سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :12

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

سيوهڻ

 

        قدامت: سنڌ ۾ جيڪي قديم شهر هينئر آباد آهن، انهن مان سيوهڻ سڀني کان آڳاٽو آهي. هي شهر اهڙي هنڌ تي آهي، جو هڪ پاسي کان جبل اٿس ته ٻئي پاسي کان درياءَ؛ انهيءَ ڪري قدرتي طرح جئين ئي انسان جو وجود هن سرزمين تي ظاهر ٿيو هوندو، هي هنڌ انسانن جو مرڪز ٿي رهيو هوندو. جڏهن اڃا انسانن کي شهرن اڏڻ جو شعور نه آيو هو، هو جبلن جي چرن ۾ رهندا هئا ۽ جهنگلي جانورن ۽ مڇيءَ تي گذران ڪندا هئا، تڏهن کان ئي انسانن هن پاسي کي آباد ڪيو هوندو. عالمن جو متفق فيصلو آهي ته جن ماڻهن پهريائين پهريائين سنڌ ۽ هند کي وسايو، اهي هاڻوڪن ڪولن، سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊ لوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. انهن ماڻهن جون پهريائين پهريائين کوپريون سيوهڻ جي پريان بلاول  واريءَ واٽ تان لڌيون ويئون(1)، کان پوءِ 1922 -1823ع ۾ انهن ساڳين ماڻهن جون کوپريون موهن جي دڙي مان لڌيون ويئون(2).

        هن مان معلوم ٿيندو ته سيوهڻ تمام قديم زماني ۾ آباد هو. جيئن ته سيوهڻ مان توڙي موهن جي دڙي مان ساڳين ماڻهن جون کوپريون لڌيون ويئون آهن، تنهن  مان ثابت  ٿئي ٿو ته جنهن زماني  ۾ موهن جو دڙو آباد هو، ان زماني ۾ سيوهڻ به اهڙوئي آباد هو. نه فقط ايترو، پر موهن جي دڙي کان به اڳ سيوهڻ آباد هو. آثارقديمه جي ماهرن جو رايو آهي ته سنڌ جي سڀ کان پراچين تهذيب جو مرڪز سيوهڻ وارو پاسو هو. جنرل ڪننگهام لکيو آهي:

        _ ”سيوهڻ نهايت ئي سڻائي هنڌ، هڪ ڌار اُتاهينءَ ٽڪريءَ تي آهي، ۽ منڇر ڍنڍ بغل ۾ بيٺي اٿس، جنهن جو پاڻي اڳي سيوهڻ جي ڀتين تائين اچي پهچندو هو، جنهنڪري پاڻيءَ ۽ کاڌي پيتي جي سهنج سنڌ جي پهرين رهاڪن جو ڌيان  ضرور اول انهيءَ پاسي ڇڪيو هوندو.“(1)

        مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم به لکيو آهي:

        ”غلام علي آزاد بلگراميءَ جي لکيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته درياءُ سيوهڻ کي بلڪل ويجهو هو. “(2)

        يعني جنرل ڪننگهام جي بيان جي تصديق ٿئي ٿي ته اڳي درياءُ سيوهڻ کي تمام ويجهو هو. ڪاڪي ڀيرومل جو به رايو آهي ته ” سڄيءَ سنڌ مان اول سيوهڻ وارو پاسو وسيو هو“(3) اڳتي هلي لکيو اٿس:

        ” قديم ۾ قديم سنڌين جا ماڳ جيڪڏهن ڪنهن کي ڳولڻا هجن ته سنڌ جي الهندي طرف وارن جبلن جي قطارن ۽ سيوهڻ  ۽ لاڙڪاڻي  طرف جا اهي هنڌ  جي سنڌونديءَ ۽ الهندي ناري کي ويجها آهن، سي، خاص ڪري سيوهڻ ۽ لڪيءَ وارو پاسو ڳولي، جو سنڌ جي قديم سڀيتا جو پتو اتان ئي پوڻو آهي.“(1)

        ان کان سواءِ سيوهڻ جي تمام  قديم زماني ۾ آباد هجڻ جو ٻيو به هڪ ثبوت ملي ٿو. سيوهڻ اسٽيشن جي پريان هڪ قديم غار آهي، جنهن کي ” يڪ ٿنڀي“ ڪري چوندا آهن. اهڙيون غارون لڪيءَ جي لڳ، ڪوسي پاڻيءَ جي چشمن جي ڀرسان به لڌيون ويئون آهن،  جي ٽَڪرن مان ٽاڪيل معلوم ٿين ٿيون. انهن جو ذڪر ڊاڪٽر ولسن ڪزنس(2)، ڪاڪي ڀيرومل(3) ۽ دوارڪا پرساد شرما(4) ڪيو آهي. سڀني جو رايو آهي  ته اڳي انهن ۾ ماڻهو رهندا هئا. شرما صاحب جو اندازو آهي ته: پنجويهه هزار سال اڳ جڏهن انسان اڃا ”پٿر جي زماني“ ۾ هو، تڏهن ماڻهو انهن غارن ۾ رهندا هئا.

        سيوهڻ جي پاسي جو تمام قديم زماني ۾ آباد هجڻ جو هڪ ٻيو به ثبوت آهي. لڪيءَ جي چشمن جي لڳ ڪيتريون پراڻيون قبرون پٿر جون جڙيل بيٺيون آهن، جي پندرهن _ ويهه فوٽ ڊگهيون، اٺ - نو فوٽ  ويڪريون ۽ اٽڪل ٻه فوٽ اوچيون آهن. نهايت سهڻي نموني ۾ جڙيل  آهن ۽ پٿرن تي ڏاڍي  ٺاهوڪي چٽسالي  ٿيل آهي، جا ايڏن  ڪسابن کان پوءِ  به چٽي بيٺي  آهي. اهڙيون قبرون ڪراچيءَ جي منگهي پير جي پريان شاهه بلاول(1) واريءَ واٽ تان، ۽ ڪراچيءَ _  ڪوٽڙيءَ کان ڦري سيوهڻ ڏي ويندڙ  رستي تان به لڌيون  ويون آهن. اهي عام ۾” ڪافرن جون قبرون“ جي نالي سان مشهور آهن؛ ڇاڪاڻ جو مسلمانن جون نه آهن. اهي قبرون تمام آڳاٽي زماني جو آهن، جڏهن اڃا مُڙدن کي پوريو ويندو هو؛ ساڙڻ جو رواج گهڻو پوءِ  پيو. سر بارٽل فريئر _ جنهن جي نالي سان فريئر روڊ ۽ فريئر هال ڪراچيءَ ۾ آهن _ 1851ع ۾ انهن تاريخ کان اڳ واري زماني جي قبرن جو بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ ڇاپيو هو. هينري ڪزنس _ جو اڳي آثار قديمه کاتي جو سپرنٽنڊنٽ هو، ۽ جنهن 1910ع ۾ سنڌ ۾ اچي، ميرپورخاص جي طرف ”ڪاهوءَ  جو دڙو“ کوٽايو _ پنهنجي ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“  ۾، سر بارٽل  فريئر ۽ ٻين عالمن جي رپورٽن جي مدد سان، مٿي ذڪر ڪيل غارن ۽ قبرن تي روشني  وڌي  آهي. دوارڪا پرساد شرما ” پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو “ ۾، ۽ ڪاڪي ڀيرو مل ” قديم سنڌ“  ۾ مذڪور ڪتابن جي حوالن سان انهن قبرن جو احوال ڏنو آهي. قبرن بابت سڀني جو رايو اهو آهي، جو مٿي ڏنو ويو.

        سيوهڻ جي قدامت جو هڪ ٻيو ثبوت ملي ٿو. سيوهڻ کان چوڏهن ميل اتر طرف جهانگارن جو ڳوٺ آهي. ان جي ڀرسان ” ٻنڌڙيءَ“ نالي  نئن وهي اچي منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿي. جهانگارن کان اٺ ميل کن مٿي، جبلن جي ٻيڪڙ ۾، نئن جي پاڻيءَ کي بند ڪرڻ جي هڪ تمام قديم  بند جا نشان ملن ٿا. انهيءَ ” ٻنڌ“ جي ڪري هينئر نئن کي ”ٻنڌڙي“ سڏيو وڃي ٿو. نشانن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو بند اٽڪل ساڍا ٽي ميل ڊگهو هو. بند جو جيڪو ٽُڪر هن وقت بيٺو آهي، ان جي هن وقت  بيٺو آهي، ان جي هت وقت اوچائي ساڍا ٻاويهه فوٽ آهي. بند جي اوچائي  اڃا به گهڻي هوندي، جا ڪسابن جي مينهن _ وائن گهٽائي ڇڏي آهي. بند نهايت ڪاريگريءَ  ۽ مضبوطيءَ  سان ٻڌل آهي. پٿرن جي اوساريءَ  سان خانا ٺاهي، انهن ۾ بجري ۽ واري ڀري ويئي آهي. سلامي به اَڄڪلهه جي بندن جهڙي ڏنل آهي مطلب ته نهايت  ڪاريگريءَ سان بند ٻڌل نظر اچي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته هن بند جي ذريعي نئن جي پاڻيءَ کي روڪي هٿراڌو تلاءُ ٺاهي، ان مان واهه ڪڍي آبادي ڪئي ويندي هئي. مقامي ماڻهو به ائين چون ٿا. هو ان کي به ” ڪافر بند“ ڪوٺين ٿا ۽ چون ٿا ته ڪن ڪسابن جو آهي.  هي(Tank irrigation) جو هڪ بهترين نمونو آهي. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو هزارين سال اڳ انهيءَ هنر مان واقف هئا. هن مان اهو خيال به غلط ثابت ٿئي ٿو، جو ڪاڪي ڀيرو مل(1) توڙي ٻين عالمن ڏيکاريو آهي، ته سنڌي فقط درياءَ جي ٻوڏ  تي آبادي ڪندا هئا. هن مان صاف ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي هٿرادو آبپاشيءَ مان پوريءَ طرح واقف هئا.

        هن بند جي مٿئين پاسي کان ڪن قديم رهاڪن جي پٿر جي گهرن جا نشان به ملن ٿا، جن ۾ ٺڪر جي ٿانون جون ٺڪريون به نظر اچن ٿيون. هڪ گهر ۾ هڪ پٿر نظر آيو، جو وچ تي گولائيءَ نموني، ٿورو اونهو گٺل هو. ڀانئجي ٿو ته ان وقت اڃا جنڊ ايجاد ڪونه ٿيا هئا. ماڻهو پٿرن تي اٽو گهي ماني پچائيندا هئا. اهڙا جنڊ موهن جي دڙي مان به تمام گهڻا لڌا آهن. هاڻوڪا جنڊ عيسوي سن کان ٻه صديون  کن اڳ چالو ٿيا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مذڪور گهر موهن جي دڙي جيان پنج هزار سال اڳ جا آهن. اهي گهر بند جي  مٿان ملن ٿا: تنهن جي معنيٰ بند جي تعمير کان اڳ اڏيا ويا، ڇاڪاڻ جو جڏهن بند صحيح سلامت هوندو، تڏهن گهرن واري هنڌ پاڻي بيٺل هوندو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي گهر پنجن کان ڏهه هزار سال اڳ جا آهن ۽ بند انهن کان ٿورو وقت پوءِ جو آهي. ان مان به سيوهڻ جي قدامت جو اندازو ٿئي ٿو.

        سيوهڻ جي قدامت جا ٻيا به گهڻيئي ثبوت آهن. مثلاً: سيوهڻ ڀرسان سنڌ جي عظيم ڍنڍ ’منڇر‘ آهي، جنهن ۾ مهاڻا عجيب نمونن سان مڇي ۽ پکي ڦاسائيندا آهن. پکين ڦاسائڻ لاءِ  پٻڻ جي پنن يا پکين جي کنڀن جو ٽوپيون پائي، تُرهن تي ترندا ويندا آهن، فقط پٻڻ جي پنن يا کنڀڻ واري ٽوپي ٻاهر هوندي اٿن. انهيءَ ڪري پکي کانئن ڊڄندا ڪينهن، پر سندن ڀرسان پيا ويهندا ۽ لامار ڏيندا آهن مهاڻا وجهه وٺي کين هيٺان پڪڙي، ڄنگهه ڀڃي، چيلهه سان ٻڌل جهوليءَ ۾ وجهندا ويندا آهن.

        ’سنڌ گزيٽيئر‘ جي مؤلف، هيوز صاحب، پکين ڦاسائڻ جي انهيءَ عجيب طريقي کي نهايت قديم زماني کان مروج ٺهرايو آهي. ڪاڪي ڀيرومل انهيءَ تي راءِ زني ڪندي لکيو آهي: ” جنهن صورت ۾ ڪولن جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ وارو پاسو هو ۽ اهو جيئرن پکين جهلڻ وارو طريقو رڳو منڇر طرف آهي، تنهن صورت ۾ ائين پيو سمجهجي ته هو آڳاٽو ڪولن وارو دستور آهي: جو منڇر جا مهاڻا اڄ تائين هلائيندا پيا اچن.“(1)

        منڇر  ۾ مڇيءَ ڦاسائڻ جو به هڪ عجيب طريقو آهي. ڇا ڪندا آهن، جو هڪ وڏو ڄار وجهي، ان جي ڀرسان ٻيڙين تي ٿالهيون وڄائيندا آهن. آواز تي مڇي هيڏي هوڏي ڀڄندي آهي ۽ وڃي ڄار ۾ ڦاسندي آهي. هي طريقو  به نهايت قديم آهي. ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو:  ”هي رواج خود پيا ڄاڻائين ته ڏاڏي آدم جي ڏينهن جا آهن، جي منڇر، ڪينجهر ۽ ٻين هنڌن مهاڻا اڄ تائين هلائيندا پيا اچن؛ پر پاٻوڙن سان منهن ڍڪڻ جو رواج منڇر جي مهاڻن ۾ آهي.“(2)

        سيوهن جي قدامت تسليم شده آهي. ميجر جنرل ڪننگهام قديم  هندستان جي جاگرافيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته . سيوهڻ، الور توڙي برهمڻ آباد ۽ ٻين  شهرن کان گهڻو گهڻو آڳاٽو آهي.“(1) تاريخن ۾ به سيوهڻ  جو نالو تمام قديم  زماني کان نظر اچي ٿو چچنامي ۾، اسلام جي فتح کان گهڻو اڳ تائين ’سيوستان‘ جو نالو کنيو ويو آهي:

        ”سو چڱو ستارو ڏسي چچ ”ٻڌيه“ ۽ سيوستان جي قلعن ڏانهن روانو ٿيو. “(2)

مؤرخ بلاذريءَ به سيوهڻ جو ذڪر آندو آهي، پر کيس ”سڌوسان“ سڏيو اٿس(3) مؤرخ اليعقوبيءَ به سيوهڻ جو احوال آندو آهي ۽ سندس نالو ”سهبان“ کنيو آهي(4) ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته ”سنڌي نا“ نالي شهر، جتان جي بادشاهه ”سامبوس“ يا ”سمباس“، جنهن سڪندر جي اڳيان سنڌ جي حملي وقت هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، اهو ”سيوهڻ “ آهي(4)

تهذيب جون منزلون: آثار قديمه جي ماهرن، پٿرن ۽ ڌاتن مان ٺهيل اوزارن ۽ ٿانون کي مدنظر رکي، تهذيب  جي واڌاري جون منزلون مقرر ڪيون آهن. تمام اوائلي دۇر کي ”قديم حجري زمانو“ نالو ڏنو اٿن. ان کان پوءِ واري دۇر کي ”نئون حجري زمانو“ ٺهرايو اٿن. ان کان پوءِ ٽامو ڪتب اچڻ لڳو، انهيءَ ڪري ان کي ”ٽامي وارو زمانو“Copper age)) سڏيائون. ان کان پوءِ انسان ذات ٽامي ۽ قلعيءَ کي ملائي هڪ گاڏڙ ڌاتو جوڙيو، جنهن کي انگريزي ۾ برانز (bronze) سڏجي ٿو، انهيءَ ڪري، انهيءَ زماني کي ”برانز وارو زمانو “ (bronze age) جو نالو ڏنائون. ان کان پوءِ لوهه مان اوزارن ۽ ٿانون ٺاهڻ جو رواج پيو، ان ڪري ان زماني تي ”لوهه وارو زمانو“ (Iron age) جو نالو ڌريائون.

مٿي جيڪي سيوهڻ جي قدامت جا مثال ڏنا ويا  آهن، انهن مان ثابت ٿيندو ته سيوهڻ قديم حجري (پٿر واري) زماني کان آباد آهي، جنهن جا رهاڪو ڪول، سنٿال وغيره هئا. ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو:

”قديم زماني جي اوائل ۾ سنڌ جو رڳو الهندي طرف وارو جابلو ڀاڱو وسيل هو ۽ ان وقت جي ماڻهن (ڪولن وغيره) جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي وارو پاسو هو.“(1)

”نيئن حجري زماني“ ۾ به سيوهڻ وسيل هو. آثار قديمه جو مشهور محقق سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب” موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا “ ۾ لکيو آهي : ” نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪيءَ جي جبلن جي قطقرن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن.“(2)

ان مان معلوم ٿيندو ته ”نئين حجري زماني“ ۾ به سيوهڻ وسيل هو. ”نيئن حجري زماني“جا رهاڪو دراوڙ هئا، جن جي تهذيب ۽ تمدن  جو شاهد موهن جو دڙو  آهي. مٿي جيڪي آثار بيان ڪيا ويا آهن، انهن مان لڪيءَ جي چشمن جي لڳ واريون قبرون ۽ جهانگارن جي ڀرسان نئن کي ڏنل بند ”دراوڙ تهذيب“ يا ”نيئن حجري زماني“  جا يادگار آهن. ان زماني کان وٺي اڄ تائين سيوهڻ آباد ٿيندو آيو آهي. اهڙو ڪوبه ثبوت نٿو ملي ته سيوهڻ ڪنهن زماني ۾ کنڊهڙن جي صورت ۾ رهيو : تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته سيوهڻ ”ٽامي واري زماني“، ”برانز واري زماني“ ۽ ”لوهه واري زماني“ ۾ به آباد هو. ان جو ثبوت موجوده ڦٽل قلعو به آهي، جنهن مان برسات کان پوءِ وقتي وقتي ٽامي ۽ برانز جا سڪا ۽ لوهه جون شيون لڀنديون آهن. اهو قلعو ڪلهوڙن جي زماني ۾ به  موجود هو. مير علي شير قانع ” تحفة الڪرام“  ۾ لکيو آهي:

”حصنش از جمله قلاع سته مذڪره ست و ازان بعد بڪثرات ترميم يافته.“(1)

سيوهڻ نالو ڪيئن پيو: مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته دراوڙن جي ڏينهن ۾ به سيوهڻ آباد هو. دراوڙن جي هوندي آريا آيا، جن دراوڙن سان جنگيون جوٽي ملڪ تي قبضو ڪيو ۽ دراوڙن کي محڪوم بنايو. هنن به اچڻ کان پوءِ  هن شهر کي وسايو. شهر جو هاڻوڪو نالو ’سيوهڻ‘ به آرين جي ڏنل نالي جي بگڙيل بناوت آهي.

رگويد مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم آريا پنجن مکيه خاندانن ۾ ورهايل هئا، جنهنڪري ” پنج جن“ (Five Folks or five people) لفظ رگويد ۾ ڪيترا گهمرا ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”پنج ڄڻا“. انهن مان هڪڙا ” پرؤ“، ٻيا ” انؤ“، ٽيان ”درهيؤ“، چوٿان ” يدؤ“، ۽ پنجان ” ترسؤ“،  هئا(1) ”آنؤ“  آرين مان ڪي  پنهنجي ويجهي ڏاڏي ”شويءَ جي نالي پٺيان ” شوي آريه“  سڏبا هئا(2). رگويد واري زماني ۾ اهي پرشني (راوي) نديءَ  جي ڪناري تي رهندا هئا. انهيءَ پاسي، هو جنهن هنڌ ڄاوا نپنا، سو هنڌ سندن نالي پٺيان ”شِوپور“ (شوي، سبي) سڏبو هو ۽ هاڻي ”شور ڪوٽ“ ڪوٺجي ٿو. ڊاڪٽر سمٿ لکيو آهي:

”ضلعي جهنگ جو شور ڪوٽ، سبي صوبي جي گاديءَ جو هنڌ هو. ٻڌ ڌرم جي مندر مان لڌل ٽامي، جي هڪ وڏي ٿانوَ تي اُڪريل قديم تحرير مان، جا سنبت 38 برابر 3-402ع جي آهي، ثابت ٿئي ٿو ته انهيءَ شهر جو قديم نالو سبي ۽ ’شِوپور‘ هو.“(3)

انهن شوي آرين پوءِ سڄو پنجاب ۽ ايران جو ڪجهه حصو به پنهنجي قبضي ۾ ڪيو پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته انهن سنڌ به فتح ڪئي(1) بئرنجي لکيو آهي:

”ايران وارو جيڪو پاسو انهن هٿ ڪيو، سو سندن نالي پٺيان ’شوآسٿان‘ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار بگڙجي ’سبستان‘  ۽ ’سيستان‘ ٿيو.“(2)

سنڌ ۾ جنهن هنڌ اهي آريا ماڳ جوڙي ويٺا، سو هنڌ به سندن نالي پٺيان ” شوسٿان“ ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو اچار پوءِ بگڙجي ”سيوستان“  ۽ ”سهوان“ ٿيو ۽ هاڻ ”سيوهڻ“ سڏجي ٿو (3)

”شو“ هندن جو ديوتا به آهي، انهيءَ ڪري هي به ممڪن آهي ته اتي ’شو‘ جي پوڄاري جو هڪ وڏو مندر هجي؛ ڇاڪاڻ جو ورهاڱي کان اڳ واري زماني تائين لڪيءَ لڳ چشمن وٽ شو جو مندر هو، جتي هر سال ”شَوِ“ جو زبردست ميلو لڳندو هو. تنهن کان سواءِ منڇر جي پرئين ڪناري تي، گاجي پير تي، اڄ تائين ”سو (شو) جو ميلو“ جي نالي سان هڪ زبردست ميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ مسلمان شريڪ ٿين ٿا. ڀانئجي ٿو ته هي ميلو به هندن جي شو جي ميلي جو يادگار آهي، جو هينئر مسلمان لڳائيندا اچن ٿا. اهي ميلا ثابت ڪن ٿا ته قديم زماني  ۾ هي پاسو شو جي پوڄارين جو مرڪز هو، جي پاڻ کي ”شو“ سڏائيندا هئا. اسان جو رايو آهي ته اهي آريا، جي پنهنجي وڏي ڏاڏي  جي نالي پٺيان ”شو آريا“ سڏبا هئا سي ”شو“ ديوتا جا به پوڄاري هئا. اهي سيوهڻ ۽ ان جي پسگردائيءَ  ۾ رهندا هئا، سيوهڻ کي اهو نالو انهن ڏنو. مقامي  ماڻهو اڄ به ”شو“  جي ميلي کي ”سِوَ“  جو ميلو سڏين ٿا: اهو ڏيکاري ٿو ته ”شو– اسٿان“ بدلجي ”سواسٿان“  يا ”سيوستان“ ٿيو، جو هينئر ”سيوهڻ“  سڏجي ٿو. اها روايت مسلمانن جي زماني ۾ به مشهور هئي. مشهور سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي:

”سنڌ ۾ سيوستان نالي شهر آهي، جو اصل ۾ ’شواستان‘ هو، يعني شِوَ جو اسٿان، پر ماڻهن جي زبان تي ’ سيوستان‘  مشهور ٿي ويو.“ (1)

چچنامي مان به معلوم ٿئي ٿو ته سيوستان جي پسگردائيءَ ۾  ”سويس“ نالي هڪ قوم رهندي هئي. چچنامي جو صاحب لکي ٿو: ”سو چڱو ستارو ڏسي چچ ’ٻڌيه‘ ۽ سيوستان جي قلعن ڏانهن روانو ٿيو. سيوستان  جي قلعي ۾ مٿي نالي بادشاهه رهندو هو. هن (چچ) اوڏانهن وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ انهيءَ جاءِ  کان درياءُ  ٽپيو، جنهن کي دهتايت چوندا آهن،  جا سمن جي قوم ۽ اروڙ جي وچ وارو دنگ آهي. اتان ’ٻڌيه‘ ڏانهن روانو ٿيو. سندن حاڪم سرڪونڌ پُٽ ڀنڊر کوڀڪو هو ۽ سندن تختگاهه  ڪاڪا راڄ هو. اتي جي رهاڪن کي ’سيوس‘ چوندا هئا. چچ انهن تي حملو ڪري’سيويس‘ جو قلع فتح ڪيو. ڪاڪي  جي پٽ وڪيي، اڳيان اچي، پنهنجيءُ پيءُ ۽ تابعدارن لاءِ امان گهري ۽ ڍل مقرر ڪري تابعداري اختيار ڪيائون. پوءِ چچ اتان سيوستان ڏانهن رخ رکيو.“ (1)

”سيويس“ ”شو“ جي بگڙيل بناوت معلوم ٿئي ٿو. ”ٻڌيه“ علائقو، جنهن ۾ سيويس رهندا هئا ۽ سندن قلعو هو، سيوستان يا سيوهڻ پرڳڻي جي لڳولڳ اتر ۾ هو(2). هن مان ثابت ٿئي ٿو ته شوي قوم، علائقي سيوستان ۽ ان جي ڀرواري علائقي ”ٻڌيه“ ۾، چچ واري زماني ۾ به بگڙيل نالي ” سيويس“سان موجود هئي.

سيوهڻ جي اهميت: سيوهڻ کي قديم زماني کان خاص حيثيت حاصل رهي آهي؛ ڇاڪاڻ جو سنڌ تي جڏهن به اتر يا اُلهندي کان ڪاهه ٿيندي هئي، ته سيوهڻ سنڌ جي بچاءَ لاءِ هڪ دروازي  جو ڪم ڏيندو هو؛ انهيءَ ڪري  جو قدرتي طرح سيوهڻ لڪيءَ  جي پهاڙن ڪري اهڙي هنڌ تي آهي، جو ان تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ آساني سان لوئر سنڌ تي قبضو  ڪري سگهجي ٿو. تاريخ فرشته  مان معلوم ٿئي ٿو ته تاتارين جن سن 697 هه  ۾ دهليءَ  جي حاڪم غياث الدين جي زماني ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ته پهريائين سيوهڻ تي حملو ڪيو هو. جلال الدين خوارزم شاهه جڏهن  سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هن به پهريائين سيوهڻ قبضي  ۾ ڪيو(3). مغل بادشاهه اڪبر جو سپهه سالار عبدالرحيم خانخانان جڏهن سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن ان به سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ پهريائين سيوهڻ تي ڪاهه ڪئي.  سيوهڻ فتح ڪرڻ کان پوءِ  وڃي ٺٽو فتح  ڪيائين ۽ مرزا جاني بيگ کي شڪست ڏنائين(1) ان کان اڳ ۾ جڏهن شاهه بيگ  ارغون سن 926 هه ۾ ڄام  نندي جي پٽ ڄام فيروز کان سنڌ ٿي کسي، تڏهن به پهرئين ۽ پوئين لڙائي سيوهڻ جي ميدان ۾ لڙي ويئي(2) شير شاهه  سوريءَ  کان شڪست کائي جڏهن همايون سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن سيوهڻ هٿ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر شاهه حسين ارغون جي امير مرزا عليڪ جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو.

پوئين زماني ۾ جڏهن کان ڪلهوڙن خدا آباد هالن واريءَ کي ۽ حيدرآباد کي گاديءَ جو هنڌ بنايو، تڏهن کان سيوهڻ جي اهميت گهٽجي ويئي. ميرن به حيدرآباد کي وسايو، تنهنڪري سيوهڻ ويو ڏينهون ڏينهن  گهٽبو. انگريزن جي ڏينهن ۾ ته وڃي هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ بچيو. هينئر  ته انهيءَ  حالت کان به زبون ٿي ويو آهي.

ريل: ” ريل“ سيوهڻ جي لڳ هڪ سرسبز  ٽُڪرو هو،  جو سيوهڻ جي ماڻهن لاءِ تفريحگاهه  جو ڪم ڏيندو هو. ابو الفضل ” اڪبر نامه“ ۽ ” آئين اڪبري“ ۾ ريل لاءِ لکيو آهي: ”که نز هتگاهي ست از سيوستان“

(يعني ريل، سيوهڻ لاءِ گهمڻ جي جاءِ آهي)

تحفته الڪرام جي صاحب (ص143) ريل کي ”ولين جو رهائشگاهه“ ڪوٺيو آهي، ۽ اتي  جي ڪن بزرگن جو ذڪر به ڪيو آهي، جهڙوڪ: شيخ ابو الفضل جي پنجين ڏاڏي شيخ موسيٰ  جو، ان جي اولاد مان شيخ خضر جو، ابو الفضل جي پيءُ شيخ مبارڪ جو، درويش يحيٰ، مخدوم نجيم ۽ درويش ابراهيم جو. ابو الفضل به ”آئين اڪبري“ ۾ پنهنجن وڏن کي سيوهڻ جي لڳ ”ريل“ جو ڄاڻايو آهي.

لفظ ”ريل“ سنسڪرت ”رل“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ترائيءَ جو ڍورو ۽ ساوڪ وارو. راقم الحروف جو رايو آهي ته هاڻوڪن ڳوٺن چنا ۽ باغ يوسف واريءَ ايراضيءَ کي اڳي ريل چيو ويندو هو، جتي هينئر به ڪجهه قدر باغ آهن چنن جي سرسبزيءَ جي شاهدي محمد بن قاسم جي زماني کان ملي ٿي. چنن  جي دعوت تي محمد بن قاسم چيو هو ته ”هيءَ قوم رزق واري آهي“(1) هي سرزمين دريا کي ويجهي آهي ۽ اڳي ته اڃا به ويجهي هوندي، ڇاڪاڻ جو اڳي درياءَ سيوهڻ جي بالڪل ويجهو وهندو هو. چنن  جي ڀرسان کڏ آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اڳي جڏهن بچاءُ  بند نه هوندو هو، تڏهن درياءُ اها ڍنڍ ڇر جي ذريعي  ڀري ڇڏيندو هو، جنهن تي کوهاڏا کوٽي باغن  کي پاڻي ڏنو ويندو هو.

اهڙي قسم جي ٻئي هڪ ٽُڪري کي به ”ريل“ سڏيو  ويو آهي. ميان عطرخان ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي والد جي حڪم موجب آئين  اڪبريءَ جي تتبع تي ٻارهن جلدن  ۾ سنڌ جي تاريخ ” نگيران سنڌ“ جي نالي سان لکرائي  هئي. ان جي هڪ جلد ” تذڪره اولياء الله“ ۾ هڪ ٽُڪرو آهي: ” خط ديره جات و ميانوالي را به  هندي ’ريل ‘ گويند ڪه بعد آبڪلاني آن خطه  به سبز زاري مشهور بوده است“(1) (يعني ديره جات _ ديرو اسماعيل  ۽ ديرو غازي خان _ ميانوالي جي ٽڪري کي هنديءَ ۾ ” ريل“ ٿا چون. آبڪلاڻيءَ کان پوءِ  هي ٽڪرو ساوڪ ۽ گلزاريءَ کان مشهور ٿي رهيو آهي) هن مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته  آبڪلاڻيءَ جي پاڻيءَ کان پوءِ جنهن ٽُڪري ۾ گلذاري ٿيندي هئي، ان کي ”ريل“  سڏيو ويندو هو.

سيوهڻ جو علائقو: ڪن مؤرخن ڄاڻايو آهي ته سيوستان سڄي پرڳڻي کي چوندا هئا فقط قلعي کي سيوهڻ چوندا هئا(2). قديم زماني کان سيوستان سنڌ جو هڪ مکيه علائقو هو. هندو راڄ جي زماني ۾ سنڌ پنجن علائقن ۾ ورهايل هئي، جهڙوڪ: برهمڻ آباد، سيوستان، اسڪلنده ، ملتان ۽ اروڙ، جو خود بادشاهه راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ يا پوين هندو راجائن جي تختگاهه هو(3) راجا جي طرفان سيوستان جي علائقي تي حاڪم مقرر ٿيل هو، جو سيوهڻ ۾ رهندو هو. سيوستان جي حدن ۾ ٻڌيه، جنگان، رونجهان، ڪوهه پايه نالي ننڍا  علائقا شامل هئا؛ ويندي مڪران جي حد سيوستان جي حاڪم جي حوالي هئي(1). سيوستان جن ننڍن علائقن ۾ ورهايل هو، انهن جون حدون هن ريت هيون:

1- ٻڌيه: هي قديم سنڌ جو اتر- اولهنديون پرڳڻو هو، جو سيوستان  يا سيوهڻ جي لڳولڳ اتر ۾ هو، جو اندازاً  موجوده لاڙڪاڻي ضلعي سڄي ۽ جيڪب آباد ضلعي جي الهندي ڀاڱي تي مشتمل هو. اتر –اولهندي کان ڪيڪانان جو ترڪي پرڳڻو لاڳو هوس. راءِ گهراڻي جي زوال  وقت ” ڪاڪا راڄ“، جنهن ۾ سيويس قوم رهندي هئي، جنهن جو ذڪر اچي چڪو آهي، هن پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو.(2)

2- جنگان: هن علائقي جي حدن تي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به روشني نه وڌي آهي. راقم الحروف جي خيال ۾ موجوده ”جهانگارا“ کي ”جنگان“ ڪري لکيو ويو آهي. هو علائقو سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ هوندو ۽ منڇر  جي ڏکڻ وارين نين تي جن مان ٻنڌڙي وڏي نين آهي، آباد ٿيندو هوندو – هن علائقي ۾ نين جي آباديءَ وارا ننڍا وڏا شهر اچي ويندا  هوندا ۽ ان جون حدون لسٻيلي ۽ مڪران سان وڃي ملنديون هونديون. هينئر به ” جهانگارا“ ڳوٺ، جبل جي ننڍن ڪاريزن ۽ نين جي آباديءَ وارن ڳوٺن لاءِ وڏو ڳوٺ آهي، جتان اچي سودو سٽ وٺي وڃن ٿا.

3- رونجهان: هن نالي سان ٻه شهر اڄ تائين آهن. هڪ رونجهان مزاري ۽ ٻيو رونجهان جمالي، جيڪب آباد ضلعي لڳ موجود آهن. شايد قديم رونجهان علائقو انهيءَ ايراضيءَ تي مشتمل هو. فتحنامي جي فارسي ترجمي (361هه) کان ٻٽيهه ورهيه پوءِ، 546هه ۾، رونجهان تي مغلن جي حملي  جو تاريخي حوالو ملي ٿو، جنهن ۾ ’برج‘ ۽ ’رنجهان‘، افغانستان جي سرحد  اندر ٻه شهر ڄاڻايا ويا  آهن(3) انهيءَ جي معنيٰ  ته آڳاٽي وقت ۾ هن علائقي کي ڪافي اهميت هئي ستين صديءَ  هجريءَ ۾ هن ايراضيءَ  تي غالباً افعانستان جو قبضو هو.(2)

4- ڪوهه پايه:  لفظ جي معنيٰ  مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته هي علائقو موجوده ڪاشي تي مشتمل هوندو، جنهن جي حد مڪران ۽ لسٻيلي سان ملندي  هوندي.

خود سيوستان جون حدون اڳئينءَ برهمڻ آباد علائقي سان وڃي ملنديون هونديون ۽ موجوده ڪوٽڙيءَ تائين هونديون.

هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته قديم زماني ۾ سيوستان علائقي  ۾ ٻيا به ڪيڏا نه وڏ وڏا علائقا شامل هئا ۽ سيوهڻ ۾ رهندڙ حاڪم جي حڪومت جون حدون ڪيتريون نه وسيع هيون.


(1)  W.T Blanforl: Geology of Western Sind (Memoirs of Geological Surucy. Vol: XVII,

(1Part.1 بحواله قديم سنڌ، ڪاڪو ڀيرو مل، ص 51

(2)  Mohen Jo Daro & Indus Civilization بحواله قديم سنڌ، ص 51

(1)  Geography of Ancient India Pp. 264-266 بحواله قديم سنڌ، ص 54،

(2)  ابوالفضل ۽ فيضي“، ص 16

(3)  قديم سنڌ، ص 54

(1)  ايضن ايضاً 56

(2)  بحواله قديم سنڌ، ص 57:  The Antiquities of Sind p. 45

(3)  قديم سنڌ، ص 55

(4)  پراچين سنڌ و سڀيتا جو نظآرو

(1)  شاهه بلاول ٻه آهن: هڪ سيوهڻ_دادوءَ طرف، ٻيو ڪراچيءَ کان اٽڪل ڇٽيهه ڪوهه پري، لاوت لامڪان کان ڏيڍ ڪوهه جي مفاصلي تي، پٻ جبل جي وچ ۾ آهي ۽ عام طرح کيس پٻ جو پهلوان چيو ويندو آهي.

(1)  قديم سنڌ، ص 61

(1)  قديم سنڌ، ص 61

(2)  ايضاً،

(1)  بحواله سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 126

(2)  چچنامو، سنڌي ترجمو، ص 53

(3)  فتوح البلدان، ص 438

(4)  ج 2، ص 327.

(4)  مرزا قليچ بيگ مرحوم: ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽  ماڻهو“، ص 29، ۽ ”الوحيد“، سنڌ آزاد نمبر، ص 29.

(1)  قديم سنڌ، ص 67

(2)  ج 1، ص 92

(1)  ج 3، ص 135

(1)  بحواله ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“، ڪاڪو ڀيرو سال، ڇاپو 1941ع. ص 23.

(2)  Dr. V. A. Smith: Early History of India, 4th Ed, P 97, Footnote.

بحواله سنڌي ٻوليءَ جي تايرخ، نئون ڇاپو، ص 26

(3)  ايضاً

(1)  F.E Partiger: Ancient Indian Historical Tradition, P.P. 264 & 293

(2)  R .D. Barenji: “A Junior History of India, p. 15-“  The Sibis or Sivas hadve given their name to Sibistan.

(3)   سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 126

(1)  مصري ڇاپو، ص 5

(1)  چچنامو، سنڌي ترجمو، ص 53.

(2)  حاشي چچنامو، از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 402.

(3)  جهان ڪشا، جويني، ج 2، ص 147

(1)  ماثران مرا ۽ تحفته الڪرام ج 3، ص 47

(2)  تحفته الڪرام ج 3، ص 56

(1)  تفته الڪرام، ج 3، ص 15-16

(1)  بحواله ”ريلائي پير“، مولف محترم علي محمد سيال، ص 3

(2)  قديم سنڌ، از شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ص 339

(3)  چچنامو، سنڌي ترجمو، ص 21 کان 23

(1)  چچنامو، سنڌي ترجمو، ص 22.

(2)  چچنامو، حاشي، از محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 2_403

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com