سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :3

”محض کائڻ پيڻ ۽ خوشي ڪرڻ ئي زندگي ناهي. اها ڪا ٻي زندگي آهي، جا ” خيراً و ابقيٰ“ جي صفت سان موصوف آهي. انهيءَ زندگيءَ جو مدار، مقصد متعيّن ڪرڻ ۽ ان مقصد کي بلند پايي تي پهچائڻ تي منحصر آهي.

        ” انسان اشرف المخلوقات ٿيو ئي تڏهن“ جڏهن هن پنهنجي زندگيءَ جو ڪو مقصد مقرر ڪيو ۽ انهيءَ جي حصول لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، جنهن جي معنيٰ ته هيءَ زندگي وقف ڪري هن نئين زندگي دستياب ڪئي.

” اسان مان هرهڪ جي آڏو ڪونه ڪو مقصد هئڻ گهرجي، جنهن ڏانهن ان وقت تائين اسين هر حال ۾ وڌندا رهون، جيستائين اسين اهو احسن طريقي سان حاصل ڪريون. هر ڳالهه جو ڪو مقصد هوندو آهي ۽ ڪابه بي مقصد ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي آهي. ٿئي به ڪئن، جو ان جو ڪو نتيجو نڪرڻوئي نه هوندو آهي!“ ___ علا مه آءِ. آءِ. قاضي.

  

گهار ِ گهَڙيِ مون وٽ، سائين، گهوريو سانگ سفر جو.

اڱڻ آسروندِ جي،  جان ڪي تان تون جَٽ:

سائين، گهوريو سانگ سفر جو.

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، ڪيچي، مُئيءَ سان ڪَٽ:

سائين، گهوريو سانگ سفر جو.

ماري مون معذور کي، لوڙهه هٿن سان لَٽ:

سائين، گهوريو سانگ سفر جو.

الله لڳ، ’اشرف‘ چئي، مون کان منهن مَ مَٽ:

سائين، گهوريو سانگ سفر جو.

 

_ _ پير اشرف شاهه( ڪاماري ورو)


مُند ٿي، مَنڊل وڄئا، ڪارَ ڪئي ڪڪرن،

کنوڻن وڏا خيزَ ڪيا، ٿيون چوڌاري چمڪن،

اوهيڙا آبَ جا، اُتران ٿيو اچن،

سانيم، تون سائو ڪرين، گهوڙا گاهه چرن،

چَرن مَرُ چِلر ۾، مينهون ميهارن،

مَچي متاريون ٿيون، ڳئونيون ڳنوارن،

پهريون پوٺن تي، اُٺيون اوٺارن،

چِهو چَري چاڪون ٿيون، رڍون ريڍارن،

ڇانگون ڪري ڇيڙيون، پَهون پهنوارن،

پڌرو پاڻي پلٽيو، پوکون سڀ پَچن،

وَسيِ ڪُل ولات تي، موڪون ڪيون مِيهن،

خوشيون سڀت خير ٿيو، ٿا عَالم عيدون ڪن،

آگا ’اشرف‘ ميڙئين، مولا محبوبن،

اَڱڻ پرين اَچن، ته ڏسي لاهيون ڏکڙا!

جيئن ٿو وري واعه، تيئن واحدَ مينهن وسائين،

سارنگ! سري ’سنڌ‘ تي، چوري رکج چاء،

وَسن ڪُل ولائتون، ڪيو خير خداء،

مولا! ڳائي مکڻ جو، پئسي لائج پاء،

سڀڪوئي سُکي ٿئي، سڀت هوءِ سَواء،

ڏٻرين جو، ڏيهه ڌڻي، باري، ڪج بچاء،

ڪريم تون ڪرم ڪر، ته ڏور ٿين ڏولاء،

راحم رب رحيم ڌڻي! ڏي سڀو سڌ سماء،

محبن سين ميڙاء، ڪر الاهي، ’اشرف‘ چئي!

 _  _ پير اشرف (ڪاماري وارو)

 

گائڪ بڻجي تنهنجي شيوا ڪرڻ جو بار مون مٿان اچي پيو آهي:

پنهنجن گيتن ۾ مون تنهنجا بسنتي ڦُول پُوتا آهن،

تنهنجن پٽن جي سَر سَر کي مون سُر ۾ ڀريو آهي،

تنهنجيءَ سانت راتڙيءَ ۾ مون گيتن جي گونج ڦهلائي آهي،

۽ صبح جو هِير کي مون سُرن ۾ سَجايو آهي:

منهنجن گيتن ۾ گرمين بعد آيل پهرئين وسڪاري واري خوشي سمايل آهي،

منهنجن سُرن جي جهومندڙ کيتن جي تانَ ڀريل آهي:

منهنجا پرين! جنهن ويل تون گهر پيهي اچين،

تنهن ويل منهنجو گيت شل خاموش نه ٿئي،

تنهنجيءَ آجيان ۾، کِلي، شل گونجندو رهي!

___ٽئگور

(ترجمو: ورتل ماهورا ”نيئن زندگي“، جبلپور، جي ” سُر مالها“ تان)

 

بيت

شيخ اياز

شال وَسن هي کيت، کِلڻيون کيڪارين،

پانڌيئڙن کي پياسَ ۾ پاڻي پيئارين،

جيءَ کي جيئارين، جِت اربيليون اوت سان.

وِڄ- وَرڻيون، من- موهيڻيون، کنوڻيون جن جا کيت،

مون ٿي ڀانيا بيت، سي آهن عجب آيتون.

جهُوڙا، جهائين، جُهومڪيون، کلِڻا ماڻهو کيتَ،

ساري بَرَ ۾ بيتَ، چارڻُ چونڊيندو رهيو.

 ڏانڊي ڪپيئه ڏارَ مان، يا تو ڪَپي ٻانهن،

ڌرتيءَ ڌرتيءَ دانهن، جنهن جي پِيڙا مان پُڳي.

’سُڀاڻو‘ سرويچ جو، ڪانئر ڳولي ’ڪالهه‘،

ماضيءَ ۾ مرڻينگ ئي، ڍونڍيندو آ ڍال،

وڌُ وَڌُ، جئين شال! مُڙي ڏِس نه ماڳَ کي.

شال وسين، اوسنڌڙي! تنهنجا کيت وَسن،

واهوندي جي واءَ ۾،مارو شال مِلن،

جن جي ڪوٽ ڪڙن، جهوريون منهنجي جيءَ کي.

سگهه ڏي اهڙي، سَچ َّ! منهنجي جڪڙيل جيءَ کي،

ڳچيءَ ٿئي ڳَچ ّ، ته به چوان جو چوڻو هجي.

کَٽندي تنهنجي هارَ، اوپانڌيئڙا پريت جا،

کِڙيا کٽڻهار، تنهنجي مِٽيءَ جي مٿان.

ڇِڪيءَ ساڻ ڇِني، ڪَڙيون تنهنجي ڪوٽ جون،

چڙهي پوري چوٽ تي، ڏٺم ڀيڄَ ڀِني،

مون کي ڏات ڏني، اهڙي سگهه سرير ۾.

اوري اچُ، اُگهان، ڳوڙها تنهنجي ڳل تان،

ڪيڏا وَيل وَهي ويا،  تنهنجي ٻچڙن سان،

ڌرتي ماءُ ! متان، پِٽي پاراتو ڏئين.

تنهنجا پير ڇُهان، ڌرتي، منهنجي مائڙي!

ڀاڪر پايان ڀاوَ مان، ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،

آئون نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.

اڃا سچُّ سماج، سمجهي ڏاڍو دير سان،

 اڃا توتي تاجُ، ڪانئر رکي ڪَنڊِ جو.

 

گل نصور پوري:

ايءُ نه واجب هوءِ، جئن تو ڇڏي ڇپرين،

جڏي جان جبل ۾، تڳي تُرهي توءِ،

تو پڻ پَرِ اها ڪيِ، جا پَرِ پراين هوءِ،

ساروڻو سندوءِ، رهيو آهي روح ۾.

هوءِ نه واجب ايءُ، جيئن وئين ڇڏي ڇپرين،

هڪ ڏونگر ٻيا ڏاکڙا، ٽيون  جڏو منهنجو جيءُ،

پنهنجا ڇڏڻ پٻَ ۾، هوت نه وڙ تو هيءُ،

ٿَڪين ڀيڙو ٿيءُ، ته لهن گوندر ، ’گل‘  چوي.

هوت نه واجب هيئن، ڇڏڻ ڇَڙي ڇپرين،

توکي جن نه ڇڏيو، تون تن ڇڏيين ڪيئن،

حرف نه ڪڇبو هيڪڙو، تون هل وڻيئي تيئن،

مون پاڻ جيار جڳ ۾،  جانبَ وڻئي جيئن،

چونديس پر نه ڪٿهين، ته پاري ڪين پرينءَ،

سڀڪجهه صبر سينءَ، ڪُڇنِ منجهان ڪينڪي.

ڏکي ڏوراپا، ڪهڙا ڏئي ۽ ڪن کي،

ڪاتب لکيا ڪرم ۾، نازڪ نياپا،

ته جَڏي جالي جڳ ۾، جنجل جياپا،

سورن سَراپا، ڪاتباڻي ڪارِ ڪبي.

 

قلمَ ڪَرمُ ڇا، تون جي سنئون سپرين،

هڏ نه هليو هڪڙو، جيڪس تو نه لکيا،

معنيٰ سندا معاملا، مون ڏي تو مُڪا،

چشمن چايم سڀئي، هي جي پاندَ پيا،

مون سي پاڙڻ پيا، جي تو پاڙيا ڪينڪي.

 

پِرت ته پارڻ پرکيو، تون پڻ پارين ها،

جي تو پارڻ ڪين هو، ته مفت نه مارين ها،

جي تولئه ٻُڏون ٻارِ ۾، تون تن تارين ها،

مون ته وساريئه ماڳهين، پر وڙ نه وسارين ها،

هيئن نه مارين ها، جي تو مارڻ مون ئي هو.

 

مُٺي ميارون، ڪهڙيون ڏئي ۽ ڪن کي ،

ڏنئه پاڻ پتيءَ ۾، پڄرڻ پچارون،

آهون، دانهون آريتون ٻيون، لڙڪن جون لارون،

هاءِ نه حصي آئيون، ڪي ساجن سنڀارون،

پر جي تو پارؤن، آئيون اکيين لائيان.

 

زوراور زاري، منهنجي آهي ماڳهين،

ٻهڳڻ! ٻولَ ٻَڌي پوءِ، پرت نه تو پاري،

پر نه چونديس عام کي، ته محبن ڪا ماري،

جيڪس جڏي جڳ ۾، هلي تو هاري،

بيوس بندي بر ۾، تو ڪيئن وساري،

پئي واجهائي وصال لئه واٽون ويچاري،

هيڏيون هيڪاري، هيڻن ساڻ نه هل تون.

 

پنهون پنهون پئي ڪرين، پنهون پَٻَ پري،

جئن تو ڀانيو، ڀورڙي، تيئن نه هوت وري،

ڪشالا ڪري، ٿيءُ هيڪاندي هوت سين.

 

حافظ محمد احسن چنا

پرين، پرچي آءُ تون، ڇڏ رسڻ جي ريت،

جي اٿئي مون سان پريت، ته پلڪ پرانهون ڪين ٿي.

 

پرين، پرچي آءُ  تون، ڇڏي ريت رسڻ،

ڪيم قبول ڪُسڻ، محبت ۾ منهنجا پرين.

 

پرين، پرچي آءُ تون ڇڏ رسڻ جي رسم،

ساهه سدا سورن ۾، پيو جلي جان جسم،

قادر جو قسم، ساعت تو ريءَ ڪين سري.

 

پرين، پرچي آءُ تون، رسڻ ريت ڇڏي،

جاني، تنهنجي جُوءِ ۾، آيس لعل لڏي،

سڪايل سڏي، پاسي ۾ڪر پانهنجي.

 

پرين، پرچي آءُ تون، ڇڏ رسڻ جو رايو،

محبَ تنهنجي ميل جو، اٿم سرس گهڻو سعيو،

پرين پسايو، منهن هن مسڪين کي.

 

پرين پرچي آءُ تون، ڇڏ رسڻ جي راند،

ڪميڻيءَ جا ڪانڌ، متان مُنهن مُٽي وڃين.

 

پرين پرچي آءُ تون، ڪر ڪو قرب ڪرم،

اچ اڱڻ ’احسن‘ جي، ڪامل ڀري قدم،

دک درد الم غم، وڃن سُور سَنڌا ڪري.

 

حافظ شاهه حسيني

اڃا پئي جئين، مرين ڇو نه محب لئه،

کايو کاڄ خوشين مان، مرَڪيو مست ٿئين،

مٺڙي جي مهر پڻ، لڳئي ڪونه هِنئين،

وڍي هوند ڏئين، سر کي سڄڻ ڪاڻ تون.

اڃا توکي ٻاڻ، لڳو ناهه لالڻ جو،

سورن ۽ سختين جي توکي ڪهڙي ڄاڻ،

پهرين وڃائي پاڻ، پڇج پوءِ پريتڻو.

اڃا تو ڪو پنڌ، ڪيو ڪونه پرينءَ لئه،

ڏکن کان ڏڪي ڏڪي، قابو رک مَ ڪنڌ،

ويٺي پڪو ڪيئن ٿئي، پرت سندو پيوند،

ڳلين هر هڪ هنڌ، پر هنئين منجهه حبيب ٿيو..

 

دوها

نعيم دريشاني

پاڻ نه ڄاڻون پيار جون ڳالهيون، آهيون پاڻ اٻوجهه،

واجهايون ٿا تو لئه پر جئن بوند لئه اُڃيا روجهه.

پانڌي آهيان، ماڳ نه ڄاڻان، اوکو منهنجو پنڌ،

وِک وِک تو تو ٿاٻا کاوان، جُهڪيو نه پر

ڪٿ ڪنڌ.

ذري ذري ۾، ڪڻي ڪڻي ۾، ڪيڏا ڳجهه ۽ راز،

سُرَ نه ڄاڻون، ٻوڙا آهيون، وڄن پيا ٿا ساز.

گهڻيون گهڻيون ويون صديون گذري، ڪوُڪي

هئي ڪا ڪونج.

پولارن ۾ پيئي تڙڦي، سندس هيڪلي گونج.

اُسرون نسرون، اُپجون نپجون، جوش ڀريا فنڪار،

جُڳ جُڳ گذريا، گذري ويندا، رهندي ساڳي ڪار.

ويرانن ۾تنبو کوڙيون، آڻيون رنگ ۽ راڳ،

ڪن جي ڪارڻ، جر جر جرڪن سڃ جا ڪارا ڀاڳ.

 

ڪافيون

مرحوم نصير فقير(نوشهروفيروز)

 

ڪانگ خبر ڏي خير جي، مٺي ٻول سٻاجهي لات!

منهنجي ملڻ جو پهه ٿي ڪيائون، وائي هين ڇا وات__

ڏينهن سڄوئي ڏک ۾ گذري، روئندي ساري رات__

بس اکين کي ڪانه اچي ٿي، برهه اُٺي برسات___

متان ’نصير ڪرين دل ماندي، پرين ايندا پرڀات__

 

موهن فقير

 

ڳجهي آ پرينءَ جي ڳالهه، سرتيون، ناهه سلڻ جي.

ننڍڙي هنيائين نينهن جو، ٻَنڌڻن لاڪون ٻاڻ_

ڪُٺل آهيان مان ڪَجلن جي.

ڀڙڪي باهه برهه جي، عشق انهيءَ جي آگ__

جيئري جان جلڻ جي.

هٿين پيرين گنگهرو، شوق جي پاتم ڇير__

ناچُو وانگي نچڻ جي.

مخفي اچي من ۾، ملي ’موهن‘ کي ماڻ __

پنهنجي پاڻ پلڻ جي.

 

حافظ محمد احسن

 

اڃا ڏينهن ٻَٽي گڏ گهارين ها، پوءِ تون واڳ وطن تي وارين ها.

اڃا سڪ نه سڄڻ منهنجي پوري ٿي، تنهنجي دوست کان ڪيئن دوري  ٿي،

ٻري آڳ اندر ۾ جا کوري ٿي،  تنهن کي آب وصل جي سان ٺارين ها.

ڪال ڪانه پئي ٿي جدائي وئي،  هاڻي عمر سڄي مون اجائي وئي،

ڳڻتي يار اِها مون کي کائي وئي، ائين ڪين مٺا تون وسارين ها.

منهنجا عيب ڏٺئي تڏهن تيار ٿئين،  بَڇي برهه ڀَڄيِ پوء بيزار ٿئين،

ڇِني سَڱ سياپا ڇو ڌار ٿئين،  پنهنجا قول ڪيل سڀ پارين ها.

تنهنجي پورهيت ٿي مان گذاريان ها،  ڳليون ڳوٺ سجي جون ٻُهاريان ها،

تنهنجون ڳالهيون ڳُڻ پئي پچاريان ها، مون ڏي نيڻ کڻي تون نهارين ها.

تنهنجي ڪين ڇڏيندس دامن کي، تون ڇو ٿو وسارين ’احسن‘ کي،

هاڻي ڇا کون ڏسين منهنجي عيبن کي، تنهن کان ڪين هي دلڙي ڌُتارين ها.

 

احمد خان ’آصف‘

برِهه بلاشڪ باهه، جان جسم جند جيءُ جلائي.

چڻنگ پوي ٿي جنهن جي چولي، سو ته عقل جي ڳالهه نه ڳولي،

هوش نه ٿئي همراهه، مچ محبت جڏهن مچائي.

د ُودَ دُکن آرانبيون اُلا، ڄڀيون ڄرڪن، ساڙِن شعلا،

عشق سندو آڙاهه، سيخين ماس ٿو سوڪ پچائي.

توَنس تپش، سِڪ سوز جو ساڙو، ساڙي،ڪاڙهي قلب  کي ڪاڙهو،

دل مان اٿندي آه، آتش آگ ڀڀڙ ڀڙڪائي.

’آصف‘، عاشق سڙن سراسر، مور ڪڍن ٿا ٻاڦ نه ٻاهر،

پَرِ ۾ پَچي ٿين پاهه، لحم لِڱن جو سارو سِجهائي.

 

عبد الڪريم پلي

 

دلربا دلدار يارَ! وصل واريون وار وايون.

قرب سان دلڙي ڪَڙي، قيدي بنائي قربدارَ،

عمر ساري گڏ رهڻ جا ڏيئي پختا اعتبارَ،

پو ڪيئه ڇا کان جدايون؟

نيڻ فرقت ۾ سدا تولئه روئن ٿا زار زار،

ناهه راحت روح کي هڪ تِر به سهڻل توکان ڌار،

درد جوڙيون جيءَ ۾ جايون.

تو سوا دل کي نه دلبر آهه ٻي ڪا تات تار،

جيءُ جڏو هردم ڪري تنهنجي پيارلَ ٿو پچار،

اچ ڪري ساجنَ سڻايون

روزشب ڪريو ’ڪريم‘ آهون پڇي ٿو تنهنجا پارَ،

آءُ موٽي مهر مان سِگهڙي مٺا! موڙي مهارَ،

تان مِلي ڪي رنگ رچايون.

احمد خان اختر

 

جيجل جوڳيئڙن جا ،مارن مون ماڳَ مڙهيون،

اڄ نه اوطاقين آهن، وَهَن وِلهيءَ لُڙڪ لَڙهيون.

گهڙيون گهنگهرن ۾ گهارن، گُهُورن گهايل گُهٽجيِ،

ٻِڙڪ  نه ٻاهر ٻُڌجي، ڪيئن ڪُڇن قرب ڪڙهيون.

سڃُ سڀ ساڄَ سمجهيِ، جهوريءَ جهِڄنديون جهوريلَ،

ويراڳين وئي وِلهيون، سِڪندي سورن سَڙهيون.

’اختر‘ آخر ايندم، ڇولي ڇڏيندم  نه ڇَپَر،

هوت حمايت هردم، جي چاهؤن چوٽَ چڙهيون.

 

ولي محمد ’وفا‘

 

تن ۾ تنهنجي تار، ننڊ نيڻن کي ناهي ناهي.

آس اوهان مان ڪين ٿو لاهيان، در تي اوهان جي هردم دانهيان،

آهيان تو آڌار، ڪين ڀوا بي آهي آهي.

رنج الم جا مينهن وسائي، مشتاقن کان مُنهڙو مَٽائي،

ڏيئي برهه جا بار، رڃ ۾ وئين تون راهي راهي.

دنيا جا وهنوار وساري، مال مَڏيون گهر ٻار ٻُهاري،

تنهنجي در دلدارَ، قرب مان آيس ڪاهي ڪاهي.

فيضَ شفا سان، پنهنجي سخا سان، لطفَ عطا سان، مهر ’وفا‘ سان

لالڻَ سڀ لاچارَ، لحظي ۾ وڃ لاهي لاهي.

 

علي بخش ’ رضا‘

 

ڪيچي ويئڙم ڏوُر، ڏک ڏ ُکيءَ کي ڏيئي ڏيئي.

 

اوٺي ويئڙم اوچتا، ولهي ڪري وهلور __

جيءَ اندر ۾، جيڏيون، جانبَ سِرجيا سور__

آءٌ انهن جي آهيان، گولي گهايل گهور __

هن جيئڻ کان، جيڏيون، مرڻ ڪيم منظور __

جيسين جيئنديس، سرتيون،تيسين اهوئي مذڪور __

’رضا‘ کي ايئن سڪندي،   سورن ڪيا  ناسور . . .

 

 

وائيون

خليفو نبي بخش لغاري، مرحوم

 

سو ٻاروچو آئيو، جنهن لاءِ جڳ سڪايو!

جيئڙو منهنجو جيڏيون، گهور جَنهينجڙيءَ گهايو . . .

آسري لڳي جن جي ، ويٺڙي مون واجهايو . . .

بابو بيبي فاطمہ، مون کي جنهن مرڪايو . . .

پنهون، پاجياڻيءَ تي، لائق ٿورو لايو . . .

قاسم، ڪنيزڪ سان، نوشه نينهن نڀايو . . .

 

 

احمد خان ’ آصف‘

 

آري ڄام اميرُ، لهندم ڪفل ڪوهيار، وو!

عيبن هاڻيِ آهيان، پنهل پاڪ پذير . . .

هوت حمايت شل ڪندو، مون تي قرب ڪثير . . .

معلوم آن کي آهي ٿيو، منهنجو حال حقير . . .

ڏونگر ۾ ڏ َڍُ ڏيئي مون کي، ماڙِ ڪندو مهمير . . .

’آصف‘، ايندم اوڏڙو، وارث ونهيون وير . . .

 

قمر شهباز

 

چانڊوڪيءَ جا چارا چائي، نيٺ ته ڪوئي ايندو!

پريت جي ريت نرالي آ پَرَ ، ريت ڪُريت نڀائي،

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

منهنجي انڌياري هِردي ۾، جيون – جوت جلائي،

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

ڪنهن لئي ڪانگ لنوي ٿو، جيڏيون، ڪا ته کڻي سمجهائي،

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

من جو پياسو پنڇي ڳائي، جهومي، جهومر پائي،

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

شام سويري جنهن کي ڳوليان، گهيڙ گهٽيون واجهائي،

نيٺ ته ڪوئي ايندو

مينهوڳيءَ جي هِير ڀِني، لا، هِير ٿي اڳ لڳائي،

نيٺ ته ڪوئي ايندو

 

گيت

قيوم ’طراز‘

جيوَنُ ڇولِي ڇَڇَ، مِٺا،           ڄڻ جيون ڇولِي ڇڇ.

لَهر ِ ڪَپَر تي قهر ڪَري ٿي،

موٽي ڪُن ۾ پاڻ ڪِري ٿي،

ڪُنَ ، ڪنڌيءَ ۾ ويرُ نه ڪوئي،

هُن ۾ جهومي، هُن تي بَڇَ __

جيون ڇولِي ڇَڇَ، مِٺا . . .

چوڏس تي ڄڻ چاههَ چري ٿي،

سڪ کي سانڍي اڳڀري ٿي:

ماٺ ڪرڻ کي موت ٿي ڀانئي،

روئي ڀري ٿي پنهنجا رَڇَ __

جيون ڇولِي ڇَڇَ، مِٺا . . .

چنڊَ  کي پنهنجي پاندَ ۾ پائي،

سِيرَ مٿان ڪا سيجَ وِڇائي،

ويٺي ڀاسي پُوهه نه ڦُٽندي،

ويندي رات، نه ٿيندي اَڇَ __

جيون ڇولِي ڇَڇَ، مِٺا . . .

واءُ لهر کي ٽاههُ ڏِئي ٿي،

ڏس ڪيئن پوءِ قهر ڪري ٿي:

ڇَپر ڇِني ٿي، واهڻ واڙي،

 ماڻهو ٻوڙي، ماري مَڇَ __

جيون ڇولِي ڇَڇَ، مِٺا . . .

 

 

لکميچند ’پريم‘

 

ديدون درسن لاءِ آتيون

ديدون درسن جي لئه آتيون.

کن کن جي ڇڪ، سالن جي سِڪ، من کي ڪيو متوالو،

هِن جيوت جو تو بِن اڄ ٿو ساز وڄي بي تالو:

لوڪَ لَڄا کان، ڪيئن مان ڪنهن سان ڪريان برهه جون باتيون:

ديدون درسن جي لئه آتيون.

رنگ لڳايم، سانوڻ آيو پرديسي پريتم جيان،

ڄڻ برهڻ جو، ڪنهن ڪامڻ جو، وَرُ موٽيو آ وسَ تان:

ساڳيو سانوڻ منهنجي دل کي ڇا کون هڻي ٿو ڪاتيون؟

ديدون درسن جي لئه آتيون.

بارش ۾ ٿي تڙڳي ڌرتي، ۽ ٿي پياس ٻُجهائي،

توبنِ، راهي، آڳ اِلاهي دل جي ڪير وسائي؟

دل جي دونهين کي پڄرائي، ڀنڀٽ ڪن برساتيون:

ديدون درسن جي لئه آتيون.

درسن ڏي ڏُ کياريءَ کي تون، او نرمو هي راڻا!

تو بِن منهنجي سيج سُڃي ٿي، اُڌما ٿيا ويڳاڻا:

راهه نهاري، هنجون هاري، ’پريم گذاريان راتيون:

ديدون درسن جي لئه آتيون.

 

نظم

مرحوم حافظ محمد هارون ٽکڙائي ’دلگير‘

 

نظارهء گورستان

 

ٿيو پيش نظر هڪ جهنگل ۾ ميدان ڪو گور غريبان جو

هو رتبئہ درجه اُت يڪسان محتاج و گدا و سلطان جو

هو رستم خاڪ تي پيو بيڪس ، ڪجهه زور نه سام و نريمان جو

اُت خيل و خدم ڪجهه ڀي ته نه هو فغفور ۽ قيصر خاقان جو

ڪجهه ٽڪرا سنگ لحد جا هئا، ڪجهه جسم جون هيون هڏيون باقي

هو تن جو نظارو ياس افزا جي دورِ فلڪ ڇڏيون باقي

 

هر مدفن شمع- جمالن جو خاموش نظر اُت آيو ٿي

ڪي جسم برهنه خاڪ تي هئا، حيوان جي ويا اُ ت کايو ٿي

طوفانِ مصيبت چشم سنديم هن عالمِ غم تي وسايو ٿي

وحشت کان دل ايئن خوفزده، جنهن روح اندر لرزايو ٿي

انجام هو پنهنجو پيش نظر، اعمال ٿي بد ات ياد آيا

ڪجهه خوف ۽ ڪجهه تشويش رهي، افعال ٿي بد ات ياد آيا

 

هڪ قبر ۾ حسن جي ديوي هئي، پر بستر خاڪ بنيل هوس

گل شمع جمال ٿي وئي بلڪل، اونداهيءَ ۾ گهر ڇانيل هوس

احباب و عزيز قريبن مان ڪو ساڻ نه بلڪل آيل هوس

سر تي جي هيس چادر خاڪي، پڻ خاڪ تي تڪيو لڳايل هوس

هن ياس گہ تنهائيءَ ۾ ڪو ڪنهن کي نٿي آرام آيو

مرحوم چيئين تا شفقت ڪيئين، جي ياد ۾ ڪنهن کي نام آيو

 

هو خاڪ ۾ آهُو چشم به بسمل، تيرِ اجل پهلو ۾ لڳل

هئا شرين لب سڀ تُرش ٿي ويا، ۽ شاهدِ ناز شهيد ٿيل

خاموش هئا سڀ پرده نشين، آغوش لحد جن لاءِ پٽيل

حيران هئا سڀ سِيمبدن ، هستي جو خزانو جن جو لٽيل

ميدان ۾ هئا هڪ سؤ ئي پيل، سڀ پره نشين بي گور و ڪفن

هُو اطعمہُ زاغ و زغن ٿي ويا هيهات سڀيئي سيب ذقن

 

هو غنچهء  گلشن شاهنشاهي گلرخ نام انارڪلي،

اڄ بيڪس بيوس عبرتگاههِ قبر ۾ تنها هئي جا سُتي

کاڌئين ٿي ٿُڏات واٽن تي اِيءَ حالت مون ٿي اکين سان ڏٺي

هڪ راهگذار تي قبر بنيل هئي قطب الدين ايبڪ جي

دل منهنجي ڏڪي  وئي دنيا ۾ هي حال سڀئي اکين سان ڏسي

هڪ فرد رعايا جي زمري ۾، سلطان ته عاليشان پسي

 

هڪ غار محلِ ّ دارا هو، هڪ قبر هئي تختِ اسڪندر

هڪ مدفن جهڙو تهڙو هو، فرعون جو هو بي سامان گهر

شداّد پيل هو خاڪ مٿي، سيني تي لحد جو پيل پٿر

نمرود جو تاج و تخت ڪٿي، تَنَ تي نه ڪفن جي هئي چادر

هڪ قبر مان آئي مون کي ندا، آثارِ جهانگيري مان آهيان

هو نورجهان جو مدفن ڏس، دربارِ جهانگيري مان آهيان

 

هر سرو مقابر گاهه سندو باقامتِ موزونِ رعنا

گويا هو زبانِ حال سان، آئون آهيان آه جو پهريون حرف بجا

پئي غار لحد تي چشم جڏهن ، هو حرف دوم جو نقش نما

نظاره گورستان هو هڪ عالم ياس سراپا گويا(؟)

هڪ شمع تربت خوفزده، ڪنهن دم ٿي ٻري ڪنهن دم ٿي اُجهي

لرزان سوزان گريان عبرت، ڪنهن دم ٿي ٻري ڪنهن دم تي اُٿي

 

هر چيز جهانِ فاني جي هڪ روز ٿي ويندي يار فنا

هر مهرخ  ويندو خاڪ ۾ گڏجي، ٿيندو ڏسجو ڇا مان ڇا

 سڀ نقش ته ويندا جهٽ مٽجي، ظاهر رهندي پر ذات خدا

ويندا صور وڄڻ سان مٽي، پاڻي، باهه، هوا ٿي صاف هوا

ان وقت وڄندو نقّارو، آواز ۾ جنهن جي هيبت آه

سڀني کي چوندو سڀ جو مالڪ: ڪنهن جي اڄ ته حڪومت آه

 

هن ميدان ۾هڪ يار ڏٺم، جنهن زار رنو ٿي خسته جگر

لرزي ٿي زمين قبرستان جي، هو آه و فغان ۾ ان جي اثر

مون کي ڏسي هن طرح چيئين، قبرون ڪي ڏيکاري اُت ظاهر

هي پيءُ هُوءَ اما، هو ڀيڻ ۽ ڀاعه، هوءَ زال اٿم، هونُور نظر

غم دل ۾ مرڻ جو ڪين اٿم، ايندو جو منهنجو پڻ وارو

پر هاءِ فراقِ يار گران، ان ڳالهه وڌو ٿم دل تي ڳارو!

 

سليم ڳاڙهوي                        

گِهنڊ

 

وطن جا سُورمؤ، اُٿو! وطن جا سُورمؤ، اُٿو!

 

اوهان جون غلطيون ڏسي وطن پُڪار ٿو ڪري،

اوهان جي خدمتن جو خوب انتظار ٿو ڪري:

وطن عزيز واسطي اکيون پَٽيو، ڏسو، اُٿو!

وطن جا سُورمؤ، اُٿو! وطن جا سُورمؤ، اُٿو!

 

ڏسو، اُفق جي پاڙ مان شفا جي شمع ٿي ڦُٽي،

تمام ظلمتن ۽ ڪُلفتن جي رات ٿي کُٽي:

طويل خواب کي ڇڏي، سجاڳ ٿيو، اُٿو اُٿو!

وطن جا سُورمؤ، اُٿو! وطن جا سُورمؤ، اُٿو!

 

جهان َ ۾ جهانَ جو رکو خيال، دوستو،

عمل نصيب، دوستو، عمل ڪمال، دوستو:

ڪمال ڏي ڌو، اُٿو! نصيب کي لهو، اُٿو!

وطن جا سُورمؤ، اُٿو! وطن جا سُور مؤ، اُٿو!

 

هُو قافلا، ڏسو وڌي وڃن ٿا ماڳ جي طرف،

سمهڻ نڀاڳ وڏي ڇڪي، اُٿڻ سڀاڳ جي طرف:

مچايو غلغلو، اٿو! رچايو چهچٽو اُٿو!

وطن جا سُورمؤ، اُٿو! وطن جا سُورمؤ، اُٿو!

 

هي بيوسي، هي بيڪسي، ڪمال کي رَسيِ وئي،

بشر جي زندگي ڏکن جي ڏِيل ۾ ڏڪي وئي:

ٽُٽل دليون ڳنڍيو، اُٿو! ڀِينل اکيون اُگهو، اُٿو!

وطن جا سُورمؤ، اُٿو! وطن جا سُورمؤ، اُٿو!

 

رياضتن جي رمز ۾ ترقيون ۽ عظمتون،

شجاعتن  ۾ شان آهه، حرڪتن ۾ برڪتون:

جمود موت ٿا چون، جمود کي ڀڃو، اُٿو!

وطن جا سُورمؤ، اُٿو! وطن جا سُورمؤ، اُٿو!

 

اُٿو اُٿو، اُٿو اُٿو، اُٿڻ جو وقت اچي ويو،

وڌو وڌو، وڌو وڌو، وڌڻ جو وقت اچي ويو:

اٿڻ جو گهنڊ ٿو وڄي، ٻُڌو اُٿو، وڌو اُٿو!

وطن جا سُورمؤ، اُٿو! وطن جا سُوررمؤ، اُٿو!

 

امداد حسيني

دستور

 

اچو اچو، ته چؤن سيني جي داغ داغ کي چنڊ،

اچو اچو، ته چؤن دل جي زخم زخم کي گل،

اچو اچو، ته چؤن لڙڪ لڙڪ کي شبنم،

فغان کي صبح جونغمو، ۽ چشم چشم کي گل:

اچو اچو، ته چؤن زيست جي قفس کي چمن!

 

اچو اچو، ته چؤن زهرِ تشنگي کي شراب،

اچو اچو، ته چؤن بيرخي کي ناز و ادا،

اچو اچو، ته چؤن خامشي کي هنگامو،

اچو اچو، ته چؤن غم کي جان، جفا کي وفا:

اچو اچو، ته چؤن دُورين کي قربِ وطن!

 

اچو اچو، ته چؤن هجر کي وصالِ دوست،

اچو اچو، ته چؤن دوستي کي چريائي،

اچو اچو، چؤن ته چؤن طنز کي خلوصِ دل،

اچو اچو، ته چؤن عاشقي کي چريائي:

اچو اچو، ته  ٿيون غمگسارِ دار و رسن!

 

اچو اچو، ته چؤن زندگي طلاطم کي،

اچو اچو، ته چؤن موج موج کي ساحل،

اچو اچو، ته چؤن راهزن کي راهنما،

اچو اچو، ته چؤن سنگِ راه کي منزل:

اچو اچو، ته رهون بيڪسيءَ ۾ مست مگن!

 

اچو اچو، ته چؤن زندگي کي ويرانو،

اچو اچو، ته چؤن موت کي چمن، يارو،

اچو اچو، ته چؤن زيست کي پرايو ڏيهه،

اچو اچو، ته چؤن موت کي وطن يارو:

اچو اچو، ته چؤن ظلم کي ڪمالِ فن!

 

اچو اچو، ته چؤن مرگِ سحر کي طُور جو نُور ،

۽ قتل شام کي، اي دوستو، ڳلن جي شفق،

اچو اچو،  ته چؤن، تيغ و سنان جي سايي ۾،

ستم جي دؤر کي  تاريخ جو حسين ورق:

اچو اچو، ته چؤن ظلمن کي سرو و سمن!

 

اچو اچو،  ته چؤن جنگجو کي صلح پسند،

اچو اچو، ته چؤن ذلتن کي دانائي،

اچو اچو، ته چؤ تيغ تيغ کي لبِ دوست،

اچو اچو، ته چؤن صافگو کي سودائي:

اچو اچو، ته چؤن تلخگو کي شيرين دهن!

 

اچو اچو، چن رسن و دار کي چؤن قد و زلف،

اچو اچو، ته چؤن خونِ دل کي ميندي جو رنگ،

اچو اچو،ته چؤن آهَ آهَ کي نغمو،

اچو اچو،ته چؤن ٻيڙين کي بربط و چنگ :

اچو اچو، ته چؤن خامشي کي شعر و سخن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com