هن دؤر جي مکيه مسئلن ۾“ عوام ۽ ان جي پسمانده زندگيءَ کي پڻ
وڏي اهميت حاصل ٿي چڪي آهي. هن دؤر ۾ ليلا- مجنون
۽ شيرين- فرهاد جي داستانن واري دؤر کي دهرائڻ
ڪابه افاديت نٿو رکي. اهي پراڻا قصا نڪي صحتمند
آهن ۽ نڪو زندگي بخش. دماغي عيش وارو جاگيردارانه
۽ بادشاهي نظام صدين کان ختم ٿي چڪو آهي، ۽ ان جي
جاءِ تي عوامي تصورات جو دؤر اچي چڪو آهي. عوام
پنهنجي مقام کي سڃاڻي چڪو آهي، ۽ پنهنجي منصب ۽
مقصد حيات کي ماڻڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهي. ان
جي مقابلي ۾، سرمائيڪار ۽ رزدار طبقو به غافل نه
آهي. اهو عوام جي دل ۽ دماغ کي مائوف ڪرڻ لاءِ
نئين سج نوان حربا پيو استعمال ڪري. پراڻين کنڌين
کي پيو کولي، پراڻين روايتن کي پيو گڏ ڪري، ۽
انساني ذهن ڪُند ڪرڻ لاءِ زنگ آلود، بلڪ زهر آلو
موضوع پيو تراشي ۽ لکي. اهي ئي نشه آور هجر و وصال
جا قصا، اهي ئي عيش رفته جي داستان سرائيءَ جا
اَٺسٺا، اهي ئي درباري قسم جي شعر و شاعري؛ اهو
ئي گل ۽ اهائي بلبل، اهوئي خط ۽ اهو ئي خال، اهي
ئي زلفِ مسلسل جي حڪايت! حالانڪه اهو دۇر به گذري ويو، ته ان دۇر
جا ماڻيندڙ ۽ مدح گو به گذري ويا. اڄ نڪا آهي
درٻار، نڪو آهي عيش ۽ تجمل؛ نڪو آهي ساقيء ماه و
ِش، نڪو آهي معشوق سيمين بدن؛ نڪو آهي باده جان
افروز، نڪو آهي پيرِ مغان زهد شڪن؛ نڪو آهي جامِ
جهان نما، نڪا آهي صراحي گردن دراز، ۽ نڪو آهي
عاشق جان بڪف! اڄ ته خلق پيئي اَٽي ۽ لٽي، آجهي ۽
امن لاءِ واجهائي. اڄ جنگ جا بادل ڇانيا بيٺا
آهن. اڄ هر ملڪ راڪيٽن جي زد ۾ آهي. اڄ هر سرحد تي
فوجون برسرِ پيڪار آهن. اڄ هر صبح ڪنهن نئين
انقلاب لاءِ ٿو اچي، ته هر ڪا شام ڪنهن ’صبحِ
انقلاب‘ لاءِ پيئي پيچ وتاب کائي! اڄ هر هنڌ
انقلاب آهي __ هر ملڪ ۾ انقلاب، ۽ هر قوم ۾
انقلاب. اهڙي دۇر
۾ اديبن جو فرض منصبي اهو ئي آهي ته هو انسان جي
اجتماعي شعور جي ترجماني ڪن؛ انسان جي فڪر ۽ نظر
جي تطهير ۽ پاڪيزگيءَ لاءِ سامان پيدا ڪن؛ سماج جو
ڌندڙ غلطڪاريءَ تي ٽوڪين ۽ کيس شرمائين؛ پنهنجي
ملڪ ۽ قوم جي مفاد کي ترجيح ڏين، پنهنجي ساده دل
عوام ۾ روشن ضميري پيدا ڪن، زنگ آلود ۽ زهر آميز
تخيلات ۽ تصورات کي ڇڏي، صحتمند معيار ۽ اصول پيدا
ڪن، انهن متعلق لکن، انهن جي تبليغ ڪن، انهن کي
ورجائي ورجائي بيان ڪن، پنهنجي غزل، پنهنجي
افساني، پنهنجي ڊرامي، پنهنجي ناول ۾ اها حقيقت
پيدا ڪن، جيڪا حقيقت زوال آشنا قوم ۾ زندگيءَ جو
احساس پيدا ڪري سگهي .
اسان جون قومي ۽ ثقافتي رايتون، جي اسان کي پنهنجن وڏڙن کان
ورثي طور مليون آهن، ۽ جن ۾ اسان جي دل ۽ دماغ جون
نشوونما حاصل ڪندڙ پاڙون قائم آهن، انهن جي نه فقط
حفاظت جو سامان پيدا ڪرڻو آهي، بلڪه انهن جي فروغ
لاءِ به سوچڻو آهي.
اسان جي تهذيبي تاريخ به شاندار، اسان جي عمراني حيثيت به
زندهه، ۽ اسان جو ماضي به تابنده، تاهم اسان جي
ادب ۽ اديبن جو اڄ به ڪو حصو پراون دهلن تي احمق
وانگر پيو نچي. اسان جو اديب نه خود آگاهه رهيو
آهي، ۽ نه خدا آگاهه؛ نه وري اسان جو ادب آهي خود
شناس.
جدت ۽ ترقيءَ جا جيڪي به نوادر پيدا ٿي سگهن، اهي سڀ تعريف جوڳا
آهن؛ پر اها جدت، جنهن جي آغوش ۾ بدعت ۽ قدامت،
رجعت ۽ غير مقصدي جاهليت هجي، اها ته موت جي برابر
آهي. اڄ ڪيترن جدت پسند اديبن ۽ شاعرن ۾ ئي
هوسناڪي ۽ نفس پروري موجود آهي، جا امراءُ القيس ۾
آهي؛ اهوئي ذوقِ جمال آهي، جو آسڪروائلڊ ۾ آهي؛
اهائي جنسي بک آهي، جا منٽوءَ جي فن ۾ موجود آهي،
۽ نه فن سان؛ نه عوام سان انصاف ڪيو آهي، ۽ نه
تاريخ سان. انهن جو ادب ۽ فن، جدت ۽ ترقيءَ جي آڙ
۾ رجعت به آهي، ۽ جاهيلت به.
اسان جي هِنن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ لازم آهي ته هو پنهنجي موقف
تي دوباره نظر ڪن.
حضرت علامه مشرقي مرحوم:
علامه عنايت الله المشرقي، بر صغير پاڪ و هند جي هڪ جليل القدر
۽ عظيم المرتبت عالم دين، مفڪّر ۽ مجاهد جي حيثيت
سان بين الاقوامي شهرت جو مالڪ هو. علامه صاحب، 26
آگسٽ 1963ع تي وفات ڪئي آهي.
علامه مشرقي نه فقط جديد ۽ قديم علوم و فنون جو هڪ متبحر عالم
هو، پر ان سان گڏ سياسي بصيرت جو به مالڪ هو.
علامه صاحب نه فقط گفتار جو غازي هو، پر ان سان گڏ
ڪردار جو به غازي هو. سندس علمي ۽ ديني، فڪري ۽
ملڪي، مجاهدانه ۽ محققانه خدمتون کيس نه فقط
اسلامي دنيا ۾ هڪ انفرادي حيثيت ڏئي چڪيون آهن، پر
ان سان گڏ سندس قرآن تي پيش ڪيل ريسرچ کيس جديد
عالمن ۽ سائنسدانن جي پڻ صف اول ۾ شمار ڪرڻ تي
مجبور ڪيو آهي.
علامه مرحوم، پنهنجي پوري عمر عزيز، قرآن جي مطالع ۽ جديد علوم
جي تحصيل ۽ تنقيد ۾ گذاري ڇڏي هئي. سندس قرآني
اڪتشافات، هن دور جي معرڪه سائنسي مسئلن متعلق،
محققانه ۽ عالمانه ۽ مباحث تي مشتمل آهن. ان سلسلي
۾ تذڪره ۽ حديث القرآن جو پايو نهايت بلند آهي.
’تذڪره‘ سندس عميق ۽ دقيق، محققانه ۽ عالمانه مطالع جو پيش بها
شاهڪار آهي، جنهن ۾ ’انسان ۽ ان جي ارتقاءَ‘ متعلق
نه فقط جديد سائنسي نظريات جي تائيد ڪئي وئي آهي،
پر ان سان گڏ، ڊارون ۽ ان جي خوشه چين محققن جي
بعض علمي ۽ سائنسي فروگذاشتن جي اصلاه پڻ ڪئي وئي
آهي. ان سلسلي ۾ علامه صاحب، ’الاهيات ۽ ماوراء
الطبعيات‘ متعلق بحث ڪري، ڊارون جي نظريات مان
پيدا ٿيل غلط قسم جي ملحدانه ۽ لاديني نظريات ۽
خدشات جي پڻ سخت ترديد ڪئي آهي؛ ۽ جديد سائنسي
علوم ۽ نفسيات جي روشنيءَ ۾ ’ وحي الاهي‘ جو عجيب
غريب تعبير پڻ پيش ڪيو آهي، ۽ ٻڌايو اٿس ته جديد
علوم جي تحصيل ۽ تڪميل کان پوءِ الحاد ۽ ارتياب جي
پيدا ٿين جو علاج فقط قرآن ئي پيش ڪيو آهي.
’تذڪره‘ قرآن جي انهن ’ منصوص اشارات‘ جو سائنسي تفسير آهي، جو
دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ مسلم عالم جي قلم مان پيدا
ٿيو.
ان سلسلي ۾ علامه جوهري طنطاوي جي تفسير کان علامه مشرقي جي
تحقيق جو پايو بلند آهي، علامه مرحوم، هڪ طرف آئن
سٽائن، برگسان ۽ ڊارون، پارن عالمن جي نظريات،
ارتقاء ۽ زمان مڪان متعلق تذڪره ۾ مفصل طور بحث
ڪيو آهي ته ٻئي طرف خالص حياتياتي نقطهء نظر سان
پڻ انسان جي تخليق ۽ارتقاء تي بحث ڪري، مغرب جي
مشهور عالمن جي غلطين جي اصلاح ڪئي آهي، علامه
مشرقي جو ’ تذڪره‘ جڏهن ته سندس مجتهدانه بصيرت ۽
محققانه ڪاوشن تي مشتمل هو، تڏهن ته وقت جي قديم
الخيال عالمن؛ جي جديد علوم کان نا آشنا هئا، تن
ان متعلق ڪنهن به علمي راءِ جو اظهار نه ڪيو، بلڪ
قدامت پرست ۽ رجعت پسند طبقن طرفان، ’ تڪفير‘ جي
فتوا تائين پڻ نوبت پهتي، ان جي مقابلي ۾، يورپ جي
عالمن ۽ محققن، ’ تذڪره‘ کي پنهنجي دۇر جي وڏي علمي تحقيق قرار ڏيئي، کيس ’ نوبل پرائيز‘ جي
آڇ ڪئي، ان لاءِ فقط اهو هڪ شرط وڌو ويو ته علامه
صاحب، تذڪره جو انگريزيءَ زبان ۾ ترجمو ڪري پيش
ڪري، _ پر پاڻ ائين نه ڪري سگهيا.
تذڪره، کان پوءِ سندن’ خطبات ۽ مقالات’ کي وڏي شهرت حاصل آهي؛
جنهن ۾ سندن انداز شعله انگيز ۽ ولوله خيز خطيب
وارو آهي، سندن لب و لهجه ۾ شدت ۽ غلظت، ندرّت
انداز بيان ۾ ندرت ۽ غرابت، سان گڏ بيپناهه
روانيءَ ۽ باطل شڪن دلائل جي فراواني کي ڏسي،
انسان دنگ رهجي ٿو وڃي!
عالمه صاحب، جڏهن ته رياضيات جو به ماهر هو، تڏهن سندس علمي ۽
فڪري انداز به رياضيءَ جي اصولن موجب هئا. علامه
صاحب، هڪ نّباض ۽ رياضيدان معالج وانگر، بطور
پيشگوئي، عجيب غريب انڪشافات سان پوري ملڪ کي لوڏي
ڇڏيندو هو.
سندس علمي ۽ ديني خدمت جي سلسلي ۾ سندس آخري تحقيقي
ڪاوش ’ تڪمله’ کي وڏي اهميت حاصل آهي، ’ تڪمله‘ جي
ٻن ضخيم جلدن ۾ علامه صاحب، قرآن ڪريم جي ترتيب،
حضور رسالت ماّب صله الله عليه وآلہ وسلم جن جي
ذات بابرڪات ۽ سندن حيات طيبه ۽ واقعات ۽ حالات
سان تطبيق ڏيندي، بيان ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ بعض
مستشرقين، قرآن جي نزولي ترتيب کي قائم ڪرڻ لاءِ
گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، پر سندن نگاه، جڏهن ته صاحب
القرآن جي حيات طيبه تي نه رهي آهي، لهذا ان ترتيب
جي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهن، ان حيثيت سان به
علامه موصوف پهريون عالم آهي، جنهن حيات طيبه ۽
اسوہء حسنه کي ترتيب نزوليءَ جي تطبيق ۽ تعبير سان
بيان ڪرڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي آهي، گويا سيرت النبي
کي قرآني بصيرت جي روشنيءَ ۾ ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي.
ان ڪم متعلق اگرچ مولانا شبلي ۽ ابوالڪلام آزاد به
پنهنجي مقالات ۾ اشارات ڪري ويا آهن، پر ان جو
عملي طورمنصئه شهود تي اچڻ علامه مشرقي جي ذات سان
وابسته هو. پاڻ ان ڪم جو بنياد رکيو اٿن، هاڻي ڪو
صاحب علم هجي، جو ان ڪم کي پايئه تڪميل تي به
پهچائي، ۽ علامه مرحوُم جي ڪن فروگذاشتن جي تصحيح
به ڪري. هن دۇر
جي وڏي خدمت اهائي سمجهڻ گهرجي.
علامه مرحوم جي جديد تاويلات ۽ تعبيرات، قرآن حڪيم جي
جديد ۽ سائنسي تشريحات نه فقط کيس بين الاقوامي
شهرت ڏني، پر بر صغير پا ڪ و هند جي، وڏن وڏن جليل
القدر عالمن ۽ محققن کي به جهڪائي ڇڏيو، ان سلسلي
۾ ’تذڪره‘ حديث القرآن تڪلمه، قرآني حقائق و معارف
تي بيش بها شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. انهن ڪتابن کي
مطالع ڪرڻ نه فقط قديم الخيال عالمن لاءِ لازمي
امر آهي، پر ان سان گڏ مغربي علوم ۽ نظريات کان
متاثر ۽ مرعوب ٿيل نوجوانن لاءِ به اهي ڪتاب،
اڪسير جي حيثيت رکن ٿا. اهي ڪتاب اگرچ فن ۽ مواد،
جدّت بيان ۽ ندرت خيال جي حيثيت سان نهايت مغلق ۽
عسيرالفهم آهن، تاهم ڪنهن وڏي عالم جي رهبريءَ هيٺ
انهن جو حل ڪرڻ آسان آهي. موجوده الحاد ۽ زندقه جي
دۇر ۾ انهن جو مطالع روح پرور ۽ ايمان افروز ثابت ٿيندو.
علامه صاحب جي ديني ۽ تصنيفي خدمتن کان علاوه، سندن
’خاڪسار تحريڪ‘ به قابل توجهه آهي. اها تحريڪ،
پنهنجي مجاهدانه ڪردار جي حيثيت سان ملڪ جي ٻين
سڀني تحريڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ فعال، جاندار ۽
سرفروش تحريڪ هئي، جنهن تحريڪ بهادر يار جنگ جهڙا
جليل القدر ماڻهو پيدا ڪيا. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ
ڪين آهي، ته ان تحريڪ مان پيدا ٿيل ماڻهوئي ،
اڄڪلهه وڏن وڏن عهدن ۽ وزارتن تي پڻ وڃي پهتا آهن.
ان تحريڪ ۾ ذوق جهاد، جدوجهد، جان نثاري، قرباني، اخوت
خدمتِ خلق، مساوات ۽ انسان دوستيءَ جا اهڙا ته
ولوله انگيز ۽ روح پرور اجزاءَ ملايا ويا، جن کان
ڪيترا هندو ۽ سک به متاثر ٿيا، ۽ باقاعده ان تحريڪ
۾ شامل رهيا __ ۽ رات ڏينهن خدمت ۾ مصروف رهيا.
علامه جي مقاصد ۾ نه فقط هندستان جي آزادي هئي، پر ان
سان گڏ سڀني قومن جي گڏيل ۽ وفاقي بين الاقوامي
نظام جي تشڪيل ۽ تعمير پڻ هئي. افسوس جو سندس ان
بلند درجه مقاصد ۽ بين الاقوامي نصب العين جي
عملي طور ظهور پذير ٿيڻ جي راهه ۾ سندس شرڪاء ڪار
جي سستي، ۽ انگريزن جي غلط بيني، سدراهه رهيا ۽
تحريڪ ڪامياب نه ٿي.
ان سلسلي ۾ هڪ طرف انگريز سرڪار تحريڪ کي نازي تحريڪ
وانگر خطرناڪ قرار ڏنو، ۽ علامه مشرقي کي جيل
موڪليو، ۽ سندس رفيقن کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي
طرف رجعت پسند عالمن ڪفر جون فتوائون ڏئي، تحريڪ ۽
صاحب تحريڪ کي بدنام ڪيو، ٽئين طرف ڪانگريس، هن
عسڪري تنظيم کي برداشت ڪري نه سگهي، چوٿين طرف
مسلم ليگ جي مصلحت آميز ۽ سرد مزاج ليڊرن، هن
ولوله انگيز ۽ مجاهدانه تنظيم جو ساٿ نه ڏنو،
نتيجو اهو نڪتو، جو انگريزن بهانو بنائي، تحريڪ کي
ڪُچلي ڇڏيو.
اها به حقيقت آهي ته ڪانگريس جي ڪن ليڊرن،
مهاتماگانڌيءَ کي هن تحريڪ متعلق غلط فهمين ۾ وجهي
ڇڏيو. ۽ هن تحريڪ کي نظرانداز ڪري، قائد اعظم محمد
علي جناح ڏانهن متوجه رکيو. نتيجو اهو نڪتو جو
ملڪي معاملات جو آخري حل، انگريزن جي رضامنديءَ
سان ڪانگريسي ليڊرن ۽ مسلم ليگي رهنمائن جي رحم
ڪرم تي ڇڏيو ويو، ۽ قائد اعظم ۽ علامه مشرقي جي وچ
۾ اختلاف پيدا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي.
علامه صاحب مرحوم، ’پاڪستان‘ جي تقسيم جو قائل هو، پر
سندس نصب العين ۽ طريق ڪار، ۽ سندس داخلي ۽ خارجي
معاملات جو رخ، نڪو انگريزن تسليم ڪيو ۽ نڪو
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ وارن جي سمجهه ۾ ئي آيو لهاذا
تحريڪ ناڪامياب رهي.
ملڪ جي تقسيم کان پوءِ، به علامه مرحوم، ملڪ و ملت جي
خدمت ۾ سڀني ليڊرن کان پيش پيش رهيو، پنهنجي
مجاهدانه خدمتن کي ڪشمير لاءِ آڇيندو رهيو، پر وقت
جي صاحب اقتدار ماڻهن ان طرف ڪو به توجهه نه ڏنو.
علامه جي سياسي بصيرت جو انداز ان مان لڳائي سگهجي ٿو
جو سندس پيشگويون حرف بحرف سچيون نڪتيون. سندس
رياضي اصولن واري ديني بصيرت ڪڏهن به غلط اندازو
نه لڳايو. اهوئي ٿي گذريو، جنهن متلعق علامه صاحب
رڙيون ڪندو آيو. اڃا تائين انهن غلطين جي تلافي نه
ٿي آهي.
بهرحال، علامه مرحوم پنهنجي جامع الڪمالات حيثيتن سان نه فقط هڪ
مجاهدانه تحريڪ جو سربراهه ۽ هڪ عالم دين هو، پر
ان سان گڏ قرآن جو مبصر، محقق ۽ مفسر، جديد علوم،
جو عالم ۽ نقاد، مففڪر ۽ رياضيدان، پر ان سان گڏ
سائنسدان ۽ يگانه روزگار فرد هو. سندس فضل ۽ ڪمال
جا ماڻهو، مشرق ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿي سگهندا .
ڪاش علامه مرحوم، يورپ ۾ پيدا ٿئي ها يا آئن سٽائن جي
مشوري تي ساڻس گڏجي ڪم ڪندو رهي ها ته هوند هن
بيذوق ۽ بيعمل، شاعرانه ماحول ۽ دقيانوسي نظام
حيات جو شڪار نه ٿئي ها! رب ڪريم کيس مرهي، ۽ سندس
ولوله انگيز شخصيت جو ڪو نعم البدل پيدا ڪري. سندس
ياد جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس ڪتابن کي غور
سان مطالع ڪيو وڃي _ انا الله . . .
ائڊولس هگزلي:
برطانيه جي مشهور فلسفي ۽ روحانيت پسند عالم، ائڊولس
هگزلي کي بين الاقوامي شهرت حاصل هئي. افسوس جو
شهره آفاق فلسفي تازو وفات ڪري ويو آهي. هگزلي،
مغربي تهذيب ۽ ان جي ماد ي نظريات ۽ موجوده دۇر جي طرزِ حيات ۽ طرزِ حڪمرانيءَ جو وڏو نقاد هو. سندس
فلسفي جو مرڪزي موضوع هوامن پسندانه نظام پيدا
ڪرڻ، ۽ انسانذات ۾ روحانيت کي اُجاگر ڪرڻ. ان
سلسلي ۾ هگزلي عيسائيت جي بيروح ۽ رسمي مذهبي نظام
جا به خوب ڇوڏا لاٿا آهن. سندس تحريرون مذهبي رجعت
پسند ماڻهن لاءِ پڻ ولولهء انگيز ثابت ٿيون. مذهبي
پيشوا سندس سخت تنقيد جوڪڏهن به جواب ڏيئي نه
سگهيا. ان طرح، بيروح مادي نظريهء حيات تي سندس
تنقيدون نه فقط ماده پرست نظام لاءِ موت جو پيغام
ثابت ٿيون، پر ان سان گڏ اهل فڪر ماڻهن جو اهڙو
وسيع حلقو پڻ پيدا ٿيو آهي، جنهن جي سوچڻ ۽ پرجهڻ
۾ انسانذات جي امن ۽ خوشحاليءَ ، روحانيت ۽ اخلاق
جا قدر موجود آهن. هگزلي جو چوڻ آهي ته عيسائيت جو
بيروح نظام انسان جي همئگير مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ
ناڪافي آهي؛ ان طرح موجوده ماده پرستانه نظام به
انسان جي اخلاقي ۽ روحاني قاضائن کي پورو نٿو ڪري
سگهي. اهو ياد رهي ته هگزلي روحانيت پسند عالم هو،
۽ خاص طورتصوف ۽ ويدانيت تي سندس وسيع نگاهه هئي.
سندس احبابن ۾ وڏن وڏن مذهبي عالمن، صوفين ۽
روحانيت پسند فلسفين جو وسيع حلقو شامل آهي. سندس
چوڻ آهي ته انسان محض گوشت ۽ پوست جو ٺهيل نه آهي،
جنهن جو پوري زندگي فقط پيٽ جي مسئلن لاءِ وقف
رهجي وڃي ۽ هو عيش ۽ دنياوي آسودگيءَ لاءِ جدو جهد
ڪندي، رڳو حيواني تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ ختم ٿي
وڃي: انسان جي زندگي هڪ مقصد لاءِ آهي، ۽ اهو مقصد
آهي زندگيءَ جي تعمير، انسانذات لاءِ امن ۽ ايمان،
صلح ۽ سلامتيءَ جوماحول پيدا ڪرڻ، رنگ ۽ نسل، مذهب
۽ ذات پات جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي، عالمگير نظام
حيات جي پيدا ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، ۽ انسان ۾
روحاني اخلاقي قدرن کي پيدا ڪرڻ. ان سلسلي ۾ هگزلي
جي فن ۽ فلسفي کي دنيا جي عظيم عالمن ساراهيو آهي.
هگزلي هميشه جنگ جي خلاف جدوجهد ڪندو رهيو آهي.
موجوده دنيا جڏهن جنگ کي مقدس ديوتا جي حيثيت ڏني،
تڏهن هگزلي جو تنقيدي لب لهجو حد کان وڌيڪ سخت ۽
تلخ رهيو. مذهب پسند جنگجو طاقتن جڏهن پنهنجي مد
مقابل قوتن کي ڪُچلڻ لاءِ اهو نعرو هنيو ته اسين
’ خدا جي بادشاهت‘ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون،
تڏهن هگزلي انهن کي دندان شڪن جواب ڏيندي چيو:
”اوهان جي جنگيون، جي ’ صليب‘ جي مقدس نشان جي سايي ۾ لڙيون وڃن
ٿيون؛ اوهان جون فوجون، جي پاڻ سان چَڪلن کي ساڻ
کڻي ميدان جنگ ڏانهن وک وڌائن ٿيون؛ اوهان جون
فوجي تدبيرون، جن ۾ انسان دشمن جنگي هٿيارن کان
سواءِ ٻي ڪابه امن پسند چيز ڪانه آهي ... ڇا،
اوهان جو خدا انهن سڀني جنگ پسند ۽ انسانيت ڪُش
تدبيرن ۾ به اوهان جو مددگار آهي؟ اوهين چئو ٿا ته
هائو، اسان جون مقدس صليبي لڙايون خدا جي بادشاهت
جي قيام لاءِ لڙيون وڃن ٿيون، تڏهن مان چوان ٿو ته
اگر اوهان جي دعوا اها ئي آهي ته پوءِ چئبو ته
اوهان جو خدا به چَڪلن جو خدا آهي، انسانيت جو
دشمن خدا آهي، هٿيار ۽ فوجي سامانن جو خدا آهي، جو
اوهان جي چوڻ تي لڳي، ٻين صلح پسند قومن کي ختم
ڪرڻ لاءِ اوهان جي مدد به ڪري رهيو آهي!“
هگزليءَ جڏهن ڏٺو ته استبداد ۽ تشدد ، وحشت ۽ بربيت کي قائم رکڻ
لاءِ هرڀرو خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، ۽ محض ’ برڪت ‘
لاءِ خدا جو اقرار ڪيو وڃي ٿو، باقي حڪومت جو نظام
چند ماڻهوئي هلائين ٿا، چيائين:
”اوهان جي زبانن تي خدا _ خدا آهي، پر اوهين پهرين درجي جا
منافق ۽ خدا دشمن آهيو. اوهان جي عملي زندگيءَ نه
خدا جو خوف آهي، ۽ نڪو اوهان جي اخلاق ۾ خدا
پرستانه جذبات جو وجود آهي، اوهين زبان سان ’خدا
جي بادشاهت‘ جا نعرا ته هڻو ٿا، پر اوهان جو هر
عمل خدا جي خلاف آهي. اوهين اهو عملي طور انڪار
انڪ ري ڪريو ٿا، ڇا لاءِ جو اوهان جي حڪومتن جو
نظام چند سيڪريٽرين جي هٿ وس آهي. برطانيه جو خدا،
برطانيه جا 45 سڪرييٽري آهن، جي مختلف النوع محڪمن
کي هلائي رهيا آهن. ان طرح، هڪ خدا جي مقابلي ۾،
هر ملڪ ۾، چند سيڪريٽرين جي هٿ ۾ ملڪ جون واڳون
آهن. افسوس اهو آهي ته اهي پنهنجي منافقانه طرزِ
حيات ۾ هروڀرو ’خدا‘ جو نالو وٺن ٿا!
هگزليءَ جي اهڙين سخت تنقيدن کيس وطن کان هجرت ڪرڻ تي مجبور
ڪيو، ۽ لڏي وڃي آمريڪا ويٺو، جتي تازو وفات
ڪيائين. سندس ڀاءُ جولين هيڪسلي، مشهور سائنسدان،
اڃا جيئرو آهي.
آمريڪي صدر، جان ڪينيڊي:
هن دؤر ڄي شديد ۽ وحشت انگيز، المناڪ ۽ جگر دوز واقعن ۾ آمريڪا
جي نوجوان صدر، جان ڪينڊيءَ جو قتل هڪ انتهائي
المناڪ تاريخي حادثو آهي. سندس قاتل نه فقط هڪ دؤر
۽ هڪ قوم کي قتل ڪيو آهي، بلڪ ان سان گڏ پوريءَ
دنيا جي باشعور ماڻهن جي دلين کي پڻ مجروح ڪري
ڇڏيو آهي. پوري دنيا هن نوجوان صدر جي قتل کي هن
تهذيبي دؤر ۾ وحشت ۽ بربريت جو بدترين سانحو قرار
ڏيئي چڪي آهي. هن تهذيبي ۽ سائنسي دۇر
۾ ان قسم جي قاتلانه حرڪت جو تصوّر به نٿو ڪري
سگهجي ته ڪو ظالم هن دؤر جي سڀ کان وڏي جمهور پسند
جي سربراهه کي ائين ڏينهن ڏٺي جو گولين جو شڪار
بنائي سگهي ٿو.!
ڪينيڊي اگرچ هڪ انسان هو، ۽ اسان وانگر گوشت ۽ پوست جو مرڪبّ
ماڻهو هو، پر سندس حيثيت هڪ تايخي انسان ۽ تاريخي
دۇر
جي آهي. جوانيءَ جي ولولن ۽ حوصلن جي اعتبار کان،
جوان ساليءَ ۽ نوخيزيءَ ۾ايتري اهم ۽ عظيم اقتدار
جو جمهوري تاج جنهن مخلصانه جدجهد ۽ جاکوڙ کان
پوءِ ڪينيڊيءَ هٿ ڪيو ۽ سنڀاليو، ان جو مثال ملڻ
مشڪل آهي. پنهنجيءَ جاءِ تي، موجوده تاريخي ۽
جمهور پسند دۇر
۾ هي به هڪ تاريخي واقعو آهي. ليڪن انسان جي
بربريت ۽ وحشت لاءِ ڇا چئجي؟ امن ۽ صلح جي بين
الاقوامي قدرن جي تبيلغ ۽ اشاعت جي موجوده دۇر
۾، اُهو ڪينيڊي، جو عالمي امن ۽ صلح، سلامتي ۽
حفاظت، انساني وقار ۽ عزت سان گڏ، پنهنجي قومي
عظمت، ملڪي شان ۽ اجتماعي غلبي، باالخصوص پنهنجي
ملڪ مان گورن ۽ ڪارن جي اختلاف کي مٽائڻ لاءِ رات
ڏينهن مصروف ڪار هو. ان کي هڪ ذليل گوليءَ جي هڪ
وار، شيشي وانگر چڪنا چور ڪري ڇڏيو!
لعنت آهي اهڙيءَ ذليل حرڪت تي! اسين مذمت ڪريون ٿا اهڙي ذليل
وحشيءَ جي، جنهن پنهنجي خباثت باطنيءَ ۽ بزدليءَ
جو ان غلط نموني ۾ مظاهرو ڪيو آهي. دنيا ملامت ڪري
رهي آهي اهڙي انسانيت جي دشمن تي، جنهن پنهنجي قوم
۽ ملڪ کي بدنام ڪيو ۽ جو هن دردناڪ هادٿي نه فقط
باشعور انسانن کي رنج پهچايو آهي، پر ان سان گڏ هن
دۇر جي سڀ کان وڏي ترقي يافته ملڪ کي به داغدار ڪيو آهي؛
بدنام ۽ رسوا ڪيو آهي، ۽ جمهور جي امن پسندانه ۽
صلح جُويانه ڪوششن تي ڪاري ضرب هنئي آهي. لعنت آهي
وحشيءَ ۽ پاڳل تي، ان جي مرده دل ۽ مرده ضمير تي،
جنهن جي ذليل حرڪت نه فقط پنهنجيءَ قوم کي ذليل
ڪيو آهي، پر ان سان گڏ هڪ اهڙي جوان همت انسان کان
پوريءَ انسانذات کي محروم ڪيو آهي، جنهن جي تد
ّبر ۽ بلند حوصلي، امن عالم لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو
هو.
ڪينيڊي صدارت جي عهدي تي فقط ٻه سال ۽ ڏهه مهينا رهيو. سندس
ايتري مختصر زندگي هڪ دانشمند ۽ بلند نظر، تيزگام
۽ محنتي، محب ّ وطن انسانيت جي زندگي رهي. ٻن سالن
۽ ڏهن مهينن جي ان قليل عرصي ۾ ڪينيڊيءَ جي سياسي
مصلحت هڪ طرف روس جي وزير اعظم خروشچوف جي گهن گرج
کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ ٻئي طرف روس جي مقابلي ۾
سائنسي تجربن جي ڊوڙ ۾ قدم وڌايو. انهن ٻن سالن جي
مختصر دۇر
۾ ڪينيڊيءَ آمريڪي حبشين جي صدين کان وٺي دٻيل
آواز کي دوباره اُڀرڻ جو موقعو ڏنو. انهن ٻن سالن
۾ ڪينيڊيءَ بين الاقوامي سياسي مسئلن جي حل ڪرڻ
لاءِ عظيم الشان خدمتون بجا آنديون. ان ئي عرصي ۾
هن لائوس ۽ ڪيوبا جي مسئلن کي منهن ڏنو، روس سان
تعلقات وڌايا، ۽ چين لاءِ نرمي اختيار ڪئي.
ڪينيڊيءَ، شڪ ناهي ته سياسي نقطه نظر سان ڪيتريون غلطيون به
ڪيون. سندس انتها پسندانه روش چين ۽ ڀارت جي
هنگامي ڪشمڪش جي دۇر
۾ نهايت ڏکوئيندڙ حد تي پهتي. مشرق کي ڪميونزم جو
ڀوت بڇائي، انهن کي بچائڻ لاءِ وڏيون امدادون
ڏيئي، اسان جي وطن کي جنهن نموني ۾ نظرانداز ڪري
ڪمزور رکڻ جي پاليسي اختيار ڪئي ويئي. سا چين جي
مقابلي ۾ دفاعي مصلحت جي ماتحت ئي سهي، تاهم وڏي
غلطي هئي، جنهن جي تلافيءَ لاءِ سندس جانشين،
جانسن، گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو آهي. باوجود انهن
غلطين جي، ڪينيڊيءَ پنهنجي نوخيز ولوله انگيز
جوانيءَ ۾، باشعور نوجوانن جي سربراه جي حيثيت سان
پخته ڪار اڳواڻن ۽ آزموده ڪار سياستدانن وانگر،
عالمي مسئلن، خاص طور هن دۇر
جي اُڀرندڙ ۽ وڌندڙ شعور جي ترجماني جنهن نموني ۾
ڪئي آهي، اها آَفرين ۽ تحسين جي قابل آهي. سندس
غلطين سندس اخلاقي معيار کي اڃا به زياده رنگ ڏنو
آهي. آخر ته ڪينيڊي به هڪ انسان هو، ۽ غلطين کان
ته ڪوبه انسان پالهو ڪونه آهي.
بهرحال، ڪينيڊي زندهه رهندو، آمريڪي قوم جي تاريخ ۾؛ ڪينيڊي
زندهه رهندو، جوانيءَ جي ولوله انگيز ۽ جرات
مندانه تاريخ ۾، ۽ تاريخ عالم جي ورقن ۾، سندس
پوئينءَ تقرير جا لفظ آهن:
”هن کان پوءِ ووٽن يا گولين سان ئي آزاديءَ کي ختم ڪري سگهبو!“
صدر ڪينيڊيءَ جي ڪردار جي اهميت نه فقط تاريخي نقطه نظر سان
تحسين جي قابل آهي، پر ان کان وڌيڪ، ان جي عمراني
حيثيت به قابل فخر آهي. صدر ڪينيڊيءَ کي ڏکڻ
آمريڪا ۾ پيدا ٿيل گورن جي نسلي تعصب کي ختم ڪرڻ
جي سلسلي ۾ ان طرح ئي ماريو ويو، جئن اڄ کان سؤ
سال کن اڳ عظيم آمريڪا جي عظيم معمار، آمريڪي قوم
جي ابي، ابراهام لنڪن جهڙي همدرد خلائق مصلح کي
ڏينهن ڏٺي جو گولي هڻي ماريو ويو هو. تازو ڏکڻ
آمريڪا ۾ گورن ۽ ڪارن جي باهمي آويزش خطرناڪ صورت
اختيار ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ هزار ها بيگناهه شيدي
ماريا ۽ جلايا ويا هئا، ۽ کين انساني شرف ۽
آزاديءَ جي حقن کان محروم رکڻ لاءِ هڪ ڀرپور ۽
همگير تحريڪ هلي رهي هئي. صدر ڪينيڊيءَ ان
انسانيت ڪُش فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ مردانه وار ۽
مخلصانه جدوجهد سان ڪم ڪيو، ۽ ڪارن جي انساني
برابريءَ کي برقرار رکڻ لاءِ سخت قانوني قدم
کنيا. هن غريب ڪارن کي انساني براديءَ ۾ بلند مقام
ڏياريو ۽ ان ئي مقصد خاطر پنهنجي جان قربان
ڪيائين. صدر ڪينيڊيءَ پنهنجي پيش ورو مصلح ،
ابراهام لنڪن، جي شروع ڪيل جدوجهد کي جنهن بلند
حوصلي سان پايهء تڪميل تي پهچايو آهي، ان جي حيثيت
عالمي ۽ تاريخي بنجي چڪي آهي.
اها تحريڪ جا هڪ سؤ سال اڳ پيدا ٿي هئي، ۽ جنهن جي خلاف ڏکڻ
آمريڪا جي رياستن بغاوت ڪري ابراهام لنڪن کي
گوليءَ سان ماريو هو، ان تحريڪ کي تڪميل تي
پهچائڻ جي سلسلي ۾ ڏکڻ آمريڪا جي ڪن باغي رياستن
جي بغاوت سان کيس به مقابلو ڪرڻو پيو، ۽ ان ئي
مقصد جي راهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪرڻي پئي.
” صلئه شهيد ڪيا هي، تب و تاب جاودانه !“
جويي صاحب جي ’بورڊ‘ ۾ واپسي:
محترم محمد ابراهيم صاحب جويو، سنڌي ادبي بورڊ جو پهريون
سيڪريٽري ٿي، تعليم کاتي مان 1951ع ۾ آيل هو. جويي
صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت واڳ ورتي هئي، جڏهن
’بورڊ‘ اڃا ابتدائي ۽ تنظيمي مسئلن تائين محدود
هو. جويي صاحب پنهنجي اعليٰ صلاحيتن ۽ علمي ۽ ادبي
تجويزن سان ’بورڊ‘ کي هڪ منظم علمي ۽ فڪري ادارو
بنايو. ’بورڊ‘ جي پريس جو قيام، ڪتابن جي طباعت ۽
اشاعت جو سلسلو، لائق ۽ ڪارآمد عملي جو انتخاب ۽
تقرّر، مختلف آفيسن ۽ برانچن جو انتظام، ” مهراڻ“
جو دوباره اجراءُ ، ” گل ڦل“ جي اشاعت ___ اهي
سندس دۇر جون تحسين جوڳيون خدمتون شمار ڪري سگهجن ٿيون.
برصغير پاڪستان ۾ خانگي توڙي گورنمينٽ جي امداد تي هلندڙ ڪيئي
علمي ۽ ادبي ادارا موجود آهن. ’بورڊ‘ جي اوائلي
تشڪيل واري دؤر ۾ ” انجمن ترقي اردو“ جهڙا ڪيئي
ادارا موجود هئا، جن جا ڪارپرداز نهايت بااثر ۽
مقبول عام عالم هئا، ۽ جن جي رسائي گورنمينٽ جي
اعليٰ آفيسرن تائين پڻ هئي، تاهم سنڌي ادبي بورڊ
پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ حسن انتظام جي لحاظ سان توڙي
بهترين علمي ۽ فڪري ڪتابن جي انتخاب جي خيال سان،
توڙي طباعت جي سهڻائيءَ جي لحاظ سان، نه فقط
پنهنجي معاصر ادارن کان سبقت حاصل ڪئي، پر ان سان
گڏ، علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي انفرادي ۽ افادي
حيثيت کي پڻ تسليم ڪرايو. جويي صاحب جي دۇر
۾ سنڌي، اردو، پارسي، عربي ۽ انگريزي ڪتاب جنهن
حسن انتظام سان شايع ٿيا، ان جو داد اسان جي هموطن
عالمن ۽ اديبن کان علاوه، مستشرقين پڻ ڏنو آهي. ان
طرح ايران ۽ عرب جي عالمن پڻ بورڊ جي فارسي ۽ عربي
مطبوعات کي ساراهيو آهي.
جويي صاحب جي دۇر
۾ ڪل ننڍا وڏا سو اسو کان مٿي ڪتاب شايع ٿيا، جي
علم و ادب جي هرصنف تي معياري ۽ تحقيقي ڪتاب ڪري
تسليم ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾، خالص سنڌي ادب ۽
لسانيات تي هي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: سنڌي لغت،
آفتاب ادب، سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخ، گل شڪر، گل،
هدايت الانشاعه، سنڌي گرامر (4 حصا)، ۽ سنڌ جو
سينگار. سنڌي شاعرن جي ڪلام جي سلسلي ۾، شاهه جو
رسالو، رسالو سچل سرمست(سنڌي)، رسالو سچل سرمست(
سرائڪي) ديوان قليچ، چندن هار، ڪليات حمل، ديوان
بيدل، ڪليات خادم، ڪلام حسين بخش، ڪليات گدا، ڪلام
محمود فقير کٽياڻ، شمار ڪري سگهجن ٿا. سنڌي علمي ۽
ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي معلومات تي محققانه ۽
عالمانه ڪتاب هيٺيان شايع ٿيا: چچنامو، تحفة
الڪرام، تاريخ معصومي، جنةالسنڌ، تذڪره اميرخاني،
سنڌ جي اقتصادي تاريخ، سنڌ جو سفر، سير ڪوهستان
تاريخ ريگستان، وغيره. لوڪ ادب جي سلسلي ۾ جويي
صاحب جي دۇر ۾ هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا: لوڪ ڪهاڻيون پهريون ۽ چوٿون
ڀاڱو، مداحون ۽ مناجاتون، معجزا، مناقبا، ٽيهه
اکريون 1۽ 2 ڀاڱو، مناظرا، مولود، هفتا ڏينهن ۽
راتيون وغيره. فارسي ڪتابن ۾ ديوان غلام، لب تاريخ
سنڌ،
ديوان عطا، مقالات الشعراعه، تڪمله مقالات
الشعراعه، تحفةالطاهرين، مثنوي چنيسر نامه، مجموعه
مثنويات، هير و رانجها، مثنوي مظهرالاثار، تاريخ
تازه نوائي معارڪ ۽ ڪليات مائل مشهور ۽ مقبول ڪتاب
شايع ڪيا ويا. اردو ڪتابن ۾ تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا) 2
جلد، تاريخ معصومي (اردو)، برهان پور ڪي سندهي
اولياء، تحفة الڪرام(اردو) اچي وڃن ٿا. عربي ڪتابن
۾ دراسات اللبيب، ذب الذبابات الدراسات حصه اول ۽
حصه ثاني. ان طرح انگريزي ڪتابن ۾پرشن پوئٽس آف
سنڌ، فزيڪل جاگرافي آف سنڌ، ۽ انٽروڊڪشن آف شاهه
لطيف، قابلِ قدر ڪتاب چئي سگهجن ٿا. ان طرح قصن ۽
ناولن جي سلسلي ۾ڪيئي نوان ۽ پراڻا ڪتاب اچي وڃن
ٿا، جن مان بلو کوکر، سون ورنيون دليون، راسيلاس،
ايسپ جون آکاڻيون، آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون، دنيا
دورنگي، جهان آرا، گلشن بهار، دلارام، زينت، غازي
صلاح الدين، شڪنتلا ۽ نل دمينتي مشهور ڪتاب آهن.
متفرقه علمي ۽ فڪري ڪتابن ۾ اقتصادي انصاف، نيٺ ڇا
ڪجي، جادو ۽ سائنس، قابل قدر ڪتاب آهن. صحت ۽ طب
تي فرهنگ جعفري 3 جلد، ۽ تن ۽ تندرستي مقبول ڪتاب
آهن.
ان طرح مرحوم شمس العماعه مرزا قليچ بيگ جا 40 کان وڏا ننڍا
ڪتاب، ڪي دوباره ۽ ڪي پهريون ڀيرو شايع ٿيا آهن
دينيات ۽ تصوف تي حيات النبي ۽ ڪيمياي سعادت،
ڇوٽڪارو ۽ پکين جي پارليامينٽ، سهڻو اضافو ڳڻي
سگهجن ٿا. هت جويي صاحب جي وقت ۾ ڇپيل پوري لسٽ جو
دهرائڻ مقصود نه آهي، ٻڌائڻو رڳو اهو آهي ته هڪ
نوزائيده اداري جنهن حسن ترتيب سان چند سالن
۾ايترا ڪتاب شايع ڪيا آهن، اهي نظرانداز ڪرڻ جهڙا
نه آهن. انهن جي اشاعت ۽ حسن طباعت جو سهرو ته ’
ناشر‘ جي سر تي ئي سونهي ٿو، جنهن جي فني ڪاوشن جي
اعتراف ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي.
جويو صاحب جڏهن ته تعليم کاتي کان آيل هو، تڏهن ڪن
فني ۽ ملازمت جي سلسلي ۾ پيدا ٿيل اڻٽر اسباب جي
ماتحت، کيس دوباره، 61ع ۾، تعليم کاتي وارن گهرائي
ورتو. ان وچ ۾ مرحوم انصاري، سيد شاهه محمد شاهه
صاحب يڪي بعد ديگري سيڪريٽري ٿي ڪم هلائيندا رهيا.
شڪر آهي جو اهڙي ڪارائتي ۽ محنتي، تجربيڪار ۽ اهل
فن منتظم کي دوباره سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي
سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جويي صاحب پنهنجي
تعليم کاتي واري ڪم ڪار سان گڏ، سنڌي ادبي بورڊ جي
ڪم کي اعزازي طور سنڀالڻ جو ذمو پاڻ تي هموار ڪري،
ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ جنهن ايثار جو مظاهرو ڪيو
آهي، اهو قدر جي لائق آهي. دعا آهي ته سنڌي ادبي
بورڊ جي سلسلي ۾ جويو صاحب شال پنهنجي گذشته دؤر
وانگر ڪامياب ٿئي!_ _ غ. م .گ |