سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :15

مرحوم بلبل سنڌ جي ساده لوح ۽ مفلوڪ الحال عوام جي تهذيبي نفسيات کي برمحل سڃاتو، سندس خواص جي منافقانه نقاليءَ کي بروقت ڄاتو. بلبل ڏٺو ته ماڻهو مغربي تهذيب جي ٻاهرين چک ۽ مک، جاذبيت ۽ ڪشش تي مري رهيا هئا؛ ڪوٽ ۽ پتلون، گهڙيءَ ۽ هنٽر، جوراب ۽ هيٽ ۾ گرفتار ٿي، پنهنجي اصليت، جزالت، مشرقيت، تهذيبي شرافت، بزرگن جي وراثت، دين جي اطاعت، الله ۽ رسول جي محبت، جهاد ۽ جهد کان پاسيرا ٿي رهيا آهن، منجهن غلط قسم جي آزاد خياليءَ ۽ بي عمليءَ جا جراثيم سلو پوائزن بنجي سرايت ڪري رهيا آهن، ۽ سر تا پا ماديت ۾ رنڱجي رڻ ۾ رلي رهيا آهن: بلبل ان قسم جي نقاليءَ ۽ بيروح ترقي معڪوس تي دل کولي ڌڪ هنيا.

بلبل پنهنجي معاصرين جي علمي، ادبي، تعليمي ۽ صحافي ڪمن ۾ پنهنجي قلم ۽ ذهن سان به خوب مدد ڪئي، پر منهنجي خيال ۾ اها سندس ثانوي حيثيت آهي: سندس مقصدي ۽ افادي حيثيت هئي ذهني انقلاب آڻڻ، سنڌين کي پنهنجي اصليت ڏانهن واپس موٽائڻ، سنڌين کي پنهنجي ورثي کي سنڀالڻ لاءِ سجاڳ ڪرڻ ۽ غلاميءَ جي ڳٽ مان آزاد ٿيڻ.

بلبل پنهنجي احباب ۽ معاصرين ۾ مون کي تن تنها نظر اچي ٿو، جنهن مشرق جي روحاني اقدار کي مغرب جي ان دۇر واري بيروح ۽ مادي، کوکلي ۽ خالي چمڪ ڌمڪ کان بچائڻ لاءِ سڀني کان جدا گانه طرز جهاد ڪيو.

بلبل مرحوم ان دؤر جي مغرب پرستيءَ ۽ نيئن تهذيب جي طلسم فرنگ جي خلاف تن تنها، نبرد آزمائي ڪئي، ۽ ان امر جي مصلحت، ” جهڙي لڳي واءُ تهڙي ڏجي پٺ“ جي فرسوده ۽ پائمال خيال جي خلاف جنگ جوٽي. تعليمي اصلاح ۽ سياسي تغير ۽ انقلاب کان وڌي ڪري، سندس پورو زور قوم جي فڪري ۽ ذهني انقلاب لاءِ صرف ٿيو. سندس اها انفرادي حيثيت سندس معاصرين ۾ ممتاز آهي. منهنجي دل ۾ مرحوم بلبل جي عظمت لاءِ اهوئي هڪ ڪافي دليل آهي، ورنه مرحوم بلبل اگر معمولي انسان هجي ها ته پوءِ، ان ڪٺن ۽ سنگلاخ سرزمين ۾ قدم نه رکي ها ۽ ٻن- ٽن محاذن تي جنگ نه جوٽي ها. سندس اهو فني ۽ تهذيبي شعور ٻڌائي ٿو ته بلبل غير معمولي دماغ ۽ دل وارو ماڻهو هو. پاڻ سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ خوشامند ۽ چاپلوسيءَ جا اگر پاافتاده ۽ ڪريل معيار ۽ اصول قبول ڪري ها ته پوءِ  نه سندس فن رهي ها، نه شعور. پاڻ ٻين وانگر، انگريز جي نه ڪا خوشامد ڪيائين، نه انعام ورتائين، نه جاگير نه زمينداري، نه ڪرسي، نه خلعت! اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريز، کيس زير ڪرڻ لاءِ خلعت فاخره به ڏني، ۽ ڪرسي به آڇي، تلوار به ڏني ۽ لنگي به ٻڌائي! –پر سندس بيقرار روح، انهن ڦندن ۾ نه ڦاٿو. پڻ انهن سڀني چيزن کي قبول ڪرڻ کان پوءِ به بغاوت کان نه هٽيو، ۽ صلح تي آماده نه ٿيو. ٻيا خانبهادر به ٿيا، ۽ شمس العلماء به ٿيا، پر پاڻ ان تلوثات کان پالهو رهيو، ۽ ’طلسم فرنگ‘ جي خلاف جهاد جوٽيو آيو ۽ هر مسلمان تي، باطل جي نقاب ڪشائي ڪندو آيو.

بلبل ڪو، ڪٺ ملا، ناصح ۽ زاهد مرتاض نه هو. مرحوم بلبل مغربي خيالات، علوم و فنون، اختراع ۽ ايجاد جي تازگيءَ ۽ افاديت کان واقف هو. هن جديد علوم جي خلاف نه بغاوت ڪئي ۽ نه ڪفر جي فتوا ڏني، پر اعتدال ۽ احتياط سان انهن جي غلط اثرات تي ٽوڪيندو رهيو، جي هت نقاليءَ طور پيدا ٿيندا رهيا.

بلبل جديد طرز حيات ، علوم و فنون، ايجاد ۽ اختراع کي قدر جي نگاهه سان به ڏسندو رهيو، پر کيس ان غير ملڪي تهذيب جي سيلاب بيپناه ۾ پنهنجي آباء ۽ اجداد جي زندگي بخش ورثي جو خاتمو نظر آيو.

بلبل مشاهدو ڪيو ته جا قوم پنهنجي اصليت کي ڇڏي، غير ملڪي اقتدار ۽ اثرات جي زد ۾ اچي، پنهنجي تاريخي عظمت، پنهنجي ثقافت، پنهنجي ادب ۽ پنهنجي تهذيب کي ڇڏي ڏيندي، ان قوم جو روح ڪڏهن به زندهه نه رهندو. مغرب جي ڪورانه نقالي، ۽ مشرقي خاص طور اسلامي تهذيب و تمدن کان روگردانيءَ کيس هميشه پريشان ۽ نالان رکيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس طنزيه اشعار ۽ ظرافت آميز لطائف ان موضوع ئي تي ڪم ڪندا رهيا.

اهو ياد رهي ته بلبل جا مخاطب ديسي ۽ ڪارا صاحبلوڪ هئا، ۽ ان سان گڏ اهي غلامانه ذهنيت وارا بي ضمير ماڻهو هئا، جي انگريزن جي لنگيءَ ۽ پوتيءَ، القاب ۽ اعزاز تي پنهنجي انفراديت وڪڻي رهيا هئا، ۽ ڪي خانبهار ۽ خانصاحب ته ڪي شمس العلماء ۽ زبدةالحڪماء بنجي رهيا هئا. ان طبقي جي واڌ کيس پريشان  ڪيو ۽ انهن جي خلاف علي الاعلان چئي ڏنائين ته اهي انگريز جا پٺو ۽ ٽوڊي آهن. ان مان واضح آهي ته بلبل مغرب جي ترقي پسندانه علوم جي خلاف نه هو، پر مشرق جي اخلاقي زوال، باالخصوص سنڌين جي بيروح ۽ غلامانه نقاليءَ ۽ زوال جي خلاف هو. اهوئي سبب آهي جو ’بلبل‘ بروقت تنبيهه ڪئي ته قوم پنهنجي شاندار تهذيب ۽ شرافت کي ’پراون دهلين احمق نچي‘ وانگر فراموش نه ڪري، ورنه هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي.

بلبل جو انداز بيان:

بلبل جو فني ڪمال سندس زبان داني، شوخ انداز بيان، تشبيهات ۽ محاورات جي طنزيه استعال ۾ پوشيده آهي. کيس يقين هو ته محض پندونصائح، وعظ ۽ تقريربازيءَ سان ڪي به اصلاحي خيال پيدا نه ٿي سگهندا. ان ڪري پاڻ هڪ خاص هيئت ۽ طرزبيان ايجاد ڪيائين، ۽ پنهنجي طنز ۽ مزاح لطيف سان تمام وڏو ڪم ڪيائين. اهو ڪم هڪ مبلغ ۽ مصلح ئي ڪري سگهيو ٿي، جنهن ۾ شعوري پختگي ۽ فني جزالت ٿئي ٿي؛ جنهن جي دل و دماغ ۾ خيالات جو سيلاب بيپناهه، هردم روان ۽ دوان رهي ٿو؛ جنهن جي نظر حالات ۽ واقعات تي ناقدانه مگر شگفته، قاهرانه مگر سنجيده،  عالمانه مگر بصيرت افروز رهي ٿي. بلبل جي ان انفراديت کي، افسوس آهي جو اسان جي اهل وطن عالمن ۽ اديبن، ناقدن ۽ فنڪارن اڃا تائين سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.

بلبل جي سنجيده شخصيت:

مرحوم بلبل جي اڃا هڪ  تصوير جي ڪيفياتي نقشگري ڪرڻي اٿم. مرحوم بلبل جي فن کي سمجهڻ لاءِ برنارڊ شا جو نالو وٺڻ ضروري آهي.’شا‘ انگريزيدان طبقي لاءِ هڪ متعارف ۽ مانوس مزاحيه نگار آهي. ’شا‘ جي فن ۽ تنقيدي مزاح  جڏهن اهڙو رنگ نه ڄمايو، تڏهن ان جي تلافيءَ لاءِ ’شا‘ ڪجهه خارجي معاملات پيدا ڪيا. اول اول ماڻهن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ ’شا‘ ڏاڙهي وڌائي. ڏاڙهي به زوليده ۽ پيچيده، طول طويل، گهاٽي ۽ گهڻي، ان جو نڪو خط درست نڪو جاميٽري ۽ اقليدس جو اُسترو ڦيرايائين. بيڊنگ ڏاڙهيءَ سان سندس شڪل مهيب، رعبدار، خوفائتي ۽ ان کان زياده مسخريءَ جهڙي ٿي پئي. ان سانگ رچائڻ کان پوءِ ’شا‘ پنهنجي هيئت ۽ لباس ۾ به تبديلي آندي. سارو لباس ڳاڙهو پهريائين، ۽ هڪ قسم جو جوڪر بنجي پيو. اهي خارجي اثرات پيدا ڪري، پوءِ طعن ۽ تشنيع، طنز ۽ تنقيد جي زبان کوليائين. ان کان پوءِ مس مس وڃي ماڻهن کي متوجهه ڪري سگهيو. اهو ساڳيو سانگ اڪبر الهه آباديءَ به رچايو. اڪبر جي بوسيده ترڪي ٽوپي، ٻُچي ۽ زوليده ڏاڙهي، شيرواني جا ڪالر گم، بٽڻن وجهڻ جو اهتمام غائب، پيرن ۾ ڦاٿل ساٽل چمپل، سندس تصوير ڏسڻ سان ئي کِل وٺيو وڃي. اهو ساڳيو رنگ نظير اڪبر آباديءَ ۾ به موجود آهي. ان به جوڳين جو حليو اختيار ڪيو. گيڙوءَ رتا ڪپڙا پاتا. هٿ ۾ آديسين وارو چمٽو، مٿي تي مسخرن واري طول طويل ٽوپي پاتي.

منهنجو نقطه نظر هي آهي ته ’شا‘، اڪبر ۽ نظير جي مقبوليت لاءِ ڪجهه خارجي اثرات به آهن. انهن جي مقابلي ۾ بلبل نه سانگ رچايو، نه زوليده  ڏاڙهي رکي. نهايت پاڪيزه ۽ شريفانه لباس ۾ ملبوس، مٿي تي اعليٰ درجي جي پڳ، ڪپڙا بيش بها، صاف ۽ دلڪش، حليو جاذب ۽ ذوق نظر جي تسڪين جو باعث، هر موقعي تي سنجيده ۽ شگفته.  ان مان ثابت آهي ته فن ۾ جڏهن جزالت ۽ اصليت پيدا ٿئي ٿي، تڏهن فنڪار خارجي اثرات جي تڪلف ۽ تصنع کان بي نياز ٿي وڃي ٿو. بلبل جي ظريفانه ڪلام پڙهڻ کان پوءِ، جڏهن سندس تصوير ڏسجي ٿي، تڏهن طبيعت اهو قبول ئي نٿي ڪري ته ڪو ههڙي سنجيده ۽ شسته ماڻهوءَ جي قلم مان اهڙو ظرافت آميز، مزاحيه ۽ پر لطف، نمڪين ۽ تلخ ڪلام نڪتو هوندو. ان جي مقابلي ۾ ’شا‘ ۽ اڪبر جي تصوير ڏسڻ کان پوءِ :

صورت ببين، حالت مَ پُرس

وارو قصو اڳيان اچي ٿو. انهن کي ڏسڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته انهن جي افتاد طبع ۾ ئي طنز ۽ مسخري، مضحڪه ۽ مزاح سمايل آهي.’بلبل‘ مرحوم ان نقطه نظر سان به وڏو فنڪار معلوم ٿئي ٿو. اهو سندس’فن‘ پنهنجي داخلي محسوسات مان پيدا ٿيو. ڪي به خارجي تڪلفات ۽ مصنوعي تصنعات پنهنجي طرفان نه پيدا ڪيا ويا. اهوئي سبب آهي جو مان کيس ’اڪبر‘ کان زياده طناز تسليم ڪريان ٿو. ’اڪبر‘ متعلق هڪ نقاد ممتاز حسين چوي ٿو:

”’اڪبر‘ جو ظريفانه ڪلام تمام ٿورو آهي،

سندس غير ظريفانه ڪلام البته سرس آهي.“

ان جي مقابلي ۾ ’بلبل‘ جو ظريفانه ڪلام، نثر توڙي نظم ۾ جام آهي. ’اڪبر‘ جو ظريفانه ڪلام فقط هڪ پهلوءَ تي تلخ ۽ تند تنقيدون ڪندو رهيو، پر ’بلبل‘ زندگيءَ جي هر شعبي تي، ۽ معاشري جي هر مرض تي، اخلاقيات ، دينيات، تعليم ۽ تربيت، تهذيب ۽ رسومات تي گرفت ڪندو رهيو. سندس اها جامعيت سندس فن جي انفراديت آهي، جا ’اڪبر‘ وٽ مفقود آهي.

اڪبر جا چند مثال:

’اڪبر‘ وٽ ’فن‘ مزاح جي درجي ۾ نه پر ’هجويات‘ ۽ ظنزيات ۾ داخل آهي. اهوئي سبب آهي جو ’اڪبر‘ جي فن جي مطالعي کان پوءِ ’سر سيد جو ڪردار اُڀري ٿو اچي. اڪبر جو فن سرسيد احمد جي مقاصد ۽ طريقيڪار جي اردگرد گهمي رهيو آهي. ان جي مقابلي ۾ بلبل جي فن ۾ جامعيت آهي. بلبل ڪنهن به خاص شخصيت تي نقطه چيني نه ڪئي آهي، پر زندگيءَ جو همه گير جائزو وٺندو رهيو آهي. اڪبر جا چند مثال ٻڌو:

ٻيو شعر ٻڌو:

باهم شب ِ وصال، غلط فهميان هوئين

مجهه ڪو پري ڪا شبه هوا، ان ڪو ڀوت ڪا.

شيخ هن طرح خبر ورتي اٿس:

شيخ ڊرتي هين، ڪهين دم نه نڪل جائي مرا،

انس اس وجهه سي ڪم رکتي هين ياسين ڪي ساٿ.

عاشقن ۽ سندن هجر و وصال تي هن طرح طنز ڪري ٿو:

هجر ڪي يون رات ڪاٽو ڀائيو

ان ڪا فوٽو لي ڪي چاٽو ڀائيو

هم سي شب وصال وه بي ميل هوگئي

افسوس انٽرنس مين هم فيل هو گئي

ٻئي هنڌ گريجويٽ کي هن طرح لتاڙيو اٿس:

تو بهي گريجويٽ هي، مين بهي گريجويٽ

علمي مباحثي هون، ذرا پاس آڪي ليٽ

شاعريءَ تي هن طرح ٿو تنقيد ڪري:

حقيقي اور مجازي شاعري مين فرق هي اتنا

ڪه يه جامي سي باهر هي، وه پاجامي سي باهر هي

طرز ِ عمل تي هن طرح ٿو ٽوڪي:

ڪيون ڪر ڪهين ڪه طرز عمل ان ڪا نيڪ هي،

جب عيد مين بجائي سوئيون ڪي ڪيڪ هي.

مِس جي لونڊر جي هن طرح خبر ٿو وٺي:

هر چند ڪه هي مس ڪا لونڊر ڀي بهت خوب ،

بيگم ڪا مگر عطر حنا اور هي ڪچهه هي.

انگلستان جي مسافر لاءِ فرمان آهي:

سدهاري شيخ ڪعبي ڪو، هم انگلستان ديکين گي،

خدا ڪا گهر وه ديکين، هم خدا ڪي شان ديکين گي.

چندي متعلق فرمائي ٿو:

جدهر مسٽر ادهر دولت، جدهردولت ادهر چنده،

جدهر چنده ادهر آنر، جدهر آنر، ادهر بنده.

جناب شيخ جي قرآن خوانيءَ تي هن طرح طنز ٿو ڪري:

شيخ تثليث ڪي ترديد تو ڪر سڪتي هين،

گهر مين بيٺي هوئي وَالتيّن پڙها ڪرتي هين.

’والتين‘ تي تثليث جي آڙ ۾ طنز ملاحظه فرمايو.

ڪائونسل جي ووٽر تي لکي ٿو:

شيخ جي ڪونسل ڪي ووٽر هو گئي،

ليجئي ڇڪڙي سي موٽر هو گئي.

_

اس زماني مين اڙينگي ديکڪر قانون ڪي،

شيخ ني تهمد سي هجرت ڪي طرف پتلون ڪي.

شيخ جي اولاد جو حال اجهو هي آهي:

شيخ جي ڪي دونون بيٽي، با هنر پيدا هوئي،

ايڪ هين خفيه پولس مين، ايڪ ڦانسي پاگئي.

ليڊر جي تصوير هيءَ آهي:

قوم ڪي غم مين ڊنر کاتي هين حڪام ڪي ساٿ،

رنج ليڊر ڪو بهت هين، مگر آرام ڪي ساٿ.

قرآن خوانيءَ متعلق ارشاد آهي:

مري قرآن داني پر نه هون يون بدگمان حضرت،

مجهي تفسير ڀي آتي هي، اپنا مدعا ڪهيي.

مولي صاحب جو حليو هن طرح پيش ڪيو اٿس:

مولي صاحب نه بخشينگي، خدا گر بخشندي،

گهير هي لين گي پولس والي، سزا هو يا نه هو.

مولوي تي اڃا به هن طرح ٿو ڪاوڙ ڇنڊي:

برگڊ ڪي مولوي ڪو تم جانتي هو ڪيا هي،

انگلش ڪي پالسي ڪا عربي مين ترجمه هي.

جديد ماڻهن تي هن طرح ٿو طنز ڪري:

ڇوڙ لٽريچر ڪو، اپني هسٽري ڪو ڀول جا،

کا ڊبل روٽي، ڪلرڪي ڪر، خوشي سي ڦول جا.

حامده تي هن طرح ٿو طنز ڪري:

حامده چمڪي نه تهي، مغرب سي جب بيگانه تهي،

اب هي شمع انجمن، پهلي چراغ ِ خانه تهي،

تعليم لڙڪيون ڪي ضروري توهي مگر،

خاتون خانه هون، وه سبا ڪي پري نه هون.

انگريز تي هن طرح ٿو تنقيد ڪري:

راج انگلش ڪا، ملڪ هندو ڪا،

خدا حافظ هي، بهائي صلو ڪا.

لوگ هنستي هين جو پيش آتي هي يه حالت ڪبهي،

من ترا حاجي به گويم، تو مرا حاجي بگو.

ايڪ اخلاقي نظر مين اس سي تو بهتر هي يه،

من ترا پاجي به گيوم، تو مرا پاجي به گو.

’اڪبر‘ جا ٻه شعر پيش ڪجن ٿا، جي فارسيءَ تان سرقو ٿيل آهن. لکي ٿو:

بتون سي ميل خدا پرنظر، يه خوب ڪهي،

شب گناهه و نماز سحر، يه خوب ڪهي.

فٽن نفيس، سڙڪ خوشنما، ڊنر هر شب،

يه لطف ڇوڙ ڪي حج ڪا سفر، يه خوب ڪهي.

اصل فارسيءَ ۾ هن طرح آهي:

صنم پر خواب، خدا در نظر، چه خوش بادا ،

شب ِ گناهه، نماز ِ سحر، چه خوش بادا.

مڪان نفيس و بتان مہ لقا، زمان ياور،

به ترڪ اين هم حج وسفر، چه خوش بادا.

ملازمت پيشه تي هن طرح ٿو طنز پيش ڪري :

شوق ليلائي سول سروس ني مجهه مجنون ڪو،

اتنا دوڙايا،  لنگوٽي ڪرديا پتلون ڪو.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو :

جامه هستي ڪي ٽڪڙي هو رهي هين نزع مين،

ڦينڪئي اب ڪوٽ ڪو، تهه ڪيجئي پتلون ڪو.

مهذب جي تعريف هن طرح ٿو ڪري:

هوئي اس قدر مهذب، ڪڀي گهر ڪا منهن نه ديکا،

ڪٽي عمر هوٽلون مين، مري اسپتال جاڪر.

سر ’سيد‘  تي تنقيد هن طرح ٿو ڪري:

سيد اُٺي جو گزٽ لي ڪي تولاکون لائي،

شيخ قرآن دکاتا ڦرا، پئسه نه ملا.

’اڪبر‘ جي مٿين شعرن ۾ محض طنز برائي طنز آهي. جدت پسند ماڻهن تي، جديد تعليم تي، عالمن تي، مولوين تي، نهايت تلخ ۽ شدت آميز، ذاتي ۽ نفسي حملا آهن. ’اڪبر‘ جي ان قسم جي فن کي ’هجويات‘ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، ۽ نه مزاح ۾.

آءٌ اڳتي هلي مرحوم ’بلبل‘ جا اهي ساڳيا مضمون پيش ڪندس، ان مان اوهان کي اندازو ٿيندو ته ’مزاح ۽ طنز‘ جو فن ڇا آهي، ۽ ’بلبل‘ ڪهڙي ڪمال جو ماڻهو هو.

مرحوم ’بلبل‘ جي پوري فن ۾ شخصيت جو منافي امر هي به آهي جو سنڌ جي ڪن مؤلفن ۽ مقاله نگارن، ’بلبل‘ کي مرحوم حسنعلي افنديءَ جو دوست راست سڏيو آهي. ڪن اهل قلم برزگن ته مورڳو ’بلبل‘ جي انفراديت ۽ فن کي ختم ڪري، کيس افندي جو مثنيٰ قرار ڏنو آهي، حالانڪ ائين چوڻ دعوائي بي دليل محض آهي. ’بلبل‘ مرحوم سنڌ جي هر ترقي پسند ۽ تعميري گروهه سان شامل هو. تعليمي نصاب ۾ انقلاب جو قائل هو. هو ديني علوم سان گڏ سائنسي علوم جي حڪيمانه آميزش جو به قائل هو. هن ملن ۽ مدرسن جي پراڻي نصاب تي به تنقيد ڪئي آهي. پر ان سان گڏ هو سر سيد احمد جي ’ڪورانه تقليد‘ ۽ مغرب زدگي جي خلاف هو. ان متعلق پاڻ ’مسلمان ۽ تعليم‘ ۾ وضاحت ڪئي اٿس .

بلبل جي معرڪه آرا تقرير، جا آل انڊيا ايجوڪيشن ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ڪيائين، ان ۾ صاف صاف ٻڌايائين ته

’هن ملڪ ۾ ديني علوم سان گڏ جديد علوم جي آميزش ڪرڻ گهرجي. محض جديد علوم اسان جي ديني شعور، مذهبي طبع ۽ روحاني حيات لاءِ ناڪافي ٿيندا.‘

ان تقرير جو داد مولانا حاليءَ، نواب وقارالمڪ ۽ علامه شبليءَ پارن دل کولي ڏنو. ان کان پوءِ ان ڪانفرنس جيڪو طول طويل ريزوليشن پاس ڪيو، اهو نه فقط ’بلبل‘ تيار ڪيو هو، پر ان جو محرڪ به بلبل ئي بڻيو. اهو تاريخي ريزوليشن، عليڳڙهه جي نظام تعليم ۽ ڪور نه مغرب پرستيءَ جي خلاف هڪ چئلينج هو. ان وقت جي ارباب بست و ڪشاد ۽ انگريز گورنمينٽ جي اعليٰ افسرن کي پسند نه  آيو.

مرحوم افندي ، سرسيد جي ڪورانه تقليد ۾ وقت جي انگريز ڪمشنرن جي تائيد ۽ تجويزن سان، عليڳڙهه جي طرز تي مدرسي جي تعمير ڪئي، ۽ هوبهو اهو نصاب آندو جو عليڳڙهه ۾ مروج هو.

مرحوم آفنديءَ جو دست راست دراصل مرحوم ‘اٻوجهو‘ هو. مرحوم بلبل فقط چند سال مرحوم آفنديءَ جي رفاقت ۾ رهيو ۽ سندس اخبار ۾ ايڊٽ ڪيائين. خيالات جي هم آهنگيءَ نه هئڻ ڪري، ستت ئي اخبار کان به جند ڇڏايائين، ۽ مرحوم جي وفات کان پوءِ، انفرادي طور ڪم ڪندو رهيو.

مرحوم آفنديءَ جي خيالات ۽ طريق ِ ڪار، مقصد ۽ حالات جو پورو پورو نقشو مسدس اٻوجهي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ انگريزن جي مدح سرائي به آهي ۽ انهن جي نظام حڪومت لاءِ دعائون به آهن، حالانڪ هند  جي زعيم مشاهبير، انگريزن جي وڌندڙ اقتدار ۽ سيلاب بي پناهه کي تاڙي ورتو هو ته انگريزن جو نظام اسان لاءِ غلاميءَ جا اسباب پيدا ڪري رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو مرحوم افنديءَ  جي سوانح نگارن نه مرحوم ’بلبل‘ جي رفاقت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نه ڪو کيس ’دست راست‘ هجڻ جو شرف بخشيو آهي، ڇا لاءِ ته مرحوم‘بلبل‘جي تحرير ۽ تقرير، تنقيد  ۾ مزاحيه انداز ِ  نظر ۾ انگريزن کي پنهنجي تائيد ۾ هڪ حرف به نظر نٿي آيو؛ تنهنڪري افنديءَ  جي دست راست هجڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.

مرحوم حسن علي افنديءَ  جي سوانحعمري، مرحوم شمس العماعه  مرزا قليچ بيگ لکي آهي . اهو بزرگ بلبل جو همعصر هو، تاهم ساري ڪتاب ۾ ڪٿي به بلبل جو ذڪر خير نٿو ملي. رڳو بلبل کي مرحوم افنديءَ جي معاصرين، احباب ۽ معاونين ۾ به شمار نه ڪيو ويو آهي. مرحوم شمس العلماء جي اها ارادةً سهونه آهي، پر اها هڪ حقيقت آهي، ته بلبل مرحوم افنديءَ جي مغرب پرستانه خيالات ۽ سر سيد احمد جي جديد مذهبي افڪار جي سخت خلاف هو. بلبل مرحوم جا اهي نوٽ شاهد آهن، جن ۾ سرسيد احمد جي انهن اعتراضن جا جواب لکيا اٿس،  جي سرسيد احمد امام غزاليءَ  جي چند مختصر رسالن تي ڪيا آهن. اهي ساڳيا اعتراض دارالعلوم ديوبند جي بانيءَ مولانا قاسم نانوتويءَ به اڳتي هلي دهرايا آهن، ۽ سر سيد احمد جي خيالات ۽ معتقداد جي ترديد ڪئي اٿس.

انگريزن جي مدح سرائيءَ ۾ جو ڪجهه سر سيد احمد چيو آهي يا لکيو آهي، ان جو عڪس مسدس اٻوجهي ۾ موجود آهي. ان جي برعڪس، بلبل جي پوري علمي ۽ ادبي ذخيري ۾ نه هڪ _ اڌ مضمون هٿ ايندو، نڪو هڪ _ اڌ شعر ئي ملي سگهندو، جنهن ۾ انگريزي جي مدح بيان ڪيل هجي. ان مان صاف ظاهر آهي ته بلبل مرحوم هڪ انقلابي فڪر جو ماڻهو هو. هو انگريز پرست گروهه سان نه شامل هو ۽ نڪو انهن سان گڏجي ڪو ڪم ڪيائين. البته اصلاحي ڪمن ۾ ساڻن شامل رهيو.

مسدس اٻوجهي ۾ انگريزن جي مدح:

مسدس اٻوجهي جي حيثيت مرحوم حسن علي آفنديءَ لاءِ اهڙي آهي، جهڙي مسدس حاليءَ جي سرسيد احمد لاءِ.

مرحوم مولوي الله بخش اٻوجهو، انگريزن لاءِ رقمطراز آهي:

اسان کي خد، حاڪم عادل ڏياريو، اچي جنهن اسان ۾ سڌارو جياريو،

انهيءَ هڪ نظر سان سڀن کي نهايو،  سڀن کي انهيءَ فيض يڪسان ڏياريو،

ڏسو رحم جي پٺتي پئجي ويا ها،

انهيءَ همٿايو جي رهجي ويا  ها.

رعيّت سندو هال دانهون ٻڌي ٿو، سندن مال ۽ جان جي رک رکي ٿو،

سندن حال تي غور بيشڪ ڪري ٿو، ڪڍي اهنج کي سهنج سارا ڏئي ٿو،

جدا ٿي پون جي رعيّت جون دانهون،

مذبذب ٿئي ٿو هر حاڪم اتانهون.

ڏسو ٻاجهه سرڪار جي ماڻهن تي، سڀئي اختياريون عطا ٿيون انهن تي،

...                ...              ....

بريٽن سندا بار احسان آهن، جي انصاف سان ويري ويري وجهائن.

ان طرح مسدس اٻوجهي ۾ چند خاص عنوان آهن، جن ۾ انگريزن جي مدح ڪيل آهي _ جهڙوڪ: انگريزي راڄ ۾ آسائش، سندن سڌارا، اسلامي خصلتون، اهل مغربيه ۽ سندن عروج ۽ علم، سندن وڌارا، وغيره. مسدس اٻوجهي جي مرتب مرحوم محمد صديق مسافر، ڪتاب جي منڍ  ۾ مرحوم اٻوجهي جي سوانحعمري لکي آهي. ان ۾ مجمع محمدي جو قيام، حسنعلي افنديءَ جي خدمتگذاري، مدرسي لاءِ تحريڪ جو مفصل احوال لکيو اٿس، پر ڪٿي به مرحوم بلبل جو بيان ڪين آيل آهي؛ هر هنڌ اٻوجهي کي مرحوم افنديءَ جو دست راست لکيو اٿس.

ان طرح مجمع محمدي جو محرڪ به اٻوجهي کي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي ٻن مهينن جي ڪوشش کان پوءِ 16- مارچ 1884ع تي پهرين مجلس گڏ ٿي. ان ۾ ٽيهٺ ماڻهو حاضر رهيا. انهن ۾ مرحوم بلبل ڪين هو.

مسافر مرحوم لکي ٿو:

”مجمع محمدي قائم ڪرڻ ۽ سنڌ مدرسي جي بنياد ٻڌڻ ۾ مولوي صاحب مرحوم، سچ پچ ته خانبهادر حسنعلي مرحوم جو پرجوش ۽ اڻٿڪ رفيق بلڪ ساڄو بازو هو. “

مسافر مرحوم تمهيد ۾ لکي ٿو:

        ”سنڌ ۾ خدا تعاليٰ جي مهربانيءَ سان جهونن خواهه نوجوانن شاعرن جو سڪار هو، جهڙوڪ: حامد، فاضل، گدا، عاجز، سبزپوش، علوي، بلبل، سانگي وغيره وغيره؛ پر وطني حب ۽ قومي جذبات واري ڪلام جو سهرو فقط مولوي صاحب مرحوم جي سڳوري سر تي ئي سونهي ٿو.“ ( مسدس اٻوجهو: تمهيد)

مرحوم بلبل جو ذڪر جنهن خشڪ ۽  معمولي نموني ۾ ڪيو ويو آهي، اُن ۾ نڪو مجمع محمدي ۾ شموليت جو ذڪر آهي، نه مدرسي جي تحريڪ ۽ تعاون جو ذڪر آهي، نڪو ڪو دست راست هجڻ جو اشارو آهي، نڪو افنديءَ جي مصاحبن ۽ رفيقن ۾ بلبل جو ذڪر آهي.

        ان طرح مرحوم مسافر مسدس  ۾ جي نوٽ هنيا آهن، ۽ جتي مختلف رفيقن ۽ ڪارڪنن جا نالا ڏنا آهن، اتي ڪٿي به بلبل مرحوم جو ذڪر نه آندو اٿس. لکي ٿو:

        ”مجمع محمدي جي تحريڪ اصل ۾ ڪلڪتي ۾ شروع ٿي هئي. ان جو سيڪريٽري جناب آنريبل سيد امير علي بار ايٽ- لا هو، جنهن گورنر جنرل ۽ پارليامينٽ کي عريضيون ڪيون ته مسلمان تباهه ٿي ويا آهن، سندن سڌاري جو ڪو بندوبست ٿئي.“ ( مسدس اٻوجهو)

”ان کان پوءِ سنڌ  1880ع ۾ مجمع محمدي جو بنياد وڌو ويو، پر هلي نه سگهيو. آخر 1884ع ۾ جڏهن ميان حسنعلي ڪلڪتي جو سير ڪري موٽي آيو، تڏهن مولوي الله بخش ملاقات لاءِ وٽس ويو. تڏهن جناب افندي صاحب ڪلڪتي جي مجمع جون ڳالهيون ۽ مسلمانن جا سڌارا چئي ٻڌايا.“ (مسدس اٻوجهو)

        ”16- مارچ 1884ع تي مولوي الله بخش پنهنجي مڪان تي مجلس گڏ ڪئي، جنهن ۾ ٽيهٺ ماڻهو حاضر ٿيا. مولوي الله بخش جي خواهش ۽ سيٺ فتح عليءَ جي تائيد سان خانبهادر حسنعلي صدر مقررٿيو.“

        ”ان کان پوءِ 1884ع کان 1885ع تائين شڪارپور، لاڙڪاڻو، سکر ۽ حيدرآباد ۾ شاخون کوليون ويون.“ (مسدس اٻوجهو)

        مجمع محمدي ۽ ان کان پوءِ تعليمي تحريڪ جو زمانو 84ع کان 85ع تائين آهي ۽ مرحوم ’بلبل‘ جي افندي مرحوم سان ملاقات 1889ع ۾ ٿي، ۽ افندي مرحوم1895ع ۾ وفات ڪئي. بلبل 5-6 سال افندي ءَ جو دۇر ڏٺو، ۽ سندس اخبار جي ايڊٽ به ڪئي ۽ ڪي تعليمي مشهورا به ڏنا. پر انهن جي حيثيت اهڙي رهي جو نڪو شمس العلماعه مرزا قليچ بيگ مرحوم افنديءِ جي سوانح ۾ بيان ڪئي آهي، ۽ نڪو مرحوم مسافر’اٻوجهي‘ جي سوانحعمريءَ ۾ آندي آهي. مرحوم لکي ٿو:

        ”قومي جذبات واري ڪلام جو سهرو فقط مولوي صاحب مرحوم جي سڳوري سر تي سونهي ٿو.“

حالانڪ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پير حسام الدين راشدي، حاجي محمود خادم ۽ ڊاڪٽر خليل صاحب پاران عالم ۽ اديب متفقه طور لکي چڪا آهن ته قومي جذبات جي ترجماني سڀ کان اول مرحوم ’بلبل‘ ڪئي آهي.

        ٻيو ته انگريزن هر طرح سان ’سٻوجهي ۽ اٻوجهي‘ يعني مرحوم افنديءَ ۽ مرحوم مولوي الله بخش کي پئي نوازيو. ان جي مقابلي ۾’بلبل‘ مرحوم القاب ۽ انعام کان پري رهندو آيو.

مرحوم آفنديءَ کي خانبهادر جو لقب:

مرحوم آفنديءَ جڏهن  ته سنڌ ۾ سرسيد احمد وارو ڪم ڪيو ۽ انگريزن جي نظام کي نه فقط ساراهيو، پر ان سان عملي تعاون به ڪيائين. اهل ِ علم آفيسر طبقي کي ملڪ ۾ پيدا ٿيل تحريڪن کان پاسي تي رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان جي صلي ۾ کيس خانبهادريءَ جو خطاب مليو. مرحوم شمس العماء مرزا قليچ بيگ ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي ڪمشنر ڪرنل واليس جِي گورنر کي موڪليل سفارش ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر بولٽن جي سفارش ۽ لارڊ ڊفر گورنر جنرل هند جو پروانو شايع ڪيا آهن.

ڪرنل واليس لکيو آهي:

”منهنجي صلاح آهي ته هن کي خانبهادريءَ جي لقب جي ڏيارڻ جي سرڪار کي سفارش ڪجي. انهيءَ ڪري سنڌ جا مسلمان خوش ٿيندا ۽ انهيءَ مهربانيءَ جو قدر ڪندا.“

ان طرح 1887ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر بولٽن پڻ سفارش ڪئي ۽ لکيائين:

”اڳوڻو خط سال 1884ع وارو ڇڪائي آءٌ مناسب موقعو ڄاڻي وري سفارش ٿو ڪريان ته مسٽر حسنعلي تعليم جي ڪم  ۾ سنڌ  جي مسلمانن کي گهڻي قدر مدد ڪئي آهي. هاڻي ملڪه معظمه جي جوبليءَ جو تمام چڱو موقعو آهي.... هن سان گڏ ٻيا به ڪي ڪاغذ موڪليان ٿو.“

        انهن سفارشن مان صاف ظاهر آهي ته انگريزن ڪهڙي مصلحت سان کيس لقب ڏنو هوندو! ان جي مقابلي ۾ مرحوم ’بلبل‘ جو ڪردار مولانا شبليءَ وارو سمجهڻ گهرجي، جو اول اول سر سيد احمد سان شريڪ ڪار هو، پر پوءِ سر سيد احمد جي انگريز نوازيءَ کان بيزار ٿي، جدا ٿي ويو ۽ ” ندوة العلماعه“ جي تحريڪ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ديني تعليم جي اهميت تي زور ڏنائين. ان طرح ’اٻوجهي‘ جو ڪردار مولانا حاليءَ وارو سمجهڻ گهرجي، جنهن حاليءَ جو مسدس ٿوري ڦيرڦار سان ترجمو ڪيو ۽ حاليءَ وانگر مرحوم آفنديءَ جو هر معاملي ۾ ساٿ ڏنائين.

        هن هيتري بحث مان اها ڳالهه ته صاف ٿي چڪي آهي ته مرحوم ’بلبل‘ انگريزن جي وڌندڙ اثر ۽ اقتدار کي پنهنجي دور رس نگاهه سان پرکي چڪو هو. اهوئي سبب آهي. جو انگريز پسند نقالن ۽ ٽوڊين کي ور ور ڪري ٽوڪيندو رهيو. انهن جي بودوباش ۽ نشن ۽ برخواست، حال ۽ چال جذبات ۽ خيالات تي طنزيه انداز ۾ ڌڪ هڻندو آيو. اهوئي سبب آهي جو انگريز پسند آفيسر ۽ مصلح، تعليمي ڪارڪن ۽ ماهر، ۽ خود انگريز اعليٰ عملدار سندس ان نقطه نگاهه  کان ڇرڪندا رهيا. ’بلبل‘ جي مقبول شخصيت ۽ مقبول فن جي خلاف ڪوبه قدم کڻي نه سگهيا، البته کيس مطيع ڪرڻ لاءِ آفرين ناما موڪليندا رهيا، پر هي عنقا صفت نقاد ڪنهن جي به شڪار ۾ نه ڦاٿو.

ڀلا انگريز ۽ ان جا نقال ٽُوڊي، هن قسم جو ڪلام پسند ڪندا؟

آهي نئين تعليم گڙٻڙ درجهان انداخته،

حرڪتون شيطان آڻي درجهان انداخته.

عمر ساري علم انگريزيءَ ۾ ئي پوري ڪري،

اڄ هنر ۽ ڪسب کي گهر ۾  نهان انداخته.

علم انگلش جو ڏسي اڄ زور’بلبل‘ بيگمان،

عقل اهڙي وقت در تاب و توان انداخته.

يا

گرچه ڪارو منهن اٿم ته به ڪاڻ نانهن،

ٽوپلو پائي، حماقت ٿو گهران.

يا

عقل ۾ آڻي شريعت کي تمام، دين ايمان پنهنجو غارت ٿو گهران.

ڀل مرتد هي چون مُلا مگر، مان ته انگريزن ۾ عزت  ٿو گهران.

لائي چشمو، چست چاڙهي سوٽ بوٽ، مثل صاحبلوڪ صورت ٿو گهران.

مرحوم بلبل جو سارو فن ان دۇر جي تعليمي ۽ تهذيبي ماحول جو شديد رد عمل آهي. ان رد عمل جا اسباب ڪهڙا آهن؟ اهو هڪ طويل تاريخي داستان آهي. ان متعلق اسان وٽ ٻه رايا موجود آهن. هڪڙا عالم اهي آهن، جو جوخيال آهي ته ان دۇر ۾ انگريزن جي تهذيبي اتباع ۽ سندن نظام تعليم جي تحصيل ضروري امر هو. مسلمان حد کان وڌيڪ پسمانده ٿي چڪا هئا. انهن جي نئين سر اُڀرڻ  لاءِ انگريزن  جي نصاب جي تدريس لازمي چيز هئي. ان گروهه جو سرپرست سرسيد احمد مرحوم هو. ٻيو گروهه اهو هو، جنهن جو خيال هو ته ڌاري  ۽ پرديسي تهذيب ۽ نظام تعليم سان اسان جي نئين نسل جي تهذيبي، فڪري، علمي ۽ اخلاقي ڪاياپلٽ ٿي ويندي ۽ پوءِ نه هت هندو هندو رهندو، نه مسلم مسلم؛ هڪ اهڙي گڊوڙ ۽ مرڪب تهذيب پيدا ٿيندي، جا اسان جي مذهب ۽ تهذيب کي ناس ڪري ڇڏيندي. اها معتدل راهه ورتي وڃي جو جديد علوم سان گڏ قديم علوم به پاڙهيا وڃن، جيئن هندستاني آبادي جي مذهبي ۽ تهذيبي حيثيت برقرار رهي سگهي.

        ان سلسلي ۾ شبليءَ ۽ اڪبر الهه آباديءَ، سر سيد احمد جي جدت پسند سرگرميءَ جي مخالفت ڪئي، پر حاليءَ موافقت ڪئي. ان طرح سنڌ ۾ مرحوم حسن عليءَ آفنديءَ سر سيد جي مؤقف ۽ نظام کي نه فقط تسليم ڪيو، پر ان بنياد تي درسگاهه کي قائم ڪرڻ لاءِ جهدوجهد ڪئي، ۽ ان دۇر جي انگريز آفيسرن جي امداد ۽ تعاون، سرپرستيءَ ۽ سربراهيءَ سان ڪاميابي حاصل ڪئي. مرحوم بلبل سنڌ ۾ شبليءَ  ۽ اڪبر الهه آباديءَ جي مؤقف جي تائيد ڪئي. آل انڊيا ايجوڪيشن ڪانفرنس ۾ سندس زوردار، پر جوش، مدلل ۽ معقول تقرير کي سڀني ساراهيو. سندس اهي تقريرون  ۽ تجويزون سندس ڪتاب، ’مسلمان ۽ تعليم‘ ۾ موجود  آهن. ان طرح ڪانفرنس جي ڪاروائيءَ ۾ به آيل آهن.

        اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ٻنهي گروهن مان صحيح ڪير هو؟ پر جيستائين اخلاق ۽ نيڪ نيتيءَ جو دخل آهي، تيستائين ائين چئي ٿو سگهجي ته شبلي، اڪبر ۽ بلبل پارن جا خدشا ان دۇر ۾ زوردار دلين تي مبني هئا. ان سلسلي ۾ ان دۇر جي تعليمي حالات جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.

        آغاز: عام طور هر ڪنهن جي زبان تي اها ڳالهه آهي ته مسلمانن کي هندستان جي عالمن ” جديد تعليم“(1) کان روڪيو آهي، اهي ئي مسلمانن جي تعليمي پسماندگيءَ لاءِ جوابدار آهن. ان لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته تاريخ ۽ تحقيق ان نظريي جي ترديد ٿي ڪري. ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته امام الهند شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي فرزند، حضرت شاهه عبدالعزيز دهلويءَ کان وٺي مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ، مولانا عبدالحي لکنوي فنگي محلي ( وفات1887ع )، مولانا شبلي، مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا محمد قاسم نانوتوي، شيخ الهند مولانا محمود الحسن، مولانا عبيدالله سنڌي، وغيره عالمن انگريزي  تعليم جي جائز هجڻ جون فتوائون ڏنيون آهن. مولانا عبدالحي لکنوي 1887ع ۾ جڏهن انگريزي تعليم پڙهڻ جي جواز جي فتوا ڏني آهي، ان دۇر ۾ سر سيد احمد جي ’تعليمي تحريڪ‘ جي ابتدا هئي. عالمن صاف صاف لکيو آهي ته ڪابه لغت، زبان، علم ۽ فن نه حرام آهي ۽ نه ناجائز، بلڪ زبانن جو اختلاف به نعمت آهي، جيئن قرآن ۾ آهي : ” خلق السموات و الارض و اختلاف اسنتڪم و الوانڪم ان في ذالڪ لايات اللعالمين“ (رعد)

        ڪانگريس جي دۇر ۾ وديا مندر اسڪيم ۽ واراڌا اسڪيم کي به عالمن چند ترميمن سان قبول ڪيو هو.

        سرسيد احمد جي راءِ:- ان دور جي عالمن متعلق سر سيد احمد فرمايو ته ” وڏن وڏن قدوسي عالمن گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ تجويز ڪئي آهي ته ’انگريزي تعليم‘ سان گڏ مذهبي تعليم به ڏيڻ گهرجي، ۽ درسي ڪتابن مان عقائد، فقهه، اصول تفسير، حديث، علم ڪلام به ’انگريزي‘ سان گڏ پڙهائجي، جيئن مذهبي عقيدا به پختا ۽ درست ٿين“

(تهذيب الاخلاق ص 153)

        سر سيد احمد مرحوم صاف ٻڌايو آهي ته عالمن جا تقليدي مذهبي ڪتاب انگريزي تعليم سان  گڏجي ” لامذهبيت ۽ بداعتقادي“ پيدا ڪندا! سر سيد جي اها راءِ نهايت صحيح آهي، ۽ ان جو مشاهدو اڄڪلهه ڪري رهيا آهيون. حاصل مطلب ته اهو چوڻ ته علماء انگريزي تعليم جي خلاف آهن، اهو تاريخي طور درست نه آهي. اها به حقيقت آهي ته ماڻهو اختلاف ۽ ضد جي وقت اعتدال تي قائم رهي نه سگهندا آهن. انگريزن جي خلاف عالم اعتدال کان متجاوز ۽ سختگير ٿي چڪا هئا. اهو دۇر انقلابي بحران جو دۇر هو. انگريزن نهايت ظلم ۽ تشدد، بي ايماني ۽ مڪاريءَ سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي آڙ ۾ مسلمانن جي هڪ هزار وريهن جي تخت ۽ تاج کي ختم ڪيو هو. اهڙي دور ۾ غيرت ۽ مذهبي جذبي وارا ملا ۽ مولوي هر چيز جي سخت خلاف هئا، ۽ ان سان گڏ انگريزي تعليم جي خلاف سندن نفرت ۽ حقارت حد کان ٻاهر نڪري چڪي هئي. سندن اها غير معتدل نفرت انساني فطرت موجب واجب هئي. دشمن جي ترار سان به دشمني ٿئي ٿي. ترار جو وڍيل، قلم کان به ڪنبندو آهي.

        هاڻي اهو سوال رهيو، ته چڱو، عالمن به جديد تعليم کان منع نه ڪئي هئي ته پوءِ ڀلا مسلمانن جي تعليمي زوال جو جوابدار ڪير آهي؟

        ان جو جواب به ٻڌو، جو دراصل هڪ درد انگيز ۽ خونچڪان ٽريجڊي (tragdy) آهي، ۽ ان سان گڏ سبق آموز آهي، ۽ عبرت خيز پڻ!


(1)  دور برطانيا جو ”نظام تعليم“، ملا مخزن  حيدراباد، 2_ آڪٽوبر 1953ع، از غ.م. گرامي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com