”ايوب پل“
(سنڌونديءَ تي، روهڙيءَ ۽ سکر وٽ، اڳوڻي لئنسڊائون
پل جي ڀرسان تازو ٺهيل.)
ائٽمي تجربن تي جزوي بندش جو معاهدو
5_ آگسٽ 1963ع تي، روس ملڪ جي ماسڪو شهر ۾، دنيا جي ٽن وڏين
طاقتن_ آمريڪا، برطانيه ۽ روس جي نمائندن، ائٽمي
تجربن تي بندش وجهڻ جي سلسلي ۾ هڪڙي مختصر معاهدي
تي صحيحون ڪيون، جنهن موجب، زير زمين ائٽمي تجربن
کي ڇڏيندي، سمنڊن ۾، فضا ۾، ان جي حدن کان اڳتي، ۽
ٻاهرئين خلا ۾، هر قسم جي ائٽمي ڌماڪن جو خطرناڪ
سلسلو ختم ٿي ويو: اِهو دنيا جي تمدني تاريخ جو هڪ
يادگار ڏينهن، ۽ انسانذات جي اجتماعي شعور جو هڪ
عظيم نشان آهي. ائٽم جي بي پناهه طاقت جي وجود ۾
اچڻ سان، گذريل ٻن ڏهائي سالن کان، دنيا جو نئون
دور جاري ٿيو؛ ۽ ائٽم جي تعميري ۽ تخريبي استعمال
جي فرق کي محسوس ڪرڻ بعد، دنيا هاڻي هڪ نرالي دۇر
۾ داخل ٿي رهي آهي: انسان کي پنهنجي روشن مستقبل
طرف هيءَ نئين روانگي مبارڪ!
جنگي هٿيارن جي تجربن لاءِ ائٽمي ڌماڪن تي، توڙي ٻين
سڀني قسمن جي ائٽمي ڌماڪن تي، هيءُ ’جزوي بندش‘ جو
معاهدو آهي، جنهن موجب، امن جي وقت ۾، ٽن ماحولن ۾
تجربن ڪرڻ تي روڪ وڌي ويئي آهي، فضا ۾، سمنڊن ۾، ۽
ٻاهرئين خلا ۾.. زير زمين ائٽمي تجرن جي اجازت
رهندي، بشرطيڪ انهن مان خارج ٿيندڙ ريڊيائي
تابڪاريءَ واري زهيرلي مادي جا اثر فقط تجربي ڪندڙ
ملڪ اندر محدود رهندا. 1955ع ۾ ڪيل آسٽريا واري
امن جي معاهدي کان پوءِ، مشرق ۽ مغرب جي وچ ۾ هيءُ
پهريون وڏو امن جو معاهدو آهي.
معاهدي جي ’مهاڳ‘ ۾ هيءَ ڳالهه سڀ کان پهرين واضح ڪئي وئي آهي
ته معاهدي ۾ شامل ٿيندڙ ڌرين جو اصل مقصد، اڳتي
هلي، هڪ اهڙي معاهدي تي متفق ٿيڻ آهي، جنهن موجب،
ائٽمي هٿيارن سميت، سڀني قسمن جي جنگي هٿيارن جي
تجربن ۽ تياريءَ تي سدائين لاءِ ’مڪمل بندش‘ وڌي
وڃي: هيءُ معاهدو انهيءَ بنيادي مقصد تائين پهچڻ
جي ابتدائي ڪڙي آهي. انساني ماحول کي موتمار زهري
گئسن سان ٽمٽار ٿي وڃڻ کان بچائڻ جي خواهش
ڏيکاريندي، معاهدي جي ’مهاڳ‘ ۾، دنيا تان جنگي
هٿيارن جي ڊوڙ کي هميشہ لاءِ ختم ڪرڻ واري اصل
مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڳالهين کي جاري رکڻ جي
عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ کان،
ائٽمي تجربن تي جزوي بندش جو هيءُ مختصر ۽ محدود
معاهدو، دراصل، امن ڏانهن دنيا جي اجتماعي
پاليسيءَ جو بنيادي پٿر آهي.
فقري نمبر 1 موجب، معاهدي ۾ شامل ٿيندڙ ڌريون نه رڳو معاهدي هيٺ
منع ڪيل ائٽمي تجربن کان خود باز رهنديون، بلڪ ٻئي
ڪنهن ملڪ کي به ان لاءِ مدد نه ڪري سگهنديون.
فقري نمبر 2 موجب، معاهدي ۾ شامل ٿيندڙ سڀني ڌرين کي ان ۾ ترميم
پيش ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي، ۽ ان کي منظور ڪرڻ
لاءِ ڪثرت راءِ کي ضروري ٺهرايو ويو آهي. ساڳئي
وقت، ان تي عمل صرف تڏهن ڪيو ويندو، جڏهن راءِ
ڏيندڙ حڪومتون انهيءَ ترميم بابت پنهنجي عوام جي
نمائندگي ڪندڙ اسيمبلين طرفان بحاليءَ جون سندون
پيش ڪنديون.
فقري نمبر 3 موجب، دنيا جي سمورن ملڪن لاءِ هن معاهدي ۾ شامل
ٿيڻ جا دراوزا کُلا رکيا ويا آهن. معاهدو ڪندڙ اصل
ڌريون_ روس، آمريڪا ۽ برطانيه_ ٻين ملڪن کان هن
معاهدي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ قبوليتون وصول ڪنديون، ۽
پڻ سڀني ملڪن جي حيثيت فقط معاهدي ۾ شامل ٿيندڙ
ڌرين يا رياستن واري رهندي، جنهنڪري مشرق يا مغرب
جي وڏين طاقتن طرفان ڪن خاص ملڪن جي حڪومتي حيثيت
کي تسليم نه ڪرڻ جو مسئلو به اثرانداز نه ٿي
سگهندو_ مثلاً: اولهه ۽ اوڀر جرمني، ۽ چين جي الڳ
الڳ حڪومتن جا مشهور مسئلا.
فقري نمبر 4 موجب، ڪابه ڌر هن معاهدي کان پاڻ کي الڳ ڪري سگهي
ٿي، ”جيڪڏهن اها فيصلو ڪري ته ڪن غير معمولي حالتن
جي ڪري سندس ملڪ جي اعليٰ مفادن کي نقصان پهچي
رهيو آهي“ ۽ معاهدي ۾ رهڻ سان انهن جو تدارڪ
ناممڪن آهي: يعني جنگي يا دفاعي ضرورت، يا ڪنهن
حريف ملڪ طرفان معاهدي جي النگهن ڪرڻ جي حالت ۾،
ملڪي مفاد خاطر، ڪوبه ملڪ، هن معاهدي مان آزاد ٿي،
منع ڪيل ائٽمي تجربا وري شروع ڪري سگهي ٿو.
مٿئين جائزي مان ظاهر ٿيندو ته هيءُ هڪ محدود معاهدو آهي، جيڪو
ائٽمي تجربن ۽ هٿيارن جي تياريءَ تي مڪمل روڪ نٿو
وجهي (زير زمين تجربا جاري رهندا)، ۽ پڻ اهو زياده
تر اخلاقي نوعيت جو آهي، جنهن جي پابنديءَ لاءِ ڪي
به ضمني شرط شروط ڪين آهن؛ پر دنيا جي موجوده نازڪ
صورتحال کي آڏو رکيو ويندو ته هيءُ معاهدو هڪ وسيع
۽ اهم ڪارنامو معلوم ٿيندو. جيڪڏهن زياده کان
زياده ملڪ هن معاهدي سان وابسته ٿي ويا، ۽ عملي
طرح ان جي پوئواري ڪئي ويئي، ته پوءِ خودبخود ان
مان تمام ٺوس ۽ دور رس فائدا اُپڙي سگهندا.
گذريل 10_ آڪٽوبر 1963ع کان هيءُ معاهدو باقاعدي عمل ۾ اچي چڪو
آهي، ۽ هيستائين هڪ سئو کان مٿي ملڪ ان کي قبول
ڪري چڪا آهن، جن مان پاڪستان به هڪ آهي. مجموعي
طرح، سڄيءَ دنيا ۾ هن معاهدي جو زبردست خيرمقدم
ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري، يقين ڪري سگهجي ٿو ته
هيءُ معاهدو پنهنجا ڪامياب نتيجا جلد ظاهر ڪندو.
سردست ان مان هيٺيان اهم فائدا حاصل ٿين ٿا:
(1) اول ته هيءُ معاهدو پنهنجي سر ئي هڪڙو سڀ کان وڏو فائدو
آهي. دنيا ۾ هن وقت ائٽمي هٿيار رکندڙ ملڪ رڳو روس
۽ آمريڪا آهن_ ٻئي هڪٻئي جي فوجي برتريءَ کي
تسليم ڪرڻ کان انڪاري، ۽ تنهنڪري ٻيئي اڃا به وڌيڪ
خطرناڪ هٿيارن جي تياريءَ ۽ جستجوءَ ۾ ڏينهن رات
مصروف. دنيا هن وقت جنگ ۽ امن جي معاملي ۾ اهڙي
نازڪ مرحلي تي پهچي چڪي آهي، جنهن ۾ صرف هڪڙي منٽ
اندر فيصلو درڪار ٿئي ٿو. ڪنهن به وقت، دنيا جي
ڪنهن به حصي ۾، جنهن سان ’وڏين طاقتن‘ جا مفاد
وابسته هجن، غلط فهميءَ سببان ئي، ڪو مقامي تنازو
به ائٽمي جنگ جو باعث بنجي سگهي ٿو. انسانذات،
انهيءَ ڪري، هڪ مستقل خوف ۾ مبتلا آهي. اهڙيءَ
صورتحال ۾ ٻنهي ائٽمي هٿيار رکندڙ مکيه طاقتن جي
وچ ۾ هن قسم جو معاهدو ٿيڻ، انهن ٻنهي طاقتن طرفان
هن ڳالهه جي علي الاعلان اعتراف جي برابر آهي ته
دوبدو ائٽمي جنگ جي حالت ۾ ڪنهن به ڌر کي ’فتح‘ جو
يقين ڪونهي (ڪيوبا جو گذريل آڪٽوبر وارو واقعو ان
جو مثال آهي). انهيءَ ڀرم جي فاش ٿيڻ بعد، نه رڳو
جنگ جا امڪان گهٽ ٿين ٿا، بلڪ مشرق ۽ مغرب درميان
موجوده بين الاقوامي ڇڪتاڻ ۾ به ٺاپر اچڻ جي توقع
آهي، جنهن سان امن جون وڌيڪ راهون روشن ٿينديون.
(2) روس ۽ آمريڪا کان علاوه، برطانيه سميت، دنيا جا ٻيا ڪيترائي
ملڪ هاڻي ائٽمي هٿيارن ٺاهڻ ۽ انهن لاءِ تجربن ڪرڻ
جا سانباها ڪري رهيا آهن. جيتريقدر وڌيڪ ملڪن وٽ
ائٽمي هٿيار موجود ٿيندا، اوتريقدر انسانذات لاءِ
وڌيڪ مصيبت پيدا ٿيندي. موجوده رفتار سان، آمريڪا
جي مقتول صدر جان ڪئنيڊيءَ جي اندازي موجب، 1970ع
تائين دنيا ۾ ائٽمي هٿيار رکندڙ ملڪن جو تعداد 15
يا 20 يا 25 ٿي ويندو! هن معاهدي سان ائٽمي هٿيارن
جي ڦهلاءَ ۾ ڪمي ايندي. ائٽمي هٿيارن لاءِ تجربن
جي تياري ڪندڙ ڪيترائي ملڪ هن معاهدي سان متفق ٿي
چڪا آهن. هاڻي اهي ائٽمي قوت وڌائڻ به چاهيندا ته
فضا ۾ تجربن تي بندش سبب، زير زمين تجربن ذريعي،
ائين ڪرڻ کين وڌيڪ ڏکيو ۽ وڌيڪ مهانگو ڇٽندو.
(3) فضا ۾ تجربن تي بندش سبب، هوا ۾ زهري گئسن جو اضافو روڪجي
ويندو، جنهن جي ڪري هونئن سڄيءَ دنيا جي موجوده ۽
آئنده نسلن جي صحت ۽ طبعي سالميت سخت خطري ۾ هئي.
(4) اڄڪلهه فوجي طاقت ۽ دفاعي پاليسيءَ جو دارومدار فقط ائٽمي
قوت تي سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري مشرق توڙي مغرب
جا سمورا ملڪ ٻن مختلف بلاڪن ۾ ورڇجي ويا آهن، ۽
هڪ نه ٻيءَ وڏيءَ طاقت سان وابسته ٿي، سياسي يا
اقتصادي يا نظرياتي طور، هو انهن جا محتاج بنجي
ويا آهن. ٻئي طرف، ائٽمي هٿيارن جي لامحدود
تياريءَ تي خرچ ٿيندڙ اٿاهه دولت سڄيءَ دنيا جي
عوامي وسيلن مان ئي غصب ڪئي وڃي ٿي، جنهنڪري
مستقبل ۾ انسانذات جي فلاح ۽ شرافت جو تصور
غيريقيني بنجي ويو آهي. انهن حالتن جي تبديلي، هن
معاهدي سان تعلق رکندڙ انهن اڪيچار حالتن جي سلسلي
سان عمل ۾ اچڻ لڳندي، جيڪي ٻين فائدن منجهان
اُسرنديون.
صدر ڪئنيڊيءَ جي لفظن ۾، هيءُ معاهدو ”امن ڏانهن هڪ قدم، جنگ
کان دوريءَ ڏانهن هڪ قدم، ۽ معقوليت ڏانهن هڪ قدم“
آهي. دنيا جي سڀني سمجهدارن، عالمن ۽ اديبن،
استادن ۽ شاگردن جو فرض آهي ته هو امن، آزاديءَ ۽
معقوليت ڏانهن وڌايل هن هڪڙي قدم کي ڪامياب بنائي،
ان کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين قدم کڻڻ لاءِ انسانذات
۾ حوصلو ۽ بيداري پيدا ڪن، جيستائين هر ملڪ کي امن
۽ آسودگيءَ جي آزاد زندگي حاصل ٿئي.
”مهراڻ“
جي پڙهندڙن لاءِ، هيٺ اسين اصل معاهدي جو سنڌيءَ ۾
ترجمو پيش ڪري رهيا آهيون.__ ش.ح.
(معاهدي جو متن)
مهاڳ
يونين آف سويٽ سوشلسٽ ريپبلڪس (روس)، گريٽ برٽن ۽ ڏکڻ آئرلنڊ جي
گڏيل سلطنت (برطانيه)، ۽ آمريڪا جي گڏيل رياستن
جون حڪومتون، جن کي هن معاهدي جون ’اصل ڌريون‘
سڏيو ويندو، اعلان ٿيون ڪن ته:
سندن اصل مقصد آهي ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي، اقوام متحده جي
اصولن پٽاندر، بين الاقوامي ضابطي هيٺ، سڀني قسمن
جي هٿيارن تي مڪمل بندش جو ٺاهه ڪيو وڃي، جنهن
وسيلي هٿياربنديءَ جي ڊوڙ جو انت اچي، ۽ سڀني قسمن
جي هٿيارن جي پيدائش ۽ انهن جي تجربن جي حوصله
شڪني ٿئي، جن ۾ ائٽمي هٿيار به شامل آهن:
ائٽمي هٿيارن جي سڀني تجرباتي ڌماڪن کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ
خاطر، باهمي گفتگو کي جاري رکڻ جو عزم ڪندي، ۽
انسانذات جي ماحول کي زهريلن گئسن جي وڌيڪ اثر کان
بچائڻ جي خواهش رکندي، ٽيئي حڪومتون هيٺين ڳالهين
تي متفق ٿيون آهن:
فقرو پهريون
1- هن معاهدي جي هر هڪ ڌر، پنهنجيءَ حد يا اختيار واري ڪنهن به
علائقي ۾، هر قسم جي ائٽمي هيٿارن جي تجرباتي
ڌماڪن يا ڪنهن به طرح جي ائٽمي ڌماڪن کان باز
رهڻ، انهن کي روڪڻ ۽ ممنوع قرار ڏيڻ جو عهد ٿي
ڪري__
(الف) فضا ۾، ان جي حدن کان ٻاهر، ٻاهرئين خلا سميت، يا پاڻيءَ
اندر، علاقائي سمنڊن توڙي ڏورانهن سمنڊن سميت؛
(ب) ڪنهن به ٻئي ماحول ۾،_ بشرطيڪ اهڙي ڌماڪي ڪرڻ سان واسطيدار
رياست جي حد يا اختياريءَ واري علائقي کان ٻاهر
اُن جي زهريلي اثر جو امڪان نظر اچي. ان سلسلي ۾
هيءُ ظاهر آهي ته انهيءَ جملي جي گنجائش جو اثر
اُنهيءَ ماعهدي تي ڪونه پوندو، جنهن جي نتيجي ۾
سڀئي ائٽمي تجرباتي ڌماڪا، زير زمين ڌماڪن سميت،
مستقل طور ختم ٿي ويندا، ۽ جنهن کي وجود ۾ آڻڻ جي
خواهش بابت واسطيدار ڌرين هن معاهدي جي مهاڳ ۾ ذڪر
ڪيو آهي.
2- هن معاهدي جي هرهڪ ڌر وڌيڪ عهد ٿي ڪري ته اها ائٽمي هٿيارن
لاءِ ڪنهن به تجرباتي ڌماڪي يا ڪنهن به ٻيءَ نوعيت
جي ڌماڪي کي عمل ۾ آڻڻ، همٿائڻ، يا ڪنهن به طرح
ان ۾ بهري وٺڻ کان باز رهندي، جيڪو مٿي ڄاڻايل
ڪنهن به ماحول ۾ ٿيندو هجي، يا ان مان اهو اثر
ٿيندو هجي، جنهن جو ذڪر هن فقري جي پهرئين جملي ۾
ڪيو ويو آهي.
فقرو ٻيو
1- ڪا به ڌر هن معاهدي ۾ رد بدل جي تجويز پيش ڪري سگهي ٿي.
ڪنهن به رٿيل ترميم جو متن ٽنهي اصل ڌرين جي
حڪومتن کي موڪليو ويندو، جيڪي هن معاهدي جي سمورين
ڌرين کي ان کان واقف ڪنديون. ان بعد، جيڪڏهن
سمورين ڌرين جو هڪ ڀاڱي ٽي يا وڌيڪ حصو درخواست
ڪري ته اصل ٽي ڌريون هڪڙي ڪانفرنس طلب ڪنديون،
جنهن ۾ هو رٿيل ترميم تي غور ڪرڻ لاءِ سمورين ڌرين
کي دعوت ڏيئي گهرائينديون.
2- هن معاهدي ۾ ڪا به ترميم، معاهدي جي سمورين ڌرين جي ڪثرت
راءِ ذريعي منظور ٿيڻ ضروري آهي، جنهن ۾ سڀني اصل
ڌرين جي راءِ شامل هوندي. ترميم سڀني ڌرين لاءِ ان
وقت کان عمل ۾ ايندي، جڏهن سڀني اصل ڌرين جي
تصديقي اختياريءَ سميت، سڀني ڌرين جي اڪثريت طرفان
تصديقي اخيتاري پهچائي ويندي.
فقرو ٽيون
1- سڀئي ملڪ هن معاهدي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. ڪو به ملڪ، جيڪو هن
فقري جي پئرا نمبر 3 موجب، هن معاهدي جي باقاعدي
عمل ۾ اچڻ کان اڳ ان ۾ حصو نٿو وٺي، سو پوءِ ڪنهن
به وقت معاهدي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
2- هن معاهدي جي عمل ۾ اچڻ لاءِ، اصل ڌرين جي نمائنده اسيمبلين
جي بحالي حاصل ٿيڻ ضروري آهي. قبوليت ۽ بحاليءَ جا
دستاويز اصل ڌرين جي ٽنهي حڪومتن__ روس، آمريڪا ۽
برطانيه__ وٽ جمع ڪيا ويندا.
3- هي معاهدو تڏهن کان عمل هيٺ سمجهيو ويندو، جڏهن سڀئي اصل
ڌريون ان کي بحال ڪنديون ۽ بحاليءَ جا دستاويز جمع
ڪنديون.
4- جن ملڪن طرفان قبوليت يا بحاليءَ جا دستاويز هن معاهدي جي
عمل ۾ اچڻ کان پوءِ جمع ٿيندا، تن لاءِ هن معاهدي
تي عمل سندن دستاويزن جمع ٿيڻ واريءَ تاريخ کان
جاري سمجهيو ويندو.
5- دستاويز وصول ڪندڙ، يعني اصل ڌرين جون حڪومتون، معاهدي تي
صحيح ڪري، ان کي قبول ڪندڙ هڪ ملڪ جي صحيح ڪرڻ جي
تاريخ، قبوليت جي بحاليءَ جي دستاويز جمع ڪرڻ جي
تاريخ، ان جي عمل ۾ اچڻ جي تاريخ، ۽ ڪانفرنس طلب
ڪرڻ بابت ڪنهن به درخواست يا ٻين معاملن بابت
اطلاعن پهچڻ جي تاريخ کان هن معاهدي تي صحيح ڪندڙ
سڀني ملڪن کي هڪدم آگاهه ڪنديون.
6- هيءُ معاهدو، اقوام متحده جي منشور جي فقري 102 هيٺ، ٽنهي
اصل ڌرين جي حڪومتن طرفان رجسٽر ڪيو ويندو.
فقرو چوٿون
هي معاهدو اڻ ٺهرايل مدي تائين رهندو. ڪا به ڌر جيڪڏهن انهيءَ
فيصلي تي پهچي ته هن معاهدي جي مضمون سان لاڳاپو
رکندڙ ڪن غير معمولي حالتن جي ڪري سندس ملڪ جي
اعليٰ مفادن کي نقصان پهتو آهي، ته ان کي پنهنجي
قومي خودمختياريءَ واري حق هيٺ هن معاهدي کان الڳ
ٿي وڃڻ جي آزادي آهي. اها ڌر، معاهدي ۾ شامل ٿيل
ٻين سڀني ڌرين کي ٽي مهينا اڳ پنهنجي اهڙيءَ
علحدگيءَ جو اطلاع ڏيندي.
فقرو پنجون
هيءُ معاهدو، جنهن جا انگريزي ۽ روسي زبان ۾ مسودا
هڪجهڙا مستند آهن، سو ٽنهي اصل ڌرين جي حڪومتن وٽ
محفوظ رهندو، انهن جا تصديق ٿيل نقل، اصل ڌرين جي
حڪومتن طرفان معاهدي تي صحيح ڪندڙ ۽ ان کي قبول
ڪندڙ ٻين ملڪن کي موڪليا ويندا.
سيد ميران محمد شاهه
ولادت وفات
19 مارچ، 1898ع 16 نومبر، 1963ع
ٽکڙ حيدرآباد
”دلبرهن دنيا ۾، وڃي رهندو واسُ!“
__ شاهه.
مرحوم سيد ميران محمد شاهه جي هڪ يادگار تصوير
(تاريخ 22- جولاءِ 1963ع تي، سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي
سيڪريٽريءَ جي عهدي جي چارج ڇڏڻ بعد، بورڊ جي
آفيس، بنگلو نمبر 3، سول لائينس، حيدرآباد ۾، نئين
اعزازي سيڪريٽري ۽ اسٽاف سان ڪڍايل گروپ فوٽو.
ساڄي کان، پهرينءَ قطار ۾:
1- مولوي محمد صديق ”ماعر“، نقل نويس.
2- ميان علي بخش، پريس مئنيجر.
3- مسٽر غلام رباني، اسسٽنٽ سيڪريٽري.
4- سيد ميران محمد شاهه (مرحوم).
5- مسٽر محمد ابراهيم جويو، اعزازي سيڪريٽري.
6- مولانا غلام محمد ”گرامي“ ايڊيٽر ”مهراڻ“.
7- مسٽر عبدالجبار، اڪائونٽنٽ.
ساڄي کان، ٻيءَ قطار ۾: 1- مسٽر ڪريم بخش، ڪلارڪ پريس.
2- مسٽر اقبال احمد، ڪلارڪ بڪ اسٽال
3- مسٽر سومار علي، ميمبر پبليڪيشن اسٽاف.
4- مسٽر محمد رمضان، رڪارڊ انچارج.
5- مسٽر محمد امين، مئنيجر بڪ اسٽال.
6- مسٽر فرمان علي، ڪلارڪ بڪ اسٽال، ۽ ٻيو هيٺيون عملو:
نوڪر، ڊرائيور ۽ پٽيوالا.
گذارش
ادب ۽ اديب:
ادب ۽ زندگيءَ جا واسطا، ناتا ۽ رشتا پاڻ ۾ اهڙا نه ڳنڍيل ۽
ڳتيل آهن، جو ڪڏهن به ڌار ٿي نٿا سگهن. نه ادب
بيپاڙي آهي، جنهن جو وجود معلق ٿئي
ٿو، ۽ نڪا زندگي اهڙي بي حقيقت وَٿ آهي، جنهن ۾ ڪو
مقصد ئي ڪونهي. ادب انساني فڪر ۽ سوچ جي ترجماني
ڪندڙ صنف آهي. ادب ۾ تاريخ جي هر طبقي جي ترجماني
موجود آهي. انسان جي محسوسات ۽ جذبات جي نقشگري،
ادب جي زنده جاودان دفتر ۾ محفوظ ۽ موجود آهي. نه
زندگيءَ کان سواءَ ادب جو ڪو تصور قائم ڪري سگهجي
ٿو، ۽ نه ادب کان سواءِ زندگي جي مقصد ۽ ارتقا کي
معين ڪري سگهجي ٿو. مصوري ۽ بت تراشيءَ، ديومالا ۽
ڏندڪٿا به، بهرحال ، ادب جون ئي مختلف ڪَڙيون آهن.
اهي انسان جي سوچ ويچار مان ئي پيدا ٿيون آهن ۽
انسان جي جذبات سان ئي وابسته آهن. انسان جي فڪري
۽ مذهبي ارتقا جا نقش، ادب جي خاموش زبان ۾، اسان
لاءِ علم ۽ دانش جا ڪيئي مسئلا ۽ نتيجا پيش ڪري
چڪا آهن. ۽ انسان جي مادي ۽ روحاني ارتقا جا سڀ
مرحلا ادب جي مختلف النوع ڪڙين ۾ جڙيل آهن. انهن
کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ هر اهل نظر، انسان جي سماجي
۽ تهذيبي، عمراني ۽ روحاني ڀڃ- گهڙ، دقيقه سنجيءَ
۽ فڪر انگيزيءَ جي تاريخ مرتب ڪري سگهي ٿو.
ان سلسلي ۾ انسان ۽ ان جي ماحول جي اثرات جو سلسلو پڻ وسيع آهي.
سماج جي اثرات کان متاثر ٿي، هڪ باخبر ۽ باشعور
انسان ڇا ڇا نه محسوس ڪيو آهي؟ استبداد ۽ ڏاڍ جي
ڏاڍاين، مذهب ۽ بادشاهت جي مليل آويزش، ۽ باهمي
جنگ و جدال مان پيدا ٿيل ستمرانين مان پيدا ٿيل
حالتون، سڀ ادب ۾ موجود آهن. هر دؤر جي تاريخ ۽
تهذيب جو صحيح ذخيرو ادب ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو.
ادب جو اهو دؤر، جنهن جي قدامت کي ڏسي اڄڪلهه جا نقاد ان کي ’
ادب براءِ ادب‘ جو دؤر سڏين ٿا، اهو به پنهنجي
زماني جي تهذيب، پنهنجي دؤر جي معاشرت، ۽ پنهنجي
وقت جي سماجي، سياسي، روحاني ۽ مذهبي قدرن جو
آئينو آهي.
پراڻي دؤر جي ديومالا کان وٺي، ڏند ڪٿائن، قصن ڪهاڻين، داستان
گوئيءَ ۽ شعر- شاعريءَ تائين، ادب زندگيءَ جي شعور
۾ وسعت، گهرائي، تازگي، لطافت ۽ افاديت پيدا ڪندو
آهي. ادب ئي انسان کي انفرادي توڙي اجتماعي طور
اڳتي وڌائيندو آيو آهي، انساني ارتقا جي قافلي
لاءِ راهون هموار ڪندو آيو آهي، ترقيءَ ۽ انقلاب
جون مشعلون روشن ڪندو آيو آهي، انسان جي مادي ۽
روحاني عروج لاءِ جدوجهد ۽ جهاد ڪندو آيو آهي، ۽
طلسماتي ماحول ۽ جبر ۽ ستبداد واري نظام تي
ٽوڪيندو آيو آهي.
جيئن زندگي پنهنجي افادي نقطه نگاهه کان جاندار ۽ ارتقا پذير
آهي، تيئن ادب به جاندار ۽ ارتقا پذير آهي. زنده
رهڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ، ادب جي
صحتمند مقصدن ۾ شامل آهي.
ادب انساني ذهن مان پيدا ٿئي ٿو، ماحول کان متاثر ٿئي ٿو، وڌي ۽
ويجهي ٿو، شاخون ڪڍي ٿو، ڦل ڦول ڏئي ٿو، ۽ وڌندي،
انسان جي فڪري ۽ ذهني مشڪلاتن لاءِ حل به سوچي ٿو،
۽ ناسازگار ماحول کي سازگار به بنائي ٿو.
ان سلسلي ۾، جتي ڪاليداس ۽ هومر جي تخليق به ادب آهي، اتي ويدن
جو گيان ۽ گيتا جو اُپديش، انجيل جو پيغام ۽
زنداوستا جو داستان به ادب آموز آهي. ادب آهي، ۽
زدگيءَ جي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ وسيلو آهي. بهرحال،
ادب جي نوعيت ۾، خالص روحاني ۽ الهامي پيغامات
توڙي انهن جي روشنيءَ ۾ پيدا ٿيل خالص مادي تجربات
۽ تخليقات، ٻنهي جو افادي مقصد هڪ آهي. ٻيئي
انساني زندگيءَ جي تخليق ۽ تشڪيل لاءِ ڪارآمد
وسيلا آهن. دينيات، فلسفو ۽ سائنس – ٽيئي ادب کي
ئي مرڪزِ اِقتصال بنائين ٿا. گويا، ادب انساني
زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي حاوي آهي.
ان سلسلي ۾، ’شڪنتلا‘ هجي يا ’وامق-عذرا‘، ’ليلا- مجنون‘ هجي يا
’شيرين- فرهاد‘، ’سسئي – پنهون‘ هجي يا ’عمر –
مارئي‘، امير حمزي جو داستان ‘ هجي يا ’ چار
درويش‘، ’جانعالم‘ هجي يا ’ ممتاز – دمساز‘، سڀ ۾
ڪونه ڪو ’انساني دؤر‘ پيو ڳالهائي ٻولهائي: سڀ ۾
انسان جي مختلف دؤرن جون تصويرون آهن، سڀ ۾ انسان
پيو وَسي ۽ رَسي: انسان نه انهن کان ٻاهر آهي، ۽
نه اهي سڀ چيزون انسان کان ماورا ڪو وجود رکن
ٿيون.
ادب جي افادي طور استعمال ۽ فروغ جي سلسلي ۾ ، گهڻا نه، ته ٻه
گروهه ضرور ڳڻي سگهجن ٿا: هڪ آهي اهو گروهه، جنهن
کي مادي طور طاقتور ۽ سرمايه دار گروهه جي مقصدن ۽
ارادن جو ترجمان سڏي سگهجي ٿو، ۽ ٻيو آهي اهو
گروهه، جنهن کي پسمانده اهي پست حال طبقي جي زبان
چئي سگهجي ٿو. طاقتور گروهه جو ترجمان طبقو هميشه
پسمانده گروهه کي اُسرڻ ۽ اُڀرڻ کان باز رکندو آيو
آهي، ۽ ان گروهه جي پيدا ڪيل فن ۽ ادب ۾ جمود ۽
موت ئي رهندا آيا آهن. ان جي مقابلي ۾، پسمانده
طبقي جي فن ۽ ادب ۾ حدت ۽ حرارت، عمل ۽ حرڪت،
تخليق ۽ ترقيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه چيز نظر نٿي
اچي. ان حيثيت سان، انسان جي تاريخ ’ادب‘ جي ان
باهمي ڪشمڪش جو هڪ عبرت انگيز داستان آهي.
تاريخ جو اهو المناڪ حادثو ڪو اڄ کان هزارين سال اڳ جو نه آهي.
هن ائٽمي دؤر ۾ به ’ هابيل‘ ۽ ’قابيل‘ جي ساڳي
آويزش ۽ ڪشمڪش موجود آهي ” جيڪو ڏاڍو سو گابو“
ائين ته اڄ به موجود آهي. اڄ به ادب کي ڏاڍا
پنهنجين ڏاڍاين لاءِ ڍال ڪري پيا استعمال ڪن. اڄ
به سندن دستن ۾ اهڙا فنڪار ۽ اديب ڀرتي ٿي چڪا
آهن، جي قلم جي بندوق سان پنهنجي قدامت پسند ۽
رجعت پرست آقائن جي عيش عشرت لاءِ پيا گوليون
وسائين. انهن جو ادب ۽ فن، مصوري ۽ شاعري، سڀ
پسمانده طبقي جي مقصد حيات، ارتقا ۽ زندگيءَ جي
خلاف پيا ڪم ڪن. گويا، انهن جي فڪر و نظر جي
ترجمانيءَ لاءِ پنهنجي قلم ۽ زبان، دل ۽ دماغ سان،
’خير دلائيءَ‘ جو پورهيو پيا ڪن. انهن جي عيش ۾
ترقي، انهن جي دولت ۾ ترقي، ۽ انهن جي نظام ۾ ترقي
پيدا ڪرڻ سندن مول متو آهي. انهن جي مقابلي ۾،
پسمانده طبقي جي جهد ۽ ڪاوش کي بيديني ۽ الحاد به
سڏيو ويندو، فساد ۽ فتنو به چيو ويندو، غداري ۽ بي
ايماني، نمڪ حرامي، ۽ احسان فراموشي، به تصور ڪيو
ويندو: ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مذهب جي آڙ به ورتي
ويندي، شعر- شاعريءَ کي به ذريعو بنايو ويندو،
مصوريءَ ۽ سنگ تراشيءَ کي به استعمال ڪيو ويندو.
ائين ٿيو آهي. ٿيندو آيو آهي، ۽ اڳتي هلي نه معلوم
ڪيستائين ٿيندو رهندو.
منهنجي مٿينءَ گذارش کي پڙهڻ کان پوءِ، مبادا ڪو ائين سمجهي ته
اهي ته بنهه ’پراڻيون پچارون‘ آهن، اڄ نڪي اهي
حالتون آهن ۽ نڪي اهي گروهه بنديون، سڀ اديب پيا
انساني زندگيءَ کي سنوارين ۽ سڌارين، وغيره. انهن
کي عرض اهو آهي، ته ائين نه آهي: رنگ ۽ لباس البت
بدلچي چڪو آهي، باقي قصو ساڳيو آهي:
بدل کي ڀيس زماني ۾ ڦر سي آتي هين،
اگرچه پِير هي آدم، جوان هين لات و منات.
(اقبال)
’لات‘ ۽ ’منات‘ اڃا جوان آهن، البت پنهنجا رنگ پيا بدلائين. هر
دؤر ۾ اهي پنهنجو ڪم پيا ڪن، ۽ انساني فڪر ۽ ارتقا
لاءِ ’موت‘ جو سامان پيا گڏ ڪن.
اسين پاڻ جنهن دؤر ۾ پيا گهڙيون گهاريون، اهو دؤر به اڃا تائين
طبقاتي ڪشمڪش وارو دؤر آهي. هڪ طرف آهي پوڙهو
فرتوت’آدم‘، ٻئي طرف آهن’ لات‘ ۽ ’منات‘ ۽ سندن
پوڄاري.... پيا ’آدم‘ کي پٽين ۽ کائين! آدم پهرئين
ڏينهن کان وٺي اڄ تائين پيو پيڙجي ۽ ڦُرجي. هڪڙا
اديب آهن لات ۽ منات جا پوڄاري، ٻيا آهن مفلس ۽
قلاش، بي زر ۽ بي پَر، دربدر ۽ خاڪ بسر، آدم جا
يار ۽ مددگار. هو به پنهنجي ڪم ۾ لڳا پيا آهن، ۽
هي به پنهنجيءَ خدمت ۾ مخلص آهن. نڪي هو قديم آهن
۽ نڪي هي قديم: ميلو متو بيٺو آهي.
زمانه ايڪ، جهان ايڪ، ڪائنات ڀي ايڪ،
دليلِ ڪم نظري قصهء جديد و قديم.
اسان جا قصه گو اديب، تاريخي تقاضا کي نظراندازي ڪري، اڄ به
ليلا – مجنون، وامق – عذرا ۽ شرين – فرهاد جا نغما
پيا ڳائين ۽ وڄائين، ۽ موجوده آدم کي نشه آور
گوليون کارائي سمهارڻ جي پيا ڪوشش ڪن ____1 به
’تغزل‘ جي فرسوده هيئت کي قائم رکيو ٿا اچن___
حالانڪه هن دؤر جي ذهني ارتقا ۽ عمراني ۽ ثقافتي
تقاضا جنهن همه گير امن ۽ ايمان لاءِ وجهائي رهي
آهي، تنهن ڏس ۾ اهي اديب هڪ اکر به نٿا لکن. سندن
پوريون قوتون ۽ صلاحيتون، صداقتون ۽ محبتون، هڪ زر
خريد غلام وانگر پيون استعمال ٿين. سندن مصوّريءَ
۾ جادو آهي، ۽ سندن ڪلام ۾ تغزل آهي، پر اهي جادو
۽ تغزل ڪهڙي ڪم جا، جيڪي انسان کي اڃا به جمودآور
ماحول جا خواب پيا ڏيکارين؛ انسان کي جهدللبقا جي
راهه کان پيا ٿيڙين، ۽ انسان جي عالمگير شعور جي
راهه ۾ رڪاوٽون پيا وجهن. اهي ئي تال ترانا، اهي
ئي راڳ رباب، اهي ئي درٻاري شاعريءَ واريون
لنترانيون، اهي ئي جذبات انگيز گلڪاريون، اهي ئي
هيجان انگيز غزل سرايون، جي ڪالهه بادشاهن جي
درٻارن ۾ پيدا ٿيون. جن انسان کي جيئري ئي موت جي
ننڊ سمهاري ڇڏيو: اهي ئي پراڻا قصا، اهي ئي پراڻا
مسئلا، اهي ئي پراڻا معاملا، .... آخر ڪيستائين؟
نه کين ’ اڄ‘ جي خبر، ۽ نه ’سڀاڻي‘ جو پتو! اهوئي
سبب آهي جو نڪو عوام ۾ شعور ٿو پيدا ٿئي، ۽ نڪو
خواص ۾ ڪا حقيقت پسندانه تبديل ۽ اصلاح ئي ٿي اچي.
دنيا بدلجي چڪي آهي، پر نڪو اسان جو اديب ٿو سڌري،
۽ نڪو اسان جي سماج ۾ ڪو انقلاب ٿو جو رونما ٿئي!
آزادي ۽ ارتقا انسان جو منصبي حق آهي. انسان ارتقا جهاد ۾ پيو
وڌي ۽ ويجهي. اهو ويچارو انسان، جيڪو ڪڏهن چنڊ کي
آئيني ۾ آڻڻ لاءِ رُنو، سو اڄ چند تي پهچڻ لاءِ
پيو رسا اُڇلائي. پوريءَ دنيا جو پسمانده طبقو
پنهنجي زندگيءَ ۽ ان جي ضرورتن جي حاصلات لاءِ
سندرو ٻڌيو، جنگ جوٽيو بيٺو آهي. ٻنهي طرفن جا
طرفدار اديب ۽ فنڪار، پنهنجن علمي ۽ فني هٿيارن
سان مسلح ٿي پيا وڙهن. هڪ طبقو اگر مذهب ۽ سائنس،
علم ۽ فن کي پنهنجي مفاد ۽ مطلب لاءِ پيو استعمال
ڪري، ته ٻيو طبقو به خاموش نه آهي: اهو عقل ۽
شعور، امن ۽ ايمان، آزاديءَ ۽ زندگيءَ جي قدرن ۽
معيارن، اصولن ۽ مَتن کي اڳيان رکي پيو وڌي. رات
ور ور ڪري پيئي اوندهه پکيڙي، ۽ ڏينهن به ور ور
ڪري پيو اوندهه کي تڙي. هڪڙن کي اهائي توقع آهي ته
رات ئي رهڻي آهي، ۽ ٻيا يقين رکيو ويٺا آهن ته ڄاڻ
ٿو صبح درخشان اچي، ڄاڻ ٿو طلوعِ آفتاب ٿئي: اِها
اوندهه چند گهڙين جي مهمان آهي، اهي طلسماتي ڦندا
۽ ڄار ڄاڻ ڇِنا، اهي ملمع سازيون آخر ڪيترو وقت
جيئنديون؟ انسان هينئر چنڊ ۽ سج سان ملاقات لاءِ
پيو نوڙَ وٽي. فطرت ۽ ان جا اصول، ڪائنات ۽ ان جا
اسرار ۽ رموز، هاڻي سربسته راز نه رهيا آهن. انسان
تسخير ڪائنات جي ڏس ۾ گهڻو وڌي چڪو آهي؛ هر زمان ۽
مڪان جي چڪر ۽ مَڪر تي غالب اچي چڪو آهي. سندس
اجتماعي جهاد هاڻي پسمانده طبقي لاءِ ’نويد حيات‘
بنجي چڪو آهي، مقابلي ۾ نڪو ’مومل‘ ۽ ’سومل جو
مانڊاڻ‘ حائل ٿي سگهندو، ۽ نڪو ’ڪاڪ محل‘ جون
ٻايون ۽ دايون کيس پنهنجي منزل مقصود کان هٽائي ۽
برغلائي سگهنديون: طلسمات جو زمانو ڄاڻ ويو،...
بلڪ وڃي چڪو:
” تماشا دکا ڪر مداري گيا!“
’مداري‘ پيو ٽپڙ ويڙهي ۽ پنهنجيون بگليون سنڀاري، روئي ۽ رڙي.
تمام صاف ۽ سولي نموني ۾ ائين ئي تعبير ڪري ٿا
سگهون ته موجوده انساني آباديءَ جو نوي سيڪڙو
ماڻهو پسمانده طبقي ۾ شمار ڪيا ويا آهن. انهن ۾
پورهيت، هاري ۽ مزدور، اديب، شاعر ۽ فنڪار، سپاهي،
چپراسي، ۽ ڪلارڪ اچي وڃن ٿا؛ ان کي ئي ’عوام‘ سڏيو
وڃي ٿو. ٻيا آهن ’خواص‘ جي انهن جي پورهئي تي پيا
تڳن ۽ موجون ڪن. انهن جو عيش، انهن جي سرمايڪاري،
انهن جا فلڪ رسا محلات، انهن جا بيش بها ملبوسات،
سڀ انهي ’پگهر جي پاڻيءَ‘جي پيداوار آهن، جو
پورهيت جي بت مان ٺينڊيون ڪري وهي رهيو آهي! انهن
جي نازڪ مزاجي، انهن جي وضعداري، انهن جي ’ ادب
پروري‘، انهن جي محفل سازي، انهن جي زراندوزي، سڀ
پورهيت طبقي جي محنت ۽ مشقت مان پيدا ٿي رهي آهي.
انهن جي مقابلي ۾، پورهيت طبقو اَٽي، اَجهي ۽ لٽي
کان محروم، سندس ٻچا علوم و فنون جي تحصيل کان
محروم، انهن جا مُڙدا ڪفن جي ٻن والن لاءِ محتاج:
انهن لاءِ عيد به ماتم، ۽ ماتم ته دائمي ۽
جاوداني! انهن جي نڪو بُت0 جو پگهر ٿو بند ٿئي،
نڪو سندن آلي اک ٿي سُڪي!
سرمائيڪار طبقو ان تقسيم کي ابدي ۽ ازلي ٿو تصور ڪري؛ ان لاءِ
سَنَدون ۽ سفارشون ٿو پيش ڪري؛ پنهنجيءَ وڏائيءَ ۽
وڏماڻهپائيءَ جي حق ۾ فتوائون ۽ حڪايتون ٿو بيان
ڪري؛ ۽ پنهنجي طرف کان صفائي پيش ڪرڻ لاءِ، دليلن
۽ حجتن جو انبار ٿو پيش ڪري. پنهنجي تائيد ۽ تصديق
لاءِ، هو اديبن ۽ فنڪارن، عالمن ۽ دانشورن کي قطار
در قطار ٿو آڻي؛ انساني شعور جي اجتماعي تقاضائن
کي ختم ڪرڻ لاءِ بم ۽ بارود، راڪيٽ ۽ ائٽم کي حرڪت
۾ ٿو آڻي؛ هر هنڌ انساني شعور کي، بغاوت ۽ غداري
سڏي، پيو ڪُچلي ۽ چيچلائي! وس پڄيس ته هوند
انسانن جو گوشت پٽي کائي، ۽ هڏيون چٻاڙي هضم ڪري
ڇڏي! ٻئي طرف اهڙن دانشمندن ۽ فنڪارن جو عظيم طبقو
آهي، جيڪي راڪيٽ ۽ بم جي تباهه ڪن استعمال کي ختم
ڪرڻ لاءِ پيا جدوجهد ڪن، امن ۽ ايمان لاءِ پيا قلم
وهائين، انسان جي ذهن ۽ فڪر لاءِ پيا مشعلون
ٻارين، ۽ انهن جي حقن جي ترجمانيءَ جو فرض پيا ادا
ڪن. هوظلم ۽ استبداد کي ٽوڪين ۽ شرمائين ٿا؛
پنهنجي فن ۽ فڪر سان، غزل ۽ نظم سان، افساني ۽
ڊرامي سان، هر صنف ۽ هرانداز سان، غلطڪار معاشري ۽
غلطڪار نظام حيات جي لاک لاهين ٿا؛ پيا انسان کي
اميدون ڏيارين، ۽ کيس اڳتي وڌائين. اقبال انهيءَ
ئي طبقي جي ترجماني ڪندي چيو آهي:
اُٺو، ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو،
ڪاخِ ّ اِمرا ڪي در و ديوار هلادو.
گرمائو غريبون ڪا لهو سوزِ يقين سي،
ڪنجشڪ ِ فرومايه ڪو شاهين سي لڙادو.
جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نه هو روزي،
اس کيت ڪي هر خوشهء گندم ڪو جَلادو.
مين ناخوش و ناراض هون مرمر ڪي سِلون سي،
ميري لئي مٽي ڪا حرم اور بنادو.
حق را به سجودي،صنمان را به طوافي،
بهتر هي چراغِ حرم و دير بجهادو!
ان مظلوم ۽ معصوم طبقي جي ترجماني ڪندڙ اديب ۽ شاعر مبارڪ جا
مستحق آهن، ۽ سندن قلم ۽ زبان تحسين جي لائق آهن.
پاڻ کي جانعالم ۽ شيرين- فرهاد جي دۇر ۾ رهندڙ سمجهڻ وارا عالم ۽ دانشور ڪهڙيءَ مبارڪ جا مستحيق
چئبا، جي نڪي موجوده دۇر
کي ٿا سمجهن، نڪي هن دۇر
جي انسان جي مشڪلاتن کي ٿا ڄاڻن، ۽ نه وري هن دۇر
جي تاريخي عمراني تقاضائن کي ٿا پرکي سگهن! انهن
جو ادب ۽ فن، انهن جو قلم ۽ انهن جو انداز بيان،
سڀ حقيقت کي بعيد، ۽’ پا در هوا‘ جي مصداق!
عيش پسند ۽ قدامت پرست طبقو، علم۽ فڪر، آگاهيءَ ۽ دانش کان پري
رهندي، اڄ به پيو سوچي ته هي دۇر
اڃا به منهنجو آهي. سندس هم نواله ۽ هم پياله يار
۽ مددگار، اديب ۽ فنڪار، افسانه نويس ۽ ڊرامانگار،
اڃا به پيا اهڙن خيالن جي تبيلغ ڪن، جن سان نه فقط
عوام کي برغلائي سگهجي، پر ان سان گڏ عوام جي
ترجمان زبانن کي به خاموش ڪري سگهجي. اهي اڄ به
ائين پيا سوچين ته ڪيئن محڪوم ۽ پسمانده طبقي کي
اُڀرڻ ۽ اُسرڻ نه ڏجي، ۽ ڪيئن کين لافاني جِهل ۽
مذهب جي بيروح ڄار ۾ ڦاسائجي: ڪيئن سندن اڳيان
مذهب جي صحيح ۽ حيات بخش تعليم کي مسخ ڪري پيش
ڪجي، ۽ سندن ارادن ۽ اڀرندڙ قوتن کي ناس ڪري، سندن
جذبات جي ڀڙڪندڙ باهه کي هميشہ لاءِ اُجهائي رک
ڪري ڇڏجي!
عوام جي انهيءَ انقلابي شعور کي ختم ڪرڻ لاءِ هر هنڌ، بلڪ
پوريءَ دنيا ۾، ماضي پرست ۽ دقيانوس طبقو، ڪڏهن
اخلاق جو ته ڪڏهن مذهب جو لباس پهري، چند فنڪارن
کي پئسن تي خريد ڪري، پيو پنهنجي لاءِ پروپئگنڊا
ڪرائي. سندن زرخريد ۽ غلام اديب، ڪڏهن جنسي ته
ڪڏهن جاسوسي، ڪڏهن مذهبي ته ڪڏهن دقيانوسي، ڪڏهن
ديومالائي ته ڪڏهن طلسماتي ادب جي تخليق ڪري،
انسان جي انقلابي۽ اجتماعي شعور کي ڪُچلڻ لاءِ پيا
هٿ پير هڻن. اهي ’اديب‘ پنهنجي علميت ۽ قابليت سان
عوام کي دوکو ڏيئي رهيا آهن.
سندن اها علمي سازش نه فقط انسانيت لاءِ داغ آهي،
پر سندن ضمير فروشيءَ جو بد ترين دليل آهي. اهڙا
اديب خواص جا تراشيل بُت آهن، سرمايي جا يار ۽
عوام جا دشمن آهن؛ انسانيت جي عام مفادن جا مخالف،
۽ رڳو هڪ طبقي جا خيرخواهه ۽ همدرد.
هن دۇر
۾ هڪڙن کي ترقي پسند ۽ ٻين کي رجعت پسند پڻ سڏيو
وڃي ٿو. بيشڪ، ڪنهن مفيد مقصد کي حاصل ڪندڙ گروهه
جي ڪوشش ۽ جدوجهد کي صحيح معنيٰ ۾ ترقي پسندي سڏي
سگهجي ٿو. پر ان قسم جي لفظي ۽ منطقي تقسيم سان ته
ڪجهه به حاصل ٿي نٿو سگهي. غلطڪار ۽ بيعمل اديب،
ترقي پسند سڏائيندي به رجعت پسند ئي رهي ٿو. هت
رڳو ليبل لڳائڻ جي ضرورت نه آهي، بلڪ صحيح نصب
العين جو تعين پهريون شرط آهي. ان طرح، ٻين کي رڳو
رجعت پسند سڏڻ به دانشمندي نه آهي. اها لفظي ۽
منطقي تقسيم، محض لفظي ۽ منطقي تقسيم ئي سمجهڻ
گهرجي. ترقيءَ پسندي رڳو ڪنهن هڪ گروهه جي تنقيدي
گرفت تائين محدود نه رهڻ گهرجي. صحيح معنيٰ ۾ ترقي
پسندي اها آهي، ته رجعت پسند ۽ ترقي پسند، ٻنهي
گروهن جي خيالات ۽ فن تي بيڪ وقت تنقيد ڪئي وڃي؛
سرمائيدارانه نظام جي تنقيد سان گڏ، خود محنت ڪش
طبقي جي معائب ۽ محاسن جو جائزو به ورتو وڃي؛ رجعت
پسندانه ادبي ميلانات جي ازالي سان گڏ، صحيح معنيٰ
۾ حيات بخش ۽ تعمي نقطه نظر به واضح ڪيو وڃي؛
بيمار ۽ لاعلاج خيالن جي بيخ ڪَني ڪرڻ سان گڏ،
صالح ۽ صحتمند رجحانن جي نشاندهي پڻ ڪئي وڃي.
جئن غلطڪار اديب، ’ادب براءِ ادب‘ جو اعلان ڪري، هن بيروح نظام
جي قيام لاءِ سوچي رهيا آهن، تئن تعمير پسند اديبن
کي به علمي ۽ نظري جدوجهد ڪري، زياده کان زياده
صحتمند ۽ صالح ادب پيدا ڪرڻ گهرجي، ۽ هر دۇر
جي تقاضا سان گڏ قوم جي مذهبي نصب العين، روحاني ۽
ذهني معيار ۽ قدر کي اڳيان رکي، مصلحت انگيز قدم
کڻڻ گهرجي. باالخصوص، هن دۇر
جي قومي ۽ مذهبي صبر کي سندس مذهبي ۽ قومي تعبيرات
سان روشناس ڪرائڻ ئي صحيح انقلاب چئبو: ۽ اها خدمت
روشن اديب ئي ادا ڪري سگهي ٿو، ٻيو نه.
ان سلسلي ۾ اها مر به مدنظر رکڻ گهرجي ته مذهبي تعليمات کي
جيستائين جديد قدرن سان هم آهنگ نه ڪيو ويو آهي،
تيستائين قومي تعمير لاءِ ڪارآمد ثابت نه ٿينديون.
ان طرح، بيروح رجعت پسندي جڏهن ترقي پسنديءَ جو
لبادو ڍڪي سامهون اچي ٿي، تڏهن نه فقط دين ۽ ملت
لاءِ مضر ثابت ٿئي ٿي، پر ان سان گڏ آزاديءَ ۽
ترقيءَ لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي. ان طرح خالص
ماده پرستانه ترقي پسندي به رجعت کان گهٽ نقصانڪار
نه آهي؛ فرق فقط جديد ۽ قديم رجعت ۽ ترقيءَ جو رهي
ٿو، باقي ٻنهي جو نتيجو ساڳيو رهي ٿو. مولانا سنڌي
فرمائي ٿو:
”جڏهن مذهب پنهنجو صحيح نصب العين وڃائي ويهي ۽ رجعت جو پشتيبان
بنجي، ۽ ٻئي طرف ترقيءَ جا دشمن طبقا اچي منجهس
پنا هگزين بنجن، ۽ مذهب ۽ ان جي ترجمانيءَ جا
ذريعا سڀ سمن تائين محدود رهجي وڃن، ۽ ولولهء
انقلاب ناپيد ٿي وڃي، ان وقت مذهب جو نالو وٺي
توسنِ اقتدار تائين پهچڻ لاءِ هٿ وڌائيندڙ اڪثر
رجعت پسند افراد ٿين ٿا. ممڪن آهي ته اهي زبان سان
پاڻ کي ترقي پسند به مشهور ڪن، ليڪن انهن جو عمل
عموماً ترقيءَ جي خلاف وڃي ٿو. چنانچه اوهين ڏسندا
ته ترڪيءَ ۾، مصر۾، ايران ۾ ۽ مراڪش ۾، جن ماڻهن
آخري وقت ۾ مذهب جي نالي تي پنهنجين قومن کي
للڪاريو، اهي آخرڪار پنهنجن قومن جي آزاديءَ ۽
ترقيءَ جا دشمن ثابت ٿيا. جمهور جي طرفان، يا ته
کين بنيادن کان اکوڙي پنهنجي وطن جي سرزمين کان ئي
ٻاهر اڇلايو ويو، يا کين ان قابل نه ڇڏيو ويو جو
ڪو ڏانهن اک کڻي به نهاري يا ڪو سندن ڳالهه ٻولهه
ئي ٻڌي!“
مولانا سنڌيءَ جي مٿئين اقتباس ۾ اگرچ بيروح ۽ رجعت پسند مذهبي
ماڻهن لاءِ تنبيهه آهي، پر ان پيرايه بيان ۾ اگر
’مذهب‘ جي جاءِ تي ’ادب‘ جو اطلاق ڪجي، ته به
حقيقت ۾ ڪو فرق نٿو پيدا ٿئي.
ان سلسلي ۾ سنڌي اديبن کي پڻ پنهنجي ادبي مۇقف
جو جائزو وٺڻو آهي. سنڌي ادب ۽ ان جو رخ مجموعي
طور ڪيڏانهن آهي؟ سنڌي اديبن جي فنڪارانه صلاحيتن
جو استعمال صحيح رخ تي ٿي رهيو آهي يا نه ؟ سنڌي
اديبن جي جذبات ۾ حدت ۾ حرارت، تخليق ۽ حرڪت جو
عنصر موجود آهي يا نه؟ ان متعلق ضرور سوچڻ گهرجي.
اهي اديب، جي پنهنجي فن ۽ ان جي لطافت کي ڪنهن مقصد ۽ افاديت
کان سواءِ استعمال ڪري رهيا آهن، اهي گويا ڍنگهرن
تي اٽو هاري رهيا آهن. اهي هن علمي ۽ فني، تاريخي
۽ تخليقي دور کان عمداً اغماض ۽ بيوجهي ڪري رهيا
آهن. اهي اديب جي تعمير کان سواءِ تخريب لاءِ سوچي
رهيا آهن، اهي نڪي پنهنجي مقام ۽ منصب کان آگاهه
آهن، نڪي هن دۇر جي تقاضائن کان آشنا آهن. ماضي بيشڪ حال ۽ اسپتقبال
سان مربوط ۽ مسلسل آهي، پر ماضي پنهنجيءِ جاءِ تي
اضافي ۽ فاني حيثيت هاصل ڪري، حال ۽ ان جي زندهه
تقاضائن لاءِ جاءِ خالي ڪري، ويندو رهيو آهي. نڪو
ماضي دوباره موٽي سگهندو ۽ نڪو انساني شعور ۽ ان
جي ارتقا دوباره رجعت ڪري، گذشته دؤر ۾ واپس وڃي
سگهندا. ’حال‘ ۽ ان جي تقاضا کي اگر برمهل نه
سڃاتو ويو، ان جي تقاضائن کي پورو نه ڪيو ويو، ته
پوءِ اهو اکڇنڀ ۾ ’ماضي‘ بنجي ويندو.! |