن ستل قوم کي جاڳائي سگهجي ٿو.

        اهل سنڌ جي غلفت ۽ مرده پرستانه ذهنيت تي ڪيترو ماتم ڪجي، جنهن بلبل جهڙي طنّاز ۽ ظريف الطبع اديب کي وساري ڇڏيو. جنهن مخصوص سياسي راءِ ۽ مخصوص تمدني زاويي کي بتدريج حڪمت سان بيان ڪيو ۽ هڪ اهڙي جمود کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جو همگير ٿي چڪو هو. اهل فڪر سندس ان دانشمندانه فن جا مرهون منت آهن. سندس فن اسان جي بيروحي، بيحسي ۽ ڪور ذوقي ۽ ذهني غلاميءَ کي اڄ به دور ڪري سگهي ٿو.

        آءٌ مرحوم بلبل جي فن ۽ فڪر متعلق اهو به عرض ڪرڻ گهران ٿو ته سنڌ ۾ غير ملڪي تسلطّ جي خلاف مرحوم بلبل پنهنجي ذهانت ۽ حڪيمانه نقطهء نظر سان تنها شخص هو، جنهن پنهنجي معاصرين کان وڌيڪ ڪم ڪيو، ۽ جنهن وڏيءَ جرات سان پنهنجو مخصوص انداز بيان ۽ اسلوب تحرير وضع ڪيو ۽ پوءِ علي الاعلان پنهنجي نظريات ۽ محسوسات کي پيش ڪيو.

        مرحوم بلبل جي ذهانت ۽ طبّاعي جو روشن دليل هي به آهي جو جتي طول طويل مبلغانه ۽ مولويانه، واعظانه يا عالمانه تقرير ۽ خشڪ ۽ زهد آميز نصيحت ڪو اثر پيدا نه ڪري سگهي، اتي سندس اثرانگيز ۽ فڪر آموز طنزيه ۽ مزاحيه  اشعار وڏو ڪم ڏنو. اگرچه بظاهر مرحوم بلبل ظرافت ۽ مزاح کي پيرايه بيان لاءِ مستعار ورتو هو، تاهم ڪوبه اهل نظر ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهي ته سندس ان طنز ۽ مزاح ۾ ڪيترو نه وقار آهي، ڪيڏي نه سنجيدگي آهي، ڪيڏي نه پختگي آهي، ڪيڏي نه افاديت آهي، ڪيڏي نه مقصديت آهي! سندس طنز ۾ اصلاح، مزاح ۾ خيرخواهي، مذاق ۾ خلوص ۽ ظرافت ۾ سنجيدگيءَ جا ڪيئي اهڙا پهلو موجود آهن، جن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ هن دۇر جي عالمن ۽ ناقدن جو فرض اولين آهي. اهو فرض سنڌ جي اديبن ۽ عالمن تي هڪ مشترڪ فرض آهي ۽ واجبات مان سمجهڻ گهري.

        مرحوم بلبل جي مزاح ۽ طنز، لڙڪ ۽ ٽهڪ مان اهائي مراد هئي ته سنڌ جي مسلمانن ۾ نئون روح پيدا ٿئي، شڪست خوردگيءَ ۽ زوال پذيريءَ جا آثار گم ٿين، سنڌي عوام ۾ حدّت ۽ حرارت، خود آگهي ۽ خودشناسيءَ سان گڏ، پنهنجي تهذيب ۽ زندگيءَ، معاشرت ۽ ثقافت جي صحتمند اصولن سان هم آهنگي پيدا ٿئي ۽ طوطي ۽ ڀولي واري نقاليءَ کان قوم جا خواص به بچن ۽ عوام به محفوظ ٿين.

        مرحوم بلبل جي صحيح نصب العين ۽ طريق بيان جي ندرت ۽ جدت، جزالت ۽ جامعيت کي سمجهڻ لاءِ، اڪبر جو هڪ شعر ڏسڻ گهرجي، جنهن ۾ انگريزي جي ادنيٰ ترين بيوقوف ۽ بيضمير آفيسرن تي جلهه ڪئي اٿس:

عهد ِ انگلش ڪو وهي سب سي هي بهتر سمجها

جو هر اڪ گوري ڪو لفٽنٽ گورنر سمجها

عهد انگريز جي نعمتن ڳڻڻ کان پوءِ، اڪبر هن طرح چوٽ ٿو ڪري:

جب اتني نعمتين موجود هين يهان، ’اڪبر‘

تو هرج ڪيا هي جو ساتهه اس ڪي ڊيم فول بهي هي

اڪبر جو رنگ اوهان ملاحظه فرمايو، هاڻي مرحوم بلبل جو ’ڊيم فول‘ ملاحظه فرمايو!

نئون زمانو

گهر کان نڪتا نيٽونيچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا،

سِرَ ۾ ٽوپي، هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

 

ٽاپ ٽيپ ۾ آڪڙ شاڪڙ، ڏاڙهي ڪوڙي مڇون ماڪڙ،

سواري بائيسڪل جي سرسر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

ڪالر ڪوٽ، قميصون جاڪٽ، پائن ٿا پتلون ۽ پاڪٽ،

چيچاٽي بوٽن جي چرچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گٽ مٽ گٽ مٽ وات ۾ وائي،

يو سِي، آءِ سِي، مستر مستر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

کيل خوشيءَ ۾ بردم خوردم، ميل جول ۾ وحشي بيدم،

ٽور ٽلڻ ۾ هربر هربر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

ڪرڪٽ بال ۾ مرد زنانا، ڊوڙن ڊڪن تال ترانا،

هُرّي هُرّي ،ها ها، هر هر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

چمچا، ڪانٽا، کٽ پٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي تڙ تڙ،

شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شرشر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا

گينڊي، صابڻ، برش طرازي، بوس و ڪنار، ڪتن سان بازي،

فوٽو، فونو، پيانو، پڪچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

جنٽلمين مِسين جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر ڏوڙا سوڙا،

نچ وي باندر، نچ وري باندر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

ڏسج نئون تهذيب نمونو، ” بلبل“ باطل فيشن جهونو،

بابو يابُو ميم مڪسچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

هن بيپناهه روانيءَ واري طنزيه شاهڪار جي اڳيان ٻين جو دفتر ۽ طبع جو زور به بيزور ۽ بي پر آهن. نفسياتي طور، نقالن جي مضحڪه خيز حرڪات کي جنهن طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي، ان جي ٻڌڻ سان بظاهر مذاق پيدا ٿئي ٿو، پر بباطن نفرت ۽ حقارت جا جذبات دل ۾ جاگزين ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com