سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :11

        حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ به انگريزن کي کاڌي جو سامان ميرن وٽان ئي ايندو رهيو، تان جو ڪرنل پاٽنجر جي سخت اعتراض اُٿارڻ تي اهو فصلو ڪيو ويو فقط ڪرنل پاٽنجر ۽ ڊاڪٽر هاٿارن (Hatharn) جي ماني پهريان ٽي ڏينهن مير نور محمد خان وٽان ۽ ٻيا وڌيڪ ٽي ڏينهن مير نصير خان وٽان ايندي، ۽ پوءِ ماني موڪلڻ بند ڪئي ويندي. انهيءَ لاءِ ميرن خانسامانن ۽ نوڪرن چاڪرن جو هڪ خاص اَٽالو ڏياري موڪليو، جن پنهنجا خيما انگريزي ڪئمپ جي پٺ ۾ اچي کوڙيا ۽ ڏينهن ۾ ٻه دفعا اوچا طعام تيار ڪري، عمدي چينيءَ جي سامان ۾ پرڀي، انگريزن کي خوب چشڪا وٺايا.

        23- نومبر تي انگريزي وفد درٻار ڏي پهريون ڀيرو نيو ويو. رستي تي هر طرف نظر ڊوڙائيندي ڪرنل پاٽنجر هڪدم محسوس ڪيو ته حيدرآباد جو شهر 1831-1832ع کان، جڏهن هو اڳئين دفعي هت آيو هو، گهڻو وڌي چڪو هو. وفد جي درٻار هال ۾ پهچڻ تي کين بوٽ لهرايا ويا ۽ اُگهاڙين پيرن اندر آندو ويو. ميرن سندن حد مانائتو سواگت ڪيو. ڪرنل پاٽنجر کي مير نور محمد خان جي لاڳيتو پيل مخملي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو، جنهن سبب هو خود مير صاحب کان اُتاهون پئي نظر آيو. مير مراد علي خان جي زماني کان ميراڻي درٻار جو ڍنگ هينئر گهڻو نرالو پئي لڳو. جنهن سيج تي مير صاحب ويٺل هئا ۽ پٺيائن رکيل  سراڻا سڀ زربفت ۽ ڪيمخاب سان سمايل هئا، ساري ڪمري ۾ عمدا ۽ عاليشان غاليچا وڇايل هئا. سارو ڪمرو عمدين پوشاڪن اوڍيل سردارن سان ڇانيو پيو هو. ٽيئي مير _ نور محمد خان، نصير خان، ۽ شهداد خان، مير نور محمد جو وڏو پٽ _ ( مير محمد خان صحت ٺيڪ نه هئڻ ڪارڻ ڪين آيل هو)، ڪرنل پاٽنجر جي هال ۾ اچڻ تي اُٿي هڪ ٻه وک اڳيان وڌي آيا ۽ ساڻس هٿ ملائي کيس گڏيا. مير صاحب کي سفيد سهڻيون صدريون اوڍيل هيون ۽ سندن ڍالن ۽ ترارين، وغيره مان قيمتي پٿر ۽ موتي ماڻڪ پئي لٽڪيا، جن سندن ٻَهڪ ٻِيڻي ٿي ڪئي. هيءَ انگريزي وفد جي مرجاتي ملاقات هئي.

        ٻئي ڏينهن پڻ انگريزي وفد کي درٻار جو ديدار ڪرڻو پيو، ”جڏهن ڪالهوڪي پِيهه ۽ اڍنگو اُتساهه عدم پيدا هو. اڄ مير صاحب جي وڇاڻ تي عمدي غاليچي مٿان ڀرت ڀريل سهڻي ريشمي چادر پيل، جنهن جي ڪندِن تي وزندار لڏڪڻا پئي لٽڪيا، جي چادر کي جهليو بيٺا هئا، ويٺل هئا. ڪرنل پاٽنجر کي ٻن مکيه ڳالهين فيصل ڪرڻ لاءِ سنڌ درٻار ڏي موڪليو ويو هو. هڪ ته سنڌونديءَ جي جاچ پڙتال بنسبت ڪجهه فيصلا ڪرڻا هئا، ۽ ٻيو اهي شرط مقرر ڪرڻا هئا، جن جي موٽ ۾ انگريز، ميرن پاران مهاراجا رنجيتسنگهه سان ڳالهائيندا. تنهنڪري هيل ٻه ٺاهه ڪرڻا هئا – هڪ واپاري ۽ ٻيو سياسي. 28- نومبر 1836ع تي قبول ڪيل شرطن جو واپاري ٺاهه مير نورمحمد، نصير خان ۽ مير محمد خان مڙني صحيح پائي، پاتنجر ڏي ڏياري موڪليو، ڇو ته انهيءَ ٺاهه ۾ڪابه تڪراري ڳالهه هئي ئي ڪانه، باقي رهيو صوبدار خان جي صحيح جو سوال، سو هن ته ٺاهه ڏي اک  کڻي به نه نهاري، صحيح ته رهي پري!! هِن سمجهوتي پٽاندر نديءَ  جي منهن وٽ، ميربحرن جي سونهانئپ ۽ سهوليت خاطر بوين ۽ منار- بتين جي بندوبست رکڻ ؛ انگريزن ڪاڻ سنڌ جي سامونڊي ڪناري جي جاچ پڙتال لاءِ هرڪا سهوليت ميسر ڪرڻ، لنگر هڻڻ لاءِ معمولي نول مقرر ڪرڻ؛ وڪر بندر تي، نه – ويڪُو موسوم ۾ مال محفوظ رکڻ لاءِ بندو بست ڪرڻ؛ واپار کي هٿي ڏيڻ ڪاڻ سنڌ  ۾ ميلا ڪرائڻ.  مزارين کي شرارت کان روڪڻ؛ نديءَ  جي ڪنڌي تي گاهه ۽ وڻ ڪپائڻ بشرطيڪ ان ڪارڻ ميرن جي شڪارگاهن ۾ ڪتر نه پوي، جو ذڪر اچي ٿي ويو. ڪرنل پاٽنجر جيڪو وقت حيدرآباد ۾ هو ته وٽس ڪَئين واپاري آيا. شڪارپور جي واپارين مان کيس پتو پيو ته شهر جو واپار بنهه بند ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ سکن جي ڪاهه جو سخت هراس ڦهليل هو. شهر ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو. هنن انهيءَ ڪارڻ انگريزي ايلچيءَ  کي چيو ته برطانوي سرڪار وچ  ۾ پئي، جهڳڙو نبيري، جئن سنڌونديءَ تي نئين زور شور سان واپار وري چالو ٿئي. پنجاب جي واپارين مان انگريزي ايلچيءَ کي خبر ملي ته لوهه  ۽ رڪ جي هر قسم جي سامان مان ۽ سوٽي ڪپڙي خاص طور ململين، ڇِيٽن وغيره مان ججهي نفعي جو آسرو هو، ڇو ته انهن شين جو سنڌ توڙي اُتر وارين ايراضين ۾ ججهو کاپو هو.

        جيئن ئي واپاري ٺاهه ٿي چڪو ته ڪرنل پاٽنجر ميرن اڳيان سياسي عهدنامي جا شرط رکيا جي ڪجهه بحث مباحثي ۽ خيالن جي ڏي – وٺ  بعد هيٺينءَ ريت ميرن قبول ڪيا : 1- شڪارپور شهر ۾ هڪ انگريزي گماشتو رهايو ويندو، جوئي سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن ۾ ڳالهين سنوارڻ جو ڪم ڪندو.( شڪارپور) ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ لاءِ ميرن کي پنهنجا سبب هئا ته انگريزن کي پنهنجا الڳ. ميرن سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن انگريزي ايلچي شڪارپور ۾ رهايل هوندو ته هن جي اتي حاضري  ٻروچڪن سکن جي حدن ۾ ڪاهي آندل ٻاڪرڪٽي کي پنهنجو پاڻ ٻنجو ڏيندي؛ ٻروچ، فرنگي پادرن کان پاڻهي ڪن هڻندا. تنهن کان سواءِ  مير صوبدار خان جو سؤٽن خلاف مَٽيو بيٺو هو، سو حيدرآباد ۾ انگريزي ايلچيخانو وجهڻ نه ڏيندو ۽ جي اهو زوريءَ کڻي وڌو به ويو ، ته هُو ٻروچ فوج کي سندن خلاف ڀڙڪائيندو، پر جي ايلچيخانو شڪارپور ۾ کوليو ويو ته صوبدار خان کي گوڙ فساد جو سبب ڪين رهندو، ڇو ته شڪارپور جو شهر مير نور محمد خان ۽  نصير خان جي ملڪيت هو، ۽ هو ٻيئي سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني پوڻ جي فائدي ۾ هئا. ڪرنل پاٽنجر کي وري شڪارپور جي واپاري توڙي سياسي سنهج سندس دل انهيءَ طرف سرڪائي هئي. گورنر جنرل کي هن هيئن لکيو : ” سياسي نقطء نظر کان مون کي شڪارپور اهڙي ڪارگر ۽ اهميت واري ٿي نظر اچي جهڙي واپاري نگاهه کان، جي ان کان وڌيڪ نه ته شڪارپور جي اهميت اها آهي  ته اها سنڌ جي ڪنجي آهي اُتي انگريزي ايلچيخانو وجهڻ سان اسين نه فقط واپارين جو ايمان ٻجهائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، پر اتان اسين مزارين تي ڪرڙي اک رکي، کين فضيلت ڀري هلت هلڻ لاءِ مجبور ڪري سگهنداسين ۽ آڻسڌيءَ طرح خيرپور جي  راڄ – ڌڻين جي نيتيءَ ۽ راڄ هلائڻ تي عمدو اثر وجهڻ ۾ فتحياب  ٿينداسين. انهيءَ ڪري هتي جي ماڻهن تي اسان جي چڱائيءَ  ۽ ڀلائي جو عمدو پرڀاوَ  به پوندو ۽ اسان جو مطلب پڻ پوريءَ ريت  سڌ ٿيندو“ 2- سنڌ جي حاڪمن ۽ انگتريزن وچ ۾ هن سياسي عهدنامي جي سُڌ سُڻي مهاراجا رنجيتسنگهه پنهنجو پاڻ سنڌ سرحد تان لشڪر هٽائي هليو ويندو، جنهنڪري سنڌ ۾ انگريزي لشڪر جي آمد ۽ رهائش جو سوال اٿندو ئي ڪونه. پر جيڪڏهن رنجيتسنگهه  موٽي نه ويو ۽ سنڌ فتح ڪرڻ جي هوڏ تي قائم رهيو ته ان حالت ۾ انگريز سرڪار  سنڌ جي بچاءَ لاءِ قدم کڻندي، ۽ سنڌ جا حاڪم ان لاءِ ضروري خرچ جو مقرر حصو ڀريندا. سنڌ ۾ انگريزي فوج جو عدد ۽ انداز انگريزي گورنر جنرل مقرر ڪندو ۽ مير صاحب انهن جي رهڻ لاءِ شڪاپور نزديڪ ڇانوڻيءَ لاءِ جاءِ ڏيندا ۽ فوجي سپاهين لاءِ گهربل شيون هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. انگريزي فوج لاءِ جيڪو سامان هندستان مان ايندو اُن تي سنڌ ۾ محصول نه وڌو ويندو. 3- جيئن ئي مٿين شرطن پٽاندر عهدنامو ٻنهي ڌرين صحيح ڪيو ته مير صاحب لاهور درٻار مان پنهنجو اُتي رهايل سرڪاري وڪيل واپس ورائيندا ۽ سک درٻار سان انگريزي عملدارن دواران ڪابه لکپڙهه نه ڪندا. 4- مير نور محمد خان اقرار ڪيو ته انگريزي ايلچيءَ  ۽ ساڻس آيل لشڪر جي خرچ بلي هُو شڪارپور شهر جي ڍلن جي آمدنيءَ مان چوٿون حصو انگريزن کي ڏيندو.5- مٿين شرطن جي قبولڻ يا نه قبولڻ جو سارو  مدار انگريزي گورنر جنرل جي پنهنجي مرضيءَ تي ئي منحصر رهندو.

        هنن ڳالهين ۽ ٺاهن سان ڪرنل پاٽنجر جو هيل ڪيل پنڌ جو پريوجن پورو ٿيو. هن دفعي ميرن پاران مرزا بڪر ۽ مرزا خسروُ بيگ ڳالهيون هلايون ۽ انگريزي ايلچيءَ جي ميرن سان ملاقات ڀيري جيڪي وهيو واپريو تن مان ڪجهه ڳالهيون خاص دلچسپيءَ واريون ۽ اهميت ڀريل هيون. هڪ دفعي ڪرنل پاٽنجر ميرن کي ڪجهه سهڻا ڪپ ۽ پاڪيون (جي جهوني لنڊن پل جي لاٿل لوهي ٿنڀن واري ڌاتوءَ مان جڙيل هيون)، ۽ رٻڙ جو ڪپڙو يا وڇاڻ پيش ڪيا. مير صاحبن کي اعتبارئي نه پيو اچي ته ڪو پاڻيءَ اندر رهيل، سو به پنجن صدين کان به سرسيري عرصي تائين، لوهه مان اهڙا عمدا ڪپ وغيره ٺهي سگهن ٿا!! وڌيڪ اچرج ته رٻڙ جي ڪپڙي يا وڇاڻ تي لڳن ۽ پاڻ ئي قبوليائون ته جيڪڏهن اهو ڪپڙو سندن اڳيان آندو نه وڃي ها ته هُو ڪڏهن به اعتبار ڪين ڪن ها ته رٻر جو ڪڙو ٺهي سگهي ٿو. هيءُ شيون ڏسي مير صاحبن ٻارن جيان ٻين کي به اهو لقاءُ ڏيکارڻ لاءِ  سڏو سڏ لائي ڏني ۽ رٻڙ جي ڪپڙي کي ڇڪڻ ۾ خاص فخر وٺڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته انگريز بيشڪ هڪ عجيب قوم هئا. هتي اهوڄاڻائڻ ضروري آهي ته هڪ دفعي پاٽنجر صاحب ميرن سان ملاقات ڪندي ”الڪيميا“ اکر ڪم آندو ته مير صاحبن منتظر ٿي کانئس پڇيو ته الڪيميا جي آڌار تي رواجي ڌاتو سون ٿي سگهي ٿو، جنهن جي جواب ۾ جڏهن پاٽنجر ناڪار ڪئي، ته مير صاحب ڏاڍو خوش ٿيا، ڪرنل پاٽنجر جي پڇا ڪرڻ تي کيس پتو لڳو ته ميرن جا ڪي مائٽ  ٻين ڌاتن مان سون ٺاهڻ جي سخت  خفت ۾ مبتلا هئا، ۽ پاٽنجر صاحب جو رايو پنهنجي تائيد ٻُڌي ته ’ائين ڪدچت نه ٿيندو‘، مير صاحب خاص سرها ٿيا هئا. مير نور محمد خان  ڪرنل پاٽنجر کي چيو ته ”حق تي اوهين پنهنجي وگيان کي الڪيميا ڪوٺيو ٿا. سچ پچ ته اهو هڪ ڪمال جو هنر آهي. اوهان جا طبيب بيمار کي تِر جيتري دوا مس ٿا ڏين جنهن مان جس لائق شفا نصيب ٿي ٿئي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جا حڪيم وري جبرا جام چاڙهائين، جن جو وِههُ ٿي لڳڻ جو شفا حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ امڪان رهي ٿو. اها هڪ حقيقت ئي اوهان جي ڪماليت جو ظاهر ثبوت آهي؛ ته به اسان جا جاهل ماڻهو ڌاتن مان سون ٺاهڻ جي فضول ڪوشش پيا ڪن، ۽ جڏهن ناڪامياب ٿين ٿا ته هميشہ اهو ئي عذر پيا ڏين ته ڪا ذرڙي شيءِ لاڳو رکڻ کانئن وسري ويئي هئي، جا ٻئي دفعي هوُ ضرور ملائيندا ۽ ضرور ڪامياب ويندا.“  مير صاحب ڪهڙا نه سادا لوڪ هئا، پر منجهن قدر ڪرڻ جي لاشڪ لياقت هئي !!

        هن ڀيري ميرن انگريزي ايلچيءَ کي ٻه عمدا گهوڙا، عاليشان سونن سنجن، وغيره سان سجائي، سوغات طور ڏنا، ۽ تنهن کان سواءِ ٻه بندوقون ۽ ٻه خنجر خوب جڙت جڙيل موڪليا. پر اهي سوغاتون ميرن انگريزن وٽان  آيل سوکڙين جي موٽ  ۾ ئي  موڪليون هيون. تنهن کان سواءِ  ڪرنل پاٽنجر، مير صاحب کي پنهنجا ڪچهريءَ جا تنبو پڻ موڪلي ڏنا، ڇاڪاڻ ته ميرن قلعي جي ديوار تان پريان اهي ڏٺا هئا ۽ کين ڏاڍا پسند آيا هئا ۽ ڪرنل پاٽنجر کي چيو هئائون ته ” جي اهي بنا اهنج اسان کي ڏيئي سگهو ته ڏاڍو سٺو!“

        ان ريت سهڻيون سوغاتون ۽ عمدن شرطن وارا واپاري ۽ سياسي عهدناما ساڻ ڪري، ڪرنل پاٽنجر ۽ سندس ساٿين حيدرآباد، 5- ڊسمبر تي ڇڏي. رستي تي سندن خاطرداري لهڻ ۽ اپرائڻ ڪاڻ مير نصير خان، ديوان جوهر مل کي، مير محمد خان، دوست محمد خدمتگار کي، ۽ مير نور محمد خان، مرزا بڪرکي موڪلي ڏنو، ۽ انگريزي وفد، ان ريت موج سان مفاصلو اُڏائيندو، اچي ماڳ رسيو.

        پر جيڪي سياسي ڳالهيون پاٽنجر نومبر 1836ع ۾ ميرن سان چوريون، تن جو آخرين فيصلو اپريل 1838ع کان اڳ نه ٿيو. اهو سارو وقت عهدنامي جي شرطن فيصل ڪرڻ ۾ لڳي ويو. اپريل 1838ع ۾ پاٽنجر نئين عهدنامي جو مسودو تيار ڪري، اهو انگريزن جي سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ رهايل ڏيهي گماشتي آغا عظيم الدين هٿ ميرن ڏي  ڏياري موڪيلو. آغا کي هدايتون موڪيلون ويون ته حيدرآباد ڪَهي وڃي ۽ ميرن کي ذهن نشين ڪرائي ته انگريز سندن پاران دخل تڏهن ڏيئي سگهندا، جڏهن سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخانو اسٿاپن ٿي چڪو هوندو. ڪرنل پاٽنجر آغا کي اطلاع ڏنو ته جيڪي سک مهاراجا ۽ ڪئپٽن واڊي جي وچ ۾ وهيو واپريو هو تنهن مطابق  سندس ميرن سان ڪيل ڳالهيون عمل ۾ آڻڻ ناممڪن ڪري وڌيون  هيون. هڪ وڏو  اعتراض، جو پاٽنجر سمجهيو ته مير صاحب ضرور اُٿاريندا اُهو ته مهاراجا رنجيتسنگهه اڃا توڻي پنهنجو لشڪر روجهن مان  ڇو ڪين هٽايو هو، جيئن پاٽنجر انجام ڪيو هو ته اوس ٿيندو. آغا کي اها ڳالهه ميرن کي سمجهائڻ ڪاڻ هيٺينءَ ريت لکيو ويو: ” جيڪڏهن انگريزن  سک مهاراجا کي روجهن ڇڏڻ لاءِ ٿي چيو، ته اهو ٿيو کيس امانت شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ قدم کڻائڻ ، ۽ انهيءَ سبب  مهاراجا رنجيتسنگهه  انصاف جي تقاضا اَنوسار ميرن کان مزارين کي سيکت ڏيڻ لاءِ لاهور کان لشڪر آڻڻ جي خرچ جي گهُر ڪندو. پر جيئن ته انگريز ميرن جا سڄڻ ۽ دوست هئا، تنهنڪري هنن نٿي چاهيو ته ڪو اهڙو قدم کڻون، انهيءَ جاچ کان اڳ ته سک لشڪر مزارين کي سيکت ڏيڻ لاءِ آيل هو يا ڪنهن ٻيءَ من مراد سان.  ۽ انهيءَ ڪارڻ سک راجا کي خرچ ملڻ گهربو هو يا نه؛  جيئن ميرن تي راهه گناهه چِٽي نه مڙهي وڃي. “ ان سان گڏ آغا صاحب کي ايترو پڻ لکيو ويو ته هو مير صاحبن کي محسوس ڪرائي ته ” هيءُ جو گورنر جنرل سندن پاران سک سردار سان ڳالهيون  فيصل ڪرڻ جي جوابداري پاڻ تي هموار ڪئي هئي، سو هن صاحب مٿن ڪيڏو نه احسان ڪيو هو! اهو کين پنهنجو پاڻ سمجهڻ کپندو هو، نه ته جيڪر شڪارپور ڪڏهونڪو سک سردار ڳڙڪائي ويٺو هجي ها.“  اِها حقيقت لڪائڻ ته مير صاحب لاهور جي حڪومت سان پُڄي نٿا سگهن، بيسود آهي؛ تنهن حالت ۾ گورنر جنرل جي لڳاتار آڇ ته هُو سک مهاراجا سان قصي جي ڇنڊڇاڻ، شڪارپور جي آمدنيءَ  جي چوٿين حصي وٺڻ  کان سواءِ ئي ڪرڻ، انگريزن جي ساڻن انهيءَ دائمه دوستيءَ جو پختو ثبوت ٿو پيش ڪري، جنهن جو هيل توڻي فقط اکرن ۾ ئي اظهار ڪيو ويو هو. ڇو ته هُو دل و جان سان چاهين ٿا ۽ سنڌونديءَ جي ساري وهڪري تي هميشہ صلح شانتي قائم رهي.“ تنهنڪري هيءُ دوستيءَ جو دم هڻي انگريزن ، مير صاحبن کي پنهنجي ٺاهيل نئين عهدنامي تي صحيح وجهڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيو، ڇو ته ڪئپٽن واڊي جي مهاراجا رنجيتسنگهه سان ڳالهائڻ تي سک مهاراجا پنهنجو لشڪر سنڌ سرحد تان هٽائڻ قبوليو هو. جيئن ته انگريز پنهنجي دوستيءَ جي هيءَ سچي ثابتي ڏيئي رهيا هئا، ته ساڳئي ڍنگ ۾ هنن مير صاحبن کي پڻ اها سهڻي صلاح ٿي ڏني ته هُو انگريزن جي سايي هيٺ اچڻ جو هيءُ سونو وجهه هٿان نه وڃائين! جي ميرن هي ٽِڻ ٽاري ڇڏيو ته اڳتي هلي کين ئي پڇتائڻو پوندو!

        ميرن پاران مرزا بڪر، آغا عظيم الدين کي گڏجڻ آيو، ۽ آغا مرزا کي سربستيءَ ريت گورنر جنرل جي  ميرن کي موڪليل آڇ ورنن ڪئي ۽ انهيءَ کي انگيڪار ڪرڻ مان سهنج سمجهايا، ۽ اهي شرط مرزا بڪر آخر قبوليا. پر کيس خبر هئي ته سنڌ جي راڄ _ ڌڻين عهدنامو صحيح ڪرڻ کان ڪي ڳالهيون صاف ڪرڻ ٿي گهرُيون. ميرن، آغا کان پڇڻ ٿي چاهيو ته انگريز کين بندوقن ۽ ترارن جي ( وٺي ڏيڻ ۾ ) واهر ڪندا، جئن هو مير صوبدار خان، جو انگريزن سان عهدنامي ڪرڻ جي برخلاف هو،  ۽ مير محمد خان، جو پڻ اڃا هڪ – مَنو نه ٿيو هو، جي چرچ تي ته مير نور محمد ۽ نصير خان سنڌ ملڪ انگريزن کي وڪڻي رهيا هئا، ٻروچ سردارن کي ڀڙڪائي، لشڪر ۾ کڙي ڪيل بلوي کي پوريءَ ريت منهن ڏيئي سگهن. ٻي ڳالهه جنهن تي ميرن ڪافي زور ٿي ڏنو سا اِها ته عهدنامي ۾چٽيءَ ريت ڄاڻايو وڃي ته سکن يا افغانن جي سنڌ  تي ڪاهه جي حالت ۾ انگريز سنڌ جو بچاءُ ڪندا. اِنهن جو آغا صاحب اِهو  اُتر ڏنو ته ڪنهن به حالت ۾ انگريز ميرن  جي گهرو جهڳڙن ۾ ڪوبه  بهرو ڪين وٺندا، باقي رهيو سوال افغان ۽ سک ڪاهه جو، سو جنهن صورت ۾ انگريزن عهدنامي  جي هڪ قلم  ۾ سنڌ کي هر قسم جي دشمني ڪاهه کان بچائڻ  جي ذميواري پاڻ تي ڄاڻائي هئي، ته ان حالت ۾ ٻيهر افغان ۽ سک جو جدا ذڪر آڻڻ فضول هو. تاريخ 20- اپريل 1837ع تي آغا ، ڪرنل پاٽنجر کي اطلاع موڪيلو ته مير صاحب انگريزن جي موڪليل عهدنامي جو مسودو بحال ڪيو هو. تنهن هوندي به جڏهن گورنر جنرل  اهو عهدنامو اپريل 1838ع ۾ صحيح ڪري موڪليو، ته اُن ۾ سنڌ  تي ڌاري ڪاهه جي حالت ۾ سنڌ جو انگريز بچاءُ ڪندا، جو ڪوبه ذڪر ڪونه هو، باقي سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني کولڻ  جو چٽو قلم داخل ٿيل هو، فقط انهيءَ آڌار تي ته انگريز سکن ۽ ميرن جي معاملي جي امانت ڪندا ! نئين عهدنامي  موجب مير صاحبن جي جوابداري جبري، پر فائدوتِر جيترو به نه هو. سندن چئن گهُرن(1) انگريزي دخل (2) شڪاپور ۾ انگريزي ايلچيخانو، (3) سڀني دشمنن خلاف بچاءُ (4) لشڪر ۾ بلوي بند ڪرائڻ خاطر هٿيارن جي مدد، مان فقط پهرين قبولي ويئي ۽ ٻيون مڙيئي رد ٿيون؛ باقي انگريزن جيڪي چاهيو سو ٿيو، ڇاڪاڻ ته ميرن جي سياسي  حالت چڱي  پؤڻي  پئجي چڪي هئي. نه رڳو انگريزي ايلچي اچي سنڌ ۾ رهڻو هو، پر کيس پنهنجو وٿاڻ پاڻ ئي چونڊڻ جو اختيار هو، ۽ هُو پنهنجو ماڳ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پنهنجي مرضي مطابق، ڦيرائي به سگهيو ٿي، ۽ مير صاحبن کي سندس اها مرضي رکڻي ئي هئي.

        آخر مير صوبدار خان پڻ انگريزي عهدنامي جي مسودي جا شرط قبوليا، ڇو ته کيس خبر هئي ته پس پيش انگريزي ايلچي جڏهن سنڌ ۾ اچي رهيو ته هُو کيس اهو قبولڻ ڪاڻ  پاڻيهي مجبور ڪيو ويندو. جتي بچڻ ناهي جاءِ، اُت باسڻ ڪم عقل جو.

        ڪرنل پاٽنجر جي سنڌ ۾ ڪارگذارين، سک مهاراجا  کي محسوس ڪرايو ته هاڻ سنڌ خلاف سندس سڀ حيلا فضول ۽ بيسود هئا، جڏهن انگريز سندس رٿن جي برخلاف هئا؛ تنهنڪري هن ڪئپٽن واڊي جي صلاح ورتي ۽ سندس حجتون مڃيون.

        مير صاحبن پنهنجي حڪومت ، مهاراجا رنجيتسنگهه  جي لقمي بنجڻ کان بچائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪوتاهيءَ سبب، سنڌ ۾ انگريزي ايلچيخاني وجهڻ جي رٿ بحال ڪري، پاڻ کي پاڻيهي زيردست بڻايو. جيتوڻيڪ اهو تفاوت برابر رهيو ته اڳي هُو افغانن جا زيردست هئا ۽ هاڻ هُو فرنگي انگريزن جا زيردست بڻيا هئا. جيڪڏهن سنڌ جا حاڪم  بنا ايلچيخاني کولڻ  جي باس جي انگريزن کي وات وجهن ها ته اوهين پنهنجي دوست رنجيتسنگهه  کي سنڌ تي ڪاهي اچڻ کان باز آڻيو، ته به انگريز هٿ وجهن ها، ڇو ته اهڙو قدم سندن به فائدي  ۾ هو. ڪرنل پاٽنجر پاڻ ڪين گورنر جنرل کي لکيو هو ته ”ڪنهن به ريت سک مهاراجا جي حڪومت سمنڊ  توڻي پکڙجڻ کي ضروري  روڪڻ گهرجي! تنهن کان سواءِ ڪيل عهدنامن موجب انگريز پنهنجي دائمي دوستن جي ملڪ تي بي سبب چڙهائيءَ  جي  حالت ۾ دخل ڏيڻ لاءِ اُصولي نقطه نگاهه کان بنهه ٻڌل هئا.“ پر ائين ڪين ٿيڻو هو. مير صاحب ڪنهن هيڻي ويل، انگريزي مدد ڪيتري به ملهه تي حاصل ڪرڻ لاءِ آتا ٿي پيا. انگريزن کي هاڻ پتو پئجي چڪو ته گُهرو جڳهڙن ڪارڻ ميرن ۾ ڏڦيڙو ۽ هيڻائي ڪاهي پيئي هئي، جنهنجو هنن پورو فائدو وٺڻ ٿي گهريو ۽ جلد ورتائون به.

 

شيخ اياز

 

بَر مڙيوئي بُوءِ

(ادبي خط)

معين هوٽل

واديء سوات

25- آگسٽ

ادا،

        ڪالهه مون جاپاني شاعريءَ جو مطالعو ٿي ڪيو. هوٽل کان پنج- ڇهه قدم پري سوات ندي تيزيءَ سان پٿرائين زمين تي گڙگاٽ ڪندي، گِجيون اُڏائيندي، وڃي رهي هئي. هر ڇوليءَ جي منهن تي گڦ ۽ پير ۾ ڪڙيون هيون. مستانيون، ديوانيون ڇوليون، ڇپِن تان ڇلانگ ڏينديون، اُڀامنديون، اُڏامنديون ٿي ويون. اوچتو پهاڙ تان هڪ ڇپ ڇڄي، ڦيراٽيون ڏيندي، ٽپندي، ٽَڪرندي، ٽڙڪاٽ ڪندي، اچي نديءِ ۾ ڪري. پاڻيءَ ۾ پڙلاءُ ٿيو. ڦينگون اُڏاڻيون، ۽ پوءِ ڌيري ڌيري سارو لُڙلُڙاٽجي ويو. وري ساڳيون ديوانيون، مستانيون ڇوليون _ ڄڻ ته ڇپ  ڪري ئي نه هئي. مان وري جاپاني شاعريءَ جي مطالعي ۾ محو ٿي ويس. مون هيٺيون شعر پڙهي سوچيو ته شايد دنيا ۾ ڪنهن ٻئي شاعر ايترا ٿورا لفظ ڪم  آڻي، اهڙو گهرو تخيل پنهنجي ادب ۾ مشڪل سان سمايو هوندو. اهو شعر جاپاني شاعر عسِّيٰ  (1723 کان 1828 تائين) جو هو، جو هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي وفات تي لکيو هو. هو ٻُڌمت جو هو،  ۽ يقين آهي ته هن کي هر ڪنهن آٿت ڏنو هوندو  ۽ سمجهايو هوندو ته هي جيون مايا آهي، سپنو آهي، پاڻيءَ تي ڦوٽو آهي، جنهن تي ڪوئي ڀروسو نه آهي؛ آتما آمر آهي، اڳتي سُک سانت جي نگري آهي،  ۽ هي جوٺو جڳ ان جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي. اها ساڳي ڳالهه هن اَبي ڏاڏي کان ڪيئي ڀيرا ٻُڌي هوندي. پر هن جي ڏ ُک  هن جي ڪوَيتا ۾ هيٺيون روپ ورتو:

        شبنم جي دنيا _

شبنم جي دنيا آهي، ليڪن !

        ليڪن! ........

جاپانيءَ شاعريءَ تي سڀ کان قديم ۽ مشهور تبصرو ڪنوزورايوڪيءَ (905ع) پنهنجي ڪتاب ” جديد ۽ قديم شهر جي ڪُليات “ ۾ ڪيو آهي، جو ڪجهه  هن ريت آهي :

        جاپانيءَ شاعريءَ جي جڙ انساني روح ۾ آهي، جنهن مان لفظن جا لاتعداد گل ڦل اُسرن ٿا. انسان گهڻو ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي ٿو، ۽ هو جنهن جنهن تصّور ۽ حقيقت کان متاثر ٿئي ٿو، ان جي رنگ ۾ پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي رنڱي پيش ڪري ٿو. اهڙو ڪهڙو انسان آهي جو بلبل کي موسمِ گل ۾ ڳائيندو ڏسي، يا ڏيڏر کي پاڻيءَ ۾ جهونگاريندو ڏسي شعر نه چَوي! شعر اُهو آهي، جو زمين ۽ آسمان کي جنبش ۾ آڻي، اَڻلک  دئيتن ۽ ديوتائن ۾  ديا پيدا ڪري، جو مرد ۽ عورت  جي رشتي کي زياده خوشگوار بڻائي، ۽ جو جنگجو جوانن جي حوصله افزائي ڪري.“

مٿيئن تبصري جي تجزيي مان ظاهر ٿئي ٿو، ته جاپاني شاعرن جي نقطهء نظر کان،

        (1) شعر مافوق الفطرت هستين کي متاثر ڪري سگهي ٿو،  جا ڳالهه مشرق ۽ مغرب جي عقيدي جي خلاف آهي، جنهن مطابق مافوق الفطرت هستيون شاعر جي روح ۽ زبان کي متاثر ڪن ٿيون. مثال طور، روميءَ لاءِ مولانا جاميءَ جو چيل  هيٺيون شعر :

مولوي  و  معنوي  و مثنوي ،

هست قرآن در زبان ِ پهلوي ؛

يا غالب جو هي شعر :

آتي هين غيب سي يه  مضامين خيال مين،

’غالب ‘ صريرِ  خامه نوائي سروشن هي؛

شاهه لطيف جو هي شعر :

تون سُپڙ آءٌ سيڪڙو، تون  ڏاتار آءٌ ڏ ڏ،

سڻي تنهنجو سَڏ، ڪُلهي پاتم  ڪينرو.

يا علامه اقبال جو پنهنجي ڪتاب کي ’بال جبريل‘  جو عنوان ڏيڻ.

        (2) فن، پنهنجي حيرت انگيز تخليقات  جي باوجود، انسان جي ڪوشش کان بعيد نه آهي ۽ انسان  کي فني تخليقات لاءِ ٻيءَ  ڪنهن به امداد جي ضرورت نه آهي زورايوڪيءَ  ان حالات ۾ هيٺيون تفصيل پيش  ڪيو آهي، جنهن کان متاثر  ٿي انسان شعر چوندا آهن :

        ”... جڏهن هر بسنت جي باک ۾ ٽڙيل مکڙيون ڏسن ٿا، جڏهن هو سرءُ جي سانجهيءَ ۾ ڇڻندڙ پنن جو آواز ٻڌن ٿا، جڏهن هو برفباري ڏسي، ٿڌو ساهه ڀري، آرسيءَ  ۾ پنهنجيءَ  پيشانيءَ تي گذرندڙ  ورهين جا پيرا ڏسن ٿا ۽ پنهنجي زندگيءَ  جي اختصار تي سوچڻ لڳن ٿا، جڏهن هو ڪيترو ئي  وقت فارغ البال رهن ٿا ۽ پوءِ قسمت هنن کي تنهائيءَ جي غار ۾ ڌڪو ڏئي ٿي، يا جڏهن هنن جو محبوب هن سان بيوفائي  ڪري ٿو.“

(3) شعر محبت جا تعلقات پيدا ڪري، انهن کي خوشگوار ۽ استوار بڻائي ٿو.  اهو تخيل نائين ۽ ڏهين صديءَ جي جاپاني اُمراءَ جي عشق بازيءَ جي طريقي تي پيدا ٿيو. هو شاعريءَ  جي ذريعي، لڪي ڇپي، عشق ڪندا هئا. جڏهن به ڪنهن کي ڪنهن سان محبت جو اظهار ڪرڻو هوندو هو ته هو کيس ڪوئي حسب حال عشقيه شعر لکي موڪليندو هو. هو محبت جو طريقو فارسي ۽ هندي شاعريءَ لاءِ نئين ڳالهه نه آهي، چيو وڃي ٿو ته عاقل خان زيب النساء  کي ٻارهن – دريءَ ۾ ڏسي چيو هو:

سرخ پوشي به لبِ بام نظر مي آيد.

جنهن تي هن جواب ڏنو هو:

نه به زاري نه به زور و نه به زرمي آبيد.

        ’سرمد‘ شهيد پنهنجي محبوب اڀيچند ( ٺٽي جو هڪ ) متعلق رباعي لکي، هن تائين پهچائي هوئي. مون کي رباعيءَ جي فقط هڪ سٽ ياد رهي آهي :

خدا من اڀيچند است يا غير!

        هندي  شاعر ’عالم‘، جنهن جو ڪتاب ’عالم ڪيلي‘ جي نالي مشهور آهي، هڪ ڀيري ڪنهن رنگريزڻ کي  پنهنجو پوتڙو رنڱڻ لاءِ ڏنو ۽ڪاغذ تي هيٺين دوهي جي سٽي لکي، پوتڙي جي ڪنڊ ۾ ٻڌي ڇڏيائين:

ڪنڪ لتا سي نار هي ، ڪت ڪاهي تي هين.

(يعني هو عورت سڄي سوني آهي، پر هن جي چيلهه ڇو اهڙي سنهي آهي)

جڏهن پوتڙو رنڱجي  آيو ته ان ۾ ساڳيو ڪاغذ ٻڌل هو، جنهن ۾ دوهي جي هيٺين ٻي سٽ به هئي:

ڪت ڪا ڪنچن اينچ ڪي، ڪنجن مانج ڀردين .

(يعني ته چيلهه مان سون ڪڍي ڇاتيءَ ۾ ڀريو ويو آهي، ان ڪري چيلهه اهڙي سنهي ٿي لڳي.)

ان کان پوءِ ٻنهي جي محبت ٿي ويئي. خود شاهه لطيف

ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس“

چئي، ڀونئر جي گنجار کي محبت لاءِ سازگار سمجهيو آهي.

        (4) شعر جنگجو جوانن  جي حوصله افزائيءَ  لاءِ آهي. شعر جو اهو مقصد به ڪوئي نئون نه آهي. مغرب ۽ مشرق  جي شاعرن، شاعريءَ  کي انهيءَ مقصد لاءِ هر دۇر ۾ڪم آندو آهي. ايراني شاعر فردوسي، انگريز شاعر ڪپلنگ، اردو شاعر اقبال ۽ هندي شاعر ڀوشن، ان ڏس ۾ بهترين مثال آهن. مون کي ڀوشن جو هڪ رزميه گيت ياد آهي، جنهن جو انداز بيان نهايت حيرت انگيز آهي. ان جو ترجمو ڪجهه هيٺينءَ ريت آهي:

        ”هيءَ بجلي نه آهي، پر تلوارون چمڪي رهيون آهن. بادل نه آهن، پر گرد وغبار آهي. هيءَ گجگوڙ نه آهي، پر شيواجيءَ جي فوج جا باجا وڄي رهيا آهن. دشمن جي عورت  چوي ته ’ گهر ڀلي ڀڄي هلو‘ بادل آسمان تي ڇانئجي ويا آهن، ڪٿي بارش نه پوڻ لڳي.‘ ڀوشن چوي ٿو ته هي بادل نه، پر هاٿي آهن؛ شيواجيءَ جي فوج اچي ويئي آهي.“

        جاپاني شاعريءَ جو اهو رزمي پهلو لازمي نه آهي، ڇو ته زورايوڪيءَ جي مٿئين اقتباس مان ظاهر آهي ته شعر هر انسان چئي سگهي ٿو، پوءِ هن کي جنگجوئيءَ سان دلچسپي هجي يا نه. اهڙو خيال هيڪو شاعر اونت سورا پنهنجي هيٺئين شعر ۾ ظاهر ڪيو آهي :

ڪوئي آهي

پنهنجي هٿ ۾ قلم کان سوا

چوڏهينءَ جي رات!

اڄ تائين جاپاني شاعري، نه شاعر جو خصوصي ورثو آهي ۽ نه تعليم يافته طبقي جو. جنهن کي به قلم هٿ ۾ آهي، جنهن جي به جيءَ اُڌميو ۽ اُمنگ آهي، اُهو ٻه – چار سٽون لکي ٿو وٺي. اهو جاپاني شعر جي تقطيع جي سادگيءَ ۽ اُن جي سلاست سبب آهي، جيتوڻيڪ ان جو اهو نتيجو ٿيو آهي ته جاپاني شعر جو موضوع نهايت محدود آهي.

        جاپاني شعر سنڌي بيت سان ڪافي مشابهه آهي. مون کي شاهه لطيف جي ڪلام مان ڪيتريون ئي سٽون سُجهي اچن ٿيون ، جن جو تاثر جاپاني شعر آهي، جاپاني شعر جي تقطيع به ماترائن جي حساب سان ٿئي ٿي. ’ٽاڪ‘ اهو شعر آهي، جنهن ۾ ايڪٽيهه ماترائون آهن، ۽ جنهن ۾ پنج، ست، پنج ، ست،  ست ۽ ماترائن واريون سٽون آهن. اسان وٽ بيت ۾ گهڻو ڪري اٺيتاليهه ماترائون ٿئين ٿيون،  جن جي ورڇ يارهن، تيرهن، يارهن، تيرهن ماترائن ۾ ٿئي ٿي، يا چار ڀيرا ٻارهن ماترائن ۾ٿئي ٿو. ’هيڪو‘ شعر جاپاني شاعريءَ ۾ ڪجهه جديد  اختراع آهي، جنهن ۾ فقط سترهن ماترائون ٿين ٿيون. ان حساب سان سارو هيڪو شعر، بيت جي پهرينءَ سٽ کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو. انهيءَ هيئت تي، جنهن ۾ ڪجهه ڦير گهير جائز قرار ڏني ويئي آهي، ساري جاپانيءَ شاعريءَ  جو مدار آهي.  شعر جي اختصار سبب، ان ۾ بيانيه شاعريءَ جي گنجائش نه آهي، ڇاڪاڻ جو ايڪٽيهن ماترائن ۾ نهايت هٽ مواد سمائجي سگهي ٿو. جاپاني شاعريءَ جو نمايان عنصر نه فقط ان جو اختصار آهي، پر فڪري ۽ غير جذباتي شعر جي ڪمي به آهي. ان جي برعڪس، چيني شاعريءَ ۾ فڪري ۽ غير جذباتي شعر جو حصو زياده آهي. جاپاني شاعريءَ ۾ نه فقط موضوعات جي ڪَمي آهي، پر انهن کي منظوم ڪرڻ جا طريقا به محدود آهن. پر جيڪي ڪجهه به ان ۾ آهي، اُهو واقعي زنده جاويد آهي ۽ ان کي بين لاقوامي ادب ۾ منفرد ۽ غيرفاني حيثيت آهي. گهڻو ڪري جاپاني شعر محبت ۽ فطرت جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ بي انتها نفيس گداز آهي. ائين محسوس ٿو ٿئي ته شاعر جو هيانءُ هڄي پيو آهي، سِٽ سِٽ  ۾ هن جي جيءَ جي جهوري آهي؛ هر تخيل ٿڌو ساهه ڀري رهيو آهي، هر سِٽ کي ڪاري ڪجلي ڀنل اک آهي. سَرءُ ۾ پنن جو ڇڻڻ ۽ چيريءَ جي شگوفن جي ڪِرڻ، جنهن مان زندگيءَ جي بي اعتنائيءَ ۽ وقت جي گريز ڏانهن اشارو آهي، جاپاني جو محبوب ترين موضوع آهي. جاپاني شعر کي ٻُڌ مَت جو پس منظر به آهي، جو سيکاري ٿو ته جيوَت، نديءَ تي جوت آهي، جا ٽلندي، ٽمڪندي، وسامي ويندي، لوڀُ پَرڻ ۾ پاڻي آهي؛  ڪيترو ڪَٺو ڪري ڪيترو ڪندين؛ موهه ۾ ماکيءَ جي مک جو ڏنگ آهي؛ ڪام اُڃ جي رُڃ آهي؛  ڪروڌ نانگ جي ڦَڻ آهي، مَڻ نه آهي؛ ۽ اهنڪار ڇُلنديءَ  ڇوليءَ جو ڇوهه آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي گجيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. جاپاني شعر تي زين مَت جي غيرفڪري فلسفي جو به گهرو اثر آهي.

        جاپاني شعر جو موضوع پيچيدو نه آهي، ان ڪري ان جي هيئت ۾ بي انتها سادگي ۽ سلاست آهي. شعر جو موضوع جو نمايان عنصر اُن جو اِشاراتي پهلو آهي. هر شعر ۾ اشارو ۽ ڪنايو آهي. هر سُٺي شعر، خصوصاً هيڪوءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ سامعين کي پنهنجي تخيل جو سهارو وٺڻُو ٿو پوي. شعر ۾ شاعر پنهنجي مشاهدي جي پوري وضاحت نٿو ڪري ۽ نه اهو ٻڌائي ٿو ته اُن مشاهدي شاعر تي ڪهڙو تاثر ڇڏيو آهي. مثلاً: ’باشوءَ‘ ( 1664 کان 1694 عيسويءَ تائين) جو هي شعر:

ڪڪرين جون ڪَنيون

ٽُڪريون ٽُڪريون ٿي ويون آهن _

چوڏس-چِٽا پهاڙ !

مٿيون شعر پڙهي، ائين ڪوئي به چئي نه سگهندو ته ان ۾ ڏيکاريل منظر شاعر تي ڪوئي تاثر نه ڇڏيو آهي. هر پڙهندڙ ’باشوءَ‘ جي ان حسن ۽ حقيقت کي، جا هن پهاڙن تي چانڊوڪيءَ رات ۾ محسوس ڪئي آهي، پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ ڏسي، پنهنجي پنهنجي طبيعت ۽ صلاحيت آهر محسوس ڪندو. خود ’باشو‘ به مٿئين شعر کي نامڪمل سمجهي ها، جيڪڏهن هر پڙهندڙ اُن ۾ ساڳي ڪيفيت محسوس ڪري ها. شاعر جي چٽي تخيّل هڪ نقش جو خاڪو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ رنگ ۽ تفصيل پڙهندڙ کي ڀرڻو آهي. اهڙيءَ طرح جاپاني تصور ۾ به، مُوقلم جي  هڪ جهٽڪي سان، هڪ ڪائنات تخليق ڪئي وڃي ٿي. ادا، هي جاپاني شعر ته ڏس:

سَرءُ جي مينهن جي وسڪاري سان،

رنگ وڌندا ٿا رهن   (اِڪيگو نومينوتو)

پريان پاڻي وهي رهيو آهي،

آڙوءَ جِي خوشبوءِ ڀري، ڳوٺ لڳ.  (شوهاڪو)

اڃا برف آهي،

پهاڙي ترايون جهونجهڪڙيون آهن،

شام ٿي وئي آهي.     ( سوگي )

جهونو تلاءُ،

جنهن ۾ ڏيڏر ٽپو ڏنو _

پاڻيءَ جو آواز!   (سوچو)

ڪوماڻل ٽاريءَ تي

ڪانءُ لهي آيو آهي،

سَرءُ ۾،  ڏيئي _ ٻريءَ مهل.   ( باشو)

اهڙي سانت!

پهاڙي جيت جون رڙيون

پهڻن ۾ پيهي ويون.   ( باشو)

سمنڊ ڪاراٽجي ويو آهي،

آڙين جون رڙيون

ٿوريون اَڇيرڙيون آهن.   ( باشو)

پويون باشوءَ جو شعر خيال ۾ رکي، منهنجو هي دوهو پڙهي ڏس:

آئي سانجهي،  موٽيا مانجهي، ماٺي ٿي منجهڌار،

وئي وڳر کان وڇڙي جا، تنهن آڙيءَ ڪئي پُڪار.

        ’هيڪو‘ شعر جا ٻه نمايان پهلو آهن : پهريون دوامي پهلو، مثلاً: سرءُ جي پڇاڙي، مندر جي سانت، سمنڊ  تي اوندهه وغيره؛ ۽ ٻيو عارضي  پهلو، مثلاً: ڪانوَ جو ٽاريءَ تي لهي اچڻ، اُداس ديوداسيءَ جو رقص، آڙين جون رڙيون وغيره.  هر شعر ۾ منظر مختلف آهي، پر اهي ٻيئي متضاد پهلو، هڪٻئي سان چقمق ۽ پٿر وانگر ملي، چڻنگون پيدا ڪن ٿا. اهي ٻه متضاد پهلو، ’ هيڪوءَ‘ جي انگريزي تتبع ۾ بخوبي نٿا ملن. مثلاً: مِس لوويل جو هيٺيون شعر:

جيڪڏهن مان کڙکٻيتي جي بتي جهلي سگهان،

ته مان ڏسي توکي خط لکان.

هاڻي باشوءَ جي شاگرد ڪڪاڪوءَ جو هي شعر ڏس:

سَرَن جي پاندن تي

ڪوريئڙي جو ڄار!

مٿين سٽ اصل جو صحيح ترجمو آهي، ۽ شاهه جي هيٺينءَ سٽ سان ڪيترو نه ملي ٿي:

سَرن ِ نسريا پاند، اُتر لڳا، آءُ پرين!

مٿئين لڳا،  شعر ۾ سَرَن جو ذڪر ڪري، ڪڪاڪوءَ ڏيکاريو آهي ته موسم وچ بهار جي آهي ۽ ڪوريئڙي جي ڄار مان فضا جي خاموشيءَ  جو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي.

باشوءَ جي شاگرد ڪاڪيءَ هيٺيون سِٽون لکيون هيون:

ڪارتڪ جو مهينو،

ٻگهن جا ڪجهه وقت لاءِ

وڳر!

انهيءَ شعر ۾ باشوءَ  هيٺيون سٽون وڌايون:

سياري جو سِجُ،

ڏکوئيندڙ ڏيک!

اهي ٻه سٽون وڌائي، باشوءَ نه فقط نئون منظر تخليق ڪيو آهي، پر ڪاڪيءَ جي شعر جو تاثر به دوبالا ڪري ڇڏيو آهي. ٻگهه سيءَ ۾ وائڙا بيٺا آهن، پر سياري  جو سج، ساري منظر تي ڇانئجي، انهن جي اُٻاڻڪي وڳر تي تکي اُس وجهي رهيو آهي. جيڪڏهن اها سٽ، ’ ڏکوئيندڙ ڏيک‘، شعر ۾ شامل نه ڪئي وڃي ها ته شعر جو اشاراتي پهلو معدوم ٿي وڃي ها.

جاپاني شعر جا ٻيا ڪجهه مثال ڏس:

سمنڊ ڏانهن وڌي آيا

ويساک جا مينهن. وهي رهي آهي ٿڌي

موگامي ندي!  ( باشو)

ننڍڙيون مڇيءَ مارڻ جون ڊونڊيون، ٻڌن ٿيون

پنهنجون ٽانڊاڻن جهڙيون روشنيون، ڪنڌيءَ سان.  (اِچي)

هنداڻي جا کيت

آسائتا آهن ته ڪڏهن ٿو چمڪي چنڊ

اڻڄاتي آڪاس مان.  (سورا)

وڃي رهيو آهي ڳوٺ ڏانهن

چارو، ٻيرين وچ مان.   ( سنوسي)

سياري جو مينهن

اُن کي ڇپائي نه سگهيو،

چنڊ اُن جي مُٺ مان ترڪي ويو.   ( ٽڪوڪو)

جيئن مان برف تي قدم ٿو رکان،

وڄ پاڻيءَ ۾ چمڪي ٿي.   ( جُوگو)

اُتر جي ماڙيءَ جا در زور سان کولي

آيو بسنت!  (باشو)

’هيڪو‘ شعر مغربي شاعرن کي ڪافي متاثر ڪيو آهي. ان تي آمريڪا جي مشهور رسالي ” لائيف“ ۾ مضمون به آيو هو. هڪ مغربي شاعر رچرڊ اَلڊنگٽن جو نظم آهي:

جڏهن رات جو پارو پئجي رهيو هو ۽ جنگ جي ميدان ۾ بندوقون خموش هيون، مون کاهيءَ کي ٽيڪ ڏيئي

هيڪو شعر جوڙيو،

چنڊ ، گلن ۽ برف جي باري ۾.

 

ادا، سنڌي بيت ۾ هيڪوءَ جو پورو عڪس ته نه آهي، پر اُن جي ڪيترين ئي سٽن ۾ اُهائي ڪيفيت آهي، جا هيڪوءَ ۾ ملي ٿي. مثلاً: شاهه جو هيٺيون سٽون :

وڻين ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري.

 

ڪا جو ڪُن ڪَرين، ڀنِيءَ ڀُڻ جُهڻ پاڻ ۾.

_

رات ڏٺائين روجهه، ڀانءِ ڪ اوٺي آئيا.

_

رُڃن ۾ رَڙ ٿي، ڪَر ڪَرڪِي ڪونج.

_

ويٺي مون ونءُ، لڙي سج لڪن تان.

_

يَر مڙيوئي بوءِ، ڇپڙ ڇاٽون مُڪيون.

_

چوڌاري چَڙا، بُرن ٻيلاين جا.

_

ڪاري رات ڪَچو گهڙو، مٿا وسي مينهه.

_

ڳچيءَ پايو ٻانهن، ويٺي روءُ وڇُن سين

_.

اُتر ڏي آلاپ، ڪاراڪُون ڪونج ڪري

_.

سَرن ِ نسرئا پاند، اُتر لڳا، آءُ پرين!

_

لڳي اُتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.

 

واه لطيف! هر سٽ ڄڻ مور جو پَر آهي! جي اها شاعري آهي ته اهو وقت دور نه آهي، جڏهن آرٽ ئي مذهب ٿي ويندو.

        ادا، لطيف سائينءَ سان ته ڪنهن جي ڀيٽ نه آهي، پر مون کي پنهنجون ڪجهه سٽون ياد اچن ٿيون، جن ۾ اگرچه مشاهدو جدا آهي، پر ڪيفيت ساڳي آهي:

چُري پيو چنگ، جهري پئي جندڙي.

_

واريءَ منجهه وٿاڻ،  سانجهيءَ آندا سانت ۾.

_

ڇڻي پئي ڇاٽ، ستارن جي سونهن جي.

_

هيءَ جهرڻي جي جهانءِ، ۽ هي باک بسنت جي.

_

پڃري ۾ پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس.

_

چِڪڻ لڳو چنڊ جو، گَهَرو گَهَرو گهاءُ.

_

تارن کي ترساءِ، پرين پوئين پهر جو.

_

سهڙي آ سانجهي، اوندهه لٿي آب تي.

_

ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي.

 

ادا، بيت کي پنهنجي انفراديت آهي. ان جي منظرڪشيءَ جي لطافت ۽ پرگداز ڪيفيت هيڪوءَ کان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهي. ڪيترائي سنڌي بيت جيڪڏهن ڪنهن نامور مغربي اديب جي ڌيان تي اچن ته انهن جو ترجمو  اسان کي بين الاقوامي ادب ۾ مستقل جاءِ ڏيئي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن ڪوئي بيت ۾ هيڪوءَ جهڙو اشاراتي پهلو پيدا ڪري سگهي، ته بيت جو اُهو قسم به بي انتها دلڪشيءَ جو باعث ٿيندو.

هي خط توکي منجهند کان لکي رهيو آهيان، اچي شام ٿي آهي. مون ماني به اِتي کاڌي آهي. سامهون شفق ۾ پهاڙ ڪنهن عظيم انسان جي مايوس روح  وانگر لڳي رهيا آهن. هيٺان سوات ندي وهي رهي آهي. ” ميران“  پاڻيءَ مٿان ٻه پکيئڙا ڏسي رهي آهي،  جي هڪٻئي جو پيڇو ڪندا. اُڏرندا ٿا وتن. اِجهو، هاڻي ٻيئي اچي هوٽل جي ڀت سان ٽڪريا. ڪڏهن ڪڏهن ميران ضرور سوچيندي هوندي  ته ڪهڙي ديواني  سان پلئه اٽڪيو آهي:  پاڇا آيا ۽ پاڇا وريا، پهاڙ جي پاڙ وٽ مڪئيءَ جا کيت ننڊاکڙا ٿي ويا، پکي پسون وڃي اَجهي اوٽائتا ٿيا، پر هي اڃا پيو لکي ۽ ڪنهن دور ديس جي شعر تي تصنيفون اُٿلائي! هن کي ڪهڙي خبر ته مون لاءِ بَر مڙيوئي بُوءِ آهي؛ جتي جتي ڇَپَر جون ڇاٽون آهن،اُتي اُتي منهنجو ساهه آهي. 

_ تنهنجو پنهنجو

 اياز

 

*---------*--------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com