سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :23

رسالو پير اشرف شاهه ’اشرف‘(ڪاماري وارو) . صفحا 232، جلد پڪو، ڪاغذ ۽ ڇپائي معياري، قيمت ڏهه رپيا، ڇپائيندڙ پير حاجي تاج محمد شاهه قريشي. ملڻ جو هنڌ : پير غلام مصطفيٰ قريشي، ڪامارو شريف، تعلقو ٽنڊوالهيار.

سنڌيءَ ۾ هن وقت ڪيئي علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ان سلسلي ۾ ڪن ادارن جون اجتماعي ڪوششون ۽ ڪن مؤلفن جون انفرادي ڪاوشون تحسين لائق آهن. ادب جو واڌارو ترجمن سان به ٿئي ٿو، پر جيستائين ڪنهن ادب جي پختگيءَ جو تعلق آهي، اهو تيستائين قابِل فخر نه چئي سگهبو. جيستائين ان ۾ اصليت پسند ۽ اوريجنل مواد نه پيدا ڪيو ويو آهي. اوريجنل ادب جي پرورش، تشڪيل ۽ تعمير ۾ زبان ۽ لغت ، مواد ۽ موضوع جا ڪيئي وسيع ۽ فني مسئلا سهيڙيل ٿين ٿا. هڪ سماج جي عمل ۽ رد عمل، فڪري ارتقا ۽ اخلاقي معيار جي پرکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ بهترين ڪسوٽي آهي ان جو اهو ادب، جنهن کي اوريجنل چئي سگهجي ٿو. ان کان ٻاهر وارو پورو ذخيرو ۽ سرمايو ٻين زبانن جي خارجي اثرات کان ڪڏهن به آزاد نٿو چئي سگهجي.

        ان اصليت پسند ۽ جزالت آميز ادب ۾ به شعر و شاعريءَ واري حصي  کي نثر تي ترجيح حاصل آهي. شعر، استعاري ۽ ڪِنايي جي آڙ ۾، انساني ذهن ۽ فڪر، اخلاق ۽ جذبات، تمدن ۽ ثقافت جي جيتري ڀرپور، صحتمند، سالم ۽ پختي ترجماني ڪري سگهي ٿو، اها نثر ۾ ناممڪن نه، ته ڪنهن حد تائين دشوار ضرور آهي. ڇا لاءِ ته شعر پيدا ٿئي ٿو طبع جي روانيءَ ۽ جولانيءَ مان، جذبات جي سرچشمي جي طغيانيءَ مان، قلبي ڪيفيات ۽ وجداني واردات جي جوش بيانيءَ مان. ان جي مقابلي ۾، نثر لاءِ خارجي تڪلفات جو هجڻ ضروري ٿئي ٿو. عبارت آرائيءَ سان گڏ صنايع ۽ بدايع جي رعايت، لغت جي موشگافي، روزمرهه جي استعمال جي پابندي، صرف و نحو جي بندش، فصاحت ۽ بلاغت جي اصولن ۽ قانونن جي خارجي تسلط کان سواءِ نثر جو لکڻ ناممڪن آهي. ان خارجي تڪلفات جي ڪري ئي ، شعر جي مقابلي ۾، نثر اهڙو نڪو دلنشين ٿو ٿئي، نڪو اثر انگيز، نه روح پرور نه دلاويز.

        اسان جي سنڌي زبان ۾ به ، سڀني زبانن وانگر، ادب جي ابتدا شعر شاعريءَ سان ٿي آهي؛ نثر گهڻو پوءِ پيدا ٿيو آهي. سنڌيءَ جو شعري ادب اول اول هن علائقي جي قابل فخر عالمن پيدا ڪيو، ان ڪري لازمي طور سنڌي شعر جي بنيادي تعمير دينيات ۽ تصوف سان ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي جي بزرگن جا ڪتاب سند طور پيش ڪري سگهجن ٿا، جن ديني ۽ فقهي مسئلن کي ٺيٺ سنڌي زبان ۾ پيش ڪري، دين جي تبليغ سان گڏ، سنڌي زبان کي تبادله خيالات لاءِ اسلوب، موضوع ۽ مواد به مهيا ڪري ڏنا. قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم کان وٺي شاهه لطيف ، سچل ۽ سامي، روحل ۽ حمل، بيدل ۽ بيڪس، مخدم عبدالرحيم گرهوڙي يا صادق فقير، ويندي اڄوڪي دۇر تائين، اسان جي بزرگن بيت ۽ ڪافيءَ يا وائيءَ کي دين ۽ تصوف جي ترجمانيءَ لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ادب ۾ شعر  شاعريءَ  جو پورو ذخيرو ديني. اخلاقي، روحاني ۽ مذهبي ئي رهندو آيو آهي. ٻاهرين صنفن، غزل ۽ قصدي ۾ به عشق مجازيءَ جي ترجماني تصوف جي مسئلن کي بيان ڪرڻ لاءِ ئي ڪئي ويئي آهي.

        ان حقيقت کي اڳيان رکي، سنڌ جي بهترين  ڪافي گو شاعر، پير محمد پير محمد اشرف شاهه رحه ، ڪاماري شريف واري بزرگ جي ڪلام کي ٿا پرکيون، جيڪو پير حاجي تاج محمد شاهه قريشيءَ شايع ڪيو آهي.

        ”رسالو پير محمد اشرف شاهه ’اشرف‘ رحه‘، پڪي جلد سان، 232 صفحن تي مشتمل، طباعت جي بهترين زيور سان آراسته آهي. قيمت 10 رپيا، مال جي حيثيت سان به گهٽ، پر ڪاغذ ۽ ڇپائيءَ جي خرچ جي لحاظ سان گهڻي آهي.

        رسالي جو هي ٻيو ڇاپو آهي. ان جو پهريون ڇاپو، 1914ع ۾، پير خان محمد صاحب قريشي، سجاده نشين خانقاهه ڪامارو شريف، شايع ڪيو هو، جو ستت ئي کپي چڪو هو.

        پير اشرف شاهه ’اشرف‘ جو ڪلام ٺيٺ ۽ خالص صنفن تي مشتمل آهي. منجهس مولود ۽ مداحون به آهن ته بيت ۽ ڪافيون به آهن. سندن مولود ۽ مداحون عام طور هن علائقي جي ديني ۽ مذهبي تقريبن ۾ ’شغل‘ طور پڙهيا وڃن ٿا ۽ جتي ڪٿي مقبول ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ ڪافين جو حصو به پراڻيءَ سنڌي طرز تي ورهايل آهي. ان حصي کي ’شاهه‘ جي رسالي جي تتبع تي سُرن جي تقسيم ڪيو ويو آهي، ’سُر‘ جي بدران ’داستان‘ سڏيو ويو آهي. مثلاً: داستان روپ ڌناسري، داستان روپ مارئي، داستان روپ بلاول، داستان روپ آسا، داستان روپ راڻو، داستان روپ سسئي، داستان روپ سارنگ، داستان روپ پورب، داستان روپ هير – رانجهو، داستان روپ جوڳ، داستان روپ جهنگلو، داستان روپ بروو، داستان روپ کنڀات. ان طرح، بيتن ۾ فقط سارنگ جا بيت ۽ ڪجهه هندي بيت آندل آهن

        اشرف شاهه جو ڪلام صوري طور به نهايت پختو ۽ شستو آهي، ته معنوي طور به نهايت رنگين ۽ شيرين، دلنشين ۽ روح پرور آهي. ڪلام جو مرڪزي ۽ بنيادي تاثر آهي عشق حقيقي، يعني سرور ڪائنات جي مدح ۽ تعريف، ۽ سرور ڪائنات جي سراپاي مقدس ۽ اخلاق حميده جو جذب انگيز نقش ۽ عمل.

        اشرف شاهه جو ڪلام هن علائقي ۾ زبان زد عام آهي. سندس ڪلام کي نهايت ادب ۽ احترام سان فقير ڳائين ٿا ۽ هر محفل ۾ رنگ ڄمائين ٿا. سندس ڪلام جي زبان ۽ هيئت پاڪيزه ۽ مِٺي آهي، تنهنڪري دل تي نقش ٿي وڃي ٿي.

ديباچي ۾ پير خان محمد قريشي لکي ٿو:

”’چند خواني حڪمت ِ يونانيان، حڪمت ِ  ايمانيان راهم بخوان‘. پير اشرف صاحب عليہ الرحمة جي ڪلام بلاغت نظام جو رسالو، يعني سندن ديوان فيض ترجمان، علم ۽ عرفان جي طالبن، شغل شهود جي شائقن لاءِ، جنهن ۾ يار حقيقيءَ  جي محبت رکڻ ۽ سالڪن سان صحبت ڪرڻ ۽ دنياوي جاه و جلال کان نفرت وٺڻ، تصوف ۽ اخلاق، ذڪر ۽ فڪر ڏي متوجهه ٿيڻ جون عجيب حڪمتون ۽ ٻيون گهڻيون رمزون بيان ٿيل آهن ڪلام ۾ سچيءَ سڪ جو سوز ۽ گداز، ۽ عشق حقيقيءَ جو پورو راز جلوه گر آهي، ۽ انهيءَ ( يعني اشرف شاهه)  الله جي عاشق  ۽ خدا جي مقبول بندي جي زبان مان د ُر افشان ٿيل آهي، جنهن پاڪ ذات جي عشق ۽ محبت ۾ محويت جو قرب حاصل ڪري، ماسوا کان سڀ لاڳاپا ڇنا هئا.“

ديباچي جو حرف حرف صحيح آهي. بيشڪ اشرف شاهه جي ڪلام جي مطالعي کان پوءِ، طالب ِ حق، حق تعاليٰ جي محبت ۾ گرفتار ۽ رسول مقبول عليہ الصلوات والسلام جي عشق ۾ سرشار ٿي وڃي ٿو. اصل ۾ هن قسم جي الله وارن جو ڪيترو ڪلام اڃا اڻڇپيل آهي؛ ضرورت آهي ته اهڙن بزرگن جي ڪلام کي ڳولي ڦولهي، سهيڙي ۽ سموئي، ڇپايو وڃي.

        رسالي ۾ 22 مولود آهن، جي فني اعتبار سان نهايت جاذب ۽ پخته آهن، ۽ زبان توڙي انداز ِ بيان جي حيثيت سان قابل قدر آهن. هڪ مولود هيئن ٿو شروع ڪري :

آءٌ ٿي و ِجهلان واجهائيان، حضرت هوت حبيب لاءِ،

نرمل نُور نجيب لاءِ، مرسل مير مجيب لاءِ، تَن جي يار طبيب لاءِ.

 

ٻيو ٿلهه مطالع ڪريو: ” آيو محمد عربي، وسليو خلق جو،  حق سو هُلايو.“ ان ۾ مصرع آهي :

’ياسين‘، ’طہٰ‘ ’واليّل‘ ’والضّحيٰ‘، قادر قرآن ۾ ڪوٺايو،

” لولاڪ لَما خلقت الافلاڪ“، صاحبَ شفيع جو شان وڌايو،

موسيٰ کي امر ” فَاخلع نعليڪ“ ، نعلين سوڌو احمد آڻايو.

” انا احمد بِلا ميم ً “ چئي، سيد پنهنجو سر ّ سَلايو.

 

 

لفظن ۽ بندشن جي بيساختگي ۽ رنگيني وجد انگيز آهي.

ان طرح، سندس بيت به فني حيثيت سان وڏو درجو رکن ٿا. سارنگ جو بيت ٻڌو:

مند ٿي، منڊل وڄئا، ٿيو وسڻ جو وارو،

هندي سنڌي سُک ٿيا، وُٺو کائڙ ۽ کارو،

وڄون وسڻ آئيون، ڪري ڍٽ مٿان ڍارو،

قادر ڪامارو، والي شال وسائيين!

 

اهڙا 21 بيت آهن، جي ’شاهه‘ جي رڱ ۾ رڱيل آهن. ان طرح سرائڪي بيت هن طرح آهي :

اي تَن سارا اکئين هووَن، تَينون اڄان ويک نه رَڄان ،

لون لون دي وچ لَک لَک چشمان، هڪ کولان ٻِي ڪَڄان،

اِتنيان اکيان وارڻ آوَن، پيا ڪس ول ڦولڻ پَڄان،

’ اشرف‘، هڪ ديدار ماهي دا، سانون لَک ڪروڙان حَجان!

 

’اشرف‘ ” ديدار ماهي“ کي لک ڪروڙ حَجن تي ترجيح ڏيئي، جدت پيدا ڪئي آهي.

        بهرحال، هي ڪتاب سنڌي ۾ مفيد ادبي اضافو آهي. البت منڍ ۾ پير اشرف شاهه جي مختصر سوانح عمري ضرور ڏيڻ گهرجي ها.

شاعرن جو سرتاج، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه. مرتب بيگم خديجه دائود پوٽو؛ صفحا 256، ڊبل ڪرائون؛ قيمت 4 رپيا؛ ڪاغذ، ڇپائي، ڪور ۽ گيٽ اپ معياري؛ ڇپائيندڙ پاڪستان پبليڪشنس، پوست باڪس نمبر 183، ڪراچي – 11.

        هن ڪتاب ۾ مرحوم شمس العلماءَ علامه دائود پوٽي، ڊاڪٽر بلوچ، عثمان علي انصاري ميران محمد شاهه، لطف الله بدوي، سرشار عقيلي، علي محمد راشدي، غلام مصطفيٰ قاسمي، بيگم خديجه دائود پوٽو، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، سيد غلام مرتضيٰ شاهه ( جي. ايم. سيد)، شفيع احمد علوي ۽ وقار عظيم پارن جا ’شاهه‘ ۽ سندس ڪلام تي مقالا، جي ” نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپجي چڪا آهن، بيگم خديجہ دائود پوٽي گڏ ڪيا آهن، ۽ ’ پاڪستان پبليڪيشنس‘ پاران ڇپيا آهن. ڪتاب 256 صفحا آهي، ۽ قيمت 4 رپيا آهي، جا مناسب آهي.

        شاهه لطيف ۽ سندس سوانح ۽ سيرت تي، توڙي سندس ڪلام ۽ حڪمت تي سنڌي ادب ۾ ڪافي ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. هن قسم جي علمي ۽ ادبي پيشڪش لاءِ ’پاڪستان پبليڪيشنس‘ وارن يقيناً کيرون لهڻيون.

        جن صاحبن جا مقالا جمع ڪيا ويا آهن، اهي ’ شاهه‘ جي فن ۽ نظريي تي، پنهنجي پنهنجي بساط آهر، چڱي ۽ معياري حيثيت رکن ٿا. هن انتخاب ۾ جڏهن ته رڳو” نئين زندگي“ رسالي جي مقاله نگارن کي پيش ڪيو ويو آهي، تڏهن ’شاهه‘ تي ٻين لکندڙن جو سوال ئي نٿو اُٿي سگهي. تاهم، تمام چڱو ٿئي ها، جو ٻين عالمن ۽ محققن جا معياري ۽ محققانه مقالا به منتخب ڪجن ها ۽ هن انتخاب کي ’شاهه‘ ۽ سندس ڪلام تي هڪ مثالي ۽ همه گير مجموعو ڪري پيش ڪيو وڃي ها. خير.

        هن انتخاب ۾ علامه دائود پوٽي جا 8 مضمون آيل آهن: شاهه جو احوال ، شاهه جي عظميت جا اسباب، انسان ڪامل شاهه جي نظر ۾، لطيف ۽ رومي، آڳاٽا قلمي نسخا، شاهه کان اڳ قديم شاعري، شاهه ۽ وحدت الوجود، ۽ شاهه جو صوفياڻو شعر، اِهي سڀ مضمون مطالعي جي لائق آهن. هڪ اڌ انگريزيءَ مان ترجمو آهن، ٻيا طبعزاد ۽ اصلوڪا آهن. ڪن ۾ ڪن شخصيتنن متعلق تلخ ڪلامي به آهي. ” انسان ڪامل“ حضرت جيليءَ جي بنيادي تصور تي لکيل آهي. ” لطيف ۽ رومي“ تمام مختصر آهي. ان ۾ شاهه کي ’چِڙي‘ ۽ روميءَ کي ’شهباز‘ سڏيو ويو آهي، جو بنيادي طور غلط خيال آهي. وحدت الوجود متعلق به مختصر بحث ڪيو ويو آهي؛ ان مسئلي تي اڃا به شرح ۽ بسط سان لکڻ گهرجي ها. صوفياڻي شعر بابت به هڪ طرفو بحث آهي، حالانڪ شاهه وٽ فقط صوفياڻو ڪلام نه آهي، پر شاهه انساني جذبات ۽ ان جي ذوق ِ جماليات تي گهڻو ڪجهه پيش ڪيو آهي. قديم شاعري به پراڻو مضمون آهي. بهرحال، هيءُ حصو معلومات افزا آهي.

        ڊاڪٽر بلوچ جا 3 مضمون آهن. ” شاهه عنايت رضوي  ۽ شاهه لطيف“ ۾ ٻنهي جا هم معنيٰ بيت آندل آهن، ۽ اهو پڻ ڏيکاريو ويو آهي ته لطيف تي شاهه عنايت جو ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر آهي. ٻيو مضمون آهي ”شاهه متعلق تحقيق.“ ان ۾ گذريل ۽ ايندڙ دۇرن متعلق جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ٽئين ۾ شاهه جي مقبوليت جا اسباب _ علمي، ديني، لغوي ۽ فڪري _ پيش ڪيا ويا آهن.

        انصاري صاحب جا 3 مضمون آهن. ٽيئي معياري آهن: شاهه، وطن جي قومي امانت،“ ” شاهه جا قاصد“، ۽ گربخشاڻيءَ جي رسالي تي تنقيد .

        ميران محمد شاهه جا 3 مضمون آهن: ” شاهه جو تعارف“، ” شاهه حق جي ڳولا ۾“، ۽  ” شاهه جا ارشادات“. انهن ۾ ” شاهه حق جي ڳولا ۾“ جامع چيز آهي.

        لطف الله بدويءَ جا 2 مضمون به معلومات افزا آهن.” شاهه جا معاصر“ نهايت جامع آهي. ” شاهه اُمّي هو يا پڙهيل“ ۾ سهڻو بحث ڪيو ويو آهي. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته علم جا روحاني ۽ وجداني ذريعا به آهن، رڳو نوشت و خواند سان علم نٿو حاصل ڪري سگهجي.

        سرشار عقيليءَ ” شاهه ۽ موسيقي“ تي چڱو بحث ڪيو آهي، ۽ شاهه جي فني ڪمالات، جدت طرازيءَ ۽ سنگيت ۾ ايجادات تي روشني وڌي آهي.

علي محمد راشديءَ ، پنهنجي مخصوص اسلوب ِ تحرير ۾، شاهه تي نهايت سهڻو ۽ جاذب نظر بحث ڪيو آهي.’شاهه‘ تي سندس مطالعو وسيع ۽ همه گير آهي.

مولوي قاسميءَ قرآن جي تلميحات ۽ شاهه  جي نظريه حيات تي بحث ڪري ٻڌايو آهي ته شاهه هڪ عاشق، عالم ۽ فاضل شخص هو، سندس قرآن سان شغف هو.

بيگم خديجه ”ڀٽائيءَ جون سورميون“ لکيون آهن. ان موضوع تي ڀمڀاڻي ءَ جو ڪتاب موجود آهي. بيگم صاحبه، مختصر طور، سهڻو بحث ڪيو آهي.

هرومل سدارنگاڻيءَ شاهه جي زندگيءَ ۽ ڪلام تي عالمانه بحث ڪيو آهي. اهو مقالو مختصر آهي، پر معياري ۽ روح پرور آهي.

سيد غلام مرتضيٰ شاهه ( جي. ايم. سيد) شاهه جي خاندان ۽ حسب نسب تي بحث ڪيو آهي. علم الانساب سان دلچسپي رکندڙن لاءِ علمي چيز آهي.

شفيع محمد علويءَ شاهه جي زماني جو سماجي ۽ سياسي پسمنظر بيان ڪيو آهي، ۽ شاهه جي دۇر جا ملڪي حالات تفصيل سان بيان ڪيا آهن. تاريخ سان شوق رکندڙن لاءِ چڱي علمي چيز چئي سگهجي ٿي. ان کان سواءِ شاهه جي فلسفه توحيد تي پڻ سندس مقالي کي سهڻو چئي سگهجي ٿو.

آخر ۾ وقار عظيم جي اردو مضمون جو ترجمو آهي. ان ۾ شاهه کي مهراڻ جي ماٿريءَ جو ترجمان ڪري پيش ڪيو ويو آهي.

ناقدانه نگاهه سان اگر هن انتخاب کي مطالع ڪيو ويندو ته پوءِ معلوم ٿيندو ته هڪ اڌ مقالي کان سواءِ ٻيا سڀ موضوع اهڙا آهن، جن تي سنڌ جي ٻين عالمن به ڪافي بحث ڪيو. آهي. هونئن ته هر عنوان بحث طلب آهي، تاهم مختصر طور مٿين عالمن جو ڪجهه به پيش ڪيو آهي، ان کي غنيمت سمجهڻ گهرجي.

اهي مضمون سڀ ”نئين زندگيءَ“ تان ورتل آهن، ورنه ٻيا به ڪيئي موضوع اهڙا آهن، جن تي عالمن کي بحث ڪرڻ جڳائي. مثلاً، ’شاهه جي ڪلام جي ترتيب‘ ­_ اِهو مسئلو معرڪه آرا آهي، ان تي ڄاڻن ۽ ماهرن کي لکڻ گهرجي.

ٻيو ته مٿيان سڀ مقالا ’شاهه‘ سان والهانه عقيدت سان لکيا ويا آهن. ڪي محض تعريفي آهن، ۽ ڪي مدحيه؛ حالانڪه محققن کي هر مسئلي تي تحقيقي ۽ علمي بحث ڪرڻ گهرجي. ’شاهه‘ بيشڪ تعريف کان بالا آهي، پر اڄ شاهه جي فن ۽ شعور تي تحقيقي ۽ سماجي حيثيت سان بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. ’شاهه‘ انساني فڪر و نظر جي تطهير ۽ تعمير لاءِ ڪهڙا قدر ٿو رکي، سندس صحتمند زوايهء نگاهه ڇا آهي، شاهه اِن لاءِ ڪهڙا ذريعا ۽ وسيلا اختيار ڪيا آهن، شاهه پنهنجي زبان ۽ ادب کي ادبي ۽ لغوي خيال کان ڪهڙو سرمايو ڏنو آهي، شاهه جي فڪر کي ڪيئن پوري انسانذات لاءِ همه گير پيغام چئي سگهجي ٿو: اِهي ۽ اِن قسم جا ٻيا مسئلا آهن، جن تي اديبن کي دل کولي بحث ڪرڻ گهرجي ها.

بهرحال، شاهه تي ۽ سندس ڪلام تي هيءُ مجموعو هڪ علمي اضافو چئي سگهجي ٿو. چئن رپين ۾، پاڪستان پبليڪيشنس، پوسٽ باڪس نمبر 183، ڪراچي _ 3، جي پتي تان گهرائي سگهجي ٿو.

ڪک هيٺان لک (مضمون): مصنف ڪريمڏنو راڄپر؛ صفحا 86؛ قيمت هڪ رپيو؛ پنو، ڇپائي، ڪور ۽ گيٽ اپ معياري؛ ڇپائيندڙ ’نئين کيتي‘ پبليڪيشنس، صدر، حيدرآباد سنڌ.

        ”ڪک هيٺان لک“ محترم الحاج ڪريمڏنو راڄپر صاحب جي چند علمي، ادبي، فني ۽ معلومات افزا مضمونن جو مجموعو آهي.

        مضمون نگاري پنهنجيءَ جاءِ تي مشتمل فن آهي. ان جي تحصيل لاءِ وسيع مطالعو، نظر تيز، زبان تي عبور، خيالات جي شائستگي، قلم جي رنگيني، طبع جي سنجيدگي ۽ عمل جي پاڪيزگي گهرجي.

        وسيع مطالعي ۾ نه فقط مختلف الخيال ڪتابن جو مطالعو اچي وڃي ٿو، پر ان سان گڏ ذاتي مشاهدو ۽ زندگيءَ جو عميق تجربو به گهرجي. رڳو ڪتابن تي ڀاڙڻ سان اختراع ِ معاني جو مَلڪو ۽ سليقو نٿو پيدا ٿئي، ۽ نڪو تحرير ۾ اصليت ۽ جزالت جا حسين ۽ جميل نقش ۽ اثرات پيدا ٿي سگهندا. اهوئي سبب آهي جو اسان وٽ مضمون نگارن جو قحط آهي.

        اڄڪلهه تصنيف ۽ تاليف تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو، پر فن جي رعايت سان تصنيف ۽ تاليف جو معيار ايترو بلند ڪونه آهي. ’تصنيف‘ جو مطلب آهي، ڪنهن خاص صنف تي تحقيق  ڪرڻ ۽ علم و ادب جي هڪ خاص شاخ تي معلومات افزا پر اوريجنل چيز پيدا ڪرڻ؛ ۽ ’تاليف‘ جو مقصد آهي، ڪنهن هڪ موضوع تي مختلف ڪتابن مان حوالا گڏ ڪرڻ، حاشيه آرائي ڪرڻ، ۽ پراون مسئلن کي و ِنڌي، سوڌي، سنواري ۽ سهيڙي پيش ڪرڻ، ۽ پوءِ پنهنجي نقطه نظر ۽ نتيجي کي قارئين جي دماغ تي مسلط ڪرڻ.

        پر ’مضمون نگاري‘ انهن ٻنهي صنفن کان علحده چيز آهي. ان ۾ زياده تر پنهنجي افتاد طبع، ڪلام ۽ گفتگو جي نوعيت، خيال آرائي ۽ انفرادي سوچ ويچار جو دخل رهي ٿو. ان فن جو بنياد ئي آهي تخيلات جي رنگيني. ان ۾ نڪو ڪتابن جا حوال ٿا اچن، ۽ نڪو مشاهير جا اقوال. ”از دل خيزد، بر دل ريزد“ وانگر، جيڪي خيال ۾ ايندو، اهو ويندو قلم رهڙيندو؛ نه ان ۾ ڀڃ – گهڙ ٿئي، نڪو تڪلف، نڪو تصنع. ان مان ظاهر آهي ته مضمون نگاريءَ جو فن، تصنيف ۽ تاليف ٻنهي کان مٿانهون به آهي ۽ اڙانگو به آهي؛ ڇو ته ان ۾ تيليءَ کي ٿنڀ بنائڻو آهي، ۽ پنهنجي انشاءَ ۽ سرمايهء الفاظ ۽ ذخيره مصطلحات سان ذري کي آفتاب ڪرڻو آهي. اهو ظاهر آهي ته ان قسم جي پختگي ڪا هزارن مان ڪنهن هڪ اڌ ۾ مس پيدا ٿئي ٿي. اڳ هندو تمام سهڻا ۽ سستا ڪتابچا شايع ڪندا هئا، ۽ انهن ۾ بعض وقتن تي طبعزاد ۽ خيالي مضمون به ايندا هئا، جن جو مقصد اصلاح هوندو هو. انهن جي پڙهڻ ۾ رس ۽ رهاڻ کان سواءِ، ٻوليءَ جي صحت ۽ لطافت جي مشق به ٿيندي هئي، ان سان گڏ تفريحي انداز ۾ طبعي اصلاح به ٿيندي هئي. انهن جي ٻولي نهايت لذيذ، دلڪش، هلڪڙي ڦلڪڙي، زود هضم، رس ۽ رنگ واري هوندي هئي. افسوس اهو آهي ته ” ويا مور مري، هنجهه نه رهيو هيڪڙو“ وانگر، اهي سنڌيءَ جا عاشق، ٻوليءَ جا استاد، پخته نويس ۽ رنگين بيان مور ۽ هنجهه وڃي ٻيءَ ولايت پهتا! انهن جا ڪتاب اڄ به سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ سونهن ۽ ورونهن جا ڀنڊار آهن. انهن کي پڙهي، زبان جي صحت ۽ رنگيني سکون ٿا؛ انهن جي مطالعي سان سنڌي زبان جي رواني ۽ جولاني ڏسون ٿا؛ انهن کي ڏسي، جملن جي پختگي ۽ بندش، لفظن جي انتخاب ۽ ونڌ، سهيڙ ۽ پوچ جي اصولن کي سمجهي سگهون ٿا.

        اڳ اهڙا نادر ۽ معياري ڪتابچا اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ داخل هوندا هئا. نتيجو اهو نڪرندو هو جو ڪيئي نوان نوان طباع ۽ ذهين اديب پيا اُسرندا هئا. انهن جي مقابلي ۾، اڄڪلهه اهڙا ڪتاب تمام گهٽ نظر ٿا اچن، جن ۾ ٻوليءَ جي صحت سان گڏ تفريح به هجي ۽ معلومات به هجي. ڪتاب ته جام آهن، پر رس ۽ رهاڻ کان پالها، بنهه  خشڪ، مغلق ۽ ديرهضم. اهو به ظاهر آهي ته اسان وٽ علم به آهي، فن به آهي، ڪمال به آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته ’ٻولي‘ ڪانه آهي. شستگي ۽ شائسگي، پختگي ۽ رنگينيءَ کان سواءِ، ٻولي آهي، بنا لوڻ جي ڀَتُ!

ڳالهه کُٽائڻي، ايتريءَ تلخ نوائي کان پوءِ اميد جو پهلو اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ هڪ اهڙو خاموش ۽ خلوت نشين اهل قلم اسان سان متعارف ڪيو آهي، جنهن جي زبان ۾ لطافت به آهي ۽ جزالت به آهي، ۽ تفريح سان گڏ معلومات به آهي. هن دۇر ۾ مسٽر راڄپر، پنهنجي انفرادي اسلوب جي ڪري، سنڌي ادب جي ڪافي خدمت ڪري چڪو آهي.

        ”ڪک هيٺان لک“ اسم بامسميٰ آهي. واقعي، ڪک هيٺان لک آهي هن مختصر ۽ جامع ڪتاب ۾ راڄپر صاحب جا اهي مضمون جمع ڪيا ويا آهن، جي پاڻ اصلاح ۽ تفريح جي خيال کان لکيا اٿس، جن جي زبان نهايت لذيذ، سهڻي، زنده ۽ شوخ آهي، ۽ مواد سڀ اختراع معاني جو پيداوار آهي. سرقي ۽ نقل جو شبهو به نٿو پيدا ٿئي. راڄپر صاحب ان حيثيت سان به مبارڪ جو مستحق آهي.

        ”ڪک هيٺان لک“ جو انداز بيان رس رهاڻ وارو آهي، ۽ تلف ۽ تصنع کان دور. سليس ۽ روزمره مشاهدي ۾ ايندڙ واقعات کان پنهنجي مضمون جي ابتدا ڪري ٿو، ۽ پوءِ وچ وچ ۾ علم و فڪر، طبعيات ۽ جاگرافي، سائنس ۽ مشاهدات، دين ۽ اخلاقيات کي ائين ٿو پيوند ڪري، جيئن هڪ نباتات  جو ماهر، مختلف وڻن کي ’پيوند‘ ڪري، ڪي نوان نوان ذائقا ۽ نوان نوان خواص ٿو پيدا ڪري.  راڄپر صاحب جي نظر تيز، مشاهدو وسيع، خيال جي دنيا رنگين، طبع ڪشاده آهي. ڪٿي ڪٿي ’تبسم زيرلبيءَ‘ سان اهڙيون تلخ ۽ تندنشترون ٿو هڻي، جنهن کي هوند ڪو برداشت نه ڪري سگهي.

        هي ڪتاب هر خيال سان سنڌي ادب ۾ نيڪ اضافو آهي. سنڌي ادب جي خدمتگذارن لاءِ هڪ مثالي مهميز آهي، ۽ دعوت ِ عمل آهي.

        محڪمه تعليم لاءِ واجب آهي ته هن ڪتاب کي انعامي طور منظور ڪري، جيئن اسان جي نو آموز ٻچن جي ٻوليءَ  ۽ خيال جي واڌاري  ۽ سڌاري لاءِ ڪو سهڻو نعم البدل ٿي سگهي، ڇا لاءِ ته نصاب جا ڪتاب هن ڀيري زياده به آهن، ۽ مختلف فن تي مشتمل هجڻ جي ڪري، زبان جي لحاظ سان ڳورا به آهن. اميد ته اهل علم حلقو ” ڪک هيٺان لک“  جو قدر ڪندو، ۽ مؤلف جي خدمتن جو اعتراف ڪندي، حوصله افزائي لاءِ عملي ثبوت ڏيندو.

سام سان گڏ ٻه–ٽي گهڙيون. مصنف ڌڻي  بخش صوفي مرحوم ۽ ڊاڪٽر سرلاديوي؛ صفحا 76؛ قميت 75پيسا؛ ڇپائيندڙ اڪبر آشرم پبليڪيشن، لاڙڪاڻو سنڌ .

سنڌي زبان ۾ نَوَن ڇپيل ڪتابن مان هڪ مکيه ڪتاب آهي ”سام سان ٻه – ٽي گهڙيون“.  هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي ’ اڪبر آشرم پبليڪيشن‘ بمبئيءَ  مان ڇپايو آهي. 76 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 75 نوان پيسا آهي، ۽ ملڻ جو هنڌ آهي : اڪبر آشرم، ايم زيڊ. اسپتال جي سامهون، لاڙڪاڻو، هي ڪتاب هري درياني دلگير کي ڀيٽ ٿيل آهي. ڀاڱو پهريون ڌڻي بخش  صوفيءَ جو لکليل آهي، جنهن ۾ ”سام“ يعني دادا اي. ايڇ جئسنگاڻيءَ جو مختصر احوال ۽ رهڻي ڪهڻي بيان ٿيل آهي. دادا جئسنگاڻي ’سام‘ جي تحريرن بابت هڪ سنڌي دوست هيءَ راءِ  قائم ڪئي آهي ته ” جئسنگاڻي حياتيءَ جو فلسفو پيش ٿو ڪري، جنهن کي سمجهائڻ لاءِ هو انيڪ تمثيلي طريقا اختيار ٿو ڪري. هو انسان جي حياتيءَ جي ڳالهين ۾ ڏاڍو اونهو ويو آهي. هو پنهنجي فيلسوفيانه خيالات سان سنڌي زبان کي نوازي رهيو آهي. سندس فلسفو اردو جي مشهور شاعر’غالب‘ جي فلسفي سان گهڻي مشابهت رکي ٿو. اڄ تائين جئسنگاڻيءَ وارو نمونو ڪنهن به اختيار ڪونه ڪيو آهي، جنهن کي پڙهي روح کي راحت پهچي ٿي.“ صوفي ڌڻي بخش ’سام‘ جو گهرو دوست ۽ ويجهو رهڻ وارن مان آهي. هيءَ دادا ’سام‘ جي سوانح عمري ڪانهي، پر ڪجهه چونڊ ڳالهيون هڪ دوست پنهنجي ٻئي دوست بابت بيان ڪيون آهن، جنهن سان صوفي صاحب جي ننڍپڻ کان دوستي رهي، ۽ اهي تاثرات بيان ڪيا اٿس، جن جو خود صوفي  صاحب تي گهرو اثر پيل آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ دادا ’سام‘ دادا ’سام‘ جي زال سَرلا ديويءَ  پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن. ’سام‘ پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن ملڪ جي قومي تحريڪ ۾ حصو وٺندي قطع تعلقات ڪيو. ٿورو کائيندو ۽ ٿورور ڳالهائيندو هو. زمين تي سمهندوهو ۽ خلق جي خدمت جا ڪم ڪندو هو. ڪپڙا پاڻ هٿن سان ڌوئندو هو. پوءِ هڪ فرينچ مدبر، موسيو پال رچرڊ، سان هماليه جبل تي شملي کان 5 کن ميل پري وڃي مليو. اتي رابند ناٿ ٽئگور جي هڪ انگريز دوست، مسٽر ڊبليو. پئرسن سان به مليو. پوءِ سام۽ پال رچرڊ سنڌ جو سڄو علائقو اچي گهميا. پوءِ پال ولايت هليو ويو. ڪجهه عرصي بعد ’سام‘  ڪراچيءَ جي سيٺ حاتم علويءَ سان گڏ ولايت ويو. ان وقت ’سام‘ جي عمر 12 سال هئي. اتان سئٽزرلنڊ جي پهاڙن تي وڃي پال رچرڊ سان مليو. صوفي ڌڻي بخش اهو احوال ڏيندي لکي ٿو ته ” سچي ڄاڻ يا صحيح گيان جي حاصليت ڪتابن کان به وڌ، صحبت يا سنگت کان ٿئي ٿي. پڙهڻ ڪڙهڻ ٻه جدا ڳالهيون آهن. علم عمل کان سواءِ اڌورو آهي. جيڪو انسان کليل دماغ آهي، ان لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ قدرت جو ڪاليج کليل آهي. زندگيءَ  جي معنيٰ آهي چرپر. ڏسڻ، پَسن، غور ڪرڻ، روئڻ، کلڻ، ڪاوڙ، غيرت، پيار، محبت _ اهي سڀ گيان پرائڻ جا حيلا بهانا آهن.“ ’سام‘ هڪ اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ حڪيم به آهي. ڳوٺن ۾ غريبن  جو علاج مفت ڪندو هو، ٻاهر نڪرڻ وقت به دوائون ساڻ کڻندو هو. ڪڙمين ۽ نوڪرن سان سندس هلت بلڪل انصاف واري هئي. ڪيترا سال هر هفتي  ’پِريتي ڀوڄن‘ ڪندو هو، يعني مالڪ ۽ نوڪر گڏ ويهي ماني کائيندا هئا. پنهنجي زمينداريءَ  ۾ هڪ ريسرچ فارم کوليائين ، جنهن ۾ نيون نيون ڀاڄيون ۽ پوک جا نوان طريقا  آزمايا ويندا هئا. ڪڙمين لاءِ ڪوآپريٽو اسٽور کولارايائين. ڳوٺ جا فيصلا ڪرڻ،غريبن جي ڏک سک ۾ مدد ڪرڻ ۽ عام بهبوديءَ  جا ٻيا ڪم سندس نيم هئا. بيروزگار ماڻهوءَ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ لڳائيندو هو. چوندو ته ” دنيا  گڏ ڪرڻ لاءِ نه آهي: فقير ڦِرتا ڀلا، پئسا چَلتا ڀلا.“ ڊاڪٽر سرلا ديوي، نوڪريءَ  جي سانگي رتيديري ۾ آئي، ۽ ’سام‘ جي صحبت ۾ پهريائين سچي شش، ۽ پوءِ سندس ڌرم پتني بڻي.

(از جناب الهه بخش ’سرشار‘ عقيلي)

سانگهڙ (ناول): مصنف محمد عثمان ڏيپلائي ؛ صفحا ساڍا ڇهه سؤ، ڊيمي سائيز، پڪي جلد ۽ ٽرنگي پوش سان؛ قيمت ڏهه رپيا؛ ملڻ جو هنڌ اسلاميه درالاشاعت، الهندو ڪچو، حيدرآباد سنڌ .

سنڌ جي ڪهنه مشق ۽ باحوصله اديب محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ، پنهنجين فنڪارانه صلاحيتن جو شاهڪار ” سانگهڙ“ ناول پيش ڪري، سنڌي ادب ۾ مفيد اضافو ڪيو آهي.

”سانگهڙ“ بظاهر ته هڪ اوريجنل ناول آهي، پر ان جي اها تعريف اڃا ناقص آهي. ”سانگهڙ“ سنڌ جي انقلاب پسند ۽ عوامي تحريڪ جي انقلاب آفرين، ايمان پرور، روح افروز ۽ مجاهدانه ڪارگذارين جو رنگين ۽ دلنشين مرقعو آهي.

”سانگهڙ“ محترم ڏيپلائيءَ جو هڪ فني ۽ تخليقي ڪارنامو چئي سگهجي ٿو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ، نه فقط ان فن جي غايت ۽ مقصد جو پتو پوي ٿو، بلڪ ان سان گڏ سنڌ جي مختلف النوع تحريڪن جي ڪارنامن کي منضبط ڪرڻ جو سليقو به پيدا ٿئي ٿو. اگر ڏيپلائي صاحب پنهنجيءَ پوريءَ ڄمار ۾ اهو هڪ ناول ئي لکي ها، ته پوءِ به رڳو اهو شاهڪار ئي سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تهذيبي تاريخ کي امر رکڻ لاءِ ڪافي هو، ۽ ان سان گڏ اهو مؤلف کي به زنده جاودان بنائي ڇڏي ها!

”سانگهڙ“ ناول پنهنجي موضوع ۽ مواد جي تنوع جي حيثيت سان ايترو برجستو ۽ پختو آهي، جنهن جو مثال اسان کي اردوءَ ۾ به نه ملي سگهيو آهي. زبان جي رنگيني ۽ انداز بيان جي دلنشيني هن ناول جي اهم خصوصيتن مان هڪ آهي.

هن ناول ۾ اگرچ بظاهر حضرت شهيد پير سائين پاڳاري جي بلند مرتبه شخصيت ۽ سندن انقلاب انگيز نظريه حيات جو خاڪو موجود آهي، پر اصل ۾ ان دۇر جي سامراج ۽ استبداد سان سنڌ جي ايثارپسند ۽ مجاهدانه  طبقي يعني حُرن جي باهمي آويزش جو خونچڪان، درد انگيز ۽ روح پرور داستان آهي.

حُر تحريڪ نه فقط پنهنجي مقصد جي بلنديءَ جي حيثيت سان برصغير هند- پاڪ جي تاريخ ۾ هڪ ولوله انگيز دۇر تي مشتمل آهي، پر ان سان گڏ بين الاقوامي مقبوليت ۽ شهرت جي پڻ حامل آهي. ان تحريڪ جنهن قسم جا مجاهد، سورهيه، سورما ۽ جوڌا جوان پيش ڪيا، تنهن جو مثال گهٽ ملي سگهيو آهي. انهن مجاهدن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري، ايثار ۽ قرباني، جوانمردي ۽ اوالوالعزميءَ جو مثال يورپ ۾ فقط نازي تحريڪ ۾ ملي سگهي ٿو. فرق فقط اهو آهي ته نازي تحريڪ مظلوم ۽ آزاد، مختار ۽ بيگناهه ننڍن ملڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ چنگيز ۽ هلاڪوءَ  جو پارٽ ادا ڪيو ۽ عالم انسانيت لاءِ ظلم ۽ تشدد کي جائز رکيو، ۽ فقط جرمن قوم جي تفاخر ۽ تڪبر جي آسودگيءَ  لاءِ عالمي جنگ جي آگ لڳائي. ان جي برعڪس، حر تحريڪ انگريزن جي استبداد ۽ سامراج جي جارحانه قدم جي خلاف مجاهدانه ۽ دفاعي تحريڪ هئي، جنهن جو مقصد هو سامراج جي وڌندڙ استبداد کي ختم ڪرڻ، ۽ ان سان گڏ سنڌ ۽ برصغير هند- پاڪ ۾ سندن مڪر ۽ فريب واريءَ سياسي چال کي پاش پاش ڪرڻ. ان سلسلي ۾ حرن جنهن جوانمرديءَ سان سامراج جي سامهون سينو تاڻي مقابلو ڪيو آهي، اهو ولوله انگيز داستان آهي، ۽ سؤ في صدي صحيح حقيقت آهي. هن خونچڪان ۽ مجاهدانه آويزش ۽ معرڪه آرا مومنانه ڪشمڪش ۾ ڪنهن به خارجي رنگ آميزيءَ جي ضرورت نه آهي. هن داستان جا ڪردار اڳي ئي پنهنجي جاءِ تي فني حيثيت سان مڪمل طور هڪيا تڪيا موجود آهن. هي طويل داستان، سيد احمد شهيد ۽ سيد اسماعيل شهيد جي مجاهدانه تحريڪ جي خاتمي کان شروع ٿي، انگريزن جي خاتمي تائين، مسلسل نموني ۾ فني مرحلن کي طي ڪندي، موجوده دۇر تائين پهچي ٿو.

حر تحريڪ اوائل ۾ هڪ خالص مذهبي ۽ فقيرانه تحريڪ هئي. امن پسند ۽ صلح ڪل فقراءَ جي تحريڪ هئي، جن جو طريقه عاليه قادريه، کين اوراد ۽ وظائف، اشغال ۽ اذڪار تائين محدود رکندو ٿي آيو. منهيات کان اجتناب ۽ شرعي احڪام جي پيروي، هن تحريڪ جي مقصدن ۾ شامل هئا _ حتاڪ تماڪ جي واپرائڻ تائين کين منع هئي. سڀ فقراءَ پنهنجي پورهيئي ۾ مشغول رهندا هئا، ۽ ان کان پوءِ ياد خدا ۾ مصروف. منجهن وڏا وڏا عالم ۽ عابد، زاهد ۽ خدا دوست بزرگ پڻ ٿي گذريا آهن، جن جي مجاهدانه ۽ مومنانه زندگي صحابه ڪرام جي اسوه ۽ عمل جو نقش ثاني هئي. سندن ابتدائي دۇر تزڪيه نفس تائين محدود هو. سندن زندگيءَ جو پورو نقش ’لطيف‘ جي هن بيت ۾ مضمر آهي:

ڏينهان ڏورن ڏ ُٿ سين، راتيون ڪن رهاڻ،

عمر تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري.

حرن جو اوائلي دۇر فقيريءَ ۽ درويشيءَ جوعظيم مثال آهي. صوم و صلوات جي پابندي ۽ ذڪر ۽ اشغال جي همه گير خصوصيت، اصل ۾ هن تحريڪ ۾ روحاني قوت، اخلاقي معيار ۽ اصول پرستيءَ  جا صحتمند جوهر پيدا ڪري ڇڏيا. انهن خصوصيتن جي حامل تحريڪ جڏهن انگريزن جي مقابلي ۾ آئي، تڏهن، سرفروشيءَ ۽ صداقت  شعاريءَ جو اهڙو مثال قائم ڪيائين، جنهن جو مثال ڪنهن به مادي تحريڪ ۾ موجود نه آهي. انگريزن ۽ انهن جي سازشي گروهن جي سرڪوبي جنهن مجاهدانه انداز ۾ حرن ڪئي، ان جو نظير نه ترڪن جي آويزش ۾ آهي، نه مصر جي جهاد ۾، ۽ نه برصغير هند-پاڪ جي سياسي تحريڪن ۾. هيءَ تحريڪ” هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال ۾َ ڍار“ جي مصداق هئي. تزڪيه نفس منجهن آخرت طلبيءَ جو جذبو پيدا ڪيو، ۽ شوق شهادت کين گولين ۽ ڦاسين جي سامهون مردانه وار مقابلي لاءِ تيار رکيو. جنهن دۇر ۾ هن ملڪ جون سياسي تحريڪون اڃا بائڪاٽ ۽ عدم تعاون، اهنسا ۽ نان- ڪوآپريشن تائين مس پهتيون هيون، فقط حر تحريڪ ئي آهي، جا مردانه وار ۽ مجاهدانه شان سان ميدان ۾ آئي، ۽ استبداد  پنجهء فولاد کي مروڙي رکيائين. سچ ته ائين آهي ته حر تحريڪ ئي انگريزن جي مستبد سامراج جا پير اکوڙي ڇڏيا.

حر تحريڪ جي اوائلي دۇر ۾ جتي سندن مرشد ۽ بزگزيده روزگار رهنما پنهنجي غيور ۽ جسور، مجاهدانه ۽ مومنانه عمل ۽ ڪردار جو بيمثال مظاهرو ڪيو آهي، اتي تحريڪ جي ٻڍن، ٻارن، زالن ۽ پوڙهين عورتن به نڪ کي مَر نه لائڻ ڏني: فدائيت ۽ جوانمرديءَ جا اهڙا ته ولوله انگيز واقعا رونما ڪيائون، جن کي ڏسي ۽ ٻڌي لونءَ ڪانڊارجيو وڃي گولين جي برسات، هوائي جهازن جي بمباري، چُغلن ۽ وطن دشمنن جي فتنه انگيز چال، انگريزن جي جنگجويانه پاليسي، قيد و بند جون مشڪلاتون _ الغرض هر محاذ تي حرن پنهنجي غيرت جو مظاهرو ڪيو ۽ استبداد جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيائيون. ان سلسلي ۾ هنگامي ۽ افراتفريءَ  واري دۇر ۾ سُڪن سان گڏ آلا به سڙيا. ڪيترن غيرجانبدار ماڻهن کي ماريو ويو ۽ ڪافي مالي نقصان پڻ ڪيو ويو. ڪيترا اڻسهائيندڙ واقعا پڻ رونما ٿيا، جي هن تحريڪ لاءِ بيشڪ تاريڪ پهلوء رکن ٿا.

        ان دۇر ۾ کين باغي ۽ غدار سڏيو ويو، وطن دشمن به چيو ويو، رهزن ۽ فساد انگيز به ڪوٺيو ويو، پر حرن پنهنجي ڪردار سان پاڻ کي مجاهد ۽ وطن دوست ئي ثابت ڪيو. انگريزن ۽ سندن هم پياله وهم نواله ماڻهن جي تشدد ۽ ظالمانه ڪارگذارين جي مقابلي ۾، جنهن صبر ۽ استقلال سان حرن مقابلو ڪيو اهو هڪ مثالي ڪارنامو آهي.

        انگريزن کي اصل ۾ اهو شبهو ويهي ويو هو ته پير صاحب پاڳارو ۽ سندس جماعت، اڳتي هلي، هندستان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندا. ايتريقدر جو بمبئيءَ مان شايع ٿيندڙ انگريزي اخبار ” بلز“  ۾ هڪ غير جانبدار انگريز آفيسر جو هڪ مضمون شايع ٿيو آهي، جو پير صاحب جي شهادت وقت هڪ ممتاز عهدي تي فائز هو. اهو لکي ٿو ته انگريزن کي غلط فهمي ٿي، ۽ هنن هڪ بيگناهه ۽ عظيم شخصيت کي شهيد ڪيو، ڇالاءِ ته کين ڪنهن نجوميءَ ڪن ۾ ڦوڪ ڏني هئي ته هڪ سنڌي مسلمان سندن نظام حڪومت کي ختم ڪندو. هو لکي ٿو:

”مون کي معلوم آهي ته اولهه هندستان جي هڪ نجوميءَ پيشنگوئي  ڪئي هئي ته سنڌ ۾ هڪ مسلمان پيدا ٿيندو، جو سنڌ جي حڪومت انگريزن کان واپس وٺندو. انگريزن اندازو لڳايو ته اهو پير صاحب پاڳارو ئي آهي، جو سنڌ جو حاڪم ٿيندو. ان ڪري، کيس شهيد ڪرائي، لِڪَ ڪيائون. حقيقت ۾ اها سندن غلطي هئي انگريزن سچ پچ هڪ بيگناهه انسان کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو. اصل ۾ اهو سنڌي مسلمان محمد علي جناح هو، جنهن انگريزن کي شڪست  ڏني. (” بلز“ ، ڊسمبر 1948)

بهرحال، آزاديءَ لاءِ حرن نه فقط ميدان هموار ڪيو، پر ملڪ ۾ همه گير جهاد ۽ جدوجهد جي تحريڪ به پائدار ڪئي.

حرن جي تحريڪ متعلق محققانه طور تاليف جو مطالبو هڪ فرض ڪفايه هو، جو سڀني سنڌين تي فرض هو. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته محترم ڏيپلائي صاحب ان فرض ڪفايه کي تمام سهڻي نموني ۾، ناول جي صورت ۾ ادا ڪيو آهي.

”سانگهڙ“ ناول ۾ حر تحريڪ جي ڀرپور ترجماني ۽ عڪاسي موجود آهي. منجهس پير صاحب جي بلند حوصلگي، مجاهدانه ڪردار، ۽ حرن جي ٻڍن ۽ ٻارن، نياڻين ۽ زالن جي بهادرانه مقابلن، کير پياڪ مائرن جي ايثار ۽ ڪنوارين جي سهاڳ جي قرباني، سنگينن ۽ گولين جي پاڇن ۾ نماز عشق جي ادائگيءَ جا ولوله انگيز ۽ روح پرورنظارا ملن ٿا. چند اقتباس مثال طور پيش ڪجن ٿا:

_  ”اسين اوهان مان اهي شخص طلب ڪريون ٿا، جيڪي پنهنجو سر اسان لاءِ وقف ڪن، ۽ جنهن به مهل اسين آواز ڏيون، هو يڪدم اهو پنهنجن هٿن سان لاهي کڻي اسان اڳيان رکن: اهڙن شخصن کي اسين’غازي‘ سڏينداسين.....“

_  ”الحمدالله، اڄ اهو وقت قريب اچي ويو آهي جو اسان کي غلام بنائيندڙ انگريزن جي حڪمرانيءَ تي اسين هڪ ڀرپور وار ڪريون، سندن پير هن سر زمين تان اُکيڙي ڇڏيون....“

_ ”جن سر فروشن جو نالو اسان ’غازي‘ رکيو آهي، تن جو اهوئي فرض ٿيندو ته جڏهين به کين ’وطن‘ جي آزاديءَ لاءِ سڏ ٿئي، تڏهن اهو نعرو لڳائي اچي حاضر ٿين ته ’وطن، يا ڪفن!‘“

_  ’تون ته منڊو آهين، پوءِ غازي ڪيئن ٿو بنجين؟‘

_ ’سر ڏيڻ جو هوڪو آهي، حضور، ڀڄڻ جو پروگرام ڪونهي، جنهن ۾ منڊا منجهي پوندا....!‘

_  ”’ٻچڙا، هيءَ ٿڃ ته قدرت تولاءِ پيدا ڪئي آهي، پر هينئر ڏيڻ جو وقت ڪونهي: جي جهاد مان جيئري موٽيس ته اچي پيئارينديسانءِ، نه ته بهشت ۾ اچي پيئج!‘.....“

_  ”’پٽڙا، جهاد لاءِ نڪرڻ جو هوڪو لڳو آهي، هاڻي سهرا لاهي وردي پاءِ‘...

_   اوچتو ڪنوار به وردي پائي، گهوٽ کان ٻه وکون اڳتي نڪتي.... ’ڇو ٿيون پڇايو پنڌ پيرا، وو پيرا، واٽون وندر جون وڻ به ڏسيندا‘....“

_ ”’ڇا، اهو سچ آهي ته انگريزي ملٽريءَ اوهان جي هڪ ارب رپين جي ملڪيت لُٽي آهي؟‘

’ٻيو تڏهن ڪو ڪوڙ به آهي ڇا؟.... گڏهه هليا ويندا ۽ ڊڀ وري مورجي پوندا ....

اسان جو وطن، صحيح يا غلط، پر اسين هر حالت ۾ ان جا وفادار آهيون!‘.....“

”سانگهڙ“ سنڌ جي مجاهدانه تاريخ جو اهو باب آهي، جنهن تي اهل سنڌ کي فخر ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ڪاش، ان بينظير تحريڪ تي عالمانه ۽ محققانه نموني ۾ تحقيق ڪئي وڃي.

اسين سنڌ جي هر باشعور شخص کي هن ناول جي مطالعي لاءِ سفارش ڪريون ٿا. هيءُ ناول اسان جي غيرت ۽ عظمت جو شاهڪار آهي _ ( غ ـ م ـ گرامي)


 

 

”مهراڻ جا موتي“

 

”دانائي مؤمن جي گم ٿيل ميراث آهي: دانائيءَ کي هٿ ڪريو ڀل ته اها منافقن وٽان ئي هٿ اچي. “ _ حضرت علي عه

”هر انسان ان لاءِ دنيا ۾ اچي ٿو ته نيڪيءَ جي درجي کي وڌيڪ بلند ڪري.“

” بيعمل عالم جو مثال انهيءَ انڌي جيان آهي، جنهن جي هٿ ۾ مشعل هجي: ان مان ٻين کي ته روشني ملي سگهي ٿي، پر هو پاڻ اونداهه ۾ ئي رهي ٿو.“ _سعدي.

” ڪوتاهه نظر کي رڳو پنهنجو ئي ڏک هوندو آهي؛ صاحبِ نظر کي پنهنجو ڏک به هوندو آهي، ۽ پراون جوبه. “ _ سعدي.

” فيلسوف پاڻ کان سواءِ ٻيءَ هر ڪنهن شيءِ کي شڪي نظر سان ڏسندو آهي.“

” قدامت پسند شخص جي تعريف هيءَ آهي ته ان جون ٽنگون ته ٻيئي سلامت آهن، پر هلڻ ڪڏهن ڪونه سکيائين.“ _ صدر روزويلٽ.

” مدبر ائين خيال ڪندو آهي ته هو ملڪ جي ملڪيت آهي؛ سياستدانن ائين سمجهندو آهي ته ملڪ هن جي ملڪيت آهي. “ _ ٽرائٽ

” فتح جو مدار خود اعتماديءَ تي آهي؛ خود اعتماديءَ جو مدار بار بار سوچڻ تي آهي؛ ۽ سوچڻ جو مدار راز جي حفاظت ڪرڻ تي آهي؛ _ حضرت عليعه

”ماڻهن سان اهڙيءَ طرح ميل جول رکو جو اوهين مري وڃو ته هو روئن، ۽ جيئرا رهو ته هو اوهان ساڻ ملڻ جي تمنا رکن.“ حضرت علي عه

” انسان جو سڀ کان سٺو دوست ڪهڙو آهي؟ سندس هٿن جون ڏهه اڱريون!“ _ رابرٽ ڪولئر

”پنهنجا خيال مون کي ٻڌائڻ چاهين، ته ٻڌاءِ، تنهنجو يقين ڇا ڇا ۾ آهي؟ شڪ شبها ته مون کي پنهنجا ئي گهڻا آهن.“ _ گوئٽي.

بيپرواهيءَ جي انداز سان ڇوڙيل ڪيترائي تير اهڙن نشانن تي وڃي لڳندا آهن، جو تيرانداز کي انهن جو گمان به ڪونه هوندو آهي: اهو ئي حال انسان جي زبان مان نڪتل لفظن جو آهي: الائي انهن سان ڪيتريون دليون ڏکوئجيو پون.“ _ سر والٽر اسڪاٽ

” ماڪوڙيون به جيڪڏهن متحد ٿي وڃن ته ببر شينهن جي کَل لاهي سگهن ٿيون.“ _ سعدي

” خاموش نگاهون محبت جي زبان آهن.“ _ سعدي

” اڪيلائي ۾ ڳاڙيل ڳاڙها، محبوب جي ياد کي روح ۾ سدائين لاءِ زنده رکن ٿا.“ _ سعدي

” عورت جي روڄ جي پاڪيزگي، سندس بهترين محافظ آهي.“

”انساني روح جڏهن اظهار جو روپ ٿو ڌاري، تڏهن موسيقي وجود ۾ اچي ٿي.“

” آزاد نظم ’بحران‘ تي دماغ جي فتح آهي.“ _ لائيف

” چڙ ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي پٿر کڻي هڻڻ تي دل ٿئي، ته ڪوشش ڪريو جيئن پٿر کڻڻ وقت اوهان جو جسم هيٺتي نه جهڪي _ ۽ جيڪڏهن ائين ممڪن نه آهي، ته پوءِ پنهنجو هٿ روڪي وٺو.“ _ نامعلوم.

”پنهنجي گناهه کان سواءِ، ڪنهن به ڳالهه کان نه ڊڄو.“ _ حضرت عليعه

”مسافريءَ ۾ دولتمنديءَ جي حالت وطن جو مزو ڏئي ٿي؛ ۽ غربت جي حالت وطن ۾ به مسافريءَ جو احساس ٿي پيدا ڪري.“ حضرت عليعه

”جيڪڏهن پيٽ نه هجي ها ته جيڪر ڪوبه پکي ڪوڙڪي ۾ڪونه ڦاسي ها _ بلڪ شڪاري ڪوڙڪو ٺاهي ئي ڪونه ها.“ _ سعدي

”ٻارڙن سان ڀريل گهر هڪڙي جنت آهي _ مسلسل حرڪت ۽ هنگامن جي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com